سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني تاريخ

باب: --

صفحو :8

جارج مارگينسٽيئرن جي تحقيق موجب اتر – اوڀر بلوچستان جي مري پهاڙن ۾، لورالائي ضلعي جي ڏکڻ اولهه ۾، کتراني ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. هيءَ ٻولي ممڪن آهي ته ان ٻوليءَ جو اهڃاڻ آهي جيڪا هن خطي ۾ بلوچن ۽ پٺاڻن جي اچڻ کان اڳ هتي جي مقامي ٻوليءَ طور استعمال ٿيندي هئي. سرگريئرسن هن ٻوليءَ جي لفظن جي هڪ لڙهي پڻ ڏني آهي جنهن جي مطالعي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته هيءَ ٻولي داردي ٻولين سان نسبت رکي ٿي(1).

هتي پيج نمبر 84 جو نقشو ايندو

ڪڇي ضلعي جي، جهٽ پٽ تعلقي جي ڳوٺ فتح پور ۾ سنڌي زبان جو مشهور صوفي شاعر رکيل شاهه ٿي گذريو آهي، جنهن جي مزار به اتي ئي آهي. رکيل شاهه جو واسطو شاهه عنايت جهوڪ واري جي درگاهه سان سندس مريدن ۽ فقيرن وارو هو. هت رکيل شاهه جو هر سال ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ پوئلڳ اچي گڏ ٿيندا آهن. هن موقعي تي مزار جي دروازي جي سامهون رکيل شاهه جو چيل ڪلام ڳايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ راڳ جي محفل پڻ ٿيندي آهي جنهن ۾ سنڌي زبان جا مشهور ڳائيندڙ شرڪت ڪندا آهن. رکيل شاهه جي سنڌي ڪلام جو مجموعو به شايع ٿيل آهي جيڪو سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. رکيل شاهه جو فرزند چيزل شاهه پڻ هر سال پنهنجن فقيرن سان گڏ درگاهه شاهه عنايت تي، عرس جي موقعي تي 17 صفر تي حاضري ڏيندو رهيو.

رکيل شاهه کان سواءِ ڳوٺ صحبت پور ۾ قادر بخش گولو سنڌي زبان جو هڪ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”گلزار ڪاپاري“ جي نالي سان ڇپيل آهي.

5- لس ٻيلي واري ايراضيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ:

(الف) لس ٻيلو سنڌ جو تاريخي دروازو رهيو آهي. تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته لس ٻيلو راءِ گهراڻي جي حڪومت (450-642ع) جي زماني کان وٺي سنڌ جي حڪومت جو هڪ ڀاڱو رهيو آهي، ۽ سنڌ جي رهاڪن آڳاٽي زماني کان وٺي لس ٻيلي کي پنهنجو وطن بنايو هو. هو پوءِ لس ٻيلي کان به اڳتي، اُتر توڙي اولهه طرف وڌيا ۽ مڪران واريءَ ايراضيءَ ۾ به پکڙجي ويا. مڪران واري خطي جي بيان ۾ اهڙو جائزو ورتو ويو آهي ۽ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته هو جتي جتي وڃي آباد ٿيا، اتي ملڪي انتظام، وڻج واپار ۽ سياست تي اقتدار حاصل ڪيائون.

شروع وارن صفحن ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌ جو، راءِ گهراڻي جي حڪومت واري زماني کان وٺي، لس ٻيلي واري علائقي، ۽ ان جي اتر ۽ اولهه طرف، ويندي ايراني مڪران ۾ ڪرمان تائين قبضو رهيو آهي. اهڙيءَ طرح برهمڻ گهراڻي جي حڪومت ۾ به ڪرمان تائين، سنڌ جي حڪومت جي سرحد رهي آهي.

انهن ڏينهن ۾ توڙي اڄ ڏينهن تائين بلوچستان ۾ هنگلاج، جو لس ٻيلي جي اتر ۽ اولهه طرف مڪران واري ايراضيءَ ۾ آهي، ياترائن جو مرڪز رهيو آهي. راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ ديوائج، هنگلاج جي مندرن جي مرمت ڪرائي، ۽ هڪ ٻيو مندر قلات جي جبلن اندر ٺهرايائين(1). اهڙيءَ طرح هڪ مندر لس ٻيلي کي ڪجهه مفاصلي تي جبلن ۾ ٺهرايائين، جنهن کي ”گندراڻي(2) به چوندا هئا، جنهن جو اصلي نالو راڻڪ ديوي هو(3).

چچ برهمڻ جي حاڪم ٿيڻ کان پوءِ، هو مڪران جي سرحد ٺيڪ ڪرڻ لاءِ، پهرين ارمابيل (لس ٻيلي ۾) آيو، جتي هو پنهنجي نواب سان ملي واپس روانو ٿي ويو(4).

عربن جي راڄ وقت، ۽ ان کان پوءِ سومرن ۽ سمن حاڪمن جي راڄ ۾ به لس ٻيلو سنڌ جو هڪ مکيه ڀاڱو هوندو هو(5). انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي سومرن ۽ سمن گهڻي تعداد ۾ وڃي لس ٻيلي کي وسايو، تنهن ڪري لس ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تمدن جو رواج پيو.

(ب) سنڌي قبيلن جي حڪومت:- سمن جي جن آڪهن جي حاڪمن لس ٻيلي تي حڪومت ڪئي، انهن مان هڪ رونجها شاخ آهي، هن شاخ اٺين صدي هجريءَ (چوڏهين صدي عيسوي) ڌاري ان وقت لس ٻيلي کي اچي وسايو، جڏهن نه فقط سنڌ تي، پر بلوچستان ۾ سبيءَ تائين سندن حڪومت هئي. اُهي سما جيڪي لس ٻيلي م اچي ويٺا، تن اتي پنهنجو راڄ قائم ڪيو.

رونجهن هن علائقي تي اٽڪل ٽي سئو کن سال حڪومت ڪئي، ۽ سترهين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ڌاري سندن حڪومت جي پڄاڻي ٿي(1)، يعني سنڌ مان سمن جي حڪومت ختم ٿيڻ جي باوجود، لس ٻيلي ۾ سما حڪومت ڪندا آيا(2).

هن بيان مان هيءُ نتيجو ٿو نڪري ته راءِ گهراڻي جي راڄ تائين لس ٻيلي ۾ سنڌي زبان ۽ سنڌي تمدن جو عام رواج هو، تنهنڪري سنڌي ٻولي هن علائقي جي مقامي ٻولي بڻجي ويئي.

جنهن زماني ۾ سنڌ تي ڪلهوڙا راڄ ڪندا هئا، ان زماني ۾ لس ٻيلي تي برفتن جي حڪومت هوندي هئي(3). اهي به سنڌي هوندا هئا. ميان يار محمد ڪلهوڙي (1700ع – 1718ع) جي راڄ جي شروعاتي دؤر وقت لس ٻيلي تي ملڪ پاهڙ خان برفت راڄ ڪندو هو. هو پنهنجي حڪومت جو دائرو ڪوهستان ۾ اوڀر طرف سنڌ ڏانهن وڌائي رهيو هو، ۽ موجوده دادو ضلعي جي ڏاکڻئين ڀاڱي تي پنهنجو تسلط قائم ڪيائين. ميان يار محمد ڪلهوڙي پاهڙ خان تي حملو ڪيو. 1117هه (1705ع) ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ پاهڙ خان کي شڪست ملي(4).

سمن ۽ برفتن کان سواءِ سنڌ جي ٻئي قبيلي جنهن لس ٻيلي تي گهڻو عرصو راڄ ڪيو، اهي ڪوريجا هئا. ڪوريجا سنڌ جي ڪوهستان واريءَ ايراضيءَ ۾ آباد هوندا هئا. ڪوريجا ڄامن 1742ع کان وٺي 1956ع تائين، يعني 214 سال لس ٻيلي تي حڪمراني ڪئي(1)، اهو ئي سبب آهي جو لس ٻيلي واري علائقي ۾ سنڌي زبان مادري زبان طور اُسري ۽ اُڀري.

(ت) سماجي اثر:- لس ٻيلي واري علائقي ۾ سنڌي زبان جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جو ٻيو ڪارڻ سماجي ميل جول، باهمي شاديون ۽ مذهبي ٺاڻا ۽ ٺڪاڻا آهن. لاهوت لامڪان جا تڪيا، شاهه بلاول نورانيءَ جي درگاهه ۽ هنگلاج زيارتن ۽ عقيدتمندن جو آماجگاهه رهيا آهن. سنڌ جي ڌار ڌار حصن ۽ ڏورانهن ماڳن مان عقيدتمند ڪهي اچي هتي حاضري ڀريندا آهن. شاهه بلاول نورانيءَ جو تڪيو ته لطيف سائين جي ڪلام جو هڪ اهم اڏو ۽ اجهو ٿي رهيو آهي. لاهوت لامڪان ڏانهن جوڳين ۽ سامين جا سفر سنڌي زبان جي پرچار جو باعث بڻيا. هت لطيف سائين به جوڳي بنجي جاٽون ڪيون. انهيءَ ڪري هت سنڌ مان سلوڪ وارا، سنت ۽ سامي وقت بوقت ايندا رهندا آهن.

لاهوت لامڪان ۽ شاهه بلاول نورانيءَ جي ماڳن ۽ مڪانن کان سواءِ هت هنگلاج جا مندر پڻ آهن، جتي نانگا هلي اچي نانيءَ جي زيارت ڪندا آهن. هتي هر سال قديم زماني کان هزارين ياتري سنڌ ۽ ٻين حصن کان ايندا رهندا آهن. جنهن ڪري هت اوتارا، ڌرم شالائون ۽ مهمان سرائون آهن، جيڪي سنڌ جي هندن طرفان سنڀاليون وينديون آهن.

هنگلاج ديويءَ جو مندر بلوچستان ۾ مڪران واري ايراضي ۾ آهي، پر ياترين کي لس ٻيلي مان لنگهندي واٽ تي ڌار ڌار جاين تي ڊاٻو ڪرڻو پوندو آهي، ۽ رستي تي ٻيون ياترائون ۽ ڪريا ڪرم پڻ ڪرڻا پوندا اٿن. جاٽي، ڪراچيءَ کان نڪري پهرين حب ناڪي تي ايندا آهن، پوءِ ڀواني پهچندا آهن، اتان پوءِ لڪ بدوڪ تي ايندا آهن، لڪ بدوڪ کان پوءِ کارڙي، کارڙي کان پوءِ سون مياڻي، سون مياڻي کان پوءِ ٻوري، ٻوريءَ کان الهندي طرف لياريءَ وٽ پهچندا آهن. هت هنگلاج جي ياترين لاءِ سنڌ جي سخي مردن ۽ هندو سيٺين پئنچاتي هال، ڌرمشالائون ۽ آرام گاه ٺهرايا آهن.

ياتري لياريءَ کان پوءِ چارني ڍوري وٽ ڊاٻو ڪندا آهن. پوءِ ريلي (ڪانيارو ڪوٽ) وٽ ايندا آهن، ريلي کان پوءِ ڪاٺاواڙي تي ايندا آهن، جتان اڳتي هلي دارامون جبل وٽ پهچندا آهن، پوءِ ڪنڊي واڙي کان ٿيندا، ڦور نديءَ وٽ پهچي، آرام ڪندا آهن. اتان چندرڪوٽ پهچندا آهن. چندرڪوٽ تي سکائون پاکائون پوريون ڪري، ڪجهه وقت آرام ڪندا آهن، پوءِ ياتري اڳتي پنڌ پوندا آهن، ۽ هنگول نديءَ تي پهچندا آهن، جتان هنگلاج جي ياترا جون ڪريائون شروع ٿين ٿيون. هتان ياتري هنگلاج پهچندا آهن(1). هنن ياترائن تي هر سال سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ سنڌي ياتري ۽ جوڳي به ويندا رهيا آهن، جنهن ڪري سنڌي زبان جو ان طرف گهڻو ڦهلاءُ ٿيو آهي.

مذهبي ۽ ڌرمي ميل جول کان سواءِ لس ٻيلي جي ڄامن سنڌ مان شاديون ڪيون. هنن نه فقط سنڌ مان شاديون ڪيون پر لس ٻيلي جي ڄامن جو آبائي قبرستان هن دعوا جو دليل آهي. مائي چاڳلي، لس ٻيلي جي راڻي، شڪست کائڻ کان پوءِ، پنهنجي صغير پٽ عزت خان کي ساڻ ڪري، پنهنجي اصلي وطن سنڌ جي ڪوهستان واري خطي ڏانهن رواني ٿي: باقي ڏينهن گوشه نشينيءَ ۾ گذاريائين، ۽ 1214هه (1794ع) ۾ وفات ڪيائين. کيس ڪوٽڙي جي ڀر ۾ ملڪن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو(1). انهيءَ قبرستان ۾ عزت خان ولد پاهڙ خان ۽ ٻيا ملڪ پڻ دفن ٿيل آهن.

(ث) واپاري ۽ تجارتي ميل جول:- لس ٻيلي واري ايراضيءَ جي واپار ۽ تجارت جو سارو دارو مدار پڻ پراڻي زماني کان وٺي سنڌ تي رهيو آهي. قديم زماني کان مال جي آمدني ۽ رواني اٺن جي قافلن ذريعي، خشڪيءَ رستي ٿيندي هئي. جڏهن اڃا ڪراچي بندر جو وجود به ڪونه هوندو هو، تڏهن سون مياڻي جي بندر جو جاه و جلال هو، جتي سنڌ جي واپارين جو مڪمل قبضو هوندو هو. هن بندر تان ڏيسارو سان واپار هلندو هو. هت ٻين واپارين سان گڏ ٺٽي مان به ڪيترائي کتري لڏي اچي ويٺا هئا. ڪراچي بندر جي آباد ٿيڻ کان پوءِ ۽ سمنڊ جي هٽي وڃڻ ڪري سون مياڻي بندر ختم ٿي ويو.

لڏ پلاڻ:- موهن جي دڙي توڙي ٻين قديم آثارن جي کوٽائيءَ جي رپورٽن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته سنڌي هڪ واپاري قوم آهي. هتي جا واپاري واهڻن ۽ غورابن ذريعي مال ڍوئي، ڏيسارو ڏانهن واپار سانگي ويندا هئا. واپار جي سهوليت، سامونڊي ساحل، خشڪي رستن، مڇي مارڻ، ٻيڙيون ٺاهڻ توڙي اهڙين ٻين سهوليتن جي ڪري، سنڌ جي ڪيترن ئي قبيلن، سنڌ مان لڏي، لس ٻيلي کي وڃي آباد ڪيو. انهن مان ڪي لس ٻيلي کان به اڳتي وڌي، بلوچستان جي ڪن ٻين علائقن ۾ پڻ وڃي آباد ٿيون. انهن قومن ۽ قبيلن مان ڪي هي آهن:

(i) رونجها: هيءَ سنڌ جي سما خاندان جي هڪ شاخ آهي(1). هنن لس ٻيلي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، ۽ وڏي عرصي تائين حڪومت ڪيائون.

(ii) نومڙيا (برفت): هيءَ سنڌ ۽ لس ٻيلي جي گڏيل قوم آهي. عام روايت موجب هيءَ قوم سنڌ جي سمن جي نسل مان آهي(2). ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ موجب نومڙيا اصل سنڌ جي ونگي – ولاسي (موجوده ٽنڊي باگي ۽ بدين تعلقن) واري ڀاڱي جي رهاڪو سما قوم آهي. ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب نهڙيا ۽ نومڙيا ساڳئي نسل مان آهن(3).

(iii) صابرا: هي قبيلو سومرن جي هڪ شاخ آهي. سندن وڏو ڏاڏو خواوڙ، مٿي پيڙهيءَ (شجري) ۾ سنڌ جي سومري حاڪم، ڏونگر راءِ سان گڏجي ٿو. لس ٻيلي ۾ صابرن جو خاص ماڳ پپراڻي (اُٿل وارو علائقو) آهي. صابرا لس ٻيلي کان سواءِ ساراوان، جهالاوان، ڪوهياري  باغبان طرف پڻ رهن ٿا(4).

(iv) جدگال: هي اصل سنڌ جا رهاڪو جت آهن، هت لڏي اچڻ کان پوءِ ٻين قومن سان گڏجي ميسجي ويا، تنهنڪري ’جدگال‘(1) سڏجڻ لڳا. راءِ ديوائج (ديوراج) جي حڪومت جي زماني ۾، هي سنڌي فوج ۾ هوندا هئا. پنجين صديءَ عيسويءَ ڌاري ’سفيد هن‘ (White Huns) بلوچستان ۾ آيا. انهيءَ زماني  ۾ ’جت‘ قبيلا پڻ گهڻي تعداد ۾ لڏي اچي هت ويٺا(2). عربن جي ڪاهن وقت يعني ستين صديءَ ۾ بلوچستان ۾ ’ميد‘ ۽ ’جت‘ قومون گهڻي تعداد ۾ آباد هيون. ميد ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آباد هوندا هئا، ۽ جت (جدگال)، ڪڇي، لس ٻيلي ۽ مڪران ۾ آباد هوندا هئا(3).

جدگال مال پالڻ کان سواءِ زراعت جو ڌنڌو پڻ ڪندا هئا. انهيءَ وقت ڌاري بلوچستان ۾ بروهين جو تعداد وڌي ويو. اٽڪل يارهين صديءَ عيسويءَ ڌاري بلوچستان ۾ خشڪ ساليءَ جو دؤر شروع ٿيو، جنهن ڪري چراگاهه گهٽجڻ لڳا، جنهن جو اثر هتي جي سياسي حالتن تي پڻ ٿيو. انهن چراگاهن تي هڪ طرف جتن جو قبضو هو ته ٻئي طرف بروهين پڻ قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو. نيٺ ٻنهي قومن جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ بروهي عالب پئجي ويا، ۽ اقتدار بروهين جي هٿ ۾ آيو. جتن مان ڪي ڪٽنب بلوچستان جي جدا جدا ماڳن ۽ مڪانن ڏانهن پکڙجي ويا. باقي جيڪي اتي رهجي ويا، سي بروهين سان سڱابنديون ڪري، انهن ۾ مدغم ٿي ويا. هنن مان هزارن جي تعداد ۾ جدگال ايراني بلوچستان ۾ وڃي آباد ٿيا. هن وقت لڳ ڀڳ جدگالن جي هڪ لک آبادي ايراني بلوچستان ۾ رهي ٿي(1). اهڙيءَ طرح جتن جو سياسي غلبو ۽ انفرادي حيثيت ختم ٿي ويئي(2)

(v) شهزادا: هي اصل عرب آهن. پهرين سنڌ ۾ اچي رهيا، ۽ پوءِ سنڌ مان لڏي جيواڻي، دشت، باهو ۽ مڪران ۾ اچي ويٺا. انهن مان ڪي ايراني بلوچستان ۾ پڻ رهن ٿا(3).

(vi) مُوندرا: هي قبيلو ڊنڍو (ٻيلي کان ڏکڻ طرف)، گجري نئين ۽ سون مياڻيءَ واري علائقي ۾ آباد آهي. هي اصل سومرا آهن(4).

(vii) واهرا: هي اصل ۾ موندرا آهن. هن وقت ميڙ پن وارين ۽ حب واريءَ ايراضيءَ ۾ آباد آهن. نماڻي، خاڪواڻي، پيراڻاڻي، عبدالياڻي، موسي پوٽا، براهم پوٽا، عيسيٰ پوٽا ۽ ساکپوٽا (اسحاق پوٽا) سندن مکيه پاڙا آهن.

(viii) موچي: هي اُٿل ۾ آباد آهن هي سميجا آهن(5). سنڌ مان لڏي اچي هت ويٺا آهن.

(ix) باريچا (ٻاريچا): اصل ۾ دادو ضلعي جا رهاڪو آهن. اتان لڏي اچي لس ٻيلي جي دريجي واري ڀاڱي ۾ آباد ٿيا(1).

(x) جيلاني پير: هن وقت اُٿل ۾ رهندا آهن. سندن وڏو، شيخ حسڻ، مڪليءَ تي رکيل آهي. هي ٺٽي مان لڏي ’اُٿل‘ ۾ اچي رهيا(2).

(xi) مسڻ: ٻيلي واري علائقي ۾ پورالي نديءَ جي ڪنڌيءَ تي رهن ٿا. هي بلوچي، بروهي ۽ سنڌي ٽيئي ٻوليون ڳالهائين(3). چار پنج سال اڳ، لس ٻيلي جي هڪ وڏي سگهڙ ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جي ڄاڻوءَ عبدالله مسڻ لاڙ ۾ وفات ڪئي ۽ ٺٽي ۾، نواز علي شاهه پيٽرول پمپ جي ويجهو سندس قدردانن سندس مقبرو ٺهرايو آهي.

(xii) ڄاموٽ: هيءَ قوم سنڌي نسل مان آهي. ڄاموٽن کي لس ٻيلي جي ڄامن پنهنجي قوم ڪري سمجهيو، ۽ ڄاموٽ پڻ عالياڻي ڄامن سان سڱيڻا ۽ ساڻن ڀيڙا هئا. ڄاموٽن جا ڪيترائي پاڙا آهن(4).

(xiii) ميد: هيءَ سنڌ ۽ لس ٻيلي جي قديم قوم آهي. چچنامي جي لکت موجب ميد غالباً سنڌ جي سامونڊي ساحل جا مير بحر آهن(5). هي سون مياڻي کان وٺي سڄي سامونڊي ساحل تي آباد آهن. مڇي مارڻ جا ماهر ۽ ٻيڙين جا سٺا ناکئا آهن(6).

(xiv) ڪاتيار: هي ڪوري آهن. اصل سنڌ جا رهاڪو آهن.

(xv) خواجه: اصل سنڌ ۽ ڪڇ جا رهاڪو آهن. پراڻي زماني ۾ اتان لڏي پهرين ’شيخ سراج‘ ۾ اچي ويٺا، ۽ پوءِ اُٿل ۾ اچي آباد ٿيا، ۽ جتان لڏي لس ٻيلي ۾ اچي ويٺا. هنن کي ’لوٽيا‘ پڻ چوندا آهن.

(xvi) ڪبير شاهه ۽ ان جا پويان: سنڌ جو هي مشهور شاعر لس ٻيلي جي شاعر، شيخ ابراهيم سان مقابلي لاءِ ڪهي لس ٻيلي ويو. هي ٻئي، ڄام مير خان جي ڪچهريءَ ۾ مد مقابل ٿيا، ڄام مير خان محسوس ڪيو ته ڪبير شاهه سنڌ جي سوکڙي آهي، تنهن کي هٿان ڇڏڻ نه گهرجي. انهيءَ ڪري ڪبير شاهه کي زر ۽ زمين ڏنائين ۽ مٿس ٻيون به مهربانيون ڪيائين، جنهن ڪري ڪبير شاهه به حاڪماڻي قرب جي ڪمند ۾ قابو ٿي پيو ۽ سنڌ کي ڇڏي لس ۾ رهي پيو(1).

اهڙيءَ طرح ٻيون قومون جيڪي سنڌ مان لڏي لس ٻيلي ۾ اچي ويٺيون، تن مان ڪي هي آهن: آٿا، براديا، برباز، (حسناڻيءَ جي شاخ)، ڄاموٽ، ڇٽا، دودا، راهو، ساسولي، شاهڪ (شاهوڪ)، شيخ، ڪڙياڻي، گونگا، لنگها، مانڊڙا ۽ مردوئي. اهي قومون لس ٻيلي ۽ بلوچستان جي ڪن ٻين علائقن ۾ وڃي آباد ٿيون(2).

لاسي ٻولي: سياسي تسلط، ساڳي حڪومت، سماجي، مذهبي، علمي ۽ ادبي ميل جول سبب لس ٻيلو سنڌ جو سياسي، طبعي ۽ لساني حصو بنجي چڪو هو. تهذيبي ۽ تمدني لحاظ کان ائين اصل محسوس ئي نٿو ٿئي ته لس ٻيلو سنڌ جو حصو نه آهي. سنڌي قومن ۽ قبيلن جو لس ٻيلي جي ڌار ڌار حصن ۾ ڦهلجي وڃڻ سبب عام ماڻهن جي به مادري زبان سنڌي بنجي ويئي(3). اهو اثر هر دؤر ۾ قائم رهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. قديم زمان کان وٺي برهمڻ گهراڻي جي حڪومت تائين، پوءِ رونجهن، برفت، ڪلهوڙن ۽ ڪوريجن جي حڪومت تائين، ۽ پوءِ اڳتي هلي موجوده وقت تائين، لس ٻيلي جي عام ماڻهن جي مادري زبان سنڌي رهي آهي(1).

هن سلسلي ۾ ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو:

”اهو سڄو پاسو (لس ٻيلو) مڪران سميت اڳي سنڌ جي حڪومت هيٺ هو، تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ اوڏانهين ٿيو. اڄ به سنڌي ٻولي لس ٻيلي ۾ گنداواهه طرف ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي. لس ٻيلي رياست ۾ اٽڪل 65 هزار آدم آهي، جنهن مان چوڏهن هزار ماڻهو بلوچي ٻولي ۽ نو هزار کن بروهي ٻولي ڪم آڻين ٿا، باقي 42 هزار ماڻهو جيڪا سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا، سا ’لاسي‘ معنيٰ لس ٻيلي جي سنڌي سڏجي ٿي(2)“.

انگريزي جي راڄ ۾ ۽ ون يونٽ ٺهڻ (1955ع) تائين لس ٻيلي کي هڪ الڳ رياست جي حيثيت حاصل هئي، ۽ سياسي طور سندس حيثيت الڳ هئي، پر انهيءَ هوندي به اتي جي مادري زبان سنڌي رهي، ۽ ٻي ڪا به زبان ان تي اثر ڪري نه سگهي. جيتوڻيڪ اسڪولن ۾ اردو زبان کي ذريعه تعليم طور رائج ڪيو ويو پر عام ماڻهن ۽ عوام جي روزانه استعمال جي ٻولي سنڌي رهي.

علم ادب: لس ٻيلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پهچ، پکيڙ، پرچار ۽ اثر جو هڪ ٻيو وڏو ڪارع شاهه لطيف جو ڪلام پڻ رهيو آهي، جو لس ٻيلي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مقبول آهي. هت شاهه جي رسالي جا وڏا ڄاڻو سگهڙ ۽ فقير موجود آهن(1). شاهه جي ڪلام جي اثر کان لس ٻيلي ۾ سنڌي شاعري ۽ سنڌي راڳ جو رواج پيو، ۽ ان جو شوق وڌيو. لس ٻيلي ۾ سنڌي زبان جا بيشمار ۽ قادرالڪلام شاعر پڻ پيدا ٿيا، جن جي ڪلام جو اثر سنڌ تائين وڌيو. انهن شاعرن مان ڪن جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب سندس ڪتاب ’ٻيلاين جا ٻول‘ ۾، ۽ محترم الله بچائي سمي سير ڪوهستان ۾ ڪيو آهي(2). ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو.

”ٻيلي جا حاڪم اصل کان سخي ۽ سٻاجها ٿي گذريا آهن. مڙني کان مهنداهون، سخا جو سرتاج، سپڙ ڄام هو، جنهن ڪيترن ئي ڏڏن کي ڏان ڏنا، ۽ ڪيترن ئي منگتن کي مالا مال ڪيو. سخي سپڙ جي ساک سنڌ ۽ ٻيلي ۾ پڌري هئي. ڀٽائي صاحب توڙي لس جي شاعرن سپڙ ڄام جي سخا جا ڳڻ ڳايا آهن. اها سخا جي سنت، ٻيلي جي ٻين ڄامن به پوءِ جاري رکي، ۽ غريبن جا غم ڪاٽيا. حاڪمن جي حيثيت ۾ هنن پنهنجي درٻارن ۽ ڪچهرين کي شاعرن، سالڪن ۽ سگهڙن جو مرڪز بنايو(1)“.

لس ٻيلي جي شاعرن جو سرتاج شيخ ابراهيم، ڄام مير خان جي ملڪ ۾ اڳيئي مشهور هو، مگر جڏهن سنڌ مان ڪبير شاهه ڪهي شيخ ابراهيم جي مقابلي لاءِ ٻيلي ويو، ۽ ٻئي وڃي ڄام مير خان جي ڪچهريءَ ۾ مدمقابل ٿيا، تڏهن ڄام مير خان محسوس ڪيو ته ڪبير شاهه سنڌ جي سوکڙي آهي، تنهن کي هٿان ڇڏڻ نه گهرجي. انهيءَ ڪري ڪبير شاهه کي زر ۽ زمين ڏنائين، ۽ ٻيون به اهي اڇائون ڪيائين جو ڪبير شاهه به هن حاڪماڻي قرب جي ڪمند ۾ قابو ٿي پيو، ۽ سنڌ کي ڇڏي کڻي لس ٻيلو وسايائين(2).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’ٻيلاين جا ٻول‘ ڪتاب ۾ لس ٻيلي جي شاعرن جو چيل سنڌي ڪلام گڏ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب شيخ ابراهيم، شيخ حمر، شيخ بکر، ڪبير شاهه، احمد شاهه، نم ۽ دوس محمد کان سواءِ ڌار ڌار قبيلن جهڙوڪ سناسياڻي، رونجها، براديا، باکرا ۽ موندرا مان پيدا ٿيل شاعرن جي ڪلام جو ذڪر ڪيو آهي.

لس ٻيلي جي علم ادب واري ماحول تي لطيف سائينءَ جي ڪلام جو تمام گهڻو اثر رهيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لطيف سائينءَ کي سنڌ توڙي لس جي شاعرن جو سرتاج ۽ استاد ٿو ليکي. هو لکي ٿو:

”شاهه جي شاعرانه سخا ۽ لٽ مان سنڌي ٻوليءَ جي هر شاعر هر هنڌ ورڇ ورتي آهي. سنڌ جي الهندن جبلن، البت، سنڌ ۽ ٻيلي جي وچ ۾، ماڻهن جي آمد رفت کي شڪل بنايو هو، مگر شاهه صاحب جا بيت درياءَ مٿان ٿيندا. نئين تان ڪڏندا، جبل لتاڙيندا وڃي پار پيا، ۽ لس ٻيلي ۾ به شاهه صاحب جي بيتن جو اهو ئي چرچو ۽ ذوق جاري رهيو. جهڙو سنڌ ۾ ٿيو. اسان لس ٻيلي ۾ هر سگهڙ ۽ سمجهوءَ واتان ڀٽائي جا بيت ٻڌا. غور بعد معلوم ٿئي ٿو ته ٻيلي ڏانهن ويندي شاهه بلاول جو تڪيو، شاهه جي شعر جو هڪ پهريون ۽ اهم اڏو ۽ اجهو ٿي رهيو آهي. جتي گهڻي مدت کان شعر جي رهاڻ ۽ سلوڪ وارا وقت بوقت سنڌ جي طرفان ايندا رهيا آهن. شاهه بلاول جو تڪيو، سنڌ ۽ ٻيلي جي عرفات آهي، جتي شاهه جي شعر ۽ ٻيلي جي دردمند دلين جو مدت مديد کان ميڙائو ٿيو، انهيءَ اثر جي جهلڪ اسان کي ٻيلي جي پهرئين شاعر، شيخ حمر (شاهه جو همعصر) جي بيتن ۾ واضح طور نظر اچي ٿي. شيخ ابراهيم جي بيتن جو رخ به ساڳيو آهي. انهن شاعرن جي بيتن جي رنگ توڙي بوءِ جو سرچشمو يقيني طور ڀٽائي صاحب جا بيت آهن“(1).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو:

”شيخ حمر، شيخ ابراهيم ۽ شاعر نم خاص ٻيلي جا هئا، مگر ڪبير شاهه اصل ۾ سنڌ جو شاعر هو: هو سنڌ ۾ ڄائو هو ۽ سنڌ ۾ ئي جوان ٿيو، ۽ سندس شاعري سنڌ ۾ ئي اهڙي ته بلند معيار کي پهچي چڪي هئي، جو هو همت سان هتان هليو هو ٻيلي ۾ شيخ ابراهيم جو مقابلو ڪرڻ. ڪبير شاهه جڏهن وڃي ٻيلو وسايو ته سندس شاعريءَ جو اثر به ٻيلي ۾ عام ٿي ويو. جيڪڏهن چئجي ته ڪبير شاهه کي ٻيلي بلڪل پنهنجو ڪري ڇڏيو، ۽ ڪبير شاهه خاص ٻيلي جو شاعر هو ته انهيءَ حالت ۾ ڪبير شاهه جو استاد، سنڌ جو سربلند سگهڙ ۽ ماهر شاعر جلال کٽي هو، جنهن وٽان ئي فصاحت ۽ روانيءَ جو جوهر ڪبير شاهه جي شاعرانه طبع کي ورثي ۾ آيو. سنڌ جو سگهڙ ڪبير شاهه جڏهن ٻيلي ۾ آيو، تڏهن ٻيلي جي شاعريءَ کي به عروج ۽ فروغ نصيب ٿيو.

انهيءَ ڳالهه جو لس ٻيلي جي هر سگهڙ کي احساس ۽ اعتراف آهي ۽ ٻي معنيٰ ۾، اهو سنڌ جو ٻيلي جو شاعريءَ تي هڪ احسان آهي“(1).

لس ٻيلي جي ادبي تاريخ ۾ ماحول متعلق ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو:

”ٻيلي جي شاعريءَ جا عنوان ساڳيا مشرقي شاعريءَ وارا عنوان آهن. مدح سرائي عربي خواهه فارسي شاعريءَ جو اهم جزو آهي، ۽ ٻيلي جي شاعريءَ ۾ به نمايان آهي. ٻيلي جي شاعرن به پنهنجي مربين ۽ مهربانن جا دل کولي ڳڻ ڳايا آهن، مگر ٻيلي جي شاعريءَ جو خاص جوهر رزم گوئي آهي، جنهن ۾ ٻيلي جي سنڌي شاعري عرب جي بدوي شاعريءَ مثل آهي. وصف بيانيءَ ۾ به ٻيلي جو سنڌي شاعر عرب جي بدوي شاعرن جون سڪون لاهي ٿو. عشقيه شعر ۾ ٻيلي جي شاعر عام سنڌي شاعر جي واٽ ورتي آهي، ۽ پنهنجي سوز و درد کي اڪثر عام سنڌي شاعر جي افسانن، عشقيه قصن جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيو اٿس“(1).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ موجب: ”وصف ۽ بيان ۾ ٻيلي جي شاعري عام سنڌي شاعريءَ جو بهترين نمونو پيش ڪيو آهي“(2).

لاسي لهجي ڳالهائيندڙن جو تعداد:

1951ع واري آدمشماريءَ موجب لس ٻيلي جي 92 سيڪڙو آباديءَ جي مادري زبان سنڌي هئي، ۽ لس ٻيلي ۾ جيڪا سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، تنهن کي لاسي ٻولي، يعني سنڌي زبان جو لاسي لهجو چيو ويندو آهي(3). لاسي لهجي جو اُچار ۽ جهيل، معياري سنڌيءَ جي اُچار ۽ جهيل کان ڪجهه ٻيءَ طرح آهي. مٿي ڄام صاحب جي تقرير جو حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن مان اُچار جي فرق جو پتو پوي ٿو، البت جهيل جي فرق جو احساس ٻڌڻ تي مدار رکي ٿو. هيٺ هن ڏس ۾ ڪي وڌيڪ مثال ڏجن ٿا.


(1)  George Morgenstierne, Report on a Linguistic Mission of North- Western India, P.14

(1)  رامچند ايس- کتري: شري هنگلاج جي ياترا، ڪراچي، اڇي قبر رامپارٽ روڊ، 74- 1973ع ص 172.

(2)  ممڪن آهي ته اهو اصلي نالو ”گڊراڻي“ هجي جنهن جي معنيٰ ’راڻيءَ وارو ڳڙهه‘ (گڊ يعني قلعو) يعني قلعو، ۽ ممڪن آهي ته ’گڏاڻي‘، اُن جو مخفف هجي.

(3)  رامچند ايس – کتري، حوالو ڏنو ويو آهي ص 171

(4)  علي ڪوفي: چچنامو، ص 66.

(5)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ٻيو ڇاپو، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز 1973ع، ص 13.

(1)  ايضاً.

(2)  ايضاً، ص 22 آخري حاڪم ڄام غلام قادر هن خاندان مان آهي.

(3)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ايضاً.

(4)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ڇاپو 1973ع، ص 13، ۽ پڻ ڏسو گل خان نصير: تاريخ بلوچستان، جلد اول، ڪوئٽه، اقبال اسٽيشنري مارٽ، 1952ع، 82.

(1)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ص 25.

گل خان نصير لکي ٿو ته ”1766ع ۾ ڄام عالي خان جي وفات کان پوءِ هن جو پٽ ڄام غلام شاهه ٻيلي جي ڄامن جو سردار ٿيو. ڄام غلام شاهه، مير نصير خان جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ مير  نصير خان سان پنهنجو خانداني رشتو جوڙيائين، مير نصير خان گوادر جي بندر جي اڌ ڪمائي بي بي سلطان خاتون کي ڏاجي ۾ ڏني. اهڙيءَ طرح گوادر جو بندر، ٻيلي جي ڄام جي قبضي ۾ اچي ويو. ڏسو حوالو پهريون، ص 150.

(1)  رامچند، ايس – کتري: شري هنگلاج جي ياترا، حوالو ڏنو ويو آهي، ص ص 18- 15 ۽ ضميمو ص ص 31 – 30.

(1)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ٻيو ڇاپو، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 23.

(1)  ايضاً، ص 43.

(2)  ايضاً، ص 45.

(3)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ڇاپو ٻيو، ص 45.

(4)  ايضاً ص 55.

(1)  جدگال دراصل جد+ گال جو مرڪب آهي جد=جت ۽ گال معنيٰ ڳالهه، يعني ٻولي ۽ جدگال معنيٰ جتن جي ٻولي، هيءَ قوم پنهنجيءَ ٻوليءَ جي نسبت سان ’جدگال‘ سڏجڻ لڳي.

(2)  Sigrid Westphal – Hellbusch W. & Dr. Heniz Westphal, The Jats Of Pakistan, Duncker & Humblot/ Berlin, 1964, pp. 15-52.

(3)  مولائي شيدائي جدگال لاءِ جدغال لفظ ڪم آندو آهي. ڏسو: جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، 22. داد محمد بروهيءَ جغدال لفظ به ڪم آندو آهي.

(1)  ايران ۾ انقلاب کان پوءِ ڪيترائي ايراني جدگال ڪراچي ڀڄي آيا آهن. انهن مان هڪ صاحب جيڪو پارليامينٽ جو ميمبر پڻ هو تنهن ٻڌايو ته جدگال بلوچستان، دشت ۽ ڪرمان ۾ آباد آهن ۽ جدگال ٻولي ڳالهائيندا آهن.

(2)  مولائي شيدائي: تاريخ بلوچستان، بلوچ سيريز، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 12 ۽ پڻ ڏسو: گل خان نصير: تاريخ بلوچستان، حوالو ڏنو ويو آهي، ص ص 24 ۽ 25.

(3)  حوالو پهريون، ص 12.

(4)  ايضاً، ص 58.

(5)  مولائي شيدائي: تاريخ بلوچستان، بلوچ سيريز، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 60.

(1)  ايضاً، ص 61.

(2)  مولائي شيدائي: تاريخ بلوچستان، بلوچ سيريز، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 58.

(3)  ايضاً، ص 58.

(4)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، حوالو ڏنو ويو آهي. ص 61.

(5)  چچنامو، ص ص 438- 437.

(6)  مولائي شيدائي: تاريخ بلوچستان. ص 63.

(1)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ص ص 337- 335.

(2)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ص 42.

(3)  اڳوڻي لس ٻيلي رياست جو اڳوڻو ڄام ۽ بلوچستان صوبي جو هڪ اڳوڻو وزيراعليٰ ڄام غلام قادر خان لس ٻيلي رياست جو آخري حڪمران رهيو آهي ڄام صاحب لس ٻيلي ۾ سندن حڪمرانيءَ يعني وزير اعليٰ واري آخري ڏينهن ۾ سندس ٻولي يعني لاسي (سنڌيءَ) ۾ تقرير ڪئي. ان جو نقل پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ پيش ڪجي ٿو:

”آئين دلجاءِ ڪريو. آهان کي کونئر کڻائي ڏبا، رستا ٺهيندا، ڪارخانا لڳائبا ۽ آهان ماڙو مڙوئي خوشحالي ڏسيندا. آءٌ اوهان کي گذارش ڪندوس ته اهان ملڪ دشمنن ڪنان ڌيان نه ڏيو. ايها ڳالهه اهان پنهنجي ذهن ۾ رکو ڪه هيءُ سندءِ حڪومت آهي. اسون اهان جا پنهنجا مزور آهيون. اهان جو ڏک مڙوئي اسون پنهنجو درد ڪري وٺون ٿا. اڳيان جي ٻين حڪومتن ڪنان اهان ايترو وقت ساري ڏنو، اسون ايها گذارش ڪنداسون ڪه اسان کي ڪجهه وقت درڪار آهي. اهان ڏسيندا ڪه لس جو، بلوچستان جو ۽ ساري ملڪ جو نقشو جيڪو آهي، اهو يڪسر تبديل ٿي ويندو ۽ ماڙو خوشحاليءَ جي زندگي بسر ڪندا.“

ڏسو: خليل الرحما ٻگهيو، رپورٽ، ”لس ٻيلي ۾ ترقيءَ جي رفتار“، ماهوار نئين زندگي.

شهباز قلندر نمبر، آڪٽوبر 1975ع، ص 57 ۽ پڻ ڏسو: تاج محمد عباسي: مقالو، ”سنڌي ٻولي جي لاسي آپڀاشا“، نئين زندگي، جولاءِ، آگسٽ، 1976ع، ص 29.

(1)  Grierson H.E., Linguistic Survey of India, VolE VIII.

(2)  ڀيرو مل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع، ص 156.

(1)  فقير عبدالله ميمڻ، جيڪو اصل لس ٻيلي جو رهاڪو هو ۽ ٺٽي ۾ رهندو هو. جنهن 1982ع ۾ وفات ڪئي، لطيف جي ڪلام جو وڏو ڄاڻو فقير هو.

(2)  ڏسو الله بچايو سمو: سير ڪوهستان.

(1)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1970ع ص ص 84-83.

(2)  ايضاً.

(1)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ص ص 130-131.

(1)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ص 134.

(1)  ايضاً، ص 135.

(2)  ايضاً، ص 154.

(3) Grierson, H.E, Linguistic Survey of India, Vol. VIII. Pp. 62-63.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com