سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا جو عروج ۽ زوال

 

صفحو:6  

ڪاليبئنگن جي معنيٰ آهي ڪاريون چوڙيون. هن نالي پوڻ جو ڪارڻ اهو آهي ته هن قديم دڙي مٿان ٺڪر جون بيشمار چوڙيون نظر اينديون، جيڪي هزارن سالن جي گذرڻ ڪري رنگ ۾ ڪاريون ٿي ويون هيون. هي پراڻو کنڊر ٻن دڙن تي مشتمل آهي. ننڍو دڙو اولهه پاسي آهي. جنهن کي KLB-I جي نالي سان سڏيندا آهن. جڏهن ته اوڀر پاسي واري وڏي دڙي کي KLB-2 ڪوٺيو ويندو آهي. پر هاڻ (Pre Indus) واري سنڌو- ثقافت جي ننڍي دڙي کي ڪاليبئنگن- 1 ۽ سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر سان تعلق رکندڙ دڙي کي ڪاليبئنگن-II سڏيو وڃي ٿو.

دؤر پهريونPeriod-I (7)

ڪاليبئنگن واري سنڌو تهذيب کان تمام آڳاٽي (Pre Indus) دؤر سان لاڳاپيل وسندي گهگهر جي وڪڙ ۾ ڏکڻ ڪناري سان واقع آهي. سندس تعمير وارو نقشو چؤڪنڊائتو (Para ulogram) آهي. هن جو اتر ۽ ڏکڻ وارو پاسو 250 ميٽر جڏهن ته اوڀر ۽ اولهه وارو 180 ميٽر آهي (خاڪو- II). هن جي مُهڙ تي ٻوڏ جي بچاءَ کان ويڪري ڪَچيري ڀت ڏني وئي هئي. اهڙي ريت لوٿل (Period-A) جي Phase-1 کي ڪچو ويڪرو ڪوٽ ڏنل ڏسجي ٿو. اها سنڌو- تهذيب جي ماڻهن جي اچڻ کان اڳ واري وسندي آهي. سنڌو تهذيب کان پوئين واري دؤر (Pre Indus) واري ڀت ۾ ڪم آندل سرن جي ماپ 10x20x30 س. م آهي. اهڙي سراسري ماپ 3:2:1 وڃي بيهندي. جڏهن سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر سان لاڳاپيل ڪوٽ ۾ ڪم آندل سر جي سراسري 4:2:1 آهي. ڪاليبئنگن-1 واري ڪوٽ جي تعمير جا ٻه مرحلا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي بلڪل پڌرا آهن. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته ڪنهن پوئين مرحلي دوران هن جي تعمير ۾ ڪجهه واڌارو ڪيو ويو آهي. ان جي پيڙهه جي وڌ ۾ وڌ ويڪر 3 کان 4 ميٽر آهي. ڪوٽ جي اتر واري ڦاٽڪ وسيلي درياه تائين جلد پهچي سگهبو هو. گهرن جي نقشي مان پوري ريت پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي. پر اندازو آهي ته منجهن ٽن کان چار  ڪوٺيون هونديون. (پليٽ-x) تعمير ڪچسري آهي. هتي به مشهور (English bond) چڱي ريت ڏسي سگهجي ٿو. کوري ۾ پچايل سرن جو استعمال گهٽ ڏسجي ٿو. اهي فقط ڪني پاڻي جي ڪسي جوڙڻ ۾ ڪم اينديون هيون. آڳاٽي دؤر (Pre Indus) واري دؤر جا گهر سنڌو- تهذيب جي گهرن کان گهڻا مختلف آهن. کوٽائي ۽ کوجنا وسيلي معلوم ٿيو آهي، ته اڏاوتن جا پنج دؤر آهن. دلچسپ ڳالهه گهرن جي اڱڻ ۾ زيرِ زمين يا زمين کان ٻاهر تندوريون يا تنوريون (Ovens) آهن، جيڪي موجوده تنورين وانگي آهن. انهن جو گهڻو تعداد پنجاب (هريانا) ۽ راجسٿان جي ڪن علائقن ۾ هوندو هو. هتان هڪ وڏو پٿر ۽ مُهرو مليا آهن، جنهن مان پتو پئجي وڃي ٿو ته اُنَ زماني ۾ اَنُ ڪهڙي طريقي سان پيٺو ويندو هو. ان کان سواءِ هتي گول ننڍيون کڏون به لڌيون ويون آهن، جن کي گچ جي گاري سان لنبي ماري سان مهٽي ڏاڍو لسو ڪيو ويو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته انهن جڳهن ۾ اناج رکيو ويندو هو. اهڙيون جڳهيون به گهرن جي اڱڻن ۾ لڌيون ويون آهن. ساڳيون شيون رنگپور II-B ۽ II-C ۾ به ڏٺيون ويون آهن.

اهڙي ريت دؤر - I (Period -1) جو ٿانءُ ان کان پوءِ واري دؤر جي ٿانءُ کان بلڪل نرالو آهي، جنهن کي سنڌو- تهذيب وارو زمانو چئي سگهجي ٿو. (خاڪو- 9) اهڙا ڇهه مختلف ٿانو آهن، جن تي کوٽائي ڪرڻ واري ماهر A کان F تائين نالا ڏنا آهن. هنن ٿانءُ  تي نظر ايندڙ چٽسالي اهڙي آهي، جيڪا عام طور نظر ايندي آهي. پر مٿاڇري وارو رنگ الڳ آهي. A نالي وارن ٿانءُ جو رنگ ڳاڙهو ۽ گلابي آهي. پر چڪ (Wheel) تان اِلهو ٻِلهو ڪري لاٿا ويا ٿا ڏسجن. چٽسالي ڀنور جهڙي ڪاري رنگ جي آهي، پر ڪنهن ڪنهن ٿانءُ جي چٽساليءَ ۾ اڇو رنگ به ڏسجي ٿو. چٽساليءَ ۾ ورن گول دائرا، جهالر، منڌيئڙا، مُڇ- چٽ جنهن ۾ چوٽيون مڇ جي چوٽين وانگي مٿي وريل ڏسجن ٿيون، جن جي ٻاهرئين پاسي نانگ وڪڙ ليڪون ڪڍيون ويون آهن. ان کان سواءِ جاڦريءَ سان ٽڪنڊا ۽ وڇن جون تصويرون به نظر اچن ٿيون. هنن ٿانءُ تي هڪ گلدان به (Vase) ڏسجي ٿو جنهن کي ٽِڪائي بيهارڻ لاءِ هيٺان مناسب ترو رکيو ويو آهي. هي منفرد قسم جو ٿانءُ آهي B نالي وارن ٿانءُ جي چٽسالي ڏاڍي سچيتائيءَ سان ڪئي وئي ٿي ڀائنجي. ڌاءُ به هيٺ ڪلهن تائين ڏسجي ٿو. چٽسالي تي ڪاري رنگ جو استعمال ڏسجي ٿو. هيٺيون پاسو خالي ڇڏيو ويو آهي. جتي ليئُه چڙهيل ڏسجي ٿو. جنهن تي ڦڻي ڏيڻ جهڙا لهريدار نشان موجود آهن. اهو به ڏسجي ٿو ته ليئُه طور ڪم ايندڙ ريٻڙي مٽي گهڻي ملائي وئي آهي. انهيءَ مقصد سان ته جيئن پاڻي ٿڌو رهي. اهڙن ٿانءُ  جي چٽساليءَ ۾ ڦاڙهو، ڏاند، بدڪ، وڇون ۽ سورج مکي جو گل ڏسجي ٿو. ڦاڙهي جا سڱ لهريدار آهن، جيئن ڏاند  جا سڱ انگريزي اکر x جهڙا ڏسجن ٿا. رنگپور II-C ۽ III واري مرحلي ۾ به ساڳيءَ چٽساليءَ کي ورجايو ويو آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته آڳاٽي دؤر (Pre Indus) واري چٽساليءَ جون ساريون روايتون پوئين دؤر (Late Indus) ۽ ترت پوئين واري دؤر (Post Indus) پوين دورن ۾ به موجود هيون. ”C“ نالي وارن ٿانءُ ۾ ڪم آندل مٽي تي چڱيءَ ريت ڪمائي يعني سچيتائيءَ سان ڳوهي پوءِ چڪ تي چاڙهيو ويو آهي. آٻوٽ ٿيڻ کان پوءِ ٺپڻيءَ جي ٺپ به سوچ سمجهه سان ڏني وئي ٿي ڀائنجي. ڌاءَ چڙهيل وارو مٿاڇرو ڏاڍو لسو آهي. ڌاءُ جو رنگ به ڳاڙهو ۽ واڱڻائي آهي. اهو ٿانءُ وڙ ۽ گهاڙ ۾ سنڌو تهذيب جي ٿانءُ جهڙو ڏسجي ٿو. جڏهن ته چٽساليءَ ۾ منڌيئڙا، ٿورو مٿي اڀريل گول دائرا، مڇيءَ جو ڇلر ۽ گل ٻوٽا ڏسجن ٿا. ساري چٽسالي ڪاري رنگ جي ٿيل ڏسجي ٿي. جڏهن ته سنڌو- تهذيب جي ڳاڙهي ٿانءُ تي پکين ۽ ڪيلي جي ٻوٽي جي چٽسالي آهي، جيڪا ڪاري رنگ ۾ آهي، جيڪو لوٿل مان لڌو آهي. پر خاص ٿانءُ ڊگهي اڇي وڙ وارا ٿانءُ (گلدستا)، پيالا، پڙڳي تري سان ڦيلهي يا پيالو وغيره. D نالي وارا ٿانءُ جيڪي ڳاڙهي رنگ جا آهن، سي ذري گهٽ سنڌو- تهذيب جي ٿانءُ  جهڙا آهن. هتان ڊگهو ٿانءُ به

ڪالي بئنگن: هڙپا کان اڳ واري دؤر جا ٺڪر جا ٿانوَ

بلوچستان: هڙپا کان اڳ واري دؤر جا ٺڪر جا ٿانوَ


 

سنڌو تهذيب جي سوراخدار جهڙو ڊگهو آهي. پر سوراخدار ڪونه آهي. مگر D واري لڙهه ۾ موجود ٿانءُ ڪونرو (Trough) ۽ ڪوناريون (basins) آهن. هنن ٿانءُ  جي اندرين پاسي کُرچ- چٽسالي ۽ ٻاهرئين پاسي هڪ گهرو ليڪو ڏسجي ٿو جيڪي، هوبهو آمري- II-B جي ٿانءُ  جهڙا آهن. E نالي واري ٿانءُ جو رنگ هلڪو ڀورو ڏسجي ٿو. جڏهن ته F نالي واري ٿانءُ جو رنگ چانهون آهي. ٻئي وڙ ۾ گهاڙ جا ٿانءُ E ۽ F ۾ ڏسي سگهجن ٿا.

معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته دؤر 1 (Period-1) واري وسندي ڌرتيءَ ڌڏڻ ڪري ناس ٿي وئي آهي. اهڙي ڄاڻ تهه تي موجود ثقافتي شين مان به ملي رهي آهي. ساڳيءَ ريت جڳهن جي جُهريل ۽ ڀريل ڀتين مان به ساڳي ڳالهه ڏسجي ٿي.

دؤر ٻيو Period-II

سنڌو- تهذيب دور- 1 جي ناس ٿي وڃڻ کان پوءِ هڪدم پوءِ ظاهر ڪانه ٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته هن دؤر واري تهه تي هوا ۽ اتي اڏامندڙ واريءَ جا چٽا اهڃاڻ موجود آهن. ان کان سواءِ ان تي موجود ثقافتي شين مان لڳي ٿو ته انهيءَ دڙي جي ڪجهه حصي کي پاڻي به پائي ويو آهي. پر اهو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي ته Period-1 ۽ Period-II جي وچ ۾ وقت جي ڪيتري وٿي آهي. مگر هن دؤر جي تهه تي Period-1 جا ٿورا ٿانءُ موجود آهن، جن جو واسطو Pre Indus)) واري زماني سان آهي، پر سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر جي ٿانءُ  جي گهڻائي ڏسجي ٿي. اهڙيءَ ريت ٿورائي ۽ گهڻائي واري سراسريءَ سان ٻنهي دورن جا ٿانءُ ساڳي تهه تي موجود ڏسجن ٿا. هن وايو منڊل مان لڳي ٿو ته (Pre Indus) جي ماڻهن کان جلد ئي پوءِ سنڌو- تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل ماڻهو ڏسجن ٿا.

سيٽاڊيل:   (Citadel)

سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر کي ڪاليبئنگن ۾ موجود سيٽاڊيل ۽ هيٺئين شهر جي تعمير مان به محسوس ڪري سگهجي ٿو (خاڪو-II) سيٽاڊيل واري تعمير (Pre-Indus) جي دؤر سان لاڳاپيل شهر جي دڙي تي ئي موجود آهي، جنهن جي چوڌاري قلعه نما ويڪري ڀت ڏني ويئي هئي. هي ماڳ ٻن هڪ جيترن ڀاڱن ۾ ونڊيل آهي. ساري ماپ 120x240 ميٽر ٿيندي. سيٽاڊيل جي، اولهه ۾ اُتر واريون ڀتيون ((Pre Indus واري اڳئين شهر جي ڊٿل ڀتين مٿان ٺاهيون ويون آهن. ٻين پاسن کان اڳين دؤر جي ڀتين جي نشانن کي اڳتي نڪتل يا وڌيل ڏسجي ٿو پراڻي شهر جي ڪوٽ جو لنگهه يا ڦاٽڪ اتر- اولهه واري ڪنڊ تي هو، جنهن کي سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر ۾ ڪم آندو ويو آهي. سيٽاڊيل ٻن رامس (Rhombs) شڪل جي همچورسن تي مشتمل آهي. انهن مان ڏکڻ وارو همچورس دڙو مرڪزي اهميت جو مالڪ ڏسجي ٿو. جڏهن ته اتر واري دڙي جي گڏيل حيثيت ڏسجي ٿي. پر تعمير جي لحاظ کان اهي دڙا الڳ ۽ ڌار ڪونه آهن (8). ڪوٽ ۾ منارا ۽ ٺلهه تعمير ٿيل آهن، (پليٽ XI). ڀت جي اوساريءَ ۾ ٻن ماپن جون سرون ڪم آنديون ويون آهن، جن مان هڪ جي ماپ 10x20x40 سينٽي ميٽر ۽ ٻيءَ جي ماپ 7x15x30 سينٽي ميٽر آهي. سنڌو تهذيب جي عروج واري دؤر جا گهر ننڍي ماپ واري سر سان اوساريل ڏسجن ٿا. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته ڪاليبئنگن جي ماڻهن ڀت ۽ ٿلهن جي اوساريءَ ۾ وڏي ماپ جون سرون ڪم آنديون آهن. پر لوٿل جي ماڻهن هر قسم جي جڳهه جي اوساريءَ ۾ هر قسم جي ماپ ڪم آندي آهي. ڪاليبئنگن جي ڪوٽ واري ڀت جي ويڪر 3 کان 7 ميٽر ڏسجي ٿي. مگر لوٿل جون ڏکڻ ۽ اولهه واريون ٻانهيون 13 ميٽر ويڪريون آهن. جڏهن ته اوڀر واري ڀت ٻيڻ تي ويڪري آهي. ڇاڪاڻ ته ان پاسي کان بندر هو ۽ جهازن ۾ سامان به ان طرف لاهيو ۽ چاڙهيو ويندو هو. ڪاليبئنگن جي اتر واري ڀت ڪچسري هئي جنهن کي ڊاهي پڪ سري ڀت اوساري وئي هئي. هتان جي ڀت انهي ڪري خاص خوبي جي مالڪ آهي جو ان ۾ ڇڄا (Saleint) رکيل آهن، جيڪي 8 کان 9 ميٽر اڳتي وڌيل آهن. سندن ويڪر 13 کان 17 ميٽر ٿيندي (پليٽ XI) اهڙي ساڳي طرز جي تعمير ٻيٽ دوارڪا (1500 ق. م) ۾ به ڏسجي ٿي، پر اها پڪسري آهي.

مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ اڏاوت

معلوم ٿئي ٿو ته سيٽاڊيل جي ڏکڻ پاسي واري همچورس اڏاوت مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ ڪم ايندي هئي (9). هتي ڪيترائي ٿلها تعمير ٿيل آهن، جن مان هڪ تي بيضوي طرز تي اگنيءَ جا ست قربانگاه ٺهيل ڏسجن ٿا (پليٽ- XII). هنن اڏاوتن جون پيڙهيون ڌرتيءَ اندر گهريون ڏسجن ٿيون، جن کي کوٽائي ظاهر ڪيو ويو آهي. انهن ۾ رک، ڪوئلي ۽ ٺڪر جي ٽڪنڊيءَ ٺڪري جا ڀڳل ٽڪرا به هٿ لڳا آهن. جڏهن ته وچ وارو قربانگاه ٻين کان وڌيڪ نمايان گول ۽ ڪنهن حُجري جي ستون وانگي ڏسجي رهيو آهي. ان ستون يا ٺلهه جي اولهه پاسي ٿانءُ ڏسجي ٿو، جنهن جو هيٺيون اڌ ڌرتيءَ ۾ پوريل آهي، جنهن ۾ پڻ رک ڀريل ڏسجي ٿي. هن جڳهه وٽ ڪوئلا به موجود آهن. بي. بي. لال جو چوڻ آهي ته ڪوئلن جي موجودگي آڳ جي پوڄا ڏانهن اشارو آهي. آڳ- پوڄا جي اهڙي اڏاوت گجرات جي ڄام نگر (Jam nagar) ضلعي جي ناگيسوار (Nageswar) ماڳ جي کوٽائي مان هٿ لڳي آهي. ڪاليبئنگن جي آڳ پوڄا واري اڏاوت ڀرسان هڪ کوهه ۽ انجي ويجهو انسان به موجود آهي. هن مان معلوم ٿيندو ته اهڙي پوڄا کان اڳ وهنجي سهنجي پاڪ ٿي پوءِ آڳ- پوڄا جي مذهبي رسم ادا ڪئي ويندي هئي. هڪ ٻئي ٿلهي تي پڻ آڳ- پوڄا جي ساڳئي قسم جي اڏاوت ڏسجي ٿي، جنهن ڀرسان هڪ چوڪنڊي کڏ آهي. ان جي چوڌاري پڪين سرن جو پڻ دائرو ٺهيل آهي. هن قربانگاه ڀرسان به کوهه آهي جنهن کي کوٽي ظاهر ڪيو ويو آهي. هن کڏ اندر جانورن ۽ سانبرن جا هڏا ۽ سڱ مليا آهن، جنهن جو مطلب آهي ته ان جاءِ تي جانورن جي قرباني ٿيندي هئي، (پليٽ XIII). هن ڳالهه ڏانهن به ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي، ته لوٿل جي اهڙي قربانگاه ڀرسان جانورن جا سڙيل (Charred) هڏا مليا آهن، جيڪي وقت گذرڻ ڪري ڪارا ٿي ويندا آهن. پر ڪاليبئنگن ۾ اهڙي ڳالهه ڪانه ٿي ڏسجي. اهڙيون ڳالهيون قرباني ڏانهن اشارو انهي ڪري به ڏئي رهيون آهن، جو ڪاليبئنگن مان مليل ٺڪر جي هڪ ٽڪيءَ تي اهڙي قربانيءَ جو منظر اُڪريل ڏسجي ٿو. (پليٽ XIV). انهن ٿلهن جي وچ تي هڪ پڪسري نالي آهي، جنهن جهڙي هيٺئين شهر ۾ ڪا نالي موجود ڪانه آهي. اهڙين ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته مذهبي سنان ڪرڻ کان پوءِ هن علائقي جي چڱي نموني سان صفائي ڪئي ويندي هئي. ڪاليبئنگن جي سيٽاڊيل جي ڏکڻ پاسي واري همچورس ۾ موجود ٿلها به مذهبي رَسمن جي ادائگي لاءِ ڪم ايندا هئا. جڏهن ته اتر وارو همچورس حصو ڪنهن خاص ماڻهوءَ جي رهائشگاه هو. بي.بي لال جو خيال آهي ته اتي پروهت رهندو هو. جيڪڏهن اها ڳالهه واقعي ائين آهي ته پوءِ سمجهڻ کپي ته ڪاليبئنگن جو انتظام اهو پروهت (Priest) هلائيندو هوندو. جيڪڏهن اهو ڪاليبئنگن جي سيٽاڊيل ۾ رهندو هوندو ته سندس شهر سان رابطو اوڀر واري ڦاٽڪ وسيلي ٿيندو هوندو، جنهن تائين پڪسرو

 

ڪالي بنگڻ ۽ سرڪوٽاڊا: شهر جو هيٺاهون حصو ۽ قلعو


 

رستو وڃي رهيو آهي. پر لال جو نقطهء نظر آهي ته اهو عام رستو ڪونه هو، اهو مذهبي رسمن سان لاڳاپيل هو ۽ پروهت جي اڳواڻيءَ ۾ اتان پوڄارين جو جلوس گذرندو هو. پر عجيب اتفاق اهو آهي ته ڪاليبئنگن جي هن قديم ماڳ مان ڪنهن ديوتا پروهت جي مورتي ڪانه ملي آهي. تنهنڪري اهڙيون سڀ ڳالهيون مشڪوڪ آهن.

هيٺيون شهر: (Lower Town)

ڪاليبئنگن جي هيٺئين شهر کي به لوٿل جي هيٺئين شهر جيان چوڏس ڪوٽ ڦيريل هو. اهڙي ريت ڪوٽ جي ويڪر 3.5 ميٽر کان 4 ميٽر هئي. لال جو خيال آهي ته ڪاليبئنگن کي ڪوٽ ٻوڏ جي ڊپ کان ڪونه ڏنو ويو هو. پر سگهاري شاهدي موجود آهي ته ٻوڏ کان بچاءَ واسطي ٿلها جوڙيا ويا هئا، جن جو تعلق سنڌو تهذيب جي عروج واري زماني سان آهي، جيڪي قلعي واري ڀت کان گهڻا اوچا آهن، جن تي حمله آور دشمن چڙهي سولائيءَ سان شهر فتح ڪري پئي سگهيو. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته ويڪريءَ ڀت کان ٻاهر وارا ٿلها ٻوڏ جي بچاءَ لاءِ پهريون تحفظ هئا. جڏهن ته ڀت کان اندر وارا ٿلها جن تي گهرن جون جڳهون ٺهيل هيون، سي تحفظ جو ٻيو ذريعو هئا. گهر به ويڪرن رستن جي وٽ سان اڏيا ويا هئا، جن تان گاڏيون ۽ عام ماڻهو سولائيءَ سان گهمي ڦري ٿي سگهيا (پليٽ XV).

هيٺئين شهر جو اولهه ۽ اوڀر وارو پاسو هرهڪ 240 ميٽر ڊگهو آهي. جڏهن ته اتر ۽ ڏکڻ واريون ٻاهيون هر هڪ 360 ميٽر ڊگهيون آهن. سيٽاڊيل ۾ هيٺئين شهر جي وچ تي 40 ميٽر جيترو کليل ميدان ڇڏيو ويو آهي. ڍول وير (ڪوٽادا) واري سيٽاڊيل ۽ هيٺئين شهر (lower City) جي وچ تي ساڳي ريت کليل ميدان موجود آهي، جيڪو 40 ميٽرن کان به وڌيڪ ٿيندو. کوٽائي ۽ کوجنا وسيلي معلوم ٿيو آهي، ته ڪاليبئنگن شهر وچان پاڻيءَ جو وهڪرو وهندو هو، جيڪو لٽ پوڻ ڪري لٽجي پورجي ويو هو. ٿي سگهي ٿو ته اهو وهڪرو گهگهر جو ڪو واهڙ هجي. ساڳيءَ ريت موهن جي دڙي واري سيٽاڊيل ۽ هيٺئين شهر (lower City) جي وچ تي به اهڙي وهڪري جا نشان موجود آهن. اهو ڪو گهاڙ واهه هوندو ته ڪئت ناهي. ڇاڪاڻ جو شهر جي اتر پاسي کي چاڙهه جي پاڻيءَ جي ٽڪر کان بچائڻ واسطي وچ وارو گهاڙ واهه وڏي تدبر جي علامت آهي. اتر کان ڏکڻ ويندڙ ٻه متوازي گهٽيون اوڀر کان اولهه ويندڙ ٻن گهٽين کي گونيءَ ڪنڊ تي ڪپن ٿيون. اهي گهٽيون موهن جي دڙي جي نقشي ۾ واضح طور صاف ڏيکاريون ويون آهن. باقي ٻين تي ٽٻڪن جا نشان آهن، جيڪي شايد کليل ڪونه هيون. (خاڪو-3) تنهن ڪري اهو پتو ڪونه ٿو پوي ته ساري شهر کي جهنگلو ڏنو ويو هو يا نه. اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪاليبئنگن جون ننڍيون گهٽيون 1.8 ميٽر ۽ وڏيون گهٽيون 3.6 کان 7.2 ميٽر ويڪريون آهن (پليٽ XVI). سنڌوءَ جو ماڻهو اهڙين ڳالهين کان سچيت هوندو هو. چوسولن وٽ گهرن جي ڪنڊ تي ڪاٺ جو وڏو ٿنڀو کتل هوندو هو، ته متان گاڏيون سِڌ ڪري ڪني پاڻي جي نالين کي ڊاهي ناس نه ڪري ڇڏين. پورين ٽن صدين تائين ڪنهن ڪاليبئنگن جي گهٽيءَ کي پائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي هئي. توڙي جو شهر ٽي چار ڀيرا ڊهيو ۽ ٺهيو هو. وڏيءَ گهٽيءَ جي سامهون گهرَ جي عالم پناه سان گڏ هلندڙ سوڙهو ٿلهو گهرجي ورانڊي طور ڪم ايندو هو. هر گهر سان گڏ اڱڻ ضرور هوندو هو. جنهن جي چوڌاري گهر جون ڪوٺيون ٺهيل هونديون هيون. لال جي چوڻ مطابق رنڌڻو به اڱڻ جي هڪ ڪنڊ ۾ هوندو هو، جيڪو ڍڪيل هوندو هو. چوپائي مال جون آهريون به اڱڻ واري ڀت سان گڏ ٺهيل هونديون هيون، جن وسيلي کيرولي جانورن کي گاه چارو ڏنو ويندو هو. لوٿل وارن ماڻهن جي بازارِ واري گهٽيءَ جي ننڍن گهرن ۾ وڏو گڏيل اڱڻ ڪونه هوندو هو. پر وڏن گهرن کي اهڙيون سهوليتون مليل هيون. ڪاليبئنگن جي گهرن ۾ پاڻي ڀرڻ جي سهولت لاءِ پڪا کوهه موجود هئا. هتان جي گهرن جا فرش ڪچا يا ڪچين سرن جا هئا. ڪن گهرن اندر بوهڻ ٿيل ٽڪريون به فرش طور ڪم آنديون ويون ۽ ڪٿي ڪٿي وچ ۾ ڪوئلو به ڏنو ويو آهي. چيو ويندو آهي ته ڪوئلو ڪلر کي مٿي اچڻ کان روڪيندو آهي. هن ۾ ٻي خاصيت اها به هوندي آهي ته هن جي استعمال سان اڏوهي ڪانه ٿيندي آهي. لوٿل ۾ بوهڻ ٿيل ٺڪرين کي رستي کي پڪي ڪرڻ ۾ گهرجي فرشبندي ۾ به استعمال ڪيو ويندو هو. ڪاليبئنگن ۾ فرش جو هڪ ناياب مثال موجود آهي ته هڪ گهر جي فرش ۾ ٺڪر جون ٽائيلس (Tiles) ڪم آنديون ويون آهن جن تي نقش و نگار جا ٺپا لڳل آهن. يعني اهو چٽ ٺپيل ڏسجي ٿو.

شهري سهوليتون: (Cites amenities)

ڪاليبئنگن پنهنجي شهرين کي ڪني پاڻي جي ڊگهي ڪسي ٺاهي ڏيڻ جي سهوليت فراهم ڪري ڪونه ٿي سگهيو. پر لوٿل جي ماڻهن کي اهڙيون سهولتون ضرور مليل هيون. هتي هر گهر ڪني پاڻيءَ جي نيڪال جو پاڻ بندوبست ڪندو هو. گهر ٻاهران ٺڪر جو وڏو ٿانءُ يا ڪونر اڌ تائين زمين ۾ پوريل هوندو هو ۽ گهر وچان هڪ پڪسري نالي وسيلي ڪونه ڪو پاڻي نڪري اچي ان ڪونر ۾ پوندو هو. هي طريقو پوئين مرحلي دوران لوٿل ۾ ڪم آندو ويو هو. ڪاليبئنگن جي گهرن جي اڱڻ ۾ به ڪونر هٿ لڳا آهن، جن جو هيٺيون پاسو ڌرتيءَ ۾ پوريل آهي. ماهرن جو خيال آهي ته گهر ڌڻي انهن ۾ پنهنجي چوپائي مال کي پاڻي پياريندا هوندا. لوٿل ۾ به اهڙا اڌ پوريل ڇهه ڪونر لڌا آهن، جيڪي پڪ سري فرشبندي ٿيل انهن جڳهن ۾ آهن، جتي ٽامي جا ڪاريگر وڃي ٽامي مان اوزار ٺاهيندا ۽ ڳهه جوڙيندا هئا. ٽامي جي ڪاريگرن کي اهي ڪونر اهڙو ڪم ڏيندا هئا، جهڙو موجوده دؤر ۾ سونارن کي ڏيندا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪاليبئنگن مان پسڪرا کوهه به لڌا آهن. ساڳيءَ ريت لوٿل مان به ٻه پڪسرا کوهه لڌا ويا آهن، جن مان هڪ حڪمران جي گهر جي ڀرسان آهي، جڏهن ته ٻيو گدام (ware house) ڀرسان کوٽي ظاهر ڪيو ويو. ان کان سواءِ ٻه کوهه ٻاهر زمين مان به هٿ لڳا آهن. پر پڪين سرن جي چورن انهن کوهن جي هڪ سر به ڪانه ڇڏي آهي.

سماجي طبقا (Social class)

لال جو بيان آهي ته هر گهر کي آڳ- پوڄا لاءِ پنهنجي الڳ اڏاوت موجود هئي، جنهن ۾ هڪ مرڪزي رستو (Stela) ٺاهيل هوندو هو. گهرن ٻاهران عوامي آڳ- پوڄا جي جڳهه هوندي هئي. سيٽاڊيل جي ٻاهران هيٺئين شهر جي اوڀر پاسي 80 ميٽر جو هڪ کليو پٽ هو، جيڪو آڳ- پوڄا لاءِ مخصوص هو. ڪاليبئنگن جي KLB-3 واري حصي ۾ هڪ ڪمرو آهي، جنهن اندر آڳ- پوڄا جا چار قربانگاه ٺهيل ڏسجن ٿا. هن ڪمري جو ڪجهه حصو درياه پائي ويو آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته گهٽ درجي جي ٺهيل عمارتن اندر اگني- ديوتا جي پوڄا عام خلق ڪندي هئي. جڏهن ته سيٽاڊيل جي حدن اندر ٺهيل عاليشان عمارت اندر راجا، راڻا ۽ راوَت اهڙي ڌرمي رسم ادا ڪندا هوندا. پر ان کان ٻاهر ٺهيل اهڙين جڳهن ۾ عام ماڻهو پوڄا ڪندا هئا. سيٽاڊيل جي اتر پاسي همچورس دڙي واري جڳهه ۾ پروهت رهندا هوندا، جيڪي ڏکڻ واري همچورس دڙي واري جڳهه ڏانهن وڃي آڳ- پوڄا جي اڳواڻي ڪندا هوندا. هيٺئين شهر ۾ هاري ناري ۽ هٽ واڻيو رهندو هوندو. ان کان سواءِ هيٺئن شهر جي ڏکڻ پاسي به ڪنهن وسنديءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا، جنهن جي چوڌاري ڪوٽ جهڙي اڏاوت ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. چيو وڃي ٿو ته اها ڪمين ۽ ڪاسبين جي وستي آهي، جنهن جي کوٽائي ڪانه ٿي سگهي آهي. پر اهڙو يقين فقط تڏهن ڪري سگهجي ٿو، جڏهن کوٽائي کان پوءِ ڪا ثقافتي لاڌ ملي وڃي.

ٻي ثقافتي لاڌ (Finding)

ڪاليبئنگن دؤر - II (Period-II) جو ٿانءُ رَءِ پڪل ۽ سٺو ڏسجي ٿو. هن ٿانءُ جو وڙ ۽ گهاڙ سنڌو- تهذيب جي عروج واري ٿانءُ جهڙو ڏسجي ٿو. پر هتان کاڌي جو هڪ خاص پيالو هٿ لڳو آهي، جنهن جي ڪناري تي ڳئون جي منڍيءَ جي تصوير ڏسجي ٿي. هن کان سواءِ ٺڪر جو انساني سر مليو آهي، جنهن جون اکيون ۽ چپ نمايان ڏسجي رهيا آهن (پليٽ XIV). هتان ڪاليبئنگن مان هڪ اهڙي سنڌو لکت جي مهر هٿ لڳي آهي، جهڙي موهن جي دڙي ۾ به موجود آهي. اهڙيءَ ريت هڪ ڊگهي مهر لڌي آهي، جنهن تي چيتي جهڙو انسان (Tiger-man) ترشول (trident) جهڙي پڳ پائي تيز نظرن سان ڏسجي رهيو آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته ڄڻ اهو ڪو ويڙهه جو منظر آهي. هتان ٽامي جي هڪ ننڍي ڍڳي جي مورتي ملي آهي، جنهن مان معلوم ٿي رهيو آهي، ته اهو بِرُ ٿيو بيٺو آهي ۽ ويڙهه لاءِ اُکلون هڻي رهيو آهي. هي ڌاتوءَ جي ڪاريگري جو هڪ بي مثال نمونو آهي.  پر جڏهن گهگهر سڪي ويو ته سکيا ستابا شهر سُڃَ ۽ ويءَ ۽ ولهار بُٺ بڻجي ويا. ڳوٺ ۽ وسنديون ويران اجڙي ڀينگ ٿي ويون. ساڳيءَ ريت ڪاليبئنگن جا ماڻهو به پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڪاڏهون جو ڪاڏي ڪک پن ٿي ويا ۽ ڀريو تريو شهر ڀينگ ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويو. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته هتان جي ماڻهن جمنا ۽ گنگا ۽ انهن جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جا ڪنارا وڃي وسايا آهن. اهو به معلوم  ٿيو آهي ته گنگا ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ شاخن 1750 ق. م ڌاران سَرِ اوڀر جو رخ ڪيو آهي. اها به اتفاق جي ڳالهه آهي جو ڪاليبئنگن  جو سکيو ستابو شهر به هن سمي ڌاران خالي ٿيندو ڏسجي ٿو. تنهن ڪري اهو سمجهڻ ضروري ڪونه آهي، ته سنڌو تهذيب جو زوال ٻاهرين ڪري ٿيو آهي. اهو به نه سمجهيو وڃي ته پاڻي جي بار بار وڏي چاڙهه سنڌو- تهذيب جا شهر ۽ ڳوٺ ناس ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري هن تهذيب کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو. هن ناتي اگروال جو نقطه نظر صحيح آهي ته ڪاليبئنگن سرسوتي جي وڏي چاڙهه ڪري نه، پر ان جي سڪي وڃڻ ڪري تباهه ٿي ويو هو. ساڳيءَ ريت سابر متيءَ جهڙو وڏو وهڪرو به لوٿل کان گهڻو پري هٽي ويو هو. ٿي سگهي ٿو ته ان جو ڪارڻ پاڻيءَ جو ڪو وڏو چاڙهه هجي، يا ڌرتيءَ جي ڌڏڻ ڪري اهڙو واقعو پيش آيو هجي. تنهن لاءِ ته ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي.

مختلف دورن جو وچور (Chronology)

جيتريقدر ڪاليبئنگن جي حتمي دورن جو تعلق آهي ته دور-I (Period-I) سان لاڳاپيل نَوَ مثال هٿ لڳا آهن. جڏهن ته چوويهن جو تعلق دؤر -II (Period-II) سان ڏسجي ٿو. انهن ٻنهي دورن جو ريڊيو ڪاربان وسيلي تعين ڪيو ويو آهي. اهڙي دؤر -1 (Period-I) جو دائرو 2450 کان 1900 ق. م بيهي ٿو. پر دؤر - II (Period-II) جو پوئين مرحلي جو دؤر گهڻو پوئتي ڏسجي ٿو، جيڪو صحيح ڪونه آهي، جنهن جو ڪارڻ اهو آهي ته ان تهه واري مٽي بيڪار آهي، جتي گند ڪچرو به موجود نظر آيو هو. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته سنڌو- تهذيب جي ماڻهن هن دڙي جي وار 2300 کان 1750 ق. م تائين ڪئي هئي. پر (MACA) وسيلي اهڙين غلطين جي اصلاح ڪري سگهجي ٿي.

بنا والي: (Banawali)

بنا والي (ونا والي) نالي وارو ماڳ ڪاليبئنگن کان اوڀر پاسي واقع آهي، جيڪو سنڌو تهذيب جو نهايت اهم شهر آهي. هن حقيقت مان چڱيءَ ريت معلوم ٿي سگهي ٿو ته هن تهذيب جا ماڻهو اوڀر ڏانهن هجرت ڪري رهيا هئا. هي قديم ماڳ هاڪڙا بان (Hakra ban) جي اتر واري ڪٺار سان واقع آهي. هن پيٽ مان ڪڏهن سرسوتي وهندي هئي، جيڪا بعد ۾ سڪي وئي هئي (سرسوتي) جو ويدن ۾ تمام گهڻو ذڪر ملي ٿو. اهو وهڪرو موجوده دؤر جي پنجاب مان وهندو هو. هن جي کوٽائي آر. ايس. بشٽ (R. S. Bisht) ڪئي هئي. هيءَ هڪ ننڍڙي وسندي آهي، جنهن ۾ ٽي ثقافتي دؤر نظر اچن ٿا. کوٽائي ڪرڻ واري ماهر هن دؤر -1  (Period-I) کي آڳاٽو دؤر (Pre Indus) سڏيو آهي. جيڪو ڪاليبئنگن جي دور-1 (Period-I) جو سهيوڳي آهي، جيڪو پڻ آڳاٽو دؤر (Pre Indus) آهي. سندس خيال آهي ته ان جو دؤر 2500 کان 2200 ق.م آهي. هتي هڪ ٻه ميٽر ويڪرو پڪسرو رستو ڏسجي ٿو، جيڪو سنڌو تهذيب جي دؤر واري اڏيل ڪوٽ اندر داخل ٿئي ٿو ۽ پروهتن جي گهرن تائين پهچي ٿو، جيڪي هڪ لاڳيتي تعمير جي شڪل ۾ آهن. پر چيو وڃي ٿو ته اهي پروهتن جا گهر نه، پر هڪ ورڪشاپ آهي، جتي ڌاتو جا ڪاريگر رهندا هئا. دؤر - II (Period-II) سنڌو- تهذيب جي دؤر جي نمائندگي ڪري ٿو. کوٽائي ڪرڻ واري ماهر هن لاءِ سنڌو تهذيب جي ترقي يافته دؤر (Mature Indus Culture) جا لفظ ڪم آندا آهن، جنهن جو 2200 کان 1700 ق. م جو دؤر سمجهيو وڃي ٿو (10) هن جي آخري دور- III (Period-III) واري تهه تان بارا (Bara) جا ٿانءُ هٿ لڳا آهن. جنهن جو دؤر 1700-1500 يا 1450 ق. م چئي سگهجي ٿو. واءِ. ڊي. شرما جو خيال آهي ته بارا (Bara) جو آڳاٽي دؤر (Pre Indus) سان تعلق آهي. ليڪن بنا والي جي آڳاٽي دؤر واري (Pre Indus) ثقافت ڪاليبئنگن-1 جي ٿانءُ  سان هڪ جهڙائي رکي ٿي. پر هڪ جهڙائي رکڻ واريون ٻيون به گهڻيون ڳالهيون آهن. مگر اهو ماڳ ٽامي جي ڪاريگريءَ ۾ پوئتي هو. هي دور-II (Period-II) اهڙو آهي، جتي آڳاٽي دؤر (Pre Indus) ۾ سنڌو تهذيب جون ثقافتي شيون گڏ ڏسجن ٿيون. ساڳيءَ ريت هتي پوئين دؤر (late Indus) جو ٿانءُ به مليو آهي. هتي آڳاٽي دؤر (Pre Indus) جو ٿانءُ يڪو هلندو (Period-II) تائين پهچي ٿو جيڪا نهايت اهم ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته هتي ٻنهي ثقافتن جو پراڻو سنگم ڏسجي ٿو. پر ڪاليبئنگن ۾ ائين ڪونه ٿو ڏسجي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته سنڌو تهذيب جي ماڻهن جي اچڻ کان پوءِ ڪجهه وقت تائين موجود ڪونه ٿا ڏسڻ ۾ اچن. هن وسنديءَ کي سنڌو- تهذيب واري دؤر ۾ ويڪرو ڪوٽ ڦيريل ڏسجي ٿو جنهن جي ويڪر 540 کان 750 ميٽر آهي، شهر جي ڏکڻ- اولهه پاسي کي هڪ ويڪري ڀت ڏئي الڳ ڪيو ويو آهي، جيڪو سيٽاڊيل يا ائڪرو بولس معلوم ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو حصو هيٺيون شهر (Lower Town) کان ڇني ڌار ڪيو ويو ٿو ڏسجي (پليٽ XCII) جيڪو اتر ۽ اوڀر پاسي موجود آهي. قلعي اندر وڃڻ لاءِ ٻه رستا هئا، جن جا مٿيان پاسا ٿورو مٿي۽ پاسي وارا حصا ڪجهه هيٺ هئا. ان ۾ ڪتب آندل سرون 10.5 سينٽي ميٽر ماپ جون آهن. اهڙين سرن جي هر هڪ بار جو هيٺيون پاسو پنج سينٽي ميٽر هيٺ رکيو ويو آهي. اهڙي ريت هر ڏهه سينٽي ميٽر اوچائي کان پوءِ اهو فرق رکيو ويو ٿو ڏسجي. عام طور تي سر جي  ٿولهه کي ڪم آندو ويو آهي. سيٽاڊيل کي الڳ ڪرڻ واريءَ ڀت سان گڏ ٻه رستا هئا، جن مان هڪ 5.5 يا 5.6 ميٽر ويڪرو. جڏهن ته ٻيو 9.1 ميٽر ويڪرو ڏسجي ٿو. بنا والي ۾ هڪ اهڙو اگني ديوتا جو قربانگاه هو جهڙو ڪاليبئنگن ۾ موجود آهي. بنا والي جي هيٺئين شهر ۾ 46X52 ميٽر ويڪرو گهر

موهن جي دڙي ۽ بنا والي ۾ گهرن جا نمونا


 

موجود ڏسجي ٿو، جنهن ۾ يارهن ڪمرا آهن. اهڙي اڏاوت لوٿل ۾ به هٿ لڳي آهي. پر ان جو نقشو مختلف آهي، جنهن کي مڻين جي ٺاهڻ جو ڪارخانو سڏيو ويو آهي. پوڄا وارو ڪمرو ٻين کان مٿڀرو آهي، جيڪو ٿلهي تي ٺاهيو ويو آهي. پوڄا واري جاءِ ۾ ٿورو وڪڙ ڏسجي ٿو، جيڪا مذڪوره ڪمري جي سامهون آهي. هن جڳهه ۾ پنج تجرون (voults) هيون، جن ۾ روشني جو بندوبست ڪونه هوندو هو، جن کي ماهرن (blend vaults) جو نالو ڏنو آهي (خاڪو-12) اهڙيءَ ريت (drain gate) ڀرسان هڪ گهر جي ٻنهي پاسن کان ٻه رستا هوندا هئا، جنهن کي گهڻا ڪمرا هئا. ممڪن آهي منجهس صفو به هجي، کيس هڪ راهداري هڪ وڏو ڪمرو به هو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ٿانءُ  جو هيٺيون پاسو پوريل هو. هڪ رهڻ وارو ڪمرو به هو، جنهن جي پڪسري فرشبندي ٿيل هئي. هڪ ڪمرو پوڄا لاءِ مخصوص هو، جنهن ۾ باهه ٻارڻ جي جڳهه به موجود هئي. کوٽائي کان پوءِ هڪ رڌڻو به هٿ لڳو آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي چلهيون ٺهيل آهن، جيڪي هيٺ ڌرتي بدران مٿي ٺهيل آهن. ڪجهه چلهيون هيٺ ڌرتيءَ ۾ به ڏٺيون ويون آهن. هڪ ڪمري ۾ (Toilet-wash-basin) آهي جنهن جو پاڻي پڪيءَ ناليءَ وسيلي نڪري وڃي ٻاهر گهٽيءَ ۾ ان ڪونر ۾ پوي ٿو، جنهن جو هيٺيون پاسو پوريل آهي. هتان هڪ مهر به لڌي آهي، جنهن تي تصوير ڏسجي ٿي. ان کان سواءِ هن گهر مان ٻيون مهرون، سونا مڻيا، لاجوَرد (Lapis) پٿر ۽ ٻيون شيون به هٿ لڳيون آهن. ان ڪري سمجهي سگهجي ٿو ته اهو گهر ڪنهن واپاريءَ جو هو. هن قسم جي گهر کي ڏسي لوٿل جي واپاريءَ جو پڻ گهر ياد اچي وڃي ٿو،  جيڪو مان هيٺئين شهر جي “Bazar street” ۾ واقع هو، جتان سون جا ڳهه، مهرون ۽ ٻاهران گهرايل ٺڪر جا ٿانءُ مڻيا ۽ ٽامي جون چوڙيون هٿ لڳيون هيون. پر ٻنهي ۾ فرق رڳو اهو هو ته بنا والي ۾ صفائي سٺائي جو ڪو انتظام ڪونه هوندو هو. کوٽائي ڪرڻ واري ماهر جو بيان آهي، ته شهر جي انتظاميه طرفان صفائيءَ جو ڪوبه بندوبست ڪونه هو. پر گهر جو مالڪ ڪني پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ پاڻ اپاءُ ڪندو هو. ماڻهن کي تاڪيد ڪيو ويندو هو ته گهر جو ٻوهر گند ڪچرو ڪنهن خاص جڳهه تي وڃي ڦٽو ڪري اچن. ان کان سواءِ ڌوءَ ڌٻوءَ ۽ هار وير جي پاڻي کي گهرن کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ پڪي نالي ۽ ڪني پاڻي واري ٺڪر- ٿانءُ جو بندوبست به پاڻ ڪن. جنهن جو هيٺيون پاسو هيٺ ڌرتي ۾ پوريل هوندو هو. پر سنڌو- تهذيب جي وڏي شهر لوٿل ۽ ننڍي شهر رنگپور ۾ ائين ڪونه هوندو هو. انهن ٻنهي ماڳن ۾ ڪني پاڻي جي نيڪال لاءِ زيرِ زمين ۽ زمين مٿان واريون پڪسريون ڪسيون ٺهيل هيون. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته پوئين دؤر (late Indus) واري دؤر ۾ به عام ماڻهن جي صفائي جو معيار ڪِري چڪو هو. بناوالي جي وسنديءَ جي حالتن مان به محسوس ٿي رهيو آهي ته رهڻ جي معيار ۾ زوال اچي ويو هو. توڙي جو اتان جا ڪي رهواسي دولتمند هئا. تنهن جي معنيٰ انتظاميه هٿ تي هٿ ڏئي ماٺ ڪيو ويٺي هوندي هئي. بنا والي جي سيٽاڊيل وارو علائقو به نمايان نظر ڪونه ٿو اچي. اهڙيءَ ڳالهه مان به محسوس ڪجي ٿو ته منتظم جي به عزت ڪانه ڪئي ويندي هئي. لوٿل جو به ساڳيو حال ڏسجي ٿو. ائڪرو پولس (Acropolis) حڪمران کان خالي ٿي وئي هئي، جتي هڏاڙن اچي ديرو دمايو هو ۽ هڏن مان شيون ٺاهي پيا پيٽ گذر ڪندا هئا. کين ڪير به چوڻ وارو ڪونه هو، ته هنن حڪمرانن جي جاءِ ڇو اچي ولاري آهي. اهو لوٿل جو Phase IV)) هو. بنا والي جي کوٽائي ڪرڻ واري ماهرجو چوڻ آهي، ته هن وسنديءَ ۾ سنڌو- تهذيب جو آخري وقت يعني 1700 ق. م تائين ڪنهن به قسم جو زوال ڪونه آيو هو (11). اچرج جي ڳالهه اها آهي ته هريانا (پنجاب) واري علائقي ۾ بنا والي کان سواءِ سنڌو- تهذيب جي ٻين سٺ ستر ماڳن اندر تهذيبي زوال اچي چڪو هو. هنن ماڳن جي صفا مٿين تهن تي موجود ثقافتي شين جي چڱي ريت تحقيق ڪبي ته سنڌو تهذيب ۽ ((late Indus جي ثقافتي شين ۾ موجود فرق کي سمجهي سگهجي ٿو. جيتري قدر ((Pre Indus جي ٺڪر واري ٿانو جو تعلق آهي ته ڪاليبئنگن- 1 جو ٿانءُ 1700 ق. م تائين ڪم ايندو نظر اچي ٿو، جنهن کي پوئين دؤر (late Indus) وارو دؤر سڏي سگهجي ٿو. مگر اهو پتو ڪونه ٿو پوي ته اهڙن ٿانءُ  جو تعداد ڪيترو هو. پر جيڪڏهن انهن ٿانءُ  جو تعداد گهڻو آهي، ته اها اچرج جهڙي ڳالهه هوندي. ڇاڪاڻ ته ٻين ماڳن تي ٿوري عرصي گذري وڃڻ کان پوءِ آڳاٽي دؤر (pre Indus) وارو ٿانءُ ختم ٿي ويو هو. دور-III (Period-III) هن دؤر ۾ اهو ٿانءُ ڏسجي ٿو جنهن کي ماهرن پيالي ٿانُ (Bar ware) جو نالو ڏنو آهي. شرما، بارا ۽ روپڙ جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪرڻ وقت (Pre Indus Bare Ware) ۽ شروعاتي دؤر واري، آڳاٽي دؤر واري ٿانءُ ۽ بنيادي ٿانءُ (late Indus bara ware) ۾ فرق ڏيکاريو هو. بشت ته ڪنهن به قسم جو فرق ڪونه ٿو ڏيکاري هُو چوي ٿو ته بارا جو ٿانءُ 1700 کان 1500 ق. م تائين هليو هو. اهڙيءَ ريت بناوالي- بارا ٿانءُ، سانگهول، دولاپور، چنديڳڙهه، ڀڳوانپور، ڍاڍيري ۽ ٻين ماڳن تان به هٿ لڳو آهي. اهو به معلوم ٿي رهيو آهي ته بنا والي سنڌو تهذيب کان آڳاٽو دؤر (pre Indus) ڏاڍو سکيو ستابو شهر هو. ان کان پوءِ سنڌو تهذيب جا ماڻهو قلعي ٻاهران اچي ويٺا، جيڪي سنڌو تهذيب وارا ٿانءُ ٺاهيندا هئا ۽ گهرو استعمال لاءِ ماڻهن کي ٺڪرن ۽ پٿرن جا بوهڻ ڏيندا هئا.

هريانا  (Haryana)

سورج ڀان هريانا جي سرسوتي، درشدوتي، سبي ((Sabi ۽ يمونا (جمنا) جي ماٿرين جي هڪ منظم طريقي سان سروي ڪئي هئي، جنهن دوران کيس (Pre Indus)، سنڌو تهذيب جي عروج ۽ ان جي زوال واري زماني يعني (late Indus) سان لاڳاپيل ڪيترائي ماڳ دريافت ٿيا هئا. اهڙيءَ ريت 44 ماڳن جو تعلق سنڌو تهذيب جي عروج واري دؤر سان آهي، جڏهن ته 297 ماڳ سنڌو تهذيب کان آڳاٽي (late Indus) سان لاڳاپيل آهن (جنهن ۾ ميٽاٿل II-B پڻ آهي). کوٽائي ڪرڻ واري ماهرجي خيال مطابق کيس هيٺ بيان ڪيل مختلف ثقافتون نظر آيون هيون:

(1)  قديم سيسوال ثقافت  ((Early siswal culture

(2) سنڌو تهذيب Mature Indus culture))

(3) سيسوال ثقافت پويون دؤر (late siswal culture)

(4) ميٽاٿل II-B واري ثقافت (Mathathat culture)

(5)  سيسوال جي بگڙيل ثقافت Degenerate siswal culture))

(6) چٽساليءَ واري چانهين رنگ جي ٿانءُ  واري ثقافت

 

سيسوال ۽ ميٽاٿل جي مختصر کوٽائي ۽ کوجنا وسيلي هريانا علائقي جي مختلف ماڳن جي عهدن جي درجابندي هن ريت ڪئي وئي آهي:

1.   قديم سيسوال Period-I

2.  سنڌو تهذيب Period-II

(الف) سنڌو-تهذيب جي عروج وارو دؤر

(ب) ميٽاٿل II-B سيسوال جي پکڙيل ثقافت

3. چٽساليءَ واري چانهين رنگ جي ٿانءُ واري ثقافت وارو دور-II

(الف) ڀڳوانپور I-B (early PGW phase)

(ب) هستيناپور - II  (Middle PGW phase)

(ج) چٽساليءَ وارو چانهين رنگ وارو ٿانءُ (PGW) يا MBP دور

سيسوال جو قديم ماڳ هريانا جي ضلعي حصار ۾ موجود آهي.

مختصر کوجنا ۽ کوٽائي کان پوءِ قديم سيسوال ثقافت (Early siswal culture) جي دريافت ٿي هئي، جيڪا آڳاٽي سنڌو تهذيب کان پهريان واري دؤر (Pre Indus) دؤر جي نمائندگي ڪري ٿي. هتي ٻين ٿانءُ  سان گڏ ٻه رنگا ٿانءُ به هٿ لڳا هئا، جن جو واسطو ڪاليبئنگن- 1 سان هو. پر اهي ٿانءُ سيسوال جي پوئين ثقافتي دؤر (late siswal) ۾ موجود نظر ڪونه آيا. هريانا جي اهم ثقافتي مرڪزن اندر سنڌو- ثقافت جون شيون اهڙيون نظر آيون، جهڙيون سنڌو ثقافت جون هونديون آهن. پر هتي سنڌو- تهذيب جون مهرون هٿ ڪونه لڳيون آهن. هڪ مهر راکي شاهپور (Rakhi Shahpur) مان لڌي آهي، جنهن کي راکي گاڌي به سڏيو ويندو آهي. هريانا جي هڪ اهم ماڳ مان هڪ ڊگهي طرز جي مهر لڌي آهي، جنهن ۾ جانور سان نظر ايندڙ لکت جون نشانيون ڪجهه ٽيڏيون (Curvilinear) ٿيون ڏسجن. معلوم ائين ٿي رهيو هو ته سندس واسطو پوئين دؤر سان آهي. ميٽاٿل وارو ماڳ ڀيواني (bhiwani) ضلعي ۾ واقع آهي، جيڪو آڳاٽي دؤر (Pre Indus) جو مشهور ماڳ آهي. هن جو دور- I آڳاٽي سنڌو دؤر Pre-Indus) جو سهيوڳي آهي. ان کان پوءِ هتي دور- II (Period-II) ۾ سنڌو- تهذيب جون ثقافتي شيون ڪونه ٿيون ڏسجن، جنهن کي II-A ۽ II-B جي ٻن دورن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. ميٽاٿل II-A سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر سان واسطو رکي ٿو. هن زماني دوران به هتي آڳاٽي سنڌو دؤر (Pre Indus) جا ٿانءُ به نظر اچن ٿا. ميٽاٿل II-B وارو دؤر (late Indus) جو سهيوڳي آهي. هن دؤر ۾ پڙڳي تري سان ڦيلهي، مٽ، ڪوناريون ڏسجن ٿيون، جن جي وڙ ۽ گهاڙ ۾ ٿوري ڦيرڦار ڪيل ٿي ڏسجي. اهڙي ڦيرگهير لوٿل- B ۽ رنگپور II-B ۽ II-C واري ٿانءُ ۾ به ڏسجي ٿي. ٺڪر جي گهاڙ ۽ ٻاهرين سٺائي صفائي ۽ چٽسالي ۾ هنر ۽ ڪاريگريءَ جو زوال ڏسجي ٿو. کوٽائي ڪرڻ واري ماهر جو چوڻ آهي، ته پويون دؤر (late Indus) وارو دؤر چٽو ۽ سڃاپرو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي سنڌو- تهذيب ۽ پوئين دؤر (late Indus) جا ٿانءُ گڏ رکيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جي ڪٿي گهڻا ته ڪٿي ٿورا آهن. اهڙيءَ ريت هنن ٻن دورن جا ٿانءُ ميٽاٿل II-B جي تهه تي به گڏ ڏسڻ ۾ آيا آهن. جتي پوئين دؤر (late Indus) جو اصطلاح ڪم آندو ويو آهي. کوٽائي ڪرڻ واري ماهر اها نڇوندي ڪري اهو ڪونه ٻڌايو آهي ته ٻنهي مان ڪهڙي دؤر جا گهٽ ۽ ڪهڙي دؤر جا وڌيڪ هئا. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته پوئين دؤر (late Indus) جي ٿانءُ  کي گهٽ ثقافتي اهميت حاصل آهي. جڏهن ته دورن جي تفصيل ۾ پوئين دؤر (Late Indus) ميٽاٿل II-B سڏي سگهجي ٿو. اهڙين حقيقن مان واضح ائين ٿي رهيو آهي ته هريانا جي ڪنجهيءَ دؤر سان لاڳاپيل ڪن ماڳن اندر پوئين دؤر late Indus)) جا ٿانءُ (late iswal) کان گهڻا ڏسڻ ۾ آيا آهن. مناسب ائين لڳي رهيو آهي، ته جتي پوئين دؤر (late Indus) جي ٿانءُ  ۾ وڙ گهاڙ ۽ چٽسالي جي لحاظ کان گهڻي تبديلي اچي وئي آهي، ته انهن ٿانءُ  کيlate Indus) ) دؤر ڏانهن منسوب ڪرڻ نه گهرجي.

پوئين دؤر جا ٻيا ماڳ

هريانا جي ضلعي ڪورو ڪشيٽرا (Kurukshetra) جي پوئين دؤر (late Indus) جي ماڳن جهڙوڪ: دولاپور، مرزاپور ۽ ڀڳوانپور- 1 جي ميٽاٿيل جي II-B سان ساڳيائپ ڏسجي ٿي. هنن ماڳن جو ٺڪر وارو ٿانءُ، ٺڪر جون ٻيون ننڍيون شيون، پٿر ۽ فيانس جا مڻيا، ساڳي طرز جا آهن. هتي اهو به معلوم ٿي رهيو آهي ته (Degenerate Siswal) جو ٿانءُ (late siswal) جي ٿانءُ جي نمائندگي ڪري ٿو. ان جو ٿانءُ ڳاڙهو آهي، جيڪو ڳيرڙي رنگ جي چٽسالي وارن ٿانون (ochre colored pattery) جي جاءِ تي ڏسجي رهيو آهي.

سورج ڀان (late siswal) جي 36 ماڳن کي سنڌو تهذيب جي عروج واري دؤر سان واڳيو آهي. جڏهن ته 145 ماڳن لاءِ چوي ٿو ته سندن واسطو پوئين دؤر (late Indus) سان آهي، جن مان 133 ميٽاٿل II-B ۽ 12 (Degenerate siswal) جي دؤر سان لاڳاپيل آهن، جن ۾ ڳيرڙيءَ جي چٽساليءَ وارا ٿانءُ اڳيئي موجود آهن. ڊڪشٽ، اگروال ۽ ٻين ماهرن جو خيال آهي ته پڙڳي تري واري ڦيلهي کان سواءِ ڳيرڙي جي چٽسالي وارن ٿانءُ  جي ميڙاڪي (OCP assemblage) ۾ ڪوبه پوئين دؤر (late Indus) جو ٿانءُ ڪونه آهي. پر سندن اها ڳالهه سڀني OCP ماڳن لاءِ صحيح ڪانه آهي. پنجاب ۽ هريانا جي ٻين ماڳن جي به کوٽائي ٿي چڪي آهي، جن هيءُ ڳالهه ڏاڍي گهرائيءَ سان محسوس ڪئي آهي، ته سنڌو تهذيب جا ماڻهو جيترو به اوڀر ڏانهن وڌيا آهن، اوترو وڌيڪ گمنام ٿيندا ويا آهن.

هلس يا هلاس: (12) Hulas

هي ماڳ سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر (late Indus) سان واسطو رکي ٿو، جيڪو اتر پرديش (پوني) جي ضلعي سهارنپور ۾ موجود (eastern yamuna) جي ڪنڌيءَ سان واقع آهي. هن ماڳ جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪي. اين. ڊڪشٽ جي نگرانيءَ ۾ ٿي هئي. هن جي دڙي جي ماپ 172x350 ميٽر آهي. هتان ثقافتي شيون 5 ميٽرن جي دائري اندر هٿ آيون آهن، جن مان پنجن مختلف دورن جا اهڃاڻ مليا آهن. دور- I (period -I) سنڌو تهذيب جي عروج وارو دور، دور-II (Period-II) چاهين رنگ جو چٽسالي وارو ٿانءُ، دور- III ( Period-III)، اتر جي ڪاري لسي ٿانءُ جو دور، دور-IV (period-IV، ڪشن (Kushana) دور، دور- V (period-V) گپتا دور.

اسان جي تحقيق مان لاڳاپيل دور-1 (Period-I) آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سنڌو تهذيب جي عروج واري دؤر سان لاڳاپيل آهي. حقيقت اها آهي ته سندس واسطو (late Indus) سان آهي. پر ماڳ نهايت اهم آهي. هن تهه تي سنڌو- تهذيب جو مشهور ڳاڙهو ٿانءُ، فيانس ۽ ٽامي جون چوڙيون (Carnelian)، فيانس ۽ (Agate) جا مڻيا، هٿ لڳا آهن. تنهنڪري سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو ته هن ماڳ جو تعلق پوئين دؤر (late Indus) سان آهي. ٺڪر جي ٽڪنڊي ٽڪي هوريان هوريان تبديل ٿيندي بيضوي شڪل اختيار ڪري چڪي هئي، جنهن جو هڪ پاسو نوڪدار شڪل جو هو. هتي بيضوي شڪل جو هڪ گول ٺڪر مليو آهي، جنهن تي چئن چيچن جا نشان آهن. پر هن شهر جي تعمير منصوبه بندي موجب ٿيل نه آهي، نه وري هتي شهر جي صفائي ۽ سٺائي جو انتظام ڏسجي ٿو، جيڪا سنڌو- تهذيب جي شهرن جي خاص خوبي ۽ سڃاڻ هوندي آهي. ان کان سواءِ هتي انگريزي اکر ”S“ جهڙو ٿانءُ به ڪونه ٿو ڏسجي اها ڦيلهي به ڪانه ٿي ڏسجي، جنهن جا ڪنارا گهڻا ٻاهر تي نڪتل هوندا آهن، نه وري ويڪر ۽ پيٽ (Globulae) وارا ٿانءُ ئي ڏسجن ٿا. پڙڳي تري وارا ڦيلهي جا به ڪنا پوئتي وريل ڏسجن ٿا. جڳ (Flask) (گهگهي يا ڪُپي) جهڙو ٿانءُ ۽ تراکڙي تري سان ننڍا ٿانءُ گهڻائي هٿ لڳا آهن. اهڙين ڳالهين ڪري هُلس-1 کي پوئين دؤر (Late Indus) جو سڏي سگهجي ٿو.

ان کان پوءِ واري دؤر جون ثقافتي شيون مينهن واري گهاري مان هٿ لڳيون آهن. جيڪو سنڌو-تهذيب جي عروج واري وسندي ۽ چٽساليءَ واري چاهين رنگ جي ثقافتي ماڳ جي وچ تي آهي، هيءُ ٿانءُ به هن علائقي جي ڳيرڙيءَ سان چٽسالي ڪيل(Ochre Coloured Ware) جهڙو آهي. کوٽائي ڪرڻ واري ماهر جو چوڻ آهي ته هتان جي ٿانءُ ۽ سرسوتي ماٿريءَ جي ٿانءُ ۾ ضرور ڪو تعلق موجود آهي. هنن ٻنهي ماڳن اندر اهي ٿانءُ جن جي تُن پکيءَ جي چهنب جهڙي آهي، سوراخدار ٿانءُ، اسٽيٽفائيٽ جا مڻيا ڪونه آهن ۽ هڪ ڪچسري ٿلهي کان سواءِ ڪا ٻي تعمير به ڪانه آهي.

جيتري قدر هريانا جي هن سنڌو- تهذيب جي وسندي جو تعلق آهي، ته هن ۾ شهر ۽ ڳوٺ جي منصوبي بندي جهڙو نقشو موجود آهي. شهر جي منصوبه بندي وارو نقشو پنجاب ۽ اُتر پرديش ۾ نظر ڪونه ٿو اچي. ٻن دڙن وارا ماڳ هتي نظر ڪونه ٿا اچن، جن مان هڪ سيٽاڊيل ۽ ٻئي جو هيٺئين شهر سان واسطو هجي. عام طور تي اهوبه ڏٺو ويو آهي، ته ستلج ۽ جمنا (yamuna) ماٿرين ۾ شهرن جي تعمير ۾ منصوبندي ڪانه ٿيل آهي. تنهن ڪري هنن ماڳن کي پوئين دؤر (late Indus) دؤر سان ڳنڍي سگهجي ٿو. اها به هڪ حقيقت آهي ته منڊا (ڄمون) سانگهول (پنجاب) هلس ۽ عالمگير پور(يو- پي) ۾ نظر ايندڙ ٺڪر جون فني روايتون سنڌو تهذيب تان ورتل آهن، جنهن کان ڪير به انڪار ڪري نه ٿو سگهي.

 

REFERENCES

1.       Yash Pat et. al (1984) 'Remote Sensing of the Lost Sarasvati River', FIC 491-496

2.      Mishra V.N (1984), et. al.

3.      Sharma Y.D. (1955/56) 'Past Patterns of Living as Unfolded by Excavations at Rupar Lalit Kala vols. 1 and 2: 121-129

4.      Sharma, Y.D. (1982) 'Harappan Complex on the Sutlej (India) in Harappan Civilization (ed.) G.L. Possehl, 141-165

5.      Rao S.R. (1963) et. al 193-203

6.      Lal S.R. (1979) 'Kalibangan and the Indus Civilization' Essays in Indian Proto-History (ed.) Agrawal, D.P. et. al 65-97

7.      Thapar B.K. (1969) et. al

8.      Thapar B.K. (1973) 'New Traits of the Indus Civilization at Kalibangan: An Appraisal' Sixth Asian Archacology (ed) Norman Hammond.

9.      Lal B.B. (1984) Some Reflections on the Structural Remains at Kalibangan, FIC, 55-60

10.  Bisha R.S. (1984) 'Structural Remains and Town-planning of Banawali', FIC, 89-98

     Bsiha R.S. (1987) Further Excavations at Banawali 1983-87, Archaeology and History vol. I (ed) B.M. Pande and B.D. Chattopadhyay. 135-156

11.   Suraj Bhan (1975) Excavatins at Mitarhal and other Explorations in the Sutlej-Yamuna Divide, Kurukshetra, 1-30

12.  Dikshit K.N. (1984) et. al 261-262.

باب پنجون

 

سنڌو شهنشاهت جو چوٿون ڏکڻ وارو صوبو

 

سنڌو- شهنشاهت جو چوٿون صوبو ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي ڏکڻ حصي تي مشتمل هو، جيڪو اڳتي وڌي وڃي ڪم ((Kim جي ڀرتي ڪندڙ وهڪري ڀاڳا تراوَ (Bhagatrav) تائين پهچندو هو، (خاڪو- 13). هن صوبي ۾ سنڌو- تهذيب سان لاڳاپيل 250 ماڳ آهن، جن جو هن تهذيب جي مختلف دورن سان واسطو آهي. هن علائقي جو مشهور ماڳ لوٿل هو، جيڪو هڪ سامونڊي بندر به هو، جنهن جي دريافت هن ڪتاب جي مصنف 1954ع ۽ کوٽائي 1955ع کان 1962ع تائين ڪئي هئي (1) ماڻهن کي اهو ڏسي ضرور اچرج  ٿيندو ته سنڌو- تهذيب جي ماڻهن گنگا- جمنا جي ماٿرين جي سرسبز ۽ سکين ستابن علائقن کي ڇڏي ڪاٺياواڙ واري علائقي کي ٽين سهس ق.م دوران ڇو ترجيح ڏني هئي. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هنن ماڻهن گنگا- جمنا جي دوآبي جي گهڻو پوءِ وڃي والار ڪئي هئي. اهڙيءَ ڳالهه جو ڪارڻ چٽو آهي. قيمتي مڻين سان لاڳاپيل موتي ۽ عاج ڏکڻ طرف کان ايندو هو. هن قسم جي تجارتي مال جي کپت جي سنڌو- تهذيب جي وڏن شهرن ۽ سمير واري علائقي ۾ ڏاڍي هاڪ لڳي پئي هوندي هئي. تنهن ڪري سنڌو- ماٿريءَ جي جهازران واپارين لاءِ ضروري ٿي پيو هو، ته هو پيداواري وسيلن ڀرسان وڃي پنهنجون ڪالونيون جوڙين. اهڙي تيار مال جي رسد ۾ باقاعدگي پيدا ڪرڻ جي مقصد سان لاڳاپيل ڪارخانا وڃي لوٿل جهڙي شهر ۾ قائم ڪيا هئائون. سنڌو تهذيب جي سامونڊي سفر جي ڪوڏين ماڻهن لاءِ ٻي ڪشش گجرات جو کاڌل سامونڊي ڪنارو هو، جنهن سان ندين جي ڇوڙ وٽ مناسب بندر موجود هئا. جيڪي انهن علائقن جي ويجهو هئا، جتي ڪڻڪ ۽ ووڻن جا فصل جام ٿيندا هئا. ان کان سواءِ اهي بندر سابرڪنٿ (sabar kantha) ۽ پنچا مهال (concha mahal) جي گهاٽن ٻيلن جي ويجهو هئا، جن تائين پهچڻ لاءِ ساٻر متي (sabar mati)، ماهي (mahi)، نرمدا (Narmada) ۽ تاپتي (Tapti) درياهن وسيلي پهچڻ ممڪن هو.

ڪاٺياواڙ به سنڌو- تهذيب جو ڪو پوئتي پيل علائقو ڪونه هو، پر هڪ سائو ڍائو علائقو هو، جتي مختلف قسم جا ڪارخانا قائم هئا ۽ ڏور ڏيساور سان واپار هلندو هو. هن علائقي جي ماڻهن ۾ قدرتي آفتن جي ڏاڍ سهڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود هئي. اهڙي قوتِ برداشت موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي ماڻهن ۾ به مس هئي، جيڪي الاهي آفتن کي مڙس ٿي منهن ڏيڻ جي طاقت رکندا هئا. ڪڏهن ٻوڏ ۽ ٻين آفتن کان ماڻهو ڏتڙجي اچي ڪاٺياواڙ ۾ سک جو ساهه کڻندا هئا. تنهنڪري هيءُ علائقو سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر (Post Indus) جي ثقافت لاءِ وڏو آٿت ۽ آڌر بڻجي ويو هو (2).

موجوده دؤر جا گجرات وارا قديم ماڳ طبعي طور مکيه چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهن.جن مان هڪ ڪڇ، ٻيو ڪاٺياواڙ، ٽيون کنڀات کان ممبئي وارو علائقو ۽ چوٿون ماهيءَ ۽ سابر متي ندي جي ڪنارن واري سائي ڍائي جوءِ هو.

ڪڇ وارو رڻ

ٻه ٽي صديون ق. م اڳ سنڌوءَ جي ڇوڙ کان ڪڇ واري ٻيٽ تائين کليو سمنڊ هوندو هو. سرسوتي ۽ لوڻي درياه هن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. لڳ ڀڳ ٻن هزارن سالن تائين اهي درياه پنهنجو لٽ هن تانگهي سمنڊ ۾ اڇليندا رهيا هئا. اهڙيءَ ريت اهو رڻ وارو علائقو بڻجي ويو. پيريپلس آف ايريٿريئن سي (periplus of erythrean sea) جي مصنف جو بيان آهي ته سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ هڪ نار آهي جنهن وچان جهاز راني ڪري ڪانه ٿي سگهجي. هن کي ايرينون (eirinon) جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هن جي مختلف حصن کي جدا جدا نالن سان ڪوٺيو ويندو آهي. ننڍيءَ يا وڏي نار ۾ پاڻي تانگهو هوندو آهي. پاڻيءَ جي مٿاڇري هيٺان ڪانه ڪا ڀِٽَ هوندي آهي. اهڙو سلسلو لڳاتار هوندو آهي. ايترو پري هجبو آهي، جو ڪنارو ڪونه ڏسبو آهي ته به جهاز وڃي تري سان لڳندو آهي. جيڪڏهن جهاز کي اڳتي هاڪارڻ جا جتن ڪبا آهن، ته اهو ڀڄي ناس(3) ٿي پوندو آهي. هن بيان مان معلوم ٿي رهيو آهي، ته پهرين عيسويءَ ۾ ڪوبه جهاز ڪڇ جي رڻ مان گذري ڪونه سگهندو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ اهو رڻ هڪ تانگهو سمنڊ هو. تاريخي ۽ سمنڊ سان لاڳاپيل حقيقتن مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته ڪڇ وارو رڻ سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هو. ڪيترين حقيقتن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته 15 ۽ 14 صدي ق. م دوران ڪڇ ۾ سمنڊ چاڙهه ڪيو هو. اهڙيون ڳالهيون دوارڪا ڀرسان سمنڊ جي کوجنا مان معلوم ٿيون آهن. ڪجهه صدين کان پوءِ اهو پاڻي لهي ويو هو. پر ٻن ٽن عيسوي صدين کانپوءِ وري به سمنڊ ۾ چاڙهه آيو هو. اهڙيون حقيقتون ممبئي ڀرسان موجود ايليفنٽا (Elephanta) نالي ٻيٽ جي سامونڊي کوجنا مان معلوم ٿيون آهن.

ڪڇ

سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه 1819ع تائين ڪڇ علائقي مان وهندي رهي آهي. پر ڌرتي ڌڏڻ ڪري اهو وهڪرو بند ٿي ويو. تاريخ کان اڳ واري دؤر ۾ سرسوتي ناري مان وهي ڪڇ واري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي (خاڪو-3) سنڌو ۽ ڪڇ جي وچ تي کلئي سمنڊ هجڻ ڪري سنڌو- تهذيب جي ماڻهن لاءِ سولو هو ته هو سنڌوءَ يا سرسوتي وسيلي اڳتي وڃي وڏن جهازن وسيلي سمنڊ کان هاڪاري اهم بندر کيراسر (کيرسر) پهچندا هئا. هي لفظ ”Kshirsagara“ جي بگڙيل صورت آهي. ڍول وير به ڪڇ جي اترواري سامونڊي ڪناري سان سنڌو تهذيب جو هڪ بندر هو. سنڌ جا ماڻهو سامونڊي سفر جا ڪوڏيا هئا، جيڪي پنهنجا ٻيڙا هاڪاري ڪڇ جي ڏکڻ واري سامونڊي ڪناري سان واقع نوينال (Navinal) ۽ ٽيڊيو (Tiidio) بندر تائين پهچندا هئا. ٻيٽ دوارڪا، دوارڪا، پوربندر، پراڀس ۽ لوٿل ڪاٺياواڙ جي سامونڊي ڪناري وارا اولهه ۽ اوڀر وارا بندر هوندا هئا. اهابه هڪ حقيقت آهي ته سنڌو- تهذيب جي عروج واري زماني ۾ اتر گجرات جي سامونڊي بندرن جهڙوڪ: راڌڻپور- پالنپور تي هنن ماڻهن جو اثر ڪونه هو. اها به حقيقت آهي ته سنڌو تهذيب جا ماڻهو سامونڊي سفر ڪري اهي بندر وڃي ڀيٽيندا هئا. پر خشڪي وسيلي سفر ڪري ڪاٺياواڙ جي انهن بندرن تائين ڪونه پهچندا هئا. اهڙيون حقيقتون زيکادا (zekhada) ماڳ جي کوٽائي ۽ کوجنا وسيلي معلوم ٿيون آهن. جيڪا ڪڇ جي ”سرڪوٽادا ويجهو هڪ اهم وسندي هئي (4). هي (late Indus) جو هڪ ڳوٺ آهي جتي سنڌو- تهذيب واري دؤر جون ثقافتي شيون ڪونه هٿ لڳيون آهن. هتي سنڌو- تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل ثقافتي شين جي غيرموجودگيءَ مان اها ثابتي ملي وڃي ٿي، ته قديم دؤر سان لاڳاپيل سنڌي ماڻهو ڪڇ جي رڻ وارو ننڍو علائقو به وچان خشڪي وسيلي سفر ڪري ڪونه سگهيا هئا. اهوئي ڪارڻ آهي جو ڪاٺياواڙ کان گجرات ويندڙ اهم خشڪي رستي سان سنڌو تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل ڪي قديم ماڳ ڪونه آهن. واڌ وڻ گيٽ وي (wadhwan gate way) ۽ اتر گجرات جي بناسڪڻٿ (Banasknath) ضلعي وارو علائقو به اهم هو، جتي پڻ هنن پنهنجون وانڍيون ۽ وسنديون ڪونه جوڙيون هيون.

ڪاٺياواڙ

ڪاٺياواڙ ٻيٽ جو مشهور نالو سوراشٽر آهي. هن جا طبعي ٽي حصا آهن. جهڙوڪ: سامونڊي علائقو، ميداني علائقو ۽ روهن ڪوهن واري هيٺ مٿاهين جُوءِ (5). هن جي ڏکڻ ۽ اولهه واري سامونڊي پٽي سان تمرن جي وڻن (mangrove) جون قطارون ۽ وچو واڙي ڀٽون ڏسبيون. ڪٿي ته سامونڊي پاڻي جون کاريون ڍنڍون نظر اچن ٿيون. اتر- اوڀر پاسي به سامونڊي پاڻيءَ جا تلاءَ ۽ ڇرون موجود آهن. اهڙين ڳالهين مان سولائيءَ سان سمجهي سگهبو آهي، ته هي علائقو ڪڏهن سامونڊي پاڻيءَ هيٺ هو. جيڪڏهن اڃا ڏکڻ- اوڀر ڏس ڏانهن اڳتي کنڀات جي نار ڏانهن وڌبو ته پڌر ۽ پوٺن تي سابرمتي ۽ ماهي ندين جو ڇڏيل لٽ ڏسڻ ۾ ايندو. اڃا به جيڪڏهن هن علائقي ۾ ٿورو اندر هلبو ته، سنون سڌن هڪ جهڙن پٽن کان پوءِ روهه ۽ روهڙيون ڏسبيون. ننڍين ٽڪرين وارو هي علائقو خشڪ رڻ پٽ آهي، جيڪو هتان جي سئين ۽ سڌي زمين کي ندين جي پاڻي کان الڳ ڪري ڇڏي ٿو. هي نديون منڍ واري حصي مان نهايت تيز رفتاريءَ سان وهنديون آهن ۽ سامونڊي ڪناري وٽ لٽاشي ميدان مان ڏاڍا ور وڪڙ ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن. ڪاٺياواڙ جو هي اپٻيٿ هڪ لٽاشي پٽي وسيلي خشڪ علائقي سان ڳنڍيل آهي، جنهن ۾ هنڌين ماڳين واريءَ جا ڊها ڏسبا، جيڪي واءُ وسيلي هيڏي هوڏي پيا وڙڪندا آهن. هن لٽاشي پٽي جي اترين ۽ ڏکڻين وٽ لوڻياٺي آهي، وچ واري هيٺاهين ايراضيءَجو ڪجهه حصو نال ((Nal ڍنڍ جي پاڻي هيٺان آهي، جيڪا ڏکڻ ڏانهن وڌندي ويندي آهي، ان کان پوءِ ڀال (Bhal) نالي هڪ ميداني علائقو آهي. سانوڻيءَ جو جڏهن اوهيڙن جي اوڪ ٿيندي آهي، ته پوڳاوو، پادر ۽ سابر متي ۾ موج ۽ مستي اچي ويندي آهي ۽ هن علائقي ۾ وڏو چاڙهه اچي ويندو آهي. کنڀات جي نار وارو اهڙو علائقو آهي، جتي سامونڊي وير جو چاڙهه 10.5 ميٽر هوندو آهي. تنهنڪري کاري Creek)) ۾ مٿي گودي (dockyard) ٺاهڻ ممڪن ٿي پيو هو.

انهيءَ علائقي وارو سامونڊي ڪنارو، خاص ڪري ويراول، پور بندر ۽ دوارڪا ڀرسان ٽڪرائتو آهي، جتي سمنڊ جي وٽ سان ننڍيون وڏيون ٽڪريون موجود آهن. جڏهن ته خشڪي واري پاسي وري هڪ جدا منظر آهي. هتان جو اتر- اولهه وارو پاسو وارياسو رڻ پٽ آهي. جڏهن ته بهلاواڙ وارو اڀرندو ڀاڱو ٿوهر ۽ ٻين بياباني ٻوٽن سان ڇانيل آهي، رڻ وارو ننڍو علائقو لوڻ ۾ سڃو پيو ڀاسبو پر ٿورو اڃا به اڀرندي ڪجهه ساوڪ نظر اچي ٿي. کنڀات جي نار کان نال ڍنڍ تائين سارو علائقو ڪلراٺو آهي. پر سانوڻيءَ جي وسڪارن ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه کان پوءِ هتي ساريون، ووڻ ۽ ڪڻڪ جي پوکي راهي ٿي سگهندي آهي. ڇاڪاڻ ته چاڙهه جو پاڻي مٿاڇري واري لوڻ کي وهائي کڻي ويندو آهي. ڪاٺياواڙ جي وچ واريون ٽڪريون صفا خشڪ آهن. پر ڏکڻ اوڀر گرنار وارين ٽڪرين تي گهاٽا ٻيلا ڏسبا آهن. ساري ننڍي کنڊ ۾ شينهن به هنن ٻيلن ۾ نظر ايندا آهن.


 

 


 

گجرات:

گجرات جا مکيه ٽي حصا آهن جهڙوڪ: سامونڊي پٽي وارو علائقو، ميداني علائقو ۽ اوڀر وارو جابلو علائقو. هن جي سمونڊ واري سوڙهي پٽي ويران ڏسجي ٿي. انهيءَ پٽيءَ سمنڊ ۾ درياهي وهڪرن کي پوکي راهيءَ لائق ڪونه ڇڏيو آهي. اهو الهندو سامونڊي ڪنارو اولهه کان کنڀات جي نار کان وٺي دامن گنگا (damanganga) تائين ڏکڻ تائين هلندو وڃي ٿو. ڪٿي ڪٿي ننڍيون وڏيون ٽڪريون ۽ واريءَ جا ڊها آهن، جن کي واءُ پئي ٺاهيندي ۽ ڊاهيندي آهي. پوکي راهيءَ وارن پٽن ۽ پوٺن تي هر سال ميشو، ماهي ۽ نرمدا نديون نئون لٽ وجهي نئين سگهه ڏينديون آهن. هي علائقو سامونڊي وير جي ڏهاڙي واري ڏچي کان گهڻو ڏور آهي. ڪانتياجل (kantiajal) ۽ هاجيرا (Hajira) ڀرسان قديم بندر هوندا هئا جن جو واسطو سنڌو تهذيب جي عروج واري ۽ پوئين زماني (late Indus) سان هو. پر اهي اڄ سوين مڻ مٽيءَ هيٺان دفن آهن. هاڻي نار واري جوءِ ۾ سامونڊي وير فقط 4 ميٽر به مس چڙندي آهي. پيرپلس جي مصنف جو چوڻ آهي ته خطرن جي باوجود ڀڙوچ وارو بندر نهايت اهم هوندو هو. ڇاڪاڻ ته ان جي ڀرسان سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺان ڀٽون، درياهي ڇوڙن آڏو واريءَ ۽ لٽ جا وڏا دڙا ۽ سمنڊ جون ڇتيون لهرون هونديون هيون. جنهن ڪري جهازن کي بندر ڀيٽڻ ۾ ڏاڍيون ڏکيائون ڏسڻيون پونديون هيون. برساتي نئيون ته لٽجي پورجي ويون آهن. پر وير جي پاڻي جي نيڪال لاءِ گهڻو ڪم ڏينديون آهن. ڀڙوچ هڪ لٽاشو وسيع علائقو آهي جيڪو سانوڻيءَ جي وڏڦڙن ڪري ويءَ ۽ ولهار بڻجي ويندو آهي ۽ جاڏي ڪاڏي گاهن جون گلزاريون لڳي وينديون آهن. ماهي نئن جي اتر وارا پٽ ۽ پوٺا مٿي ٿيندا ويندا آهن. انهن کان پوءِ جابلو علائقو شروع ٿي ويندو آهي ۽ منظر به بدلجي ويندو آهي. اهڙيءَ ريت سابر متي نئن جي اولهه پاسي سنوان سڌا پٽ آهن ۽ ننڍيون ننڍيون ٽڪريون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. تنهن ڪري منظر ۾ ڪجهه نواڻ ڏسبي آهي. ان کان ڏکڻ پاسي بناسڪڻٿ ضلعي واري ڪاري زمين اچي ويندي آهي.

اُتر اولهه وارو  جابلو علائقو اراولي (Aravali) پهاڙن جي ننڍڙي شڪل جيان هوندو آهي. ان کان سواءِ هي ٽڪريون سنڌ ۽ گجرات جي ثقافتي حد بندي به ڪنديون آهن. هتان گهڻي ڀاڱي معدنيات ۽ قيمتي پٿر به ملندو هو. اهڙيءَ ريت هتي اهڙو ڪاٺ به ٿيندو آهي، جيڪو ٻيڙين جوڙڻ ۾ ڪم ايندو آهي. هتان جي کاڻين ۾ مڪاني ماڻهو ڪم ڪندو هو. ان کان سواءِ ٻيلن سان لاڳاپيل پيداواري شيون به هي ماڻهو گڏ ڪندو ۽ جوڙيندو هو، جيڪي وري ڪنهن ”ڀلاوڻي“ وسيلي سنڌو- تهذيب جي ماڻهن يعني سنڌو-تهذيب جي واپارين وٽ پهچي وينديون هيون. راجسٿان جي کيتري، گانيسوار ۽ داباري ۾ ٽامي جون کاڻيون هيون، جن ۾ مڪاني ماڻهو ڪم ڪندا هئا ۽ سنڌو-تهذيب جي ماڻهن سان ڪاروهنوار ڪندا هئا. پر انهن جي ثقافت اختيار ڪرڻ کي برو سمجهندا هئا ۽ مزاحمت ڪندا هئا. ساڳيءَ ريت ڏکڻ گجرات جي جابلو جُوءِ ۾ ڀيل رهندا هئا، جيڪي عقيق (agate) (نيم شفاف مختلف رنگن وارو پٿر) جي کاڻين ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ اتان جو قيمتي پٿر سنڌو تهذيب جي ماڻهن کي ڏيندا هئا. پر اهي به سنڌوءَ جي شهري ثقافت کان متاثر ڪونه ٿيا هئا. ان کان پوءِ پوئين دؤر (late Indus) ۾ سنڌو- تهذيب جا ڪاريگر پنهنجون ٺاهيل شيون هنن ڏانهن کڻي ويندا رهندا هئا، جيڪي جابلو علائقي جي وٽ پاسي ۾ ٺهيل وسندين ۾ رهندا هئا. اهڙا ماڻهو اڄ به اهر مالوا، حسن پور ۽ ڪياٿا ۾ موجود آهن.

سنڌو- شهنشاهت جي هن علائقي جا سامونڊي بندر محفوظ هئا. هتان جي ندين ۾ ٻيڙين وسيلي هاڪاري سگهبو هو. تنهن ڪري هتان جي ماڻهن سنڌو- شهنشاهت جي ٻين صوبن جي ماڻهن سان سماجي ۽ تجارتي ناتا جوڙي ورتا هئا. انهيءَ سان گڏ ثقافتي لهه لاڳاپن کي اڳي کان وڌيڪ سگهارو ڪري ڇڏيو هو. هن علائقي جون نيون نيڙ ۽ انهن جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جي وٽين پاسن سان زمين جون سوڙهيون پٽيون هونديون هيون. پر ڀلي ٻنيءَ جي ڪري آباد ۽ گهڻي اپت ڏينديون هيون. لوڻياٺن سامونڊي ڪنارن جا اوسا پاسا ڇڏي باقي ٻيا ساوا ٽڪر ٽوٽا آباد هئا. اونهاري جو ساريون ۽ ووڻ ٿيندا هئا ۽ سياري جو وري ڪڻڪون پوکيون وينديون هيون. اهڙي ريت اناج جي پيداوار ايتري ٿيندي هئي جو هتان جي ماڻهن جي کاڌي خوراڪ جون ضرورتون پوريون ٿي وينديون هيون. ساڳي ريت هتان جي معدني پيداوار وسيلي شهرن ۾ ڌاتوءَ جا ڪارخانا هوندا هئا ۽ اُتان ملندڙ قيمتي پٿر مان مڻيا ٺهندا هئا. ٽڪرين جي لاهوندين واري زمين گهڻي ڀلي ڪانه هوندي هئي. تنهن ڪري اتي جوئر جي پوک ڪئي ويندي هئي. گهاٽا ٻيلا پنچمحل، بنا سنڪٿ، سابر ڪنٿ ۽ دانگس (Dangs) ۾ ٿيندا هئا، جيڪي سنڌو تهذيب جي شهرن جي جاين جڳهن جوڙڻ ۽ ٻيڙين ٺاهڻ جا بهترين ڪاٺ فراهم ڪندا هئا. ڪاٺياواڙ خاص ڪري دوارڪا ۽ پوربندر جي سامونڊي جُوءِ مان سنک (conch-shells) ملندا هئا، جن مان مڻيا ۽ چوڙيون ٺهنديون هيون. ان کان سواءِ هن مان کوکيءَ اُڪير ۾ پيوند ڪاري به ڪئي ويندي هئي ۽ ٻيا  ٿانءُ به ٺهندا هئا. ابتدائي دؤر ۾ لوٿل ۾ ڍول وير ۽ کيراسر ننڍا ڳوٺڙا هوندا هئا، جن ۾ ٿورو گهڻو واپار هلندو هو. اهي ڪجهه عرصي گذرڻ بعد اهم تجارتي مرڪز بڻجي ويا هئا. اهڙيون شيون نه رڳو ڏور ڏيساور موڪليون وينديون هيون، پر ڀروارن ڳوٺن جي طلب پڻ پوري ڪئي ويندي هئي. هنڌين ماڳين سنڌو- تهذيب جا شهر ۽ ڳوٺ آباد ٿي ويا هئا. سامونڊي سفر ڏاڍو اولو هوندو هو. هتان جون نديون ملڪ آباد ڪرڻ ۾ جيتريون سهنجيون هيون، اوترو وري سفر ڪرڻ ۾ خطرناڪ ۽ ڏکيون هيون. ماڻهو به انهن علائقن ۾ جهڳا جوڙي ويٺا هئا، جتي چاڙهه جو پاڻي ڍورا ڍٻا ٻوڙي وڃي پار پوندو هو. ندين جو پيٽ به هوريان هوريان لٽجي پورجي ويندو هو. ان ڪري پاڻي جو ٿورو تعداد خارج ٿي سگهندو هو. جڏهن سانوڻ رت ۾ وڏا وسڪارا ٿيندا هئا ته پاڻي سمنڊ ۾ وهي وڃڻ بدران وڏو چاڙهه ڪري واهڻ وسنديون ڳوٺ شهر ٻوڙي تباهه ڪري وڃي مٿي چڙهندو هو. تنهن ڪري ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي ماڻهن کي اڻيهي چاڙهه جي چنتا رهندي هئي. لوڻي، بناس ۽ سابر متي جي پاڻي (land sat imagery) جي اصول مطابق اندازو ڪيو ويو هو. ان کان سواءِ اهڙي ئي هم خيال (Synoptic) نظرئي مطابق ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي سنڌو- تهذيب جي شهرن ۽ ڳوٺن تي روشني وڌي وئي هئي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڌرتيءَ جي ڌڏڻ ڪري ڪيترين ندين جا رخ بدلجي ويا هئا ۽ هن اپٻيٽ جي مٿاڇري ۾ به تبديليون اچي ويون هيون. سنڌو ۽ سرسوتيءَ جي ڀرتي ڪندڙ درياهن جي رخ تبديل ٿي وڃڻ ڪري سنڌوءَ جي سرسوتي ڇوڙن ۾ به تبديلي اچي وئي هوندي. ان کان سواءِ سنڌو تهذيب جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ لوڻي ۾ باناس ندين جي پيٽ ۾ لٽ ويهي ويو هوندو ۽ نار وارو سمونڊ به لٽجي تانگهو ٿي ويو هوندو. جيستائين سرڪار ماڻهن جي بچاءُ واسطي سگهارا بند ٺهرائي، ويڪريون ڀتيون اوساري ڪرائي ۽ لٽجي ويل نين ۽ نيڙن جي کوٽائي ۽ کاٽي ڪرائي، تيستائين انهن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون هونديون، پر اهڙن ساليانن چاڙهن مان هڪ فائدو ضرور هو ته پوکي راهي تمام گهڻي ٿيندي هئي ۽ ماڻهو سکيا ستابا ٿي ويندا هئا. پر اهڙي ٻوڏ تمام وڏي نه هجي. ٻي ڳالهه اها به هوندي هئي ته سالياني ٻوڏ سبب پاڻيءَ جي ڪري نئون لٽ ٻنين ۾ وڇائجي ويندو هو. تنهن ڪري اهي زرخيز ٿي وينديون هيون ۽ تمام گهڻي اپت ڏينديون هيون. ندين وسيلي هڪ کاڌو خوراڪ ملي ويندو هو. ٻيو ته اهي سفر جو سولو ۽ سستو وسيلو هيون. اها به حقيقت آهي ته کيرا سر، ڍول وير، سوڪوٽڙا (سڪوٽاڊا) ڏيسل پور، رنگپور لوٿل ڪوٺ ۽ ڀاڳاتراوَ ۾ آباد سنڌو- تهذيب جا ماڻهو انهي ڪري ساوا ڍاوا ۽ سکيا ستابا هئا، جو هو انهن ندين جي صفائي ۽ کاٽي ڪرائيندا هئا ۽ پوکي راهي جي ڌنڌي کان چڱيءَ ريت واقف هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org