سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا جو عروج ۽ زوال

 

صفحو:5  

باب ٽيون

سنڌو- شهنشاهت جو اولاهيون صوبو جنهن ۾ بلوچستان ۽ اتر- اولهه وارو سرحدي صوبو شامل هو

سنڌو- شهنشاهت جي اولهه واري صوبي کي سڃاڻڻ ڏاڍو سولو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو جاگرافيائي طور هڪ ايڪائيءَ جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن ۾ روهه ۽ ڪوهه وارو بلوچستان ۽ اتر- اولهه وارو سرحدي صوبو اچي وڃي ٿو. هيءُ صوبو ڏکڻ کان پاڪستان جي مڪران جي سامونڊي پٽيءَ کان هلي بولان ۽ خيبر تائين دنگ ڪندو هو (خاڪو-2) پر ان کان به گهڻو اڳتي آمون درياهه جي ماٿري (Oxus valley) به هن صوبي ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، (ڪئسپين سمونڊ واري جُوءِ) ڇاڪاڻ ته هاڻي تازو اتان سنڌو- تهذيب سان لاڳاپيل ڇهه قديم آثار لڌا آهن. موجوده دؤر ۾ مڪران، دشت ۽ حب (Hab) ماٿري واري علائقي ۾ انساني آبادي ڇڊي پاڊي آهي. بلوچستان جي هن ڏکڻ وارن علائقن ۾ مينهن گهٽ وسندو آهي. ان کان سواءِ آبپاشي جو نظام به موجود ڪونه آهي ۽ گرمي به نهايت سخت آهي. تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ ڪوبوا (Kobva) واري جُوءِ تمام گهڻي آباد هوندي هئي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ علائقي ۾ گهڻا قديم ماڳ موجود آهن. پر هاڻي اتي به آبادي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ڏسجي ٿي. هتي هڪ قديم بند جا آثار موجود آهن. جنهن کي هتان جا ماڻهو گبر بند نالي سان سڏيندا آهن. هيءُ بند جابلو جهَرڻن جي پاڻي ۽ وڏن دڙن ڀرسان آهي، جتي ڪڏهن انساني آباديون هيون. اهڙي وايو منڊل مان محسوس ائين ٿي رهيو آهي، ته تاريخ کان اڳ واري زماني دوران هتي آبپاشيءَ جو نظام موجود هو. مڪران واري سامونڊي پٽي ايران جي سرحد کان شروع ٿئي ٿي، جيڪا 500 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي. هتي برساتي نئن جي ڇوڙ وٽ سامونڊي ڇرن ۾ تمر جي وڻن جي وڻڪار ڏسجي ٿي ۽ چوڏس ننڍيون ننڍيون ٽڪريون نظر اينديون آهن. هن علائقي جي ٻئي پاسي ننڍيون ٽڪريون ۽ جبل آهن، جن جي اوچائي 2000 م ٿيندي. ان ڪري ڪي ماٿريون، نال ۽ مسقط وارو علائقو مڪران کان ڇڄي ڌار ٿي پيو آهي. اهڙيءَ ريت آمد رفت جابلو لڪن (Passes) وسيلي هوندي آهي. اهڙو جابلو سلسلو اوڀر ٿرپارڪر واري ٿر تائين يڪو ڳنڍيو هلي ٿو. اتر پاسي وري جيڪب آباد وارو مٿاهون پوٺو آهي. بعد ۾ سيستان ۽ هيلمند جا خيابانن وارا جبل آهن، جيڪي ڪٿي ڪٿي 1000 ميٽر اوچا آهن. هنن روهن ۽ ڪوهن تي بيهي هيٺ نهاربو ته ماضيءَ جي قافلن جاگس ۽ گذرگاهه نظر ايندا، جيڪي ڪڏهن قنڌار کي سنڌوءَ جي ميداني علائقن سان ڳنڍيندا هئا ۽ بولان لَڪَ کان مٽيندا هئا، جنهن ويجهو موجوده دؤر جو شهر ڪوئٽه واقع آهي. هتي تاريخ کان اڳ واري دؤر سان لاڳاپيل ڪيترا ماڳ آهن، جيڪي هن شهر جي اوسي پاسي موجود آهن. ڪنجهي دؤر سان تعلق رکندڙ ڪيترائي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ ۽ کيرٿر جي جابلو ٽوڙهي جي وچ تي واقع ڏسجن ٿا، جن مان ڪيترن جو آڳاٽي دؤر (Pre  Indus) واري قديم تهذيبي دؤر سان تعلق ڏسجي ٿو. هن علائقي جا مکيه ٽي رستا آهن. انهن مان هڪ گاج نئن سان گذري ٿو ۽ ٻيو رستو مشڪئي (Mashkai) ۽ نال (Nal) نين جي وهڪرن مان مٽيندو آهي. جڏهن ته ٽيون ملا (Mula) نئن وٽان لنگهي اتر بلوچستان ڏانهن ويندو آهي.

سنڌو- تهذيب جي عروج سان واڳيل قديم ماڳ بلوچستان ۾ ٿورا آهن. پر هن تهذيب جي قديم دؤر سان لاڳاپيل ماڳ تمام گهڻا آهن، جنهن کي (Pre Indus) جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. قديم ماڳن جي کوٽاين ۽ کوجنائن وسيلي معلوم ٿيو آهي، ته سنڌو تهذيب جي عروج سان واڳيل قديم ماڳ، جابلو سرحدن، لڪن (Passes) ۽ مڪران جي سامونڊي پٽيءَ سان موجود آهن. قديم زماني ۾ ڏکڻ افغانستان ۽ ڏکڻ بلوچستان کي ڳنڍڻ لاءِ هڪ رستو هوندو هو، جنهن جي ڪنڌين ڪنارن سان سنڌو- تهذيب جا ماڳ جهڙوڪ: ملا نئن ڪناري پٺاڻي دمب (Pathani Dumb) بولان لڪ وٽ گدري (Gadri) لورالائي ۾ دبر ڪوٽ (Dabar kot) ۽ پيراڻو گهنڊئي (Pirano Ghundaie) جيڪو اتر بلوچستان جي زهوب (Zhob) ماٿري ۾ واقع آهي. هي رستو اڳتي وڏي گومل لڪ وٽ پهچندو هو. اهڙيءَ ريت مڪران جي سامونڊي پٽيءَ سان ستڪا جين- دؤر (Sutkagea- dor) ۽ سوتکا ڪوهه (Sotkhakoh) نالي ٻه اهم ماڳ آهن. ان کان سواءِ اتر بلوچستان ۾ سنڌو- تهذيب جي ان قديم دؤر سان لاڳاپيل تمام گهڻا ماڳ آهن. جن کي (Pre Indus) سڏيو ويندو آهي. اهڙي ريت (Pre Indus) جا ڪجهه ماڳ اهڙا به آهن، جن تي بعد ۾ سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر جا اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ساڳيءَ ريت گومل نئن سان به هڪ رستو هوندو هو، جيڪو بلوچستان وسيلي ڏکڻ افغانستان ۽ سنڌو- ماٿريءَ جي اوڀارين علائقن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو هو. اي ايڇ. داني- تاريخ کان اڳ واري دؤر جا ڪيترائي ماڳ دريافت ڪيا آهن جيڪي هي آهن، گوملا، هٿالا، رحمان ڍيري، ٻڌ- ڪي- ترائي، ڪوٽ الهداد وغيره (1). هن گوملا ماڳ جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪري هن علائقي ۾ سنڌو- تهذيب (Post Indus) واري تهذيب وچ ۾ تسلسل جا اهڃاڻ معلوم ڪري ورتا آهن. ان کان سواءِ هي ماهر اتر سرحدي صوبي جي سراءِ خولا (Sarai Khola) ۽ اسلام آباد ڀرسان رحمان ڍيري (2) جي دريافت ڪري هن ڳالهه کي ثابت ڪيو آهي ته سنڌو- تهذيب گهڻو پري اتر- اولهه ۾ موجود هئي. بلوچستان ۾ موجود سنڌو- تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل ماڳن جي ثقافتي اهميت تي بحث ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته هن علائقي ۾ موجود سنڌوءَ جي ان پراچين ثقافت جي بيان ڪيل ڪجهه حصن کي (Pre Indus) جي نالي سان سڏيوويندو آهي. ڇاڪاڻ ته پوئين دؤر ۾ انهن ماڳن تان سنڌو- تهذيب جي عروج واريون ثقافتي شيون دريافت ٿيون آهن. اهڙيءَ ريت مڪائون (Mcown) ۽ پگهٽ (Piggot) انهن ماڳن جا ٻه گروهه لڌا آهن، جن جو واسطو تاريخ کان اڳ واري دؤر سان آهي. انهن مان هڪ کي ڳاڙهن ٿانءُ  واري ثقافت (3) (Red ware culture) ۽ ٻيءَ کي هلڪي ڀوري ٿانءُ  واري ثقافت (Buff ware culture) سڏيو ويو آهي.

ڳاڙهي رنگ جي ٿانون واري ثقافت-     زهوب ثقافت

هلڪي ڀوري ٿانون واري ثقافت

ڪوئٽه ثقافت                             A

نال ثقافت                                 B

ڪُلي ثقافت                                      C

پر ٺڪر جي ٿانون جي مختلف رنگن تي ثقافت جو تعين ڪرڻ قابل اعتماد ڪونه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٿانون جو رنگ علائقي جي مٽيءَ تي مدار رکي ٿو. ان کان پوءِ ڪنڀر جي آويءَ کي باه ڏيڻ جي پنهنجي پنهنجي طرز هوندي آهي. اهڙيءَ ريت مختلف ٿانون جي گهاڙ ۽ وڙ کي هروڀرو هڪ ڌار ثقافت تسليم نه ڪيو وڃي.

اهڙيءَ ريت ڳاڙهي ۽ هلڪي ڀوري رنگ جي آڌار تي ٻن ڌار ثقافتن جي ڳالهه ڪرڻ جي ڪا اهميت نه آهي، ڇاڪاڻ ته بلوچستان ۾ پٿر جي پوئين دؤر ۽ ڪنجهي دؤر سان لاڳاپيل اهم ماڳ مهر ڳڙهه دريافت ٿيو آهي.

مهر ڳڙهه (Mahargarh)

مهر ڳڙهه جو اهم ثقافتي ماڳ جي. ايف جئرج (J. F Jarrige) دريافت ڪيو هو ۽ 1977ع ۾ کوٽائي به قديم آثارن جي هن ماهر ڪئي هئي. هن ماڳ جو تعلق پٿر جي پوئين (Neolithic) ۽ ڪنجهي (Chalcolithic) جي دؤر سان آهي. جيڪڏهن هن ماڳ جي قدامت وڌيڪ نه آهي، ته به ڇهين سهس ق. م (Six millennium) سان ته ضرور تعلق رکي ٿو (4). هي ماڳ ايترو قديم آهي جو ٺڪر جو ٿانءُ اڃا ڪونه ٺاهيو ويندو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سندس لاڳاپو (Pre- Pollery) زماني سان آهي. هي ماڳ پٿر جو وچولو دؤر پار ڪري پٿر جي پوئين دؤر ۾ داخل ٿيو هو. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته جنهن علائقي کي اڄ بلوچستان سڏجي ٿو، تنهن کي پنهنجي آجي ۽ نجي ثقافت هئي. هن وقت تائين ته اهو تصور هلندو پئي آيو ته سنڌو- تهذيب ترڪمينيا جي منڊيگاڪ واري قديم ماڳ کان اوڀر طرف سفر ڪيو آهي. پر هن ماڳ جي دريافت سان اڳيون نقطهء نظر ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي يقين ٿي ويو آهي ته سنڌو- تهذيب اوڀر کان اولهه طرف سفر ڪيو آهي.

مهرڳڙهه ڪوئٽه کان 150 ڪلو ميٽر ڏکڻ- اوڀر بولان لڪ ويجهو ۽ بولان نئن جي ڪناري واقع آهي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ هڪ مستقل وهڪرو هئي.

بولان لڪ اهم گذرگاهه جو هڪ ڳٿو رهيو آهي، جيڪو هن ننڍي کنڊ کي اولهه ايشيا سان ڳنڍيندو هو. هي ماڳ هڪ سو ايڪڙن تي پکڙيل ڏسجي ٿو. اهم ڳالهه اها آهي ته هن ماڳ مٿان ٽي ميٽر مٽيءَ جو ٿُلهو تهه آهي، جنهن کي پٿر واري پوئين دؤر لٽي ڇڏيو هو. کوٽائيءَ ڪندڙ ماهر کوجنا ڪري هن ماڳ جا ست ثقافتي دؤر سڃاڻي ڌار ڪري ورتا آهن.

دؤر 1- هن ماڳ جي پهرين وسندي ان دؤر سان لاڳاپيل ۽ قديم آهي، جڏهن اڃا ٺڪر ڪونه ٺاهيو ويندو هو. تنهنڪري ان کي (Pre Pollen) وارو پٿر جو پويون دؤر سڏيو ويندو آهي. هتان وچولي پٿر واري دؤر سان تعلق رکندڙ پٿر جا اوزار جهڙوڪ: گرمٽ (Borers)، سيراهيون (Drillers) ۽ ڏاٽا (Sickle blady)  مليا آهن. جڏهن ته هيٺين تهن تان هڏن جا اوزار ۽ مينهن جا سڱ پڻ دريافت ڪيا ويا آهن. هن کنڊر جو صفا مٿيون تهه 5000 ق. م سان تعلق رکي ٿو. اهڙي حقيقت جي آڌار تي کوٽائي ڪندڙ ماهر هيٺين تهن کي 6000 ق. م سان ڳنڍي ٿو. (Period-1) سان تعلق رکندڙ سڀ گهر ڪچ سرا آهن. پٿر جي پوئين دؤر جي هڪ تهه تان جوَن (Barley) جا نشان ۽ کارڪن جون ککڙيون هٿ لڳيون. اهڙين ڳالهين منجهان چڱيءَ ريت سمجهي سگهجي ٿو ته انهيءَ قديم دؤر جي ماڻهن جو  کاڌو پيتو ڪهڙو هو. هن دؤر واري تهه تان پٿر جون لسيون ٿيل ڪهاڙيون هٿ لڳيون آهن، جن مان ٻه ته ڌرتيءَ جي مٿاڇري تان هٿ لڳيون آهن. ان کان سواءِ ڪجهه واهولا پڻ مليا آهن. اهڙيءَ ريت هتان جي ماڻهن جي سڀني پٿر جي
اوزارن جي معلومات ملي وڃي ٿي، انهن سان گڏ پٿرن جا ننڍڙا اوزار به مليا آهن. اهڙيون ڪي

 

مهرڳڙهه: ٻن حصن واريون عمارتون


 

ڇريون به مليون آهن، جن کي ٻيو ڀيرو تيار ڪري استعمال جوڳو بڻايو ويو آهي. هنن حقيقتن مان ڄاڻ ملي ٿي ته پٿر جي پوئين دؤر جي ماڻهن پٿر جي وچولي دؤر جي ماڻهن سان گڏجي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دڙي جي ڪناري سان هڪ چوڪنڊي ۽ ڪچسري گهر جي معلومات ملي آهي، جنهن تي انسان جي هٿن جي آڱرين جا نشان آهن. اهو گهر صفا هيٺئين تهه تي آهي. صفا مٿئين تهه تي هڪ وڏي وسندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن تهه جا گهر مناسب طريقي سان ٺاهيا ويا آهن، جيڪي ڪچسرا آهن ۽ ڪچسرن ٿلهن تي اڏيا ويا آهن. هڪ سٺي قسم جي گهر کي چار ڪوٺيون آهن، جن مان هر هڪ جي ڊيگهه 3 کان 4 ميٽر ۽ مُنڍو 1.50 ميٽر ڏسجي ٿو. اهڙي ريت پيهڻ جو پٿر ۽ تنور (tandor Oven) به دريافت ڪيو ويو آهي. هنن شين سان گڏ جانورن جا هڏا به پيل مليا آهن. گهرن ڀرسان قبرن جو وڏو تعداد ظاهر ٿيو پيو آهي، جن ۾ پوريل لاشن جا هڏاوان پڃرا به ڏسجي رهيا آهن. هڪ قبر يا بٺيءَ اندر موجود ڏامر (Bitumen) تي ٽوڪريءَ (Basket) جا نشان موجود هئا. ٻي بُٺيءَ اندر موجود هڏن جي پڃري تي ڳيرڙي (Ochre) جي رنگ جهڙي ڪپڙي جا اهڃاڻ ڏسجي رهيا هئا. ان کان سواءِ هر لاش جي هڏائين پڃري ڀرسان پٿر جي ڇري (Chert blade) ۽ پٿر جي ڪهاڙي رکيل هئي. ڇريون ٻنهي پاسن کان تکيون ۽ چوڪنڊيون آهن، جن کي ٽڪنڊي طريقي سان ڪتب آڻي سگهجي ٿو. هنن شين کان سواءِ قبرن اندر سپن ۽ فيروزي مڻين جا هار به رکيل هئا. ان کان پوءِ واري مرحلي جي تهه تي ٽامي جا مڻيا موجود ڏٺا ويا هئا. هن ساري وايو منڊل مان محسوس ٿي رهيو آهي، ته ان دؤر جي ماڻهن جو عقيدو هو ته انسان مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي پوي ٿو ۽ قبر ۾ رکيل شيون کيس اڳينءَ دنيا واري زندگيءَ ۾ مدد ڪنديون.

دؤر ٻيو  (Period-II)

هن دؤر جو تعلق 5000 ق. م ۾ سمجهيو وڃي ٿو. جيڪو منڊيگاڪ-1 جي برابر بيهي ٿو. هن دؤر جا گهر چوڪنڊا ڏسڻ ۾ اچن ٿا (خاڪو- 7) هن دؤر واري تهه تان ٻن ڪمرن واري جڳهه مان ڪڻڪ جي جنس جا نشان به مليا آهن. تنهنڪري کوٽائي ڪندڙ ماهر جو خيال آهي، ته جنهن تعمير مان اها ڪڻڪ ملي آهي سو ضرور ڀانڊو هوندو. اهڙو جواز به موجود آهي. هتان جي اهم لاڌ مان ڪڪڙا (Cotton seed) به مليا آهن، جن جو تعلق (Gossi pium) جنس سان آهي. هي ڪڪڙا گهرجي چلهه واري جڳهه ۾ رکيل هئا، جيڪي تمام گهڻي وقت گذرڻ ڪري سڙي (Charred) ويا آهن. هتي پٿر جون ننڍڙيون ڇريون به مليون آهن، جيڪي سمنڊ مان ملندڙ سپن کي ڪپڻ لاءِ ڪم اينديون هيون. هڏن مان جڙيل اوزارن جو تعداد ته تمام گهڻو 4000 مليو آهي. اهڙيءَ ريت سنکن جا اندريان پاسا ۽ ٺڪر جو ٿانءُ به مليو آهي، اهو اهڙي چڪ وسيلي بنايو ويو آهي، جيڪو هوريان ڦرندو هو. هتان پٿر جي پوئين دؤر سان لاڳاپيل فقط اهي شيون مليون هيون. هتان هڪ اهڙي جڳهه به ملي آهي، جنهن کي اسٽيٽائيٽ پٿر کي وڍيو ٽُڪيو ويندو هو. هيءُ جڳهه ان قديم دؤر جو ورڪ شاپ هو. مهرڳڙهه (Late phase-II) ڪلي گل محمد- II جو سهيوڳي آهي (Period-II) ۽ (Period-III) جي وچ واري عبوري دؤر ۾ ٿانءُ تي چٽسالي ڏسجي ٿي. ٿانءُ رَءِ پڪل ڳاڙهو ۽ چٽسالي ڪاري رنگ جي آهي. هن دؤر ۾ ڌاتوءَ اهم حيثيت حاصل ڪانه ڪئي آهي. اهڙيءَ ريت هن تهه تان ٽامي جو فقط هڪ مڻيو مليو آهي.

دؤر ٽيون ( Period-III)

هن دؤر ۾ پوکي راهي جو ڌنڌو گهڻي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. تنهن ڪري هن وسنديءَ جي آدمشماري به گهڻي وڌي وئي آهي. هي دؤر چوٿين سهس جي پهرئين اڌ سان واسطو رکي ٿو. کوٽائي دوران جَوَ ڪڻڪ ۽ ڪڪڙا گهڻا هٿ لڳا آهن. ان کان سواءِ ٺڪر جي ڪوناري (Crucible) به ملي آهي، جنهن اندر ٽامي جا ذرا به هٿ لڳا آهن. هن دؤر ۾ اهو به ڏسجي ٿو ته ٽامي جي اوزارن جي اچڻ ڪري پٿر جي اوزارن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. دؤر III (Period-III) جي خاص ڳالهه هيءَ به آهي ته ٺڪر جي ٿانو جو واهپو تمام گهڻو ڏسجي ٿو. چٽساليءَ ۾ سوا ستيڪا جو نشان موجود ڏسجي ٿو، جنهن کي ڪنڀر ٻاهران گول دائرو ڏئي ڇڏيو آهي. ٺڪر جي ٿانءُ تي اهڙو چٽ ڪنهن اهميت کان خالي ڪونه آهي. مهرڳڙهه جو (Period-II) منڊيگاڪ-1 جو سهيوڳي آهي. هن دؤر جي ڪنهن ٿانءُ جي گهاڙ ۽ چٽساليءَ جي طرز تي گهڻو زور ڏيڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهڙا ٿانءُ هڪ پاسي مهرڳڙهه ۾ تمام گهڻا ڏسجن ٿا، ته ٻئي طرف نامازگا (Namazga) ۽ شهر- سوخته- نال (Shahr-sokhta-nal) ۾ به جام ٿا نظر اچن. ڇو ته اهڙي چٽساليءَ ۾ ٽوڪري (Basket) يا عام قسم جو جانور ڏسجي ٿو. جيڪڏهن هن دؤر جي ٺڪر تي ٻڪري يا ڏاند جي تصوير نظر اچي، ته ان کي ٻاهرين چٽساليءَ جو نقل سمجهڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي علائقي واري هيءَ پٿر جي پوئين ۽ ڪنجهيءَ واري (Pre Indus) ثقافت هن ئي ڌرتي وچان ڦٽي نڪتي آهي. جيڪا بعد ۾ سنڌو- تهذيب جي شڪل ۾ نڪري نروار ٿي هئي. اهڙيون ڳالهيون مهرڳڙهه جي لاڌ مان به ثابت ٿي چڪيون آهن. هن ماڳ جي کوٽائي وسيلي مختلف ورڪ شاپ مليا آهن، جتي سمنڊ جي سپين، ڪوڏن، فيروزي ۽ عقيق پٿر جا مڻيا ٺهندا هئا. ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين پوکي راهي تمام گهڻي ٿي چڪي هئي. اهڙي پيداوار بچائي رکي ويندي هئي. ان ڪري هڪ اهڙو طبقو پيدا ٿي پيو هو. جيڪو گهر ۾ واندو هوندو هو جنهن کي ڳهن ڳٺن جي ضرورت هئي.

دؤر چوٿون (Period-IV)

هن دؤر ۾ يادگار تعميرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڪوٽڏجي جو ٿانءُ به هتي هن دؤر ۾ ڏسجي ٿو- جيڪو ٻي سهس ق.م جي ابتدائي حصي جو سهيوڳي آهي.

مهرڳڙهه واري ماڳ کي انهيءَ ڪري به اهميت حاصل آهي جو سنڌو-تهذيب واري دؤر کان به ساڍا ٽي هزار سال اڳ هيءَ وسندي لڳاتار موجود رهندي آئي آهي. ان کان پوءِ ڪڇي ۽ گنداوا وارو سارو علائقو سنڌو- تهذيب جي (2500 ق.م)  لڙهيءَ ۾ پويل ڏسجي ٿو.

سراءِ- خولا: (Sarai-Khola)

جيڪڏهن دابر- ڪوٽ ۽ راڻا گهنڊائي کان اتر طرف وڌبو ته سراءِ خولا وٽ هڪ قديم ماڳ نظر ايندو، جتي سنڌو- تهذيب کان اڳ واري قديم سنڌو- ثقافت دريافت ٿي آهي، جنهن کي آڳاٽي دؤر (Pre Indus) جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هيءُ ماڳ ٽيڪسيلا کان ڏکڻ- اولهه ”گرانڊ ٽرنڪ“ روڊ جي ڀرسان واقع آهي، جنهن جي کوٽائي ۽ کوجنا 1968ع کان 1971ع تائين حليم ۽ مغل (5) ڪئي هئي. معلوم ٿيو ته آهي ته هن ماڳ اندر چار مختلف دؤر موجود رهيا آهن. هن ماڳ جا پهريان ٻه دؤر (Period-1-1) اهم آهن. ڇاڪاڻ  ته هن ڪتاب ۾ به هنن دورن ۽ هنن سان سهيوڳي دورن جو گهڻو ذڪر ڏسڻ ۾ ايندو. جڏهن (Period-III) سان لاڳاپيل هڪ قبرستان (cemetery) آهي جيڪو انهن ماڻهن سان واسطو رکي ٿو، جيڪي لوهه جون ٺهيل شيون ڪم آڻيندا هئا. انهن دورن جي وچ واري وسندي دؤر (Period-IV) سان واسطو رکي ٿي. هن ماڳ جو (Period) برزاهون (Burzahon) ماڳ جي دؤر سان سهيوڳي ڏسجي ٿو، جنهن جو تعلق پٿر جي پوئين زماني سان آهي. ٿانءُ هٿ جي گهاڙ وارا هٿ لڳا آهن. ڪي وچولا ۽ ڪي گهڻا ٿلها آهن. جن تي ٽوڪريءَ جا نشان آهن. شايد اهي سڪڻ تائين ٽوڪرين ۾ رکيا ويندا هئا يا ٽوڪرين ۾ رکي ٺپيا ويندا هئا. ڇاڪاڻ ته انهن تي اهڙا نشان موجود آهن. سڪڻ کان پوءِ ٿانءُ ٽوڪري کان ٻاهر ڪڍيو ويندو هو ۽ ان جي پاسن کي لسايو ويندو هو. پٿرن جي اوزارن ۾ بيضوي ۽ چوڪنڊيون لسايل ڪهاڙيون، ننڍڙيون ڇريون، رهڙا (Scoapers) ۽ پن جي شڪل جهڙيون ڏڦن جون اڻيون نظر آيون آهن. جڏهن ته هڏن مان آر ۽ سُئيءَ جهڙيون شيون ٺاهيون وينديون هيون، جيڪي اهميت کان خالي ڪونه آهن (Peried- III) ۾ هٿ جي گهاڙ واري ٿانءُ بدران چڪ وسيلي ٺاهيل ٿانءُ ڏسجي ٿو جنهن جي ڳچيءَ وٽ ڳاڙهي ڌات جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪڏهن ته ڏڦي ۽ پپر جي پن جوچٽ به ڏسجي ٿو. ان کان پوءِ واري دؤر ۾ گول دائرن ۽ سڌيءَ سنوت ۾ نظر ايندڙ نانگ وڪڙ جهڙين ليڪن جي چٽسالي نظر اچي ٿي. هن وڙ جي ٿانون جو واسطو پٿر جي پوئين دؤر سان آهي. ڪن ٿانون جي شڪل بيضوي طرز (ellipkeal) جي آهي ۽ ٻاهرئين پاسي کان جهريون (grooves) نظر اچن ٿيون. ان کان سواءِ پيالو، ٿالهي ۽ پڙڳي تري سان ڦيلهي (dish on stand) آهي. جيڪو هن دؤر جو اهم ٺڪر وارو ٿانءُ آهي. سراءِ خولا جي ٿانون کي ڪوٽڏجي- II جي ٺڪر جي ٿانون سان ڀيٽائي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن جي هڪ ٻئي سان گهڻي مشابهت ڏسجي ٿي. ان کان سواءِ هتان پٿر جون ڇريون، رهڙا، پٿر جون لسايل ڇيڻيون، ٺڪر جا گلولا، ٻاراڻيون راند- گاڏيون، چوڙيون، سيون، عقيق جا مڻيا،  سرمي پائڻ واريون ٽامي جون سرايون هٿ لڳيون آهن. هتان جا گهر ننڍڙا ۽ سوڙها آهن، جن جي ڀيٽ ۾ ڪوٽڏجي جي ماڻهن جا گهر ويڪرا ۽ شاندار آهن.

گملا- (Gumla)

گملا ماٿريءَ جي کوٽائي اي. ايڇ. داني 1970ع ۾ ڪئي هئي جنهن دوران ڪنجهيءَ جي دؤر سان لاڳاپيل ڪيترائي ماڳ دريافت ٿيا هئا، جن مان گملا وڌيڪ اهم آهي. (6)

دؤر پهريون (Period-I)

گُملا وسندي مان هن دؤر سان لاڳاپيل ڪابه تعمير هٿ ڪانه لڳي آهي، پر پٿر جا ننڍڙا اوزار ۽ جانورن جا هڏا هٿ لڳا آهن. ڪجهه کڏون (Pits) به ڏسڻ ۾ آيون، جن جي چوڌاري ڪچي وَٽ هئي. امڪان آهي ته متان اها سانگي ماڻهن جي وانڍ هجي، جتي آهيڙي ماڻهو اچي رهيا هجن.

دؤر ٻيو(Period-II)     

هن دؤر ۾ هيءَ وسندي ڪجهه سکي ستابي ڏسجي ٿي. ڇاڪاڻ ته کوٽائي مان ڪچسريون جڳهون ۽ چڪ وسيلي ٺهيل ٺڪرجا ٿانءُ هٿ لڳا آهن. هڪ سفيد رنگ جي ٿانءُ تي ڀوري رنگ جي اهڙي چٽسالي ٿيل آهي، جيڪا ڪوئٽه جي ٿانءُ تي ڏسجي ٿي. ڪي ٻن رنگن ۾ ته ڪي گهڻن رنگن وارا ٿانءُ به ڏسڻ ۾ آيا، جن تي اهڙي چٽسالي هئي، جيڪا ڳاڙهي ٿانءُ تي ڪاري رنگ ۾ هوندي آهي، ڪجهه ٿانءُ منڊيگاڪ III ۽ IV دؤر جي ٿانءُ وانگي ڀورا آهن، ته ڪي اڇا آهن. اهڙين ڳالهين مان ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته هن ماڳ جي (Period-II) وارو ٺڪر جو ٿانءُ پنهنجي فن ۾ اعليٰ درجي تي پهچي چڪو آهي، ان کان سواءِ  هتي اهو به ڏسڻ ۾ آيو ته ڪوٽڏجي ۽ ڪوئٽه جي ((Wet ware ٿانءُ جهڙا ٿانءُ به هتي استعمال هيٺ هئا. ان کان سواءِ ٺڪر جون چوڙيون، راند- گاڏيون، عورتن جي مورتين جا ٻه نمونا ۽ ڪلهن (کُنڀٽن) وارا ڏاند به هٿ لڳا آهن. هتان عورت جي ويٺل صورت ۾ هڪ مورتي ملي آهي، جيڪا ڄنگهون ڊگهيون ڪيون ويٺي آهي. سندس ڇاتيون ٻاهر تي نڪتل آهن ۽ نڪ بينون اٿس. بامارنگا- III (ترڪينيا) مان ساڳئي قسم جي مورتي هٿ لڳي آهي. اهڙي مورتي سنڌو- ماٿري جي جليلپور- II واري قديم ماڳ مان پڻ ملي آهي. هن کان سواءِ گملا- 1 مان ڊگها (Chert flaker) ۽ پٿر جا ننڍڙا اوزار گڏ رکيل مليا آهن.

دؤر ٽيو  Period-III

هن دؤر ۾ کوٽائي ڪندڙ ماهر کي پيالا ۽ ٿانءُ ڪوٽڏجي ۽ آمري جا ٺهيل ڏسڻ ۾ آيا هئا. انهيءَ زماني ۾ اڇي رنگ جي ٿانءُ تي ڀوري، ڳاڙهي يا ڪاري رنگ سان چٽسالي ڏسجي ٿي. اهڙي ريت هن قسم جي گهاڙ، رنگ ۽ چٽساليءَ وارو ٿانءُ تمام گهڻو ٺهندو هو. هي پهريون ڀيرو آهي، جو گملا جي ٿانون تي هڪ ٻئي کي پائيندڙ گول ۽ مانڌاڻي چٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جڏهن ته ڪوٽڏجي واري ٿانءُ تي سڱن واري ديوتا جو چٽ نظر ايندو آهي، هتي دؤر V جي ٺڪر جي عورت جي مورتي سان گڏ هڪ نئين قسم جي ٺڪر جي عورت جي مورتي ڏسجي ٿي، جيڪا نئين طرز جي آهي. ان جون ٻانهون هيٺ جهليل آهن ۽ هڪ هٿ ۾ ٿالهي يا ڦيلهي جهليون بيٺي آهي. بيٺل نوع واري مورتي کي ٽڪنڊو پير آهي.

دؤر چوٿون (Period-IV)

هن دؤر واري تهه تي (Period-III) واريون سڀ شيون ڏسجن ٿيون. پر هتي خاص ڳالهه هيءَ نظر اچي ٿي ته ڳاڙهي رنگ جي ٿانءُ تي ڪارو چٽ آهي. هن وڙ جا ٿانءُ سنڌو- تهذيب جي عروج جي علامت هوندا آهن.  

داني، گملا جي (Period -III) کي رحمان ڍيري ۽ گملا III ۽ IV کي هٿالا جو سهيوڳي تصور ڪري ٿو. سنڌو- تهذيب جي عروج واري وسندي (Period-IV)، ڪوٽڏجي ثقافت (Pre Indus) مٿان ڇانيون بيٺي آهي، جنهن جو واسطو (Period-III) سان آهي. داني جو خيال آهي ته هنن ٻنهي دورن ڌارين جي حملي جا ڏنڀ سٺا آهن. پر مغل جو نقطهء نظر آهي ته ائين ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي دورن جي ٿانءُ  ۽ انهن تي نظر ايندڙ چٽسالي ۾ هم آهنگي آهي، داني هن سان اختلاف راءِ رکندي چوي ٿو ته هتي (chert flats) ڊگها نظر اچن ٿا، ٿانءُ  تي اڇي رنگ جي چٽسالي ۽ پيالا به ڪئرينيٽيڊ (carinated) آهن، جن جو تعلق منڊيگاڪ سان آهي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته هن دؤر - II ۾ افغانستان کان حملو ٿيو آهي. ان کان سواءِ هيءُ، گملا- III کي نانگ پوڄا واري ثقافت سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن دؤر ۾ نانگ ديوي جي سر (Head) جون گهڻيون مورتيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اهڙيءَ ريت ڪيترن ٻين هنڌن تان به هن ديويءَ جون مورتيون مليون آهن. جڏهن ته سنڪليا (Sanklia) جو چوڻ آهي ته ڏاند جي منڍي کي سڱن وارو ديوتا سمجهڻ ۽ ان کي ٿانءُ  جي چٽساليءَ طور ڪم آڻڻ وارو دور- III، آهي، جنهن کي سنڌو- تهذيب جو دؤر سمجهيو وڃي ٿو، پر هن دؤر ۾ نه لکت موجود آهي، نه شهر جي نقشي جي موجودگي ڏسجي ٿي، نه مهرون آهن ۽ نه وري وَٽ آهن.

ستڪاجين- دور: (Sutkagen-Period)

هيءُ ماڳ مڪران جي ساحلي پٽيءَ کان 56.42 ڪلو ميٽر اتر ۾ واقع آهي (7) جنهن کي سر ارل اسٽين (Aurel Stein) 1931ع ۾ دريافت ڪيو هو. هي قديم ماڳ سنڌو تهذيب سان واسطو رکي ٿو. هن جي اوسي پاسي ننڍيون وڏيون ٽڪريون آهن. ان کان سواءِ هتي (Terrance) به آهن، جنهن جي ماپ 155.45 x 114.3 ميٽر آهي. سنڌو- تهذيب جي هن ماڳ جي چوڌاري پٿر جو ڪوٽ آهي، جنهن کي گاري سان اوساريو ويو آهي. هن تعمير ۾ ڪنهن قسم جي ڪاريگري ڪانه ٿي ڏسجي. ڪوٽ پيڙه وٽان 9 ميٽر ٿلهو آهي. ٻاهرئين پاسي کان چوڌاري پشتا ڏنل اٿس. ڏکڻ واري ٻانهينءَ جي اولهه واري ڪنڊ تي لنگهه آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان چوڪنڊا منارا ٺهيل آهن. ارل اسٽين ڪوٽ اندر ڪجهه خندقون کوٽايون هيون. پر کيس ڪنهن تعمير جا نشان ڪونه مليا هئا. هن ماڳ جي باقاعده کوٽائي ۽ کوجنا جي. ايف. ڊيلس ((G.F. Dales 1962ع (8) ۾ ڪرائي هئي، جنهن وسيلي معلوم ٿيو ته شهر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ قلعو ((citadel ۽ ٻيو هيٺيون شهر ((lower city آهي. سيٽاڊيل واري حصي کي 7.62 ميٽر ويڪرو پٿر جو ڪوٽ ڏنل ڏسجي ٿو، جيڪو چاڙهه جي پاڻي کان بچاءَ جي مقصد سان تعمير ڪيو ويو آهي. اندر گهر به ٿلهن تي اڏيل آهن ته جيئن ٻوڏ جو پاڻي انهن کي ڇيهو رسائي نه سگهي. ڪنهن زماني ۾ هي ماڳ سامونڊي بندر هو جنهن کي هاڻي سامونڊي ويرن ڊاهي فنا ڪري ڇڏيو آهي.

شادي ڪور (Shadi Kaur) ماٿري جي مٿئين پاسي پسني کان 13 ڪلو ميٽر اتر سنڌو- تهذيب جي قديم وسندي آهي، جنهن کي سوتکا ڪوهه (Sotkha koh) سڏيو ويندو آهي. هن ماڳ کي جي. ايف. ڊيلس 1962ع ۾ دريافت ڪيو هو. سندس چوڻ آهي ته اهو قديم زماني ۾ سامونڊي بندر هو.

دٻر ڪوٽ: (Daber Kot)

هي کنڊر سنڌو- تهذيب جو وڏو ماڳ آهي، جيڪو بلوچستان جي اُتر واري جابلو علائقي ۾ واقع آهي، جنهن کي ارل اسٽين 1929ع ۾ دريافت ڪيو هو (9) سندس خيال هو ته هي قديم کنڊر سنڌو- تهذيب جي ڪناري سان ڪو تجارتي مرڪز هوندو. پر ان جي کوٽاين کان پوءِ معلوم ٿيو آهي ته گومل ماٿري ۽ ان کان گهڻو پري اتر- اولهه آمون ماٿري (Oxus valley) ۾ ڪيترائي سنڌو- تهذيب سان لاڳاپيل ماڳ دريافت ٿيا آهن، تنهن ڪري دبر ڪوٽ کي سنڌو- تهذيب جو تجارتي (outpost) سڏي ڪونه ٿو سگهجي. کوٽائي ۽ کوجنا مان معلوم ٿيو آهي ته هن ماڳ وسيلي سيستان ((Seistan ۽ ترڪمينيا (Turkmenia) جو تجارتي سامان سنڌو- تهذيب جي ميداني علائقن تائين پهچندو هو.

دٻر ڪوٽ وارو دڙو 32 ميٽر اوچو آهي. سنڌو- تهذيب جون ثقافتي شيون (Pre-Indus) واري تهه تي پکڙيون پيون آهن. حقا مٽ (Storage Jars) ۽ پڙڳي تري سان ڦيلهيون هٿ لڳيون آهن، جيڪي سنڌو- تهذيب جي اهم علامت آهن.

سنڌو- تهذيب کان اڳ واري سنڌو ثقافت: (Pre Indus Culture)

(خاڪو- 8)

ڪوٽڏجي وارا ٿانءُ سنڌو- تهذيب کان اڳ واري سنڌو- ثقافت (Pre Indus) سان واسطو رکن ٿا، جيڪي رنگ جا ڳاڙها ۽ گلابي آهن. ٿانءُ  تي گهڻو ڪري ڳچيءَ کان هيٺان سڌيءَ سنوت ۾ ڪاري رنگ جا ٺپا آهن. هن وڙ ۽ گهاڙ جا ٿانءُ ڪئليبئنگن-1، مهرڳڙهه- IV، آمري-1، ۽ سرڪوٽاڊا- 1 مان هٿ لڳا آهن. اهي سڀ (Pre Indus) جا قديم ماڳ آهن. ڪوٽڏجي جي ٿانءُ  تي مڇيءَ جي ڇلرن، گول دائرن ۽ نانگ وڪڙ جهڙين ليڪن جي چٽسالي ڏسجي ٿي. آمري جي ٿانءُ  جو ٺڪر سنهون آهي، جنهن جي ڳچيءَ تي ڳاڙهو ڀورو پٽو ڏسجي ٿو. جڏهن ته چپ جي اندرئين پاسي چاڪليٽي رنگ جو پٽو ڪڍيو ويو آهي. انهن پٽن کان سواءِ ٻي ڪابه چٽسالي ڪانه ٿي ڏسڻ ۾ اچي. آمري-1 ۾ ٻه رنگو ٿانءُ ڏسجي ٿو. بلوچستان ۾ به ٻه رنگا ۽ گهڻ- رنگا ٿانءُ هٿ لڳا آهن. سراءِ- خولا-II ۽ گملا- III  جا ٿانءُ (Pre Indus) جي ماڳ ڪوٽڏجي جي ٿانءُ جهڙا آهن.

ميهي: (Mehi)

هي ماڳ مشکئي (Mashkhai) نئن جي ماڳ وٽ واقع آهي، جنهن جو تعلق ڪلي (Kuli) ثقافت سان ڏسجي ٿو. هن ماڳ جي تهه تي سنڌو- تهذيب ۽ سنڌو- تهذيب کان اڳ واري سنڌو- ثقافت (Pre Indus) جون ثقافتي شيون گڏ ڏسجن ٿيون. گوش (gosh) جي رپورٽ مطابق ميهي جي ٿانءُ ۾ سوٺي ((Sothi جون روايتون موجود آهن. والٽر اي. فيئر سروس اوڀر- ڏکڻ بلوچستان جي لس ٻيلي ضلعي (10) ۾ ايڊيٿ- شهر (edith shahr) نالي ماڳ لڌو هو، جنهن مان سنڌو تهذيب جو ٺڪر وارو ٿانءُ، ٺڪر جون ٻاراڻيون راند- گاڏيون ۽ ٺڪر جون ٽڪنڊيون ٽڪيون هٿ لڳيون آهن. اهڙيون ثقافتي شيون نال ثقافت وارين شين جي تهه کان مٿان مليون آهن.

راڻا گهنڊائي: (Rana Ghundai)

هي قديم ماڳ زوب ماٿريءَ ۾ واقع آهي (II) هن جي کوٽائي ۽ کوجنا برگيڊير راس (Ross) ڪئي هئي، جيڪو ماڳ جي مختلف تهن جي سلسلي تائين پهتو هو. هن ماهر جي ڏنل ماپ مطابق هي دڙو 13 ميٽر اوچو آهي، جنهن کي اڳ ڪنهن ماڻهوءَ کوٽائي تباهه ڪري ڇڏيو هو. ان کان پوءِ باقي رهيل تهن جي کوٽائي هن نهايت سچيتائيءَ سان ڪئي هئي. اهڙيءَ ريت راڻا گهنڊائي-1 تان هٿ جي گهاڙ جا لسا ٿانءُ مليا آهن، جن تي ڪنهن به قسم جي چٽسالي نظر ڪانه ٿي اچي. ان کان سواءِ پٿر جون ڇريون هڏي جون سيون مليون آهن. ڌاريل جانورن جهڙوڪ: ڊگهي ڪُلهي وارو ڏاند، رڍ، گڏهه، گهوڙي جا هڏا به دريافت ٿيا آهن. ان گهوڙي جي جنس جو زولاجيڪل نالو- (equus caba uus) چيو ويو آهي. هتي فقط هڪ قبر آهي، جنهن مان هڪ معصوم ٻار جو هڏائون پڃرو مليو آهي. راس جو خيال آهي ته راڻا گهنڊائي- II واري تهه تي ٻاهران آيل ماڻهن جا نشان ملن ٿا، جن اچي چَڪَ وسيلي ٿانءُ ٺاهيا هئا، جن تي ڊگهي ڪلهي واري ڏاند ۽ ڪاري هرڻ (Black buck) جي چٽسالي ٿيل آهي. ٿانءُ جو رنگ گلابي- ڀورو ۽ چٽسالي ڪاري رنگ جي ڏسجي ٿي. ٿانءُ سنهي وڙ جو آهي، پر هتان جو خاص هڪ پيالو آهي، جنهن جا پاسا (Flurry ) آهن. انهن مان ڪن کي (pedes tal) آهن ۽ ڪن کي ڪونه آهن. کوٽائي ڪندڙ ماهر جو خيال آهي ته هيءُ ماڳ ٿورو وقت هليو هو. منجهس تعمير سان لاڳاپيل فقط هڪ دؤر آهي. پر حقيقت ۾ ائين نه آهي. راڻا گهنڊائي- III تمام گهڻي وقت تائين قائم ڏسجي ٿو. ان جي تعميراتن وارا ٽي مرحلا (III-A-C) اچن ٿا. هن ماڳ جي مرحلي- II ۾ پيالن جي ڪن طرزن جي ارتقا ڏسجي ٿي. ان کان سواءِ (Period-1) چٽسالي به موجود ڏسجي ٿي. هتي ڳاڙهي رنگ جي ٿانءُ تي ڳاڙهي چٽسالي موجود ملي آهي. اهڙيءَ ريت هتي هڪ ٻئي جي چوڌاري همچورس ليڪن جا همچورس چٽ آهن. ٿانءُ  تي اهڙي چٽسالي آمري جي ٿانءُ تي ڏسجي ٿي. جيڪا هن ماڳ جي ٿانءُ  تي به موجود آهي. ماهرن جو خيال آهي ته هن قديم ماڳ ۽ آمريءَ وچ ۾ گهرا لاڳاپا هوندا. هڪ ٻي چوڌاري گهڻن همچورسن واري چٽسالي ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ ۾ آهي. هن دؤر ۾ ٻه خاص ٿانءُ ڏسجن ٿا، جن مان هڪ پيالن جو قسم ۽ ٻيو گلدان آهي. راس جو خيال آهي ته هن ماڳ جي تباهي ڌارين حملي آورن ڪئي آهي، جيڪي گملا دؤر III ۾ ڪاهي آيا هئا. ڇاڪاڻ ته ان تهه تي رک جا نشان پيا آهن. پر اها باهه اتفاقي به ٿي سگهي ٿي. هن تهه تان ٿانءُ به ٿورا هٿ لڳا هئا. هن باري ۾ پگاٽ جو خيال آهي ته انهيءَ زماني ۾ سنڌو- تهذيب وارن ملڪن جون سرحدون محفوظ ڪونه هيون. راڻا گهنڊائي III-C (Pre Indus) وارو دؤر آهي. تنهن ڪري ان تهه جي ناس ٿيڻ کي سنڌو- تهذيب جي تهه جو خاتمو ٿيڻ نه سمجهڻ کپي. اتان هٿ آيل ٺڪر جي مورتي ڪُلي مان لڌل ٺڪر- مورتي جهڙي ۽ ٻي ٺڪر- مورتي گهوڙي جي آهي. چيو وڃي ٿو ته راڻا گهنڊائي جو سنڌو- تهذيب سان اڻ سڌو تعلق هو. ڇاڪاڻ ته هتان هڪ دبر ڪوٽ جي ۽ ٻي پيراڻو گهنڊائي جي مهر ملي آهي.

رحمان ڍيري (Rehman Dheri)

هي ماڳ سنڌو- تهذيب کان اڳ واري سنڌو ثقافت (Pre Indus) جي دؤر سان واسطو رکي ٿو. جيڪو ديري اسماعيل خان کان اتر طرف 23 ڪلو ميٽر پري واقع آهي. هن ماڳ جي کوٽائي ايف. اي. دراني 1973ع ۾ شروع ڪئي هئي (12) سندس پکيڙ 390 x 540 ميٽر آهي. چيو ويندو آهي ته (Pre Indus) جي سڀني ماڳن کان پکيڙ ۾ وڏو آهي. هن ماڳ جا ٽي ثقافتي مرحلا آهن، جن مان هڪ هيٺيون، ٻيو وچون ۽ ٽيون صفا مٿيون آهي. صفا هيٺئين مرحلي وارو تهه (Proto katdijar patlery) آهي، جيڪو هن تهه جي ثقافتي شين تي ڇانئجي ويو آهي. جڏهن ته وچين مرحلي واري تهه تي ڪوٽڏجي جي ٿانءُ  جهڙا ٿانءُ ڏسجن ٿا. چٽسالي ۾ پپر جو پن، مور، هڪ ٻئي کي پائيندڙ دائرا نظر اچن ٿا. ان کان سواءِ جاميٽري جي طرز جهڙي چٽسالي پڻ ملي آهي. اهڙي چٽسالي سنڌو تهذيب جي وچ واري دؤر سان واسطو رکي ٿي. مڇيءَ جهڙي چٽسالي (X rayed forum) ۾ ڏسجي ٿي. اهڙي چٽسالي سنڌو- تهذيب جي ڪنهن ٻئي ماڳ جي کوٽائي دوران دريافت ڪانه ٿي آهي. هتان مٿئين تهه تان بومبيءَ وارو ٿانءُ پڻ لڌو آهي. جنهن جهڙو هڪ ٿانءُ موهن جي دڙي ۽ هڪ هڙاپا مان هٿ لڳو آهي. اهڙيءَ ريت هڪ سيراهي (Drill) لڌي آهي، جيڪا عقيق مڻين کي ونڌڻ واريءَ حالت ۾ جيئن جو تيئن ملي آهي، معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته ڄڻ اهو وينجهار عقيق پٿر جي مڻين کي سوراخ ڪندي ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو آهي. هيءَ هڪ اهم لاڌ آهي. هن ماڳ جي کوٽائي ڪندڙ ماهر جو خيال آهي ته سنڌو- تهذيب جي عروج کي پهچڻ کان اڳ واري ثقافت ۾ اهڙي قسم جا هنر موجود هوندا هئا. صفا هيٺئين کان عاج جي اهڙي مهر لڌي آهي، جيڪا سنڌو- تهذيب جي مهرن کان مختلف آهي. سنڌو- تهذيب کان اڳ واري تهه تان ٺڪر جا ٿانءُ چٽسالي جي شڪل ۾ ۽ اُڪير واري صورت ۾ ۽ سنڌو- لکت جون يارنهن نشانيون پڻ مليون آهن، جن مان (Compound aigus) آهن. داني جو بيان آهي ته سنڌو لکت جي نشانين جا ڪجهه مثال سرائي خولا، جليلپور، ڪوٽڏجي ۽ آمري ۽ ڪئليبئنگن جي قديم تهن تان به مليا آهن.

 

REFERENCES

1.             Damo A.H. (1970/71) 'Excabation in the Gomal Valley' Ancient Pakistan vol. 5. 1-77

2.            Durrani F.A. (1984) 'Some Early Harappan Sites in Gomal and Bannu Valleys' FIC 506-510

3.            Mc Cown (1957) The Comparative Stratigraphy of Early, Iran, Chicago.

4.            Jarrige J.F. (1984) 'Towns and Villages of Hill and Plain', FIC, 291-299

5.            Mughal M.R. (1973) The Present State of Research on the Indus Valley Civilization. Karachi.

        Mughal M.R (1980) New Research on the origins of the Indus Civilization Sindhological Studies 3-1 Jamshoro      University of Sind.

6.            Dani A.H. (1970/71) op. cit.

7.            Stein Sir Aureil 'An Archacological Tour in Gedrosia', MASI No. 43, 60-65

8.            Dales G.F. (1962a) 'Harappan Outposts on the Makran Coast', Antiquity 36, 80-92

9.            Stein Sir Aureil MASI No. 37, 53-64

10.        Ghosh A. (1964) The Indus CivilizationL Its origins, authors, extent and chronology Tndian Prehistory', (eds.) V.N. Mishra and M.S. Mate Poona, 119-152

11.         Ross E.J. (1946) 'A Chalcolithic Site in Northern Baluchistan', Journal of Near Eastern Studies V, 284-316

12.        Durrani F.A. (1984) op. cit.

باب چوٿون

 

سنڌو- شهنشاهت جو اوڀر وارو صوبو

 

سنڌو- شهنشاهت جو اوڀر وارو صوبو گهگهر (Ghaggar) (سرسوَتي) ماٿريءَ، چوتانگ (Chautang) درشدوتي (Drisadvati) ماٿري، ستلج (Saludri) جمنا ۽ گنگا درياهن جي ماٿرين جي منڍ وارن حصن تي مشتمل هوندو هو، يعني هن صوبي ۾ موجوده دؤر جو هريانا، پنجاب، راجسٿان، اتر پرديش جو ميرٺ ضلعو ڄمون وارو علائقو شامل هوندو هو. رگويد واري دؤر ۾ سرسوتي سنڌوءَ کان به وڏو درياه هوندو هو. رگويد جو ندستوتي (Nadistuti) ٻڌائي ٿو ته سرسوتي ندي جمنا کان اولهه ۽ ستودري جي اوڀر کان وهندي هئي. سرسوتي جي گم ٿي وڃڻ بابت گهڻو لکيو ويو آهي. هن نديءَ جي راجستان ۾ گُم ٿي وڃڻ بابت مختلف عالمن جا جدا جدا رايا آهن. هاڻي تازو (Physical research laboratory ahmed abad) ڊي.پي.اگروال (D. P. Agrawal) جي تعاون سان (Space application centre ahmed abad) جي پروفيسر ۽ ٻين ڏاهن ماڻهن هن موضوع تي تحقيق ڪئي آهي. انهن مصنفن (1) جي بيان کي مختصر ڪري هن ريت چئي سگهجي ٿو ته ”ڌرتي جي اوچي نقطي مان هيءَ معلومات ملي ٿي ته گهگهر هڪ وڏي ڍوري وٽ پهچي ختم ٿي وڃي ٿو. هن جي اوڀر ۽ اولهه واري پاسي ڌرتيءَ جي اوچائيءَ ۾ واڌ اچي وڃي ٿي. ماروت ((Marot جي اوسي پاسي اهڙيون گهڻيون جڳهون آهن، جن جي نالي جي پڇاڙي ۾ ٽوبا (toba) لفظ آهي. امڪان آهي ته هيءَ ساري ايراضي هڪ وڏيءَ ڍنڍ جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي هوندي ۽ هڪ وڏو درياه پنهنجي پوريءَ طاقت واري زماني ۾ هن ڍنڍ اندر گم ٿي ويو. قوي امڪان اهو به آهي ته گهگهر (هاڪڙو درياهه) ناري واري پيٽ مان وهي رڻ ڪڇ واري علائقي ۾ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هوندو (خاڪو-5) ۽ هن وهڪري جو ڪٿي به سنڌوءَ سان سنگم ڪونه ٿيندو هو.

اهوبه گمان آهي ته ڪنهن دؤر ۾ ڪي جاگرافيائي تبديليون رونما ٿيون هونديون. جنهن ڪري ستلج اولهه ۽ پليو جمنا اوڀر طرف سرڪي وئي هجي، اهڙي ريت ستلج جو پاڻي وڃي سنڌوءَ جي پاڻيءَ سان مليو ۽ جمنا وڃي گنگا سان سنگم ڪيو هجي، مذڪوره وڏو ڍورو هن ساڳئي واقعي جو نتيجو هو.

ننڍي کنڊ جي اتر ۾ پليو جمنا جي ماحول ۾ تبديلي اچي وئي، جنهن جا ڪارڻ آبهوا ۽ جاگرافيائي تبديلي ۽ ماڻهو هئا. اهڙيون ڳالهيون ڏاڍيون اهم هيون. ڇاڪاڻ ته سرسوتي جهڙن وڏن وهڪرن کي (Encholon faults) پنهنجي ضابطي ۾ رکي ڇڏيو هو. ڇو ته ساڳي سبب ڪري ڌرتي جي مٿاڇري ۾ چرپر اچي وئي هئي ۽ پليو جمنا جي وهڪرن ۾ وڏي ترڪيبي تبديلي اچي چڪي هئي. قديم آثارن وارا ماڳ به هنن وهڪرن ڪري وجود ۾ آيا هئا. موجوده دؤر کان چار پنج هزار سال اڳ اتر- اولهه راجستان ڌرتي جو اهو حصو هو، جتان سرسوتي وهي رهي هئي. موجوده دؤر جا ٻيا ڪي درياه به سرسوتيءَ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. تنهنڪري هي ڪنهن وڏي وهڪري جي صورت اختيار ڪري ويو هو، جيڪو ناري (Nara) درياهه جي پيٽ مان وهي، رڻ ڪڇ واري علائقي ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن جو پاڻي ڪٿي به سنڌوءَ سان ڪونه ملندو هو.

مٿي اهڙو بيان اچي چڪو آهي، ته ستلج ڪڏهن گهگهر سان سنگم ڪندي هئي. قديم ڪتابن ۾ جمنا (Jamuna) جي رخ جي تبديلي جو ذڪر ملي ٿو، جنهن کي هن ڪتاب ۾ پليو يمونا (Palaco Yamuna) ڪري لکيو ويو آهي.

لئنڊ سئٽ (Land sat) اهڙين تبديلين کي هڪ تصوراتي نقطه نظر مطابق ثابت ڪري ڄڻ اهم ڪم ڪيو آهي. اهڙي ريت گوش (gosh) ۽ سنگهه (Singh) (1977ع) (2) کان لوئي نديءَ جي مختلف وهڪرن تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. اهڙي ڪم کي اڪلائڻ لاءِ هن ايرئيل (Aerial) ۽ جيومارفالاجيڪل (Geomorphological) سروي به ڪئي هئي. اهڙي ريت ان دؤر جو پتو پئجي ويو هو، جڏهن پَليو جمنا ۽ سندس ڀرتي ڪندڙ شاخون پاڻيءَ سان تار وهنديون هيون، جنهن جي ڪنارن سان هنڌين ماڳين، شهر، ڳوٺ ۽ وسنديون آباد هيون. قديم آثارن جي کوٽاين به انهن قديم ماڳن جي موجودگي کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه حقيقتون ته اڳئي موجود آهن. پر اڃا به گهڻو ڪم رهيو پيو آهي. جنهن لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي.

سرسوتي نديءَ جو وهڪرو پنجاب جي امبالا (Ambala) جي جابلو سلسلي کان شروع ٿي ڪورو کيتر ((Kurukshetra، ٿانيسر (thanesar) ۽ ٻين قديم ماڳن ڀرسان وهندو اڳتي ويندو هو ۽ شترانا (shatrana) ڀرسان گهگهر جي وهڪري سان وڃي ملندو هو. موجوده دؤر ۾ هن کي گهگهر نالي سان سڏيو ويندو آهي. پر ويدڪ دؤر ۽ ڪورو، پانڊوءَ جنگين واري زماني ۾ هن وهڪري کي سرسوتي سڏيو ويندو هو. هن جا قديم پراڻا پيٽ ته لٽجي چڪا آهن، پر ڪٿي ڪٿي ان جا ٿورا ٿڪا اهڃاڻ ضرور موجود آهن، جيڪي اڳتي ڪڇ جي رڻ تائين موجود ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

سرسوتي جي وهڪري سان گڏ هڪ ٻيو وهڪرو به هلندو هو جيڪو ساڳئي قسم جي ڀٽن وچان وهندو هو. جنهن کي نالي (Nali) سڏيو ويندو هو. هن جي پراڻي پيٽ جا اهڃاڻ هنومان ڳڙهه ۽ سورت ڳڙهه ويجهو به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جتي اهو درشدوتي سان سنگم ڪندو هو. هي وهڪرو هاڻي سڪي ويو آهي. نالي (Nali) وهڪرو انوپڳڙهه وٽان بهالپور واري علائقي ۾ داخل ٿيندو هو، جيڪو هاڻي پاڪستان ۾ آهي. درشدوتي جو وهڪرو سروستي جي وهڪري کان ڏکڻ طرف ۽ هماليه جبل جي ننڍي جابلو سلسلي وٽان شروع ٿيندو هو. موجوده دؤر ۾ هن ندي کي چتانگ (chuatang) نالي سان سڏيو ويندو آهي. هن جو هڪ قديم پيٽ راجسٿان جي بيڪانير واري علائقي جي ڀادرا (Bhadra) وٽ پڻ موجود آهي، جيڪو نوهار (Nohar) کان مٽي راوَتپور ڏانهن ويندو هو. ان کان اولهه پاسي وارو علائقو رڻ پٽ ۽ بيابان آهي. پر پراڻي پيٽ جي اهڃاڻن مان معلوم  ٿئي ٿو ته سورتڳڙهه کان 5 ڪلو ميٽر اتر درشدوتي جو وهڪرو اچي سرسوتي سان ملندو هو.

پر هاڻي تازو لئنڊسئٽ (land sat) جي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ستلج گهگهرجي وهڪري سان وڃي ملندي هئي. نه رڳو اهو وهڪرو پر جمنا (Yamuna) به گهگهر ۾ اچي پوندي هئي، مگر ڌرتيءَ جي جاگرافيائي چرپر ۾ ٻين تبديلين ڪري قديم درياهن جي رخن ۾ به تبديلي اچي وئي هئي. جنهن ڪري ڪي نديون سڪي ويون، ڪن ۾ تمام ٿورو پاڻي وهڻ لڳو هو ۽ ڪن وري پنهنجا منهن مٽائي ٻئي پاسي ڪري ڇڏيا. ان جو نتيجو اهو نڪتو هو ته (Pre Indus) ۽ سنڌو- تهذيب سان واسطو رکندڙ ڪيترائي ماڳ ڦِٽي ڀڙڀانگ ٿي ويا هئا، جيڪي جمنا ۽ ستلج جي ڪنڌين ڪنارن سان آباد هوندا هئا. ساڳيو هيڻو حال سروستي ۽ درشدوتي جي ڪنارن سان آباد شهرن، ڳوٺن، وانڍين ۽ وسندين جو ٿي ويو هو. اهڙيءَ ريت ڪيتريون ئي وسنديون ويران ٿي ويون ۽ ڪيتريون انهن رخ مٽيندڙ وهڪرن جي ڇڏيل واريءَ هيٺان وارجي ويون. حالتن مان معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته (Late Indus) واري دؤر سان تعلق رکندڙ انساني آباديون جيڪي سنڌوءَ جي ڪناري ۽ سرسوتي جي پاڇاڙ سان واقع هيون، سي خالي ٿي ويون هيون. اتان جي ماڻهن لڏا پٽي سکيءَ ستابيءَ جوءِ ڏانهن رخ پئي ڪيو. ان دؤر ۾ جيڪي ماڻهو وچ ۽ اتر واري سرسوتي جي حصي ۾ آباد ٿيا هئا، تن کي ويد دؤر جي آرين ارما (Arma) ۽ ارماڪا (Armaka) دؤر جو نالو ڏنو آهي. مهاڀارت واري زماني ۾ سرسوتي جو پاڇاڙ وارو علائقو ذري گهٽ رڻ پٽ بيابان ٿي چڪو هو. سنڌو شهنشاهت جي اوڀر واري صوبي بابت ڄاڻ واسطي هن قسم جي ماحول جي معلومات ضروري آهي. انهيءَ وسيلي سنڌو تهذيب جي عروج ۽ زوال واري دؤر وارين وسندين جي چڱيءَ پر معلومات ملي ويندي.

ڪوٽلا نهنگ: (Kotla Nihang)

ڪوٽلا نهنگ خان نالي وارو هي قديم ماڳ ستلج جي ڪٺار سان واقع آهي. سندس تعلق سنڌو- تهذيب جي عروج واري زماني سان آهي، جيڪو پنجاب جي ضلعي صدر مقام روپڙ کان 2 ڪلو ميٽر اوڀر ڏکڻ طرف آهي. هي ماڳ ايم. ايس. والٽس دريافت ڪيو هو. هو ٿوري پيماني 1929ع ۾ کوٽائي به ڪرائي هئي. هي ماهر هن نتيجي تي پهتو هو، ته سنڌو- تهذيب  اڳتي وڌي جمنا- ستلج جي دوآبي واري علائقي تائين پهچي چڪي آهي. انهيءَ کان پوءِ ساڳي ماڳ جي ٻيهر کوٽائي واءِ. ڊي. شرما 1955ع ۾ ڪئي هئي، جتان کيس سنڌو تهذيب جي دؤر سان واڳيل شين کي سانڍي رکڻ وارو وڏي منهن سان ٿانءُ (wide mouthed storage jar) مليو هو. ان کان سواءِ پڙڳي تري واري اڀن ڪنن واري ڦيلهي به دريافت ٿي هئي. ان کان سواءِ نوڪدار تري وارو پيالو، هڪ (Elep’stical footel goblet) ٿالهي ۽ ڪڙي وارو پيالو هٿ لڳو آهي. هن تهه تي بارا (Bara) ٿانءُ تمام گهٽ مليو آهي.

ڪوٽلا نهنگ خان جو اوڀر وارو حصو اولهه واري حصي کان اڳي آباد ٿيو هو. کوٽائي ۽ کوجنا وسيلي معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته سنڌو- تهذيب جي عروج  واري ٺڪر جي ٿانءُ سان (Bare ware) به هر تهه تي موجود ڏسجي ٿو. شرما پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحلي -1 (Phase-1) جو اوڀر وارو پاسو سنڌو تهذيب جي عروج سان واسطو رکي ٿو، پر (Phase 2) ۾ بارا (Bara) جا ماڻهو ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽  هنن ماڻهن جي اچڻ کان پوءِ اولهه وارو پاسو اهميت حاصل ڪري ويو هو. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته هتي پهريائين سنڌو تهذيب جا ماڻهو اچي آباد ٿيا هئا. جن کان پوءِ بارا ماڻهن اچي پنهنجي وسندي جوڙي هئي.

هن ماڳ جي الهندي حصي ۾ پڪسري ڪوٽ جا ڪجهه حصا موجود آهن. اهڙيون سرون کورن ۾ پچايون وينديون هيون. اڀرندي حصي مان ٺڪر جون ننڍيون شيون جهڙوڪ: چوڙيون مليون آهن. جيڪي ننڍن بٺن ۾ پچايون وينديون هيون. هتان سنڌو- تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل ڳهه جهڙوڪ: ٺڪر جون چوڙيون، فيانس ۽ هڏن جون چوڙيون، ڳاڙهي عقيق جا مڻيا، سپن، ڪوڏن ۽ فيانس جا مڻيا، ٺڪر جون ٽڪنڊيون ٽڪيون، ٺڪر جون جانورن جون مورتيون، ٺڪر جون ڏاند گاڏيون ۽ سرمي پائڻ جون ٽامي جون سرايون مليون آهن.

روپڙ: (Ropar)

روپڙ ستلج جي ڪٺار سان ۽ پنجاب جي امبالا ضلعي ۾ واقع آهي. هن کي رُوپڙ (Ruper) به ڪوٺيو ويندو آهي. هي ماڳ ٽن دڙن تي مشتمل آهي، جنهن جي کوٽائي واءِ. ڊي. شرما ڪئي هئي، جيڪا 1953ع کان 1955ع تائين ٿي هئي. اهڙي ثقافتي دؤر جو تعين به هن پاڻ ڪيو آهي (3). جيتري قدر سنڌو- تهذيب جو تعلق آهي ته روپڙ جو دؤر -1 (Period-56) جي لالي ڪالا (Lali Kala) واري پهرين رپورٽ کان پوءِ روپڙ (Pre Indus) اوائلي سنڌو تهذيب جي دؤر _1 (Period-1 کي ٽن دورن جهڙوڪ: I-A، I-B ۽ I-C ۾ ورهايو آهي. اهو به معلوم ٿيو هو ته 35-A ۽ 35-B تهه شروعاتي سنڌو تهذيب جي دؤر (Pre Indus) سان تعلق رکن ٿا. انهن تهن تان هٿ آيل ٿانءُ وڙ ۽ گهاڙ ۾ اوائلي سنڌو تهذيب (Pre-Indus) ڪئليبئنگن- 1 جي A، B ۽ D تهن تان هٿ لڳل ٿانءُ  سان هڪجهڙائي رکن ٿا. هڪ سوڙهي ڳچي واري ٿانءُ جي ڳچيءَ تي ڪاري رنگ جو پٽو ڏسجي ٿو. جنهن جو تعلق روپڙ مرحلي- اي (Phase-A) سان آهي. اهڙو ساڳيو ٿانءُ (Pre difence) هڙاپا، آمري ٿانءُ ڪئليبئنگن-1، ڪوٽڏجي- 1، سراءِ- خولا-II سيسوال ۽ موهن جي دڙي ۾ موجود ڏسجي ٿو. ساڳيءَ ريت هتي پاسن تي جهرين (grooms) لڳل ٿانءُ به روپڙ I-A ۾ موجود ڏسجن ٿا، جن جو تعلق اوائلي سنڌو دؤر (Pre Indus) جي قديم سنڌو- ثقافت واري دؤر سان آهي. اهڙا ٿانو ان قديم ماڳ مان هٿ لڳا آهن، جن جي دؤر جو تعلق آڳاٽي سنڌو تهذيب (Pre Indus) واري زماني سان هوندو آهي. ان کان پوءِ معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته روپڙ جي آڳاٽي سنڌو (Pre Indus) وارو دؤر (Period-IA) سنڌو تهذيب جي عروج وارو دؤر ڏسجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان مرحلي ۾ هن تهذيب جو عروج وارو خاص ٿانءُ اتي موجود آهي. ان کان سواءِ اتي اسٽيٽائيٽ پٿر ۽ عقيق پٿر جا مڻيا ۽ هڪ نوڪدار اوزار ((Cilt به هٿ لڳو هو، جيڪو ڳري تباهه ٿي چڪو آهي. روپڙ جي مرحلي I-B ۾ به آڳاٽي تهذيب (Pre Indus) ۽ سنڌو- تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل ثقافتي شيون گڏ رکيل مليون آهن، جن ۾ ڏڦي جون اڻيون، تير جون اڻيون ۽ ٻيون به گهڻيون ئي اهڙيون شيون موجود هيون، جن جو تعلق سنڌو تهذيب جي ترقي يافته دؤر سان هوندو آهي. دؤر IC (Period-IC) دوران سنڌو تهذيب جون ثقافتي شيون تمام گهڻيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، پر آڳاٽي سنڌو  سان تعلق رکندڙ ثقافتي، شين جو تعداد تمام ٿورو آهي. هتان ايرق جي پٿر (Steatite) جي هڪ ننڍي مهر ملي. ان کان سواءِ هڪ ٿانءُ تي ٽن مهرن جا ٺپا لڳل ڏٺا ويا آهن. اهڙيءَ ريت هڪ ٿانءُ تي کُرچ لکت پڻ ڏسجي ٿي، جنهن ۾ سنڌو- تهذيب جون لکت جون نشانيون اُڪيريل آهن. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته هن دؤر ۾ روپڙ اندر سنڌو- لکت کي ڪتب آڻڻ جي روايت موجود هئي.

هن حقيقت کي به ضرور ياد رکڻ گهرجي ته هن مرحلي دوران روپڙ جي وسندي ۾ (Town Plannery) واريون خوبيون اينديون پيون وڃن. اهڙيءَ ريت هتي ڪي اهڙيون جڳهيون به نظر آيون آهن، جيڪي سنڌو- تهذيب جي آخري دؤر ۾ ڏسجن ٿيون، جنهن جو مثال رنگپور II-A آهي. مهرن جي موجودگي ڪري سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو، ته روپڙ سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر ۾ داخل  ٿي چڪي هئي. ان ڪري هن کي رنگپور II-A سان مشابهت ڏئي سگهجي ٿي. هن وقت اهو چوڻ ڏکيو آهي ته روپڙ بارا نسل جي ماڻهن جي هئي يا نه هئي.

 

سنڌ ۽ گنگا جي وڇوٽي ۾ هڙپا ۽ هڙپا جي آخري دؤر وارا ماڳ


 

بارا: (Bara)

بارا (4) روپڙ جي ڏکڻ پاسي پاڻيءَ جي هڪ ننڍڙي وهڪري تي آباد هئي، جنهن کي ٻڌڪي بادي (Budki Badi) سڏيو ويندو آهي. هن ماڳ جي کوٽائي 1955ع ۽ 1977ع دوران واءِ. ڊي شرما ڪئي هئي. دڙي جي پکيڙ300 x 550  ميٽر آهي. 1955ع واري کوٽائيءَ مان واءِ.ڊي شرما کي معلوم ٿيو هو ته سنڌو- تهذيب جا ماڻهو هوريان هوريان هتي اچي آباد ٿيندا رهيا آهن. کين اهو به معلوم ٿيو هو ته هن ماڳ جي والار سنڌوءَ جي پوئين دؤر (late Indus) واري دؤر ۾ ٿي آهي. جڏهن هيءَ تهذيب اجاڙ ۽ بگاڙ جو شڪار هئي. ان کان پوءِ هن ماهر 1977ع ۾ بارا جي ٻيهر کوٽائي ڪئي جنهن کان پوءِ هن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بارا جو ٿانءُ سنڌو- تهذيب جي ٿانءُ کان بلڪل جدا آهي. پر خاص ڪري چٽساليءَ واري هنر ۾. هتان جا ڪنڀر مٽيءَ کي چڱيءَ ريت ڳوهيندا هئا. منجهن ٿانءُ کي ڌاءَ ڏيڻ جو رواج ڪونه هو. اهڙو ڌاءُ ٿانءُ تي پاڻ ئي ظاهر ٿي پوندو هو، جيڪو ٺڪر جو پنهنجو رنگ هو. مٽي اهڙي ورن جي هوندي هئي جو ٿانءُ پچڻ کان پوءِ هلڪي ڀوري رنگ جو ٿي بيهندو هو. سنڌو- تهذيب ۾ ڪنڀر چٽسالي ۾ جهالر جو چٽ ڪڍندو هو. اهو ڏسي بارا جي ڪنڀرن به اهڙي چٽسالي ڪرڻ شروع ڪئي هئي، پر بارا جو ڪنڀر ڪنهن مڏي اوزار سان ٿانءُ تي کرچ- چٽسالي ڪندو هو ۽ ٿانءُ جي پچڻ کان پوءِ اها چٽسالي ٿانءُ جي اصلي رنگ کان ٿورو جدا ٿي بيهندي هئي. چٽساليءَ جو اهو طريقو اصل لوٿل جو آهي. سنڌو- تهذيب جي عروج واري زماني ۾ هتان جي ڪنڀر اهو اختيار ڪيو هو. بارا جا ڪنڀر ٻوڙ رڌڻ جي ڪُنيءَ ۽ گهڙي تي کُرچَ- چٽ ڪڍندا هئا. اهڙو چٽ ڪچي ٿانءُ تي ڪنهن مڏي اوزار سان ڪڍيو ويندو هو، جيڪو آلي ٿانءُ جي ڪَني تي يا ڪَني کان هيٺ اُڪيريو ويندو هو. هن قسم جي چٽساليءَ ۾ ماکيءَ جي ماناري جهڙو چٽ ۽ مخروطي طرز جهڙو چٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙو چٽ ڪڏهن چيچ جي پور جي مدد سان به آلي ٿانءُ تي ڪڍيو ويندو هو. پر چٽ جو اهو طريقو به لوٿل دؤر A (Period-A)  جي ڪنڀر لاءِ نئون ڪونه هو. هن دؤر جو هلڪي چاهين رنگ (Coarse Grey ware) جو گهڙو آهي، جنهن جي ڪناري ۽ هيٺئين پاسي کرچ- چٽ ڏسجي ٿو. ان کان سواءِ بارا ٿلهن پاسن وارا ٿانءُ آهن، جن جو وڙ ۽ گهاڙ هوبهو سنڌو- تهذيب جي ٿانءُ  جهڙو آهي. هتي پڙڳي تري واري ڦيلهي (dish-on-stand) جون ٻه طرزون آهن جن مان هڪ جو هيٺيون پاسو ويٺوڙو آهي، جڏهن ته ٻيءَ جو هيٺيون پاسو ڊگهو آهي ۽ مٿس ڇڄي جهڙو اڀار به ڏسجي ٿو. اهڙا ٺڪر جا ٿانءُ لوٿل-A ۾ جام ڏسجن ٿا. پر هتي بارا ۾ اهو (Indus golslet) ڪونه آهي، جنهن جو هيٺيون پاسو نوڪدار هوندو آهي. ان کان سواءِ ٿالهي به ڪانه ڏسبي. اهڙيءَ ريت شين کي سانڍي رکڻ وارو ويڪري منهن سان ٿانءُ به ڪونه آهي، جيڪو تري کان پوءِ ويڪرو ۽ ڪنن وٽ سوڙهو ٿي وڃي ٿو، جيڪي سوراخدار ڏسجن ٿا. اهڙين ڳالهين ڪري چئي سگهجي ٿو ته بارا سنڌو تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل ماڳ ڪونه آهي. هتي ڊگهي ڳچيءَ سان گهڙو ڏسجي ٿو، جيڪو لوٿل - B ۽ رنگپور II-B ۽ II-C ۾ ڏسجي ٿو. اهڙي حقيقت جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هن ماڳ جو واسطو پوئين دؤر (late Indus) سان آهي، جڏهن سنڌو- تهذيب زوال جو شڪار هئي. پر هتي هڪ اهڙو ٿانءُ هٿ لڳو آهي، جنهن کي هيٺين پاسي ٿورو موڙ ۽ پاڻيٺ جهڙي شين کي وهائڻ لاءِ. پکيءَ جي چهنب جهڙي تُن لڳل آهي. جڏهن ته ٻيو ٿانءُ وريل ڪني سان (Carinated dish) ٿالهي آهي. انهن ٻنهين جو تعلق سنڌو تهذيب کان اڳ واري سنڌو- ثقافت  يعني آڳاٽي دؤر (Pre Indus) سان آهي ته ساڳئي وقت سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر سان پڻ آهي. هن کان سواءِ کوٽائي ڪرڻ واري ماهر جو چوڻ آهي ته هتان مليل ڪن ٿانءُ  تي اهڙي چٽسالي آهي، جيڪا آڳاٽي دؤر (Pre Indus) واري ٿانءُ تي ڏسجي ٿي. اهڙين ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته بارا جي ماڻهن ۾ ڪي قديم روايتون به موجود هيون. مثال ڪمان جيان وريل چٽ جنهن تي مٿي (head) جهڙي نشاني موجود آهي. صنوبر جي پنن جهڙي چٽسالي جنهن ۾ پنن کي اڀيءَ قطار ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته (Pre-Indus) جي ٿانءُ  تي مڇيءَ جهڙي چٽ نما چبوترن سان همچورس ليڪون، سنڌو تهذيب جو خاص اڇو چٽ، هڪ ٻئي کي پائيندڙ گول (0)، پپر جو پن، مڇي جا ڇلر چٽ ۽ مور به ڏسبو آهي. پر اهڙا چٽ بارا ۾ موجود ڪونه آهن. مگر ٺڪر جون ٽڪنڊيون ٽڪيون، فيانس جون چوڙيون ۽ ڪنگڻ ۽ ٺڪر جي ڏاند- مورتي موجود آهي، جن جو تعلق سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر سان آهي. ٻئي پاسي کان وري ڪنجهي جون ٺهيل ڪجهه شيون مليون آهن. جڏهن ته مهر هڪ به هٿ ڪانه لڳي آهي ۽ پڪ سري جڳهه به موجود ڪانه ٿي ڏسجي. تنهن ڪري واءِ. ڊي. شرما جو خيال آهي ته هي اڪيلو اوائلي دؤر (Pre Indus) جو ماڳ آهي، جتي سنڌو- تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل ماڻهو ڪونه پهتا آهن. حالتن مان معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته هيءَ وسندي پوئين دؤر (late Indus) واري دؤر اچڻ تائين قائم رهندي آئي آهي ۽ ان دؤر ۾ به موجود ڏسجي ٿي. اهڙيون وسنديون هريانا ۽ گجرات ۾ به هيون، جن جو واسطو تمام اوائلي (Pre Indus) واري دؤر سان هو ۽ پوئين دؤر (late Indus) واري دؤر تائين قائم رهنديون آيون آهن. جيڪڏهن ڪوٽلا نهنگ، روپڙ ۽ بارا بابت سوچبو ويچاربو ته معلوم ٿيندو ته ڪوٽلا نهنگ ٿوري وقت لاءِ سنڌو تهذيب جي عروج وارو دؤر ڏٺو. تنهن کان پوءِ اهي ماڻهو اچي روپڙ ۾ ويٺا ۽ بارا تائين پهچي ڪونه سگهيا هئا. اوائلي دؤر (Pre Indus) دؤر سان لاڳاپيل ماڻهو اچي بارا ۾ رهيا هئا. ٿوري عرصي لاءِ روپڙ ۾ ويٺا هئا. جڏهن ته پوئين دؤر (late Indus) جا ماڻهو بارا پهتا ۽ آڳاٽي دؤر (pre Indus) واري بارا واري وسندي آباد هئي.

ستلج جي هريانا واري علائقي جي کوٽائي سورج ڀان چوڌري ڪئي هئي. هن علائقي ۾ قديم ماڳ تمام گهڻا آهن. کوٽائي ڪرڻ واري ماهر قديم ماڳن جي هڪ ڊگهي سلسلي کي آڏو رکي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. پر هن خاص ڪري ٻن ماڳن جهڙوڪ: سيسوال ۽ ميٽاٿل جي کوٽائي مان هٿ آيل لاڌ تي وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي. مگر هريانا جي ماڳن جي وچور بيان ڪرڻ کان اڳ اهو ضروري ٿيندو ته سرسوتي يا گهگهر ڪناري سان موجود سنڌو تهذيب جي هڪ اهم ماڳ ڪاليبئنگن مان دريافت ٿيل ثقافتي شين بابت ذڪر ڪريون. ڇاڪاڻ ته هي هڪ اهڙو مکيه ماڳ آهي، جتي آڳاٽي دؤر (Pre Indus) ۾ سنڌو تهذيب جي عروج وارا دؤر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ساڳيءَ ريت لوٿل ۽ رنگپور ماڳ به اهم آهن، جتي سنڌو- تهذيب ۽ پوئين دؤر (late Indus) واري دؤر کي هڪ جڳهه تي گڏ ڏسي سگهجي ٿو. رنگپور پوئين دؤر (late Indus) جو اهم ماڳ آهي، جنهن اولهه ۽ اولهه- اتر هندستان جي ثقافتي ماڳن کي گهڻو متاثر ڪيو، جنهن جي اثر جي دائري ۾ راجسٿان، هريانا، پنجاب ۽ دکن واري علائقي جي اتر وارا ماڳ اچي وڃن ٿا. (5)

ڪالي بئنگن Kalibangan (خاڪو- II)

سر ارل اسٽين 41-1940ع ۾ گهگهر جي پراڻي ٻيٽ واري علائقي جي تڙتڪڙ ۾ سروي ڪري ورتي هئي، جيڪو سنڌوءَ جي اوڀر پاسي آهي، هن رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته انهيءَ جوءِ جو سنڌو- تهذيب سان لاڳاپيل ڪو قديم ماڳ ڪونه آهي. هن کان پوءِ 1952-1951ع ۾ اي. گوش ان ساڳي علائقي جي منظم طريقي سان سروي ڪئي هئي ۽ ڀارت جي حدن اندر ئي سنڌو- تهذيب سان لاڳاپيل دڙن تي ماڳ دريافت ڪري ورتا هئائين، انهن مان هڪ ڪاليبئنگن به هو، جيڪو گهگهر جي ڏاکڻي ڪٺار سان راجسٿان جي گنگانگر ضلعي ۾ واقع آهي. هي قديم ماڳ سنڌو- تهذيب سان تعلق رکندڙ نهايت اهم ماڳ آهي (6) جيڪو دهلي کان 310 ڪلوميٽر اُتر- اولهه طرف ٿيندو. هن جي ويجهو پليبئنگن (Pilibangan) شهر آهي جيڪو (Northern relway) جي هڪ اسٽيشن آهي. هي سنڌو تهذيب جو منصوبه بندي جي نقشي مطابق تعمير ڪيل هڪ شهر آهي، پر هنن جي هيٺان سنڌو- تهذيب کان اڳ واري سنڌو ثقافت يعني آڳاٽي (Pre Indus) جون ثقافتي شيون پڻ موجود آهن. هن ماڳ جي کوٽائي ۽ کوجنا بي. بي. لال (B.B. Lal) ۽ بي. ڪي ٿاپر (B. K. Thapar) ڪئي، جيڪا 1961ع کان 1969ع تائين هلي. پر هن ماڳ جي لاڌ بابت رپورٽ اڃا تائين پڌري ڪانه ڪئي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org