سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا جو عروج ۽ زوال

 

صفحو:3 

(ٽيبل-1(

C-14 جي مدد سان تعين ڪيل دورن جو وچور

وچ وارو صوبو

موهن جو دڙو                                  2500 کان 1800 ق.م

آمري                                           2450 کان 1700 ق.م

ڪوٽڏجي                                      2450 کان 1700 ق.م

بالا ڪوٽ                                     2450 کان 1700 ق.م

 

اوڀر وارو صوبو

ڪئليبئنگن                                   2350 کان 1700 ق.م

بنا والي                                                2250 کان 1400 ق.م

ميٽاٿل                                         2200 کان 1400 ق.م

 

ڏکڻ وارو صوبو

سرڪوٽاڊا                                      2400 کان 1800 ق.م

لوٿل                                           2400 کان 1600 ق.م

روجڙي                                         2100 کان 1500 ق.م

 

ماسڪا Masca جي سهمت سان حاصل ڪيل مختلف دور

(ٽيبل -II)

سنڌو- تهذيب کان اڳ وارا ماڳ  Pre-Indus Sites

مهر ڳڙهه، ڪوٽڏجي 1                                3400 کان 3000 ق.م

سوهي، ڪئليبئنگن 1                         3100 کان 2800 ق.م

سنڌو- تهذيب جي عروج وارا ماڳ            3100 کان 1900 ق.م

لوٿل A                                                3000 کان 1900 ق.م

ڪئليبئنگن II                                        2000 کان 1900 ق.م

رنگپور- IIA                                   2000 کان 1900 ق.م

late Harappa or late Indus                         1900 کان 1700 ق.م

لوٿل- B، رنگپور - IIB               

Late Indus زوالپذير دور                               1700 کان 1600 ق.م

لوٿل- B، رنگپور IIC

پراڀس II (قديم پراڀس)                              1800 کان 1500 ق.م

Post- harappa

رنگپور III (ڳاڙهي چمڪيدار ٿانءُ وارو دور)  1600 کان 1300 ق.م

پراڀس III پويون دور                           1500 کان 1200 ق.م

TABLE-I

(Dates based on 14 C and relative dates.

Dentral Province

 

Mohenjo-daro

Amri

Kot-diji

Balakot

2500-1800 B.C

2450-1700 B.C

2450-1700 B.C

2450-1700 B.C

Eastern Province

 

Kalibangan

Banawali

Mitathal

2350-1700 B.C

2250-1400 B.C

2200-1400 B.C

Southern Province

 

Surkotada

Lothal

Rojdi

2400-1800 B.C

2450-1600 B.C

2100-1500 B.C

      These dates will be folowed nitil MASCA corrected dates suggested in Tab are accepted by all archaeologists

TABLE-II

MASCA corrected dates

Pre-Harappa Cultures

 

Mehrgarh (Chalcolithic) Kot-diji I

Sothi and Kalivbangan I

3400-3000 B.C

3100-2800 B.C

Harappa Culture

 

Mohenjo-daro

Lothal A

Kalibangan II

Rangpur II A

3100-1900 B.C

3000-1900 B.C

2900-1900 B.C

2000(?)-1900 B.C

Late Harappa Culture

 

Lothal B, Rangpur II B

1900-1700 B.C

Devolutionary Phase of Late Harappa Culture

 

Lothal B (letest Levels) and Rangpur II C

Prabhas Period II (Early Pravhas Culture)

1700-1600 B.C

1800-1500 B.C

Post-Harappa Cultures

 

Lustrous Red Ware Culture Rangpur III

Late Prabhas Period III

1600-1300 B.C

1500-1200 B.C

مختلف دورن جو هي تقابلي جوڙجڪ مائيڪل (Michael) ۽  رالف (Ralph) نالي طبيعات جي ٻن ماهرن 1970 ۽ 1971 ۾ ڪيو هو، جيڪو وڌيڪ صحيح ۽ تاريخي دورن سان سهمت آهي ۽ C-14 جي وسيلي تعين ڪيل دورن کان وڌيڪ قابل اعتماد به آهي. انهيءَ جوڙجڪ مطابق سوهي، ڪوٽڏجي- 1، ڪئليبئنگن- 1، منڊيگاڪ IV، بامپور IV، نامازگا- IV، سوس-D ۽ ميسوپوٽاميا جا قديم ماڳ سنڌو- تهذيب کان اڳ واري دؤر سان تعلق رکن ٿا (65) جن کي اوائلي دؤر (Early dynastic) وارو دؤر سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته سنڌو- تهذيب جي عروج وارو دؤر اُر- III ۽ قديم اڪد جي تاريخي دورن سان سهمت آهي. هي اهو زمانو آهي، جڏهن سنڌو- تهذيب ۽ ميسوپوٽوميا جي شهرن وچ ۾ واپار هلندو هو، پر وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ به آهي، ته هن تقابلي جوڙجڪ مان هي سوڌي ڄاڻ ملي وڃي ٿي ته ڪلاسيڪل سنڌو- تهذيب 1900 ق. م دوران زوال پذير ٿي چڪي هئي. هن وسيلي اها به تصديق ٿي وڃي ٿي، ته اهو مشهور (Isinldarsa) وارو دؤر هو، جنهن دوران سنڌو- تهذيب جو ميسوپوٽاميا سان هلندڙ واپار گهٽجي چڪو هو. هن ترڪيب وسيلي اهو به معلوم ٿي سگهندو ته، سنڌو- گهگهر واري اوائلي تهذيب (Pre- Indus) ثقافت، درياه آمون (Oxus) جي ماٿري واري ثقافت ۽ نامازگا-V ۽ سيستان جي ثقافت جا دؤر ذري گهٽ سهيوڳي هئا. هي ٿورو آڳاٽي سنڌو تهذيب (late Indus) يا سنڌو- تهذيب جو پويون زوال پذير دؤر هو. انهيءَ زماني ۾ جليل پور ۽ نامازگا - III جي وچ ۾ نيري رنگ جي لا جورد (Lapis) پٿر جو واپار هلندو هو، جيڪو سيستان وسيلي ٿيندو هو، سو گهٽجي چڪو هو. ڇاڪاڻ جو سنڌو- تهذيب جا ماڻهو هن قسم جي پٿر کي قيمتي ڪونه سمجهندا هئا. پر پوءِ به هي پٿر ٿوري گهڻي تعداد ۾ پرڏيهي واپار وسيلي ايندو رهندو هو. هي سنڌو تهذيب جي عروج وارو زمانو هو. قديم آثارن جي ڪن ماهرن جو خيال آهي ته سنڌو- ماٿريءَ جي اتر وارن سنڌو- تهذيب کان اڳ (Pre-indus) جي ماڳن جو نامازگا- III سان واپار هلندو هو، جيڪو ٺڪر جي نازڪ نفيس شين ۽ ٺڪر جي مورتين تي مشتمل هو. هنن ٻنهي علائقن وچ ۾ هلندڙ تجارت سڌي ريت نه پر سيستان ۽ افغانستان جي منڊرگاڪ- III وسيلي ٿيندي هئي. جڏهن سنڌو تهذيب جي هنن وسندين ترقي ڪري شهرن جي حيثيت حاصل ڪري ورتي ته اها تجارت بند ٿي وئي. ڇاڪاڻ جو هنن نون شهرن پنهنجي ڌرتيءَ جي وڏن شهرن جهڙوڪ: مهرڳڙهه، ڪوٽڏجي ۽ ڪئليبئنگن سان واپار ڪرڻ شروع ڪيو هو. لوٿل سان به مذڪوره شهرن جا واپاري لاڳاپا هئا، جنهن جا ڳاڙها چمڪدار ٿانءُ گهڻو مشهور هئا. سنڌو- لکت ۽ هڪ معيار واري تور ۽ ماپ جي سرشتي جو تعلق به سنڌو تهذيب جي عروج واري دؤر سان آهي. تنهن ڪري انهن کي سنڌو- تهذيب جي اڳ واري دؤر ڏانهن منسوب ڪري ڪونه ٿو سگهجي. حقيقتن مان اهو به معلوم ٿي رهيو آهي ته موجوده دؤر جي اوڀر ايران، بلوچستان ۽ ڏکڻ سنڌ هن تهذيب جي اوسر ۽ ترقيءَ ۾ گهڻو هٿ ونڊايو هو.

سنڌو- تهذيب جي زوال کان پوءِ ڪنجهي جي دؤر جي ماڳن جهڙوڪ: مالوا، جورو، ڪياٿا، هُلاس، ڀڳوانپور، سيسوال، ميٽاٿل، لوٿل، رنگپور، پراڀس ۽ زيکادا به (late Indus) واري سنڌو - تهذيب کي اڳتي وڌڻ ۾ هٿي ڏني هئي، جيڪي ٻي سهس ق.مB.C  (Second millennium) جي ابتدائي حصي ۾ گهڻي ترقي ڪري چڪا هئا. تنهن ڪري سنڌو- تهذيب جي پوئين دؤر جي ترقيءَ ۾ هنن ماڳن کي ضرور شامل ڪرڻ گهرجي. ان کان سواءِ ڪنجهي دؤر سان لاڳاپيل مالوا ۾ دکن جي خوبين ۽ خاصيتن کي اهميت ڏيڻ ضروري ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هنن ماڳن سنڌو- تهذيب جي زوال واري دؤر کان نمايان ڪردار ادا ڪيو هو. ڪياٿا واري ثقافت ۾ اهڙا 40 ماڳ آهن، جن ٿورو آڳاٽي سنڌو تهذيب (late Indus) واري زماني ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اهي ماڳ دوارڪا رنگپور ۽ پراڀس کان سواءِ گجرات جي ٻين ننڍن ماڳن جيترا هئا، جن جو تعلق به سنڌو- تهذيب جي زوال يا ٿورو آڳاٽي سنڌو تهذيب (late Indus) جي زماني سان هو. آهر (Ahr) ثقافت مالوا جي ثقافت جو حصو هو، جنهن ۾ مڪاني اهم مرڪز جهڙوڪ: آهر (Ahar)، جلند (Gilleend) شامل هئا (خاڪو 1). ايرن (Eran) جي چوڌاري قلعو اڏيل هو، ساڳي ريت ناودا کي به ڪچو قلعو اڏيل هو جنهن ۾ ڪچ سرا برج تعمير ٿيل هئا. جڏهن ته جلند واري ماڳ اندر ڀانڊن جي تعمير ڏسجي ٿي.

مالوا جي ثقافت وارا ماڳ هڪ جهڳٽي جي شڪل ۾ آهن. جورو واري وسنديءَ جي چوڌاري ٻهراڙي وارا ڳوٺ آباد آهن، جيڪي هِتي هتي گهڻيءَ ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن. پراوارا (Pravara) جي ڪناري تي آباد دائم آباد جو ماڳ گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن ماڳ مان ڪنجهي جون شيون ۽ مهرون هٿ لڳيون آهن. اهڙيءَ ريت هن ماڳ (دائم آباد) ۽ انعام گائون جي چوڌاري ڪچا قلعا ڏسجن ٿا، جيڪي برجن سان گڏ ڊهي پٽ ٿي ويا آهن. اهو به معلوم ٿي رهيو آهي ته تاپتي (Tapti) نديءَ جي ڪنارن سان انساني آبادي گهٽ آهي. پر هن جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جا ڪنارا قديم انساني وسندين جي کنڊرن سان جهنجهيا پيا آهن. ساڳيءَ ريت پراڪش (Prakasha) جو ماڳ به اهم آهي، جنهن جو لاڳاپو سنڌو- تهذيب جي ٿورو آڳاٽي دؤر (late Indus) سان آهي، جيڪو دائم آباد، ناگدا ۽ ڪياٿا جهڙو اهم آهي.

سنڌو- تهذيب جي واپاري سماج وڏا تجارتي شهر تعمير ڪري ورتا هئا، جن جي چوڌاري ڳوٺ ۽ وسنديون موجود هيون، جڏهن ته سنڌو- تهذيب جي زوال واري دؤر ۾ ننڍا ننڍا ڳوٺ هنڌين ماڳين آباد هئا جيڪي هوريان هوريان شهرن جي شڪل اختيار ڪري ويا هئا. سنڌين جي آباد ڪيل انهن ڳوٺن مان دوارڪا، پراڀس، آٽڪوٽ (Atkot) ۽ رنگپور هئا، جيڪي گجرات ۾ هئا. سنڌو- تهذيب جي پوئين دؤر سان لاڳاپيل گهگهر- يمونا جي ماٿرين جا به ماڳ آهن. گجرات، هريانا، پنجاب ۽ اولهه اُتر پرديش جي سنڌو- تهذيب جي پوئين دؤر سان لاڳاپيل ڪي اهڙا ماڳ آهن، جن ۾ عروج واري سنڌو- تهذيب واريون ڳالهيون جهڙوڪ: سنان خانا، گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارو طريقو، ان جا ڀانڊا ۽ شهرن جي چوڌاري ڪوٽ ڏسجن ٿا، گجرات جي ڳاڙهي رنگ جا ٺڪر ٿانءُ گهاڙ، چٽسالي ۽ فن ۾ عروج واري سنڌو- تهذيب جي ٿانءُ جهڙا ڏسجن ٿا، جن تي ٿيل چٽسالي ۽ ڳيرڙي (Ochre) استعمال ڪئي وئي آهي. هتي چٽسالي کان اڳ واري دؤر جا چانهي gray)) رنگ جا ٿانءُ به موجود ڏسجن ٿا جيڪي اتر طرف ڀڳوانپور ۽ هستيناپور مان لڌا آهن. اهڙيءَ ريت ڪياٿا، جلند، آهر ۽ مالوا جي کوٽاين مان پڻ هٿ لڳا آهن. کوٽاين ۽ کوجنائن مان اهو به معلوم ٿيو آهي، ته گجرات، گهگهر يمونا ۽ نرمدا- تاپتي ندين جي ماٿرين وارن ماڳن مان اهڙيون ثقافتي شيون لڌيون آهن، جن جو تعلق سنڌو تهذيب جي زوال واري دؤر 1900 کان 1600 ق.م سان آهي. هنن ماڳن مان ٺڪر جا ٿانءُ ملڻ سان گڏ قلعن ۾ ڀانڊن جي تعمير جا پڻ اهڃاڻ مليا آهن. اهڙين حقيقتن مان واضح ٿي وڃي ٿو، ته سنڌوءَ جي زوال واري تهذيب ۾ عروج واري سنڌو- تهذيب جون خوبيون ۽ خاصيتون موجود هيون. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته سنڌو- تهذيب جي هن دؤر جي ماڻهن وٽ لاشن جي نيڪال جون ٻه رواتيون موجود هيون، اتر وارا سنڌي لاشن کي ساڙيندا ۽ ڏکڻ وارا نيهر ڪندا هئا.

سنڌو- تهذيب جي زوال واري دؤر 1900 کان 1600 ق. م دوران ڳوٺن ۽ وسندين ترقي ڪري شهرن جي صورت اختيار ڪري ورتي هئي، جنهن کي ويدن واري ابتدائي ثقافت سڏي سگهجي ٿو،. اهڙيءَ ريت رگويد ۾ ارما (Arma) ۽ ارماڪس (Armakus) جا حوالا ملن ٿا، جنهن مان معلوم ٿي  وڃي ٿو ته سنڌو- تهذيب جي شهرن جا ناس ٿيڻ جا اهڃاڻ هن ڪتاب ۾ موجود آهن ۽ ويدڪ آرين کي اهڙي خبر هئي. ان کان سواءِ پوئين دؤر (Post Indus) واري دؤر جا چمڪدار پراڀس ۽ ڳيرڙي جي چٽسالي پراڀس III جا ٿانءُ، دوارڪا، نوهه، هستيناپور، ڀڳوانپور، ڪورو کيتر ڀرسان هُلاس، ڪوسمبي ۽ آهيڇاترا (Ahichtra) جا ماڳ مها ڀارت واري دؤر سان تعلق رکن ٿا.

REFERENCES

1.             Marshall J. (1931) Mohenjo-Daro and the Indus Civilization., 3 vols. London.

2.            Mackay E.J.H. (1938) Further Excavations at Mohenjo-daro, 2 vols. New Delhi.

3.            Vats M.S (1940) Excavations at Harappa, 2 vols. New Delhi.

4.            Piggot S. (1950) Prehistoric India Hammondsworth Penguin Books.

5.            McCown (1957) The Comparative Stratigraphy of Early Iran. Chicago.

6.            Sankalia H.D. (1974) Prehistory and Protohistory of India and Pakistan, Poona.

7.            Allchin Bridget and F. Raymond Allchin (1983) The Rise of Civilization in India, New Delhi.

8.            Jarrige F. (1984) Towns and Villages of Hill and Plain, FIC 289-300

9.            Wheeler Sir Mortimer (1968) The Indus Civilization: Supplementarty volume of Cambridge Indain History, 3rd edition, Cambridge.

10.        Rao S.R (1985) Lothal-A Harappan Port Town. MASI No. 78 II New Delhi.

11.         Koskenniemi S, Parpola A and Parpola S (1973) A Concordance to the Indus Script 1: Helisinki.

12.        Stein Sir Aureil (1929) An Archaeological Tour in Waziristan and Northern Baluchistan MASI No. 37, Calcutta.

13.        Stein Sir Aureil (1931) An Archaeological Tour in Waziristan and Northern Baluchistan MASI No. 42, Calcutta.

14.        Stein Sir Aureil (1931) Archaeological Tour in Gedrosia: MASI No. 43, Calcutta.

15.        Stein Sir Aureil (1937) Archaeological Reconnaissance in north Western India and South Eastern Iran, London

        Stein Sir Aureil (1942) A survey of ancient sites along the        "Lost" Sarasvati river: Geological Journal vol. 99, 173-82

16.        Mackay E.J.H. (1943) Chanhu-Daro Excavations 1935-36. Boston Museum of Fine Arts vol. 20

17.        Hargreaves H (1929) Excavations in Baluchistan, 1925 MISI No. 35, Calcutta.

18.        Vats M.S. (1936) Excavations at Rangpur: Limbdi State, Kathiawar ARASI 1934-35, 34-38

19.        Vats M.S. (1935) Kotla Nihang ARASI 1929, 131-32

20.       Majumdar N.H. (1931). Excavations at jhukar ARASI 1927-28, 76-82

        Majumdar N.H. (1934) Exploration in Sind MASI  No. 48

        Majumdar N.H. (1935) Exploration in Sind MASI  1929- 30, 110-20; 1930-34; 90-106

21.        Starr F.F.S. (1941) Indus Valley Painted Pottery, Princetion.

22.       Stein A (1943) On Alexander's route to Gedrosia, Geological Journal vol. 102 Nos. 193-227

23.       Ross E.J. (1946) A Chalcolithic site in northern Baluchistan JNES vol, 5, 291-315

24.       wheeler R.E.M. (1947) Harappa 1946: AI No.3, New Delhi.

25.       Ghosh A. (1952) The Rajputana desert: its archaeological aspect: Bulletin National Institute of Sciences, New Delhi. vol.I, 37-42

26.       Lal B.B. (1962) A New Indus Valley provincial capital discovered: Excavation at Kaliobangan in northern Baluchistan ILN, Mar 24, 454-7

        Lal B.B. (1979) Kalibangan and the Indus Civilization     Essays in Indian Protohistory (ed) D.P. Agrawal and Dilip      K. Chakrabarty, Delhi, 65-97

        Lal B.B. (1984) Some reflections on the structural remains at Kalibangan: FIC 54-73

27.       Thapar B.K. (1969) The pre-Harappan pottery of Kalibangan-An Appraisal of its Interrelationshi.: P Potteries in Ancient India (ed) B.P. Sinha, Patna.

        Thapar B.K. (1975) Kalibangan- A Harappan metropolis   beyond the Indus valley. Expedition vol. 17.2, 19-32

        Thapar B.K. (1985) Recent Archaeological Discoveries in India (Unesco Publication).

28.       Rao S.R. (1963) Excavations at Rangpur and other Explorations in Gujarat Ancient India No. 18-19 Delhi, 5-207

29.       IAR 1954-55 to 1961-62

30.       Rao S.R. (1963) op. cit.

31.        Momin K.N. "The Excavations at Kanawal' Archaeological Congress, Bhopal (paper presented).

32.       IAR (1977-78), 20-21

        Parikh R.T (1976), Zekhada, An important newly discovered Harappan site in the Banaskantha district, Gujarat, Archaeological Congress and Seminar (ACS),     1972 (ed.) Udai Vir Singh, Kurukshetra, 46-50

33.       Dhavalikar M.K (1984) sub-Indus Cultures of Central and Western India FIC 243-251

34.       Joshi J.P. (1974) Surkotada: A chronological assessment Puratattva No. 7, 34-38

        D.P Agrawal and D.K. Chakrabarti (1974) The nature of settlement in Surkotada op. cit 59-64

        Joshi J.P. Madhu Bala and Jassu Ram (1984) The Indus Civilization: A reconsideration on the basis of distribution    maps FIC 511-18

35.       Sharma Y.D. (1982) Harappan Complex on the Satluj (India) (ed) Possehl G.L.Harappan Civilizattion-A Contemporary Perspective 141-165

36.       Ibid.

37.       Suraj Bhan (1969) Excavations at Mitathal (Hissar) Journal of Haryana Studies I (1) 1-15

        Suraj Bhan (1975) Excavations at Mitathal (1968) and other explorations in the Sutlej-Yamuna Divide, Kurukshetra University.

38.       Dixit K.N.(1984) Late Harappa in northern India FIC, 235-69

39.       Bisht R.S. (1982) Excavations at Banawali 1974-77 Harappan Civilization: A contemporary perspective (ed) G.L. Possehl, New Delhi  113-124

        Bisht R.S. (1987) Further Excavation at Banawali: 1983-  84, Archaeology and History 135-156

40.       Rao S.R. (1978) Late Harappan Daimabad ILN April 1978, 74-75

41.        Sali S.A. (1984) Late Harappan settlement at Daimabad FIC 235-42

42.       Fairservis W.A. Jr. (1982) 'Excavation at a small Harappan site' Possehl (1982) op. cit. 107-112

43.       Dales G.F. (1974) Excavations at balakot, Pakistan 1973, Journal of Field Archaeology 1 (1-2), 3-22 Boston.

44.       Mughal M.R. (1980) New Archaeological Evidence from Bahawalpur: Indus Civilization: New Perspectives (ed) A.H. Dani, 33-41 Mughal M.R. (1984) The Post-Harappan phase in Bahawalpur District, Pakistan FIC 499-503

45.       Durrani F.A. (1984) SomeEarly Harappan sites in Gomal and Bannu Valleys FIC 505-510

46.       Karlovsky L (1973) Urban interaction on the Iranian Plateau: Excavations at Tepe Yahya 1967-73. Proceedings of the British Academy vol. LIX, 1-43

47.       Masson V.M and Sarianidi V.I. (1972) Central Asia: Turkmenia Before the Achaemenids, London.

48.       Casal J.M. (1979) Amri: An Introduction to the History of the Indus Civilization Agrawal D.P. and D.K. Chakrabarti (ed). 1974, op, cit 99-112

49.       Francfort P. (1984) The Harappan Settlement in Shortugai FIC 301-10

50.       Possehl G.L. (1982) Harappan Civilization New Dehli, 20-21

51.        Rao S.R. (1963) Al  Nos. 18-19, 15

52.       Rao S.R. (1973) Lothal and the Indus Civilization Bombay,, 60

53.       Possehl G.L (1982) op, cit. 354-55

54.       Rao S.R. (1985) op, cit. 588-97

55.       Rao S.R. (1979) Lothal A Harappan Port Town MASI No. 78, New Delhi.

56.       Bisht R.S. (1987) op, cit.

57.       Mughal M.R. (1980) op, cit.

58.       Dikshit K.N (1984) op, cit.

59.       Mehta R.N. (1984) A station of Harappan cattle-breeders FIC 227-30

60.       Mcdonell H.A The Vedic Index I, 488-89

61.        Agrawal R.C. (1984) Aravalli: The major source of copper for the Indus and Indusrelated cultures, FIC, 157-62

62.       Wheeler Sir Mortimer (1968) op, cit.

63.       Agrawal D.P. (1964) Harappa Culture: New evidence for a shorter chronology, Science No. 3609, 950-2

64.       Ramachandran K.S (1984) Dating the Indus Civilization FIC 538-39

65.       Dhavalikar M.K. (1984) op, cit. 243-52

باب ٻيو

سنڌو- تهذيب جو وچ وارو علائقو

ماحول

سنڌو تهذيب جو وچون صوبو سنڌ ۽ پنجاب تي مشتمل هو. موهن جي دڙي واري دؤر ۾ هن ٻنهي علائقن جون ٻنيون گهڻو آباد هيون. پر پوءِ اهي علائقا برپٽ بيابان ٿي ويا. هاڻي سنڌ جو ڪجهه علائقو سکر بئريج جي پاڻي وسيلي آباد ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن ڪير سامونڊي ڪناري کان اتر طرف وڌڻ شروع ڪندو، ته کيس ٿر وارو رڻ پٽ ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪو جيڪب آباد جي سامهون اٽڪل 200 ڪلو ميٽر اوڀر کان اولهه ويڪرو ڏسڻ ۾ ايندو. اهڙيءَ ريت اونهاري ۾ F 120 ۽ سياري ۾ F. 32 گرمي پد ڏسڻ ۾ ايندو. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به ساڳيو گرمي پد آهي، جيڪو سنڌ ۾ واقع آهي. ڏکڻ سنڌ ۽ پنجاب جي زمين ڪلراٺي آهي. اتان کان اتر هلبو ته جابلو چوٽيون ساوڪ سان ڍڪيل ڏسبيون. سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي سکر ۽ ڪوٽڙي وٽ ضابطي هيٺ رکي سگهجي ٿو. هن نديءَ جي پاڻي ۾ ايتري سگهه آهي. جو عام جبل کي کائي ۽ پائي سگهندو آهي. مٿي بيان ڪيل جڳهن وٽ بئريج ٺهيل آهن. چاڙهه جي رت ۾ ٻڌل بند کي ڀڃي چوڌاري ٻوڙان ٻوڙ لائي ڏيندو آهي. ويجهي ماضيءَ تائين ته اهڙي صورتحال هئي. گذريل چئن هزارن سالن کان هن درياه پنهنجا ڪيئي پيٽ بدلايا آهن ۽ سوين ڳوٺ، واهڻ، وسنديون ۽ شهر اجاڙيندو ڀينگ ڪندو رهيو آهي. (خاڪو 4) سرسوَتي (گهگهر) درياه به ائين هوندو هو، هي وهڪرو ڪڏهن ته ستلج سان وڃي ملندو هو. هنن وهڪرن جو گڏيل ڇوڙ وڃي سنڌوءَ سان ملندو هو. اهڙو سلسلو سنڌو- تهذيب کان اڳ واري دؤر ۾ به هو. ڪڏهن ته سرسوَتي (گهگهر) جو پاڻي پنهنجي پيٽ ۾ به وهندو هو ۽ سنڌو ناري درياه ۾ وهي ڪڇ جي نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو.

سنڌو- تهذيب واري ڌرتيءَ لاءِ چيو ويندو آهي، ته اها ساوڪ سان ڍڪيل هوندي هئي (اهو سنڌو- تهذيب جي عروج وارو دؤر هو) ان جو مطلب آهي ته هنڌين ماڳين گهاٽا ٻيلا هوندا هئا، جتي ننڍا وڏا بيشمار جانور رهندا هئا، جن ۾ چيتا ۽ هاٿي به هوندا هئا. هنن ٻيلن مان عمارتي ڪاٺ ۽ سرن پچائڻ لاءِ کورن جو ٻارڻ ملندو هو. رئڪس (Rackes) جو خيال آهي ته هنن گهاٽن ٻيلن سان گڏ ٻوڙا ۽ توڙي (Husks) به ملي ويندي هئي. هتي ٻئي شيون کورن پچائڻ جي ڪم اينديون هيون (1). هاڻي سنڌ ۾ ساليانو 15 mm مينهن وسندو آهي. ايتري ٿوري پاڻيءَ وسيلي وارياسي زمين آباد ٿي ڪانه سگهندي آهي. قديم ماڳن جي کوٽاين ۽ کوجنائن مان ڄاڻ ملي آهي. ته ٻٻر ۽ لئي جو ڪاٺ ڪم آندو ويندو هو. ان کان سواءِ چيل (Deodar) ۽ ٻئي قسم جو ڪاٺ به ڏسڻ ۾ آيو آهي. امڪان آهي ته اهڙو ڪاٺ هماليه واري جابلو علائقي مان ايندو هوندو.  جڏهن ته ساڳ (Teakwood) سابر متي جي اتر کان ايندو هوندو.

هن ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش ڪانه آهي ته 3000 ق. م دوران پنجاب جا ميداني علائقا ڏاڍا سرسبز ۽ آباد هئا. ڊي. پي اگروال راجسٿان ۾ مختلف قسم جا تجربا ڪري ڄاڻ ڏني آهي، ته

 

سنڌو جا پراڻا وهڪرا


 

سنڌو- تهذيب کان اڳ ۾ سنڌو- تهذيب جي عروج واري زماني ۾ پاڻي تمام گهڻو هوندو هو. خاص ڪري ٻين هنڌن جي ڀيٽ ۾ راجسٿان جي الهندي پاسي پاڻيءَ جا وڌيڪ ذخيرا هئا، جيڪو سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي پهچ وارو علائقو هو (2). سندس بيان آهي ته سينگهه (Singh) راجسٿان جي اتر وارين لوڻ جي ڍنڍن (سنن) تي تمام گهڻا تجربا ڪيا هئا، جن مان پرسپيٽيشن (Precipitation) جي ريڊيو ڪاربان وسيلي گهٽ وڌائي جي ڄاڻ ملي آهي، جنهن مان برفاني دورن جي تسلسل جي اهم معلومات حاصل ٿي آهي. مذڪوره ماهر هن حقيقت ڏانهن اشارو ڏنو آهي ته (Pre-halo cene) جي B.P ,1150 جي خشڪ سالي کان سواءِ راجسٿان 3500 بي پي ۾ وڌيڪ گهم وارو رهيو آهي. تنهن ڪري هي علائقو (راجسٿان) موجوده دؤر کان وڌيڪ پاڻي واري جُوءِ رهيو آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته هن جو 5000 کان 3500 بي پي جي وچ وارو دؤر پاڻي وارو (Wet) رهيو آهي. ان کان پوءِ 3000 کان 2000 ق.م وارو دؤر آيو، جيڪو ڏاڍو خشڪ هو. ان کان پوءِ راجسٿان جي آبهوا اهڙي ٿي وئي، جهڙي موجوده دؤر جي آهي. (3) سڪندر اعظم جي تذڪره نويسن جو بيان آهي ته سنڌ ڏاڍي سائي ڍائي ۽ سکي ستابي هئي. 3000 ق.م دوران ۽ سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر ۾ شهري تجارتي مرڪزن ڀرسان گهڻن ڳوٺن ۽ وسندين جا اهڃاڻ ملن ٿا، جيڪي وڏن شهرن کي ڪاٺ ڏيندا هئا. اهڙي وايو منڊل مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته انهيءَ سمي دوران سنڌ ۾ 50 سينٽيميٽر CM مينهن وسندو هوندو. ان پاڻيءَ کان سواءِ برساتي نيون ۽ برفاني ننڍيون وڏيون نديون ۽ نيون به وهنديون هيون. تنهن ڪري سنڌو ۽ ان جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هر سال اٿل ڪري ڀريون ۽ پاسا ٻوڙي ڇڏينديون هيون ۽ پاڻيءَ ۾ آيل لٽ زمين جي مٿاڇري تي ويهي ويندو هو. تنهنڪري پوکي راهي ڏاڍي ڀلي ٿيندي هئي. اهڙن ذريعن وسيلي اتان جي ماڻهن کي نه رڳو پاڻي پر مڇي به ملي ويندي هئي. پر پاڻيءَ جا اهي وهڪرا انسانن ۽ سامان جي آمدرفت جا اهم وسيلا به هوندا هئا. اهڙيءَ ريت هن حقيقت کي به محسوس ڪرڻ گهرجي، ته سنڌو درياه سنڌو تهذيب جي اوسر ۽ ترقيءَ جو وڏو ذريعو هو. پر ان سان گڏ تباهي جو ڪارڻ به هو. هن جي پاڻيءَ مٿان ضابطي ڪرڻ کان اڳ هي درياءُ اٿل ڪري نه رڳو ڀلا فصل ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيندو هو، پر وسندين، واهڻن، ڳوٺن ۽ ننڍن وڏن شهرن کي به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندو هو. هتان جي ماڻهن پنهنجي شهرن کي بچائڻ لاءِ پنهنجا گهر ٿلهن تي مٿي جوڙيا هئا ۽ ڳوٺن ۽ شهرن جي چوڌاري مضبوط ڪوٽ به اڏي ڇڏيا هئا. پر بدقسمتي جي ڳالهه اها هئي، ته جيڪي ماڻهو فطرت سان مقابلو ڪري ٻوڏ جي پاڻيءَ کان پنهنجا گهر گهاٽ بچائڻ واسطي ويهن ئي ننهن جا زور ڏئي رهيا هئا، سي ٻيلا وڍي ٻنيون آباد ڪري ماحول کي ناس ڪري پنهنجي پير تي ڄڻ پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيا هئا. ٻيلن جي وڍجي وڃڻ ڪري درياهن کي زمين پائڻ ۽ پيٽ بدلائڻ لاءِ سولائي ٿي پئي هئي. موجوده دؤر ۾ توڙي جو مينهن گهٽ وسندا آهن، پر ان هوندي به پاڻيءَ جي چاڙهه جا واقعا جام ٿيندا آهن. ڇاڪاڻ ته ماحول جي بدلجي وڃڻ ڪري ڪُمهلا مينهن وسندا آهن. لوٿل وارو ماڳ ڀال (Bhal) واري علائقي ۾ واقع آهي. جتي 1971ع، 1977ع ۽ 1979ع ۾ وڏيون ٻوڏون آيون هيون. ايتري قدر جو ڀوگاوو نديءَ تي ٺهيل اوچي پل مٿان به اڃان ميٽر پاڻي وهي رهيو هو ۽ نديءَ جي ڪنارن کان ٻه سو ڪلوميٽر پري تائين سارو علائقو ٻڏي تباهه ٿي چڪو هو. 1979ع واري چاڙهه ۾ ته راجسٿان وارو اجمير شهر به ٻڏي ويو هو. اهڙين حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو- تهذيب جي عروج واري زماني ۾ ٻوڏون به تمام وڏيون ٿينديون هيون.

ٻن شهرن جو پتو

هڙاپا جي ماڳ بابت پهريون حوالو 1826ع ۾ چارلس مارسن (Charles Marson) پنهنجي سفرنامي ۾ ڏنو هو. هيءُ سنڌو- تهذيب جو هڪ اهم ماڳ آهي. سندس بيان آهي، ته هن قديم ماڳ جي چوڌاري هڪ اوچو پڪسرو قلعو آهي، جنهن کي وقت جي هٿوڙي ڀڃي ڀوري ناس ڪري ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ 1831ع ۾ هتي اليگزينڊر برنس به آيو هو. ڪننگهام (1853ع، 1856ع) (4) قديم آثارن جو اهو پهريون ماهر هو، جنهن هن قديم ماڳ کي پاڻ اچي ڏٺو هو ۽ کوٽائي به ڪرائي هئي. هن جو چوڻ آهي ته هي اهوماڳ آهي، جنهن کي شين سئنگ (Hieun Tsang) پو-فا- تو- لو سڏيو آهي. انهيءَ کان پوءِ هن ماهر 1845 ۾ هڙاپا جي ماڳ جو نقشو ۽ اتان لڌل مهر (Seal) شايع ڪرائي هئي.

1856ع ۾ ڪراچي کان لاهور واري ريلوي پٽڙي تيار ٿي رهي هئي، جنهن جا ٺيڪيدار جان (John) ۽ وليم برون لو (William Brun loe) نالي ٻه ماڻهو هئا. هنن ٺيڪيدارن هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي مٽي کوٽائي ريلوي بند اڏڻ ۾ ڪم آندي ۽ سرون ڪڍي ريلوي جون پليون تعمير ڪرايون هيون. مٽيءَ جي کوٽائيءَ دوران هنن کي ڪجهه مهرون مليون، جن تي تصويري لکت ٿيل هئي. موهن جي دڙي وارو ماڳ ڀنڊارڪر (Bhandarkar) 12-1911ع ۾ ڏٺو هو. مسٽر واٽس (Vats) ۽ آر. ڊي. بئنرجي (R. D. Banerjee) هن ماڳ جي کوٽائي 21-1920ع کان 34-1933ع تائين ڪرائي هئي. سر جان مارشل 1924ع ۾ (Illustrated London News) ۾ ڪجهه مهرون شايع ڪرايون هيون، جنهن کان پوءِ معلوم ٿيو، ته موهن جي دڙي وارو ماڳ تاريخ کان اڳ واري ڪنهن قديم دؤر سان تعلق رکي ٿو. ان کان جلد ئي پوءِ هڪ وسيع سنڌو- تهذيب جو پتو پئجي ويو. هارگريوز (Horgseaves) 26-1925ع (5) بلوچستان جي پراڻن ماڳن جي جاچ پڙتال ڪئي. اهڙي ريت اين. جي مجمدار سنڌ ۽ پنجاب جي قديم ماڳن جي سروي ڪئي هئي. سنڌو- تهذيب پنهنجي قديم دؤر ۽ ايراضيءَ ۽ وسعت ڪري دنيا جي هڪ وڏي تهذيب آهي. هن جي ڏکڻ ۾ لوهم جو دڙو، واهي پانڌي، علي مراد، غازي شاه، دمب بُٺي، ڍال، آمري، شاه جو ڪوٽڙيو، الهڏنو،  ٿاڻو بولا خان، جڏهن ته سنڌوءَ جي اوڀر پاسي چانهونءَ جو دڙو، اتر اوڀر ۾ ڪوٽيسر ۽ ڪوٽڏجي ۽ اتر طرف وارو جُدير جو دڙو واقع آهي. هي سنڌو- تهذيب جا موجوده دؤر واري سنڌ جي حدن ۾ اهم قديم ماڳ آهن. هنن سڀني ماڳن مان الهڏنو ساند تمام ننڍو آهي. پر هن سنڌو تهذيب جي عروج واري دؤر جي ڳوٺن تي هڪ نمايان روشني وڌي آهي.

هن تهذيب جا 414 ماڳ پنجاب جي ضلعي بهاولپور ۾ رحيم يار خان ۾ آهن، جيڪي هاڪڙي درياه جي ڪناري سان 480 ڪلوميٽرن تائين هلندا وڃن ٿا. رفيق مغل جي خيال مطابق هنن مان 99 ماڳ چوٿين سهس ق. م (4Millennium) سان واسطو رکن ٿا. انهن ماڳن مان لڌل ٿانءُ کي هاڪڙي جا ٿانءُ سڏيو ويو آهي، جنهن جي دؤر جو واسطو جليل پور-1 سان آهي. هتان جي چاليهن ماڳن جو تعلق ڪوٽڏجي واري دؤر ٽين سهس ق. م سان ڏسجي ٿو. هن ماهر جو خيال آهي، ته اهو سنڌو تهذيب کان اڳ وارو دؤر آهي، جيڪو متنازع آهي. سنڌو تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل 174 ماڳ آهن، جيڪي ٽين سهس ق. م جي وچين ۽ پوئين زماني سان تعلق رکن ٿا. جڏهن ته 50 ماڳ سنڌو- تهذيب جي پوئين دؤر (late Indus) سان واسطو رکن ٿا، جيڪي هڙاپا جي ’H‘ سيميٽري سان سهيوڳي ۽ ٻي سهس ق. م جي ابتدائي حصي سان تعلق رکن ٿا. رفيق مغل هتان لڌل چاهين رنگ (Grey ware) ۽ ڪاري چٽسالي واري ڳاڙهي ٿانءُ (Black-or-Red) وارن ماڳن کي (Post Indus) واري دؤر سان ڳنڍيو. سندس نقطهء نظر موجب اهي ماڳ ٻي سهس ق. م جي آخري ۽ پهرين سهس ق. م جي ابتدائي حصي سان واڳيل آهن. هتان ٺڪر جا ڏاند ۽ ڳئون، سنک (Shell) جون چوڙيون، پٿر جون ٻه منڊيون. ڇريون ۽ پٿر جون نيزن يا ڏڦن جون اڻيون لڌيون آهن. هنن ماڳن کي گُملا-1، رحمان ڍيري ۽ جليل پور-1 سان ڀيٽائي سگهجي ٿو. هاڪڙي درياه جا اهي ماڳ ڏيراور قلعي (چولستان) جي اوسي پاسي پکڙيل آهن، جن کي هاڪڙي- ٿانءُ وارا ماڳ سڏيو ويندو آهي. هنن مان ٻن ماڳن جو تعلق سنڌو- تهذيب کان اڳ واري ۽ چئن جو سنڌو تهذيب جي عروج واري زماني سان آهي (6).

هتي سنڌو- تهذيب کان اڳ واري ٿانءُ  جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جيڪي چڪ وسيلي ٺاهيا ويندا هئا- جن جا ڪَنا وريل ۽ ڪنن هيٺان پاسن تي ڪاري چٽسالي هئي. اهڙا ٿانءُ رنگ جا ڳاڙها سنها نازڪ ۽ نفيس هئا. هنن جي گهاڙ مان چڱيءَ ريت معلوم ٿي  وڃي ٿو ته سندن تعلق لوٿل جي ڳاڙهي چمڪدار ٿانءُ  سان هو، جن جو سنڌو- تهذيب جي اڳ واري دؤر سان لاڳاپو آهي. چولستان مان ڪوٽڏجي- ٿانءُ  جي گهاڙ جهڙا ٿانءُ هٿ لڳا آهن. رفيق مغل جو خيال آهي، ته انهن ماڳن جو تعلق سنڌو- تهذيب کان اڳ واري دؤر ۽ ٽين سهس ق. م سان آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته سيسوال ((A-Siswal، ڪئليبئنگن، سوڪوٽاڊا، ڪوٽادا (ڍول ويرا) ۽ ڏيسالپور به ساڳئي دؤر سان واڳيل آهن. اوائلي سنڌو تهذيب جي دؤر (Early Indus) کي شروعاتي سنڌو تهذيب (Pre Indus) سمجهڻ کپي. سنڌو- تهذيب کان اڳ واري ثقافت کي سنڌو- تهذيب جي قديم شڪل سمجهڻ گهرجي، جيڪا هوريان هوريان اسري سنڌو- تهذيب جي صورت ڌاري چُڪي هئي. هيءَ ثقافت وسيع قسم جي چٽساليءَ جي روپ ۾ هڪ پاسي کان رحمان ڍيري ۽ جليل پور کان سيسوال ۽ بنا والي تائين ڏسجي ٿي، ته ٻئي طرف کان ٽيڪسلا ماٿريءَ کان وٺي راجسٿان ۽ ڪڇ تائين موجود آهي. اوائلي سنڌو تهذيب (Early Indus) وارا ماڳ مستقل آهن. جڏهن ته هاڪڙي- ٿانءُ واريون وسنديون ۽ گجرات جا ٿورو آڳاٽو سنڌو تهذيب (late Indus) ماڳ ڄڻ سانگي ماڻهن جون وانڍيون آهن. ائين معلوم ٿي رهيو آهي، ته انهن وسندين جا ماڻهو ٿورو وقت اتي ترسي لڏو پٽي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي ويٺا آهن. چولستان جي ماڳن جي کوٽائيءَ کان اڳ اهڙي درجه بندي ڪرڻ ڏکي ڳالهه آهي، اهي وسنديون ماڻهن جون رهائشگاهون هيون، يا انهن سان گڏ ڪي صنعتي سرگرميون به موجود هيون. پر انهن مان گهڻيون تڻيون گجرات جي ٿورو آڳاٽي سنڌو تهذيب (late Indus) جي وسندين جيان پنجن هيڪٽرن کان به گهٽ ايراضيءَ تي پکڙيل آهن. جڏهن ته رحمان ڍيري ۽ ڪئليبئنگن جو تعلق اوائلي سنڌو تهذيب جي دؤر (Early Indus) سان آهي. پر سندن پکيڙ واري ايراضي ويهن هيڪٽرن کان به مٿي ٿيندي.

سنڌو تهذيب جي عروج واري دؤر ۾ چولستان واريون وسنديون اتر- اوڀر کان ڏکڻ- اولهه ڏانهن سرڪنديون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي اڳتي وڌي وڃي ڏيراور (Derwar) قلعي سان لڳبيون آهن. ان کان سواءِ وسندين جي ايراضي به وڌيل ٿي ڏسجي. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته ماڻهو به گهڻي وقت تائين وسندين ۾ ويٺا رهيا آهن. اهڙيءَ ريت اها وسندي سانگي ماڻهن جي ڪا وانڍ ڪانه ٿي ڏسجي. مٿي بيان ڪيل ڳالهين کان سواءِ هنن وسندين ۾ سنڌو تهذيب جي وڏن شهرن جهڙوڪ: موهن جو دڙو، هڙاپا، ڪئليبئنگن ۽ لوٿل واريون خوبيون ۽ خاصيتون ڏسجن ٿيون. ڇاڪاڻ ته ڌاتوءَ جي ڪاريگرن جا ڪارناما، ڪنڀرن جي صنعت ۽ ٿانءُ  پچائڻ وارين آوين جا ٿاڪ ۽ وينجهرن جي صنعت لاءِ جدا جايون هيون جيڪي رهائشگاهه کان الڳ ۽ وٿيرڪيون هيون. اهڙيون وسنديون ڏيراور قلعي جي اوسي پاسي ڏسجن ٿيون. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته انهن ماڻهن ٽامي جي ذخيرن ڀرسان وسندين اڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي راجسٿان جي جهوجهونو (Jhujhunu) جي کيتري سنگهانا (Vhetre Sipahama) واريءَ جوءِ ۾ موجود هئا. ڏيراور قلعي ڀرسان سڌو والا تير (Sedhuwalateer) جو قديم ماڳ هو، جتي ٽامي کي رجائڻ جا ڪارخانا موجود هئا.

چولستان ۾ ٿورو آڳاٽي سنڌو تهذيب جي دؤر (Late Indus) واريون وسنديون به موجود آهن، جن مان هٿ آيل ثقافتي شيون اهڙيون آهن، جو سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو، ته اهو دؤر سنڌو تهذيب جي زوال وارو زمانو هو. زوال جو اهو مرحليوار دؤر رنگپور ۽ لوٿل ۾ به ڏسجي ٿو. جن جي ثقافتي شين مان سنڌو تهذيب جو اجاڙ ۽ بگاڙ بکي رهيو آهي. هنن ماڳن ۾ چٽساليءَ وارا چاهان ٿانءُ به ڏسجن ٿا، جن جو تعلق ٿورو آڳاٽي دؤر (Late Indus) کان پوءِ واري دؤر (Post Indus) سان آهي، اهڙو دؤر چولستان ۾ پڻ موجود هو. اهڙيءَ ريت چٽسالي واري چاهين ٿانءُ  (PGW) جا اهم مرڪز راجسٿان، هريانه، اتر پرديش ۽ پنجاب هئا. ساڳيءَ ريت چٽسالي واري چانهين ٿانءُ  جو تهه ڀڳوانپور ۽ ڍانڍيري ۾ موجود ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جو تعلق ٿورو آڳاٽي دؤر يعني (late Indus) واري دؤر سان آهي، جيڪو ٻي سهس ق. م سان واسطو رکي ٿو. هن کي رزميه دؤر چئي سگهجي ٿو. راجستان ۾ چولستان جي چٽسالي چاهين ٿانءُ  سان لاڳاپيل وسنديون ايراضيءَ جي لحاظ کان ننڍيون آهن- جيڪي چئن پنجن هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي اڏيل ڏسجن ٿيون.

چولستان واري علائقي ۾ هاڪاڙي- ٿانءُ، ڪوٽڏجي- ٿانءُ، سنڌو- تهذيب جي عروج، ان کان پوءِ واري (late Indus) ۽ پوئين دؤر (Post Indus) جي دورن سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي وسنديون موجود آهن، جن مان هاڪڙي درياه جي پيٽ بدلائڻ جو سولائيءَ سان پتو پئجي سگهي ٿو. (خاڪو- 5) هن وهڪري کي ويدن جي دؤر جي سوسوتي ندي طور سڃاتو ويو آهي. چوٿينءَ سهس ق.م جي پڇاڙيءَ ٽين سهس ق. م جي ابتدائي دؤر ۾ هاڪڙو هڪ درياه جي صورت ۾ موجود هو، جيڪو بهالپور ضلعي مان وهندو رهندو هو. حالتن مان معلوم ٿي رهيو آهي ته اتر- اوڀر کان ايندڙ وهڪرو ٽين سهس ق. م ڌاران بند ٿي ويو هو. مگر ستلج جي ڏکڻ- اوڀر واري ڇاڙهه اڃا به وهي رهي هئي. اهو به معلوم ٿي رهيو آهي، ته ٽينءَ سهس ق. م جي پوئين حصي سان تعلق رکندڙ سنڌو- تهذيب جي عروج واريون ۽ ٻي سهس ق. م جي ٿورو آڳاٽي دؤر جون (late Indus) واريون وسنديون پنهنجي پنهنجي زماني ۾ هڪ جڳهه تي ڳوڙهه جي شڪل ۾ ڏسجن ٿيون. اهڙي وايو منڊل مان چڱيءَ ريت معلوم ڪري سگهجي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ هاڪڙو (سرسوتي) درياه جو وهڻ بند ٿي ويو هو. پر ڪنهن نه ڪنهن وهڪري جو ٿورو ٿڪو پاڻي ضرور موجود هو. جنهن ڪري سرسوتي جي پيٽ ۾ وڏيون ڍنڍون ۽ ڍورا ٺهي ويا هئا. ماڻهو به اڳيان ڳوٺ ڇڏي انهن ڍنڍن ڍورن جي ڪنڌين ڪنارن سان وسنديون جوڙي رهيا هئا.

هاڪڙي وارو  چانهون ٿانءُ ڏيراور جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه پاسي وارين ڳاڙهسرين- ڀورين ڀٽن جي چوٽين تي موجود ڏسجي ٿو. اهڙي وايو منڊل مان چڱيءَ ريت معلوم ٿي وڃي ٿو ته، ٿر جي ڳاڙهسري ڀوري واري چوٿين سهس ق.م کان به اڳ اڳتي سرڪي ڏيراور تائين پهچي چڪي هئي. پر هيءَ حقيقت به ڪنهن دلچسپي کان خالي ڪانه آهي، ته ٿر جي ساڳئي رنگ جي واري (late Indus) دؤر جي ماڳ ڪنستوريا (Kanasturia) کي ڍڪي ڇڏيو آهي. نه رڳو اهو پر هن واري پوئين دؤر (Post Indus) جي ماڳ سجانپور کي به ڍڪي ڇڏيو هو، جيڪو گجرات جي ميهاسانا (Mehasana) ضلعي ۾ واقع آهي. هن سان گڏ اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ به آهي، ته ٿورو آڳاٽي دؤر (late Indus) سان لاڳاپيل بنسڪڻٿا (Banaskanitha) ضلعي جو زيکادا (Zekhada) ماڳ پوءِ به آباد هو.  اهڙي حقيقتن مان واضح ٿي وڃي ٿو، ته ٿر جي ڳاڙهي واري اتر طرف تيز رفتاريءَ ۽ ڏکڻ پاسي سست رفتاريءَ سان سفر ڪندي رهي آهي. اهڙين حقيقتن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌو تهذيب جي وچ حصي واري شهنشاهت اتر- اوڀر ستلج درياهه ۽ اولهه پاسي سنڌ- بلوچستان جي سرحد جي وچ ۾ واقع هئي.

وڏا اهم ماڳ

موهن  جي دڙي واري شهر ۽ هڙاپا جي تعميراتي منصوبه بندي بلڪل هڪ جهڙي آهي. هن صورتحال مان معلوم ٿي  وڃي ٿو ته ٻنهي ماڳن جي ماڻهن ۾ تمام گهڻو رابطو موجود هو. مٿي اوچي ٿلهي تي ٺهيل  قلعه نما تعمير ۽ ڀانڊن جي جوڙجڪ ۾ ٿورو گهڻو فرق موجود ضرور آهي. ليڪن ٻنهي شهرن ۾ اولهه پاسي هڪ وڏو دڙو ۽ اوڀر پاسي گهڻا ننڍا ننڍا دڙا آهن. هنن ٻنهي شهرن ۾ ساڳيائپ ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اهي ٻئي ڄڻ جاڙا شهر هئا.

هڙاپا

موجوده دؤر جو ڳوٺ هڙاپا ضلعي جي صدر مقام مونٽگمري (ساهيوال) کان 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اولهه- ڏکڻ- اولهه طرف واقع آهي، جنهن  جي نالي پٺيان هڙاپا جي قديم ماڳ جو نالو پيو آهي. هي اهم ماڳ پاڪستان جي پنجاب علائقي ۾ موجود آهي. هن جي ڀرسان راوي درياه وهندو هو. هن قديم ماڳ جو وڏو حصو کوٽي ريلوي بند ٺاهڻ ۾ ڪم آندو ويو هو. جيڪو اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاران جڙي رهيو هو. هن دڙي جي ڪجهه حصي مٿان هڙاپا نالي ڳوٺ ٻڌو ويو آهي. مذڪوره قديم ماڳ جي کوٽائي مرحليوار ٿي رهي هئي، جيڪا آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا 1923ع ۽ 1924ع جي وچ واري عرصي دوران ڪرائي هئي، جنهن جي نگراني ماڌو سرپ والٽس (7) (Mudho Sarup Valts) ڪئي هئي. ان کان پوءِ 1946ع ۾ موٽيمو ويلر (8) پنهنجي نگراني ۾ کوٽائي ۽ کوجنا جو ڪم ڪرايو هو. اهڙيءَ ريت هن قديم شهر جي 5 ڪلوميٽر ايراضيءَ جي کوٽائي ۽ کوجنا جو ڪم مس ٿي سگهيو هو. سڀ کان وڌيڪ اتاهين دڙي جي ماپ 18 ميٽر ۽ ننڍن دڙن جي اوچائي ٻارهن کان پندرهن ميٽر هئي. ديلس (Dales) 1986ع ۾ نئين سر ڪم جي شروعات ڪئي هئي. هڙاپا جي هن ماڳ کي قديم آثارن جي ماهرن جي کوٽائيءَ ۽ کوجنا کان اڳ گهڻو نقصان پهچي چڪو هو. والٽس کوٽائي دوران شهر جي تعمير ۾ نقشي ۽ منصوبه بندي جي موجودگي واريون ڳالهيون معلوم ڪري ورتيون هيون. کيس محسوس ٿيو هو. ته اوچي ٿلهي تي ننڍڙو قلعو (Citadel) ۽ هيٺاهين علائقي ۾ شهر موجود هو، جنهن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ويندڙ گهٽيون موجود هيون ۽ ماڻهن جي آبادي به ڏاڍي ڳوڙهي ۽ گهاٽي هئي. (پليٽ- 1) جڏهن ته شهر جي ڪني پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ زيرِ زمين ۽ زمين مٿان ناليون ٺاهيل هيون. ان کان سواءِ سرڪاري ۽ خانگي جڳهون به ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون. هي پهريون ماڻهو هو، جنهن سنڌو- تهذيب (Indus Culture) ۽ پوئين دؤر جي (Post Indus) ثقافت کي الڳ ڪري بيهاريو هو،

هاڪڙا درياء جو قديم وهڪرو


 

جنهن ۾ (H-cemetery) موجود هئي. هن ٻنهي دورن جي قبرستانن جي کوٽائي ڪري اهڙي سڃاڻ ڪونه ڪئي هئي، پر ويلران ڪري وڌيڪ داد لهڻي ٿو جو هن قلعي جي تعمير ۽ R-37 Camelry جي پڻ سڃاڻ ڪئي، جيڪا هتي (H-cemetery) سان لاڳيتو ئي موجود هئي. هي پهريون ماڻهو هو، جنهن هندستان ۾ قديم آثارن جي کوٽائيءَ ۽ کوجنا جو جديد طريقو متعارف ڪرايو هو ۽ هندستان جي قديم آثارن جي ماهرن کي اهڙي سکيا به ڏني هئي. سنڌو تهذيب واري زماني ۾ راوي ندي هن شهر جي اتر پاسي کان وهندي هئي، جيڪا هاڻي هن ماڳ کان 9- ڪلوميٽر پري وهي رهي آهي.

اوچي ٿلهي تي قلعه نما عمارت ۽ هيٺيون شهر

اوچي ٿلهي تي قلعي نما عمارت  حڪمران جو رهائشگاه هو جيڪو چوڪنڊو آهي. ان جي اتر کان ڏکڻ لام جي ماپ 415 ميٽر ۽ اولهه کان اوڀر مُنڍو 193 ميٽر آهي. اهڙيءَ ريت قلعه نما عمارت واري ٿلهي جي اوچائي هوريان هوريان هلندي 12 ميٽر ٿي وڃي ٿي. مٿاهينءَ واري هن عمارت اندر 6 کان 8 ميٽر اوچيون ديواريون آهن. جيڪي ڪچين سرن سان اوساريل آهن ۽ ڪنهن ٿلهي وانگر ٺاهيل آهن. اهي ديواريون انهيءَ مقصد سان ٺاهيون ويون آهن، ته جيئنءَ پاڻيءَ جي وڏي چاڙهه کان بچاءُ ڪري سگهجي. سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر سان لاڳاپيل هن ماڳ جي هيٺان هڪ قديم وسندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جنهن جو تعلق شروعاتي دؤر (Pre Indus) واري دؤر سان هو. هن قسم جي وسنديءَ کي کوٽائي ڪندڙ ماهر (Pre- Defena accepter) جو نالو ڏنو آهي. هن ماڳ جي اڌ ميٽر تهه تان اهڙيون ٺڪريون لڌيون ويون آهن، جن جو تعلق رانا گهنڊائي (Rana Ghundai) IIIC واري ٺڪر- ٿانءُ سان آهي.

هڙاپا جي پهرينءَ وسنديءَ جي تباهيءَ کان پوءِ ڪچسري ٿلهي جهڙو هڪ اوچو پليٽ فارم جوڙي، ان مٿان گهر تعمير ڪيا ويا هئا، جنهن جي چوڌاري 14 ميٽر ويڪري ديوار به ڏني ويئي هئي، جيڪا اولهه پاسي کان سواءِ ڪچ- سري هئي. ٻوڏ جي خطري کان الهندو پاسو پڪ سِرو اوساريو ويو هو. ساڳيءَ ريت ٻوڏ جي بچاءُ کان لوٿل ۾ به ساڳيو نظام نظر اچي ٿو. پر هڙاپا جي چوڌاري ڏنل ديوار مٿي سوڙهي ٿيندي ڏسجي ٿي ۽ ساري شهر جي چوڌاري ٺهيل به ڪانه آهي. جڏهن ته لوٿل واري سگهاري ديوار ساري شهر جي چوڌاري تعمير ٿيل آهي. پر هڙاپا جي کوٽائي دوران اهو معلوم ٿيو آهي، ته هڪ جڳهه وٽان ديوار کي ڊاهي هيٺين شهر کي اهڙي ديوار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جهڙي اسان کي موهن جي دڙي جي هيٺئين شهر کي ڏنل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهڙي ويڪري ديوار جو ٿلهو مورٽيمو ويلر کي ان وقت معلوم ٿيو هو جڏهن هن 1950ع ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي هئي.

قلعو

هڙاپا جي ان تعمير جي شڪل چوڪنڊي آهي، جنهن ۾ مقرر جڳهن وٽ ٻوڏ جي پاڻيءَ جي زور ڀڃڻ لاءِ بندوبست ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شهر جو مکيه لنگهه قلعي جي اُترين پاسي آهي. ڏکڻ پاسي کان ڏيڍيءَ جهڙو رستو آهي، جنهن مٿان نظرداري لاءِ چبوتري جهڙي جڳهه ٺهيل ڏسجي ٿي، جنهن کان ٿورو اڳتي هڪ اضافي ڀت (Extra-mural) به آهي. ان کان بعد هڪ موڙ يا وڪڙ کان پوءِ مختلف طرفن ڏانهن رستا ويندا ڏسجن ٿا. اهڙيءَ ريت ڪجهه ٿلهن (Terraces) کان پوءِ مختلف لنگهه يا ڦاٽڪ به موجود آهن (پليٽ- II) چاڙهه واري موسم دوران مٿي وڃڻ لاءِ اولهه ۽ اوڀر طرف ڏاڪڻيون رکيون ويون هيون، جيڪي 1866ع تائين موجود هيون. پر ان کان پوءِ نظر ڪونه ٿيون اچن. ويلر جو خيال آهي ته ڏکڻ طرف کان به هڪ موڙ يا وڪڙ هو، جتان کان پوءِ مختلف طرفن ڏانهن رستا ويندا هئا. سندس اهو به خيال هو، ته انهيءَ قلعي جي تعمير جا ٽي مرحلا ڏسجن ٿا. پر حقيقت اها آهي، ته اهي ٽي مرحلا ٻاهران ٺهيل ڪوٽ کي اوچي ڪرڻ جا مختلف مرحلا آهن. جهڙي طريقي سان ڪوٽ جي اوچائيءَ کي مٿڀرو ڪيو ويو، تهڙي طريقي سان ٿلهن جي اوچائيءَ کي پڻ وڌايو ويو آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته ڪوٽ ۽ ٿلهن جي ماپ کي، چاڙه واري پاڻيءَ جي ماپ کي ڏسي اوچو ڪيو ويو آهي (پليٽ - III) اهڙيون ڳالهيون لوٿل جي ساڳئي قسم جي تعميرن کي ڏسي سمجهه ۾ آيون آهن. هڙاپا جي ڏيڍي واري لنگهه جي ڪچي ڪوٽ جي ٻاهرئين پاسي کان پڪين سرن جي ڀت ڏيڻ، اُتر- اولهه واري پاسي واري ڪوٽ کي اوچي ڪرڻ مان پتو پوي ٿو ته اهڙي ثابتي پاڻيءَ واري پاسي کان ڦاٽڪ کي بند ڪرڻ مان به ملي وڃي ٿي. اهي سڀ قدم انهيءَ لاءِ کنيا ويا هئا، ته جيئن ٻوڏ جو پاڻي شهر کي پائي ڊاهي نه ڇڏي.

کوٽائي ۽ کوجنا ڪندڙ ماهر اهو به معلوم ڪري ورتو هو، ته ڪچسري ٿلهي جي ٻاهرئين پاسي ڇهن هنڌن تي پڪسري ڀت ڏيئي بچاءَ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر قلعه نما عمارت ۽ ان ۾ موجود مختلف گهٽين جو انهيءَ ڪري پتو پئجي ڪونه سگهيو هو، جو اتان پڪيون سرون ڪڍي ريلوي جي پلين ۾ ڪم آنديون ويون هيون. پر هن جي ڀيٽ ۾ هيٺين شهر جي حالت وڌيڪ چڱي هئي.

اهم اڏاوتون

بئرڪن جهڙين جڳهن جون ٻه قطارون ۽ ڀانڊن جهڙي تعمير جهڙيون پنج قطارون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي ان ڪچسري ٿلهي تي آهن، جنهن جي ٻاهرئين پاسي پڪسري ڀت ڏني وئي هئي. اهڙيون تعميرون (Mound-F) تي ڏسي سگهجن ٿيون (پليٽ- IV). ويلر جو خيال آهي، ته اها فوجي ڇانوڻي آهي، جنهن کي قلعه نما عمارت سان گڏ تعمير ڪيو ويو هو. پر هتان اهڙو اوزار يا هٿيار ڪونه مليو آهي، جنهن کي جنگ ۾ ڪتب آڻي سگهجي ها. پر معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته انهن ملازمن جا گهر هئا جيڪي ان جي ڀانڊن ۾ ڪم ڪندا هئا. هن تعمير کان ٿوريءَ وٿيءَ تي گهرن جون ٻه قطارون آهن، جن مان هر هڪ جي سراسري ماپ 18x8 ميٽر ڏسجي ٿي. هنن گهرن جي چوڌاري ڪوٽ ڏسجي ٿو. اهڙيءَ ريت گهر گهر ۾ ٻه ڪوٺيون ۽ آڏو اڱڻ آهي. ڪٿي ڪٿي پڪسرو فرش آهي. گهر ۾ اندر وڃڻ لاءِ ڏيڍي ٺهيل آهي. انهيءَ مقصد سان ته جيئن اندر نظر پئجي نه سگهي. کوٽائي ڪندڙ ماهر جو چوڻ آهي ته اها ننڍڙي وستي پورهيتن يا ملازمن لاءِ ٺهرائي وئي. جنهن کي پورهيتن جا گهر (Coolie line) سڏجي ٿو. هنن ڀانڊن ڀرسان اناج صاف ڪرڻ جا سترهن ٿلها ٺهيل آهن. جڏهن ته هڪ ٿلهو 1946ع واري کوٽائيءَ ۾ دريافت ڪيو ويو هو (پليٽ- V) اهڙين حقيقتن مان معلوم ٿي وڃي ٿو ته اها وستي اناج صاف ڪرڻ لاءِ ڪمين يا ملازمن لاءِ جوڙائي وئي هئي.

ڌاتو رجائڻ واريون کوريون

پورهيت يا ملازمن لاءِ ٺاهيل جڳهن (Coolie Line) کان ٿورو مٿي ڌاتو رجائڻ جي سورهن کورين جا نشان مليا آهن. اهڙيءَ باهه ڌڳائڻ وارين کورين مان 1.1 کان 1.88 ميٽر آهي، جن مٿان ٺڪر جون ڪوٺاريون (Crucibles) رکي اهو ڪم ڪيو ويندو هو. ڌنوڻيءَ جي ڌنوڻ ڪري تيز باهه جي ڄڀي ۽ ڄَرَ ڌڳي اٿندي هئي، تنهنڪري ٺڪر جون ڪوٺاريون به بُوهڻ (Verified) ٿي وينديون هيون. اهڙيون ڪوٺاريون مذڪوره کورين ڀرسان پيون آهن، جن ۾ ڪجهه (Bronze) رجايو ويندو هو. اهڙيءَ ريت ٽامي جا ڪاريگر به ضرور ڀرسان ڪم ڪندا هئا. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته پورهيتن جا گهر (Coolie line) ڌاتو جي اهڙن ڪاريگرن جي وستي هوندي هئي. لوٿل جي قديم ماڳ مان اهڙي قسم جي هڪ وستيءَ جا نشان مليا آهن، جيڪا شهر کان وٿيرڪي هئي، جتي مڻهيارا ويهي مڻيا (beads) ٺاهيندا هئا. هن وستيءَ ۾ رڳو هن قسم جي ڪاريگرن جون جايون هونديون هيون، جيڪو ڄڻ هڪ صنعتي ادارو هو. هڙاپا ۾ اناج صاف ڪرڻ ۽ ڌاتو رجائڻ وارن جا گهر به اناج جي ڀانڊن ۽ ڪيرت گهر ڀرسان هئا.

اناج جا ڀانڊا

اناج ڇڙڻ ۽ ڇنڊڻ واري ڪم جا ٿلها پورهيتن جا گهر (Coolie line) کان اتر پاسي واقع هئا. جيڪي پڪين سرن جي گول کڏي جي چوڌاري هئا. انهن جي تعمير به پڪين سرن سان ۽ گول قسم جي هئي (پليٽ- V). انهيءَ مقصد واسطي اکريون (Mortar) به ڪاٺ جون هونديون. انهن ٿلهن کي اناج ڇنڊڻ واسطي ڪم آندو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته اتان ڪجهه بهه جا ذرا، توهڙ ۽ سڙيل (Charred) حالت ۾ ڪڻڪ به ملي آهي. اهڙيءَ ريت سڙيل جَوَ به توهڙن سان گڏ هٿ لڳا آهن. ڀانڊا راوي درياه جي ڪناري ڀرسان واقع آهن، جن جي ماپ 15. 24 x 6. 10 ميٽر آهي. اهڙيون ڳالهيون سنڌو- تهذيب جي ماڻهن جي ڏهاڙيءَ واري زندگيءَ ۾ گهڻي روشني وجهن ٿيون، ته اهي ماڻهو سائنسي طريقي سان اناج ڀانڊن ۾ سانڍي رکندا هئا. اهو به معلوم ٿي رهيو آهي، ته ڀانڊن جون ٻه قطارون هيون، هر قطار ۾ ڇهه ڀانڊا هئا. ڀانڊن جي ٻنهي قطارن جي وچ تي 7.01 ميٽر ويڪرو رستو آهي. ڀانڊن ڏانهن اچڻ وارو رستو درياه واري پاسي کان آهي. اهڙين حقيقتن مان معلوم ٿي رهيو آهي، ته ٻيڙيون اناج کڻي هن ماڳ ڀرسان اچي لنگر هڻنديون هيون. ڀانڊن جي اندروني تعمير مان لڳي ٿو ته ڀانڊن جي فرش تي ننڍن ٺلهن (Blocks) جي مدد سان ڪاٺ جا تختا رکيل هوندا هئا. ڇت تي جهلڻ لاءِ ڪاٺ جا مضبوط ٿنڀ ڪتب آندا ويا هئا. اناج مٿي تختن تي رکيو ويندو هو. تنهن ڪري هيٺان ۽ مٿان هوا جو گذر رهندو هو. مناسب جاءِ تي وچ وارو اوچو رستو ٺهيل ڏسجي ٿو، جنهن تي چاڙهي وسيلي چڙهي گهمي ڦري سگهبو هو.

هڙاپا جي اناج جي ڀانڊن ۽ لوٿل ۾ ڏيساور کان ايندڙ ۽ ويندڙ سامان رکڻ لاءِ ڀانڊن (Ware house) جي تعمير ۾ ساڳيائپ ڏسجي ٿي، جيڪي لوٿل جي سامونڊي گودي (Doek yard) ڀرسان هئا. ڀانڊن اندر ٺهيل ڪچسرن ٺلهن تي ڪاٺ جا تختا رکي اهڙو سامان رکيو ويندو ۽ سيل ((seal ڪيو ويندو هو، جڏهن ته هڙاپا جي ڀانڊن ٻاهران ايندڙ ويندڙ سامان نه پر اناج سانڍيو ويندو هو. مورٽيمر ويلر جو خيال آهي ته پورهيتن لاءِ ٺهيل وستيءَ مان سمجهي سگهجي ٿو ته اتي غلامن کي رکي کانئن جبري پورهيو ڪرايوويندو هو. قديم زماني ۾ اُر ۽ لاگاش ۾ مذهبي حڪومت قائم هئي ۽ شاهي سامان کڻڻ ۽ ڀانڊن ۾ رکيل اناج کي صاف ڪرڻ ضروري نوعيت جا ڪم آهن. پر اهڙي قابلِ اعتبار شاهدي ڪانه آهي، جنهن جي آڌار تي يقين سان چئي سگهجي، ته اهي ڪم غلام پورهيتن کان جبري طور ڪرايا ويندا هئا. ان کان سواءِ اهڙي ڪا سگهاري ثابتي ڪانه آهي، ته سنڌو تهذيب جي شهنشاهت ۾ غلامن رکڻ جو رواج موجود هو.

اناج جا ڀانڊا موهن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ به موجود هئا. جن ملڪي معيشت ۾ هڪ نمايان ڪردار ادا ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ قديم زماني ۾ محصول جنسن جي صورت ۾ ورتو ويندو هو ۽ سرڪاري ملازمن کي پگهار به جنسن جي شڪل ۾ ڏني ويندي هئي. اُر ۽ سُمير جي ٻين شهرن ۾ به ساڳيو رواج هو. اُتر مان مٽيءَ جون اهڙيون پليٽون هٿ لڳيون آهن- جن مان پتو پوي ٿو ته ڀانڊن ۾ ڪيترو اناج سانڍي رکيو ويو آهي ۽ پگهار بدلي ڪيترو ڏنو ويو آهي. اهڙيءَ هڪ مهر ۾ ڀانڊي جي واهيءَ کي چيو ويو آهي ته پورهيتن کي 10.930 من-ڊيز (man- days) اَنُ ڏنو وڃي. تحرير ۾ هيءَ ڳالهه به موجود ڏسجي ٿي ته آبپاشي نظام جي راکن، ڌنارن ۽ ٻين پورهيتن کي به اناج ڏنو وڃي. ساڳيءَ ريت (Upper Egypt) واري علائقي ۾ به اناج جا ڀانڊا موجود هوندا هئا. ڇاڪاڻ ته اتان جي سرڪار به محصول ۾ جنس وصول ڪندي هئي. ڀانڊن سان لاڳاپيل هڪ جدا کاتو هو، جيڪو محصول ۾ جنسن جي وصوليءَ جو ذميوار هو. سمير مان اهڙا دستاويز هٿ لڳا آهن، جن مان جنسن جي وصولي ۽ ادائگي جو ذڪر ملي ٿو. پر اتي ڪنهن به قديم ماڳ مان ان جي ڀانڊن جهڙي تعمير هٿ ڪانه لڳي آهي. سنڌو- تهذيب جي ماڳن جي کوٽائي ۽ کوجنا وسيلي اناج جا ڀانڊا ته مليا آهن، پر اهڙي مُهر ڪانه لڌي آهي، جنهن تي جنسن جي وصولي ۽ ادائگي جو ذڪر هجي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته اهڙيون تحريرون ڳري ناس ٿيندڙ شين جهڙوڪ: وڻ جي ڇوڏن ۽ کجيءَ جي ڇڙهن تي ڪيون وينديون هيون.

هڙاپا جون 1986- 1988ع واريون کوٽايون

يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا ائٽ برڪلي (California at Berkeley) ۽ يونيورسٽي آف وائسوڪونسن ائٽ مئڊيسن (Wisoconsin at Madison) گڏجي 1986-1988ع تائين هڙاپا جي کوٽائي ۽کوجنا ڪئي هئي. اتان جي ٽن کوٽاين (جنوري کان مارچ 1988ع) جي ابتدائي رپورٽ جي پي. ڊيلس، جي. ايم. ڪينوير (J. M. Kenoyer) ۽ ٻين تيار ڪئي هئي، جنهن ۾ هنن اهم لاڌ (Findings) تي روشني وڌي هئي (9). کين اي. بي مائونڊ (AB Mound) جي اولهه پاسي هڪ ننڍڙو دڙو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو پٿر جي اوزارن جي ڀڳ ٽوٽ جو ڍير هو. جنهن ۾ عقيق پٿر جي پاسي وارا ٽڪر ٽوٽا، بلورن (quartz) جا ذرا پرزا، مختلف ڌاتن جون رجايل ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل بيڪار شيون، رجايل ٿانءُ مان نڪتل گند ڪچرو پيو هو. اتان کان 4 ميٽرن جيتريون آزمائشي کڏون کوٽايون ويون، جنهن مان پڪسرين پٽين جا نشان ۽ سنڌو تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل ٺڪر جا ٿانءُ هٿ لڳا. اهڙيءَ ريت ان ننڍڙي دڙي جي ڏکڻ پاسي سنڌو- تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل جڳهن جي تعمير جي طريقي جي معلومات ملي وئي هئي.

دڙي- اي (Mound-E) آزمائشي کڏون ۽ سڌيءَ سنوت واريون چِيهون به پٽيون ويون هيون. جتان پڻ سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر سان لاڳاپيل پڪسرين جڳهن، ڪچسرن ٿلهن ۽ ڪني پاڻي جي حوضن Sump)) جا نشان مليا هئا. انهي دڙي جي ڏکڻ واري لاهونديءَ ۾ اهڙا اهڃاڻ هٿ لڳا، جنهن مان معلوم ٿي رهيو هو، ته اتي ٽامي جي صنعت، عقيق مان مڻين ٺاهڻ واري وينجهارڪي صنعت، ڪوڏن، سپن ۽ سنکن مان ٺهندڙ شين جي صنعت موجود هئي. ان کان سواءِ اُتي واڍن جا دڪان به هئا، جيڪي ڪاٺ جو ڪم ڪندا هئا. هن دڙي جي اتر واريءَ لاهي جي جاچ پڙتال کان پوءِ قديم دؤر جو کورو، ڪني پاڻيءَ جي نيڪال جي نالين ۽ ڊٺل گهرن جو 9.5 ميٽر اوچو دڙو لڌو. ڪن تهن تان قبرستان ’H‘ جا نشان به مليا، جنهن کي ماهرن (Cemetery H) جي نالي سان لکيو آهي. هڪ تهه تان عبوري (Transitional) دؤر جي گهرن جون نشانيون به هٿ لڳيون هيون.

(Mound-E) جي آزمائشي کڏن ۽ چيهن کوٽڻ کان پوءِ هيٺ اونهي کوٽائي ڪرائي وئي، جنهن مان سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر جون جڳهون، گهٽيون ۽ پاڻيءَ جي نيڪال جون ڪسيون هٿ لڳيون هيون. دڙي اي.بي (Mound-AB) جي ڏاکڻي ڪنڊ درياه وهائي کڻي ويو هو، جنهن تان فيانس (Faience) جي ذرن پرزن جو ڍير هٿ لڳو، جنهن ۾ ايسٽيٽائيٽ (Steatite) پٿر جو ڀَڳُ ۽ ساڳي شيءِ جو رجيل مواد به موجود هو. ماهرن جي هن مهم جو خاص مقصد هڙاپا جي ان قبرستان جي کوٽائي ڪرڻ هو، جنهن جي (41-1937ع) ۾ ڪي. اين شاستري کوٽائي ۽ کوجنا ڪري چڪو هو. پر اها شايع ٿي نه سگهي هئي. ان کان پوءِ ويلر 1947ع، 1968ع ۽ ايم. آر. مغل 1967ع ۾ کوٽائي ڪري چڪا هئا. هن ايراضيءَ جي کوٽائي ڊيلس (Dales) ۽ سندس ساٿين به ڪئي هئي، جنهن مان کين معلومات ملي هئي، ته اهو قبرستان (Cemetery) عام زمين ڏانهن وڌيل هو. هنن کي اها به معلومات ملي، ته هڙاپا جا ماڻهو قديم (Pleistocene) واري دؤر جي هڪ دڙي تي به پنهنجن جا لاش پوريندا هئا. انهيءَ ايراضيءَ ۾ لڳاتار پوکي راهي ٿيندي رهي آهي. تنهنڪري انهن قديم دڙن سان هٿ چراند ٿيندي رهي آهي. ان ڪري هيٺان واري اصلي زمين ظاهر ٿي پئي آهي، جيڪا پيلي- ڀوري، هلڪي ڀوري رنگ جي نرم ۽ ڀلي زمين آهي. سنڌو تهذيب جي عروج جي دؤر واري لوٿل جي ايراضي جنهن تي انساني آبادي موجود هئي، تنهن جي زمين جو رنگ به هلڪو ڀورو ۽ پيلو- ڀورو آهي. ان کان سواءِ دلچسپ حقيقت اها به آهي، ته لوٿل جا ماڻهو اڳئين دؤر جي قبرن مان لاش ڪڍي نوان لاش پوريندا هئا ۽ هڙاپا ۾ به ساڳيو رواج نظر اچي ٿو. پر خاص ڪري هڙاپا جا ماڻهو پراڻين قبرن جو تمام گهڻو استعمال ڪندا هئا.

ان هٿ چراند ٿيل قبرستان جي قبرن جي کوٽائي ۽ کوجنا مان ڄاڻ ملي آهي، ته لاش اتر کان ڏکڻ دفن ڪيا ويندا هئا، يعني لاش جو مٿو اتر ۽ پير ڏکڻ پاسي ڏانهن رکيا ويندا هئا. اهڙيءَ ريت هڙاپا جي پوئين دؤر جي قبرن ۾ ڪي لاشن جا مٿا صفا اتر کان 9 ڊگريون اوڀر ۽ ڪن جا مٿا صفا اتر کان 2 ڊگريون اولهه ڏسجن ٿا. سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر جي ڪن قبرن مان اهڙا اهڃاڻ مليا آهن. لاش کي ڪاٺ جي تابوت ۾ رکي پوءِ نيهر ڪيو ويندو هو. لاشن سان گڏ ٺڪر جا ٿانءُ به مليا آهن. قديم دؤر جي قبرن اندر لاش سان چٽسالي وارو ٿانءُ گڏ رکيو ويو آهي. جڏهن ته پوئين دؤر جي قبر اندر لاش سان سادو ٺڪر جو ٿانءُ ڏسجي ٿو. اهڙيءَ قبر جي کوٽائي مان مجموعي طور هيءَ معلومات ملي آهي، ته لاش سان گڏ، ٺڪر جا ٿانءُ، سپن ۽ وڏن ڪوڏن مان ٺهيل چوڙيون، ٽامي جون منڊيون، اسٽيٽائيٽ (Steatite) پٽرا چپٿرا مڻيا، ڪاري پٿر جا تڪوند (amulets) ڳاڙهي عقيق (Carnelian) جا مڻيا، اسٽِٽائيٽ پٿر جي ننڍڙن مڻين جون لڙهيون رکيون وينديون هيون. سندن تصور هو ته مرڻ کان پوءِ ماڻهو جئرو ٿي پوندو آهي، جنهن ڪري مذڪوره سامان جي ضرورت پوندي آهي، پر ڪي قبرون اهڙيون به هٿ لڳيون هيون، جن ۾ نيهر ٿيل لاشن سان گڏ ٺڪر جا ٿانءُ ۽ ٻيون شيون گهڻي انداز ۾ موجود هيون، جيڪي ڳهن ڳٺن جي صورت ۾ هيون. ليڪن قبرن جي گهڻائي اهڙي هئي، جن ۾ دفن ٿيل لاشن سان گڏ ٿورو سامان رکيو ويو هو. هڪ قبر اهڙي به لڌي آهي، جنهن ۾ عورت سان گڏ ننڍڙي ٻار جو لاش به دفن ٿيل ڏسجي ٿو، معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته ماءُ ٻار ڄڻيندي مري وئي آهي کيس پنهنجي تازي ڄاول ٻار سان گڏ دفن ڪيو ويو آهي. عورتن جون قبرون 17 ۽ اڻ ڄاتل لاشن جون قبرون 7 آهن. اهڙيءَ ريت ڪل قبرن جو تعداد 34 بيهي ٿو. عمر جي لحاظ سان پوريل لاشن جو وچور هن ريت آهي. اَبهم ٻارن جا 2، ڊوڙون پائڻ جهڙن ٻارن جا لاش 1، ڏگهه ٻار جو لاش ڪونه مليو آهي. نوجوانن (16 کان 35 سالن جي عمر وارن) جا 18 لاش 11، وچين عمر (36 کان 55 سالن) وارن جا لاش 11، نوجوانن جا لاش 2 جن جي عمر جي سڃاڻپ ٿي ڪانه سگهي هئي. اهڙي قبرن جو ڪل جوڙ 34 ٿئي ٿو.

ڊيلس سندس ساٿي ماهرن کي لوٿل جي تعمير جهڙو ڪچسرو ٿلهو مليو هو، جنهن جي چوڌاري پڪسرا بار ڏنا ويا آهن. هن اوچيءَ تعمير مٿان گهرن اڏڻ جا نشان موجود آهن، اهي ڪنهن دشمن کان بچاءَ لاءِ نه، پر پاڻيءَ جي وڏي چاڙهه کان بچاءُ لاءِ هئا. جنسن (Jansen) کي موهن جي دڙي جي کوٽائي ۽ کوجنا مان به اهڙي ساڳي قسم جي تعمير ملي آهي، جنهن مٿان گهرن جي تعمير جا اهڃاڻ مليا آهن. پر دلچسپ حقيقت اها آهي، ته انهن تعميرن جو لاڳاپو گهڻي پوئين دؤر سان آهي. هتان مليل مهرن تي اُڪريل لکت به ان پوئين دؤر سان واسطو رکي ٿي. جڏهن، ٽڪري hill، پپر جي پن، جيت (insest) جانورن، پکين جهڙين تصويري نشانين کي تبديل ڪري روان لکت (Cursive) جي نشانين ۾ تشڪيل ڪيو ويو هو ۽ سنڌو- لکت ارتقا ڪري ترقي يافته شڪل حاصل ڪري چڪي هئي. اهڙيءَ ريت هڙاپا جي مختلف تهن تان اهڙيون مهرون به مليون آهن، جن جي نشانين کي صوتي ملهه هو.

هڙاپا جي G ايراضيءَ ۽ (Mound- AB) مان جڳهن جا نقشا ۽ گهٽين جي ڄاڻ ملي ڪانه سگهي آهي. ڇاڪاڻ ته اتان سرون ڪڍي ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال ڪيون ويون هيون. کوٽائي مان هڪ لهواري نالي ملي آهي، جيڪا اڳتي وڃي ڪني پاڻي ۽ وڏيءَ ڪسيءَ سان ملي وڃي ٿي، جنهن کي هڪ ٽِڪندي سِر سان ڍڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ هن ڪسيءَ ۾ سوڪنگ جارس (Soakage jars) به لڳل آهن.

هن قسم جي ٿانءُ  کي پڪين سرن جي ٽڪنڊي تعمير سان سوگهو ڪيو ويو آهي. اهڙي تعمير سان گڏ ڪي اهڙيون جڳهون به آهن، جيڪي انساني هٿ چراند کان بچي ويون آهن  ۽ تعمير جي لحاظ کان نهايت اهم آهن.

سنڌو- تهذيب جي قديم وڏن شهرن جي چوڌاري وڏا ننڍا ڳوٺ واهڻ ۽ وسنديون هونديون هيون. پر هڙاپا واري شهر جي چوڏس اهڙي ڪابه انساني آبادي موجود ڪانه آهي. مگر سرسوتي ۽ دريشدوتي (Drishadvati) جي ڪنارن ۽ ڪنڌين سان اهڙيون انساني وسنديون اڏيل معلوم ٿيون آهن. اهڙيءَ ريت چڪ پرباڻي سيال هڪ اهڙي وسندي آهي جيڪا هڙاپا کان 25 ڪلوميٽر پري آهي. اها هن ماڳ (هڙاپا) جي ويجهي ۾ ويجهي وسندي سڏي سگهجي ٿي. اهڙين حقيقتن مان چڱيءَ ريت واضح ٿي وڃي ٿو ته هي ماڳ هڪ زرعي پٽ ۾ واقع هو، پر اهو فقط هڪ (Supply Center) هو.

موهن جو دڙو

موهن جو دڙو سنڌوءَ جي ڪٺار سان سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ واقع آهي. هن کي پهريون ڀيرو ڊي. آر. ڀنڊارڪر 12-1911ع ۾ ڳولي لڌو هو. هن قديم ماڳ جي کوٽائي ۽کوجنا سرجان مارشل جي نگرانيءَ ۾ سندس هدايت مطابق 22-1921ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي، جيڪا 1930ع تائين (10) جاري رهي هئي. ارنيسٽ مئڪي ڪجهه حصي جي 1927ع کان 1931ع (11) کوٽائي ڪرائي هئي. مورٽيمر ويلر 1950ع (12) دوران هن ماڳ ۾ موجود اناج جي ڀانڊن جي دريافت ڪئي هئي. جارج. ايف.ڊيلس (George F. Dales) 1964ع کان 1966ع تائين دڙي ايڇ.آر (Mound H R) ۾ آزمائشي کڏون هڻائيندو رهيو. هن مان سندس مقصد هو ته موجوده دؤر جي جر جي پاڻي مٿان اصلي مٽيءَ جي جاچ پرک ڪري سگهجي (13). موهن جي دڙي واري ماڳ ۾ فقط ٻه دڙا آهن (خاڪو- 3). هڪ دڙي کي (Stupa Mound) جو نالو ڏنو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ان دڙي تي ٻڌ اسٽوپا جي تعمير واقع آهي. هي مٿاهين جڳهه واري قلعه نما (Citadel) تعمير جي نمائندگي ڪري ٿو. جڏهن ته ٻيو دڙو شهر جي هيٺاهين واري ايراضيءَ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته هن ماڳ جي تعمير جي نقشي کي هڙاپا وارن آڏو رکيو هو. هن قديم ۽ اهم ماڳ جي جڳهن جي ايم. ايس. واٽس، ڪي. اين. پوري، ڪيو. ايم. منير، ۽ ڪي. اين.، ڊڪشٽ دريافت ڪئي هئي. ايم. جئنسين، ڪيو. ايم. منير جي موهن جي دڙي جي جڳهن جي دريافتن تي، 1980ع (14) کان وٺي سائنسي ڇنڊڇاڻ ڪري رهيو آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org