سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: حسنا - دلدار

 

صفحو :4

 

ڀاڳ چوٿون

 

چهچٽو پهريون

فتحپور ۾ هڪڙو باغيچو

(هرگن ۽ موهنا بيٺا ڳالهائين)

        هرگن: هائو، آءُ سچ ٿو چوان، پيءُ جا پاپ اڪثر اولاد تي پوندا آهن. تنهنڪري مون کي تنهنجي گهڻي ڳڻتي آهي. آءُ هميشه توسان صفا ۽ سچي ڳالهه ڪرڻ وارو آهيان. تنهنجي پتا سيٺ هريداس، هڪڙي دشمن کي وڃي قابو ڪيو آهي، مون کي شڪ ٿو پوي ته متان ٻئي دشمن  کي به چنبي ۾ آڻي، يعني تنهنجي گهر واري ۽ منهنجي ڌڻيءَ کي، ۽ جي هنن کي قابو ڪيائين ته پوءِ تون به قابو آهين.

        موهنا: جي پتا مون سان اهڙو ظلم ڪندو، ته پاڻيهي منهنجو ڪرتار مون کي ۽ منهنجي ڀتار کي بچائيندو اهو ڏسڻ وارو آهي ته مون ڪا بڇڙائي ڪا نه ڪئي آهي، جيڪي ڪيو اٿم سو لاچار ٿي ۽ جهڙو پنهنجي چڱائيءَ لاءِ، تهڙو سندس ناموس لاءِ، او اجهو پاڻ اچي ٿو، آءُ ٻڌايانس ٿي ته توکي ڪهڙي فڪر ورايو آهي.(اتي منسک لال گهڙي اچي ٿو)

منسک لال: ڪهڙيون پيا ڪنڊ ۾ ڳالهيون ڪريو، ٻيو ته سڀ سک آهي؟

موهنا: ٻيو ته سڀ سک آهي، هرگن چويم ٿو ته ڌيان ڪر، متان پڻهين بهرام خان وانگي توکي به ۽ تنهنجي گهر واري کي به چور ڪري، پڪڙائي ۽ سزا ڏياري.

منسک لال: تنهنجي پيءُ کي به موڪل آهي، ۽ هرگن جي پيءُ کي به. اسين هتي سندس پهچ کان پري آهيون. في الحال ته اسان کي ڊپ ڪونهي. ڪي ڏينهن گذاري، جڏهن هريداس کي اها ڳالهه وسري ويندي. تڏهن کڻي پرچائينداسينس ۽ پئسن جي لاءِ مرندو ته جيئن دلدار خان کي مليا آهن، تيئن اسان کي به ملي پوندا. ڪيئن موهنا ! دلدار خان جي بيگم ڪيئن ٿي ڀانئين؟ چڱي زال آهي نه.

موهنا: واهه جي زال آهي، مردن جهڙي زال آهي – جهڙي اشراف تهڙي هشيار، تهڙي سچي، تهڙي وري نرم دل واري، جهان ۾ اهڙيون زالون ڪي ٿوريون لڀنديون.

منسک لال: بيشڪ اهڙي زال آهي ! جهڙي دلدار خان کي زال ملي آهي، اهڙي منهنجي زال به هجي ها ته ڪهڙو نه چڱو !

موهنا: (لاڏ مان) ڇو توکي ڪا وري بڇڙي زال ملي آهي ڇا؟ شاديءَ کان اڳي ته ساراهه مان ڍاپئين ئي نٿي، اجهو هرگن شاهد آهي.

منسک لال: هاڻ ڪا وري تنهنجي گلا ٿون ڪريان ڇا” هرگن ائين ڪي نه؟

هرگن: برابر سائين. اوهين ٻئي هڪٻئي جي پيار ۾ غرق آهيو، تون گوڏن تائين، ته مائي چيلهه تائين. هڪڙو ٻئي جي آرسي آهي. تون مائي جي من جو سک آهين، ۽ مائي تنهنجي من کي موهڻ واري آهي – تون هن جي محبت ۾ لال آهين، ۽ هوءَ تنهنجي محبت ۾ نهال آهي - ۽ هيءُ اوهان جو نوڪر اوهان ٻنهي کان خوشحال آهي. هاڻي اٿو، هلي روٽي کائو، جا ڪڏهوڪي تيار آهي. پر بيهو، پهرين مون هڪڙي راڳ جي کپڻي ٺاهي آهي، سا کائي هلو. اها سنڌي ديڳڙي ۾ رڌي اٿم، انهيءَ ۾ هندستاني چانور آهي ۽ انگريزي دال آهي، کاڌي مکيار آهيو، چئو ته ڳائي ٻڌايانوَ.

منسک لال؛ چڱو، چئي ٻڌاءِ، ڏسون تنهنجي راڳ جي کچڻي.

(هرگن هيٺيون راڳ ڳائي ٿو)

*                      ديکو ديکو ناز وادا سي پياري مئڊم (Madam)

 

آتي هي

دور سي اپنا هينڊ (Hand) اٺاڪر مجهڪو ادهر

 

بلاتي هي

1-              هائوس (House) مين اپني ليڪر مجڪو، هر دم لوو

 

(Love) بتاتي هي،

شائننگ (Shining) گلاس (Glass) اٺاڪر مجڪو

 

عمده وائين (Wine) پلاتي هي.

2-             جنٽل (Gentle) جنٽل (gentle) ڊانس (Dance) دکا

 

ڪر، ويري (Veri) گڊ (Good) گانا گاتي هي

 

عجب عجب ڪا ٽيون (Tune) بناڪر، انگلش (English)

 

سانگ (Song)  سناتي هي.

3-             جب مين ساڊ (Sad) اور سئلنٽ (Silent) بيٺون،

 

مائوٿ (Mouth) سي مائوٿ (Mouth) لگاتي هي،

 

لافنگ (laughing) لافنگ (laughing)  تڀي مزي سي

 

پيانو فورٽ (Pianofort) بجاتي هي.

4-             ٿوئوزنڊ (thousand) ڪسز (Kissis) ديڪر مجڪو

 

سائيڊ (Side) مين اپني بٺاتي هي.

لپٽ جهپٽ ڪر دام مين اپني ميرا هارٽ (Heart)

 

ڦُلاتي هي.

5-              ظر ڪرون جب فيس (Face) مين اسڪي سر پي هيئر

 

(Hair) بناتي هي،

ميٺي ميٺي ٽاڪ (Talk) سي مجڪو ايڪدم آو (off)

 

اڙاتي هي.

6-             جب مين وصل ڪي عرض ڪرون تب گاڊ (God) ڪي

 

قسم کاتي هي،

ايوري (Every) ڊي (day) شي (she) ڪمس (Coms)

 

ٽو (To) مي (me) اور پرامز (promise) ديڪر

 

جاتي هي.

        منسک لال: واهه ٻيلي، واهه، کچڻي واهه جي هئي. هاڻي هلي پنهنجي روٽي کائون، انهيءَ سان ته پيٽ نه ڀريو. (سڀ نڪري وڃن ٿا.)

 

چهچٽو ٻيون

دولت آباد ۾ نواب صاحب جي ڪچهري

        (نواب امين الدوله مٿانهيءَ جاءِ تي ويٺو آهي، هڪ منشي ڪاغذ پٽ، مس قلم کنيو ويٺو آهي. ٻه – ٽي نوڪر پري در وٽ ويٺا، بيٺا آهن. بهرام خان دلدار خان، فيروز، صفدر، اختر، داروغو ۽ ڪي ٻيا ماڻهو ويٺا آهن.)

        نواب صاحب: بهرام خان حاضر آهي؟

بهرام خان: قبلا حاضر آهي. (اٿي بيهي ٿو)

نواب صاحب: تو تي جيڪو فرياد آهي. سو ٻڌي مون کي گهڻو ارمان ٿيو آهي. توتي هڪڙي سنگدل، بيرحم ۽ اڻ ٽر مدعي دعويٰ ڪئي آهي.

بهرام خان: (نماڻائيءَ سان) سائين، مون ٻڌي آهي، آءُ حضور جو گهڻو احسانمند آهيان، جو حضور هن مسڪين جي طرفان هن موذيءَ کي گهڻو سمجهايو، پر جڏهن هو نٿو مڙي ۽ قاعدي ۽ انصاف جي رستي منهنجي ڇٽڻ جو امڪان ڪونهي، تڏهن آءُ صبر ۽ تحمل ڪري هن جي سڀ ايذاءَ ۽ قاعدي جي سڀ سزا سهڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪا منهنجي  قسمت ۾ لکي هئي.

نواب صاحب: وڃي ڪو جلدي هريداس مارواڙيءِ کي سڏي اچي!

صفدر: قبلا، هو ٻاهر حاضر آهي. اجهو اچي ٿو (اتي هريداس اندر گهڙي اچي ٿو، ۽ نيئڙي سلام ڪري بيهي رهي ٿو.)

نواب صاحب: هٽي هن کي جاءِ ڏيو ته منهنجي سامهون ٿي بيهي. ( ماڻهو هٽن ٿا) هريداس، سڀئي ماڻهو ٿا چون، ۽ آءُ به ائين ٿو سمجهان ته تون جو دستاويز جي پورائي تي هيترو زور ڀرين ٿو، سو رڳو وير ۽ دشمنيءَ ڪري ، نه ته هن ويچاري سوداگر جي پاءُ گوشت مان توکي ڇا حآصل ٿيندو. هن ويچاري جهازن جي ٻڏڻ ڪري جيڪو نقصان سٺو آهي، تنهن تي قياس ڪرڻ سان ته دنيا ۾ جيڪو تمام سنگدل ۽ ظالم ماڻهو هوندو، تنهن کي ئي هن تي رحم پئجي ويندو. هن جي حالت ته اهڙي آهي، جو جيڪو تون پنهنجي ڏنل موڙي مان به اڌ معاف ڪري ڇڏينس ۽ نه وٺينس. اسان کي اميد آهي ته انهيءَ ڳالهه جو تون مروت جهڙو جواب ڏيندين.

هريداس: سائين، جيڪا منهنجي دعويٰ هئي سا مون اڳيئي پيش ڪئي آهي، اسان هندن جا جيڪي ديوتا آهن. تن سڀني جو مون سنهن کنيو آهي، ته آءُ ضرور دستاويز جي شرطن تي پورو بيهندس ۽ ان جي تعميل ڪرائيندس. جڏهن پئسن موٽائي ڏيڻ جو مدو گذري ويو آهي، تڏهن انجام ڀڳو، ۽ انجام ڪشيءَ جي عيوض جيڪي لکي ڏنو اٿس، سو آءُ ڪڏهن نه ڇڏيندس. جي اوهين انصاف وارا صاحب به ائين چوندئو ، ته آءُ ڄاڻندس ته ملڪن مان انصاف لڏي ويو. حضور جي انصاف جي، ملڪن ۾ مشهوري آهي، مون کي پڪ آهي ته مون سان ڪڏهن ظلم ڪين ٿيندو. هي سڀ ماڻهو دل ۾ چوندا هوندا ته هن کي ٽن هزارين رپين جي بدران ڪئي ماس جو پاءُ ڪهڙي ڪم ايندو. پر انهيءَ جي جواب ڏيڻ جو قاعدي موجب مون کي ضرور ڪونهي الاجي مغز ۾ اچي واءُ پيو اٿم، الاجي چريائي کنيو اٿم، الاجي انهيءَ ۾ ڪو منهنجو ڪم هوندو، الاجي ڇا هوندو، تنهن سان هنن جو ڪهڙو ڪم؟ کڻي ائين ئي سمجهن ته منهنجو هن سان گهڻن ورهين کان وير آهي. جڏهن شرط ڀڳو آهي، تڏهن قاعدي موجب انهيءَ شرط جو عيوض ضرور مون کي ملڻ گهرجي.

دلدار خان: جهان ۾ ماڻهوءَ کي جنهن سان نٿي پوي، تنهن کي هو ضرور ماري ٿو ۽ ڪُهي ٿو ڇا؟

هريداس:جنهن کي مارڻ نه ٿو گهري، تنهن سان ڪوچئبو ته هن جو وير آهي؟ جو نانگ ڏنگي تنهن کي ماڻهو نه ماريندا آهن ڇا؟ جنهن نانگ هڪڙي ڀيري ڏنگيو هجي تنهن کان ٻيو ڀيرو به پاڻ کي ڏنگائجي ڇا؟

بهرام خان: ادا، ڇو ٿو هن مارواڙيءِ سان مٿو هڻين! جنهن جي دل پهڻ جهڙي آهي، تنهن تي تنهنجو چوڻ ڪيترو اثر ڪندو؟ اوهان سڀني جون منٿون هن جي دل تي اهڙيون آهن جهڙو پاڻيءَ تي ليڪو. ڇڏي ڏيوس، قاعدي موجب جيڪو حڪم جاري ٿئي انهيءِ جي تعميل لاءِ آءُ تيار آهيان. منهنجو بت ۽ منهنجو ساهه ٻيئي حاضر آهن. ڀلي هن مارواڙيءَ جو مطلب پورو ٿئي، ڀلي سندس ڀت گهاٽو ٿئي.

دلدار خان: (ڳوٿريون کڻي) هان، پنهجن ٽن هزارن جي بدران هي ڇهه هزار وٺ!

هريداس: ڇهن جي بدران ڇويهه يا ڇٽيهه هزار ڏين، ته به نه وٺان. مون کي دستاويز جي تعميل گهرجي.

نواب صاحب: اي مارواڙي، تون خدا کان به نٿو ڊڄين، تون پاڻ ٻين تي رحم نه ٿو ڪرين، خدا توتي ڪهڙي طرح رحم ڪندو؟

هريداس: سائين، پاڻيهي ڪندو. آءُ نه ڪنهن کي ڏکويان يا ستايان ٿو، ته مون کي انهيءَ بدلي يا سزا جو ڊپ آهي. اوهين ڪيئن پنهنجن غلامن کي ڏاندن ۽ گڏهن وانگي وهائيندا آهيون ۽ مٿن رحم ئي ڪو نه ڪندا آهيو. پڇبو اٿو ته چوندا آهيو ته هي اسان جا زرخيز غلام آهن ، آءُ اوهان کي چوان ته هنن کي کڻي آزاد ڪريو، ته جيڪر ڇڏي ڏيون؟ ڇا لاءِ هنن کي پاڻ جهڙو سکيو نه ٿا رکو. ڇو هنن کي اهڙو ڪمرايو ٿا؟ اوهين چوندا ته هي اسان جا ٻاننها آهن، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟ آءُ به اهو ئي جواب ٿو ڏيان ته پاءُ ماس جو جيڪو آءُ گهران ٿو سو منهنجو حق آهي – منهنجي زرخيز خريد شئي آهي. تنهنڪري ضرور مون کي ملڻ کپي. جي اوهين چوندئو ته نه، تنهنجو حق ناهي ته آءُ ڄاڻندس ته هن ملڪ مان انصاف لڏي ويو، ۽ ظلم شروع ٿيو . هاڻ سائين، منهنجو عرض آهي ته مون کي آخري حڪم ملي ته آءُ اهو پنهنجو حق وٺان يا نه؟

نواب صاحب(ٿوري ويچار کانپوءِ) منهنجي مرضي آهي ته آءُ هينئر ڪچهري بند ٿو ڪريان. مون اورنگ آباد جي عالم فاضل، قاضي محمد جان کي ماڻهو موڪليو آهي ته اچي هن فيصلي ۾ اسان کي مدد ڏئي، اهو اڄ ضرور ايندو، تيسين آءٌ هن معاملي جو فيصلو مهمل رکان ٿو.

صفدر: قبلا، هوڏي هڪڙو قاصد اورنگ آباد مان آيو آهي، انهيءَ قاضي صاحب جو خط ساڻ آندو آهي.

نواب صاحب: وڃ وڃ، وڃي سڏيندس، اسان کي اهو خط آڻي ڏي.

دلدار خان:(بهرام  کي) بهرام خان، دلجاءِ ڪر، دل نه لاهه، تنهنجي وار کي به جوکو ڪين پهچڻ ڏيندس. تنهنجي رت جو هڪڙو ٽيپو نڪرندو، تنهن کان اڳي آءُ پنهنجو رت ۽ پنهنجو ماس توتان صدقو ڪندس.

بهرام خان: ادا، توکي خدا سلامت رکي، آءُ نڀاڳو ، ڪمبخت ۽ نحس آدمي آهيان. منهنجو مرڻ بهتر آهي، منهنجو خون جائز آهي. ڇڏ ته سوير ئي مون تي ڪاتي وهي. تون ڀلي پٺ تي رهه، من منهنجي لاش جي ڪفن دفن جو بلو ڪرين.(اتي نرگس مرداڻي پوشاڪ ۾ ، منشي جي صورت ۾، قلمدان ۽ ڪاغذ ڪمر ۾ وجهي اچي ٿي.)

نواب صاحب: تون اورنگ آباد مان آيو آهين، قاضي محمد جان صاحب وٽان؟

نرگس: ائين سائين. آءُ قاضي صاحب جو منشي آهيان، قاضي صاحب جن سلام ڏنا آهن  ۽ هي خط ڏنو اٿن. ( خط ڏئي ٿو ۽ نواب صاحب پڙهي ٿو انهيءُ وچ ۾ هريداس ڪاتي روهيءَ تي تکي ڪري ۽ ٻانهون کنجي تياري ڪري ٿو.)

دلدار خان: هريداس، ڇو تڪڙو ٿيو آهي، ڇو ڪاسائيءَ وانگي ڪاتي ٿو لائين؟

هريداس: ڇو، هن کٽل آساميءَ کان پنهنجو پاءُ ماس جو نه وڍي وٺان؟

فيروز: بيرحم مارواڙي، توکي ڪاسائيءَ جيترو به قياس نه ٿو پوي. توکي ڪيتريون نه منٿون ڪيون ويون آهن ته به توتي اثر ڪو نه ٿو ٿئي. ڪنهن طرح مڙندين به يا نه؟

هريداس؛ آءُ ڪڏهن ڪين مڙندس.

فيروز: حيف اٿئي، سنگدل مارواڙي ! هي حال ڏسي مون کي انصاف ۽ ايمان بابت شريعت جي حڪم ۾ شڪ پئجي وڃي ٿو. شايد اها ڳالهه برابر آهي ته مئي کانپوءِ جانورن جا روح ماڻهن جي جسمن ۾ گهڙن ٿا. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ڪنهن ڪتي يا سوئر يا بگهڙ جو روح تنهنجي بدن ۾ آيل آهي، تنهنڪري ته رت وهائڻ لاءِ اهڙو زور ٿو لائين!

هريداس: ميان، تون ناحق پيو مغز هڻي ۽ مٿو کپائين. جيڪي وڻيئي سو ويٺو منهنجي بابت چئو، آءُ قاعدي جي فيصلي لاءِ هتي بيٺو آهيان، مون کي ٻيو ڪي ڪين گهرجي.

نواب صاحب: (خط کان منهن مٿي ڪري) قاضي محمد جان صاحب لکي ٿو ته ڪن ضروري سببن ڪري آءُ پاڻ اچي نه ٿو سگهان، مگر پنهنجو جوان نائب قاضي موڪليان ٿو، جنهن جي هوشياريءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي، ڪٿي آهي اهو نائب؟

نرگس: سائين، اهو ٻاهر ترسيل آهي. حڪم تي حاضر اچي ٿيندو.

نواب صاحب: ڀلي اچي. آءُ کيس ڏسي گهڻو خوش ٿيندس. (پنهنجن ماڻهن کي) اي، اوهان مان ٻه – ٽي وڃن. وڃي عزت آبرو سان اسان تائين وٺي اچوس، تيسين اسين قاضي صاحب جو خط ٻڌائينداسين. منشي، پڙهينس، (نرگس ۽ ٻه – ٽي ماڻهو نڪري وڃن ٿا. نواب صاحب خط پنهنجي منشيءَ کي ڏئي ٿو، جو اڳيانئس ويٺو آهي.

منشي: (خط پڙهي ٿو) نواب صاحب والا مراتب جي خدمت ۾ عرض ته سائين جن جو خط پهتو، مگر هن وقت منهنجي طبع عليل آهي ۽ آءُ هلڻ جهڙو ناهيان. تنهن کانسواءِ ٻيا به ڪي ضروري شرعيتي ڪم آهن، جن کي ڇڏي نه ٿو سگهان. في الحال پنهنجي نائب، قاضي محمد محفوظ کي روانو ٿو ڪريان. هن کي انهيءَ معاملي جو سارو احوال ڏنو اٿم. اسان گهڻائي وڏا وڏا ڪتاب اٿلايا آهن ۽ انهيءَ فيصلي جي لاءِ شرعيت جا حڪم ڪڍيا آهن، جيڪا منهنجي راءِ هئي سا به هن کي ٻڌائي اٿم ۽ ٻيا جيڪي حجت دليل سُجهيا ٿي سي به هن کي سمجهائي ڇڏيا اٿم. هي منهنجو نائب کڻي جوان آهي ۽ عمر جو ننڍو آهي ته به عقل ۽ آزمودو اٿس. سندس علميت، فضيلت ۽ بلاغت جي تعريف هن مختصر خط ۾ لکڻ جي ناهي. اوهين ائين سمجهجو ته آءُ پاڻ آيو آهيان. مون کي اميد آهي ته هو هر طرح اوهان کي راضي ڪندو ۽ اوهين به هن کي مناسب عزت ۽ آبرو ڏيندئو.

نواب صاحب؛ٻڌو ٿا، جيڪي قاضي محمد جان صاحب لکي ٿو. اجهو سندس نائب به اچي ٿو. (اتي حسنا بيگم قاضيءَ جي پوشاڪ ۾، پڳ ۽ جبي سان اندر اچي ٿي. پٺيانئس نرگس منشيءَ جي پوشاڪ ۾، ۽ ٻه – ٽي نواب صاحب جا ماڻهو گڏ آهن. سڀ آڻن ٿا. نواب صاحب اڳڀرو ٿي هٿ ڏئيس ٿو، ۽ پاسي تي ويهاريس ٿو، ٻيا به سڀ ويهن ٿا.) ڀلي آيوءِ قاضي صاحب ! جي آيو ! هيڏي اچي ويهو. (ٿورو بس ڪري) هي جيڪو معاملو هينئر اسان وٽ هلندڙ آهي، تنهن جي ته اوهان کي خبر هوندي؟

حسنا: سائين، مون کي ساري خبر آهي. هنن ۾ اهو سوداگر ڪهڙو آهي، ۽ اهو مارواڙي ڪهڙو آهي؟ ( بهرام خان ۽ هريداس ٻيئي اٿي بيهن ٿا.)

نواب صاحب: اهي آهن ٻئي ڄڻا.

حسنا: (هريداس کي) هريداس تنهنجو نالو آهي؟

هريداس: هائو، هريداس آءُ آهيان.

حسنا:ٻيلي، تنهنجي دعويٰ ته هڪڙي عجيب قسم جي آهي، ليڪن انهيءَ هوندي به اسان جي محمدي شرعيت موجب، ۽ جن ملڪ جي رواجي قانون موجب هلڻ کان بند ٿيڻ جي ناهي. نڪي رد ٿيڻ جي آهي.(بهرام خان کي) ميان مد عاعليه تون آهين، ۽ هن مدعي کان جان جو خوف به توکي آهي ڪيئن؟

بهرام خان: هائو سائين، هن جي چوڻ موجب ائين آهي.

حسنا: انهيءَ دستاويز يا ضمانتماني جي لکي ڏيڻ جو تون اقراري آهين؟

بهرام خان: آءُ بيشڪ اقراري آهيان.

حسنا: تڏهن ته هن مارواڙيءَ جي مروت، مهرباني ۽ رحم کانسواءِ ٻيو چاڙهو ڪونهي. هن کي توتي رحم ڪرڻ کپي.

هريداس: سو ڪهڙيءَ اختياريءَ هيٺ ”کپي“. آءُ ڪو ٻڌل آهيان ڇا؟

حسنا: ڀائي، توکي رحم جي خبر ڪانهي، تو ۾ رحم جو قدر ڪو نه ٿو ڏسجي( بيت پڙهي ٿي، ڳائي نه ٿي)

 

نظم

رحم جهڙي ناهي ٻي ڪا شيءِ عجيب،
رحم هر انسان کي شل ٿئي نصيب.
رحم نيڪيءَ جي نشاني آهي هڪ،
رحم حق جي مهرباني آهي هڪ
رحم بيشڪ هڪ خدائي ڏات آهه،
رحم هڪڙي برڪتي برسات آهه.
جا وسي جهرمر ٿي سنهڙي مينهن جان،
موهي من کي سا نسوري نينهن جان.
جا اچي آڀ مان پوي ڌرتيءَ مٿي،
گاهه گل وڻ ٽڻ سُڪا ساوا ڪري.
رحم روشن نور ٿيو چوڏس چٽو،
رحم مان نت فائدو آهي ٻٽو.
جو ڪري، جنهن تي ڪري، ٻئي نهال،
خوش رهن ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي بحال.
رحم جهڙي سگهه سُجهي ٻي ڪا نه مور،
رحم لحظي ۾ ڪري سڀ درد دور.
رحم زيور آهي شاهن لاءِ شريف،
تاج کان وڌ ٿو لڳي تن کي لطيف.
حڪم هڪ طاقت دنيا ئي آهي سچ،
بادشاهن لاءِ سو وڏائي آهي سچ.
رحم ان طاقت کان واڌو آهي پر،
جي ڪبي ڪا اصل ان جي تي نظر.
حڪم جي ۽ زور جي بازوءَ ۾ جاءِ.
حڪم جي دل ۾ جڳهه نت ٿي جڳاءِ،
حڪم جي ٿئي رحم سان شامل کڻي.
زور دنيائي خدائي ٿئي بڻي.
رحم آهي هڪ رباني خاصيت،
رحم آهي روح جي هڪ ماهيت.
رحم کي اصلي خدا خود ڪيو پسند،
رحم کان نالو سندس ٿيو ارجمند.
جڳ چوي تنهن کي ٿو رحمان ۽ رحيم:
ٿو ڪرم ۽ فضل کان سڏجي ڪريم !
سو غفور ۽ غافر ۾ غفار ٿيو،
سو عفو ۽ ساتِر ۽ ستار ٿيو.
سو رئوف ۽ سو لطيف ۽ سو مُجيب،
سو سدا صاحب ٿيو قادر قريب.
نانوَ تنهنجا ٿيا بلاشڪ بيشمار،
سڀ مِٺا ۽ سڀ چڱا ۽ خوشگوار.
رحم جي ٿي گهرج هر حيوان کي.
رحم ڌاران ڪهڙو ٿئي ماڻهوءَ جو حال،
هِت ۽ هُت ٿئي زندگي تنهن جي وبال.
رحم سان رب جي ٿين سڀ ڪم راس،
عدل سان ان جي ڇٽڻ جي ڪنهن کي آس.
رحم ڳولي پاڻ بندو پُر قصور،
ٿيو تڏهن لازم ڪرڻ ٻئي تي ضرور.

 

        تنهنڪري اي مارواڙي توکي مناسب آهي ته رڳو عدل ۽ انصاف جي پورائي تي زور نه لائين، ڪي رحم جو  به خيال رکين.

هريداس: مون کي سائين، عدل ۽ انصاف گهرجي، مون کي انجام شڪنيءَ جي عيوض گهرجي.

حسنا: اهو سوداگر دستاويز واري رقم ڏئي نه ٿوسگهي ڇا؟

دلدار خان:اجهو، آءُ هن جي طرفان اها رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، انهيءَ کان ٻيڻا پئسا وٺي ته به اجهي حاضر آهن. جي اڃا به اهي پورا نه هجن ، ته انهن کان ڏهوڻا پئسا به ڏيندس. جي اهي به قبول نه ڪندو ته ڄاڻبو ته هن مارواڙيءَ جو مطلب رڳو وير وٺڻ سان آهي. انهيءَ صورت ۾ منهنجو عرض آهي ته سرڪار پنهنجو حڪم هلائي، وڌيڪ فائدي پهچائڻ لاءِ ٿورو نقصان روا رکي، ۽ هن موذيءَ جي شيطاني مرضيءَ تي نه هلي.

حسنا: نه سائين، ائين نه ٿيندو، قانون سڀن سان هڪجهڙو هلڻ گهرجي، ڇا غريب، ڇا دنيادار، ڇا هندو، ڇا مسلمان. جي هڪڙي جي حالت ۾ قاعدي ۾ ڦير گهير ٿي ته پوءِ ٻين جي حالت ۾ به ضرور ڪرڻي ٿيندي، نه ته انصاف نه چئبو. نه نه، ائين ڪڏهن نه ٿيندو.

هريداس: (خوش ٿي) شاباس، شاباس. منصف انهيءَ کي چئجي، انصاف انهيءَ کي چئجي. قاضي صاحب، آءُ اوهان جو گهڻو شڪر گذار آهيان، اوهان جي اها هلت تعريف جوڳي آهي.

حسنا: هريداس، توکي ٽيڻا پئسا ڇا آڇين ، ڇو نه ٿو وٺين؟

هريداس: سائين، مون سنهن کنيو آهي، مون پنهنجي رام جو قسم کنيو آهي، تنهنڪري مون کي سارو ملڪ ملندو ته به ڪين ڦِرندس.

حسنا: تڏهن هن دستاويز جا شرط ڀڳل چئبا ۽ انهيءَ جي عيوض سيٺ هريداس کي انهيءَ سوداگر جي بدن مان پاءَ ماس جو ملڻ حق آهي، جتان وڻينس اتان وڍي سگهي ٿو. (ٿورو صبر ڪري) مهربان سيٺ، ڀلائي ڪري ٽيڻا پئسا قبول ڪر ۽ مون کي موڪل ڏي ته هي قبض ڦاڙي ڇڏيان؟

هريداس: جڏهن فيصلو پورو ٿئي تڏهن ڀلي ڦاڙ، قاضي صاحب، تون چڱو ماڻهو ۽ انصاف پسند ٿو ڏسجين. قانون ۽ قاعدي جي توکي خبر آهي. مون کي اميد آهي ته تون قاعدي جي قلم تي قائم رهندين. آءُ پڪ سان ٿو چوان ته ڪهڙو به ماڻهو ڪيترو به مون کي انهيءَ بابت چوندو ته به آءُ پنهنجي ڳالهه تان نه ڦرندس، آءُ پنهنجي دستاويز تي قائم آهيان.

بهرام خان: (حسنا کي) سائين، منهنجو عرض آهي ته سيگهه سان فيصلو ٿئي ۽ فتوا جاري ٿئي.

حسنا: سائين، جي اهڙو تڪڙو آهين ته تڏهن پنهنجو سينو ظاهر ڪر، ته هو انهيءَ ۾ پنهنجي ڪاتي هڻي.

هريداس: واهه جي ڳالهه ڪئي اٿيئي، قاضي صاحب ! انهيءَ انصاف جي ڪري ڌڻي تنهنجو ڀلو ڪندو.

حسنا: دستاويز جي شرط موجب قاعدو اهو عيوضو هن مدعي کي ٿو ڏياري، سو ضرور ڏيڻ گهرجي.

هريداس: شاباس، قاضي صاحب! انصاف انهيءَ کي چئجي، تو جهڙا منصف ڪٿان لڀن !

حسنا: تنهنڪري پنهنجي ڇاتيءَ تان ڪپڙو پاسي ڪر.

هريداس: ائين سائين، ائين مون کي ماس ڇاتيءَ جو وڍڻو آهي. دستاويز ۾ به صاف اهو لکيل آهي، اصل دل جي مٿان.

حسنا: اها ڳالهه برابر آهي، لفظ اهي ئي لکيل آهن. ساهمي ڪا هتي آهي ماس تورڻ لاءِ؟

هريداس(ساهمي مٿي کڻي ٿو) آهي سائين اجها حاضر آهي.

حسنا: هريداس، تڏهن ڪو طبيب به وٺي آڻي ويجهو بيهار ته زخم جو رت ته بند ڪري، مٿان رت وهي ۽ هي ماڻهو مري وڃي.

هريداس: سائين، دستاويز ۾ ته اهو شرط لکيل ناهي.

حسنا: برابر اهو ناهي، پر تڏهن به ائين ڪرڻ ۾ ڪهڙي حرڪت آهي؟ اهو به خير جو ڪم آهي تنهنجي لاءِ چڱو آهي. ٻيو نه، ته به ايتري مروت ته توکي ڪرڻ گهرجي،

هريداس: اهڙا لفظ دستاويز ۾ ڪينهن، تنهنڪري ائين ڪرڻ لاءِ آءُ ٻڌل نه آهيان، نڪي ڪرڻ گهران ٿو، مون کي حرف بحرف دستاويز جي پورائي گهرجي.

حسنا:(بهرام خان کي) ميان سوداگر، توکي پنهنجي بابت ڪي چوڻو آهي؟

بهرام خان: سائين، مون کي ڪي به ڪين چوڻو آهي، آءُ تيار آهيان. ادا دلدار خان، آءُ ته ڀاڪر پائي موڪلايون، هاڻي خدا کي پرتو آهي، (ٻيئي ڀاڪر پائي ملن ٿا ۽ روئن ٿا.) ادا، تون انهيءَ جو ڪو به دل ۾ ارمان نه ڪج ته تنهنجي لاءِ مون سان هيتري ٿي آهي، قسمت ۾ ائين هو. آءُ سمجهان ٿو ته مون سان نصيب ڀلائي ڪئي آهي. منهنجو سڀ مال متاع اڳيئي ويو آهي. مفلس ۽ ڪنگال ٿي رهڻ کان موت بهتر آهي. پنهنجي گهر واريءَ کي منهنجا سلام ڏجئين ۽ ٻڌائيجئينس، ته مون سان آخر هي حال ٿيو. توسان منهنجي ڪيتري محبت هئي، سو به چئي ٻڌائجينس. آءُ تنهنجي ضامڻ پوڻ ڪري پشيمان نه ٿيو آهيان، تنهنڪري توکي به منهنجي لاءِ ڪو ارمان نه ڪرڻ گهرجي، جي هن مارواڙيءَ پنهنجي ڪاتي ذرو اندر گهيڙي ۽ دل تائين پهچائي ته تڏهن چئبو ته ڄڻ مون سچي پچي هڪ گهڙيءَ ۾ دل جان سان تنهنجو قرض ادا ڪيو؟

دلدار خان: پيارا بهرام خان، جنهن بيگم سان مون شادي ڪئي آهي، سا مون کي اهڙي پياري آهي. جهڙو ساهه. پر خدا واحد شاهد آهي ته تنهنجي حياتي مون کي پنهنجي ساهه، پنهنجي زال ۽ ساري دنيا کان وڌيڪ پياري آهي. اهي سڀ جيڪر آءُ ڇڏيان ۽ توتان صدقون ڪريان، پر هن موذي ۽ شيطان مارواڙيءَ کان جيڪر ضرور تنهنجي جند ڇڏايان.

حسنا: (کلي)، ميان ، اهڙي ٻٽاڪ نه هڻ، جي تنهنجي زال هتي حاضر هجي ته جيڪر ائين ڪين چئين يا جي چئين ته به انهن لفظن جي لاءِ تنهنجي ڪا شڪر گذاري ڪا نه ڪري.

فيروز: آءُ به ساک کڻي چوان ٿو ته منهنجي زال مون کي ڏاڍي پياري آهي. جي اڄ اها عالم مماتيءَ ۾ هجي ها ته ڪهڙي نه چڱي ڳالهه ٿئي ها. جيڪا سندس روح، هن پليت مارواڙي جي ارادي بدلائڻ ۾ گهڻي مدد ڏئي ها.

نرگس: (کلي) اهي ئي هن جي پر پٺ جون ڳالهيون آهن، روبرو جي ائين چئين ته جيڪر گهر تپائي ڏيئي.

هريداس: سائين ، هاڻ دير ٿي ٿئي، فيصلي جي تعميل ٿئي ته چڱو.

حسنا: چڱو، تڏهن هن سوداگر جي ماس جو هڪڙو پاءُ تنهنجو آهي. قاعدو توکي ٿو ڏياري، ۽ انهيءَ جي وڍڻ لاءِ نواب صاحب جي توکي اجازت آهي.

هريداس: (خوشيءَ ۾) واهه واهه، منصف انهيءَ کي چئجي !

حسنا: ۽ اهو پاءَ ماس جو توکي هن جي سيني تان وڍڻو آهي، ۽ اتان وڍڻ جي توکي موڪل ٿي ڏجي.

هريداس: واهه، سائين واهه، واهه قاضي صاحب واهه ! (بهرام خان کي) آءُ ميان، هيڏي ٿي، گهڻا ڏينهن صداقون ڦٻيون اٿيئي. (بهرام خان کي ٻانهن کان وٺي سنئون ڪري ٿو، ۽ ڪاتي ڪڍي تيار ڪري ٿو.)

حسنا: ٿورو ترسجانءِ، ٻي هڪڙي ڳالهه آهي. هن دستاويز جي لفظن موجب توکي ڪڍڻو يا نيڻو ناهي، صاف لکيل آهي ته پاءُ ماس جو. سو توکي به دستاويز جي لفظن تي پورو هلڻو آهي، ۽ پنهنجو پاءَ ماس جو وٺندين، پر جي ان جي وڍيندي هن مسلمان مومن جي رت جو هڪڙو ٽيپو ڪريو ته تنهنجي سڀ متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيت ضبط ٿيندي. شرعيت جو اهڙو حڪم آهي ۽ هن ملڪ جو اهڙو قائدو آهي.

فيروز: واهه، قاضي صاحب واهه، واهه جو بند هنيو اٿئيس.

هريداس: قاعدي ۾ ائين آهي ڇا؟

حسنا: هائون، ائين آهي. تون آهين به نسوري انصاف جو طالبو، سو اميد آهي ته توسان بلڪل پوري انصاف جي هلت ٿيندي، پاڻ وڌيڪ ٿيندي گهٽ نه ٿيندي.

فيروز: (خوش ٿي) واهه، صاضي صاحب واهه ! مارواڙيءَ جي ته هاڻي شڪل ڏسو. رحمت خدا جي قاضي صاحب تي !

هريداس: (ٿوري تائين ويچار ڪري ٿو) جي ائين آهي ته تڏهن دستاويز واري رقم کان ٽيڻا پئسا جيڪي ڏيو ٿا سي آءُ قبول ٿو ڪريان، ڀلي هي ويچارو سوداگر ڇٽي.

دلدار خان: (خوشيءَ ۾) اجهي هي پئسا.

حسنا: بيهه، سائين بيهه، تڪڙ نه ڪر، هن هندو کي نسورو انصاف گهرجي، تنهنڪري قاعدي موجب جيڪي دستاويز هن کي ڏياري ٿو سوئي هن کي وٺڻ گهرجي، نه ٻي ڪا شيءِ.

فيروز: واهه، قاضي صاحب واهه ، مارواڙي ! هاڻي پاڻيهي خبر ٿي پويئي.

حسنا: تنهنڪري هن جي بت تان ماس وڍڻ جي تياري ڪري. ماس وڍيندس، پر رت جو ذرو به نه ڪڍيندس. وري وڍ به پورو پاءِ، نه گهٽ نه وڌ جي تر جيتري يا وار جيتري ساهميءُ ۾ اٽل ٿي ته توکي پاڻ مرڻو ٿيندو، ۽ تنهنجي ملڪيت سرڪار ۾ ضبط ٿيندي. قاعدو ائين آهي.

فيروز: (خوش ٿي) ڪيئن مارواڙي ؟ برابر قاضي صاحب ڏاڍو منصف ماڻهو آهي، ڏاڍو انصاف پسند آهي. هاڻي ڪافر قابو آهي، هاڻ ڪيڏي ٿو وڃين( هريداس فڪر ۾ بيٺو آهي.)

هريداس: مون کي پنهنجي مور واري رقم ڏيو ته آءُ هليو وڃان، وڌيڪ نه ڏنو ته حرڪت ڪانهي.

دلدار خان: اجهي، هي پئسا وٺ.

حسنا: تو کُلي ڪچهريءَ ۾ پئسن جي وٺڻ کان انڪار ڪيو، توکي دستاويز جي لفظن جي پورائي گهرجي، توکي انصاف گهرجي سو وٺ، ٻيو ڪي به توکي نه ملندو.

فيروز: واهه، قاضي صاحب واهه ! منصف انهيءَ کي چئجي، انصاف انهيءَ کي چئجي. شابس، هريداس شابس ! جو تو اها اها ٻولي اسان کي سيکاري.

هريداس:مون کي رڳي پنهنجي مور جي رقم به نه ملندي ڇا؟

حسنا: نه ملندي، ٻيو ڪي به ڪين ملندو، سواءِ انهي عيوضي جي، جو دستاويز جي شرطن ڀڃڻ ڪري توکي ملڻو آهي. تو لکائي به ائين ورتو آهي.

هريداس: (خفي ۾) تڏهن مور به وڃي کڏ ۾ پئي، مون کي ٻيو ڪي گهرڻو ناهي، آءُ وڃان ٿو.

حسنا: بيهه، مارواڙي بيهه. تون ٻيءَ طرح به قاعدي جي ٻک ۾ اچين ٿو. هن ملڪ جي قاعدي ۾ آهي ته ” جيڪو ماڻهو وير يا دشمنيءَ ڪري يا ڪنهن به عداوت ڪري ٻئي ڪنهن مسلمان کي مارڻ يا ايذاءَ پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان جي سڀ ملڪيت ضبط ٿيندي ۽ انهيءَ جو اڌ، جنهن ماڻهوءَ کي مارڻ يا ايذاءُ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هوندي تنهن کي ملندو، ۽ اڌ سرڪار ۾ داخل ٿيندو، ۽ انهيءَ ڪوشش ڪندڙ ماڻهوءَ جي حياتي ملڪ جي حاڪم جي اختيار آهي، وڻيس ته مارائيس، وڻيس معافي ڏئيس. هن معاملي ۾ صاف ثابت ٿي رهيو آهي ته تو شروع کان وٺي هن سوداگر جي مارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، ۽ انهيءَ مطلب جي پوري ڪرڻ لاءِ تو نه ڪنهن جي منٿ مڃي آهي ۽ نه ٻيڻا ٽيڻا پئسا قبول پئي ڪيا آهن.مدعا عليه مسلمان آهي، جي مدعي مسلمان هجي ته اهو ساڳيو قاعدو ان سان لاڳو ٿئي ٿو. تون ته هندو آهين ۽ هڪڙي مسلمان جي مارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿيئي. تنهنڪري شرعيت جو حڪم توسان ته پاڻ زياده لاڳو ٿو ٿئي. تنهنڪري تنهنجي سڀ ملڪيت ضبط آهي. ان جو اڌ هن سوداگر جو آهي، باقي تنهنجي حياتي بابت توکي گهرجي ته نواب صاحب کان معافي گهرين، نه ته اها به ويندئه.

فيروز: هائو معافي وٺي ، پوءِ وڃي پاڻ کي پاڻيهه لڙڪائي، نه ته جلاد جي ڪاتيءَ هيٺ ايندو.

نواب صاحب: اي مارواڙي، سوير توکي ٻئي تي رحم ڪرڻ لاءِ چيوسين ته تو انگل عار ٿي ڪيا. هاڻ اجهو تون پاڻ رحم جو طلبگار آهين. پر هينئر توکي اسان جي رحمدليءَ جو قدر پوندو ۽ پاڻيهه ڄاڻندي ته مسلمان ڪهڙا نه نرمدل آهن ۽ مارواڙي ڪهڙا نه سنگدل آهن. اسين تنهنجي معافي گهرڻ کان اڳي توکي معافي ڏيون ٿا. باقي تنهنجي ملڪيت جيڪا آهي تنهنجو اڌ بهرام خان کي ٿا ڏياريون ۽ ٻيو اڌ توتي ڏنڊ آهي جو سرڪار ۾ ضبط ٿيندو.

هريداس: نه، سائين نه. جي منهنجي ملڪيت ٿا وٺو ته منهنجو ساهه به وٺو، ملڪيت کانسواءِ وري جيئڻ ڪهڙو آهي. جن ٿنڀن تي گهر بيٺل آهي سي جي اوهان ورتا، ته ڄڻ اهو گهر اوهان ورتو ، جي منهنجي ملڪيت اوهان ورتي جنهن تي حياتيءَ جو مدار آهي، ته ڄڻ اوهان خود منهنجي حياتي ورتي.

حسنا: بهرام خان ، تون هن مارواڙيءَ سان ڪا مروت ڪرڻ گهرين ٿو؟

فيروز: اهو ته ڪو رسو مفت ڏئيس ته وڃي انهيءَ سان ڦاهو کائي مري.

بهرام خان: سائين، جي نواب صاحب منهنجو عرض قبول ڪري ته جيڪو ڏنڊ هن تي وجهو ٿا، سو هن کي معاف ٿئي، يعني هن جي اڌ ملڪيت هن کي موٽي ملي. باقي جيڪو اڌ، شرع مون کي ٿي ڏياريو ، سو مون کي نه گهرجي انهيءَ لاءِ ته هي ماڻهو وصيتنامو لکي ڏئي ته سندس مُئي کانپوءِ اهو اڌ سندس ڌيءَ ۽ ناٺيءَ کي ملي، يعني لالا منسک لال کي، جنهن سان هن جي ڌيءَ شادي ڪئي آهي.

نواب صاحب: هي ضرور ائين ڪندو ، نه ته اسين معافي نه ڏينداسين.

حسنا: ڪيئن سيٺ، ڇا ٿو چوين؟ توکي اها ڳالهه قبول آهي؟

هريداس: قبول آهي.

حسنا :(نرگس کي) منشي، تڏهن جلد اهو وصيتنامو ۽ انتقال نامو لکي وٺ.

هريداس: سائين، ڀلائي ڪري مون کي موڪل ڏيو ته وڃان، منهنجي جان خوش نه آهي. آءُ بيهي نه ٿو سگهان. اهو دستاويز لکي پوءِ مون ڏي موڪلج ته آءُ شاهدن جي روبرو ان تي صحيح ڪندس.

نواب خان: چڱو وڃ، پر تاڪيد سان انهي دستاويز تي صحيح ڪجانءِ (هريداس نڪري وڃي ٿو) ( حسنا کي) قاضي صاحب اوهان کي دعوت آهي اڄ هلي مون وٽ ماني کائو.

حسنا: سائين، آءُ اوهان جو گهڻو احسانمند آهيان.، مگر مهرباني ڪري مون کي معاف ڪندا، جو مون کي ضرور اڄ رات اورنگ آباد پهچڻو آهي. آءُ هينئر روانو ٿيندس.

نواب صاحب: آءُ جيڪر ڏاڍو خوش ٿيان ها اوهان سان خلاصي صحبت ڪرڻ ۾، پر جي اوهين ترسي نه ٿا سگهو ته خير. (بهرام خان کي) بهرام خان اوهان کي جيتري پڄي سگهي اوتري قاضي صاحب جي خدمت ڪجو ۽ کيس اماڻي ڇڏجو. آءُ ڀانيان ٿو ته هن جي احسان جو بار اوهان جي گردن تي تمام گهڻو آهي، اهو لاهڻ اوهان تي لازم آهي. ( ائين چئي نواب صاحب ۽ ٻيا ماڻهو نڪري وڃن ٿا.)

دلدار خان: قاضي صاحب، آءُ ۽ منهنجو دوست بهرام خان اوهان جا گهڻو احسانمند آهيون، جو اوهان پنهنجي ڏاهپ، علميت ۽ قابليت جي وسيلي اڄ گهڻي فڪر، ڳڻتي ۽ تڪليف کان اسان کي ڇڏايو آهي ۽ هن منهنجي پياري دوست کي گويا جيئدان ڏنو اٿوَ. انهيءَ جي عيوض جيڪي ٽي هزار رپيا اسان هن مارواڙيءَ کي ڏنا، سي اوهان جي اڳيان نذرانو ڪري رکون ٿا. اميد آهي ته قبول ڪندئو.

بهرام خان: انهيءَ هوندي به اوهان جي احسان جو بار عمر تائين اسان جي مٿي تي رهندو.

حسنا: انهيء جو ڪو فڪر نه ڪريو. منهنجي معرفت اوهان کي فائدو پهتو، انهي جي خوشي منهنجي لاءِ گهڻي آهي، اوهين ائين سمجهو ته مون کي پنهنجي محنت جو عيوضو ملي چڪو. آءُ اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته جيڪي مون ڪيو آهي سو اجوري لاءِ نه ڪيو آهي. وري ڪڏهن ٻئي ڀيري ملياسين ته پاڻيهي اوهان کي معلوم ٿيندو. هاڻي آءُ موڪلايان ٿو، مون کي تڪڙو موٽي وڃڻو آهي.

دلدار خان: تڏهن سائين، من هيترو ڪريو، جو اسان کان ڪا شيءَ نشاني ڪري وٺو ۽ نه اجورو ڪري. اميد آهي ته هاڻ اسان کي رنج نه ڪندئو.

حسنا: چڱو سائين، جي اوهين ايترو زور ٿا ڪريو ته آءُ توکان هي تنهنجو رومال نيشانيءَ لاءِ وٺان ٿو، (بهرام خان کان رومال وٺي ٿو ۽ پوءِ دلدار خان کي چوي ٿو) تون سائين، اها منڊي مون کي ڏي. (دلدار خان هٿ هٽائي ٿو) هٿ ٿو لڪائين؟ مون کي ٻيو وڌيڪ نه گهرجي، انهيءَ منڊيءَ جي ڏيڻ ۾ ڪو اعتراض ڪو نه هوندو.

دلدار خان: قاضي صاحب، هيءَ منڊي خسيس شيءِ آهي، ڪا گهڻي ملهه جي ناهي. اهڙي ڪين جهڙي شيءِ مون کي ڏيڻ شرم ٿو اچي.

حسنا: انهيءَ جي حرڪت ڪانهي، منهنجي اک وڃي انهيءَ تي پيئي آهي ۽ منهنجي دل ٿي چوي ته اها وٺان، سو جي ڪا نيشاني ڏيڻي اٿئي ته اها ڏي، نه ته خير، تو پاڻ زور ڪيو، مون ته ڪي به ڪين ٿي گهريو.

دلدار خان: سائين، هن جي ملهه جو خيال مون کي ڪونهي، ڪنهن ٻئي سبب ڪري هن نه ڇڏڻ جو مون کي ضرور ٿو ٿئي. جي اوهان کي منڊيءَ جي خواهش آهي ته دولت آباد جي شهر ۾ جيڪا نه تمام عمدي ۽ قيمتي منڊي ملي سگهندي، سا اوهان کي وٺي ٿو ڏيان.. هن جي لاءِ مهرباني ڪري مون کي معاف ڪندئو.

حسنا : (ٿورو خفي ۾) خير سائين، حرڪت ڪانهي، اوهين رڳو وات جي ٻٽاڪن ۽ وڏين وڏين آڇن ڪرڻ ۾ هوشيار آهيو. اوهان پاڻ مون کي پنڻ سيکاريو ۽ جڏهن سوال ڪيم تڏهن هاڻي وري پنڻي کي جواب ڏيڻ ٿا سيکاريو؟

دلدار خان: قاضي صاحب، هاڻي آءُ سچي ٿو ڪريان، هيءَ منڊي مون کي پنهنجي اهليه جي ڏنل آهي ۽ ڏيڻ مهل پاڻ مون کي اها ساک ورتي هئائين ته نه هن کي وڪڻندس، نه ڪنهن کي ڏيندس، نه ڪٿي وڃائيندس.

حسنا: گهڻائي ماڻهو اهڙا عذر ڏيئي پنهنجون شيون بچائيندا آهن. جي اوهان جي جاءِ جا ماڻهو اشراف هوندا ۽ خبر پوندين ته مون اوهان جي لاءِ ڪهڙو پورهيو ڪيو آهي ته پاڻيهي ڄاڻندا ته اها منڊي منهنجي لائق هئي، ۽ مون کي ڏيڻ جي ڪري رنج ته ڪين ٿيندا، پاڻ خوش ٿيندا. چڱو هاڻي خدا حافظ ! ( حسنا ۽ نرگس نڪري وڃن ٿيون.)

بهرام خان: عزيز دلدار خان، اها منڊي کڻي ڏيوس، هن جو ٿورو مون تي گهڻو آهي ۽ تنهنجو پيار به مون تي گهڻو آهي، انهن ٻنهي ڏي ڏسي پنهنجي اهليه جي ڳالهه تان گذر ڪيئي ته حرڪت ڪانهي.

دلدار خان: فيروز ڊوڙ، وڃي پهچينس ۽ هيءَ منڊي ڏينس ، ۽ جي ٿي سگهي ته ريجهائي بهرام خان جي جاءِ تي وٺي اچينس. (منڊي لاهي ڏئيس ٿو) وڃ، تڪڙو وڃ. (فيروز وڃي ٿو، دلدار ۽ بهرام پاسي تي ويهي رهن ٿا. ٿورو ماٺ ٿي ٿئي، تنهن کانپوءِ دلدار هيٺيون راڳ ڳائي ٿو.“

        *                      عاشق آهن ويچارا، منجهه عشق اشتياقي،
                وڳندا وتن ويڳاڻا، فرقت ۾ نت فراقي.

 

۱-                             سڪ مان سڄڻ کي ساريان، هر هر هنجون ٿو هاريان،

 

محبن سان شال موٽي، مولا ڪندو ملاقي.

 

۲-             آهي اميد ، البت خلوت ۾ ٿي خلاصو،

 

پياريندو پنجي هٿ سان، صحب جو جام ساقي.

 

۳-             هيڪر وطن وڃي ٿيان، پنهنجي پرينءَ سان واصل،

 

گڏ ان سان آءُ گذاريان، تنهن بعد عمر باقي.

 

۴-             رهه تون ”قليچ“ قائم، محبت ۾ من موهن جي،

 

پاڻيهي پيارو تو وٽ، ٿيندو اچي اوطاقي.

 

        دلدار خان: (بهرام خان کي) ادا، هاڻ آءُ ته پاڻ به جاءِ تي هلون، صبح جو سوير ٻيئي گڏجي فتحپور هلنداسين. آءُ ته هلون. (ٻيئي وڃن ٿا)

 

چهچٽو ٽيون

دولت آباد ۾ هڪڙي گهٽي

(حسنا ۽ نرگس بيٺيون آهن)

حسنا: هريداس جو گهر پڇائي هي دستاويز وڃي ڏيکارينس ۽ مٿس صحيح وٺينس، اسين اڄ رات ئي پوئتي هلنديونسين، پنهنجن گهرن وارن کان ضرور هڪڙو ڏينهن اسان کي اڳي پهچڻ گهرجي. هي دستاويز ڏسي لالا منسک لال ۽ موهنا ڏاڍا خوش ٿيندا. (اتي فيروز گهڙي اچي ٿو)

فيروز: سائين، چڱو جو اچي اوهان کي پهتس، دلدار خان اوهان کي سلام ڏنا آهن، ۽ هيءَ منڊي ڏني اٿس ۽ چيو اٿس ته اڄ رات مهرباني ڪري اسان وٽ اچي ماني کائجو.

حسنا: (منڊي وٺي) آءُ منڊي وٺان ٿو، ليڪن مانيءَ تي ڪين اچي سگهندس. چئجان ته مهرباني ڪري مون کي معاف ڪن. ٻيو ڀلائي ڪري هن منهنجي منشيءَ کي هريداس جو گهر ته ڏيکارج.

فيروز: بيشڪ ڏيکاريندس. (فيروز هلي ٿو)

نرگس: ( حسنا کي) آءُ ڪوشش ڪري رستي ۾ پنهنجي مڙس کان سندس منڊي ڇڏائينديس، جا مون جند سان رکڻ لاءِ ڏني هيس.

حسنا: ائين پاڻ چڱو. تون به منڊي هٿ ڪر ته پوءِ پنهنجن گهر وارن کي مزا ڪرايون، ۽ چئون ته اوهان اسان جون منڊيون ٻين مڙسن يا زالن کي ڏنيون آهن. پاڻيهي پيا قسم کڻندا ڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون ڪندا. تون وڃ، جلدي وڃ. وري مون کي اچي ملجئين.

نرگس: بيبي دلجاءِ ڪر. (وڃي ٿي)


 


*  ”سر – ڪلياڻ“ ”طرز: لٽڪن سي جاتي جنگ پر“. (بنگلي بابو)

*  غزل ”سر – ڪلياڻ“ ”طرز : دل ميرود زدستم صاحبد لان خدارا“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com