سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: حسنا - دلدار

 

صفحو :1

حسنا - دلدار

شمس العلماءِ ميرزا قليچ بيگ

ويس ڌاري

 

نواب امين الدوله – دولت آباد جو نواب

فرخ شاهه – فيض آباد جو شهزادو

آصف جاه – مبارڪپور جو وزيرزادو

بهرام خان – دولت آباد جو سوداگر

دلدار خان – بهرام جو سنگتي ۽ حُسنا جو عاشق

فيروز، صفدر – بهرام ۽ دلدار جادوست

منسک لال – بهرام خان ۽ دلدار خان دوست

سيٺ هريداس مارواڙي – دولت آباد جو هڪڙو
شاهوڪار ۽ وياجخور

 

هرديال – هڪڙو شاهوڪار، سيٺ هريداس جو
دوست ۽ سنگتي

 

هرگُن – هڪڙو مسخرو، پهريائين هريداس جو
نوڪر پوءِ منسک لال جو

 

مالهو – هرگُن جو پيءُ

منصور – دلدار خان جو نوڪر

عباس، صادق – حُسنا جا گهر – ڄاول ٻانها

حُسنا بيگم – فتحپور جي هڪڙي دولتمند سوداگر

 

جي ڌيءُ ۽ وارث، جا پوءِ دلدار خان

 

سان پرڻي.

نرگس – حُسنا جي خاص خدمتگار، جا پوءِ فيروز

 

سان پرڻي

موهنا ٻائي – هريداس جي ڌيءَ، جا پوءِ منسک لال

 

سان پرڻي

تنهن کان سواءِ نوڪر، سرڪاري داروغو،
پورهيتون، وغيره.

 

آسٿان

دولت آباد ۽ فتحپور

 

 

 

تمهيد

] مئنيجر يا ڪو ٻيو مکيه ميمبر نڪري اچي ٿو، ۽ ڪُل ماڻهن کي سلام ڪري، هنن ڏي مخاطب ٿي هيٺيون راڳ ڳائي ٿو.[

مرحبا اي صاحبو، آن جو وڏو احسان آهه،
درس هن تشريف اوهان جي کان اسان جو شان آهه.
ڪئي اوهان تڪليف اڄ، آيؤ تماشي تي هلي،
ايءَ اوهان جي ٿي مرضي ۽ اوهان جو شان آهي.
ڀائرن پنهنجن کي نت تعليم نيڪيءَ جي ڏيڻ،
فيض وارن فائقن جو ايءَ اصل فرمان آهه.
سمجهه آهر پنهنجي جيڪي ٿيو سو حاضر آهه اڄ،
ٿي سگهيو بهتر نه ڪجهه، اُن جو گهڻو ارمان آهه.
نت اوهان جو لطف اسان لئه ٿيو دلاسو فتح جو،
رخ سڀن جو اڄ خوشيءَ کان خورم و خندان آهه.
جي ڏسو تقصير ڪا، تان مهر مان رکجو معاف،
سهوَ نِسيَان جو گهر اصل کوُن انسان آهه.

 

] اتي بس ڪري، هڪ پاسي مُنهن ڪري، ڪنهن کي سڏي ٿو.[

مئنيجر: ڀائي، ڪو هيڏي ايندو؟

]هن جي سڏ تي ايڪٽرن يا ناٽڪ ڪندڙن مان هڪڙو نڪري اچي ٿو.[

مئنيجر: خبر اٿيئي ته اڄ ڪهڙو ناٽڪ آهي؟

ائڪٽر: حُسنا ۽ دلدار.

مئنيجر: ٻڌائيندين ته اهو ڇاجي بابت آهي ۽ سندس مضمون ڪهڙو آهي؟ (ماڻهن ڏي اشارو ڪري) ڀلي ته هي صاحب به ڪي توکان ٻُڌن.

ايڪٽر: حاضر! ]پوءِ راڳ ۾ هيٺيان بيت ڳائي ٿو[

* 1-  اڙي يارو عجب نينهن نظارو ٿيندو!

 

حسن جو شرو ۽ شر ۽ اشارو ٿيندو!

 

۲-     ٿيندي بدنام بدي، شرم شرارت شامل،

 

حمل حليمت سندي نيڪيءَ سندو نارو ٿيندو.

 

۳-     اڄ دنيا جو نمونو آهي هن هنڌ موجود،

 

نيڪي واري سان هتان سڀ جو گذارو ٿيندو.

 

۴-     هر طبعيت جا هتي ٿيندا مقرر ماڻهو،

 

مرد عورت جي وصيت جو به وارو ٿيندو.

 

۵-     قابليت ۽ شرافت ۽ محبت سان گڏ،

 

حُسن حُسنا جو به هر طرح هزارو ٿيندو.

 

۶-     موهنا ڏيندي عجب موهه محبت جو مثال،

 

پر وري پيءُ سان سندس پوءِ پسارو ٿيندو.

 

۷-     واه بهرام جي اُلفت ۽ وفاداري واه.

 

عاقُبت قُرب قرابت ۾ ڪَرارو ٿيندو.

 

۸-     جيڪو دلدار خان جي محبت ۾ رهي نت محڪم،

 

گرچ مفلس هوئي، سندس ستارو ٿيندو.

 

۹-     عقل، انصاف، عدالت ۽ امانت جي ڪري،

 

نيٺ نواب سندو نياءُ نيارو ٿيندو.

 

۱۰-    مارواڙيءَ جيهو بيرحم ڪُسا کي ڪنجوس،

 

جو ٿئي، قلب ۽ منهن تَنهن جو به ڪارو ٿيندو.

 

۱۱-    چرچي بازيءَ ۾ ته ظاهر ٿيندا هرگن سندا گن،

 

پڻ ٻين ڪِن جو شرح وار واڌارو ٿيندو.

 

۱۲-    جيڪڏهن ڌيان سان هي ٻڌبو سمورو احوال،

 

پر مسلماني به احوال موچارو ٿيندو.

 

۱۳-    جيڪڏهن ڌيان سان هي ٻڌبو سمورو احوال،

 

آهي اميد ته پوءِ سڀ جو سڌارو ٿيندو.

 

۱۴-    صاحبو، هاڻ اسان جو اوهان مڙني کي سلام،

 

پاڻهي معلوم قصو سڀني کي سارو ٿيندو.

 

(ٻيئي، سر جهڪائي، سلام ڪري، نڪري وڃن ٿا.)

 

]ستت پردو کڄي ٿو ۽ ناٽڪ شروع ٿئي ٿو[.

 

ڀاڳ پهريون

 

چهچٽو پهريون

دولت آباد ۾ دلدار خان جي گهر

(دلدار خان فڪر ۽ انتظار ۾ هيٺيون راڳ ويٺو ڳائي)

*۱-   شل ڪوبه پنهنجي دوست کان يا رب جدا نه هوئي،

 

شل دشمن جي بي جگر تي هي داغ جفا نه هوئي،

 

۲-     جنهن من موهن سان اوچتو منهنجون اکيون اڙيون،

 

بيرحم شل نه هئي سو، شل بيوفا نه هوئي.

 

۳-     آهي بيڪس و غريب جو صاحب، جلال،

 

ڪنهن بادشاهه تي به شل ڪوئي عاشق گدا نه هوئي.

 

۴-     ڪيئن آه وزاري منهنجي مٿس ڪو ڪري اثر،

 

جيسين وٽس وڃڻ ۽ روئڻ جي رضا نه هوئي.

 

۵-     مشڪل آهي انهيءَ جو محبوب سان وصال،

 

جا دست جي فراق ۾ تهدل فدا نه هوئي.

 

۶-     جا عشق ۾ عجيب جي بيماري هوئي تمام،

 

دنيا ۾ تنهن جي وصل ري ٻي ڪا دوا نه هوئي.

 

۷-     آهن ڏکن پٺيءَ سک هن جڳ ۾ اي ”قليچ“،

 

هي درد و غم وڇوري جو آخر سدا نه هوئي.

 

دلدار خان: (ٿورو ماٺ ڪري) اي دلدار، تو جهڙو ڪمبخت هن دنيا ۾ ٻيو ڪو ٿورو لڀندو، مال متاع سڀ واپار ۾ وڃائي ويهي رهئين؛

هٿ سکڻا ۽ کيسو خالي، در در تي سوالي

انهيءَ حال هوندي به جي ٻي ڪا ڳڻتي نه هجي ته ماڻهو بيپرواهه آهي، پر تون ته دل به ڦاسائي ويٺين، وري هنڌ به اهڙي جتي پڄڻ جي جاءِ ڪانهي. او حسنا، او حسنا، آءٌ ڇا ڪريان ڪيئن تو تائين پهچان. کنڀ ڪينهنم جو اُڏامان، پير ڪينهنم جو هلان. (ٿورو ماٺ ڪري، اٿي ٿو) وري به وڃي پنهنجي دوست بهرام کي هٿ ڪريان ۽ هن کان مدد گهران.

(نڪري وڃي ٿو)

چهچٽو ٻيون

دولت آباد ۾ هڪڙي گهٽي

(بهرام خان، صفدر ۽ اختر بيٺا ڳالهيون ڪن)

بهرام خان: يار سچ ٿو چوان. خبر ناهي ڇو منهنجي دل اهڙي نموني ٿي پئي آهي، جڏهن مون کي پنهنجي پاڻ خبر نٿي پوي تڏهن توکي ڇا ٻڌايان!

صفدر: آءٌ سهي ٿو ڪريان ته تنهنجي دل ڪٿي آهي، اوءَ سمنڊ جي لهرين تي پئي لُڏي، جتي تنهنجا جهاز مال چاڙهيو، سرهه کوليو، پکين وانگي اُڏامندا اچن.

اختر: سچي ڳالهه آهي، جي ائين منهنجو مال دنگين ۾ ايندو هجي ته سارو منهنجو خيال اوڏي هجي. جيڪر سڄو ڏينهن پيو ڳڻتيون ڪريان ته هوا ڪهڙي پاسي جي آهي، سڻائي آهي ڪي اَڻائي آهي، پيو جيڪر نقشا نهاريان، ۽ بندرن تان ڀيرا ڪريان ۽ رستا چتايان، پر ڪا ڊپ جهڙي خبر ٻڌان ته جيڪر بيشڪ منهنجو دل ساهه ئي سُڪي وڃي. ڇو ته جيڪر منهنجي دل غمگين ۽ اُٻاڻڪي ٿئي. صفدر! مون کي جيڪر تپ اچي وڃي،. هوا لڳندي ڏسي مون کي جيڪر زياد. ڊپ اچي کڻي ته منهنجا جهاز وڃي ڪٿي لڳايا پڳا، جيڪا شهر ۾ وڏي عمارت نظر چڙهيم ته ضرور جوکائتا ٽڪر ياد پونم ۽ دل ۾ ضرور ائين اچيم ته منهنجون ڳوڻيون سمنڊ م پيون رلنديون هونديون ۽ منهجو ريشمي مال پيو پاڻيءَ تي ٽلڪندو هوندو! اهڙا خيال جن کي ايندا، سو ڇو نه موڳو ۽ غمگين ڏسڻ ۾ ايندو!

صفدر: مون کي خبر آهي ته بهرام خان کي پنهنجي مال جي خيال اهڙو اُٻاڻڪو ڪيو آهي.

بهرام خان: ويساهه ڪر، ائين ناهي. خدا جي مهربانيءَ سان منهنجو واپار رڳو هڪڙي هنڌ يا هڪڙي جهاز ۾ ناهي، نڪي منهنجي ساري ملڪيت هن سال جي سودي تي منحصر آهي،. مون کي پنهنجي مال جي بلڪل ڳڻتي ڪانهي.

صفدر: تڏهن ڪنهن جي عشق ۾ ڦاٿو آهين؟

بهرام خان: اهڙي ڳالهه ته نه ڪر.

صفدر: عشق به ناهي؟ تڏهن ائين چئبو ته توکي خوشي ناهي، تنهنڪري توکي غم آهي، يا توکي غم ڪونهي، تنهنڪري توکي خوشي آهي. پر هن جهان ۾ ٻن طبعيتن جا ماڻهو آهن، جن تي مون کي ڏاڍو عجب لڳندو آهي. هڪڙا اهڙا خوشطبع آهن جو ٿوري گهڻي ڳالهه تي ڏند ڪڍيو بيٺا آهن ۽ هميشه پيا کلن ۽ ٽهڪ ڏين ۽ بڪ بڪ ڪن، ٻيا وري اهڙا رُٺا روح آهن جو ٻاروهي منهن ۾ گهُنڊ پيو اٿن، نه ڪنهن سان ڳالهائين نه ٻولهائين، نه ڪنهن سان کلن نه مُرڪن.

(اتي دلدار خان، فيروز ۽ منسک لال اچن ٿا.)

اختر: اجهو تنهنجو عزيز دلدار خان آيو آهي، ۽ سندس يار فيروز ۽ لالا منسک لال به. هاڻ خدا حافظ، اسين وڃون ٿا. پاڻيهي اُهي توسان ڳالهيون ڪندا.

صفدر: جي تنهنجا سنگتي نه اچي نڪرن ها، ته آءٌ جيڪر ترسي به توکي ضرور کلائي پوءِ وڃان ها.

بهرام خان، تنهنجي سنگت مون کي وڌيڪ پسند آهي. توکي پنهنجو ڪم آهي تڏهن اهو بهانو ڪري وڃين ٿو هليو.

صفدر: هاڻ خدا حافظ، سڀني کي سلام. (صفدر ۽ اختر نڪري وڃن ٿا.)

فيروز: ڇو بهرام خان، چڱو ڀلو ته آهين؟ منهن ۾ ملول ٿو ڏسجين. هن جهان جو توکي قدر ڪونهي، هتي ماڻهوءَ کي هميشه خوشدل ٿي گذارڻ کپي.

بهرام خان: فيروز آءٌ دنيا کي دنيا ڪري سمجهندو آهيان، جتي سڀڪو ماڻهو مسافر وانگي اچي، ٻه – ٽي ڏينهن سکيا ۽ ڏکيا گذاري هليو ويندو آهي. منهنجي قسمت ۾ ته اهي ڏينهن ڏکيا لکيل آهن، سي ڪيئن به گذاربا.

فيروز: ادا، اسين ته پنهنجا زور ڪري به اهي ٻه – ٽي ڏينهن خوشيءَ ۾ گذارينداسين. کلنداسين، نچنداسين، ٽپنداسين، کائينداسين، پيئنداسين ۽ موجون ماڻينداسين. جواني هوندي ته ڇا، پيري هوندي ڇا. ماڻهوءَ کي ساهه پيٽ ۾ هجي ۽ سگهه بدن ۾ هجي ته پوءِ مُردي وانگي پئجي ڇو رهي ۽ موت وانگي چپ ڪري ڇو ويهي رهي؟ ڇالاءِ ائين ڪرڻ سان پنهنجي سک کي ڦيرائي ڏک ڏيکارجي؟ يار آءٌ ايمان سان ڳالهه ٿو ڪريان، مون کي انهن ماڻهن سان پويئي ڪين جي زور ڪري دم جهلي ويهي رهندا آهن، نه ڪنهن سان کلن، نه ڳالهائين، ڀانئين ته ماڻهو سمجهن ته هي ڪي وڏا عقلمند فيلسوف آهن، جي جهڙن تهڙن سان پنهنجو وقت وڃائن ئي ڪين. آءٌ انهن کي چڱو سڃاڻندو آهيان، انهن جو علاج به چڱو ڄاڻندو آهيان، هينئر اسين وڃون ٿا، وري ڪنهن ٻئي وقت انهيءَ بابت ذڪر ڪنداسين. (منسک لال کي) ادا هلي آءُ ته پاڻ هلون.

بهرام خان: چڱو يار، اسين به خوشي ڪرڻ کڻي سکنداسين.

فيروز: گهرجي به ائين. (دلدار خان کي) دلدار خان هاڻ تو پنهنجو دل گهريلو سنگتي لڌو آهي، اسين موڪلايون ٿا. وري رات جو گڏباسين.

دلدار خان: چڱو، اميد آهي ته رات جو وري گڏباسين. (فيروز ۽ منسک لال نڪري وڃن ٿا) (بهرام خان کي) فيروز به ڏاڍو بڪ بڪيو آهي. ڳالهائڻ مهل ٻئي کي وارو ئي ڪين ڏيندو آهي، ۽ مطلب جي ڳالهه منجهس هوندي ئي ڪانهي، جي هوندي ته به اٽي ۾ لوڻ، يا تهن جي ڍير ۾ چار ڪڻا اَن جا، جن کي ڳولي ڪڍڻ ئي هلاڪي.

بهرام خان: ادا، هاڻ ٻڌاءِ اها ڪهڙي بيگم آهي، جنهن سان تو شاديءَ جو ٺاهه ڪيو آهي، جنهن بابت چيئي ٿي ته اڄ توسان ڳالهه ڪندس؟

دلدار خان: بهرام خان، توکي منهنجي حال جي سربستي خبر آهي، ته ڪيئن پنهنجي ڌنڌي ۾ فائدي جي اميد تي ساري  موڙي ڏيئي ويٺو آهيان ۽ قرضي ٿي پيو آهيان. مون کي جيڪا ڳڻتي آهي سان انهيءَ قرض کان جند ڇڏائڻ جي. ادا، آءٌ تنهنجو گهڻو شڪر گذار آهيان، جهڙو پيار ۾ تهڙو پئسي ۾، تو مون کي گهڻي مدد ڏني آهي. هڙون به وڙؤن به تو مون سان ڀلائي پئي ڪئي آهي، تنهنجي ئي ڏَڍَ تي آءٌ اميد رکان ٿو ته نيٺ انهن قرضن کان به آزاد ٿيندس.

بهرام خان: دلدار خان، تسلي ڪر. بيشڪ جيڪو حال هجي سو مون سان ڪر. وَس پڄندي آءٌ ڪين گهٽائيندس. ڌن ڇاهي، پر جي تن ۽ من تنهنجي ڪم آيو ته آءٌ حاضر آهيان.

دلدار خان: ادا، ننڍي هوندي آءٌ اهڙو هوڏي هوس، جو ڪمان سان هڪڙي پاسي کڻي گز هڻندو هوس ۽ جي اهو نه لڀندو هو ته وري به ساڳي جاءِ تان بيهي ساڳئي پاسي ٻيو گز هڻندو هوس پوءِ اُنهيءَ جي کڻندي نيٺ اهو ٻيو گز به لهي وجهندو هوس. انهي حجت تي هاڻ توکي به اها صلاح ٿو ڏيان، تو هن کان اڳي مون کان اُڌاري ڏيڻ جي گهڻي ئي مدد ڪئي آهي، پر منهنجي قمست اهڙي هئي جو ڌنڌي ۾ ڇيهو پئجي ويو ۽ جيڪي ڏنئي سو گم ٿي ويو. هاڻ وري به ساڳي طرح مدد ڏي. خدا ڪندو ته انهيءَ مان تنهنجو اڳوڻو ٿورو به لاهي وجهندس، ۽ پويون به، نه ته به، هيءَ پوئين رقم ته موٽائي آڻي ڏيندوسئين، اڳينءَ جي لاءِ جهڙو هينئر تنهنجو احسانمند آهيان، اهڙو ئي رهندس.

بهرام خان: دلدار خان، تون منهنجو واقف آهين، صفا ڳالهه ڪرڻ ۾ ڇو ٿو دير ڪرين؟ تڏهن توکي منهنجي محبت، سچائيءَ ۽ وفاداريءَ ۾ شڪ آهي؟ منهنجي ساري ملڪيت وڃڻ ڪري مون کي ايترو ارمان نه ٿيندو جهڙو تنهنجن انهن ڳالهن کان ٿو ٿئي! جيڪو به ڪم هجئي، سو بلا حجاب چئي ڏي، آءٌ وس پڄندي ڪين گهٽائيندس.

دلدار خان: تڏهن ادا ٻڌ: فتحپور جي شهر ۾ آعا حسن سوداگر کي تون سڃاڻندو هئين. هن جي مئي کان پوءِ سندس ساري ملڪيت جي وارث سندس ڌيءَ آهي، ڇو جو زال به مري ويئي اٿس،  ٻيو اولاد به ڪونهيس – انهيءَ جو نالو حسنا بيگم آهي – هن جي جوانيءَ ۽ سونهن، علميت ۽ عقلمنديءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان؟ ملڪن ۾ مشهور آهي. پيءُ جي وصيت موجب هن کي شادي ڪرڻي آهي. سندس ٻانهن لاءِ گهڻائي شهزادا، اميرزادا، سوداگر۽ ٻيا وڏا ماڻهو پيا اچن. هڪڙي ڏينهن اتفاق سان مون هن کي ڏسي ورتو، ۽ هن مون کي ڏسي ورتو، آءٌ مٿس موهجي پيو آهيان، ۽ آءٌ پنهنجي دل ۾ سمجهان ٿو ته هوءَ به مون کي پسند ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ پنهجي سرخروئي جي لاءِ جيڪا ڳجهي پالهي ڪوشش ٿي سگهي آهي سا ڪئي اٿم. ليڪن ڇا ڪريان، آءٌ پئسي وارو ناهيان، جو وڃي ٻين ڌن وارن ماڻهن سان پاسو هڻي بيهان. جي مون کي وسعت هجي ۽ ٻين وانگي ٺاهه – ٺوهه ۽ تحمل سان وڃان ته منهنجي دل شاهدي ٿي ڏئي ته آءٌ جيڪر فتحياب ٿيان.

بهرام خان: دلدار خان، توکي خبر آهي ته منهنجي سڄي موڙي سمنڊ تي آهي. هٿ ۾ مون وٽ نڪو پئسو آهي، نڪو مال آهي جو رکي توکي پئسا وٺي ڏيان. جيڪو منهنجو مال جهازن ۾ اچڻو آهي، تنهن تي جيڪي ملي سگهيو سو تنهنجي مِلڪ آهي، بيشڪ وڃي پنهنجي پورائي ڪر. ڀلي وڃي پنهنجي حسنا کي هٿ ڪر. وڃ، وڃي مٿو هڻ، جتان رکت تي ۽ پَت تي منهنجي طرفان توکي پئسو ملي سگهي سو کڻ؛ آءٌ پاڻ به وڃي ڪوشش ڪريان ٿو.

(ٻيئي نڪري وڃن ٿا.)

چهچٽو ٽيون

فتحپور ۾ حسنا بيگم جي گهر جو هڪ ڪمرو

(حسنا ۽ سندس خذمتگار نرگس ويٺيون آهن. حسنا ويٺي ڳائي، هٿ ۾ ساز اٿس. بند جي ڳائڻ ۾ نرگس به ساڻس شامل ٿي ڳائي ٿي.)

حسنا:

*      ۱-     دنيا ۾ عجب دور، عجب رنگ سمايا،

 

گردش ۾ زماني جي ڪيئين ويا ڪيئين آيا – (دنيا ۾)

 

۲-     هڪڙن کي شب و روز آهي عيش ۽ عشرت،

 

هڪڙن کي صبح شام آهن سور سوايا (دنيا ۾)

 

۳-     هڪڙا ته سکن منجهه رهن شاد ۽ خوشدل،

 

هڪڙا ته ڏکن منجهه وتن سست ستايا – (دنيا ۾)

 

۴-     هڪڙن جون دليون مچ محبت جي مچايون،

 

هڪڙن جا جگر جوش جوانيءَ جي جلايا – (دنيا ۾)

 

۵-     افسوس، وڃي عمر ٿي ڳڻتيءَ ۾ اجائي،

 

هئي هئي، ٿا وڃن ڏينهن جوانيءَ جا اجايا – (دنيا ۾)

 

۶-     ڇا حسن ڪبو، جنهن جو خريدار نه ڪوئي،

 

همدم کان سواءِ ڪهڙي آهي ڪار جي مايا – (دنيا ۾)

 

۷-     قسمت ۾ لکيو جيڪي ڪريان تنهن تي قناعت،

 

ڪر فضل تون خاوند، تون ڪر خير خدايا – (دنيا ۾)

 

حسنا: (ٿورو بس ڪري) نرگس سچي پڇين ته آءٌ هن مان ڪڪ آهيان.

نرگس: هائو بيبي، جيتري مايا اٿئي اوترا جيڪي ڏک ڏوجهرا هجنئي ته جيڪر بيشڪ دنيا مان بيزار ٿين، پر اها سچي ڳالهه آهي ته بندو بيشڪر آهي، هوندو ۾ به ناراض ۽ اڻهوند ۾ به ناراض. جن کي خدا سڀڪي ڏنو آهي سي به اهڙا فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ گرفتار ڏسبا آهن جهڙا ڪنگال ۽ مفلس، جن کي هڙ ۾ ڪي به ڪين ٺهي، تنهنڪري وچولي حالت سڀ کان چڱي.

حسنا: سچي ٿي چئين، ڏاهپ جهڙي ڳالهه ڪئي اٿئي،

نرگس: انهيءَ تي عمل ڪرڻ ڪري اها ڳالهه جيڪر اڃا به وڌيڪ ڏاهپ جهڙي ڏسڻ ۾ اچي.

حسنا: چڱي نصيحت تي عمل ڪرڻ به جي اهڙو آسان هجي ها جهڙو ٻڌڻ يا ڄاڻڻ، ته جيڪر غريبن جون ڀُنگيون به بادشاهن جي محلاتن جي مٽ هجن ها، پر چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي، نيڪ صلاح ڏيڻ سولي آهي پر ان تي هلڻ ڏکيو آهي. عقل گهڻيون ئي چڱيون رٿون ڏسي ٿو، پر نفس، يا هوا ۽ هرص، يا جواني ديواني يا اهڙِون ڪي ٻيون شيون انهي جي پرواهه به نٿيون رکن، عقل کي لتاڙيو هليون وڃن، پر نرگس، مڙس چونڊڻ ۾ انهيءَ حجت تي هلڻ جو دستور ئي ڪونهي. ”چونڊڻ“ چيم، چونڊڻ آهي اختيار سان. سو مون کي نڪي جيڪو ماڻهو وڻندو تنهن جي قبول ڪرڻ جو اختيار آهي، نڪي جيڪو نه وٺندو تنهن کي جواب ڏيڻ جو اختيار آهي. اشراف ڌيءَ کي پنهنجي بزرگ فوتيءَ پيءُ جي وصيت تي اکيون پوري هلڻو آهي، خواه وڻيس خواه نه وڻيس. نرگس، اها ارمان جي ڳالهه ناهي ڇا ته مون کي پنهنجي لاءِ مڙس ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو اختيار ڪونهي؟

نرگس: بيبي، صدقي ٿيان، تنهنجو بابو ڏاڍو ڏاهو ۽ نيڪ ماڻهو هو، ۽ نيڪ ٻانهن کي مرڻ مهل مِڙئي چڱي مت ايندي آهي، تنهنڪري هن جيڪا تجويز بخت جي آزمائش جي ڪڍي آهي سا ضرور چڱي هوندي، يعني ته هنن ٽن: سون، چاندي ۽ شيهي جي صندوقڙين مان جيڪو ماڻهو تنهنجي تصوير واري صندوقڙي چونڊي ڪڍندو، اُنهيءَ سان تنهنجو نڪاح ٿيندو. پر بيبي، ڳالهه ته ٻڌاءِ، هي جيڪي امير ۽ سکر ماڻهو تنهنجي ٻانهن لاءِ اچن ٿا تن مان ڪو توکي وڻي به ٿو؟

حسنا: (کلي) ڀلا تون هڪ – هڪ جو نالو وٺندي وڃ، ته آءٌ توکي ٻڌائيندي وڃان، پوءِ کڻي سهي ڪج.

نرگس: چڱو،  پهرين هو اورنگ آباد جو شهزادو؟

حسنا: هائو، هو خچر، جو رڳو گهوڙي جي شڪل ۾ هينگ ڏئي ڄاڻي. رڳو گهوڙن، اُٺن ۽ خراساني گڏهن جون ڳالهيون پيو ڪري، پاڻ به خراساني پيو ڀانئجي.

نرگس: ڀلا هو احمد نگر جو اميرزادو؟

حسنا: ڌوڙ ڇائي، اُهو ته رڳو ڪاٺ جو پتلو آهي، ٻوٿ ٻڌيو اکيون پيو ٽمڪائي، نه کلي، نه ڳالهائي. ننڍي هوندي ههڙو ٻُگهه آهي ته وڏي هوندي الاجي ڪهڙو ٿيندو، پوءِ ته هن کان پيو ڀؤ ٿيندو. نه، مائي نه، شل خدا انهن ٻنهي کان مون کي رکي وٺي.

نرگس: ڀلا هو پٺاڻ سوداگر شهباز خان ڪيئن آهي؟

حسنا: (کلي) خدا جو خلقيل آهي، تنهن مان ڪهڙي ويڪ ڪڍبي. آخر ماڻهن جهڙا هٿ پير اٿس، تنهنڪري ماڻهو سڏبو، باقي هونئن سو هُن اورنگ آباد جي شهزادي کان به بڪبڪ گهڻي اٿس، ۽ هن احمد نگر جي اميرزادي کان به وڌيڪ منهن ۾ گهُنڊ وجهڻ جي عادت اٿس. هڪڙي بت ۾ گهڻن ماڻهن جا روح اٿس. رڳو بلبل کڻي ٻولي ڪري ته به بيٺو نچي ۽ ٽپي، پنهنجي پاڇولي سان به پيو پلٿو کيڏندو آهي. آءٌ جي ساڻس کڻي شادي ڪريان ته ڄڻ ويهن ماڻهن سان گڏ شادي ڪيم، جيڪڏهن هو مون کي کڻي ڌڪاري ته آءٌ جيڪر چڙان، ڪين، چڙان جي هن جي مون سان دل ٻَجهي وڃي ته آءٌ جيڪر ڏاڍي بيزار ۽ بي آرام ٿيان، پڇانس به ڪين.

نرگس: ٺهيو، ڀلا هو دکني سردار سهراب خان؟

حسنا: اُنهيءَ جي ته توکي خبر آهي ته مون ساڻس ڳالهايو ئي ڪين، ڀلا نه هو منهنجي سمجهي، نه آءٌ هن جي سمجهان، الاجي عربي ڳالهايائين، ڪي فارسي ڳالهايائين، ڪي ترڪي ڳالهايائين. شڪل سا ٺاهوڪي اٿس، پر اُنهيءَ گگدام سان ڪير ڳالهائيندو، ڪيئن ڳالهائبو! وري پوشاڪ به حيرت جهڙي اٿس. آءٌ ڀانيان ٿي ته پڳڙي هندستان مان ورتي اٿس، پهراڻ ايران مان ۽ سٿڻ توران مان، ۽ چال سا وري جتان ڪٿان وتيو آهي وٺندو.

نرگس: ۽ هو سنڌ جو جوان نواب، ڪيئن؟

ڪير، جنهن کي ٺوَنٺ جيڏي ٽوپي مٿي ۾ پئي هئي؟ مون ته ڀانيو ته کڙ جي ناري مٿي تي رکي آيو آهي. ٻيو وري معلوم ٿيو ته ٻنپهرن جو چاڙهي شراب جا پَٽَ، سانجهن جو پئي ڀنگ ۽ سُمهاڻين جو وٺي آفيم. صبوح جو سو جيئن تيئن، باقي ٻنپهرن جو پيو آٿڙي، سانجهن جو ڳيري وانگي اکيون ڳاڙهيون ڪري پيو نهاري، ۽ سُمهاڻينج جو پيو پنڪيون ۽ جهوٽا کائي. صبح جو ماڻهو ئي اُٿي ۽ رات جو مرون ٿي پئجي رهي. منهنجو کڻي بخت ڦِٽي ته به هن کان پري سکي پئي گذارينديس.

نرگس: (کلي) ۽ جي بيبي، اتفاق سان هو اُها صندوقڙي برابر ڪڍي وڃي ته پوءِ؟ پٺيان لڳينس،ڪين نه؟

حسنا: تڏهن ته ڀلائي ڪجئين، جڏهن اها مهل ٿئي، تڏهن هڪڙو شراب جو گلاس يا آفيم جي دٻلي کڻي ڪنهن ٻي صندوقڙي تي رکجئين، پوءِ ڀلي اندر جِن ڀوت هجي ته به نشي جي لالچ اهڙي بڇڙي آهي جو هٿ پهريندي مڙئي اوڏي ويندو. اهڙي ماڻهوءَ کان ائين چڱو.

نرگس: بيبي، تون انهن ماڻهن جي ڳڻتي ڪانه ڪر. اِنهن سڀني کان مون کي معلوم ٿيو آهي ته هو دعوا ڇڏي موٽي ٿا وڃن. چون ٿا ڪير انهيءَ جوا جهڙي ڪم ۾ هٿ وجهي، پوءِ ڦڪو ٿي موٽي وڃي. ٻيو به جي پنهنجي پيءَ جي تجويز ڇڏي، پنهنجي مرضيءَ سان يا ڪنهن ٻئي رستي انهن مان ڪنهن سان کڻي شادي ڪندينءَ ته اُها ٻي ڳالهه آهي.

حسنا: توبهه توبهه! اهڙي ڳالهه ته نه ڪر. آءٌ ڪُراڙي ٿي وينديس. ته به جَتي سَتي ٿي گذارينديس، ۽ ڪنواري رهنديس، پر ته به والد جي حڪم جي برخلاف هلت نه ڪنديس. چڱو ٿيو جو اهي سڀ ماڻهو اهڙا سمجهو آهن جو پاڻيهي موٽي وڃن ٿا. آءٌ پاڻ سندن وڃڻ ۾ خوش آهيان.

نرگس: بيبي ياد اٿئي نه، ته جڏهن تنهنجو بابو حيات هو تڏهن هڪڙي ڀيري دولت آباد شهر جو هڪڙو جوان سوداگر، تنهنجي چاچي سان گڏجي هتي آيو هو: خوبصورت به هو، پڙهيل به هو، همت ڀريو به هو؟

حسنا: هائو هائو، دلدار خان نالو هوس، سڏيائونس ته اَئين ٿي.

نرگس: اُهو، بيبي اُهو. مون نماڻيءَ جي اکين هيستائين جيڪي ڏٺا آهن، تن مان اُنهيءَ جهڙو ڪنهن اشراف ۽ حسين زال جي لائق ٻيو ڪونه هوندو.

حسنا: مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، هو برابر اهڙو هو. (اتي هڪڙي پورهيت اچي ٿي تنهن کي ڏسي) ائي ڇاهي ڪهڙي خبر آهي؟

پورهيت: بيبي، هو چار مهمان جيڪي هئا، سي موڪلائين ٿا،  پنجين جو وري ماڻهو اڳواٽ آيو آهي، چوي ٿو ته فرخ شاهه فيض آباد جو شهزادو اڄ شام جو ايندو.

حسنا: هو چار ڀلي آيا، جيءُ آيا. جهڙي هنن چئن جي وڃڻ ڪري خوشي حاصل ٿي ٿئي، اهڙي جي هن پنجين جي اچڻ ڪري ٿئي ته جيڪر هن جي گهڻي آدرڀاءُ ڪريان. جي اندر ۾ کڻي ملائڪ جهڙو هوندو، پر شڪل شيطان جي هونديس، ته مون کي کانئس توبهه آهي. هڪڙي کي هڪالي ٿا ڪڍون ته ٻيو ڪاهيندو اچي! (پورهيت کي) چڱو، اسين پاڻيهي انهيءَ جو بلو ڪنديونسين.

(پورهيت جي نڪري وڃڻ کان پوءِ حسنا وري ٿورو ماٺ ڪري ساز کڻي هيٺيون راڳ ڳائي ٿي).

*      1-      نه آهي، يڪسان سدا زمانو،

 

گهڙيءَ ۾ ڇا هي گهڙيءَ ۾ ڇاهي!

 

عجب هي دنيا جو ڪارخانو،

 

گهڙيءَ ۾ ڇاهي گهڙيءَ ۾ ڇاهي!

 

2-     ڪٿي وسيو دارا ڪٿي سڪندر،

 

ڪٿي وسيو سلطان هفت ڪشور،

 

ٿيو هر ڪو هت موت جو نشانو،

 

گهڙيءَ ڇاهي گهڙيءَ ۾ ڇاهي!

 

3-     هميشہ هئي جن کي شادماني،

 

ڪئي سدا جن ٿي ڪامراني،

 

مليو اُنهن کي نه اَب و دانو،

 

گهڙيءَ ۾ ڇاهي گهڙيءَ ۾ ڇاهي!

 

4-     يال جن جا هوا هوائي،

 

دماغ ۾ جن جي هٺ وڏائي،

 

وين سڀ ئي ملڪ ۽ خزانو،

 

گهڙيءَ ۾ ڇاهي گهڙيءَ ۾ ڇاهي!

 

5-      نه ڀروسو آهي هڪڙي دم جو،

 

ٿيو جاري رستو سدا عدم جو،

 

”قليچ آهي سڀ فَسانو،

 

گهڙيءَ ۾ ڇاهي گهڙيءَ ۾ ڇاهي!

 

(ٿورو بس ڪري پوءِ چوي ٿي) آءُ نرگس، آءُ ته هلون.

(ٻيئي نڪري وڃن ٿيون)

 

چهچٽو چوٿون

دولت آباد جي هڪڙي گهٽي

(دلدار خان ۽ سيٺ هريداس مارواڙي بيٺا ڳالهائين.)

هريداس: ٽي هزار رپيا؟

دلدار خان: هائو، ٽن مهينن لاءِ.

هريداس: ٽن مهينن لاءِ؟ چڱو.

دلدار خان: انهيءَ لاءِ بهرام خان ضامن پوندو.

هريداس: بهرام خان ضامن پوندو – پوءِ؟

دلدار خان: پوءِ ڀلائي ڪري اُڌار ڏيندين؟

هريداس: (پنهنجي منهن) ٽي هزار رپيا، ٽن مهينن تائين، ۽ بهرام خان ضامن!

دلدار خان: هائو، هاڻ ڇاٿو چوين، ڪهڙي مرضي اٿئي؟

هريداس: بهرام خان چڱو ماڻهو آهي.

دلدار خان: ڇو ڪڏهن ڪا سندس مدائي ٻڌي اٿئي ڇا؟

هريداس: نه نه، نه نه، چڱي ماڻهوءَ چوڻ مان منهنجو مطلب اهو ته هوندو وارو آهي، وسعت وارو آهي. پر اها سندس وسعت به اڃا رڳو خيالي آَهي. ٻه – ٽي جهاز ڏيساور کان مال سان ڀرجي اچڻا اٿس، نصيب تي ڀاڙي، اکيون پوري هيڏي هوڏي موڙي اُڇلائي وڌي اٿس، ڏسجي ته ڪيئن ٿو ٿئي! جهاز رڳو تختن جا ٽڪر ڳنڍيل آهن، ۽ ميربحر رڳو ماڻهو آهن. جهڙا سڪيءَ ۾ چور ٿيندا آهن، اُهڙا پاڻيءَ تي به ٿيندا آهن، پهچڻ کان اڳي اُهي ئي مال ڦري وڃن، يا طوفان ۾ يا ٽڪرن تي جهاز ئي ڀڄي پون ۽ ٻڏي وڃن! گهڻيون ئي ڳالهيون آهن، پر هونئن ماڻهو چوکو آهي، کٽل ناهي. ٽي هزار رپيا! آءٌ ڀانيان ٿو ته کيس ضامن قبول ڪرڻ ۾ مون کي حرڪت ڪانهي.

دلدار خان: ڪهڙي حرڪت آهي، ٻيو شڪ ڪونه ڪر.

هريداس: آءٌ شۡڪ ڪونه ڪندس، پر پهرين پنهنجو شڪ ته لاهيندس. آءٌ بهرام خان سان روبروڪي ڳالهايان؟

دلدار خان: بيشڪ ڳالهائينس، رات اچي ڏسينس، اسان جي جاءِ تنهنجي جاءِ آهي، ڀلي اچ، جيءُ اچ.

هريداس: مون کي اوهان مسلمانن جي جاءِ ڪانه گهرجي. پر هي ڪير ٿو اچي؟ (اتي بهرام خان اچي ٿو)

دلدار خان: او اِجهو بهرام خان پاڻ آيو آهي.

هريداس: (منهن پاس ڪري) ڪهڙي نه ماٺيڻي شڪل اٿس. هن مُسلي جو منهن مون کي وڻي ئي ڪين. ويتر وري معتبر ٿي ماڻهن کي وياج کان سواءِ ساک پت تي اُڌارا پئسا ڏيندو وتي، وياج جو اگهه ئي گهٽائي ڇڏيو اٿس، انهيءَ ڪري پاڻ وڌيڪ منهنجي ساڻس پوئي ڪين. جي ڪنهن ڦندي ۾ ڦاسي ٿو پوي، ته پوءِ اڳيون ويون سڀ ڪَسون ڪڍندوسانس. تنهن کان سواءِ وري هي مُسلو اسان هندن تي ڦٽ لعنت ڪندو آهي، جتي بازار ۾ چار ڄڻا بيٺل ڏسي، اتي منهنجي گِلا ڪري، ۽ جيڪي آءٌ پيٽ ڪوئي، ڪشالا ڪڍي فائدو ڪمايان، تنهن کي هي سُود ۽ وياج سڏي حرام چوي. حيف آهي مون کي، جي اهي ساڙ نه ڪڍانس.

دلدار خان: سيٺ هريداس، پوءِ ڇاٿو چوين، ٻڌين ٿو ڪين نه؟

هريداس: مون پئي پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو، پر جيڪا روڪڙ هٿ ۾ سجهيم ٿي، تنهن موجب ته آءٌ ڀانيان ٿو ته ايترا پئسا ٽي هزار رپيا هڪدم آءٌ سڀ ڏئي ڪين سگهندس، پر تنهن جو ڇا آهي، پنهنجي مِٽ سيٺ هرديال کان کڻي وٺندس. پر بيهه، ڪيترو مُدو چيئي، ٽي مهينا؟ (بهرام خان کي) ڪيئن سائين، خوش چڱو ڀلو ته آهين، تنهنجي هاڻي بيٺي ڳالهه ڪئيسين، ڄمار وڏي اٿئي.!

بهرام خان: هريداس، جيتوڻيڪ مون کي وياج تي نه اُڌاري ڏيڻ، نه وٺڻ جي عادت آهي، تڏهن به لاچار پنهنجي دوست جي گهرج پلڻ لاءِ آءٌ پنهنجي عادت ٽوڙيان ٿو. (دلدار خان ڏي منهن ڪري) ادا، ٻڌايو اٿئيس ته ڪيتري رقم گهرجئي؟

هريداس: هائو هائو، ٽي هزار رپيا.

دلدار خان: ٽن مهينن تائين.

هريداس: مون کي وسري ويو، ٽي مهينا چيئي؟ چڱو سائين، تون ضمانتنامو لکي ڏي، پوءِ آءٌ ڏيندس. پر ميان، تو هينئر چيو نه، ته سُود تي تون نڪي اُڌارا ڏين، نڪي وٺين؟

بهرام خان؛ سچ آهي. اسان مسلمانن کي وياج وٺڻ، توڙي ڏيڻ حرام آهي.

هريداس: حرام آهي؟ مسلمانَ غريب هارين کي ٻج جا پنجاهه رپيا ڏيئي، وري فصل لٿي سٺِ – ستر رپين جو اَن ۽ گاهه نٿا وٺن؟ چار ٻڪريون يا گانيون يا مينهون ڏيو، ٻن – ٽن ورهين کان پوءِ انهن جو ملهه يا اهڙا ساڳيا ڪن ٻن – چئن ڦرن سميت نٿا وٺن؟ ۽ انهيءَ وچ ۾، مفت جو کير، ڏڌ ۽ مکڻ هنن کان نٿا پيا وٺن؟ بئنڪن ۾ پئسا رکي اُن تي وياج نٿا وٺن؟ ڇو، اوهان جا هيترا قوم ڀائي واپاري: ميمڻ ٿيا، کوجا ٿيا، وئونرا ٿيا، ٻيا ٿيا، ٽيا ٿيا جيئرو جاڳندو وياج، پئسن تي پئسا نٿا وٺن؟ رڳو اسان هِندن تي ڪاوڙ اٿئي؟

بهرام خان: (دلدار خان کي) مون کي سُجهيو ٿي، ته هن شيطان مان ڪين ورندو. هي ڪافر هاڻ مسلمان ٿي مون سان حجت ۽ دليل ڪرڻ بيٺو آهي.

هريداس: ٽي هزار رپيا – ٿوري رقم ناهي – ٽن مهينن تائين – ڏسان ته ڪيترو ٿيو (خيال ڪري ٿو، آڱرين تي ڳڻي ٿو).

بهرام خان: پوءِ، هريداس اسين بيٺا تنهنجي مُنهن ڏي ڏسنداسين ڇا؟

هريداس: بهرام خان، تو ڪيترا ڀيرا نه مون کي کُليءَ بازار ۾ ننديو آهي، آءٌ چپ ڪري سُر پِي پئي ويو آهيان. تو مون کي ڪافر سڏيو هوندو، ڪارو ڪتو سڏيو هوندو، وياج خور سڏيو هوندو، پري کان ٿُڪون وڌيون هوندءِ، ته به مون نه ڪُڇيو آهي. اسين هندو ماڻهو، سانت ۽ سنتوش وارا آهيون، جٺ ڦٽ صبر ڪري سهي ويندا آهيون. هاڻ ڏس، نيٺ تنهنجي گَتي اچي مون ۾ پئي آهي. هاڻ شرم نٿو اچيئي جو مون وٽ آيو آهين ۽ چوين ٿو ته (چٻرا ڏئي چوي ٿو) ”هريداس، پئسا اُڌارا ڏي“. مون کي ٿُڪون هڻين ۽ گاريون ڏين ۽ هاڻ پئسا گهرڻ آيو آهين؛ توکي ڪهڙي ورندي ڏيان؟ ڪتي وٽ پئسا رهندا آهن؟ ڪتو ڪڏهن ٽي هزار رپيا اُڌارا ڏيندو آهي؟ تون ڀانئين ٿو ته آءٌ اهڙو نيچ آهيان جو توکي هيئنر چوان ته ”سائين تو انهي ڏينهن گاريون ڏنيون، ٿڪون هنيئي، ڪتو سڏيئي، ڪافر چيئي، اڄ آءٌ توکي انهيءَ جي انعام ۾ هيترا ڪ هيترا رپيا اُڌارا ٿو ڏيان.“

بهرام خان: آءٌ هاڻ به توکي اهڙو سمجهان ٿو ۽ اُهڙو وري چوندس به. جي تون پئسا اُڌارا ڏين ٿو ته اسان کي دوست ڪري نه ڏي، دشمن سمجهي ڏي. وٺي وٺي وياج وٺندين ٻيو ڇا ڪندين. جي مدي اندر نه ملن ئي ته کڻي دستاويزن جي شرطن موجب ڇڪي تاڻي وٺج، ٻي مروت ڪانه ڪج.

هريداس: ميان ڪاوڙ نه ڪر. ڏاهو ٿيءُ. آءٌ توکي دوست سمجهي، تنهنجي اڳوڻي هلت وساري، گهرج وقت توکي ڪم اچان ٿو ۽ جيڪي پئسا گهرين ٿو، سي اُڌارا ڏيان ٿو ۽ وياج جي توکان ڪوڏي به نٿو وٺان. اُها ڀَلائي چئبي يا نه؟

بهرام خان: اها ڀَلائي چئبي.

هريداس: ته اها ڀلائي آءُ توسان ڪريان ٿو. هَل هلي قبض نويس وٽ مون کي دستاويز لکي ڏي. رڳو اُنهي ۾ نالي لاءِ ايترو سو لکي ڏيندين ته جي هيترا ڪ هيترا پئسا، هن ڪ هن هنڌ، هيتري ڪ هيتري مدت ۾، موٽي پهچائي نه ڏنم، ته انجام شڪنيءَ جي عيوض پنهنجي بت جي ماس مان هڪ پاءُ جيترو ماس، جتان هي چوندو اُتان هن کي وڍائي ڏيندس.

بهرام خان: قبول، اهو شرط قبول آهي. آءٌ انهيءَ دستاويز تي صحيح ڪندس ۽ ڄاڻندس ته هن مارواڙي مون سان ڀلائي ڪئي.

دلدار خان: نه يار نه، انهيءَ تي آءٌ توکي صحيح ڪرڻ نه ڏيندس. منهنجي گهرج لهي يا نه لهي؛ تنهن جي گهڻي حرڪت ڪانهي.

بهرام خان: (کلي) ميان ڊڄين ڇو ٿو؟ اهڙي انجام شڪني ڪانه ٿيندي. ٻن مهينن جي اندر، يعني انجام کان پاڻ هڪ مهينو اڳي، انهيءَ رقم کان ڏهوڻا – ويهوڻا پئسا مون وٽ ٿي پوندا.

هريداس: هري رام، هري رام – هي مسلمان ڪهڙا نه شڪي آهن. پاڻ اهڙا ڪٺن هِردي وارا آهن، سو ڀانئن ٿا جڳ ئي اهڙو آهي. ڀلا پڇن ته جي انجام جي پورائي نه ٿي ته مون کي ڇا حاصل؟ رڳو پاءُ ماس جو، (کلي) ماس به ماڻهوءَ جو، سو به مسلمان! هري رام، هري رام، هري رام. اڃا به ڪنهن رڍ ٻڪريءَ جو هجي ته به چئجي ته ڪنهن کي ڪم ايندو يا ان مان ڪو پئسو نڪرندو. آءٌ رڳو هن جي دل وٺڻ لاءِ، هن جي ڪاوڙ لاهڻ لاءِ، هن سان ڀلائي ڪرڻ لاءِ ائين ٿو ڪريان، نه ته مون کي ڪهڙي گتي پيئي آهيئ (هنن کي) هاڻ سائين، وڻيوَ ته وٺو، نه ته پرتؤ ڌڻيءَ کي. مون کي گهڻو ستايو نه، هليا وڃو.

بهرام خان: هائو، هريداس هائو، آءٌ انهيءَ دستاويز تي صحيح ڪندس.

هريداس: تڏهن سائين، تون هلي قبض نويس وٽ دستاويز لکاءِ ته آءٌ جاءِ تان پئسا کڻندو اچان.

بهرام خان: چڱو، شاباس اٿئي، ڀائي شاباس اٿئي. (هريداس وڃي ٿو)

دلدار خان: مون کي مُنهن جو مِٺو، اندر جو ڪارو ماڻهو وڻيئي ڪين. ناحق ٿو انهيءَ هچاري سان ڦاسين!

بهرام خان: ڀائو، ڊپ ڪو نه ڪر، هلي آءُ. منهنجا جهاز انجام جي تاريخ کان مهينو کن مڙئي اڳي ايندا

(نڪري وڃن ٿا)


 


* راڳ ”جهنگلو“ طرز: ”گهر سي يهان ڪون خدا ڪي لئي لايا مجڪو.“

 *  غزل ”سُر – ڪپوري“: ”طرز: راضي هين هم اسي مين جو ڪچهه دلربا ڪري“

*  غزل ”سر – سورٺ“: طرز: ”ظالم يي مجهي ڪون اس ايوان مين لايا“

*  غزل ”سر – جوڳ“: طرز: ”غبارِ دنيا سي موج دريا هميشه دامن جهٽڪ رهي هي“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com