ڀاڳ ٻيون
چهچٽو پهريون
دولت آباد جي هڪڙي گهٽي – هرگن بيٺو آهي
هرگن: هن مارواڙيءَ مان ته اچي ڦاٿو آهيان، سنديس نوڪريءَ ته
مون کي ڪڪ ڪيو آهي. شيطان ٿو چونگ ڏئينم ته ٿيان
کڙو، پر وري دل ۾ خيال ٿا پون. چڱو ڀلا، ڀڄو ٿو
وڃانس. (ڪپڙا کنجي ڀڄڻ جي تياري ڪري ٿو) پر نه،
ڀلي ٻه – ٽي ڏينهن وڌيڪ وٽس رهان. (ڪپڙا وري
سنوان ڪري ٿو.) پر هي مارواڙي اهڙو چمچوس آهي، جو
کاڻيءَ مانيءَ تان کَل ئي ڪين لاهي. آءٌ وٽس ڏکيو
ٿيو آهيان. آءٌ ضرور ڀڄي ويندس. (وري ڪپڙا کنجي،
ٻه – ٽي قدم ڊُڪي، وري اوچتو بيهي رهي ٿو) پر
هرگن، ڏاهو ٿي، اشراف ٿي، تون اشراف جو پٽ آهين.
اما آهي ڪي ناهي، پر بابو ته ضرور اشراف آهي، نوڪر
کي پنهنجي ڌڻيءَ جو در نه ڇڏڻ گهرجي. هن جو نمڪ
پيٽ ۾ اٿم، پر هن ڏوسي ڪنجوس وٽ مون کان رهيو ڪين
ٿيندو، نه هرگن نه، ٿي کڙو. وڃي ڪو ٻيو ڌڻي هٿ ڪر.
(وري ڪپڙا کنجي ڀڄڻ جي ٿو ڪري، ته پري کان سندس
ڪراڙو گُڪِڙو پيءُ مالهو، لٺ هٿ ۾ کنيو ۽ هڪڙي
ٽوڪري مٿي تي رکيو اچي ٿو.)
مالهو: ٻچا، نينگرا، سيٺ هريداس جي جاءِ ڪهڙي پاسي آهي؟
هرگن: (مُنهن پاسي ڪري، پنهنجي مُنهن) او اجهو، منهنجو جيئرو
جاڳندو پتا اچي نڪتو: اکين کان آهي جڏو، سو مون کي
سڃاڻئي نٿو. هاڻ مزا ٿو ڪريانس.
مالهو: ابا ڇوڪرا، ڀلائي ڪري هريداس جي جاءِ جو ته ڏس ڏينم؟
هرگن: ڏاڏا، اڳڀرو هلي پوءِ کٻي پاسي لَڙ، پوءِ ٿورو اڳڀرو هلي،
نڪي سڄي پاسي لڙ، نڪي کٻي پاسي لَڙ، نڪ سامهون وڃي
سيٺ جي گهر ۾ مَرُ.
مالهو: ٻچا، تون ته چرچا ٿو ڪرين. آءٌ جڏڙو ڪيئن ايترا ور
ڏيندس؟
هرگن: تڏهن ڀلا هتان ئي سڌو نڪ سامهون هليو وڃ.
مالهو: پر ٻچا، جواني ماڻين، ڪا خبر اٿئي ته انهي سيٺ وٽ هڪڙو
هرگن نالي ڇوڪر نوڪر هو، سو اڃا وٽس آهي يا نه؟
هرگن: او هرگن! (منهن پاسي ڪري) هاڻ ڏس ته ٽپا ٿو ڏيارنس، (پيءُ
کي) توکي خبر ئي ڪانهي؟
هرگن ويچارو ته مري ويو. پندرهون – ويهون ڏينهن ٿيدسن.
مالهو: هئي گهوڙا (ٻڍي جي لٺ نڪري وڃي ٿي، ٽوڪري ڪِري پئي ٿي ۽
پاڻ به ڪري پوي ٿي، مٿو پٽي ٿو – روئي ٿو ۽ رئندي
چوي ٿو) اڙي پيارا هرگن! منهنجا جوان جماڻ هرگن!
منهنجا مجلس جا مورَ هرگن! مون انڌي جي لٺ هرگن!
مون ٻڍي جا آسرا هرگن! منهنجا مِٺا هرگن! منهنجا
پيارا هرگن! (اوڇنگارون ڏئي روئي ٿو. هرگن مُنهن
پاسي ڪري بيٺو کلي)
هرگن: مار هي ڇا؟ بابا ڏسُ اجهو تنهنجو مور، تنهنجو آسرو،
تنهنجي لٺ، تنهنجي ٽوڪري – مار پُٽ کي به نٿو
سڃاڻين؟
مالهو: (سنئون ٿي ويهي ٿو) ابا، ڏاهو ٿي، سچي چئو. (روئي)
منهنجو سرڳواسي پٽ مري ويو، يا جيئرو آهي؟
هرگن: بابا، اهڙي ڳالهه نه ڪر، تنهنجو پٽ ڪو اهڙو سولو مرڻ جو
آهي؟ گهڻن کي ماري پوءِ مرندو. اجهو سڄو سارو مَيو
متارو تنهنجي اڳيان بيٺو آهيان، سڃاڻين به نٿو؟
(وٺي اُٿاري بيهاريس ٿو).
مالهو: (ڀاڪر وجهي، چمي ڏئي) ابا، شل سدائين خوش هجين! آءٌ اکين
کان جڏو آهيان، برابر ڏسي نه سگهندو آهيان.
هرگن: (پيءُ جي پيرن تي ڪِري پئي ٿو) هاڻ بابا، آسيس ڪر.
مالهو: ٻچا، شل سدائين سکي هجين! (هن جي منهن تي هٿ گهمائي)
الاجي نينگرا اُهو آهين، ڪي ٻيو آهين، مون انڌي
سان ٺٺوليون ته نٿو ڪرين؟
هرگن: ڏس وري، ائين چوندين ته آءٌ وري به مري ويندس. آءٌ تنهجو
ساڳيو پٽ آهيان. مالهو منهنجو پيءُ، ۽ راڌان
منهنجي ماءُ. ٻيو به سچي پچي ته سُڌ هڪڙي توکي، ٻي
امان کي. هريداس سيٺ جي نوڪري ۾ ته آءٌ آهيان.
مالهو؛ هائو هائو، تون اُهو ساڳيو پٽ، تون اُهوساڳيو هرگن آهين.
پر ٻچا، اڳي کاڏي لسي هوئي هاڻ وارا نڪتا اٿئي.
ابا، ٻڌاءِ ته تنهنجو سيٺ ڪيئن آهي، تون ساڻس ڪيئن
پيو گذارين؟ مون سندس لاءِ ڪا سوکڙي آندي آهي.
هرگن: سو چڱو، پر آءٌ تنهنجي سيٺ کان ڪڪ آهيان. هاڻ وٽانس ڀڄڻ
تي هوس. هو مارواڙي بخيل، ڪنجوس، شوم هن کي ٿو
سوکڙيون ڏين! اُماڙيون نٿو ڏينس؟ نوڙي ڏينس ته
لڙڪي مري ته سڀني جي جند ڇٽي پوي. ڪڏهن مون وٽس
پيٽ ڀري به ماني نه کاڌي آهي. بابا، چڱو ٿيو جو
تون اچي نڪتين. هي ڇا کنيو اٿئي؟ (ٽوڪري وٺي منجهس
ڏسي ٿو) ميوو آهي واه! هاڻ ڏي ته اهو وڃي پنهنجي
نئين ڌڻي کي ڏيان. هن وٽ وڃي سکيو ٿيندس، ٽنڊ
ٽوپيءِ سان به گذاريندس، هن مارواڙي وٽ رهي من ئي
منجهي ويو آهي، ساهه ئي سڪي ويو آهي، بت ئي ڪنو ٿي
ويو آهي. هل بابا هل، ته توکي انهي وٽ وٺي هلان.
(اتي دلدار خان ۽ لالا منسک لال اچن ٿا) اوجهو
بابا، پاڻيهي اچي نڪتو آهي، سنگتيءَ سميت.
مالهو: سائين، سلام ٿئي.
دلدار خان: خير هجي. (هرگن منسک لال کي پيرين پئي ٿو)
مسنک لال: ڇو، ٻڍا، اسان ۾ ڪو ڪم اٿئي ڇا؟
دلدار خان: ڇا هي ڇوڪرا، ڇا ٿو چئي؟
مالهو: سائين، هي منهنجو غريب پٽڙو آهي.
هرگن: ڇالاءِ غريب ٿو چئين؛ سيٺ هريداس لکپتي جو نوڪر آهيان.
مالهو: تنهن کي اوهان جي نوڪريءَ جو خيال آهي، جو هو سيٺ سان،
يا سيٺ هن سان البت ريڙهه پيڙهه پيو ڪري.
هرگن: ريڙهه پيڙهه ڇاجي، چٽاڀيٽي چؤ، سارو ڏينهن ڪتي ٻلي واري
جنگ آهي؛ تنهنڪري هن جي نوڪري ڇڏڻ ٿو گهران.
مالهو: مون سائين، هي ٿورو ميوو اوهان لاءِ آندو آهي، قبول
ڪندا. منهنجو عرض آهي ته.
هرگن: مطلب ته سائين، هي منهنجو غريب پتا، غريب يعني ايماندار
پيءُ، منهنجي پارت ٿو ڪري.
منسک لال: اوهان مان هڪڙو ڳالهائي. چؤ اوهان جو ڪهڙو ڪم آهي؟
هرگن: سائين وٽ نوڪري ڪرڻ جو.
منسک لال: تون ته هريداس وٽ سکيو هوئين؟ هريداس ته تنهنجي تعريف
ڪندو آهي.
دلدار خان: لکپتي ڌڻي ڇڏي، اسان غريبن وٽ ڪيئن سکيو ٿي
سگهندين؟
هرگن: سائين اوهان تي ڌڻي جي ٻاجهه آهي، ديا آهي، جا هن تي
ناهي.
دلدار خان: ( منسک لال کي) لالا کڻي رکنيس، پاڻ ٿو ڇڏي اچي.
نوڪر چالاڪ ٿو ڏسجي. تو وٽ هوندو ته اسان کي به
پيو ڪم ايندو.
منسک لال: بيشڪ خان، اوهان جو اسان جو ڪارخانو گڏيو پيو آهي.
(مالهي کي) چڱو ٻڍا، پنهنجي پٽ کي وٺي وڃ وڃي سيٺ
کان موڪلائي اچو؛ پوءِ مون وٽ تنهنجو پٽ آيو ته
آءٌ پاڻ وٽ رکندوسانس ۽ پنهنجن ٻين نوڪرن جهڙي
پوشاڪ به ڍڪائيندوسانس. هي ٽوڪري به کڻي وڃ، وڃي
سيٺ کي ڏئي خوشيءَ سان موڪل وٺوس.
مالهو: حاضر سائين، شال سلامت هجو! (پٽ پيءُ نڪري وڃن ٿا) (ٻئي
پاسي کان فيروز اچي ٿو).
دلدار خان: ڀلي آئين، ٻيو ته خير آهي، تڪڙو ٿو اچين؟ـ
فيروز: يار تو ۾ ڪو ڪم اٿم ڳالهه چوَئين جي مڃين؟
دلدارخان: بيشڪ چؤ، تنهنجي ڳالهه بحال آهي.
فيروز: مون کي پاڻ سان فتحپور وٺيو هل.
دلدار خان: بيشڪ هل. پر فيروز ٻڌ، تون البت طبع جو تکو آهين.
گهڻو ڳالهيندو آهين. مسخري، کل، ٺٺولي وڌيڪ ڪندو
آهين، پنهنجي سنگت ۾ اهي سڀ ڳالهيون چڱيون آهن، پر
ٻئي هنڌ اُهي چڱيون نه لڳنديون؛ تنهنڪري ڀلائي ڪري
پنهنجي طبعيت کي ماري نرم ڪر ۽ سانتيڪو ٿيءُ.
فيروز خان: دل جاءِ ڪر؛ ڏس ته ڪهڙو نه دم جهلي ٿو ويهان. سڀڪو
چوندو ته هي ڪو غريبڙو، اٻوجهه، مسڪين ماڻهو آهي،
جو ڪنهن کي ڪنڌ کڻي به مٿي نه نهاري ڏسندو آهي،
اهڙو آهي جو ڌيئن جي وچ ۾ کڻي ويهارجيس.
منسک لال: منهنجي دل نٿي چوي ته اهڙي ڇپ هڻندين؟
دلدار خان: پاڻيهي ڏسبو.
فيروز: ڀلا، راتوڪي مجلس ۾ کڻي مون کي پرکجو، ته برابر يا نه.
دلدار خان: نه نه، ائين نه ڪجئين. اڄوڪيءَ رات جي توکي موڪل
آهي. ائين ڪندين ته پوءِ مجلس ڪهڙي ٺهندي. رات جو
پاڻ چرچن گهٻن مان اڳيون پوين ڪسرون ڪڍجئين. چڱو،
هاڻ الهه واهي، اسان کي به ٻي هنڌ ڪم آهي، وري را
جو گڏباسون.
]
فيروز هڪڙي پاسي وڃي ٿو ۽ هو ٻيئي ٻي پاسي وڃن ٿا.
[
چهچٽو ٻيون
فتح پور ۾ حسنا بيگم جي گهر جو هڪ ڪمرو
(حسنا ويٺي آهي، نرگس به پاسي کان ويٺي اٿس. حسنا ويٺي ڳائي.)
*
۱- بشر جي قالب خاڪي کي قرار ڪجهه نه آهه،
هوائي آهي هي ماڙي سا پائدار نه آهه!
۲- دم آيو، آيو، نه آيو، رهيو، رهيو، نه رهيو،
ذرو به پاڻيءَ ڦوٽي تي اعتبار نه آهه.
۳- سو شهسوار زماني ۾ ڪير ٿيو اهڙو؟
اجل جو گهوڙو مٿي جنهن جي سِر سَوار نه آهه.
۴- وڃي ٿو هڪڙو هتان ۽ اچي ٿو ٻيو اُن جاءِ،
سراءِ ٿي هي مسافر جي، روزگار نه آهه.
۵- جو آهي ٿيو هتي پيدا، سو ٿيندو نيٺ فنا،
بقا ڪنهين کي بجز ذات ڪردار نه آهه.
6- تون ڪر ”قليچ“ به هر حال ۾ خدا کي ياد،
نه ائين ڪري ٿو جو غافل، سو هوشيار نه آهه.
(بس ڪري ٿي ته هڪڙي ٻانهي ٻاهران اچي ٿي.)
ٻانهي: بيبي، فيض آَباد جو شهزادو ٺهرايل انجام تي آيو آهي،
ٻاهر بيٺو آهي. (هي ٻڌي حسنا منهن تي برقعو وجهي
ٿي، ۽ ٺهي ويهي ٿي.)
فرخ شاهه: بيگم صاحبه، منهنجي منهن جو سانورو رنگ ڏسي نفرت نه
ڏيکار، اسين گرم ملڪ جا آهيون، تنهنڪري اهڙو چهرو
ٿيو آهي، پر جي سچي محبت جي آزمائش وٺڻي هجئي، ته
ڀلي ڪنهن تمام سرد ملڪ جو ڳورو ماڻهو به آڻ، پوءِ
اسان ٻنهي جي بت کي ٽُڪو ڏئي ڏس، ته ڪنهن جو رت
وڌيڪ ڳاڙهو آهي، هن جو يا منهنجو! بيبي صاحبه، آءٌ
توکي پڪ ٿو ڏيان ته هن شڪل کان بهادر بهادر ماڻهو
پيا ڊڄندا آهن. آءٌ ايمان جي ڳالهه ٿو ڪريان ته هن
منهنجي منهن تي، اسان جي ملڪ جون ڪيتريون ئي نازڪ
بدن نازنينون مرنديون آهن، تنهنڪري آءٌ جيڪر اهو
سانورو رنگ ڪڏهن نه ڇڏيان، باقي تنهنجو رايو جي
ٻيءَ طرح ڏسان ته پوءِ سا ٻي ڳالهه آهي.
حسنا: صاحبا، جي مون کي چونڊ ڪرڻي هجي، ته آءٌ جيڪر رڳو انهيءَ
ڳالهه تي ڌيان ڪو نه ڏيان، مگر مون کي انهيءَ آمر
۾ ڪو به اختيار ڪونهي، مون کي پنهنجي والد جي حڪم
تي هلڻو آهي، ۽ ان موجب منهنجي قسمت جو فيصلو هن
نصيب بازيءَ تي منحصر آهي. جيڪو انهيءَ ۾ کٽندو،
آءٌ انهيءَ جي پٺيان آهيان. نه ته شهزادا صاحب،
اوهين بيشڪ پسنديءَ جي لائق آهيو.
فرخ شاهه: ڀلا ايتري لاءِ به آءٌ اوهان جو شڪر گذار آهيان. هاڻ
تڏهن هلي مون کي اهي پيتيون ڏيکاريو ته پنهنجو
نصيب آزمايان. (ترار جي مٺ ۾ هٿ وجهي) هيءَ ترار،
جنهن سان ڪيترن ئي دشمنن کي ڪُٺو اٿم ۽ ڪيتريون
لڙايون کٽيون اٿم، تنهنجي ڪمائيءَ تي اها ڳالهه
تعلق رکي ٿي، ته تنهنجي خاطر جيڪر هن سان، ڪهڙي به
پهلوان سان اٽڪي پوان، جيڪر رڇ جي غار مان به سندس
ٻچو کڻي اچان، ۽ ڪيهر شينهن جي به جيڪر پرواهه
ڪانه ڪريان. پر جوابازيءَ ۽ ڍاري جي راند ۾ ته
هڪڙو اناڙي به رستم پهلوان کان بازي کٽي سگهي ٿو.
انهيءَ طرح ته هڪڙو نالائق آدمي به فتحياب ٿي
ويندو، ۽ مون جهڙو هڪڙو بهادر شهزادو انهيءَ کي
ڏسي جلي مري ويندو.
حسنا: بس سائين، قسمت جي راند آهي. چڱيءَ طرح ويچار ڪري پوءِ يا
بخت آزمايو يا انهيءَ کان اڳ ئي شاديءَ جي پچر ڦٽي
ڪري هليا وڃو.
فرخ شاهه: تڏهن بسم الله، هلي ٿا قسمت آزمايون.
حسنا: چڱو، تڏهن ذري تائين ماني اچي کائي، پوءِ آزمايو.
فرخ شاهه: بهتر! پوءِ هيڏي يا هوڏي. (فرخ شاهه نڪري وڃي ٿو).
]فرخ شاهه جي نڪري وڃڻ کان پوءِ ٿورو ماٺ ڪري حسنا ڳائي ٿي.[
*
۱- عجب دريا اصل هي جهان فاني آهه،
جهاز عمر جو جنهن ۾ سدا رواني آهه.
۲- لنگهي جو خير جو دم تنهن کي تون غنيمت ڄاڻ،
جو هر بشر کي لکيو موتُ ناگهاني آهه.
۳- اجايو فخر ڪرين بي بقا حياتيءَ تي،
جو نقش آب جان هي نقش زندگاني آهه.
۴- لکين هزارين شهنشاهه خاڪ ۾ ٿيا گم،
ڪٿ آهي ڪَي ۽ ڪٿي شوڪت ڪياني آهه.
۵- ٻه گَزَ ڪفن جا، اَلا، جي انهن ملن نه ملن،
جنهين ڍڪي هتي پوشاڪ پَرنياني آهه.
۶- مئي کان پوءِ جڏهن ٻڌندا تنهنجي عمر جو حال،
ته چوندا سڀ، ڪنهين ناڪس جي هيءَ نشاني آهه.
۷- ساد فتني مان ناهي ”قليچ“ ڪي حاصل،
پسند سڀ کي محبت ۽ مهرباني آهه.
[ٿورو بس ڪري، اٿي وڃي ٿي]
چهچٽو ٽيون
دولت آباد ۾ سيٺ هريداس جي گهر جو ڪمرو
(موهنا ٻائي ويٺي آهي، هرگن لنگهي اچي ٿو)
هرگن: مائي، هاڻ رام کي پرتي آهين، آءٌ وڃان ٿو.
موهنا: پوءِ سچي پچي تون بابي جي نوڪري ڇڏي وڃين ٿو ڇا ؟ اسان
جي گهر ۾ اڪيلائي ۽ موڳائي لڳي پئي هئي، تون اسان
کي پيو کلائيندو ۽ خوش ڪندو هئين، پر تنهنجي مرضي
آهي ته ڀلي وڃ. هان، هي رپيو وٺ. (رپيو ڪڍي ڏئيس
ٿي، ۽ هو وٺي ٿو) تنهنجي موڪلاڻيءَ جي خرچي آهي.
پر هڪڙو ڪم ڪجانءِ، هي خط لالا منسک لال کي
ڏجانءِ، پر ڌيان ڪج ته ڪو ڏسي نه وٺي. (خط ڪڍي
ڏئيس ٿي) اها به سنڀال پيو رکج ته ڪڏهن منهنجو پتا
توکي مون سان ڳالهائيندو نه ڏسي، هاڻ وڃ توکي موڪل
آهي.
هرگن: مائي، دل جاءِ ڪر. تنهنجي ڪري منهنجي هتان وڃڻ تي دل ته
نٿي چئي، مگر سيٺ جي سورن ڪري آءٌ ڀڄان ٿو. انهيءَ
ڪري مون کي ارمان به گهڻو ٿئي ٿو. (اکيون اُگهي
ٿو) چڱو مائي، هاڻي پرتينءَ رام کي.
موهنا: ڀلي آئين. (هرگن نڪري وڃي ٿو) ڪهڙي نه جٺ جهڙي ڳالهه
آهي. پتا جي گلا ڪرڻ پاپ نه هجي ته جيڪر مون کي
سندس اولاد سڏائڻ شرم اچي. آهيان برابر سندس ڌيءَ،
پر هاءِ هاءِ! هن جا رستا پنهنجا ۽ منهنجا پنهنجا.
امان ويچاري به مري وئي. پاڻ به اڪثر وڃي ٻاهر.
سڄو ڏينهن هيکليءَ ڪوٺيءَ ۾ پوري ويٺي آهيان. نه
ڪنهن سان کلڻ، نه ڳالهائڻ، جي ڪنهن ڏي نهاريان ته
به ڇڙٻ، نه ڳالهايان ته به ڇڙٻ،. نه کاڌي جو سک نه
ڪپڙي گنديءَ جو سک! مايا پيئي پيتين ۾ سڙي ته به
اسان کي ڏکَ ۽ بُک، پئسو وڌيڪ ڪڏهن ڪو خرچ ٿو ٿئي
ته سارو ڏينهن ڪلڪل ۽ گهپي لڳي اچي. ماڻهو پيا
سندس گلا ڪن، مٿس کلون ڪن، ته به پاڻ ٻڌي اڻٻڌي
ڪيو ڇڏي. پر، سندس گلا ٻڌي منهنجو ته اندر ئي سڙيو
وڃي؟ نڪي مران ٿي، نڪي جند ٿي ڇٽي، نڪو ڪو ڪنهن
ٻيءَ طرح جو نيڪال سجهيم ٿو. مسنک لال جي مون ڏي
دل گهڻي ٿي ڇڪي، ۽ منهنجي به ڏانهنس گهڻي خوشي
آِهي، پر ڇا ڪريان منهنجي پيءُ کي ته اُها به
مائٽي نٿي وڻي. هن ويچاري گهڻو ئي چيو چوايو آهي.
بابو انهيءَ ڪري نٿو نٽائي ته هو ڪو نالائق ماڻهو
آهي، هتي ڪڏهن ڪڏهن ايندو آهي ته تمام چڱو ماڻهو
ڏسبو آهي. بابي کي رڳي اها ڳڻتي آهي ته شاديءَ تي
پئسو خرچ ٿيندو، سو نه ٿئي. مايا سان ڪا اهڙي دل
اٿس جو سارو ڏينهن ساري رات انهيءَ جي پوڄا ۾
پورو آهي. هاڻ آءٌ تمام تنگ ٿي آهيان. هاڻ ته
اُنهيءَ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونهي ته پياري منسک
لال سان گڏجي هتان نڪري وڃان، وڃي ٻئي هنڌ شادي
ڪري پاڻ ۾ سکي ٿي گذاريون. (گوڏا کوڙي هٿ ٻڌي چوي
ٿي) هي پرڀو، هي پرميشور، تون ئي ڏسڻ وارو آهين.
آءٌ جيڪي ڪريان ٿي، سو بڇڙي مَن سان نٿي ڪريان،
لاچار ٿي، ائين ٿي ڪريان، تون مون کي معاف ڪجانءِ.
(پوءِ هيٺيون گيت ڳائي ٿي)
*(بند)
صاحب سائين توبهه زاري ري –
وي صاحب سائين.
۱- گــڻ مـــون ۾، لکين هــزاريــن –
سائين ڪـــــر تون سَتاري ري – صاحب سائين.
۲- پاپ ڪيم سڀ، پُڃ نه ڪوئي –
عمر عبث مـون گـــــذاري ري – صاحب سائين.
۳- معاف ڪرين تون، منهنجون خطائون –
ڪـــــرمـــن جــــــي آهــيـــان ڪــاري ري – صاحب سائين.
۴- آس به توتي، ننگ به تـوتــي –
تـــوتــــي ســــڀ لــڄ ســــاري ري – صاحب سائين
۵- راتو ڏينهان، آهيان ڏکن ۾ –
ڏاڍي ٿــــــــــم لاچـــــــــــــــــــــاري ري – صاحب سائين.
۶- مُحبُ ملائج، مالڪ مون کي –
آهيان جنهن جي پــيــــاري ري – صاحب سائين.
۷- نڌر نماڻي، آهي اُداسي –
لال لــهـــج پـــؤواري ري – صاحب سائين.
(وڃي ٿي)
چهچٽو چوٿون
دولت آباد ۾ هڪڙي گهٽي
(فيروز، اختر، صفدر، لالا منسک لال بيٺا آهن)
منسک لال: سج اچي لهڻ کي ويجهو ٿيو آهي – مجلس ۽ تماشي جو بار
سڄو اسان جي مٿي تي رکيو اٿن – بهتر آهي ته هلي ڪم
جي پورائي ڪري وٺون.
فيروز: بس، گلم غاليچا وڇائجي ويا آهن. جاءِ سينگاري ڇڏي اٿئون.
سامان سڙو سڄو تيار آهي. باقي ڪم ڪهڙو آهي؟
اختر: ناچ ۽ راڳ جي لاءِ ته مون ذمو کنيو هو، سو ڪم لاهي ڇڏيو
اٿم.
صفدر: خير، باقي ٿورو گهڻو ڪم آهي، اُميد آهي ته لهي ويندو، اڃا
گهڙي- ٻه به پئي آهي.
(اتي هرگن اچي ٿو)
منسک لال: ڪيئن هرگن، ڇا خبر آهي؟
هرگن: (خط ڪڍي ڏئي ٿو) خبر سڀ سک جي آهي. جيڪي آهي سو انهيءَ ۾
آهي.
منسک لال: (لفافو ڏسي مُرڪي ٿو) مون سهي ڪيو آهي ته اکر ڪهريءَ
سندريءَ جا آهن. اُنهيءَ جا آهن جنهن جو رنگ هن
ڪاغذ کان به زياده اڇو آهي. (خط کولي پڙهي ٿو)
فيروز: (کلي) ڏسجي مڙئي ڪو عشقنامو ٿو، مار! لالي به ڪو شڪار
ماريو ٿو ڏسجي!
هرگن: سائين، هاڻ آءٌ وڃان ٿو، اڃا مون سيٺ کان موڪلايو ڪين
آهي. اجهو ٿو جند ڇڏائي اچان.
منسک لال: تڏهن ٻڌ. (هن کي پاسي تي نيئي) موهنا کي چئج ته آءٌ
ضرور انهيءَ مهل ايندس، پر لڪڇپ ۾ چئجانس. هان،
هيءَ تنهنجي سوٿي. (هن کي ڪي پئسا ڪڍي ڏئي ٿو،
هرگن نڪري وڃي ٿو.) دوستو، هاڻ هلي سعيو ڪجي. مجلس
کان پوءِ وري مون کي ٻيو پنهنجو گهڻو ئي ضروري ڪم
پيو آهي.
صفدر: هلو، هلو، تڏهن دير نه ڪريو.
اختر: هلو.
منسک لال: هلو ته اسين به اچون ٿا. (صفدر ۽ اختر نڪري وڃن ٿا)
فيروز: ڪيئن لالا، هو خط هريداس جي ڌيءَ جو ته نه هو؟
منسک لال: (کلي) يار، توسان ڪوڙ ڪهڙو ڳالهايان؟ اوهين به منهنجا
اهڙا دوست آهيو، جهڙو دلدار خان آهي. پنهنجي ٽولي
علحدي آهي. برابر اهو خط انهي نازنين جو آهي. بس
فيروز، هڪڙو اَمل ماڻڪ آهي. جهڙا پاڻ، تهڙا مون
پڻس کي گهڻائي مٿا هنيان، پر هو ڪو هچارو آَهي.
آخر هاڻ اهو ٺهراءُ ڪيو اٿئون ته اتان نڪرون. وقت
ٺهرائي ڇڏيو اٿئون انهيءَ مهل آءٌ وڃي ڪڍندوسانس.
آءُ ته هلون. هي پڙهندو هل ته حال معلوم ٿئي. (خط
ڪڍي هن کي ڏئي ٿو، هو ڏسي ٿو، ٻيئي نڪري وڃن ٿا).
چهچٽو پنجون
دولت آباد ۾ سيٺ هريداس جي گهر جو آڳُ
هرگن: هاڻي سيٺ اچي ته پيرن تي هٿ رکي موڪلايانس. مس مس
بنديخاني مان ڇٽو آهيان – هاڻي ته ڪي ڏينهن وڃي
لالا صاحب وٽ به دؤرَ ڪريون. لالا صاحب پئسي وارو
به آهي، وڏو ماڻهو به آهي، سخي به آهي، خوراڪي به
آهي، شوقين به آهي، مطلب ته سڀڪجهه آهي. دلدار خان
۽ فيروز ۽ ٻين جو گهاٽو يار آهي. جهڙو هي خوراڪي،
تهڙا هو خوراڪي،. ڏهاڙي هڪٻئي وٽ اچن وڃن. ڪڏهن
هڪڙي وٽ محفل ڪڏهن ٻئي وٽ، اگرچ هو مسلمان آهن، ۽
لالو هندو آهي پر وري به لالو آهي، گت سموري
مسلمانڪي اٿس، هندوءَ جو رڳو نالو آهي. هي لالا ئي
اصل کان مسلمانن حاڪمن جا محرر ۽ ڪاروباري آهن،
تنهنڪري ته هنن سان سنگت ڪري ٿو. هو هِن وٽ اچن ته
شراب ڪباب کان نه گُسنَ، هي هُنن وٽ وڃي ته ڪڪڙ به
نه ڇُٽيس. (کلي) آءٌ وري ڪهڙو نه ڇٽيلو وڃي ساڻن
گڏيو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ پاڻ کان پڇندو آهيان ته
ٻيلي هرگن، تون ڪير، هندوڪي مسلمان؟ پوءِ چوان ته
ٻيئي آهيان به، ٻيئي ناهيان به، پر ٻنهي مان رڳو
هڪڙو ناهيان – مسلمانن سان مسلمانن جهڙو، هندن سان
هندن جهڙو – ڀلا نالو ئي هرگن. يعني سڀ گُنَ مون ۾
موجود. ڌاتن ۾ هرڌات، ۽ ماڻهن ۾ هرگن، دنيا ۾
گهرجي ئي اهڙو ماڻهو. وري جي مائي موهنا ٻائي به
لالي صاحب سان پرڻي ته پوءِ پنج ئي گيهه ۾. ڳالهين
۾ ته ٺهيا آهن، هتان نڪتا ته ضرور شادي ڪندا. پوءِ
ڀلي پيو مارواڙي منهن مٿو پٽي. ڪو ٻيو مارواڙي
ڪوڏيءَ جو پٽ مڙس ٿئيس ها اهو چڱو، ڪين لالا منسک
لال جهڙو ڳڀرو جوان، اڌ هندو، اڌ سلمان، مڙس ٿئيس،
۽ سنت هر گنداس جهڙو پهلوان، جنهن جي سورهيائيءَ ۾
نڪو شڪ، نڪو گمان، اهو سندن نفر ٿئي سو چڱو. (ٿورو
ماٺ ڪري) هاڻ جيسين سيٺ اچي تيسين ته ويهي ٿو
آهستي آهستي دل وندرايان. (زمين تي پلٿي هڻي ويهي
ٿو، ۽ هيٺيون راڳ ڳائي ٿو، ۽ ڳائنيدي چرچي مان
اشارا ۽ ناٽ ڪري ٿو.)
*
(بند) هرگن شاباس! هجئي – سڀڪنهن کي تان آهي.
ڪيو سياڻا تو سَهي.
(پاڻ کي کاڏيءَ تي شابس ڏئي ٿو ۽ پنهجا پٽا ٺپري ٿو)
۱- هر ڪو آهي مون مان خوش، هندو مسلمانُ،
جيڏي وڃان، جنهن وٽ وڃان، مون کي ملي مانُ –
هرگن شابس!
۲- هندن سان آءٌ هَر هَر ڪريان، هندو ٿي هرنام،
(رام رام ڪري ٿو)
مسلمانن سان آءٌ ڪريان، ماليڪُم سلام – هرگن شابس!
۳- ڏاتر مون کي سڀڪي ڏنو، ڏيکاريو نه ڏک،
مزي سان پيو موجون ماڻيان، ڏسان سدا سک
هرگن شابس!
۴- هوند ڪومون جهڙو جائي، جڳ ۾ سورهيه جواڻ،
ڦلڪا چار گرههَ هڪ منهنجو، تيوڻ ڀي تنهن ساڻ –
(گرهه کڻي ٿو) هرگن شابس!
۵- مکيون ماريان چوڏهن پندرهن، جهٽ ۾ آءٌ سڄاڻُ،
(جهٽ هڻي ٿو)
پاپڙ ڪريان پرزاپرزا، مُڪ ئي هڪڙيءَ ساڻ –
(مڪ هڻي ٿو) هرگن شابس!
۶- عقل ۾ مَٽُ نه ڪوئي، مون ۾ هُنرَ هزار،
ويد پڙهيا مون ٻارهن – تيرهن، ماڻهو ڄاڻن چار –
هرگن شابس
۷- ساک سَکي ڪو مون کان اچي، ڄاڻان ڪين ڪُساک،
ماءُ کي پنهنجي سچ سڻايان، پيءُ جي لاهيان لاک –
هرگن شابس!
۸- اشرافن سان اشراف آهيان، لچن سان آءٌ لچ،
شينهن سان شينهُن، گدڙ سان گدڙ آهيان، آءٌ سچ مچ –
هرگن شابس!
۹- هرگن آهي نالو منهنجو ملڪن ۾ مشهور،
دوست رهن سڀ مون مان راضي، دشمن ڀي چَڪچُور.
هرگن شابس!
(اتي سيٺ هريداس اچي ٿو، انهيءَ کي ڏسي هرگن ٽپ ڏ.ئي اٿي ٿو.)
هريداس: پوءِ ڇوڪرا، تو نيٺ وڃڻ جي پڪ ڪئي آهي؟
هرگن: هائو سيٺ، مون پڪ ڪئي آهي، رڳو سيٺ جي پيرين پئي موڪلائڻ
لاءِ ترسيو هوس.
هريداس: چڱو، خوشي تنهجي، مانيءَ کي مزور گهڻا ۽ مزدورن کي ماني
گهڻي. مگر پاڻيهي سڌ پونديئه ته هريداس ۽ منسک لال
جي وچ ۾ ڪيترو فرق آهي. (پنهنجي جاءِ جي در جو
هريون ڪلف لاهي ٿو، ۽ اندران در لاهڻ لاءِ ڌيءَ کي
سڏي ٿو.) موهنا، او موهنا. (وري هرگن کي) بابا،
پاڻيهي سڌ پونديئه! اُتي ڏس ته ڪيئن نه ٿا
ڊوڙائينئه. هتي ماٺ ڪيو سارو ڏينهن ستو پيو هئين.
هُتي ٽِنڊ ٽوپي ڪرائيندءِ ته ڪم ڪم به وٺندءِ.
(وري سڏي ٿو) موهنا او موهنا! ڇا ٿيئي، اڃا سنجهو
پيو آهي، سوير ئي سمهي پئينءَ ڇا؟
هرگن: (در کڙڪائي سڏي ٿو) مائي موهنا، مائي موهنا.
هريداس: تون مٿو نه کپاءِ پاڻيهي ايندي. (اتي موهنا اچي اندران
در پٽي ٿي)
موهنا: جيءُ بابا، اوهان سڏيو؟
هريداس: ابا، آءٌ وڃان ٿو سيٺ هرديال جي جاءِ تي. اڄ ماني ڪئي
اٿس، مون کي به چئي ويو هو. منهنجي مرضي وڃڻ تي نه
هئي، پر زور ڪيو هئائين. مِٽ ماڻهو آهي، اُنهي کي
رنج ڪرڻ دل نٿي چئي، سو آءٌ وڃان ٿو، شايد دير ڀرو
ايندس. سو ٻچا، تون خبرداريءَ سان ويٺي هججانءِ.
هان، هي پيتين جو ڪنجيون به اٿيئي (ڏئيس ٿو) بند
ڪري رکي ڇڏجانءِ. سچي پُڇين ته منهنجي وڃڻ لئي دل
نٿي چئي. رات هڪڙو خراب سپنو لڌو هوم، تنهن جو اڳي
ئي دل تي بار هوم، پرلاچار آهيان هن اشراف زور ڪيو
آهي سو وڃان ٿو. جيترو جلد ٿي سگهيو اوترو جلد
موٽندس.
موهنا: بابا دلجاءِ ڪجو.
هرگن: (هريداس جي پيرن تي هٿ رکي) سيٺ، هاڻي مان موڪلايان ٿو،
کاڌو پيتو بخشجو، چيو چايو معاف ڪجو. (وري موهنا
کي پيرين پئي ٿو).
هريداس: چڱو، هرگن ڀلي آئين، وڃي سکي ٿي. (هرگن نڪري وڃي ٿو)
ڇورو ڊڪ ڊوڙ جو تکو ۽ چالاڪ هو، پر کائڻ جو سو ڏرو
هو. سڄو ڏينهن ڍڳي وانگي چَرندو هو. چوريءَ جي به
البت عادت هوندي هيس، پر وري جي منهنجيءَ ڌيءَ ۾
ڪو لَلُ هجي ها، ته به گهر سنڀاليو ويٺي هجي ها،
ههڙا ندورا ننڌڪ، جيڪر منهنجو گهر ئي ڪين ڦرين –
پر هوءَ پاڻ خرچڻ ۽ کائڻ تي آهي. چڱو، موهنا هاڻ
آءٌ وڃان ٿو، سنڀال سان ويٺي هجج، سمهين متان. اڄ
اڌ رات تائين جاڳينءَ ته حرڪت ڪانهي.
موهنا: بابا دلجاءِ ڪريو. (منهن پاسي ڪري) بيشڪ اڌ رات تائين
جاڳنديس، بلڪ اڄ ساري رات جاڳڻو پوندو. بس بابا،
تو به گهڻا ڏينهن مون کي ستايو آهي. هاڻ منهنجي به
موڪلاڻي اٿيئي. آءٌ ڄاڻنديس ته اڄ مون پنهجو پتا
وڃايو، ۽ تون ڄاڻج ته تو پنهنجي ڌيءَ وڃائي. هاڻ
مون ندوريءَ مان تون ڇٽي پئين. (موهنا اندر هلي
وڃي ٿي، ۽ هريداس ٻاهر وري در بند ڪري، ڪلف ڏئي
هليو وڃي ٿو).
چهچٽو ڇهون
فتحپور ۾ حسنا بيگم جي گهر جو هڪڙو ڪمرو
(حسنا ۽ نرگس ويٺيون آهن، ٽي صندوقڙيون وچ تي رکيون آهن. حسنا
ڳائي ٿي)
*
۱- ڀري گناهن جي آهي باري،
الاهي توبهه، الاهي توبهه!
ڪمن کان پنهنجي ٿي شرمساري،
الاهي توبهه، الاهي توبهه!
۲- خطا و مڪرو و فريب ڪاري،
غرور بخل و دغا شُعاري،
انهن سڀن ۾ وئي عمـر ســاري،
الاهي توبهه، الاهي توبه!
۳. نه ڪيم غريبن جي پاسداري،
نه ڪيم يتيمن جي غمگساري،
ٻُڌيم نه مفلس جي آه و زاري،
الاهي توبهه، الاهي توبهه!
۴- بَديُن سندي آهي بيشماري،
ٿي تنهن کان تختي عمل جي ڪاري،
لِکي لِکي ٿيو قلم به عاري،
الاهي توبهه، الاهي توبهه!
۵- ڄمار غفلت ۾ مون گذاري،
دعا نه ڪيم يا جناب باري،
رکان ٿي اميد رُستگاري،
الاهي توبهه، الاهي توبهه!
۶- ڏسي سدا تنهنجو فيض جاري،
”قليچ“ کي ٿي اميدواري،
اٿس سدا ان جي انتظاري،
الاهي توبهه، الاهي توبهه!
(بس ڪري ٿي ته هڪ ٻانهي اندر اچي ٿي.)
ٻانهي: بيبي، فيض آباد جو شهزادو فرخ شاهه آيو آهي.
حسنا: (جهٽ ۾ منهن تي برقعو وجهي چوي ٿي،) ڀلي اچي. (ٻانهي ٻاهر
وڃي ٿي، انهيءَ دم فرخ شاهه کي اندر وٺي اچي ٿي،
جو سلام ڪري ويهي ٿو).
حسنا: سائين، اِجهي اهي آهن پيتيون، چونڊيو جيڪا چونڊڻي اٿوَ؟
فرخ شاهه: (اٿي پيتين کي هيڏي هوڏي ڏسي ٿو.) هيءَ سوني آهي. مٿس
اکر به لکيل آهن. ڇا هي؟ (نهاري پڙهي ٿو) بيت:
”ڪندو مون کي جيڪو سڀن کان پسند،
بلاشڪ سندس بخت ٿيندو بلند.“
هيءَ ٻي وري چانديءَ جي آهي. ڇا لکيل آهي؟ (پڙهي ٿو) بيت:
”ڪندو مون کي جيڪو سڀن کان پسند،
قناعت ڪري ٿيندو او ارجمند“.
۽ هيءَ ٽِ شيهي جي ڏسون ته ڇا ٿي چئي؟ (پڙهي ٿو) بيت:
”ڪندو مون کي جيڪو سڀن کان پسند،
سُڃو ٿيندو مسڪين ۽ درد مند“.
(ٿورو ماٺ ڪري) هاڻ ڪيئن خبر پوي ته ڪهڙي چڱي آهي جا چونڊجي!
حسنا: شهزادا صاحب، انهن مان هڪڙي ۾ منهنجي تصوير پيل آهي. جي
اها چونڊي ڪڍيوَ ته پوءِ آءٌ اوهان جي آهيان.
فرخ شاهه: (هٿ ۽ منهن مٿي ڪري) يا الله، چڱي مت ڏجانءِ، مطلب
واريءَ پيتيءَ تي هٿ نجانءِ. (وري پيتين کي چتائي
ڏسي ٿو) هيءَ شيهي واري ڇاٿي چوي:
”ڪندو مون کي جيڪو سڀن کان پسند،
سُڃو ٿيندو مسڪين ۽ دردمند“.
هيءَ ته ڊيڄاري ٿي. ڪير پنهنجا اصلوڪا ٽپڙ ٽاڙي وڃائي سُڃو سکڻو
۽ ڏکي ٿي ويهي. ”اچي سڱن لاءِ ۽ ڪَنَ به ڪپائي
ويهي“. هن کان ڀڄ پري. ۽ هيءَ چانديءَ واري ٿي ڇوي
ته:
”قناعت ڪزي ٿيندو او ارجمند“.
چڱي نصيب وارو ٿيندو سهي، پر قناعت ڪري. قناعت؟ گهڻي تي قناعت
يا ٿوري تي؟ چڱي تي قناعت، ڪين خراب تي؟ ٻيلي فرخ
تڪڙ نه ڪر، چڱي سوچ سان اها ڳالهه هينئين سان
هنڊاءِ پوءِ هٿ رک. قناعت جي صلاح تڏهن ڏيندا آهن،
جڏهن دل جو مطلب پوريءَ طرح نه ٿيندو آهي. هن حالت
۾ ائين سمجهبو ڇا ته هيءَ چنڊ جهڙي بيگم نه ملي،
ٻي ڪا جهڙي تهي ملي، ته انهيءَ تي قناعت ڪري راضي
ٿي ويهي رهجي. نه، بابا نه! اها ڳالهه اسان کان
ڪانه ٿيندي. ملي ته اها، نه ته ٻي ڪانه گهرجي.
انهيءَ پيتي به ٻوٽو ڪو نه ٻاريو، باقي رهيو سونُ.
سونَ نيٺ سون آهي.
”ڪندو مون کي جيڪو سڀن کان پسند،
بلاشڪ سندس بخت ٿيندو بلند“.
هائو، ”بلاشڪ سندس بخت ٿيندو بلند“. بيشڪ، بيشڪ! ههڙي نازنين
جنهن کي ملندي تنهن جو بخت ڇو نه بلند ٿيندو! ههڙي
حور ۽ پريءَ جي تصوير سونَ جي صندوق ۾ ٺهي، ڪين
چانديءِ يا شيهي جي کوکي ۾. آءٌ سونَ آءُ، تو مان
ئي منهنجي دل جي مراد پوري ٿيندي. بيگم صاحبه، ڏيو
مون کي هن جي ڪنجي.
حنسا: اجها، حاضر آهي. (ڏڻيس ٿي) جيڪڏهن منهنجي تصوير منجهس آهي
ته اوهين منهنجا مالڪ آهيو.
(فرخ شاهه پيتي کولي ٿو).
فرخ شاهه: (پيتيءَ ۾ نهاري، منهن بڇڙو ڪري) هي ڇا، مُردي جي
شڪل! ڏٺي پيو خوف ٿئي! لکيل ڪاغذ به پيو آهي.
(ڪاغذ ڪڍي پڙهي ٿو)
بيت
”اهو سون ئي گهوريو جو ٿو ڇني ڪَنَ،
خانا ڪئين خراب ڪيا، دُرسَ سندسَ دَرسن،
مرد نه ريجهي رنگ تي، ريجهي مَرَ پئي رنَ،
سهڻا ٽوهه پٽن ۾،سوين پيا رُلنَ،
ميوا ڇڏي مراد جا، پَٽيا تو ڪيئن پَنَ،
مور نه مِسِڪيني وڻيئي، موڳا موهين ڌَنَ.
مُرک توکي مَنَ، گهڙيءَ ۾ گمراهه ڪيو“.
(ٿورو بس ڪري، حسنا کي) بيگم، هاڻ وڌيڪ ترسڻو ناهي، خدا کي
پرتينءَ. (ائين چئي پنهنجن نوڪرن سميت نڪري وڃي
ٿو.)
حسنا: خدا کي پرتئو شهزادا صاحب، ڀلي اوهان جهڙا سکر منهنجيءَ
ٻانهن لاءِ اچن. (پنهنجن ماڻهن سميت نڪري وڃي ٿي.)
چهچٽو ستون
دولت آباد ۾ سيٺ هريداس جي جاءِ جو ٻاهريون پاسو
(لالا مسنک لال ڀت جي پاڙ ۾ بيٺو آهي. مٿان جاءِ جي دري بند
آهي.)
منسک لال: اچي اڌ رات ٿي آهي. آيو ته مهل تي آهيان. جاءِ به ته
هيءَ ٺهرايل هئي، ڏکڻ واري دريءَ جي هيٺان. هاڻ
ڪنهن طرح سان اچي نڪري ته چڱو. الاجي متان پڻس
موٽي آيو هجي يا اچڻ تي هجي، پر جي آيو ته به هُن
پاسي در کان ايندو. بهتر آهي ته ٿورو ترسان ۽ هت
پاڇولي ۾ لِڪي ويهان. (ويهي رهي ٿو) ماٺ ڪري ڇو
ويهان، ويهي جهونگاريان، من ڪن تي آواز پويس.
(پوءِ هيٺيون راڳ ڳائي ٿو.)
*
(بند) آءُ سگهو منهنجي جان ري وي،
بيوس آهي بدنُ تو ڌاران. آءُ سگهو...
۱- فڪر فراق فنا ڪيو مون کي،
ڪَل پوي ٿي ڪانه ري،
موهن اچي مِل مون کي پياري،
ساهه پَٽي دل مانَ ري. آءُ سگهو...
۲- دوست جدائيءَ ماريو مون کي،
سورن ڪيا سامانَ ري،
هاڻ جڏهن تون ملندين مون کي،
لهندم سڀ ارمان ري. آءُ سگهو...
۳- ويا ڏک، آيو سُکن جو وارو،
محب ايندا مهمان ري،
هاڻ اجهو لحظي ۾ ٿيندا،
مشڪل سڀ آسان ري. آءُ سگهو...
(بس ڪري ٿو ته مٿان دري کُلي ٿي، ۽ موهنا ڇوڪراڻي ويس ۾ ڏسڻ ۾
اچي ٿي. سامهون نهاري، ڪو ماڻهو نه ڏسي، وري هٽي
اندر ڀرو بيهي ٿي. منسک لال کي خبر نٿي پوي. موهنا
هيٺيون راڳ ڳائي ٿي.)
* (بند) سگهو اچي آءُ وري ري، ڏينم ڪا دلداري!
۱- سدا توکي ساريان، هر هر هنجون هاريان،
اندر انتظاري ري! سگهو اچي...
۲- نيڻن ننڊ نه ڪائي، تنهنجي لاءِ سڪائي،
برهه بيقراري ري! سگهو اچي...
۳- ويٺي ڪريان آهون، دردن منجهان دانهون،
محبت آهيان ماري ري! سگهو اچي...
۴- جهوريءَ وڌو جهوري، ڀورا ڪيو ڀوري،
ڳڻتين آهيان ڳاري ري! سگهو اچي...
۵- ٿي تون سگهو ساڻي، بند مان ڪڍ بندياڻي،
ويڌن ۾ ويچاري ري! سگهو اچي...
۶- آيو وصل ويلو، منسک توسان ميلو،
ڪر ڪا ورڻ واري ري! سگهو اچي...
(مٿين راڳ جي ڳائيندي، وچ ۾ جڏهن موهنا ساهي کڻي ٿي، تڏهن مسنک
لال راڳ ٻڌي ڇرڪي ٿو، ۽ چوي ٿو.)
منسک لال: اها موهنا، اها موهنا. ڀلي ته سندس مِٺي ٻولي ٻڌان ته
پوءِ چتايانس ۽ لاهي ڀاڪر ۾ ڀڄايانس. (جڏهن موهنا
بس ڪري ٿي، تڏهن منسک لال نڪري ظاهر ٿي پوي ٿو.)
پياري موهنا، پياري موهنا. (موهنا دريءَ مان نهاري
ٿي)
موهنا: پيارا منسک، آيو آهين؟ ڄاڻ ته آيس. (وري اندر ڀرو وڃي،
هڪڙي ننڍي پيتڙي ڪنهن ڪپڙي ۾ ٻڏي، هيٺ لڙڪائي ڏئيس
ٿي) هان، هي وٺ؛ هيءَ پاڻ کي ڪم ايندي. جيڪو هيرو
موتي، زر زيور، سون رپو، انهيءَ ۾ ماپي سگهيو آهي،
سو منجهس وڌو اٿم. (منسک لال وٺي هيٺ رکي ٿو) هاڻ
مون کي وٺ. (پوءِ موهنا به دريءَ مان هيٺ لهي ٿي.
دري تمام مٿي نه آهي. منسک لال ڀِت سان لڳي بيهي
ٿو. موهنا هن جي ڪلهي تي پير رکي، دري ورائي، بند
ڪري لهي اچي ٿي.)
منسک لال: ڀلي آئينءَ، ڀلي آئينءَ! اونداهيءَ ۾ ڄڻ ته چنڊ
اُڀريو. پياي سچ ٿو چوان ته انهيءَ ڇوڪراڻي ويس ۾،
تنهنجي سوڀيا اڳي کان ٻيٺي ٽيڻي پيئي ڀانئجي. هاڻي
هل دير ٿي ٿئي. هوڏي پاسي تي گهوڙو بيهاري آيو
آهيان؛ پنڌ ڪرڻو پيو آهي، آءُ هلي. (موهنا کي ڀاڪر
۾ ڪري، نڪري وڃي ٿو ۽ پيتي به ڪڇ ۾ کنيو وڃي ٿو.)
چهچٽو اٺون
دولت آباد ۾ هڪڙي گهٽي
(صفدر ۽ اختر بيٺا ڳالهيون ڪن)
صفدر: ادا، ڇا ٿو چوين، مون پنهنجن اکين سان ڏٺو ته دلدار خان
ٻيڙيءَ تي چڙهي روانو ٿيو. ساڻس گڏ فيروز به هو.
مون منسک لال کي ساڻن ڪو نه ڏٺو. مون کي پڪ آهي ته
نه ٻيڙيءَ ۾ هو، نه درياءَ جي ڀر تي. باقي هُو، سي
ويا فتحپور.
اختر: هن مارواڙيءَ ڀلا اهڙي اچي فرياد فرياد مچائي، جو نواب
صاحب پنهنجا ڪامورا به ڏنس، ته وڃي دلدار خان جي
ٻيڙيءَ جي تلاش وٺن.
(صفدر ۽ اختر بيٺا ڳالهيون ڪن)
صفدر: هائو، پر هو دير سان آيا ۽ ٻيڙي اڳي ئي لنگر کڻي هلي ويئي
هئي. پر معلوم ٿئي ٿو ته پڇا ڪندي نواب صاحب کي ڪن
ماڻهن خبر ڪئي ته لالو منسک لال هڪڙو ڇوڪرو يا
ڇوڪري گهوڙي تي ٻيلهه چاڙهيو ڀڄائيندو ويو. ۽
بهرام خان به نواب صاحب کي پڪ ڏني ته منسک لال
دلدار خان سان ٻيڙيءَ ۾ ڪو نه هو.
اختر: نواب صاحب به کڻي هڪڙي ڪافر جي طرفان ڪمر ٻڌي آهي!
صفدر: ادا، ڳالهه سچي چئجي، نواب امين الدولہ صاحب جهڙو انصاف
پسند، خدا ترس، نيڪ ۽ رحمدل ماڻهو ڪٿان لڀندو. هن
وٽ انصاف جي ڪم ۾ هندو مسلمان هڪجڙو آهي. ڪيترن
هندن جي دانهن تي سکرن سکرن کي سا ڏئي ڦٽي ڪئي
اٿس، ۽ هنن کي حق وڍائي ڏنو اٿس.
اختر: (کلي) هُن مارواڙيءَ جي دانهن تي ته مون کي کل ٿي اچي.
انهيءَ مهل ڪو شڪل ته ڏسيس ها. پڳڙي کڻي زمين تي
ڦٽي ڪيائين، ڏند کڻي ڀيڙيائين، مٿو پِٽي دانهون
ڪري پيو چوي، ”گهوڙا ڙي! ڦُريس ڙي، گهوڙا منهنجي
ڌيءُ، گهوڙا منهنجو سون! الاجي ڪيڏي وئي، الاجي
ڪنهن سان ڀڳي! فرياد، فرياد، ظلم، ظلم! هيڏا، هيڏا
موتين جاداڻا، هيڏا هيڏا هيرا، نواب صاحب، تون
منهنجو انصاف ڪر – منهنجي ڌيءَ – منهنجو مال“!
صفدر: جهڙو هو ڪنجوس ۽ شوم، تهڙي جٺ ٿي اٿس. ڇوڪرا پٺيان ڪاهيو
پئي پيس. ”ڌيءَ ويئي مال ويو، اهيو، اِهيو!“ ائين
چيو، پئي چيڙايائونس ۽ ڀتر هنيائيونس.
اختر: خدا ڪري ته بهرام خان ويچاري تي نه ڦينگون پون، گهرجيس ته
انهيءَ جي سنڀال ڪري.
صفدر: خدا ڪندو هن جي وار کي به جوکو نه پهچندو. پرچڱي ڳالهه
ياد ڏياري اٿئي. اڄ صبح جو ڪپڙي بازار ۾ دلالن ۾
چؤ پچؤ هئي، چيائيون ٿي ته ريشمي مال جا ڪي جهاز
آيؤ شهر مان نڪتي کان پوءِ، گم ٿي ويا آهن. اها
ڳالهه ٻڌي مون کي بهرام خان ياد پيو، خدا کي سوال
ڪيم ته شل اهي جهاز هن اشراف غريب جا هجن.
اختر: خدا ويچاري کي اهڙي نقصان کان بچائيندو ته بهتر. بهتر آهي
ته کيس ٻڌائي ڇڏجي، پر اوچتو اها ڳالهه نه ڪجيس،
متان هيانوَ ۾ ڌڪاءُ پئيس.
صفدر: ٻيلي، ڏاڍو چڱو مڙس آهي، ڪو ڳوليواهڙو مس لڀي. جڏهن دلدار
خان کان ٿي موڪلايائين تڏهن ڪو ڏسيس ها. دلدار خان
چيس ته آءٌ تمام جلد موٽندس. تنهن کي چوي ته ”ادا،
منهنجي ڪري ڪا تڪڙ نه ڪجانءِ. جڏهن خير سان تنهنجو
ڪم لهي ۽ آرام وٺي ڪڪ ٿين، تڏهن موٽجئين. مارواڙي
جي انجام وارن ٽن مهينن کان وڌيڪ رهئين ته به حرڪت
ڪانهي. انهيءَ جي دستاويز جو تون ڪو به خيال ڪو نه
ڪجان.“ پوءِ جڏهن ٻيڙيءَ پڳهه کنيو، تڏهن اکين مان
ڳوڙها ڪِري پيس.
اختر: صفدر سچ آهي. دلدار خان سان ڏاڍي محبت اٿس. ڀائن کان به
وڌيڪ آهن – پر هو سڀڪنهن دوست تان ساهه ڇڏيندو
آهي. هاڻ هل ته هلي ٻڌايونس.
صفدر: هل. (ٻيئي نڪري وڃن ٿا)
چهچٽو نائون
دولت آباد ۾ حسنا بيگم جي گهرجو هڪ ڪمرو
(حسنا ۽ نرگس ويٺيون آهن. حسنا ساز تي ويٺي ڳائي.)
*
ناز نيڻن سان ڪري تون مارين محب مدام!
۱- جن ڏٺي چشمن جي چالي، مست ٿيا موڳا موالي،
دين دنيا ڪيئون زوالي – ڇا جو ڪُفر اسلام!
ناز نيڻن سان.
۲- نينهن ڏيکارين نظارا، الف جا سمجهؤن اشارا،
ميم ۾ ٿيا مَحو سارا، دل سان لاتؤن لام!
ناز نيڻن سان.
۳- عاشقن سان وير پايُئي – ترس ڪو تن تي نه آيئي،
ڪن کي نئي سوريءَ چَڙهايئي– ڪن کي ڪيُئي قتلام!
ناز نيڻن سان.
۴- رهه ”قليچ سان قرب لائي، پيو ڳچيءَ ۾ پاند پائي،
اصل کؤن سهڻا سڏائي، تنهنجي در جو غلام!
ناز نيڻن سان
(ڳائي بس ڪري ٿي، ته هڪڙي پورهيت اچي ٿي)
پورهيت: بيبي، مبارڪپور جو وزيرزادو آصف جاهه ٺهرايل وقت تي آيو
آهي، جيڪو حڪم؟
حسنا: ڀلي اچي. (پورهيت نڪري وڃي ٿي. حسنا برقعو کڻي منهن تي
وجهي ٿي. نرگس ساز وغيره کڻي اندر رکي اچي ٿي ۽
ٽيئي پيتيون اندران آڻي وچ تي رکي ڇڏي ٿي. ڪرسيون
اڳ ئي تيار رکيون آهن. آصف جاهه وڏي تجمل سان اندر
اچي ٿو – حسنا اُٿي وري ويهي ٿي.)
آصف جاهه: نياز، بيگم صاحبه. (سلام ڪري ٿو)
حسنا: سلام صاحب، ويهو. (ويهي وڃن ٿا)
]ٿورو
بس ڪري[
وزيرزادا صاحب، اهي اٿوَ ٽيئي پيتيون، جنهن ۾
منهنجي تصوير هجي اُها چونڊي ڪڍو، پوءِ اوهان جي
مراد حاصل آهي، ۽ آءُ اوهان جي ٻانهي آهيان.
آصف جاهه: اڳ ۾ ته منهنجي ڳالهه ٻڌجو، آءٌ ٽن ڳالهين جو قسم کڻي
آيو آهيان: هڪڙي اها ته ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي
آءٌ ڪين ٻڌائيندس، ته ڪهڙي پيتي مون چونڊي ڪڍي، ٻي
اها ته جي خدانخواسته مطلب واري پيتي نه چونڊيم ته
وري ڪنهن به زال سان شادي نه ڪندس ۽ ٽين اِها ته
جي کڻي اها قسمت جي بازي هارايم، ته پل به هتي نه
ترسندس، بيٺي پير پٺ تي موٽندس.
حسنا: سائين، انهن ڳالهين جا قسم ته جيڪو به هن نماڻيءَ جي لاءِ
اچي ٿو، سو کڻي ٿو.
آصف جاهه: هاڻ بسم الله. (اُٿي پيتيون ڏسي ٿو)
”سون، رپو ۽ شيهو!“
”ڪندو مون کي جيڪو سڀن کان پسند،
سڃو ٿيندو مسڪين ۽ دردمند.“
توبهه، خدا پناهه ڏئي. شيهو نيٺ باري آهي، هنيانءَ تي بوجو ڪري
وڌو اٿس. خدا خير ڪري، پريندي بڇڙي سڳڻ تي نظر پئي
آهي – ڀڄ هن کان پري - ۽ هي ٻي آهي:
”ڪندو مون کي جيڪو سڀن کان پسند،
بلاشڪ سندس بخت ٿيندو بلند.“
بخت بلند ٿيو ته ڇا ٿيو.
مال خزانو اڳي به ججهو آهي، کڻي قارون جيتروخزانو مليو، ۽ جنهن
بيگم جي لاءِ آيو آهيان سا نه ملي، ته بخت جي
بلندي ڪهڙي ڪم جي. ڀلا هيءَ ٽين ڏسان.
”ڪندو مون کي جيڪو سڀ کان پسند،
قناعت ڪري ٿيندو او ارجمند.“
آءٌ ڀانيان ٿو ته اهڙي سچي ڳالهه ٻي ڪانهي. قناعت ڪٿان لڀي؟
ههڙي بيگم ساڻ هجي، پوءِ مال خانو ٿورو ئي هجي، ته
به اُنهيءَ تي قناعت ڪري گذاري سگهجي ٿو.
”ڪندو مون کي جيڪو سڀن کان پسند،
قناعت ڪري ٿيندو او ارجمند.“
الله توهار. بيگم صاحبه، هن پيتي جي ڪنجي مون کي ملي.
]
ڪنجي وٺي چانديءَ واري پيتي کولي ٿو، ۽ منجهس
نهاري چوي ٿو[
هي ڇا، هي ته ڪنهن چَپَن ڊُوليءَ حبشياڻيءَ جي شڪل
آهي. ڏٺي پِئي ڪراهت اچي. ڇا هن تي قناعت ڪري آءٌ
ارجمند ٿيندس؟
حسنا: سائين، گهڻو ارمان نه ڪريو، قسمت جو ڪم آهي، نصيب جو
نوشتو آهي، بخت جي بازي آهي.
آصف جاهه: ڪاغذ تي پڙهي ڏسان، جيڪو منجهس پيل ٿو ڏسجي. (ڪاغذ
ڪڍي پڙهي ٿو)
بيت
”شيهي ۽ سون کان چانديءَ ڏنئي چَسُ،
ڪوڙي سفيديءَ کان ڪارنهن چڱي ڪَسُ.
ڪُنئار نه جوڳي تنهنجي، ڪا ٻي پڇاءِ پَس،
وڃ هليو پاسو ڪري ته رهجي اچئي رَس.
صبر سان هي سُورَ سهه، جوان توکي جس،
ڪونهي ڪنهن جو وس، قمست ڪوجهي تنهنجي“.
سڀني جي خدا حافظ. پنهنجو قسم ضرور پورو ڪندس. (نوڪرن سميت نڪري
وڃي ٿو).
حسنا: نرگس، اڃا ڀانئجي ٿو ته گهڻائي ماڻهو بخت آزمائڻ لاءِ
اسان وٽ ايندا. ڀلا ههڙا اناڙي ٿا فتحياب ٿين!
نرگس: بيبي، هيءَ نصيبن جي بازي آهي، ڪو نصيب وارو کٽي.
(ٿورو ماٺ ڪري حسنا ڳائي ٿي، نرگس به ساڻس شامل ٿئي ٿي.)
*۱-
الاهي ڪرم ڪر اسان تي قراري،
آهيون اصل کان سڀ ڏُکيا ۽ ڏهاري!
۲- سدا دل ۾ وِجهه تون سپت ۽ سچائي،
ڪَسون قلب مان ڪوري ڪڍ جيئن ڪُفاري!
۳- ڏکن ڏوجرن جي خزان ڪئي خرابي،
ڀلا آڻ ڪا سک سندي نو بهاري!
۴- نه ڪو خير جو ڪم ڪيو ٿئون خدايا،
گناهن ۾ ڳاري عمر سڀ گذاري!
۵- چڱائيءَ جو رستو بتائج اسان کي،
ڪريون شال توبهه جي تُرتئون تياري!
۶- آهيون غير واقف نڪو سونهون ساٿي،
اڳيان پيچرا پيا، مٿان رات ڪاري!
۷- عبادت سندو شوق ڏي تون اسان کي،
سنواري سيکارج هنر سڀ هزاري!
۸- الاهي اسان فتح هرباب ۾ ڏي،
ڪر آسان مشڪل ڌڪي بار باري.
۹- خداوند تنهنجي اڳيان هيئن نمون ٿا،
دل و جان توبهه ڪري زار زاري!
(ٻيئي ڄڻيون ڪنڌ جهڪائين ٿيون. پوءِ ٿورو ماٺ ڪري، حسنا نرگس کي
چوي ٿي.
حسنا: آءُ نرگس، آءُ ته هلون، ويهي ٿڪيون آهيون. (اٿن ٿيون ته
پورهيت ٻاهران اچي ٿي)
پورهيت: بيبي، دولت آباد جو هڪڙو جوان سوداگر تازو اچي وارد ٿيو
آهي، ڪي عجيب و غريب سوغاتون به آنديون اٿس. ڏاڍو
چڱو ماڻهو ٿو ڏسجي.
حسنا: اڃا گهڻائي چڱا ماڻهو ايندا، پر آءٌ هينئر ٿڪي آهيان،
پاڻيهي ٻيءَ مهل سڏائينديونسينس. هل نرگس هل.
(پورهيت ٻاهر وڃي ٿي، حسنا ۽ نرگس اندر وڃن ٿيون.)
|