سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جَر - ڏيئا جهمڪن

 شيخ اياز

صفحو :01

جَر – ڏيئا جهمڪن

(نثري نظمَ، جاچنائون، ويچار ۽ چوڻيون)

شيخ اياز

 

 

 

انتساب

 

پنجاپ جي عظيم صوفي شاعرن بُلا شاه، فريد شڪر گنج، شاه حسين، سلطان باهوءَ ۽ خواجه فريد ملتانيءَ جي نالي، جن کان مان ايترو ئي متاثر آهيان جيترو سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاه عبداللطيف ۽ سچل سرمست کان متاثر آهيان.

 

- شيخ اياز


 

 

 

بُلا شاه اسان مرڻا ناهين مَرگيا ڪوئي هور

(بلا شاهه)

 

يه گليان تينون سُپڻا ٿيِسين، بابل والي گليان

(شاهه حسين)

 

سَروَر پنکي هيڪڙو ڦاهي وال پچاس

ايهه تَن لهرين گڏ تهيا سچي تيري آس

(شيخ فريد)

 

رِماسيو نه ويڻ،

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

راتڙيون جاڳن جي سي آنءُ ڪندڙي سيڻ

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

(شاهه لطيف)

 

مئن تو ڪوئي خيال هان، مِلسان نالِ خيال دي

(سچل سر مست)


 

 

 

 

 

ٻه اکر

 

 

هن ڪتاب ۾ به ”سر لوهيڙا ڳڀيا“، وانگر منهنجا ڊگها نثري نظم ۽ ڇوٽا نثري نظم آهن. اُنهن سان گڏ منهنجي نوٽ بُڪ ۾ لکيل جاچنائون، ويچار ۽ چوڻيون آهن

هن ڪتاب ۾ ڪنهنجي ذات کي نه لويو ويو آهي. باقي ان ۾ بين الاقوامي نظر ئي جي ڇنڊ ڇاڻ ضروري آهي. آخر ان سان هم سفر رهي زنگيءَ جا پنجاهه سال مون هڪ رُڃ پُٺيان وڃايا آهن. شاعريءَ جو موضوع پوري ڪائنات ٿي سگهي ٿي ته اُهو نظريو به ٿي سگهي ٿو، جيڪو هِن وقت واريءَ جي ڪوٽَ وانگر ڊهي ڍير ٿي پيو آهي.

سچ سڀ کان بهترين هم عصر ۽ هم سفر آهي ۽ اُن سفر ۾ ڪنهن وقت ڊاٻو ڪرڻو پوي ٿو. منزل جي رُخ جو تعين ڪرڻ لاءِ وقفو ضروري آهي.

منهنجي وَري به گذارش آهي ته هن مجموعي ۾ شامل تحرير ڪوئي به پنهنجي ذات سان لاڳو نه سمجهي. مون لاءِ دوستي نظرياتي ڳالهه نه آهي، ذاتي ڳالهه آهي ۽ پُراڻا دوست مون کي اڃا پيارا آهن ڇو ته مُنهنجيءَ عُمر جو اڪثر حصو اُنهن سان گذريو آهي. هر ڪو پنهنجو وَڙ ڪَندو آهي. مون کي ڪنهن سان به ڪائي ذاتي شڪايت نه آهي ۽ جي ڪنهن وقت هُئي به ته مون اُن کي درگذر ڪري ڇڏيو آهي. اهو نه وِسارڻ گهرجي ته خيال ۽ اُنهن جي اظهار جي آزادي جمهوريت جو روح آهي ۽ زبان بندي ان جي نفي آهي. نه رڳو ادب پر صحافت ۾ به اها ڳالهه ڌيان ۾ رکي وڃي ڇو ته ان ۾ ئي اسان جي ديس جي ڀلائي آهي.

 

شيخ اياز

20-9-93ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org