سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جَر - ڏيئا جهمڪن

 شيخ اياز

صفحو :02

 

جَر -- ڏيئا جهمڪن


 

 

 

*

اَچ مون ۾ ساهه ڦوُڪ!

جيئن منهنجي جَدِ امجد کي

مِٽيءَ مان ٺاهي

تو ڦوڪيو هو،

جيئن شينهن

پنهنجي نئين ڄاول ٻار ۾

ڦوڪيندو آهي،

جيئن عقاب

ننڍڙي عقاب کي

خورش ڏيندو آهي،

مان انهن مان نه آهيان

جي سمنڊ تي ڦوٽا ٿيندا آهن

۽ پاڻيءَ جي هڪ ڇوليءَ سان

مٽجي ويندا آهن،

مان ته سارو سمنڊ آهيان،

مون کي پنهنجي ماٺائيءَ مان ڪَڍُ

۽ مون کي ايترو اُڀار

جو مان تنهنجي چنڊ کان

بار بار چمي وٺي سگهان،

۽ چاهيان ته

تنهنجي ساري آسمان کي

آغوش ۾

آڻي سگهان!

مون ۾ ساهه ڦوڪ

ته مان تو جهڙو ٿيان

”تون“ ٿيان!


 

  

*

مان ويڄ کي

للڪاري چوان ٿو:

”مان جيڪو هي ساري ڪائنات

آهيان

ڇا تون مون کي ماري سگهندين؟

ڇا منهنجو موت تنهنجي وس ۾ آهي؟

ڇا هي تنهنجون پتڪڙيون گوريون

منهنجي زندگي آهن؟

منهنجي زندگي ته اُهو آهي

جو ساريءَ زندگيءَ تي

محيط آهي

۽ جو مون کي

تيستائين نه مِٽائيندو

جيستائين مون اهو پورو نه ڪيو آهي

جو منهنجي مقسوم ۾ آهي،

۽ جو مون کي هن زندگيءَ ۾

پورو ڪرڻو آهي،

پوءِ تون مون کي دوا

ڏين يا نه!

۽ مان هن کان دعا

گهر ان يا نه!

مان هن جي مشيت جو حصو آهيان،

۽ هو پنهنجي مشيت کي

نه مِٽائيندو آهي.“

 

 

 

*

بُلهي شاهه کان ڀٽائيءَ تائين

سارو اتهاس مون ۾ آهي،

مان ئي سارا گيت آهيان

ميران ٻائي کان ٽئگور تائين.

ڪوئي ته آهين،

جو يڪتاري جي تارَ کي ڪَسي رهيو آهي،

مون ۾؟

۽ اڃا ته اها ڍِلي نه ٿي آهي؟

اي ڌرتي!

مان توتي اهو گيت آهيان

جو جَل ۾ ڪنول ڳائيندو آهي،

باکَ جي لاکَ رَتِي لوئِي به اُن سان چمڪندي آهي.

۽ رات جي اوڍڻي به،

جنهن ۾ تارا ائين ٽمٽمائيندا آهن

ڄڻ ڪوئي اُنهن کي

ازل کان اُڻي رهيو آهي،

اڄ تائين اهي منهنجي يڪتاري مان نڪرن ٿا،

جڏهن منهنجون آڱريون

ڀنڀرڪي جو

اُن جي تارن کي ڇيڙن ٿيون،

۽ انهن مان اوچتو اُڀري اچي ٿو اُهو گيت،

جو مان آهيان،

جو مان آهيان.


 

 

*

مان ٿر جو ٿوهر به آهيان

۽ اها ماڪ به آهيان

جا ڪنڊا نه ڏسندي آهي

۽ جنهن کي اُهي چڀندا به نه آهن،

جڏهن اُها وسندي آهي

اُجاڙ وستيءَ تي

يا ڦلواڙيءَ تي؛

۽ ٻنهي هنڌ

اُن جِي تازگي ساڳي هوندي آهي

ڏينڀو به اُن ۾ پَرَ پُسائيندا آهن

 پر اُن کي ڏنگي نه سگهندا آهن،

۽ ڀؤنرا اُن کي پنهنجي گيت ۾ سَموهي

اُڏري ويندا آهن،

۽ سورج مُکي اُن جي اُڏار ڏِسي

سگهندو آهي

جڏهن سورج اُڀرندو آهي.


 

 

 

*

مان ئي موت هان

مان ئي حياتي،

مان نئون جيوَن

جو ڪنهن ماڪ ڦڙي مان ڪِري،

رابيل ۾ کڙيو آهي

 جنهن جو واس پکڙجي ويو آهي

دور دور تائين!

تون جو صدين کان

منهنجو انتظار ڪري رهيو آهين.

اڃا ٿورو وڌيڪ انتظار ڪر!


 

 

*

ڀٽائي!

مون اڄ محسوس ڪيو آهي ته

’مونا طور سينا‘ ڪيئن ٿيندا آهن!

تو مونکي کنڀ کنڀ ڪري ڦِٽي ڪيو آهي

۽ مان بولاٽيون کائيندو رهيو آهيان،

پر کنڀُ ڪيتريءَ  به اُتاهينءَ تان ڪري،

ڇا اُن کي ڌڪ لڳي سگهندو آهي؟

تنهنجي تجلي

ڪروڙين آڱريون ٿِي

منهنجا وارَ لسائي رهي آهي

۽ تون مونکي آٿت ڏئي چئي رهيو آهين،

”مان تنهنجو کنڀ کنڀ پَٽي

توکي اُهو پَرندو بڻائي رَهيو آهيان

جنهن جيترو پرواز ڪنهن نه ڪيو آهي؟“

ڇا هي تنهنجون اٿاهه وُسعِتون

مونکي ٿڪائي وجهنديون؟


 

 

 

*

ڪيترو نه دور نيئي آيون آهن مونکي

تنهنجون آڱريون

جي خود اُڏار ۾ آهن،

۽ ڪوئي آواز اچي رهيو آهي

ته ”تنهنجو مُنهن

تنهنجا موُنا

اُنهيءَ سج کان وڌيڪ ٻهڪي

رهيا آهن

جو ڪيتري وقت کان پوءِ

اُڀريو آهي؛

۽ تنهنجيءَ شاعريءَ مان

”رب اَرني“ جو آواز اچي رهيو آهي،

آواز جنهن سان تنهنجي تن جو تنبورو

ڪروڙين تارون ٿي پيو آهي،

۽ هيءَ ساري ڪائنات گونجي رَهي آهي

۽ سميٽجي آئي آهي

تنهنجي مونن ۾

جن ۾ تو پنهنجو سِر جهُڪايو آهي،

۽ جي طور سينا جيئن چمڪي رهيا آهن

۽ سج دهلجي ويو آهي،“

شمس تبريزي وري دهڪي رهيو آهي

منهنجي روح ۾

۽ آواز ڦهلجي رهيو آهي

[1] ”همه آفتابُ هستم“

۽ مان ڪنهنجو غلام به نه رهيو آهيان

۽ منهنجا زنجير سڀ ٽُٽي چُڪا آهن.

هائو ڀٽائي!

مون اڄ ڄاتو آهي

ته تو ”مونا طور سينا“

ڇا کي چيو هو؟

 

 

 

*

هي مونا جَڏا ٿِي

آسمان ٽَپي وڃن ٿا،

جيڪڏهن آنءُ پنهنجو مُنهن

اُنهن ۾ ڇُپايان ٿو!

 

 

*

سچل سرمست ڪَنائي رهيو آهي؛

هي نعرو

ڪٿان اَچي رهيو آهي؟

اوڀر ۽ اولهه کان

اُتر ۽ ڏکڻ کان

ڪوئي چئي رهيو آهي،

”انا الحق“

۽ سانجهيءَ جو سِجُ

منصور جي خون سان

وضو ڪري رهيو آهي؛

۽ سنڌوءَ ۾ ٽُٻي ڏئي

اهو لفظ ورجائي رهيو آهي،

”انا الحق“

پاڻيءَ جي لهر لهر، ڦُڙو ڦُڙو

چئي رهيو آهي،

”انا الحق“

۽ سچل سرمست

وائڙو ٿي سوچي رهيو آهي،

”ڇا اهو ڪفر نه آهي

ڇا مان به چوان

”انا الحق!“

۽ جڏهن هو

اهو نعرو هڻي ٿو

ته درازا جي دز جو

ذرو ذرو

چوي ٿو:

”انا الحق“

۽ سچل سرمست

مسجد مان نڪرندي

ملان کي

فاتحانه انداز سان

ڏسي رهيو آهي.


 

 

 

*

اي موت!

تون

هڪ ڪاريهر وانگر

ڪَر کڻي بيٺو آهين،

پر تون

رڳو پاڻ کي زخمي ڪري وجهندين،

مون پنهنجو سِر

هڪ خارِ پُشت وانگر لڪائي ڇڏيو آهي

پر پو به

چانڊوڪيءَ ۾ نچي رهيو آهيان

۽ اُن چنڊ جي آجيان ڪري رهيو آهيان

جو مون ۾ آهي

۽ ٻاهرين چنڊ کان

وڌيڪ ٻَري رهيو آهي!


 

 

 

 

*

مان

موت کان بُلند ٿي ويو آهيان،

اُنهيءَ شاهين جيان

جيڪو چُرنديءَ پُرنديءَ ماڪوڙيءَ کي

ڌرتيءَ تي

حقارت سان ڏسندو آهي،

۽ پنهنجي شڪار جي تلاش ۾ هوندو آهي

۽ ڏينهَنِ جا ڏينهن

بکيو رهي سگهندو آهي!

 


 

 

 

*

[2] اُٿي، شنڪر آچاريه

ڏکڻ کان اتر تائين

مون کي هي کَنڊُ ٻيهر لتاڙڻو آهي،

هر پَهاڙِي انتظار ڪري رَهِي آهي

اُنهن لڦن جو

جيڪي منهنجي پيرن ۾ لڪل آهن،

۽ اُن پنڌ جو

جنهن ۾ اُهي طاهر ٿيڻيون آهن،

۽ تو نه ڏٺا آهن شنڪر آچاريه

اهي ڪَنولُ

جي مايا روپيءَ نديءَ ۾ سدائين تَرندا آهن

۽ ڪڏهن مرجهائبا نه آهن،

تنهنجي من ۾ به

مون وانگر هڪ ڀَؤنر هيو،

۽ مُنهنجي مَن ۾ ڪنول به اهي ساڳا آهن

جي تو ۾ هيا

پر تو اُنهن تي ڀيرو نه ڏنو هو،

۽ جي اڄ تائين

انتظار ۾ آهن

منهنجي ڀيري جي

جنهن کان پوءِ

شايد ٻيو ڪوئي ڀَؤنر نه اچڻو آهي.


 

 

 

*

تو

سج کي

هڪ نان وانگر ڀڃي

مون کي ٽڪرو آڇيو آهي!

ڇا مان ڪوئي فقير آهيان؟

تون ڀُليو آهين

جي تون منهنجيءَ جهوليءَ ۾ ڪجهه وجهين

ته ساري ڪائنات وجهه

پر پو به منهنجي جهولي

توکي خالي نظر ايندي!

ڇا تون هن ڪائنات کان سوا

ٻيو ڪجهه آهين،

جنهن سان مُنهنجي جهول

ڀرجي سگهندي آهي

۽ منهنجي بک لهي سگهندي آهي؟


 

 

 

*

آءُ توکي خدا ڏيکاريان؟

ڇا اُن جاءِ تي

بيهي سگهندين

جتي

موسيٰ بيهوش ٿي ويو هو

۽ جتي ڪوههِ طور

پاش پاش ٿي چُڪو هو؟

 

 

 

*

چون ٿا ته

ابي سينا ابديت لاءِ

علاج ڳولي لڌو هو

پر

موت

هُن کان اها دوا کسي ورتي هئي

۽ پاڻ کائي

امر ٿي ويو هو.


 

 

 

*

فارابي!

منهنجا ڀاءُ!

هيءَ امت

توکي ۽ مون کي

ڪڏهن سمجهي سگهندي؟

 


 

 

 

*

يوسف

زليخا کي

ڏسي رهيو آهي

۽ زليخا

يوسف جي

چاڪِ پيراهن کي،

جنهن مان

ڪائنات

تِرڪندي ٿي وڃي.


 

 

 

*

چون ٿا ته نه رڳو ماڻهو سمنڊ ۾ ترندو آهي

پر سمنڊ به ماڻهوءَ ۾ ترندو آهي،

۽ ٻڏندا به ٻئي هڪ ٻئي ۾ آهن.

جي تون هن ڪائنات تي

سوچيندين

ته توکي

اها ڳالهه

سمجهه کان مٿي نه لڳندي.

 

 

 

*

تون اچي رهيو آهين

۽ سنڌوءَ جون لهرون ٻانهون ڦهلائي توڏانهن وڌي رهيون آهن،

۽ وَڻن ۾ هوائون ٽاريون جهولائي رهيون آهن

۽ تنهنجا سجدا ڪري رهيون آهن،

۽ آسمان تي گهنگهور گهٽائون ڇانئجي ويون آهن

۽ پنهنجا وار وڇائي رهيون آهن،

۽ مينهن اوڙڪون ڪري، تنهنجا هٿ ڌوئارائي

رهيو آهي.

تون اچي رهيو آهين

هرڪوئي تنهنجي دعوت ۾ رُڌل آهي

گهٽائن مان چنڊ ائين نظر اچي رهيو آهي

ڄڻ وڏين ڪاٺين جي ڍير تي،

ڪنهن ديڳ چاڙهي هجي

۽ چوڌاري دونهون ڦهلجي ويو هجي،

هي پوري ڌرتي تنهنجو دسترخوان آهي،

تون اچي رهيو آهين،

۽ تُنهنجا ڪُنڍلا ستارن وانگر لڙڪي رهيا آهن

۽ تون پنهنجون مُرڪون ڪَتين وانگر وِرڇي رهيو

آهين

ڪجهه ته منهنجن چپن کي به بخشيون اَٿي،

تون ئي ته ڄاڻين ٿو ته تنهنجي مُرڪ آواز به آهي

جو منهنجيءَ بانسريءَ مان نڪري رهيو آهي

[3] ۽ جنهن کي ملڪوت جي خِلوَتي ٻُڌي سوچي

رهيا آهن

ته هي شخص ڪير آهي

جنهنجي بنسريءَ ۾ صورِ اسرافيل به آهي

پر ايتري مٺي آهي

جو ان جي ڪنهن به فرشتي کي توقع نه هئي،

۽ جا قيامت کي پُٺتي هٽائي رهي آهي.

مون وٽ ٻيو ڪجهه به ته نه آهي

سوا هن بنسريءَ جي

جا تنهنجي پيرن تي رکي

آنءُ تنهنجو آڌر ڀاءُ ڪيان!


 

[1]  چون غلامِ آفتابم همه آفتاب هستم.

(شمس تبريز)

[2]  شنڪر آچاريه اٺين صديءَ ۾ مشهور هندستاني فلسفي، جنهن ڏکڻ هند کان اُتر هند تائين سفر ڪري پنهنجو فلسفو پکڙيو هو.

[3]         مست بسگذشتي و از خلوتيان ملڪوت

بتماشاي تو آشوبِ قيامت برخاست

(حافظ)

(ترجمو: پنهنجيءَ مستيءَ ۾ هليو وئين ۽ توکي ڏسي، ملڪوت جي خِلوتَين ۾ قيامت جو آشوب برپا ٿي ويو.)

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org