سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جَر - ڏيئا جهمڪن

 شيخ اياز

صفحو :06

 

* اي شاعري! مون اکين جي ساري ننڊ توکي ڏني. مون کان ٻيو ڇا ٿي گهرين؟

* اي خدا! مون ته فقط شاعري ڪئي آهي. ماڻهن مون کي پيغمبرن واري سزا ڇو ڏني آهي؟

* ڇا مون شاعري پنهنجيءَ محنت سان حاصل ڪئي آهي يا خدا کان زڪوات ۾ وتي آهي؟

* توکي منهنجيءَ زندگيءَ تي چِڙ آهي، پر توکي مُنهنجي موت تي وڌيڪ چِڙ ايندي، ڇو ته موت مون کي اُهو ڪجهه ڏيندو جو مون کي زندگي نه ڏئي سگهي آهي ۽ جنهن جو مان حقدار آهيان.

* جنهن کي جيڪي وڻي ٿو منهنجي باري ۾ چوي ٿو، مان ڪوئي درزي ته نه آهيان جو هنن جا چپ سِبي ڇڏيان، نه ڪوئي مستري آهيان جو هنن جا مُنهن لنبي ڇڏيان!

* توکي اها خبر آهي ته ڪنهن ڀڳت ڪبير کي پيغمبر ڪوٺيو هيو ته هِن کي چرخو مٿي تي هڻي چيو هيائين: ”مون سارو رَتُ ڏئي دوها تخليق ڪيا آهن. تون مون کي اُنهن جي داد ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪرين!“

* جي تون پياسو آهين ته شاعريءَ جهڙي گهڙامنجي ڪابه نه آهي.

* چنڊ نديءَ کان پڇيو،

  ”ڪيڏانهن ٿِي وڃين“

  ”سمنڊ ڏانهن“ نديءَ جواب ڏنو.

  ”مان اُتي به توسان گڏ هوندس“، چنڊ جواب ڏنو.

* اهو ممڪن آهي ته هو سرڪاري اسٽيج تي اچي منهنجي جاءِ ڀري وڃي، پر ماڻهن جي دلين ۾ ڪنهن لاءِ منهنجي جاءِ ڀرڻ لاءِ صديون گهرجن.

* ڪُتا – مک، شل نه تون ماڻهوءَ کي وِچڙين! هاڻي ته جان ڇَڏ! مون مڃيو ته تون اديب آهين پر ان کي مان ڇا ڪيان ته توکي ادب لفظ جي معنيٰ به نه ٿي اچي!

* اڄ عيدالفطر آهي، منهنجي ته عيد به شاعري آهي ته رمضان به شاعري آهي. جي لکان ٿو ته عيد آهي، نه ٿو لکان ته رمضان آهي.

* اي هَيڊَ - ڳڙيءَ جا پساري! مان ڄاڻان ٿو ته تنهنجي دڪان ۾ ڇا آهي؟

* چون ٿا ته ڊِنوسار جي جنس ڌرتيءَ تان گم ٿي وئي. ان کي ڪيئي هزار سال ٿيا. ان جو ڏوهه فقط اهو هو ته هوُ ايڏو ڊگهو ڇو هو؟...

* ساڙ اُها رنگين عينڪ آهي جا پائڻ سان اُسَ جو تَوُ ويتر وڌائيندي آهي.

* ساري ڳوٺ ۾ ڀؤنڪار ٿي رهي آهي. ڪوئي ته ملنگ وڃي رهيو آهي!

* جيڪڏهن مان نوح جي ٻيڙي ۾ سوار هجان ها ۽ وچ ٻوڏ ۾ اُن منجهه سوراخ ٿي پوي ها ته به مان بچي وڃان ها.

* مون ته ڪڏهن ڪُتي کي هَلَ به نه چئي آهي، توکي ڇا ٿو چئي سگهان؟

* ڇا لفظ به صليب تي چڙهندا آهن؟ جي هائو ته پو منهنجي شاعري پڙهي ڏِس!

* ڪُتو ڀَؤنڪي نه ته هُن جو هانءُ ڦاٽي پوي!

* جي تون گوهي نه ڪرين ته تنهنجي گڏهه هجڻ تي مون کي اعتراض نه آهي.

* ڇا ڪوئي ڇِتي ڪُتي جو دندان سازُ به هوندو آهي؟

* اي عرفي! ڪتن جو آواز فقير جي روزي ته ڪَم نه ڪري سگهندو ۽ انڪري توکي ڪوئي ڀَؤ نه آهي. پر جي ڪوئي ڪُتو ڇِتو هجي ته؟

* ڪيڏو نه چاهين ٿو ته تُنهنجو جواب ڏيان! مان ڇا ڪَيان، مان اڃا ڪُتي جي ٻولي سِکي نه سگهيو آهيان!

* جيترو چاهين ڀؤنڪُ! نه ستارا توکان ڇِرڪندا نه چنڊ کي ڀَؤ ٿيندو!

* چِٻَ کان ڪنهن پڇيو ته ”ڪويل ڏِٺي؟“ جواب ڏنائين: ”ڏِٺي ته ڪانه اٿم. هوندي ڪا مون جهڙي.“

* تون جو بگَلَو ڀڳت آهين، ڇا تون اهو ڄاڻين ٿو ته هي ولر مون سان آهي.

* اي سنڌي اديبو! اوهان ٺهراءُ بحال ڪري حڪومت تي ايترو دٻاءُ ڇو ٿا آڻيو ته مون کي ٻاهر علاج لاءِ موڪليو وڃي؟ هي مُلڪ مون کان وڌيڪ بيمار آهي. حڪومت کي چئو ته اُن جي دوا ڪري، جي اهو بچي پيو ته اسان وڏي کيپَ کٽي!

   مان موت کان گهڻو مٿاهون ٿي ويو آهيان. اُهو پٻن تي اُڀو ٿِي به مون کي ڇُهي نه ٿو سگهي!

* هن جو گهر قبرستان سان لڳ هو. جڏهن مون ع. ق. شيخ کي پويون ڀيرو  گهر وٽ ڇڏيو هو ته هوُ موت جي وات ۾ اُجهاڻل ٻيِڙيءَ وانگر لڳي رهيو هو. هن جي گهر کان ڪجهه قدمن تي ٽٽل قبرون به ٻيِڙين جا اُجهاڻل ٽوٽا لڳي رهيون هيون.

* تون پنهنجي حسد جي جهنم ۾ جلي رهيو آهين. اهو بارُ مون تي ته نه آهي ته مان توکي اِن آگ مان ڪڍان!

* ڇا توکي خبر آهي ته ايترا گهڻا دشمن ڪنهن جا هوندا آهن؟ منهنجي شاعري ان کان باخبر آهي ۽ اُن جو هر لفظ اُها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ’مان صليب تي چڙهي چڪو آهيان.‘

* مان انهن فقيرن مان نه آهيان جي ڪُتن جي ڀَؤنڪڻ ۾ خلل وجهندا آهن.

* بيماريءَ ۾ ماڻهن مون ڏي گُل مُڪا، تو مون ڏي گاريون مُڪيون ۽ نادان! اُهي توکي پوئڻ به نه آيون!!

* جيڪڏهن ڪنهن کي به بي سبب گاريون پيغمبريءَ جو معيار هجن ها ته مان به اهڙي دعويٰ ڪيان ها!

* فقير کي لٺ به ته ڪانه آهي، پو به هن تي ڪُٺا ڀَؤنڪن ڇو ٿا؟

* رات هُن مون کي چيو: ”مون کي خبر هجي ها ته تون ايترا گيت لکي سگهندو آهين ته مان توکي ايتري ٿوري زندگي نه ڏيان ها!“

* ڊاڪٽر! مان خيام ته نه آهيان جو شراب کانسواءِ شعر نه لکي سگهان. مون کي خمار لاءِ پيئڻ جي ضرورت نه آهي.

* يگانه چنگيزي چيو:

”خودي کا نشہ چڙها آپ مين رها نه گيا،

خدا بني تهي يگانہ مگر بنا نه گيا.

گناهه – زنده دلي کهئي يا دل آزاري،

کِسي پہ هنس لئي اتنا کہ پهر هنسا نہ گيا.

  عبدالماجد دريا بادي! تون ڇا ٿو چوين؟ ڇا موت ٻنهي کي خاموش ڪري ڇڏيو آهي يا ٻنهي جو تنازعو اڃا جاري آهي؟ 

* ڇا ادب ڪمٽيڊ آهي؟ ادب نه ديس سان ڪمٽيڊ آهي نه اُن جي عوام سان. ڇا ٿامس مئن کي نازي جرمنيءَ مان ڀڄي وڃڻ نه گهربو هو؟ ڇا نازي جرمنيءَ جي عوامي اڪثريت جي ان جي نسل پرست حڪومت سان ڪمٽمينٽ نه هئي؟ ڇا اتان جي اڪثريت اُن جي جارحيت تي خوش نه هئي؟ هاڻي جڏهن روس پاڻ يو - ايس - ايس - آر ڊاٺي آهي ۽ روس جو عوام به ان ۾ شريڪ آهي ۽ روس جا اديب به، ته تون ڪير آهين جو اُن تي ڪاوڙيو آهين؟ سنڌ جا اشتراڪي اديب! مون تو جهڙو احمق ڪٿي نه ڏٺو آهي! ڇا تون نه ٿو چاهين ته اهي سڀ ملڪ آزاد هجن جي روسي سامراج جي چنبي ۾ ها؟ مارڪس جي ڪسيءَ جا ڪيڙا، تون ڇا تاريخ کي سمجهي سگهندين؟      تون غلام ابن غلام آهين، پنهنجي تعصب جو. تون ڇا ڄاڻين ته آزادي ڇا هي؟ تون فقط خونريزي ٿو چاهين، فرانس جو انقلاب ٿو چاهين، ڪَنڌ ڪپيل ڏسڻ ٿو چاهين، ڇو ته تون اذيت پرست آهين ۽ ايذا رساني تنهنجي وجود جو حصو آهي.

* مان توکي ته ڪُتي کان به گهٽ ٿو سمجهان. توتي لٺ اولاري لٺ جي توهين ڪرڻ نه ٿو چاهيان، منهنجي لٺ ته درياءِ نيل ٻه اڌ ڪري سگهندي آهي.

* منافق! مان ڄاڻان ٿو ته تنهنجي تنبوءَ جون قناتون ڪهڙيون آهن؟ منهنجي قنات ته ڪائنات جي هر ڪنڊ تي کُتل آهي.

* ڪُتو ڀَؤنڪي ٿو. توکي ته پير ۾ ايترا ڇالا آهن جو تون جُتي به لاهي نه ٿو سگهين.

* ڀَؤنڪڻي ڪُتي کان ڀَؤُ ڪندو ڪَر! هو ٻيو ڪُجهه ڪري نه سگهندو آهي ته پاچو ته ڦاڙي سگهندو آهي.

* اي ٿوهر جا گُل! ڪَنڊا ته توکي به ٿين ٿا، پر تو ۾ گلاب جي خوشبو ڪٿي؟

* اي سنڌ! تون ڪيتري نه بي قدر آهين! پوءِ به توکي ڇا چوان، تون ماءُ آهين!

* بگهڙ مرندي دم تائين بگهڙ رهندو، هُن کي سَهي وانگر ساڻو بڻائي نه ٿو سگهجي.

* جڏهن عڪس ٽُٽي ويو، تڏهن مون آئينو ڦٽي ڪري ڇڏيو؛ جي آئينو ڳنڍي عڪس کي ڏسبو ته وڌيڪ ڪِرڀ ايندي آهي.

* هَر دؤر ۾ لِلي پَٽ جا ڄامڙا ٻڌل گليور کي سُيون چُڀائيندا رهندا.

* ڪوه - بي ستون کوٽيندي جو فرهاد جي هٿن مان رت وهي رهيو آهي، سوئي شيرين جي لڙڪن مان وهي رهيو آهي.

* نظام الدين اولياءِ جي درگاهه تي مون کي هڪ ديوانو مليو، جنهن چيو ته، ”مان امير خسرو آهيان.“ مون هن کي جواب ڏنو، ”پر امير خسرو کي ته ڪيئي سال مُئي ٿيا آهن!“ هن ٽهڪ ڏئي چيو: ”مومن مري سگهندا آهن، ڪافر نه مرندا آهن بشرطيڪ اُهي عشق جا ڪافر هجن.“

* ڇا تو دل ۾ ڪيو آهي؟ گليوَر کي ڄامڙن جون چُهنڊڙيون ڪا نئين ڳالهه ته نه آهي، پو اهي چُهنڊڙيون ڪهڙي طرح به هن کي پائن، ڪهڙي دؤر ۾ به هُن کي پائن!

* شبليءَ منصور تي گُل ڦِٽي ڪري گُل کان معافي ورتي ته مان توکي گناهه ۾ شريڪ ڪري رهيو آهيان.

* نور محمد ڪلهوڙي کي به ايترو شرم هيو جو ڀٽائيءَ کي زهر مٺائيءَ ۾ موڪليو هيائين. توکي ته اهو شرم به نه آهي!

* جنهن روح ۾ ڪمند جئن رس هوندو آهي، ان کي بلاول وانگر گهاڻي ۾ پيڙائو ويندو آهي.

* ڇا منهنجي شاعري زيب النساءِ مخفيءَ جي رات وانگر تنها آهي؟

* مون آگري کان ڪجهه ميل پري فتح پور سڪريءَ ۾ اها جاءِ ڏٺي هئي، جنهن ۾ چوڪڙي ٺهيل هئي، جنهن تي ويهي تانسين ۽ بيجو باورا مقابلو ڪندا ها.

* ماڌو لال حسين! تنهنجي يڪتاري جي تَڻ تَڻ ابدي آهي. هي بندوق جي تَڙ تَڙ، ٿورو وقت هلي سگهندي!

* هوُ وِڪر ماجيت ۽ ڪوٽليا چاڻڪيه جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. ڇا هُن کان وسري ويو آهي ته ڪاليداس ٻنهي کان وڌيڪ زنده آهي؟

  وِڪر ماجيت ۽ چاڻڪيه اتهاس ۾ رڳو ٻه نالا آهن. ڪاليداس سرشٽي آهي جا ڪٿي نه ٿي کُٽي!

* اي ڪبير! تون اڃا تائين مُنهنجي ڀرسان چرخو ڪتي رهيو آهين ۽ مان تنهنجو اُلجهيل سُٽُ سلجهايان پيو؟

* ڀٽائي! مان خدا سان رُٺو هوس، جي رُسان نه ها ته هن وقت تائين سوَ رسالا لکي وڃان ها.

* منهنجي ’ڪُن فيڪون‘ جو ڇا ڪوئي حد حساب آهي؟ منهنجو ادب اڃا هڪ ڪائنات وانگر تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي.

* مُنهنجي اندر جا ڪائنات آهي، ان جي هڪ ڪُنڊ به منهنجيءَ ادبي تخليق ۾ ظاهر نه ٿي آهي.

* جرمن شاعر گوئٽي چيو هو:

  ”جي ڪنهن شاعر کي سياسي اثر رسوخ جي ضرورت آهي ته هن کي هڪ ڌر سان وابستگي اختيار ڪرڻ گهرجي پر جڏهن هو ائين ڪندو، تڏهن هُن جو شاعر جي حيثيت ۾ خاتمو اچي ويندو. هو پنهنجي روح جي آزادگيءَ کي، پنهنجي غير متعصب نظرئي کي الوداع چئي، تنگ نظريءَ ۽ تعصب جي ٽوپيءَ کي پنهنجي ڪنن تائين لاهي ايندو.“

   اي مايا ڪو فسڪيءَ کان فيض تائين متاثر ٿيڻ وارا شاعرؤ! ڇا اوهان ڳالهه اڃا نه سمجهي سگهيا آهيو، توڙي روسي سامراج ٽُٽي چڪو آهي؟

* منهنجي مخالفن کي ساڙ آهي ته مان ايترو پڙهيل ڇو آهيان ۽ مون ايترو لکيو ڇو آهي؟ هو سوچن ٿا ته هي شاهه لطيف وانگر اُمي ڇو نه آهي؟ ڇا شاهه اُمي هو؟ هن پوري ننڍي کنڊ جو عِلم واتون واتِ هٿ ڪيو هو. هن جي بيتن ۾ پنجاپي ۽ هندي دوها جهلڪن ٿا جي ڪنهن وقت هن پڙهيا يا ٻُڌا هوندا ۽ جي هن جي تحت الشعور مان اُڀري آيا هوندا. ائين آهي ته هن هڪ ئي رسالو لکيو پر جي ويهه لکي ها ته هن تي ڪنهن کي اعتراض ٿئي ها يا فردوسيءَ جا همعصر هن جي پُرگوئيءَ تي انگشت نمائي ڪن ها جي هو ڏهه شاهنامه لکي ها؟ ڇا هنن کي خبر آهي ته سمر سيٽ مام ڪيترا ناول لکيا ها، ٽالسٽاءِ ۽ دوستو وسڪيءَ ڪيترو لکيو هو؟ اِها ٻي ڳالهه آهي ته ’سينٽ مائڪل جي ڪهاڻي‘ جي مصنف ايڪزل منٿي جو فقط هڪ ئي ڪتاب آهي جنهن هن کي امر ڪري ڇڏيو آهي. هن جو ٻيو به غير معروف ڪتاب آهي جو شايد مون کان سواءِ ننڍي کنڊ جي ٻي ڪنهن اديب پڙهيو هجي!

* پيرزادو عمر منهنجو پراڻو دوست آهي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو آهي. هڪ ڀيري هو ڪلفٽن بيچ تي جاگنگ ڪندي (ڊوڙندي) مون کي مليو ۽ مون کي ڏسي بيهي رهيو ۽ چيائين: ”وان گوگ جي هڪ تصوير ڪيئي سَو ملين ڊالر ۾ وڪامي آهي، پر جيئري هن کي بُک، ڏک ۽ چريائپ کان سوا ڇا مليو؟ تون وڪالت ڇڏي، سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندين ته توکي ڪهڙو نوبل انعام ملندو؟“

   مون هن کي چيو ته: ”مون کي نوبل پرائيز کان به وڏو انعام ملي چڪو آهي. نه رڳو قدرت مون کي هي سارو سمنڊ ڏنو آهي پر ان جي مٿان، ان کان به وڏو آسمان ڏنو آهي. توکي ته سمنڊ جي ڪناري تي چار يا ڇهه سؤ والن تي هڪ بنگلو آهي، جنهن ۾ چار بتيون ٻري رهيون آهن. منهنجي رهائش ۾ قدرت جي چنڊ جو فانوس ٽنگي ڇڏيو آهي. مان دنيا جو وڏي ۾ وڏو سرمائيدار آهيان ۽ منهنجو سرمايو بي سي سي آءِ وانگر کٽڻو نه آهي.“

* غالب تو زندگيءَ کي قيد - حيات ۽ بندغم سمجهو هو. زندگي ته ماڪ به آهي، پکين جي اڏار به آهي ۽ ڪڏهن تندو تيز ۽ ڪڏهن هوريان وهندڙ نديءَ جو پاڻي به آهي. تون قيد - حيات ۽ بندِ غم ۾ رهي به اهي چونڊي سگهين ٿو!

* مان ’ڀٽائي جو رسالو‘ ڪجهه اڳتي لکي رهيو آهيان. تون مون کي نه ٿو سمجهي سگهين، اها ٻي ڳالهه آهي.

* منهنجو سَرو سامان ڪهڙو آهي؟ ڪجهه ڪتابَ، ڪجهه تصويرون، جي به مون کي هت ئي ڇڏڻيون آهن. مون ۾ فرعونيت به نه آهي پر اي سنڌ! جي تون مون تي مخروطي منارو ٺهرائيندينءَ، ته ڪنهنجو ڪنهن تي احسان ٿيندو، اهو مستقبل ئي ٻڌائيندو.

* هي منهنجا شعر آهن يا ننڊ جون وليون پکڙجي ويون آهن ۽ انهن ۾ ڪيئي گل نڪتا آهن؟

* ڇا منهنجي شاعري نيٺ ائين ڪناري لڳندي جيئن نوح جي ٻيڙي ڪوه - اراراط سان لڳي هئي؟

* پويان تِرورا ڏسي مان سوچان ٿو ته منزل ڪيڏي نه ڏور آهي. جڏهن سج نصف النهار تي هو ته منهنجو گهوڙو سِجَ تي نرا کڻي رهيو هو ۽ مون ڀانيو ٿي ته پنڌ پورو ٿي ويو آهي.

* منهنجا خدا! مون کي معاف ڪجانءِ. منهنجي عبادت رڳو مُنهنجي شاعريءَ ۾ ئي آهي. منهنجي شاعري اُنهيءَ ٻڪرار جي گفتگو وانگر آهي، جنهن کي موسيٰ عليہ السلام جي موجودگيءَ جو احساس نه هو.

* اي خدا! تون منهنجيءَ شاعريءَ کي طُور وارو جلوو پسائيندين، تڏهن به اُها راضي نه ٿيندي.

* شام ٿي وئي آهي، چراغ جلاءِ! اوندهه جي فريب ۾ نه آءُ! اوندهه ته ڪيئي شمس تبريزي واري ڇڏيا.

* اي خدا! مان چاهيان ٿو ته مان پاڻ سان ٻه ٽي گل کڻان جي ابد تائين تازا رهن. ڇا منهنجي شاعري ٽوڪريءَ جو ڪم ڏئي سگهندي؟

* مان نٿو چاهيان ته مان پَتو پَتو ٿي ڇڻان ۽ مٽيءَ ۾ ملي وڃان. مون کي تيستائين پٽي وٺ جيستائين مون ۾ سڳنڌ آهي ۽ مان انهيءَ جي لائق آهيان ته ڪنهن جي جوُڙي ۾ ڪم اچي سگهان!

* موت ئي هڪ اَٽل حقيقت آهي؛ اها حقيقت نگاريءَ جو حصو ڇو نه ٿي سگهي ٿي پر ڇا حقيقت نگاري ان کي سمجهائي سگهي ٿي؟

* ’ڪليات فيضي‘ جا ورق ورايم؛ 173 صفحا ته رڳو قصيدا هيا ۽ ٻيا غزل هيا.

* سئلويرڊار ڊالي، هٽلر جي فقط هڪ تصوير ٺاهي هئي ۽ تنهن ۾ به بريچز ۾ هن جا ٿڙا هيا.

* هِتي نه ڪوئي ڊيگال آهي ۽ نه ڪنهن آندري مالرو جي حڪومت جي سربراهه سان دوستي ٿي سگهي ٿي.

* اوشوءَ جو ڪيسٽ ٻڌي رهيو آهيان. مٺي ننڊ اچي رهي آهي.

* گرهڻ به هر ڪنهن کي ته نه ٿيندو آهي،

   چنڊ کي ٿيندو آهي يا سج کي.

* اڄڪلهه پارسي گهٽ ٿي پڙهي وڃي، انڪري مان هنن کي پنهنجي اڻڄاڻائيءَ تي مهڻو نه ٿو ڏيان ته هو لاهور ۾ ميان مِير تي حاضري ته ڀرن ٿا پر اهو نه  ٿا ڄاڻن ته داراشڪوه جيڪو ميان مير جو نهايت عقيدتمند مريد هو، فارسيءَ جو هڪ بلند پايه شاعر به هو ۽ ڪابل ڏانهن جنگ تي ويندي هن جِتي جِتي به ڊاٻو ڪيو هو اُتي هُن ويد فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيا ها.

* مون ٻُڌو آهي ته گڏهه کُرن سان ڌرتي تي ڪجهه لکندو آهي. تو اهڙي تحرير ڏٺي آهي؟

* توتي مان ڪاوڙ ڪيان، توتي؟

   ها... ها... ها... توکي اها خوش فهمي ڪيئن ٿي؟

* سولزي نٽسن! تون سورنهن آنا صحيح هئين. مان پنهنجي غلطي مڃان ٿو.

* تون ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي پهچندين ته ازخود مور وانگر ٽهوڪا ڪندين.

* ڇا ڪنهن خوبصورت گل تي نظم ’ادب براءِ ادب‘ آهي يا ’ادب براءِ زندگي‘ آهي؟ ڇا گُل زندگيءَ جو حصو نه آهن! مان ته توکي رڳو چوان ٿو ته ادب ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو ڪارائو ڪمدار نه آهي! اديب اُن پارٽيءَ سان متفق ته ٿي سگهي ٿو پر هو اُن جو نعري باز يا اشتهار بردار نه آهي. ڇا شفق ۾ هَر - هاري زندگيءَ جو حصو نه آهن يا هي شاعر جو ميز تي ڪنڌ جهڪائي صبح کان شام تائين لکي رهيو آهي ۽ جنهن کي نه پنهنجي بک جو احساس رهيو آهي نه اڃ جو، ڇا ان جي دل ۽ دماغ زندگيءَ جو حصو نه آهن؟

   تو زندگيءَ کي سمجهيوئي ڪيترو آهي جو تون ”ادب براءِ زندگي“ پيدا ڪرڻ ٿو چاهين؟ ڇا موت کي سمجهڻ کان سوا، زندگيءَ کي سمجهڻ ممڪن آهي؟ ڇا شاهه جو رسالو فقط اِها سٽ آهي:

”سائين! سدائين ڪرين مَٿي سِنڌُ سڪار“

   ۽ انهيءَ سِٽ ۾ اهو ’سائين‘ ڪَير آهي؟ ڇا اهو ’سائين‘ جو ذڪر ادب براءِ ادب آهي يا ادب براءِ زندگي آهي؟ ڇا ڀٽائيءَ جي ڏُٿ جي تلاش ۽ ان سائينءَ جي تلاش بُکئي پيٽ تي نه ٿي سگهندي آهي؟ دراصل اها ٿي ئي تن کي تسا ڏئي سگهندي آهي. ڇا اها تلاش زندگيءَ جو حصو نه آهي؟ اُن تي غور ۽ فڪر جڏهن ادب ۾ اچي ٿو ته اهو ’ادب براءِ ادب‘ آهي يا ’ادب براءِ زندگي‘ آهي؟

   ڇا تون ڍڳو آهين جو اها پاڃاري کنيو ٿو وتين جا تو لاءِ اڻويهين صديءَ ۾ سياست ٺاهي هئي؟ ادب زندگيءَ جو حصو آهي ۽ زندگي ادب جو حصو آهي ۽ روح جي بُک جسم جي بک کان وڌيڪ بامعنيٰ آهي ۽ اها بک جيڪو ادب تخليق ڪري ٿي، تون اُنکي ڪهڙي زمري ۾ رکندين؟ ۽ محبت ڇا آهي؟ ڇا اها زندگي نه آهي؟ هر محبت جو گيت ’ادب براءِ ادب‘ هوندي ’ادب براءِ زندگي‘ آهي. توکي سياسي شعبده باز رڳو لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائن ٿا؟ ماني ٽُڪر ته ڪُتي کي به ملندو آهي، ڇا تون ڪُتو آهين ته اُن لاءِ ڀَؤڪندو وتين؟ اُها ’هَڏي مٿان هوڏ‘ سياست لاءِ آهي پر ان لاءِ سياست ڪافي نه آهي ڇا؟ تون مصوري ۾ اُهي هڙٻان به ڏيکاري سگهندو آهين، جي بکئي پيٽ ۾ آهن پر هي ٻائوريءَ جون ٽاريون يا سرنگهوءَ جا گُل جڏهن ڦٽي پون ٿا ۽ تون انهن جا گيت ڳائين ٿو ته ڇا اهو ’ادب براءِ ادب‘ آهي يا ’ادب براءِ زندگي‘ آهي؟ ڇا اهو مينهن تون ٿو وسائين جنهن ۾ اهي ڦٽي پون ٿا؟ ۽ تون ڍَوَ ۾ ڏلهو ٿي انهن هيٺان ننڊ ڪرين ته ان کي زندگي چوان پر جي اُجهندي ۾ انهن جي سونهن ڏسان ته ان کي ڇا چوان؟

   ادب فقط ادب آهي. ان کي سياست جي ڪشڪول ۾ وجهين ته تون ’وس وارو‘ آهين، پر اهو ڄاڻي ڇڏ ته ادب فقط پينوءَ جي پاند لاءِ نه آهي. ادب ذريعو نه آهي. ادب مقصد آهي، ائين جيئن خدا ذريعو نه آهي پر مقصد آهي، خدا کان تون ’سنڌ سُڪار‘ جي دعا گهرين ته مونکي اعتراض نه آهي پر جنهن کان اها دعا گهُري رهيو آهين، اهو ادب جو موضوع نه آهي ڇا؟ نظريا زندان نه بڻاءِ! انهن مان نڪري آءُ! ٻاهر کليل هوا آهي ۽ آسمان ۾ چنڊ وڃي رهيو آهي.

* شولو خوف! سوويت يونين جي ٽٽي وڃن کان پوءِ ’ڊان وهندي رهي‘ جون سڀ ڪاپيون ڊان ۾ ڦٽي ڪندا يا ڪٿي ڪٿي ڪنهن لئبرريءَ ۾ ڪائي ڪاپي ملي ويندي؟

* فيض! جي تون جيئرو هجين ها ته ڇا اڃا رسول حمزه توف جي واهيات شاعريءَ جو ترجمو ڪرين ها!

* شاعريءَ کي دُروپديءَ وانگر تاريخ سان داوَ ۾ نه رکُ! پڪ سمجهه ته هارائي ويندين ۽ توکي شآعريءَ سوڌو بنواس ڀوڳڻو پوندو.

* منهنجي اکين سامهون چين جي اُنهن انقلابي شاعرن جو مجموعو پيو آهي، جن کي چانگ ڪائي شيڪ مارايو هو. مان ته ڀانيان ٿو ته اُنهن کي اُنهيءَ ڏينهن گولي لڳي هئي، جڏهن بيجنگ ۾ مائوءَ جي شاهي بُت کي ڪنهن گدام ۾ واڙيو هيائون يا هن جي زال کي چين ۾ ڦاهي چاڙهيو هيائون.

* ڪميونسٽ شاعرن مان رڳو پبلو نرودا بچي ويو ڇو ته هن پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ پنهنجي سرزمين کي اوليت ڏني هئي.

* ميراجيءَ جا سموار ۽ آرزو لکنويءَ جا ڪجهه گيت اُردو شاعري آهي، باقي ڌڙ ريڍو، سِرُ ٻاڪرو آهي.

* اردوءَ جي شاعر جگن ناٿ آزاد کي پنڊيءَ ۾ اگن ناٿ برباد پيا ڪوٺن. ضياءَ جي دؤر ۾ اهڙو تُز نالو مون ٻيو نه ٻُڌو هو.

* هو پنجاب جو اردو شاعر مهيندر سنگهه بيدي هو. جي وارث شاهه هن جي شاعري ٻُڌي ها ته هن جي ڏاڙهيءَ کي باهه ڏئي ها.

* ڇا هي هندستان جا هندو يا سِک شاعر جي اُردوءَ ۾ شاعري ڪري رهيا آهن، اهو سمجهن ٿا ته هو ڪنهن پاڪستاني مسلمان کي ريجهائي سگهندا؟ ڇا هو اهو سمجهن ٿا ته اڄ به اردو جا اديب علامه اقبال جا نظم: همالا، نيا شِوالا، ميرا وطن وهي هي، ساري جهان سي اچها...

   تحسين جي نظرن سان ڏسن ٿا يا فقط هن جي ارتقائيءَ منزل سمجهي برداشت ڪن ٿا؟ ڇا هوُ ڄاڻن ٿا ته اردوءَ جا اديب اڄ به هندستان کي دارالحرب سمجهن ٿا؟

* ن – م راشد جنهن جي وصيت موجب هُن جي لاش کي جلايو ويو هو، ان پنهنجي آخري ڪتاب ’الانسان‘ ۾ پنهنجيءَ شاعريءَ کي اڳيئي  چِتا تي چاڙهيو هو.

* خوشونت سنگهه سان جڏهن فيض پنڊيءَ جي انٽرڪانٽينينٽل هوٽل ۾ مون کي واقف ڪرايو هو ته هن پهريون سوال مون کان اهو پڇيو ته ”تون پنهنجو شعر سنڌيءَ بدران اردوءَ ۾ ڇو نه ٿو لکين؟“ مون ان وقت محسوس ڪيو هو ته برصغير ۾ واقعي سِک سڀ کان وڌيڪ بيوقوف آهن. مان ڀانيان ٿو ته امرتا پريتم سِکڻي نه آهي، يا رڳو سِک مرد بيوقوف ٿيندا آهن؟

* اڃان منهنجي معتبريءَ جو قبو چنڊ تائين پهتو آهي، اڃا مونکي لکڻو آهي.

* هي قدح اڳ ته ساري عمر خالي رهيو هو. هاڻ تون بار بار ان کي شراب سان ڀري رهيو آهين. ۽ منهنجو خمار لهي نه ٿو لهي. هاڻي مون توکي آغوش ۾ ائين آندو آهي جو اُتان پاڻ ڇڏائي ڏيکارين ته توکي مڃان!

* دورِ جديد ۾ منهنجيءَ شاعريءَ جيان تو کي ٻيو جام جم نه ملندو.

* اي سِٽَ! تون آڙيءَ وانگر ٽُٻي ڏئي، ڪيڏانهن گم ٿي وئينءَ؟ مون هاڻي ته توکي ڏٺو!؟

* مايا ڪو فسڪي! تون هاڻي مون کي پُٺيءَ ۾ چاقو هڻي، ڳائيندو وڃي نه سگهندين. ڇا توکي ان تي افسوس آهي؟

* وَرجل پهريون شاعر هو، جنهن روم جي شهنشاهه آگسٽس جا گيت ڳاتا ها، ان کان پوءِ قصيده گوئي شاعريءَ جو حصو ٿي وئي آهي ۽ هاڻي ان کي، ادب براءِ زندگي، سڏيو ٿو وڃي ڇو ته اها ڪنهن نه ڪنهن جي سياست لاءِ ڪارائتي آهي.

* منهنجي  ڏات انهيءَ چيچڙي وانگر آهي. جا سوين گنج شڪر ٺاهيندي.

* ڇا شيام جا سنک گنگا نديءَ ۾ پرواهه ٿي، سمنڊ سان ملي ويا؟ پر ائين ڪيئن هوندو؟ هو ته پنهنجي شاعريءَ ۾ اڃا جي رهيو آهي، جنهن کي وقت لوڙهي نه سگهيو آهي. ڇا شاعر هتي نه هوندا آهن تُنهنجي ڀرسان، جڏهن تون هنن جا گيت پڙهندو آهين؟ متان تون ڀانئين ته مون سان گڏ منهنجا گيت پوري سگهندين؟ نه، انهن لاءِ پن ڇڻ جي ڪابه مند نه آهي، منهنجا گيت اهو بسنت آهن، جنهن لاءِ ڪائي سرءُ نه آهي!

* اي شاعري! ڇا تون ميران وانگر آهين جا انت ڪرشن جي مورتيءَ ۾ گم ٿي وئي هئي؟

* رات مون فردوسيءَ کي ننڊ ۾ ڏٺو، چيائين ٿي ته ”تنهنجيءَ شاعريءَ ۾ نقاري جو آواز ڍرو ٿي ويو آهي. جي نقارو ڀرپور نه وڄندو ته جنگ جي تياري ڪير ڪندو؟“

* هي شاعري آهي، ڪائي اسپتال جي نرس ته نه آهي ته تُنهنجي علاج ۾ تُنهنجي مدد ڪري!

* جي مان تنهنجي روح کي زندگيءَ جي ڌٻڻ مان ڇِڪي ڪڍان، ته منهنجي شاعري سجائي آهي.

  جي تتي اُس ۾ تو کي اها بادل جي ڇانو وانگر لڳي ته ان کان وڌيڪ منهنجي شاعري تولاءِ ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهي؟ باقي جي تنهنجا پير جَلي رهيا آهن ته ڪِٿان جُتي هٿ ڪري آءَ!

* هن ٽرڙي پنهنجو قلم تلوار وانگر ڪڍيو ۽ هن ٻُڏ مَرڻي پنهنجي ڄِڀَ چاقوءَ وانگر ڪم آندي ۽ مان ڌڪ پچائي سوچيان ٿو ته منهنجو ڏوهه فقط اهو هو ته مون چيو هو: ”مان آهيان“ ۽ ان چوڻ لاءِ مون هنن کان اجازت نه ورتي هئي!

* اي موهن ڪلپنا! تو ته ”سپونءَ“ رسالي وارن کي لکيو آهي ته شيخ اياز کي نوبل پرائيز ملڻ گهرجي. ڪهڙي نوبل پرائيز؟ پاڻ ته آهيون وارياسي تي گُل، جنهن کي ڪولهي يا ڀيل پنهنجي پنهنجي گڏهڙي تان مُنهن ورائي ڏسندا ويندا، ۽ پوءِ گڏهه کي اَڙي هڻي مَڙهي مان تڪڙو هليا ويندا.

* ڇا هي منهنجو تهجد آهي جو مان صبح جو چئين بجي کان اڳ ۾ اٿي ٿو لکان؟ جي ها ته اي خدا! منهنجي عبادت جي انفراديت تي غصو نه ڪجانءِ!

* مون زندگي ادب لاءِ سمجهي آهي ۽ پورا سٺ سال رڳو هڪ پِرَهه وانگر هيا، جنهن جي ٽاريءَ ۾ تون رابيل جي گل وانگر کڙيو آهين.

* مون توکي ڪيتريون گلاب دانيون تحفي ۾ ڏنيون آهن! جي انهن لا مون پنهنجي لڳايل باغ جي ٻاهران به ڪجهه گل پٽيا آهن ته مون کي معاف ڪجانءِ! اهي گل ايترائي پيارا ها جيترا مون پنهنجي باغ ۾ لڳايا ها.

* هيل چار پنج ڀيرا وَهٽ ٿڪجي بيهي رهيو آهي، پر وري چڪر هلي ٿي، ڪنگريءَ تي ڪنگري ڀَرجي رهي آهي ۽ نيسر مان سَڄر پاڻي اچي رهيو آهي.

* هو ڪير آهي جو آسمان ۾ چولن تي مقيش ڀري رهيو آهي؟

* ڇا ڪبوتر کي اڏامندو ڏسي، توکي هن تي رشڪ نه ايندو آهي؟

* تون خوبصورت گُلن جي وچ ۾ ٻِرُ ٺاهين ته ڇا ان ڪري تون نانگ نه ليکبين؟

* تنقيد جڏهن گڏهه ڪندو آهي تڏهن اِٽَ هڻندو آهي.

* اي خدا! مان تنهنجيءَ ترتيب جو زنده ثبوت آهيان. منهنجي شاعريءَ ۾ هڪ سٽ به نه آهي جا ٻيءَ سٽ سان ٺهڪي نه اچي.

* ازل جي مصرعن ۾ ”مان“ ۽ ”تون“ هم قافيا آهن.

* اي ازل! ڇا تو هيءَ منهنجي شاعري اڳيئي لکي رکي هئي ۽ رڳو منهنجي وجود جو منتظر هئين؟

* اي هرڻي! ڇا رڻ کُٽي ويو آهي؟ ڇا تون هر رُڃ مان پار وڃي چُڪي آهين؟ جي هيءَ پاڻيءَ جي نهر سچي آهي ته تنهنجي تلاش پوري ٿي چُڪي آهي ۽ تنهنجو وڌيڪ جيئڻ اجايو آهي.

* هن دنيا سان موڪلائڻ وقت، تُنهنجي چُمي کُٽِي نه ٿي کُٽي، اي ڏات! تو اهي چپ ڪٿان آندا آهن؟ نه اهي پيئندي ٿا ٿڪجن ۽ نه چشمو ٿو کُٽي!

* اي خدا! تون مون کي ايتري مهلت ڏيندين ته منهنجي شاعري تو کي هڪ سجدو ڪري وَٺي.

* اي ازل! تو دسترخوان تي منهنجو ڪيترو نه انتظار ڪيو آهي ۽ منهنجو حصو مون لاءِ بچائي رکيو آهي! مان تنهنجو ٿورائتو آهيان.

* بمبئيءَ ۾ مَرين ڊرائيورِ تي چوڌاري جهرمر هئي. آنءُ ۽ ننڊ جويري ناريل جو پاڻي پي رهيا هياسين. منهنجي چوڌاري وسيع سمندر هو جو ابدي اسرار وانگر ٿي لڳو. ڪوئي به آمر يا ڪائي به جابر حڪومت منهجي تخليقي قوت کي دٻائي نه سگهي هئي. رڳو شاعر ۽ عاشق ان جو اسرار پائي سگهيا هئا. اوچتو نند جويريءَ چيو: ”ڪيڏو نه ڦيرو آهي سوچ ۾.“ سمجهين ٿو ته تو ڪهڙي ڳالهه لکي آهي؟“

* ڇا تون عرش عظيم تائين مقبرو ٺاهي سگهين ٿو؟ جي نه ته تون مون کي رڳو مٽيءَ ۾ لٽي ڇڏجانءِ!

* سمر سيٽ مام چوندو هو ته آرٽسٽ لاءِ ڪسرنفسي روح جو فالج آهي. مان هن سان متفق آهيان.

* نه وڇون خود کي ڏنگيندو آهي ۽ نه نانگ پاڻ کي چڪ وجهندو آهي، ڇو ته ٻنهي کي ضمير نه هوندو آهي.

* هو شاعر جو گدو بندر ۾ چرين جو ڊاڪٽر هو، ان جي ديوانگي بحروزن تي نه هئي.

* وڃ وڃي شيريٽن ۾ دعوت ڪر. تنهنجي ڪتاب تي ان کان سٺو تبصرو ڪهڙو ڪيان؟

* ڪير چوي ٿو ته تون منهنجو همعصر آهين؟ تون مون کان گهڻو اڳ ۾ پيدا ٿيو هئين جڏهن ماموين به اڃان بيت نه لکيا ها!

* الله جميل ويُحب الجمال

   --- ۽ ---

   ”کُل نفساً ذائقته الموت،

   تو اهي سٽون ٻڌيون آهن؟

   ڇا اهي ادب جو موضوع ٿي سگهن ٿيون؟؟

* بيدل دهلوي ۽ غالب عظيم شاعر ها. انهن ڪهڙيءَ زندگيءَ لاءِ ادب تخليق ڪيو هو؟

* مون نرگس جو گل پٽي تو کي چيو:

   ”انڌا! توکي ڪهڙي خبر ته منهنجي هٿ ۾ ڇاهي؟“

* توکي ڪهڙو نظريو چڱو ٿو لڳي:

   ”ادب براءِ زندگي ”يا“ زندگي براءِ ادب.“

* ڇا ڀٽائيءَ جو ڪلام، ادب براءِ زندگي هو يا ”ادب براءِ خدا“ هو، يا ٻيئي هو؟

* تو ڪيترو ئي وقت گُل مهر جا ڳاڙها گل پسند ڪيا ها، هاڻي هي املتاس جا پيلا گل به ڏسُ! ڪيڏا نه خوبصورت آهن!

* منهنجا سڀني کان سٺا شعر اهي آهن جي ٿر جي گلن ۽ ٻوٽن ۽ انهن مٿان شفق جي رنگ جي باري ۾ آهن. مارو ۽ ڏُٿ ته چڱا آهن، پر انهن گلن ۽ ٻوٽن ۾ ڳالهه ئي ٻي آهي.

* هي ٻار گُل کان به وڌيڪ خوبصورت آهي، تون ان تي لکين يا گُل تي، اها تنهنجي مرضي آهي.

* اي شاهجهان! منهنجي شاعريءَ ڪيئي تاج محل اڏيا آهن پر اُن کي هر سال نئين ممتاز محل گهربي هئي. ڇا تون هڪ ممتاز محل مان ٿڪو نه هئين؟

* چوندا آهن ته ڊاک جي ول جي پاڙ ۾ رت وجهبو آهي ته ڊاک ڳاڙهي به ٿيندي آهي ۽ مٺي به، اي شاعري! ڇا تون انهيءَ ڊاک جي وَل وانگر نه آهين؟

* اي سِٽَ! مان ڇا ڄاڻان ته تون ڪٿان ٿي اچين؟ ازل جي ڪابڪ تي ڪروڙين ڪبوتر غٽرغون ڪري رهيا آهن.

* اي شاعري! ڇا تون اهو به غرور ٿي سمجهين جي مان چوان ته مون وانگر توسان ٻي ڪنهن نه نڀايو آهي؟

* اي ٿر جي ريت! برسات کان پوءِ توتي وڌيڪ ٻوٽا کڙيا آهن يا منهنجيءَ شاعريءَ ۾؟

* مُنهنجي شاعري منهوڙي جي انهيءَ پهاڙي وانگر آهي، جنهن سان سمنڊ جون ڇوليون ٽڪرائي، موٽي وينديون آهن.

* اي لاڙ جي هوا! تو منهنجي شاعري ڏٺي آهي؟ 

* ”ڪويل ڪوڪي رهي آهي.“

  ”ڪويل جي ڪوڪ مستقبل ڏسي سگهندي آهي. ان ۾ اهو لرزندو آهي ۽ ان کي ڪائنات جا ڪَن ٻُڌي سگهندا آهن.“

* بحروزن جا مشتاق! چوپڙ کيڏي رهيو آهين!

* توکي رياض سان عظيم موسيقي نه ملندي جيستائين اها انهيءَ نطفي ۾ نه هوندي، جنهن مان تون پيدا ٿيو آهين!

* ستارَ هڪ حاملا عورت وانگر لڳي رهي آهي.

* چنگ جي چُمي! الامان! قيامت جي آڳ ڀڙڪي اٿي!

* مون کان پُڇي رهيو آهين ته چنڊ تنها ڇو رُلندو آهي!

* ڇا تو قلم کي ڪاغذ تي سجدو ڏيندي ڏٺو آهي؟

* ڇا تو اردو غزلن جون هيٺيون سٽون ٻُڌيون آهن:

پهونکون سي يہ چراغ بجهايا نہ جائي گا؟

اس گهر کو آگ لگ گئي گهر کي چراغ سي.

* مان رات جو لالٽين کڻي سارو شهر گهميو آهيان. واڙا ته لکين آهن پر ماڻهو هڪ به نظر نٿو اچي!

* آءُ! ڪوثر ۽ تسنيم ۾ وهنجي وٺ!

  ڪيئن چئجي ته مان اڃا ڪيترو وقت شاعري ڪندس!

* مون لاءِ ڪنهن به هم عصر جي اهميت نه آهي. اهي قلمڪار اُس ۾ مِٽيءَ جا ذرڙا آهن جي ڪمري ۾ منگهه مان ايندي ڏيکاري ڏيندا آهن. ها، هو جيڪڏهن چڱا انسان آهن ته مون لاءِ معنيٰ رکن ٿا.

* قطب مينار جيڏو ڊگهو ٿيڻ به چڱو نه آهي!

* تو منهنجي لاءِ سازش پئي ڪئي پر توکي خبر نه آهي ته موت توکان به وڏو سازشي آهي جنهن جي سازش کان ڪا پناهه نه آهي.

* اکرن ۾ اڙجي، عشق جي چاڙهي، زنجير ريڙهيندي چڙهي رهيو آهين!

* روحل فقير! تنهنجي ڪنڊڙي، مَنڊڙي نه آهي. اها تيز ورانگهون پائي پنهنجيءَ منزل ڏانهن وڌي رهي آهي.

* غالب! جي صرير خامه نوائي سروش آهي ته پو تو پنهنجي ديوان ۾ پاڻ ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن؟

* فقط گنجِ سان ڪوئي داتا گنج بخش ته نه ٿو ٿئي!

* شمس تبريزي! تون پاڻ سج آهين، توکي ٻي ڪنهن جي روشنيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي!

* هان! تون ڀلي ڌرتي کڻ! مان آڪاش کڻان ٿو! چنڊ ستارا کڻان ٿو، اپار ۽ اننت کڻان ٿو!!

* جيستائين شاعريءَ کي الهامي ڪيفيت نه آهي، اها تڪبندي آهي.

* آرٽ عبادت آهي، شايد ان کان چڱي عبادت ڪا ورلي هجي!

* حافظ، فلسفي ته ناڪام رهيو پر جي مان رازِ حقيقت کولي ڏيکاريانءِ!

* غالب! تنهنجي اڳيان دنيا بازيچهءِ اطفال آهي، مون لاءِ رسيءَ تي ناچ آهي. پير ترڪيو ته هَڏَ گُڏَ ڀڄي پوندا!

* جگر مراد آبادي! شاعري شراب آهي، شراب شاعري نه آهي، مان توکان وڌيڪ مدهوش آهيان!

* لپو لڳو اٿي جو ٺپو لڳو اٿي!

   اي اديب! بنا ٺپي تڳي ڏيکار ته توکي مڃان!

* نرگس لطيف مون کي منهنجو شعر ڳائي ٻڌائي رهي هئي. هن جو آواز ائين ڏڪي رهيو هو، جيئن نئين دندان ساز جا هٿ ڏند ڪڍڻ وقت ڏڪندا آهن. شايد ان ڪري جو شاعر اياز گل مون وٽ ان وقت ويٺو هو!

* اچ تون نئين ڪائنات ٺاهي رهيو آهين يا شاعري ڪري رهيو آهين؟

* اي مصور! تون خدا جي تصوير ٺاهڻ ٿو چاهين؟ تو سانوڻ جي سانجهيءَ ۾ شفق جو رنگ ڏٺو آهي؟

* اچ ته اُن مورتيءَ کي تراشيون جنهن کي ڪوئي به تراشي نه سگهيو آهي! اي مائيڪل اينجلو! پٿر جي تراش خراش ايتري ڏکي نه آهي، جيتري لفظن جي. قلم کي لفظن جون چٿڙيون لاهڻيون نه ٿيون پون!

* جيئن قلندر جي درگاهه تي ڌمال وڄندي آهي، ان کان به تيز ڌمال منهنجي من ۾ وڄي رهي آهي. تو ڇا سمجهيو آهي؟ شاعري ڪا آسان ڳالهه آهي!

* تون منهنجون ويهه پيڙهيون جاچيندين ته توکي پتو نه پوندو ته مون هيءَ شاعري ڪٿان آندي آهي؟ ها ايڪويهين پيڙهي ته راجا ڏاهر کان به پٺتي ٿي وڃي ۽ ان جو مون کي پتو نه آهي.

* ڇا سنڌي محقق صحيح آهن جو انهن فقط مري ويل شاعرن ۽ اديبن جي ساراهه ڪئي آهي؟ ڇا مون جيئرن جي ساراهه ڪري غلطي ڪئي آهي؟

* هو منهنجي موت کان پو چوندا: ”ڇا هو مري ويو؟“ ۽ پو پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي، ان ڇيهي تي سوچيندا جو هنن کي رسيو آهي. هيءَ وڪئي وزير جي قوم آهي، جنهن اروڙ جا اهي دروازا اندران کولي ڇڏيا ها، جن کي منجنيق ٽوڙي نه سگهي هئي.

* تون پرائي يا پنهنجي نالي ۾ مون تي جيتري به تنقيد چاهين ڪري سگهين ٿو. مون کي ايترو وقت نه آهي ته توکي جواب ڏيان. هر ڀيري منهنجو جواب منهنجو هڪ نئون ڪتاب آهي.

* فالج زده اديب! تو منهنجي بي سبب گلا ڪئي آهي، پر پو به مون کي تنهنجي چچريل زبان تي رحم اچي رهيو آهي. منهنجي توکي دعا آهي ته تون چڱيءَ طرح ڳالهائي سگهين ۽ خدا توکي تنهنجي حسد جي اظهار جو پورو موقعو ڏي!

* منهنجي شاعري سنڌ لاءِ ديوار چين وانگر آهي. ان کي ڪوئي مٽائي نٿو سگهي. تنهنجي سرحد جو تحفظ تنهنجي سياست نه، ثقافت ڪري سگهندي.

* ڪبير جو راڳ ”گهٽ گهٽ ۾ پنڇي بولتا“ هلي رهيو آهي ۽ مان ڪبير کي چرخو ڪتيندو ڏسي رهيو آهيان ۽  هن کان پڇي رهيو آهيان، ”هڪ گهٽ تنهنجو هيو، ٻيو مُنهنجو آهي. ٽين پنڇيءَ ۽ ان جي گهٽ جو نالو اچيئي ٿو؟“

* مون اوهان کي شاعريءَ ۾ ڀٽائي، سچل، سامي به ڏنو آهي ته ايڪويهين صدي به ڏني آهي. 

* هر جينيس پنهنجي دؤر کان هڪ سؤ سال اڳي پيد ٿيندو آهي ۽ ان ڪري هُن جا همعصر هن جي قدر و قيمت نه ڪري سگهندا آهن.

* پڪاسو لاءِ چيو ويو آهي ته جيستائين سگريٽ جا ٻه سوٽا هڻندو هو، تيستائين هن جي تصوير تيار ٿي ويندي هئي. مان ڀانيان ٿو منهنجي شاعريءَ ۾ به هن جي مصوريءَ واري تيزي آهي.

* يسوع! توسان گهڻا ساٿي ها! ۽ تنهنجي مصلوب ٿيڻ کان اڳ واري رات جو جڏهن ڪڪڙن ٽي دس هنيا ها ۽ گهڻا وڃي رهيا هئا؟

* ڪوئي به پنهنجي آتم ڪهاڻي تاريخ وار لکي نه سگهندو آهي، جيستايئن ته هن روزاني ڊائري نه رکي هجي، نه ته زندگيءَ جون يادگيريون اڳتي پٺتي ترمرائينديون آهن.

* ”انالله وانا عليہ راجعون“، جهڙي مترنم ۽ معنيٰ خيز سٽ نه مون شاعريءَ ۾ ڏٺي آهي، نه فلسفي ۾، نه ادب ۾.

* سڀاڻي جو ٺيڪو توکي ڪنهن ڏنو آهي؟ تون سڀاڻي لاءِ اڄ کي ڇو ٿو ضايع ڪرين؟

* هن وقت، هن گهڙيءَ جو ڪجهه ڪرڻو اٿي ڪَري وٺ ۽ پوءِ گهڙيءَ جا گهڙيال ٻُڌ!

* شاعري ته رقص آهي. تون شعر لکي رهيو آهين يا ٻار وانگر بانبڙا پائي رهيو آهين!

* منهنجا نقاد! لغڙ وانگر گهٽ اڏام! ڪٿي ڏور نه ڪٽجي وڃيئي!

* ايم ڪمل! سڄي عمر ٻوليءَ کي مانجهي وانگر مليو اٿي! اڃا تنهنجي اڏام ته نظر نٿي اچي.

* سٽون ائين ٿيون اچن جيئن لاهور ۾ بسنت ملهائيندا آهن.

* هي شاعري آهي، درزيءَ جي گزي نه آهي، جنهن سان ڪپڙو ڪڇي رهيو آهين.

* جي شاهه لطيف تارازيءَ جي هڪ پُڙ ۾ هجي ۽ ٻي ۾ مان هجان ته تارازيءَ جي ڳني ڀڄي پوي!

* منهنجي شاعري! سانوڻ ۾ سنڌو ڏٺي اٿي؟ ۽ اها چانڊوڪيءَ ۾ گجگاٽ ڪندي وڃي ته ڇا چئجي!

* هر تهجدگذار کان اڳ ۾ اٿي مان شاعري ائين ڪيان ٿو، جيئن ماڻهو عبادت به نه ڪندا آهن!

* ڇا مان ۽ حافظ همعصر هياسون؟ ڇا مان ۽ گوئٽي همسفر هياسون؟ جي نه ته هو ٻئي مون کي ائين ڇو لڳي رهيا آهن؟

* ازرا پائونڊ وينس جي پُل تان لٺ تي ٽيڪ ڏئي، ڪُٻڙو ٿي وڃي رهيو آهي، اوچتو هڪ سوال هُن تي وڄُ وانگر چمڪي ٿو، ”ڇا هن موت کي سمجهيو آهي؟ يا هن ساري زندگي رڳو شاعريءَ ۾ اجائي وڃائي آهي؟“

* بيڪس روهڙيءَ ۾ سنڌوءَ جي ڀرَ تي ويٺو آهي ۽ سامهون ڪائي عورت پاڻيءَ ۾ وهنجي رهي آهي. هو هُن ۾ ڇا تڪي رهيو آهي؟  ڇا هن جو ويس ڏسي رهيو آهي جو هُن جي ڇاتيءَ تي چنبڙي پيو آهي يا هو ان کي ڏسي رهيو اهي، جنهن اها خوبصورت ڇاتِي ٺاهي آهي؟ يا اهو سوچي رهيو آهي ته هُن اها ڇاتي انهيءَ لاءِ ٺاهي ته ڪجهه وقت کان پوءِ ڇڻي پوي، جيئن ڀَر تي بيٺل انب جي وڻ مان ڦل پچي ڇڻي پوندا آهن؟

*  تون ڇا پڙهي، ڇا پڙهندين؟ دل جي ڦرهيءَ تان سڀ ڪجهه ميساري، ان کي اجاري ڇڏ!

* تون وارياسي جو گل آهين اتر واءُ ۾ نيٺ ته ڇڻي ويندين! پر جيستائين آهين شفق توکي ڪيڏيون نه چُميون ڏئي رهي آهي ۽ مينهن ڦُڙا توتي ائين لارون ڪري ڪرن ٿا ڄڻ ته آسمان خوشيءَ ۾ لڙڪ وهائي رهيو آهي!

* لاهوت لامڪان ۾ پاڻيءَ جو چشمو وهي رهيو آهي. هي پکيئڙو ان مان گهڻو پي گهڻو پيئندو؟

* ڇا ڪنهن ڪنهن روح ۾ سانوڻ ٻارنهن ئي مهينا رهندو آهي؟

* منهنجي ڪويتا! ڇا توکي ميران جو يڪتارو هٿ اچي ويو آهي جو لڳاتار نچندي ڳائي رهي آهين؟ نچُ نچُ! هي پير وري توکي نه ملندا ۽ نه وري ڌرتي ئي انهن جي هيٺان سدائين هوندي.

* ڇا تون ٽئگور کان وڏو ڪوي ڏسڻ چاهين ٿو يا تنهنجين اکين ۾ ايتري همت نه آهي؟

* چيتنيه! تون مون ۾ ائين نچي رهيو آهين، جيئن واءُ ۾ گل نچندا آهن ۽ ٿڪبا نه آهن.

* چيتنيه نچي رهيو آهي، ميران نچي رهي آهي، منهنجي شاعري نچي رهي آهي، تنهنجي دوار تي جو اڃا کليو نه آهي.

* جڏهن گهنگهور گهٽائون اُڀرنديون آهن، تڏهن تو مور کي ڪارونجهر تي نچندي ڏٺو آهي؟ جي ها ته تون منهنجي شاعريءَ کي سمجهي سگهندين.

* هي شاعريءَ جا ڪانگهارا گوها آهن.

*  ڪنهن مون کي چيو ته ”محمود درويش چيو آهي ته شاعري مون کي سالَ ڇڏي ويندي آهي پر پوءِ ايندي آهي ته مينهن وانگر ايندي آهي!“

  مون جواب ڏنو، ”ائين ته مون سان اڳ ٿيندو هو، جڏهن محمود درويش شاعري شروع نه ڪئي هئي. هاڻي ته مون تي شاعري چيراپونجيءَ جي مينهن وانگر وسي رهي آهي.“

*  ادب سان آءُ! ڀٽائي ٻيهر دنبورو وڄائي رهيو آهي! ڏسين نه ٿو ته وڻ ادب سان بيٺا آهن ۽ ستارن اکيون ڇنڀڻ ڇڏي ڏنيون آهن.

* ادب سان آءُ! هتي حافظ ۽ خيام به ڪنڌُ جهڪائي ايندا آهن، تون ڪير ٿيندو آهين؟

* ننڍي هوندي مون کي سعديءَ چيو: ”نينگر مون کان هڪ ڳالهه سکي ڇڏ! جيستائين تنهنجي ڪڇ ۾ ڪتاب آهن، تيستائين ڪجهه نه سکي سگهندين. هي ديو دار جو درخت ڏسُ! ان جو هر ورق ڪردگار جو دفتر آهي!“ پر مون هُن کي نه ٻُڌو ۽ پنا اٿلائيندو رهيس ۽ عُمر اچي اختتام تي پهتي آهي.

* هي مون مان ڪير لکي رهيو آهي. مون کي ته ننڊ  جا گهيرٽ اچي رهيا آهن پر منهنجو قلم ريت تي ڊوڙي رهيو آهي، هرڻ وانگر!

* منهنجي اندر ڪهڙي مانسروور آهي جا کُٽي نه ٿي کٽي ۽ جنهن مان اڪيچار نديون وهي رهيون آهن!

* امير خسرو نظام الدين اوليا جي مزار ڀرسان ويٺو آهي ۽ سوچي رهيو آهي ته ڇا اهو سڀ ڪجهه منهنجي غزل ۾ آهي جو هُن ڄاتو هو؟

* بيدل دهلوي! ڇا غالب تُنهنجو همعصر هو؟ ۽ اقبال به؟ ڇا هي زمان ۽ مڪان جو فاصلو نظر جو فريب آهي؟

* ليونارڊو ڊاونچي! تو موناليزا ٺاهي، جنگ لاءِ توب ڇو ٺاهي؟ ڇو ٺاهي، ڇو ٺاهي!!

* ڪي ڪي خواب سچا هوندا آهن، منهنجيءَ شاعريءَ وانگر.

* بت تراش! آءُ ته هن بُت کي آزاد ڪيون جو پٿرن ۾ قيد آهي.

* اي رات! ڪيترو جلدي ٻارنهن وڄي وڃن ٿا. ڪاش! ڏينهن ۾ ٻارنهن سو ڪلاڪ هجن ها!

* ايتري اُڃ! ساري دنيا جا مئخانا کپي ويا آهن پر تُنهنجي اُڃ نه ٿي لهي ۽ تون ته ٿيڙ به نه ٿو کائين!

* اي شاعري! ڪشتيءَ نوح وانگر مون کي ڪهڙي ارارط پهاڙ تي کڻي آئي آهين ۽ اها هر شيءِ بچائي اٿي جا بچائڻ گهرجي.

* اي خدا! مون کي سڄي هٿ ۾ آڱريون پنج آهن يا پنج ڪروڙ؟ هاڻي ته ڄڻ انهن مان سج جا ترورا نڪري رهيا آهن!

* اي وِڄ! ايترو نه کل جو تون روئي پئين!

* اي هرڻ! هيءَ ته رڃ آهي پر تون اڃايل آهين، ڪٿي مڃيندين!

* ”ڀڳا ڏار، اڏاڻا ڳيرا،“ ڏار هڪ ته نه آهي، ڪيئي آهن. چڱو جو ڳيرا آزاديءَ جي هوا ته ماڻي سگهيا.

* هوُ اهو شهاب ثاقب هو جو اجهاميو ڪونه.

* اڃا پرهه جا پکي، چون، چون، ئي نٿا ڪن ته مان اٿي تنهنجا گيت ڳايان ٿو، تون جو منهنجو آواز به آهين، گيت به آهين ۽ منهنجو ’مان‘ به آهين. مان موت کي ڌڪو ڏئي، چوان ٿو، ”اڃا ترس! منهنجا گيت پورا نه ٿيا آهن.“

* صبح جو سمنڊ تي سج اڀري ٿو ته پاڻيءَ تي اربين چانديءَ جا سڪا چمڪن ٿا ۽ جڏهن لهي ٿو ته لهرون ڪروڙين اشرفين جي ٿيلهين جا منهن کولي ٿيون ڇڏن. تو مون کي ڪيڏي دولت عطا ڪئي آهي، منهنجا خدا! دولت، جنهن کي بيوقوف ماڻهو اک کڻي نه ٿا ڏسن!

* ابد مضراب آهي، تلوار نه آهي. تون ان کي خون آلود نه ڪر!

* مان ڪيئن چپ سبي ڇڏيان، مان جو جيئرو جوالا مُکي آهيان.

* جيئن ميران ڪرشن جي مورتيءَ ۾ سمائجي چُڪي هئي، ايئين مان پنهنجيءَ ڪلا ۾ سمائجي چُڪو آهيان. موت به مون کي اُن کان ڌار ڪري نه ٿو سگهي.

* مان چوان ٿو ته ايترو ڳايان، جو نغمهءِ دائود جئن اڀري اچان! پر تون منهنجي انا ڪڏهن پوري ڪندين! هي ساز ته ڄاڻ ڀڳو، ان کي منهنجون هٺيليون آڱريون ڪيستائين هلائي سگهنديون؟

* اي غالب! هن کي سمجهاءِ ته ورديون خاڪ ۾ ملي لالہ و گُل ۾ نمايان نه ٿينديون آهن!

* منهنجي شاعريءَ لاءِ ٿو پڇين؟ تون ڪڏهن قونيه ويو آهين؟ تون روميءَ جي مزار تي رقص- درويشان ڏٺوآهي؟

* ساري ڏهر ۾ ڏيئا جهرمر ڪري رهيا آهن. مون ته فقط هڪ وَٽ جلائي هُئي!

*  منهنجو نظم مور جو رقص آهي، نثر تتر جي اُڏار آهي.

* هوڪيڏو نه خاموش آهي، پر هُن جو اکيون ڪيڏي گويائي رکن ٿيون!

* موت زندگيءَ جو آخرين مصور آهي.

*  موت لاءِ زندگيءَ کان وڌيڪ آئينو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو!

* عزازيل دم بخود بيٺو آهي ۽ سوچي رهيو آهي: هي ته اڃا لکي رهيو آهي. هن جي ڪم ۾ رُخنو ڪيئن وجهان!“

* ميان موت! لاشاري تي به رحم نه کاڌُءِ! هو ته زندگيءَ تان گهور ٿي ويو.

* واريءَ تي روجههُ پنهنجو پاڇو ڏسي سوچي رهيو آهي ته ”هي ڪير آهي جو مون سان گڏ ٿو هلي ۽ منهنجي پچر نه ٿو ڇڏي؟“

* مون کان حافظ عالم برزخ ۾ پڇيو: ”دنيا ۾ مون جو توکي پنهنجي نئين غزل جو مطلع ٻڌايو هو، توکي اهو ياد آهي؟ ڪاش مان اهو غزل پوروڪري سگهان ها ۽ ان جي مقطع ۾ پنهنجو تخلص آڻي سگهان ها!“

* تخلص ڪا شيءِ نه آهي، جيڪي آهي غزل آهي.

* آءُ ته اياز جو غزل پڙهون! ان جا مصرعا ائين آهن جيئن کوهه ۾ ڪنگريون مالهه تي ڦرنديون آهن.

*اي خسرو! توکي هن گوريءَ جي سر تي گهڙو رکي اُڃ لڳي آهي يا تون اُڃ جو بهانو ٿو ڪرين جيئن اها ڪَهه مڪرني ڀڃي سگهين جا هُن جي ڪجرين اکين ۾ آهي؟

* هي قلم ته ڪائنات ٻه اڌ ڪري سگهندو آهي! ڏيکار پنهنجي ڪرامت!

* تون پنهنجي ڪيفيت بيان ڪر! اها فتويٰ مون کي ڏيڻي آهي ته تنهنجي شاعري الهام آهي يا نه آهي!

* سنڌ ۾ ٽانڊاڻي کي کوهه کڏ ڇو چوندا آهن؟ هو ته روشني هوندو اهي! شايد هو کوهه ۽ کڏ کان بچاءُ هوندو آهي؟

* شاهجهان! مان نئون تاج محل ٺاهي رهيو آهيان، ان لاءِ مون کي ڪنهن ممتاز محل جي ضرورت نه آهي.

* ڏس مان اڪيلو اجنتا ٺاهي رهيو آهيان. منهنجو ڪوئي هٿ ونڊائڻ وارو نه آهي!

* ان مان جان ڇڏاءِ! هيءَ شاعري توکي ارڙ نانگ وانگر وڪوڙي ويندي ۽ توکي نهوڙي رکندي.

* پيغمبري شاعريءَ کان گهڻيون وکون دور آهي!

* اي رات جا پکي! ڏينهن پنهنجو ڄار وڇايو آهي. هاڻي آکيري ۾ ننڊ ڪر!

* ميان! شاعريءَ جي ائين ڪاهي ڪڍ پيو آهين ڄڻ اها هرڻي آهي ۽ رڻ ۾ ڇُپي ويندي! ڪجهه ننڊ ڪر! ڪجهه ننڊ ڪر!!

* وَڃ ڙي وڃ! تون ملڪ الموت آهين! وڏو آيو آهين مون کي ڊيڄارڻ وارو! منهنجو هر شعر توکان ڏاڍو آهي.

* زندگي! تو مون کي شاعري سپرد ڪئي آهي. شاعري! مون توکي زندگي سپرد ڪئي آهي.

* چون ٿا ته ڪويل ڪوڪي ڪوڪي مري ويئي. بادلن جو هانءُ ڦاٽي پيو ۽ مينهن اڃا تائين اوڙڪون ڪري وسي رهيو آهي.

* ها، ڪنهن وقت خليل جبران ۽ رابندر ناٿ ٽئگور به هيا، پر انهن سان منهنجو ڇا؟

* شاعري،ءَ جو معراج ڏسندينءَ! منهنجي گهر آءُ، ٻه چار گهڙيون مون سان گذاري ڏس!

* ڪائنات ۾ ٻين شاعرن لاءِ ڪجهه ڇڏيندين يا سڀ ڪجهه لکندين؟ باک ٿي آهي، پکي اٿيا آهن، تنهنجي ننڊ جو وقت ٿي ويو آهي، بند ڪر پنهنجو بياض!

* باز نه ڦاساءِ! اهي آسمان جا دوست اٿِي! بادل انهن سان جهُڪي ملندا آهن.

* سامي! هل ته هاٿيدر تي چاءِ پيئون ۽ پنهنجا باقي سلوڪ ٻُڌاءِ، جي هوا ۾ هُرن ٿا پر تنهنجي ڪتاب ۾ شامل نه ٿي سگهيا آهن.

* ”ڇا تون ڀٽائيءَ کان وڏو شاعر آهين؟“

* ”وڏو! مان هُن کان وڏو شاعر ته نه آهيان ۽ نه ڪوئي مون کان وڏو شاعر آهي؟“

* مون کي ٻه اڍائي سئو سال ته ڏي! اڳ ۾ فتويٰ ڏئي بي انصافي ڪري رهيو آهين!

*  بروُٽس! سيزر جي موت تي خوش نه ٿيءُ! تُنهنجي پٺيان به موت خنجر ۾ هٿ وجهي بيٺو آهي.

* ”گدا،“ سانگيءَ چيو: ”هي قافيا تو ڪُتَن جي لوڌِ وانگر ڇو ڪٺا ڪيا آهن؟ ڪنهن جو شڪار ڪرڻو اٿي؟“

* ڀٽائي! مون به پوري ديڳ چاڙهي آهي ۽ ان جو ڍَڪُ به آنءُ ٿو لاهي وڃان!

* ”تمر! وڃ، وڃ!“ ڀٽائي چيو ”تولاءِ سارو جهان پيو آهي. مون کي ڀٽ تي ڇڏي ڏي! پر ڇا تون ڄاڻين ٿو ته هيءَ ڀٽ ساري جهان کان وڏي آهي؟ تون ان تي ساري عمر هلندين ته به ان جي توڙ تي پهچي نه سگهندين.“

* گوئٽي! جوانيءَ ۾ انسان ايتريون حماقتون ٿو ڪري جو جيڪڏهن آنءُ تُنهنجي جاءِ تي هجان ها ته جواني ڪڏهن به موٽائي نه گهُران ها!

* سنڌ جون لوڪ ڪهاڻيون امرتا جا ڪيئي روپ ته آهن.

* منهنجي شاعري شفق کي گانءِ وانگر ڏُڌو آهي ۽ هاڻي سڀ بالٽيون ڀرجي چُڪيون آهن ۽ رات لهي رهي آهي.

* هل ته هن جي جنازي نماز لاءِ هلون. هي حافظ وانگر غرق گناهه ته هو پر ڪوئي بهشت جو دروازو پٽي هُن جوا نتظار ڪري رهيو آهي.

 * ڀٽائيءَ چيو: ”وڳنڌ! توکي معلوم آهي ته جڏهن کان تنهنجا ڀوڳ بند ٿيا آهن، تو ٺڪاوَ ڏيڻ شروع ڪيا آهن!“

* علامه اقبال! نمرود جي آگ اڃا وساڻي نه آهي. اچ ته ان ۾ بي خطر ٽپي پئون!

* بُلهي شاهه! ڇا تاريخ ۾ ڪوئي اهڙو دؤر آيو آهي، جڏهن ڪتا ڍونڍ جا طالب نه ٿيا آهن؟

* ”تَمر اُٿ! اڃا سُتو پيو آهين!“ ڀٽائيءَ چيو، ”اڄ قيامت جو ٻيو ڏينهن آهي.“

* هو چَر به چَرچو ڪري رهيو آهي!

* فقط چرچي ڪرڻ سان ۽ پرچي ڪڍڻ سان نه ڪوئي صاحبِ مزاج ٿيندو آهي ۽ نه صحافي ٿيندو آهي.

* سقطيءَ کان ڪنهن پڇيو ”ڇا هڪ مريد جو رُتبو پنهنجي روحاني مرشد کان بلند ٿي سگهي ٿو؟“ هُن چيو: ”ها، ان جو واضح ثبوت حضرت جُنيد جو مرتبو آهي، جو مون کان بلند آهي.“

  منهنجي شاعريءَ تي تبصرو ڪرڻ وارا ڪڏهن ان ڳالهه تي ضرور سوچجانءِ!

* ادب سان پَٽ تي ويهه! تو کي معلوم آهي ته تُنهنجي سامهون ايڪويهينءَ صديءَ جو عظيم ترين شاعر بيٺو آهي.

* ”اڙي! مان انت ڇا آهيان؟ قبر ۾ ڪجهه هڏا؟ آخر منهنجي شناخت ڪهڙي آهي؟“

  ”اوهان جي قبر تي پٿر جو ڪُتبو هوندو ته هتي شيخ اياز آرامي آهي.“

  ”پر جيڪڏهن ڪوئي ستم ظريف اُهو ڪتبو لاهي ڪنهن گمنام ماڻهوءَ جي قبر تي هڻي ڇڏي ۽ منهنجو نام و نشان نه رهي ته پوءِ؟“

* ”سچل سرمست! هو تنهنجي شاعريءَ کي موڙي ٽوڙي رهيا آهن، ڇا تون انهن کي موڙي ٽوڙي نه ٿو سگهين!“

* وان گوگ! جنهن وقت مون سورج مُکيءَ جي کيت تي سج لهندو ڏٺو آهي، ان وقت مون کي ڪائي سارَ ايندي آهي، هوا جي جهونڪي وانگر  مون کي ڀونچ سمنڊ جي ڪنهن ٻيٽ تي کڻي ويندي آهي.

* آرٽ ئي اها شيءِ آهي، جنهن مان ڍَوءُ نه ٿيندو آهي.

* ڪويتا لاءِ اُڃ مون کي جنم جنم جي چڪر ۾ آڻيندي! ڇا اهڙو کوهه آهي جيڪو اها اُڃ ٻجهائي سگهي؟

* رباني مون کي چوندو هو ته جي تُنهنجو فلاڻو دوست آهي ۽ تون اڃا مُئون نه آهين ته تون امر آهين!

* تو دوستو وسڪي جي ناول آسيب زدي (possessed) ۾ هڪ ماديت پرست جو ڪردار پڙهيو آهي، جو چُرچَ ڏئي عوام کي اڀاري مشتعل ڪري سينٽ پيٽر سبرگ کي باهه ڏياري پاڻ ريل ۾ چڙهي کلندو هليو وڃي ٿو؟

  ها! مون اهڙو ڪردار ڏٺو آهي، جنهن ذري گهٽ چاهيو ته مان دوستو وسڪيءَ جي ڪردار ڪولوف وانگر آپگهات ڪيان. جي مون کي آرٽ نه بچائي ها ته هُن جي سياست مون کي نهوڙي نئي ها.

* ڪتا فقير جي ڪڍ ڀؤڪندا ٿا وتن. فقير کي لٺ به ڪونه آهي، رڳو رمندو ٿو رهي.

*  سنڌ! منهنجي شاعري تُنهنجي چوڌاري ديوار چين اڏي ٿي وڃي جا ڪوئي حمله آور ٽپي نه سگهندو.

* ڪبير مون کي چيو: ”منهنجي شاعري ڪيتري ٿوري آهي، تو ڪيڏو گهڻو لکيو آهي!“ مون هن کي جواب ڏنو: ”ڪبير! تون ته هنس وانگر آهين، مان پوري مانِسروُوَرِ آهيان.“

* ”آءُ هماليه پهاڙ جي چوٽيءَ پَهچون!“

  ”ڇا، شيخ اياز تي تحقيق جو شوق ٿيو اٿيئي؟“

* ڇا هي گنگا جو گهاٽ نه آهي؟ هي منهنجو شعر جنهن ۾ ڪيئي صديون سمايل آهن.

* مان گهيرٽ کائي رهيو آهيان ۽ منهنجو قلم لکي رهيو آهي. خاموشي! تنهنجي وجود ۾ ڪير آهي جو منهنجي هٿ کي هلائي رهيو آهي؟

* مان موهن جي دڙي جو جڙوُئو آهيان ۽ تولاءِ شاعريءَ جي هار ۾ موتي جَڙي رهيو آهيان. ڇا توکي ڄاڻ آهي ته تنهنجي ڌرتيءَ جي وڏي ۾ وڏي ميراث منهنجا لُڙڪ آهن.

* ڪنهن وقت ڪاغذ تي اڌ سٽ لکيل هوندي ۽ قلم منهنجي هٿ مان ڪري پوندو ۽ مان هيٺ ائين ڪري پوندس جيئن مور رقص ڪندي مرندو آهي ته بادلن جي اکين مان ڳوڙها وهي ويندا آهن. اها اڌ سٽ ڪهڙي هوندي؟

  شايد:

  ”انسان مَرِي ڪيڏانهن.........

* ڇا هو مري ويو؟ نه يار، هو مري نه ٿو سگهي، هو ته ڪيترو وقت اڳي امر ٿي چُڪو هو.

 


 

*

اي سنڌ!

جيڪڏهن

تو وٽ

وري ڪَوي پيدا نه ٿئي

ته مان

تولاءِ ڪافي آهيان،

نه رڳو تولاءِ

پر ننڍي کنڊ لاءِ

ڪافي آهيان.

جيڪڏهن

توکي ويساهه نه اچي

ته ڪاليداس کان ٽئگور تائين

ڪنهن کان به

پُڇي ڏس!


 

*

هن پڇيو، ”اڄ ڪالهه ڇا تي ٿو سوچين؟“

مون جواب ڏنو، ”انهيءَ ڳالهه تي سوچان ٿو جنهن تي منهنجيءَ عمر ۾ سوچڻ گهرجي.

”سوچان ٿو ته ڪڪرن کان اڳتي به ڪائي دنيا آهي؟

”هي بادلن برج ڇو بڻايا آهن؟

”سوچان ٿو ته مون واريءَ مان ڪيترا گهروندا ٺاهي ڊاهي ڇڏيا ۽ وقت جي طوفان انهن جي ريت جو ڪڻو ڪڻو اڏائي ڇڏيو آهي!

”سوچان ٿو ته منهنجا گيت به هوا ۾ پکڙجي ويندا ڇا؟

”سوچان ٿو منهنجي ٻوليءَ ڪيڏا نه قلعا اڏيا آهن؟ في الحال ته انهن کي ڪوئي مٽائي نه ٿو سگهي، نه انهن جي ديوار ٽپي ٿو سگهي نه انهن جا مضبوط دروازا ٽوڙي ٿو سگهي. پر ڇا آخر ۾ اهي به آثار قديمه ٿي ويندا؟

”ڪهڙو قلعو آهي جنهن تي آثار قديمه وارن قبضو نه ڪيو آهي؟

”ڪهڙو قلعو آهي، جنهن جون ڀتيون ڀُري نه ويون آهن، جنهن جا ڪنگرا ڪِري نه پيا آهن، جنهن جون منقش ديوارون ڦِٽي نه ويون آهن ۽ انهن تي ڪائي تصوير چٽي نه آهي.

”ها پر قلعا فقط سِرن جا نه آهن سُرن جا به آهن، انهن جي گچ ۾ ڳيچ آهن، اُنهن جي تعمير اُنهن ٻولن مان ٿي آهي، جن کي صدين جي گَلن ٺاهيو آهي ۽ جي فولاد کان وڌيڪ مضبوط آهن.

”سوچان ٿو ته ڪهڙي ثابتي آهي ته اهي قلعا مون اڏايا هئا، جن جون ديوارون چنڊ کي ڇهن ٿيون ۽ جي چڪور اڃا تائين ٽپي نه سگهيا آهن.

”سوچان ٿو انهن جي ثابتي هي پٿر جو ڪتبو ئي ته آهي جنهن تي منهنجي نالي جي اُڪرَ ٿي رهي آهي؟

”ڇا منهنجا هَڏا منهنجي نالي کي ڳولي سگهندا؟

” سوچان ٿو ته ڪاليداس کان ڪبير تائين رڳو نالا ئي ته وڃي رهيا آهن.

”سوچان ٿو ته نالن ۾ ڇا هي؟ نالن ۾ ڇا هي؟

ڇا هي..............“

 


 

*

اي دنيا

تنهنجا ڳوڙها

مون لاءِ ڪهڙي معنيٰ ٿا رکن؟

تون

منهنجي موت تي

روئيندينءَ به ته ڇا ٿيندو؟

چنڊ

توکي ميار نه ڏيندو،

دراصل ميار جي قابل به نه سمجهندو،

۽ بادلن ۾ ڇُپي ويندو،

سِجُ

تو ڏانهن تيز اکين سان گهوري،

ڪنهن بڙ جي پنن پٺيان ڇپي ويندو.

رڳو رابيل جي ڳلن تي ماڪ

توکي ميار ڏئي

پنهنجي راهه رمندي رهندي،

۽ رابيل جا گُل ڦُٽي

منهجي شاعريءَ جي سڳنڌ کي

جهَٽي وٺندا،

۽ رات جا ڪارا وار

توتي افسوس ڪندا

ته تو

اهڙيءَ سڳنڌ جو

هُن جي جيئري

قدر ڇو نه ڪيو!


 

*

متان منهنجي موت کانپوءِ روئين!

مان ته

هي سارو سنسار ٿي چُڪو آهيان.

ڏسُ ستارن جي جاڳ ۾

مان جاڳان ٿو،

۽ چَنڊُ جڏهن

کيرٿر جي لَڪن تي اُڀري ٿو

ته مان به

هن سان پَنڌ ۾ گڏ آهيان.

تون مون کي گل مهر جي ڳلن ۾

ڇهي سگهين ٿي،

۽ صنوبر جي وارن ۾

سينڌ ڪڍندينءَ ته اُنهن ۾

توکي ٻڦو نظر نه ايندو

جيئن منهنجي ڪارن وارَن ۾ نه آهي،

۽ تون جڏهن ننڊ ڪندينءَ

ته توکي ائين لڳندو

ته تو منهنجن وارن ۾

مُنهن ڇپايو آهي

وارَ جي

ڪڏهن به اَڇا نه ٿيڻا آهن

۽ جن مان

گهنگهور گهٽائن جي

ڪيفيت نه وڃڻي آهي!

 


 

*

ڳولِ

مون کي هن املتاس جي ڇُڳن ۾ ڳول!

شايد

انهن ۾

منهنجي شاعري لڙڪي رهي آهي؟

هن گل مهر ۾ ڳولِ!

متان ان جي گلن ۾

منهنجي شاعريءَ جو رنگ روپ ملي وَڃيئي!

هن سِرنهن جي ٽڙيل وڻ

جي خوشبو ۾ ڳولِ!

جنهن جي رستي تي

منهنجي شاعري ٽهلندِي آهي!

پو به جي مان

توکي نه ملان

ته هُن سانوڻ جي

وسندڙ ڪَڪَر ۾ ڳول!

متان

ان ۾

توکي

منهنجا ڪجهه لُڙڪ ڦُڙا ملي وڃن،

جي مون ڪنهن جي جدائيءَ ۾ ڳاڙيا آهن

۽ جي

منهنجي شاعريءَ ۾

ائين جذب ٿي چڪا آهن،

جيئن ٿر جي واري

مينهن چُهي ويندي آهي.

 

(پورو ٿيو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org