سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ 2019ع

باب:

صفحو:5 

سيد ارشاد علي شاهه

 

 

وقت (Time)

قرآن شريف جي سورة قمر آيت نمبر 3 ۾ چيل آهي:

ترجمو: ۽ هر ڪم لاءِ وقت مقرر آهي.

حضور پُرنور عليھ الصلواة سلام جن جي حديث آهي:

ترجمو: سڀ ڪم پنهنجي وقت جو محتاج آهي.

ان کان علاوه قرآن شريف جي سورة رحمٰن ۾ فرمان آهي:

ترجمو: هر ڏينهن جو پنهنجو شان آهي.

انگريزي ۾ چوڻي آهي: There is a time for ever purpose under the heaven هيءَ حقيقت آهي ته قدرت هر ڪم لاءِ خاص وقت مقرر ڪيو آهي ۽ انسان جي زندگيءَ جا سڀ ڪم خوش بختي ۽ بدبختيءَ تي منعصر آهن  ۽ انسان کي اهي ڪم انجام ڏيڻا پون ٿا. کڻي اهي ڪهڙي به وقت ۾ هجن.

مٿئين ڏنل حديث پاڪ جي مطابق ته ڪاميابيءَ لاءِ وقت جي چونڊ ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اوهين وقت جي چونڊ جو علم رکو ٿا ته پوءِ ڪاميابيءَ جو امڪان وڌي ٿو. جيئن ته وقت جي سعادت ۽ نحوست هر لمحي جاري آهي ۽ ان جا اثر به جاري آهن، تنهنڪري اسان کي وقت جي طاقت ڄاڻڻ لاءِ ان جي علم تي توجهه ڪرڻو پوندو ۽ وقت جي اهميت تي غور ڪرڻو پوندو.

دنيا جي هر ڪم لاءِ جدا جدا وقت مقرر ٿيل آهن. جدا جدا وقتن ۾ جدا جدا موسمون اچن ٿيون. جدا جدا وقتن ۾ جدا جدا فصل ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن هڪ موسم وارا فصل ٻي موسم ۾ پوکبا ته يا ته بلڪل نه ٿيندا ۽ جيڪڏهن ٿيا به ته اهي بي سوادا ٿيندا. اهڙيءَ طرح هر شيءِ جو وقت مقرر ٿيل آهي. مٿئين بيان ڪيل حديث ۾ واضح چيل آهي ته، هر ڪم پنهنجي وقت جو محتاج آهي. جيڪڏهن اهو ڪم ان جي مقرر ڪيل وقت ۾ ڪيو ويندو ته اهو جلدي ۽ اثر وارو ٿيندو. سنڌي ۾ عام چوڻي آهي ته ”لعنت ان جي بخت تي، جيڪو نه ڏسي وقت کي“ سو وقت اهم نقطو آهي.

وقت هر ڪم ۾ رهنمائي ڪري ٿو ۽ ان جي نتيجن کان آگاهه ڪري ٿو. وقت نماز، سج لهڻ ۽ اُڀرڻ، نصف اظهار روزن جي افطاري ۽ سحري جي ڄاڻ ڏئي ٿو. وقت طبيبن ۽ ڊاڪٽرن کي ڏکين ۽ پيچيده مرضن کي ڄاڻڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. وقت هر ماڻهوءَ کي ان جي مقام، مرتبي ۽ ڪم جو اطلاع ڏئي ٿو. وقت شراڪت، دوستي، محبت، موافق ۽ غيرموافق ماڻهن جي متعلق آگاهي ڏئي ٿو.

نجم جي ماهرن به جدا جدا ڪمن لاءِ جدا جدا وقت مقرر ڪيا آهن، جن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ڪم ۾ مشغولي کي ترتيب ڏيو ته ماڻهو فائدي ۾ ويندو ۽ نقصان کان بچي سگهندو.

پهرين جولاءِ 2019ع

اڄ سومر جو ڏينهن آهي ۽ چنڊ برج جو زاجي سامهون ۽ منزل ذراع مان گذري رهيو آهي. سومر جو ڏينهن سفيد شين جو خريدڻ فائدي مند ٿيندو آهي، سومر جي ڏينهن جانورن جي خريد فروخت لاءِ بهتر آهي، پر گڏهه جي خريداري نه ڪجي ان ۾ نقصان جو انديشو آهي.

سومر جي ڏينهن نئون ڪپڙو سبائڻ، ننهن ڪٽڻ ۽ سير ڇوڙائڻ لاءِ سٺو آهي.

اڄ چنڊ برج جوزا ۾ سڀاڻي صبح جو 6:23 منٽن تائين رهندو. چنڊ، برج جوزا مان لنگهڻ مهل هٿن، آڱرين، ٻانهن، ڦڦڙن ۽ ڪلهن جي نسن سان ڇيڙڇاڙ يا آپريشن نه ڪرائجي نه ته نقصان ٿيندو. جڏهن چنڊ برج جوزا سامهون گذر ڪندو آهي ته ماڻهو پنهنجي پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو آهي ۽ آزاد موڊ ۾ هوندو آهي. ماڻهو جي دل چاهيندي ته ڪجهه لکان، مصوري، شاعري ڪيان يعني فنون لطيفه جو رجحان حاوي هوندو آهي. ماڻهو چاهيندو آهي ته رکيل يا رهيل ڪم پورو ڪيان، ماڻهوءَ جو سير تفريح ڏي به موڊ هوندو آهي.

ياد رکو ان وقت ۾ ڪنهن به ڪم ۾ تڪڙ نه ڪيو ۽ بنا سوچ ويچار جي ڪوبه واعدو نه ڪيو. پر اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪرڻ، زيور خريد ڪرڻ، ڪو نئون وظيفو پڙهڻ، نوڪر رکڻ ۽ شڪار لاءِ هي وقت سٺو آهي.

پر ڪنهن عهدي جي شروعات ڪرڻ، ڪو ڳجهو ڪم ڪرڻ، علم موسيقي حاصل ڪرڻ، ڪا نئين جڳهه ٺهرائڻ، هٿيار خريد ڪرڻ ۽ واپار جي شروعات ڪرڻ ۾ نقصان جو انديشو آهي.

برج جوزا خشڪ برج آهي انڪري چنڊ جو ان مان گذر وقت ڪوبه ٻج زمين ۾ نه پوکيو. سلو يا ڄمندو ڪونه، پر ڄميو ته سٺو نه ڄمندو، البته فصلن تي جيت مار ڦوهارو ڪرڻ يا دوا ڇٽڻ لاءِ بهترين وقت آهي.

اڄ چنڊ منزل ذراع مان گذري رهيو آهي، هن منزل مان چنڊ جي گذر وقت ڪائنات تي روحانيت نازل ٿيندي آهي، دوستي کي بهتر بنائڻ لاءِ عمليات ڪري سگهجن ٿا. اڄ جيڪو ٻار ڄمندو اهو خوش بخت، محبتي، مستقل مزاج، عالم، داناءُ ۽ بخت وارو هوندو، هو اڇي رنگ کي پسند ڪندو، هن جو بخت اٺاويهه سالن کان پوءِ چمڪندو.

2 جولاءِ 2019ع، ڏينهن اڱارو 28 شوال 1440هه سانوڻ 2076ب اسد 1941ش

اڱاري جي ڏينهن نئون کاڌو ٺاهڻ، مڪان جي تبديلي ۽ سفر ڪرڻ لاءِ ٺيڪ آهي، اڱاري جي ڏينهن لوهه جو سامان خريدڻ ۾ فائدو ٿيندو، اڱاري جي ڏينهن سواءِ ماهيو مال جي ٻيا جانور خريد ڪري سگهجن ٿا. اڱاري جي ڏينهن واٽر ڪورس يا نهر نه کوٽجي ۽ ٻني ۾ ٻج نه وجهجي جو ڪيڙن جي کائي وڃڻ جو انديشو آهي. اڱاري جي ڏينهن ڪنهن به هڪ شيءِ کي ٻي شيءِ ۾ نه ملائجي، اڱاري جي ڏينهن حاڪمن يا آفيسر سان نه ملجي ڪنهن سان به جهيڙو نه ڪجي، خاص ڪري گهر وارن سان نه ته وڏي نقصان جو انديشو آهي، اڱاري جي ڏينهن پنهنجي ترقي لاءِ وظيفو نه پڙهجي نه ته عامل لاءِ تنگي ٿيندي.

اڱاري جي ڏينهن مريخ جي ساعت جا سج اُڀرڻ کان هڪ ڪلاڪ تائين ٿئي ٿي ان وقت ڪوبه نئون دوست نه ٺاهجي، اڱاري جي ڏينهن واهن ۽ ندي ۽ نهرن جي ڪناري هوشياري سان هلجي. ڪرڻ جو انديشو هوندو آهي. اڱاري جي ڏينهن لوهه نرم هوندو آهي. اڱاري جي ڏينهن ڪوشش ڪري رت نه ڏيڻ گهرجي.

چنڊ تاريخ 2 جولاءِ 6:23 منٽن کان 4 جولاءِ صبح 8:16 تائين برج سرطان مان گذر ڪندو، چنڊ جو برج سرطان مان گذر وقت معدي، پيٽ ۽ جيري سان ڇيڙڇاڙ يا آپريشن نه ڪرائڻ گهرجي، جو نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي.

برج سرطان مان چنڊ جي گذر ڪرڻ وقت ماڻهن تي غير يقيني ۽ غير محفوظ هئڻ جي ڪيفيت حاوي رهندي آهي، خيال اڀرندا ۽ لهندا رهندا آهن ته گهر کي ڪيئن سجائجي ۽ محبت ڪرڻ  وارن کي ڪيئن خوش رکجي. ماڻهو محبت ڪرڻ وارن جا پراڻا خط ۽ لکت ڏسي خوش ٿيندو آهي، محبتي ماڻهن، قريبن ۽ ڪٽنب جو خيال ذهن ۾ ڦرندو رهندو آهي، ان وقت ڪوشش ڪري اڪيلو رهڻ کان پاسو ڪجي ۽ دوستن يا دل وارن سان فون تي رابطو رکجي. شاعرن، موسيقارن ۽ فنون لطيفه وارن جو ڌيان پنهنجي فن طرف راغب رهندو.

چنڊ جو برج سرطان جي سامهون گذرڻ وقت، نيڪ ڪم ڪجن، اعليٰ عهديدارن سان ملاقات ڪرڻ، زيور خريد ڪرڻ، ٻنيءَ ۾  ٻج ڇٽڻ، باغ لڳائڻ، جانورن جي خريداري ڪرڻ ۽ علاج ڪرائڻ ۾ فائدو ٿيندو. اهو وقت ٻنيءَ مان گُڏ ڪڍڻ، ڇانگ ڪرڻ ۽ گلن لڳائڻ لاءِ سٺو وقت آهي.

ياد رکو چنڊ جڏهن برج سرطان سامهون لنگهي ته ان وقت مباشرات ڪرڻ، نڪاح ڪرڻ، خوشي جي محفل ڪرڻ، قرض وٺڻ لاءِ هي سٺو وقت ناهي.

اڄ چنڊ منزل نشره مان گذري ٿو، جتي چنڊ صبح 6:23 منٽ تي آيو آهي ۽ سڀاڻي صبح جو 3:59 منٽن تائين رهندو، هي وقت تعليم، سفر لاءِ سٺو آهي، حڪيمن جي لاءِ دوا ٺاهڻ لاءِ تمام سٺو وقت آهي. هن منزل مان چنڊ جي گذرڻ وقت ڄمندڙ ٻار ذهين، نيڪ دل ۽ ٻين جي مدد ڪندڙ ۽ خدا ترس هوندو، هن جي قسمت 35 سالن کان پوءِ چمڪندي.

اربع 3 جولاءِ 2019ع، 29 شوال 1440هه 19 سانوڻ 226ب

اڄ اربع جو ڏينهن آهي، جنهن جي پهرين ساعت عطارد آهي، هن ساعت ۾ هر قسم جي دوا استعمال ڪرڻ ۾ فائدو ٿيندو، هن ساعت ۾ ٻن ناراض دلين کي ٺاهڻ لاءِ وظيفو پڙهڻ فائدو ڏيندو، اربع جو ڏينهن ادبي ڪم، شعر و شاعري، ٻارن جي اسڪول ۾ داخلا ۽ نشريات ۽ اشاعت لاءِ سٺو ڏينهن آهي، پر جي ستارو عطارد رجعت ۾ نه هجي.

اڄ به چنڊ برج سرطان ۾ آهي ۽ سرطان برج وارا ڪالهوڪا ڏيکاريل احڪام لاڳو رهندا.

اڄ چنڊ منزل طرفه ۾ 3:59 صبح داخل ٿيو آهي ۽ ان منزل ۾ رات جو 1:16 منٽن تائين رهندو. منزل طرفه نحوست واري منزل آهي ۽ ان وقت ۾ ماڻهن جا موڊ بگڙيل نظر ايندا آهن. تنهنڪري آفيسرن ۽ اميرن سان ملاقات نه ڪرڻ گهرجي نه ته ڪم ۾ بگيڙو پوندو. نه ئي ڪو نئون ڪم شروع ڪجي، پر مباشرات لاءِ سٺو وقت آهي ۽ ٻج کي پوکبو ته سٺو ڄمندو. هن منزل مان چنڊ جي موجودگي مهل ڄمندڙ ٻار نيڪ بزرگن ۽ نيڪن سان محبت رکندڙ هوندو آهي. هو ٻين جو فائدو  ڀلائي ڏسي خوش ٿيندو آهي، پر نشي جي طرف رغبت رکندڙ ۽ عزيزن سان ناچاقي رکندڙ هوندو. هن جي قسمت ٽيهن سالن بعد چمڪندي.

خميس 4 جولاءِ 2019ع 30 شوال 144هه سانوڻ 20-2076

اڄ خميس جو ڏينهن آهي جنهن جو حڪمران سيارو مشتري آهي. ڪتاب ”تحفة العوام“ مطابق خميس جو ڏينهن سڀني ڪمن لاءِ مبارڪ آهي. سواءِ انهي وقت جڏهن ان ڏينهن چنڊ برج عقرب مان لنگهندو هجي، خميس جي ڏينهن ننڍي قد وارا جانور خريدڻ بهتر آهي، پر وڏا جانور هن ڏينهن خريد نه ڪجن. هن ڏينهن گهر جو  قبضو ڇڏڻ ۽ وٺڻ بهتر آهي.

اڄ چنڊ برج اسد ۾ صبح جو 8:19 تي داخل ٿي تاريخ 6 جولاءِ صبح جو 9:29 تائين رهندو. ان عرصي دوران دل ۽ تريءَ جو آپريشن يا ڇيڙڇاڙ ان پاسو ڪرڻ گهرجي نه ته نقصان جو انديشو آهي. چنڊ جڏهن برج اسد سامهون گذرندو آهي ته ماڻهو جي دل خرچ ڪرڻ طرف مائل هوندي آهي ۽ سير و تفريح ۽ شاپنگ ڪرڻ چاهيندو آهي. ان عرصي ۾ گهر جا ڀاتي ۽ ٻار پڪنڪ لاءِ زور ڀريندا، ماڻهو پنهنجي پاڻ ۾ جرئت ۽ قوت جي ڪيفيت محسوس ڪندا، هن عرصي دوران پنهنجي ترقي لاءِ ڪوشش ڪجي ته ڪاميابي ٿيندي، اڄ حقيقي محقق کي نيون ڳالهيون هٿ اينديون ڪيس جي جاچ ۾ به ڪاميابي ٿيندي، ياد رکو هن عرصي دوران خوشامدڙن کان هوشيار رهجو.

چنڊ جو برج اسد مان گذرڻ دوران برف تي نه ترڪڻ گهرجي ۽ گهڻو وقت هڪ پوزيشن ۾ نه ويهڻ گهرجي، باهه جي زخم يا ريڙهه جي هڏي جو ٿِڙڻ ان وقت سٺو ناهي، ڇاڪاڻ جو آرام نه ٿيندو ۽ گهڻي تڪليف ايندي. هن عرصي دوران هڏن يا سنڌن جي آپريشن به نه ڪرائڻ گهرجي.

قمر جڏهن برج اسد مان گذري ته ان وقت ڪنهن شيءِ لاءِ سوال ڪرڻ، پڳ ٻڌڻ، ڪو مخفي ڪم ڪرڻ، اعليٰ عهديدارن سان ملڻ، محبت ڪرڻ، نڪاح ڪرڻ، ٻار جي ٿڃ ڇڏائڻ، خوشيءَ جون مجلسون ڪرڻ، زيور خريد ڪرڻ، وظيفو پڙهڻ، ڪنهن آفيس جي چارج وٺڻ، علم موسيقي حاصل ڪرڻ، ڪنهن خاص مقصد لاءِ ڪوشش ڪرڻ، فصل ۾ لابارو وجهڻ، علاج ڪرائڻ، واعدا وچن نڀائڻ لاءِ بهترين وقت آهي.

برج اسد بنجر ۽ زمين ۾ سختي پيدا ڪندڙ آهي. انڪري چنڊ جو ان مان گذرڻ دوران زمين ۾ ڪوبه ٻج ڇٽڻ يا ڪو وڻ لڳائڻ يا باغ پوکڻ نه گهرجي نتيجو سٺو نه ايندو، البته اهو عرصو جيتن مارڻ لاءِ ڦوهارو ڪرڻ لاءِ سٺو آهي. پٽاٽن، گجرن ۽ کاڄن جي ڪڍڻ لاءِ سٺو وقت آهي. پر ٻيڙي ۾ سفر ڪرڻ، نئون سفر شروع ڪرڻ، ضمانت ڏيڻ، ٻار جي سنت (طهر) ڪرائڻ ۽ خصوصي دعا گهرائڻ لاءِ هي نحس وقت آهي.

اڄ چنڊ منزل جبه مان گذرندو، منزل جبه مان گذرڻ وقت عالم ۾ متوسط درجي جي خير ۽ نشر واري روحاني روشني نازل ٿيندي آهي، ان منزل ۾ چنڊ جي موجودگيءَ ۾ ڄمندڙ ٻار آسودو، دولتمند، پنهنجي ساٿي سان وفادار، ماءُ پيءُ جي عزت ڪندڙ ۽ ٻين کي سک ڏيندڙ هوندو. هن جي واپار ۾ ڪاميابي ٿيندي ۽ هن جي قسمت پنجويهن سالن بعد چمڪندي.

جمع 5 جولاءِ 2019ع 1 ذوالقعد 1440هه ۽ 21 سانوڻ 2076ب

اڄوڪو سڀاڳو ڏينهن جمعي جو آهي، جمعي جو ڏينهن نڪاح يا شادي ڪرڻ، دوستي ڪرڻ، ٻارن کي ڪنهن اسڪول يا درسگاهه ۾ داخلا لاءِ بهترين آهي. غسل ڪرڻ سنت موڪده آهي. پر جمعي جي ڏينهن عورتن سان واپار ڪرڻ ۾ فائدو نه ٿيندو. جمعي جو ڏينهن رڍن ۽ ٻڪرين خريدڻ لاءِ ڪرڻ فائدي وارو نه آهي.

اڄ سڄو ڏينهن چنڊ برج اسد ۾ رهندو. تنهنڪري برج اسد جا ڪالهه تاريخ 4 جولاءِ وارا احڪام ساڳيا قائم رهندا.

اڄ چنڊ رات 12:00 بجي کان شام 7:23 تائين منزل زهره مان گذرندو، جڏهن 7:23 کان پوءِ سڀاڻي 6 جولاءِ 5:23 شام تائين منزل طرفه ۾ رهندو. منزل زهره ۾ چنڊ جي موجودگي وقت ڄمندڙ ٻار خوش مزاج، عزتدار ۽ هوشيار هوندا، البته متڪبر هوندا. اهي ٻار دشمن تي حاوي رهندڙ، خوش خلق، سواري ۽ سفر جا شوقين، حڪومت ۾ اثر رسوخ رکندڙ ۽ راڄ ڀاڳ ۾ عزت ماڻيندڙ هوندا ۽ هنن جي قسمت 28 سالن کان بعد چمڪندي.

ڇنڇر 6 جولاءِ 2019ع 2 ذوالقعد 1440هه ۽ سانوڻ 21 2076ب

اڄ ڇنڇر جو ڏينهن آهي. ڇنڇر جي ڏينهن زحل جي سائت ۾ ڪنهن به عورت سان جهيڙو نه ڪجي، چور بدمعاش جو پيڇو نه ڪجي، نه ته نقصان پهچندو، ٻيڙين ۽ ملاحن متعلق ڪوبه ڪم نه ڪجي، ڇنڇر جي ڏينهن ڪنهن عورت کان ورتل واعدي يا وچن تي اعتبار نه ڪجي، پٿر کي ٽوڙڻ لاءِ ڇنڇر جو ڏينهن سٺو وقت آهي، زحل ساعتن ۾ هڪ شيءِ کي ٻي شيءِ سان نه بدلايو. ڪابه نئين شيءِ نه ٺاهيو ورنه تنگي ۽ سختي پيش ايندي. ڇنڇر جي ڏينهن جو حاڪم سيارو زحل آهي، زحل جي ساعت ۾ ڪوبه گهر نه ٺهرايو نه ته عمارت جي تعمير مڪمل نه ٿي سگهندي يا مالڪ جو موت ٿي سگهي ٿو. ياد رکو ڇنڇر جي ڏينهن اُٺ نه خريد ڪجي، ڇنڇر جي ڏينهن ننهن ڪٽڻ لاءِ سٺو وقت آهي ۽ جيڪو ماڻهو ڇنڇر جي ڏينهن ننهن ڪٽڻ جي عادت وجهندو ته ان کي ڏندن ۽ اکين جو سور ڪڏهن نه ٿيندو. سفر لاءِ ڇنڇر جو ڏينهن نيڪ آهي. ڇنڇر جي ڏينهن جيڪڏهن ڪو پٿر پنهنجي جاءِ تان ٿڙي وڃي ته خدا ان کي وري ساڳي جاءِ تي آڻيندو.

اڄ چنڊ برج اسد کي ڇڏي برج سنبله ۾ 9:25 منٽن تي ڏينهن جو داخل ٿيندو ۽ اُتي تاريخ 8 جولاءِ 11:06 تائين رهندو. چنڊ جو برج سنبله مان گذرڻ وقت ماڻهو پنهنجي پاڻ کي مصروف محسوس ڪندو ۽ حقيقي ڪم ڪرڻ ڏي راغب رهندو ۽ چاهيندو ته پنهنجي رهيل ڪم مڪمل ڪري ۽ ذميوارين سان نڀائي. ماڻهو پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ ۾ سرگرم رهندو. ماڻهو جو موڊ تنقيدي هوندو ۽ هروڀرو ٻين جي معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ جي ڪوشش ڪندو. جيڪا ڳالهه ٻين کي بري محسوس ٿي سگهي ٿي. ماڻهن جون همدرديون مسڪينن طرف مائل رهنديون ۽ ٻين لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۾ پرجوش رهندو، ياد رهي هن وقت ۾ هر ماڻهو اوهان جي صلاح يا مدد وٺڻ نه چاهيندو. انڪري موقعو ڏسي ڳالهه ڪجي. چنڊ جي برج سنبله جي سامهون لنگهڻ مهل جلاب نه وٺجي نه سخت ميوو يا سوپاري کائجي، ڇاڪاڻ ته ننڍڙو ٽڪڙو نڙي ۾ ڦاسي ۽ تڪليف ڏئي سگهي ٿو. تنهنڪري ٻارن جو خاص خيال رکجي. ان عرصي دوران آنڊن جي آپريشن کان ٽارو ڪجي ورنه نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي.

چنڊ جي برج سنبله مان گذرڻ وقت ڪنهن نيڪ ڪم جي شروعات ڪرڻ، بزرگن جي زيارت ڪرڻ، ڪنهن کي پڳ ٻڌائڻ، ٻار جي ٿڃ ڇڏائڻ، طهر ڪرائڻ، ڪنهن درسگاهه ۾ داخلا وٺڻ، زيور خريد ڪرڻ، ڪنهن نئين عهدي جي چارج وٺڻ، قرض وٺڻ، ضمانت ڏيڻ لاءِ بهترين وقت آهي.

برج سنبله خشڪ ۽ بنجر برج آهي، انڪري چنڊ جو ان برج جي سامهون گذرڻ وقت ڪابه پوک نه پوکجي ۽ نه ڪي ڪو وڻ لڳائجي، پر اهو وقت جيتن ۽ ڪيڙن کي ناس ڪرڻ لاءِ ڦوهارو ڪرڻ لاءِ بهترين وقت آهي.

اهو عرصو علم، موسيقي حاصل ڪرڻ، قرض ڏيڻ، جائداد ۽ هٿيار خريد ڪرڻ، سنوارت ڪرائڻ، فصل ۾ لابارو وجهڻ، علاج ڪرائڻ، شڪار ڪرڻ ۽ جهاز يا ٻيڙي ۾ سفر ڪرڻ نقصانڪار آهي.

اڄ چنڊ شام 7:27 منٽن تائين منزل صرفه مان گذر ڪندو، چنڊ جڏهن منزل صرفه ۾ اچي ٿو ته وچولي روحانيت پيدا ڪري ٿو، هن عرصي دوران ڄمندڙ ٻار دولتمند، عياش، هٿيارن جو شوقين، بهادر، طاقتور، راندين جو شوقين ۽ صاف سڌو ڳالهائڻ وارو هوندو. هن جي قسمت 28 کان 31 ورهين جي وچ ۾ چمڪندي.

آچر 7 جولاءِ 2019ع 3 ذوالقعد 1440هه ۽ سانوڻ 23 2076ب

اڄ آچر جو ڏينهن آهي جنهن جو حڪمران سيارو شمس يعني سج آهي. عالمن جو چوڻ آهي ته آچر جي ڏينهن جي پهرين ساعت ۾ عمارت يا گهر جو بنياد رکڻ افضل آهي. آچر جي ڏينهن شمس جي ساعت ۾ معززين ۽ اعليٰ عهديدارن سان ملڻ ۾ عزت وڌي ٿي. ان ڏينهن ڪنهن عهدي يا وزارت جي چارج وٺڻ سان گهڻو وقت هلندي آهي ۽ مرتبي ۾ عزت ملندي. آچر جي ڏينهن گهوڙو خريد نه ڪجي، ڪنهن به ڳجهي ڪم لاءِ اهو ڏينهن سٺو نه آهي، آچر جو ڏينهن شادي ڪرڻ ۽ عمارت سازي لاءِ سٺو آهي، پر وار ڪوڙائڻ، ننهن ڪٽڻ، ۽ سلائي لاءِ ڪپڙا ڏيڻ بد آهي.

اڄ چنڊ برج سنبله ۾ رهندو انڪري برج سنبله لاءِ بيان ڪيل احڪام ڪالهه واري تاريخ وارا لڳندا.

اڄ چنڊ 4:27 منٽن تي شام جو منزل عوا مان داخل ٿيندو جتي سڀاڻي يعني 8 جولاءِ 11:06 منٽن تائين رهندو. تحويل علم، عالمن ۽ شاهدن سان ملڻ، نڪاح ڪرڻ، نئون ڪپڙو پائڻ ۽ سبائڻ لاءِ هي سٺو وقت آهي، پر مقدمي بازي، دشمن سان مقابلو ڪرڻ، ۽ ڪيميڪل شين ٺاهڻ لاءِ هي سٺو وقت نه آهي. منزل عوا ۾ ڄمندڙ ٻار گهڻو جذبات وارو ٿيندو آهي، چاهي ڪنهن به فيلڊ ۾ هجي، اهي ٻار قوم جي ۽ راڄ جي عزت وارن ۾ شمار ٿيندا آهن. پر عياشي ۽ نشي تي راغب رهندا آهن.

سومر 8 جولاءِ 2019ع، 4 ذوالقعد 1440هه ۾ 24 پار 2076ب

اڄ سومر جو ڏينهن آهي جنهن جو حاڪم سيارو قمر يا چنڊ آهي.سومر جي ڏينهن متعلق احڪام تاريخ پهرين جولاءِ وارا پڙهندا.

اڄ 11:06 منٽن تي چنڊ برج ميزان ۾ داخل ٿيندو، جتي 10 جولاءِ اربع جي ڏينهن 2:28 منٽن ٻنپهرن تائين رهندو. برج ميزان ۾ چنڊ جي رهڻ دوران ماڻهو امن ۽ شانتي طرف مائل رهندو. ماڻهن جي خواهش هوندي ته سڀني سان نرمي ۽ پيار وارو رويو رکجي. ماڻهو پنهنجي دوستن سان ويجهو ٿيندو ۽ سندس خوشين ۾ شرڪت جو سوچيندو. اڄ ڄاڻ سڃاڻ وارا ماڻهو نوان خيال ۽ مشورا ڏيندا، جيڪي فائديمند ٿي سگهن ٿا، اڄ زال ۽ مڙس هڪٻئي جي متعلق سوچيندا ۽ هنن ۾ خوشي مهيا ڪندڙ، برداشت ۽ باهمي تعلق مضبوط ڏسڻ ۾ ايندو. گهر ۾ هر ماڻهو ٻئي جي ڪم جو قدر ڪندو. هن وقت ۾ راڳ جي محفل، شاعري، ادبي ڪچهريون راڳ ڳائڻ، ڊراما ڪرڻ، ۽ ايڪٽنگ ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملندي.

برج ميزان چنڊ جي موجودگي مهل چمڙيءَ جو مرض هجي ته ڦٽ ڦرڙين کي خراب نه ڪيو ڀلي اهي جسم جي ڪهڙي به حصي ۾ هجن نه ته نقصان ٿيندو. سمنڊ ۾ وهنجڻ کان پاسو ڪيو وڃي. برج ميزان مان چنڊ جي گذرڻ وقت پنهنجو ولي عهد مقرر ڪرڻ، اعليٰ آفيسرن سان ملڻ، ڳجهو ڪم ڪرڻ، عشق ڪرڻ، نڪاح ڪرڻ، خوشي جي مجلس منعقد ڪرڻ، دعويٰ داخل ڪرڻ، علاج شروع ڪرڻ، لابارو وجهڻ لاءِ خراب ۽ نقصانڪار وقت ثابت ٿيندو. پر خاص دعا گهرڻ، حڪومت جو عهدو يا پوسٽ وٺڻ، علم موسيقي حاصل ڪرڻ، راڳ ڳائڻ، جائداد خريد ڪرڻ ۽ زمين ۾ ٻج ڇٽڻ فائدي وارو ۽ موزون رهندو.

ياد رکو برج ميزان ڦوٽهڙي وارو  ۽ زرخيز برج آهي، انڪري جڏهن چنڊ ان برج مان لنگهندو ته زمين ۾ روشني جو زرخيزي پيدا ڪندڙ رهڙون نڪرنديون ۽ ان دوران مندائتو ڪهڙو به ٻج ڇٽبو يا وجهبو ته سلو، سٺو ۽ طاقت وارو اڀرندو. گلن ۽ ڪلم جا ٻوٽا لڳائڻ لاءِ بهترين وقت آهي.

اڄ چنڊ منزل سماڪ ۾ 8:52 منٽ صبح تائين رهندو ۽ پوءِ منزل غفرا ۾ ايندو. منزل سماڪ جي دوران فسادي ۽ عداوتي روشني نازل ٿيندي آهي، تنهنڪري ان وقت ۾ سٺن عملن ۽ خريد و فروخت کان پاسو ڪجي. ان دوران پيدا ٿيندڙ ٻار داناءُ، همٿ وارو ۽ وچولي قد وارو، ڏکن جو ڏاڍو، اولاد طرفان سک ماڻيندڙ، ليکڪ ۽ تعميراتي ڪم جو شوقين ۽ مذهبي حڪمن جو ڄاڻندڙ ۽ خرچائو هوندو. هي 33 ۽ 38 سالن جي عمر ۾ خوشحال ٿيندو.

اڱارو 9 جولاءِ 2019ع، 5 ذوالقعد 1440هه ۽ 25 پار 2076ب

اڱاري جي ڏينهن سان منسوب احڪام تاريخ 2 جولاءِ وارا پڙهندا.

اڄ چنڊ برج ميزان ۾ رهندو انڪري برج ميزان جا بيان ڪيل احڪام، ڪالهوڪي تاريخ وارا ساڳيا لڳندا. اڄ چنڊ منزل زبانا ۾ رهندو. منزل زبانا جي چنڊ جي رهڻ مهل ڪتي جي چڪ پائڻ جي دوا ٺاهڻ يا نقش لکرائڻ لاءِ سٺو وقت آهي. منزل زبانا ۾ چنڊ جي موجودگي دوران پيدا ٿيندڙ ٻار خوشقسمت، خوبصورت، کوٽن ڪمن ڏي رجحان رکندڙ، جهڳڙن ۾ خوش رهندڙ، گهڻو سفر ڪندڙ هوندو. هن جي قسمت 21 سالن کان 34 سالن جي وچ ۾ چمڪندي.

اربع 10 جولاءِ 2019ع 6 ذوالقعد 1440هه 26 پار 2076ب

اربع جي ڏينهن سان منسوب احڪام تاريخ 3 جولاءِ ۾ پڙهندا.

اڄ چنڊ 2:28 منٽن تائين ڏينهن تائين برج ميزان ۾ رهندو ۽ ان وقت تائين ميزان جا احڪام تاريخ 8 جولاءِ ۾ ڏنل لاڳو رهندا. چنڊ 2:28 منٽن کان وٺي جمعي جي ڏينهن 12 جولاءِ رات جو 8:04 منٽن تائين برج عقرب ۾ رهندو. اهو وقت سخت نحوست جو وقت آهي ۽ شروعاتي وقت کان وٺي. آخري وقت تائين احتياط طلب آهي. پر ڪنهن مجبوري سبب ڪم ڪرڻو آهي ته صدقو ڏئي ڪم جي شروعات ڪجي. هن عرصي دوران عام رواجي روزاني ڪم کانسواءِ ڪوبه ٻيو ڪم نه ڪرڻ گهرجي، مثلاً سفر جي شروعات، نئون ڪاروبار، عقيقو، مڱڻي، نڪاح، شادي، وليمو ڪرڻ ۽ نئين تعميرات جي شروعات ڪرڻ لاءِ نقصان وارو آهي.

جڏهن چنڊ برج عقرب مان لنگهندو ماڻهو جو رجحان پئسي گڏ ڪرڻ طرف رهندو ۽ هرڪو ڪنجوس پائي طرف سوچيندو. ماڻهو گهر جي خرچ ڪرڻ تي به ڪِرڪِر ڪندو. ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته حد ۾ رهجي نه ته گهر ۾ جهيڙي جو امڪان ٿي سگهي ٿو. ماڻهو جو خيال گهر ۽ آفيس جي صفائي طرف رهندو کيس ڇڏيل ڪم اوچتو ياد پوندا ۽ ان کي پوري ڪرڻ لاءِ اڪيلائي جي خواهش رهندي. ماڻهو پاڻ متعلق سوچي پريشان ٿيندو. طهر به نه ڪرائڻ گهرجي ۽ اهڙو ڪوبه خطري وارو ڪم مرد توڙي عورتون نه ڪن.

برج عقرب آبي برج زرخيزي وارو آهي، انڪري چنڊ جڏهن ان ۾ اچي ته ان وقت ٻج ڇٽڻ سلو پوکڻ سٺو ٿيندو. ان عرصي دوران فصل جي گُڏ ڪرڻ ۽ وڻن جي ڇانگ ڪرڻ سان سٺا نتيجا نڪرندا. برج عقرب ۾ چنڊ جي موجودگي مهل علاج شروع ڪرڻ، اناج ۾ لابارو وجهڻ، راڳ ڳائڻ، ٻار جي ٿڃ ڇڏائڻ، هٿيار خريد ڪرڻ فائديمند ثابت ٿيندو، پر ان وقت دوران جلسا جلوس ڪڍڻ، زيور خريد ڪرڻ ۾ نقصان جو انديشو آهي.

اڄ چنڊ منزل ۾ 7:00 يعني صبح جو داخل ٿيندو انوقت ۾ ڪائنات ۾ بغض عداوت ۽ فساد جي روشني ڦهليل هوندي. انڪري ان عرصي دوران سفر جي شروعات ڪرڻ، خريد فروخت ڪرڻ، جڳهه جو بنياد رکڻ ڪڏهن به فائدي وارو نه ٿيندو. هن منزل دوران پيدا ٿيندڙ ٻار هر فن مولا، صاحب عزت، خوشحال، گهڻ کائو، گهڻي ڪٽنب وارو ۽ گهڻو سفر ڪندڙ هوندو. هن جي قسمت 29 سالن کان پوءِ چمڪندي.

خميس 11 جولاءِ 2019ع، 7 ذوالقعد 1440هه 27 پار 2076ب

اڄ خميس جو ڏينهن آهي، جنهن جو حاڪم ستارو مشتري آهي جيڪو هن وقت رجعت ۾ آهي، تنهنڪري مشتري جا احڪام لاڳو ڪونه ٿيندا، خميس جي ڏينهن زمين جي خريداري  ۽ مالڪاڻن حقن متعلق دوستاويزن جي تياري نه ڪجي. خميس جي ڏينهن وڏا جانور خريد نه ڪجن نقصان جو انديشو آهي.

اڄ چنڊ برج عقرب ۾ آهي جتي سڀاڻي رات جو 8:04 منٽن تائين رهندو ۽ برج عقرب جا ڏنل احڪام جيڪي ڪالهوڪي تاريخ ۾ لکيل آهن اهي لاڳو رهندا.

اڄ چنڊ صبح 5:33 منٽن تائين منزل قلب آيو آهي. جڏهن چنڊ منزل قلب ۾ داخل ٿيندو آهي ته  روحانيت جي روشني جي ڪري هر فسادي لاڙو اصلاح ٿيندي آهي. منزل قلب ۾ چنڊ جي موجودگي دوران ڄمندڙ ٻار حياءَ وارو، دستڪاري جو شوقين، شعر ۽ ادب جو شوقين، دولتمند هوندو آهي. هن جي قسمت 27 سالن کان 36 سالن جي وچ ۾ چمڪي سگهي ٿي.

جمعو 12 جولاءِ 2019ع، 8 ذوالقعد 1440هه 28 پار 2076ب

اڄ جمعي جو ڏينهن آهي جنهن جو حاڪم ستارو زهره آهي. جمعي جي ڏينهن جا احڪام تاريخ 5 جولاءِ ۾ پڙهندا.

چنڊ اڄ رات 8:04 منٽ تائين برج عقرب جا احڪام اڳ ٻڌايل تاريخ 10 جولاءِ وارا لاڳو رهندا.

پوءِ چنڊ منزل شوله ۾ ايندو. منزل شوله ۾ چنڊ جي موجودگي متعلق شر جي روشني نازل ٿئي ٿي، تنهنڪري ان وقت خلوت اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به نئين ڪم جي شروعات نه ڪجي، البته زمين جي خريد و فروخت لاءِ سٺو وقت آهي. منزل شعله مان چنڊ جي گذرڻ وقت پيدا ٿيندڙ ٻار فياض، سخي، سنجيدا، راڄن جو راڻو، پر گهڻو ڪري بيمار رهندو ۽ خلافِ مزاج ڳالهه تي چِڙي پوندو.

ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع، 9 ذوالقعد 1440هه پار 2076ب

اڄ ڇنڇر جو ڏينهن آهي جنهن جو حاڪم سيارو زحل آهي. ڇنڇر جي ڏينهن سان منسوب احڪام تاريخ 6 جولاءِ ۾ پڙهندا.

اڄ ۽ سڀاڻي چنڊ برج قوس ۾ رهندو. جڏهن چنڊ برج قوس ۾ داخل ٿيندو ته ماڻهو فلاسافي ۽ مذهبي لاڙي طرف مائل رهندو ۽ ان تي بحث ڪندو. ماڻهو چاهيندو ته ٻاهر وڃجي. نوان ماڳ ڏسجن ۽ ماڻهن سان ملجي. ماڻهن جي ذهن ۾ نيون مذهبي سوچون اينديون رهنديون ۽ ماڻهو جو علم نجوم طرف اوچتو وڌي سگهي ٿو.

ياد رکو سڌي رستي تي هلڻ گهرجي، چنڊ جڏهن برج قوس ۾ هجي ته گهوڙي جي سواري نه ڪرڻ گهرجي. راندين ۽ ورزش کان به پرهيز ڪرڻ گهرجي، ان عرصي دوران جيري جي آپريشن نه ڪرائڻ گهرجي.

برج قوس خشڪي وارو برج آهي ۽ جڏهن چنڊ ان مان گذر ڪري ته انهي دوران زمين ۾ ٻج نه ڇٽجي، پر پٽاٽا، کاڄا، گجرون، موريون ۽ ٻيا فصل جيڪي پاڙ وارا هجن، انهن جي کوٽائي لاءِ سٺو وقت آهي. اشتهار بازي لاءِ چنڊ جو برج قوس مان سامهون گذرڻ وارو وقت بهتر آهي.

برج قوس بنجر ۽ آتشي برج آهي، انڪري چنڊ جي ان سامهون گذرڻ وقت زمين بنجر ۽ سخت هوندي، انڪري ان وقت ۾ ڪوبه ٻج نه ڇٽجي نه ئي ٻوٽا لڳائجن، پر جيتن کي ناس ڪرڻ لاءِ ڦوهاري جي دوا لڳائڻ لاءِ بهتر وقت آهي.

چنڊ جو برج قوس جي سامهون گذرڻ وقت خاص عبادت ڪرڻ، بزرگن جي زيارت ڪرڻ، اعليٰ عهدي جي ماڻهن ۽ آفيسرن سان ملڻ، نڪاح ڪرڻ، زيور خريد ڪرڻ، نئون وظيفو پڙهڻ، ڪنهن عهدي يا آفيس جي چارج وٺڻ، ڪنهن ڪم ۾ ڀائيواري طور شامل ٿيڻ، ڪنهن ڪم کي سنڀالڻ، گهرجي تبديلي ڪرڻ، دعويٰ داخل ڪرڻ، جانور خريد ڪرڻ لاءِ سٺو ۽ فائدي وارو وقت آهي. پر علم موسيقي حاصل ڪرڻ، راڳ ڳائڻ، جائداد خريد ڪرڻ، جڳهه تعمير ڪرائڻ، باغ لڳائڻ، بيماري جو علاج شروع ڪرڻ، شڪار ڪرڻ ۾ نقصان جو انديشو آهي.

اڄ چنڊ رات 3:56 منٽ کان منزل نعائم ۾ داخل ٿيو آهي. چنڊ جو منزل نعائم ۾ داخل ٿيڻ تي دنيا ۾ دل جي صفائي جي روحانيت پيدا ٿيندي آهي ۽ ان وقت ۾ ڪيميا جا عمل ڪرڻ، فقهه علم جو افتتاح ڪرڻ، نئون ڪپڙو ٺهرائڻ سٺو ۽ فائدي وارو ٿيندو. ان عرصي دوران ڄمندڙ ٻار دنيا ۾ ڪامياب خوش و خرم، اتحاد ۾ ثابت قدم، مروت ۽ همدردي رکندڙ، ڏک جو ساٿي ۽ چالاڪ هوندو. هن جي قسمت 28 سالن ۾ چمڪندي.

آچر 14 جولاءِ 2019ع 10 ذوالقعد 1440هه 30 پار 2076ب

آچر ڏينهن متعلق منسوب احڪام تاريخ 7 جولاءِ ۾ پڙهجن آهي.

اڄ آچر جو ڏينهن آهي جنهن جو حاڪم سيارو شمس آهي. اڄ چنڊ منزل بلده ۾ آهي. جڏهن قمر هن منزل ۾ داخل ٿيندو آهي، بغض  ۽ عداوت جي هوا هلندي آهي، انڪري روحاني علاج، زراعت، سفر، شادي، خريد و فروخت ۽ نوان ڪپڙا پائڻ هن وقت ۾ سٺا نه آهن. البته زيور ٺهرائڻ لاءِ هي سٺو وقت آهي. چنڊ جو منزل بلده ۾ رهڻ دوران پيدا ٿيندڙ ٻار هوشيار، معامله فهم، ڪامياب، سچو دوست، خيرخواهه ۽ سخي هوندو. سندس قسمت 31 سالن بعد چمڪندي.

سومر 15 جولاءِ 2019ع، 11 ذوالقعد 1440هه پار 31 2076ب

اڄ سومر آهي، جنهن جو حاڪم سيارو قمر آهي.

ان ڏينهن متعلق احڪام تاريخ 1 جولاءِ ۾ پڙهندا.

اڄ چنڊ برج جديءَ مان رات 4:00 بجي کان گذري رهيو آهي. جڏهن چنڊ برج جديءَ مان گذرندو آهي ته ان عرصي دوران ماڻهو ڪوشش ڪندو آهي ته پنهنجي عزت کي مٿڀرو ڪري يا عزت تي ڪو داغ نه لڳي. صاف سٿري رستي تان پئسو اچي. هن عرصي ۾ اخلاقي قدرن جو خيال ماڻهن جي ذهن تي حاوي هوندو ۽ ڪوشش ڪندو ته طاقت ۽ اختيار حاصل ڪجي ۽ ٻين تي اثرانداز ٿجي. ائين ڪرڻ سان ماڻهو گهرو تنقيد جو شڪار ٿي سگهي ٿو، ماڻهو کي گهرجي ته سنجيده خيال ۽ سهڻا ويچار اپنائي. جو باهمي تعاون سان ئي ڪاميابيون ٿي سگهن ٿيون.

برج جدي ڦوٽهڙي وارو برج آهي تنهنڪري ان برج مان چنڊ جي گذرڻ وقت پوک لاءِ سٺو وقت آهي. ۽ هر قسم جي ٻج ڇٽي سگهجي ٿو ۽ سلو سٺو نڪرندو.

برج جديءَ مان چنڊ جي گذرڻ وقت خاص عبادت ڪرڻ، ڪنهن جي اڳيان ڪنهن ڪم لاءِ سوال ڪرڻ، پنهنجو جانشين مقرر ڪرڻ، پڳ ٻڌڻ، حاڪمن ۽ وزيرن سان ملڻ، عورتن سان ملڻ، ڪنهن ڪم ۾ شموليت ڪرڻ، نڪاح ڪرڻ، ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ، زيور خريد ڪرڻ، ڪنهن عهدي جي چارج وٺڻ، دعويٰ داخل ڪرڻ، جائداد ۽ هٿيار خريد ڪرڻ، ڪنهن شيءِ جو وڪرو ڪرڻ، اناج ۾ لابارو وجهڻ نحس آهي. تنهنڪري مٿين شين جي ڪرڻ کان ٽارو ڪيو وڃي. جڏهن قمر برج جديءَ ۾ هجي. پر خصوصي دعا گهرڻ، طهر ڪرائڻ، جڳهه بدلائڻ، قرض ڏيڻ، زمين ۾ ٻج ڇٽڻ، نئين ٻيڙي پاڻي ۾ لاهڻ لاءِ سٺو وقت آهي ۽ انهن ڪمن ڪرڻ سان فائدو ٿيندو.

برج جديءَ انساني عضون مان چمڙي، هڏا، ڏند ۽ گوڏن سان منسوب آهي ۽ جڏهن قمر برج جديءَ مان گذر ڪري ته انهن عضون تي زور نه ڏجي ۽ انهن جو آپريشن نه ڪرائجي. انهي عرصي دوران سنڌن جي سور جو علاج نه ڪرائجي ۽ نه ڪي اهڙو ڪم يا ورزش ڪجي جو سنڌن تي زور پوي، گوڏن ڀر گهڻو نه ويهجي. ان وقت جيڪڏهن ڪنهن سواريءَ تان ڪِريئو ته گهڻو ڪري گوڏن جي ڍڪڻي يا ٽنگ جو هيٺيون حصو زخمي ٿيڻ جو انديشو آهي.

اڄ چنڊ منزل زرعه ۾ رهندو تنهنڪري اهو وقت نحوست، بغض ۽ عداوت سان ڀريل هوندو. اعليٰ حڪمران غصي ۾ هوندا تنهنڪري انهن سان ملڻ نه گهرجي، البته خريد و فروخت ۽ زراعت لاءِ سٺو وقت آهي. جيڪو ٻار هن عرصي دوران پيدا ٿيندو. اهو خوبصورت، مبارڪ، پر حرص ڪندڙ هوندو.

اڱارو 16 جولاءِ 2019ع، 12 ذوالقعد 1440هه 1 سانوڻ 2076ب

اڄ اڱاري جو ڏينهن آهي جنهن جو حاڪم سيارو مريخ آهي، اڱاري جي ڏينهن جا احڪام 2 جولاءِ پڙهندا.

اڄ چنڊ برج جديءَ ۾ ئي رهندو انڪري برج جديءَ جا مٿي ڏيکاريل احڪام لاڳو رهندا. چنڊ اڄ منزل بلغ ۾ رهندو. قمر جڏهن منزل بلغ مان گذرندو ته شر جي وباءُ داخل ٿي فساد پيدا ڪندي آهي. هن منزل ۾ ڄمندڙ ٻار نيڪ بخت، دولتمند، باهمت، علم، موسيقي ۽ نجوم جو شوقين، وسيع نظر، دلين جي ڳالهه سمجهي ويندڙ ۽ زندگي جو سهڻو ساٿي هوندو.

اربع 17 جولاءِ 2019ع، 13 ذوالقعد 1440هه 2 سانوڻ 2076ب

اڄ رات جو 11:57 منٽ تي جزوي چنڊ گرهڻ ٿيندو.

اڄ اربع جو ڏينهن آهي. جنهن جو حاڪم سيارو عطارد آهي.

اربع جي ڏينهن سان منسوب احڪام تاريخ 3 جولاءِ ۾ پڙهجن.

اڄ ڏينهن جو 2:18 منٽن تائين چنڊ برج جدي ۾ رهندو ۽ ان وقت تائين برج جديءَ جا مٿي ڏيکاريل احڪام قائم رهندا. 2:18 منٽن کان پوءِ چنڊ برج دلو ۾ داخل ٿيندو. جڏهن چنڊ برج دلو مان گذر ڪندو ته ان وقت ماڻهو جا خيال منتشر رهندا، ماڻهو يقيني ۽ بيقيني جي ڪيفيت ۾ ٻڏل رهندو. انڪري هر ڳالهه کي غور ويچار کان پوءِ ڪرڻ گهرجي. خوشفهمي جو شڪار نه رهجي، هن وقت ۾ ماڻهو تي خودغرضي به حاوي رهي سگهي ٿي. نااُميدي کي پنهنجي پاڻ تي سوار ڪرڻ پنهنجي پاڻ سان دشمني برابر هوندي.

رت جي چرپر جو نظام ۽ هيٺيون ٽنگن جو حصو برج دلو سان منسوب آهي، تنهنڪري جڏهن چنڊ برج دلو مان گذري ته ڪو غير ضروري ذهني دٻاءُ يا فزيڪل جدوجهد نه ڪرڻ گهرجي ۽ آسان زندگي بنائجي. برج دلو خشڪ برج آهي ۽ جڏهن چنڊ هن مان گذر ڪندو ته ان وقت زمين ۾ زياده سختي هوندي آهي انڪري هن عرصي ۾ زمين ۾ نه ڪو ٻج ڇٽجي نه ئي وري ڪو ٻوٽو لڳائجي. ڇاڪاڻ ته سلو ڪونه ڦُٽندو ، فصل تي ڦوهاري لاءِ هي سٺو وقت آهي، پٽاٽن، گجرن، کاڄن ۽ ٻين پاڙ وارن فصلن لاءِ مناسب وقت آهي.

برج دلو مان چنڊ جي گذرڻ عرصي دوران عشق ڪرڻ، نڪاح ڪرڻ، مباشرت ڪرڻ، خوشيءَ جي مجلس  ڪرڻ، علم موسيقي حاصل ڪرڻ ۽ ڳائڻ لاءِ هي سٺو وقت آهي، پر زيور خريد ڪرڻ، ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ، يا ڪنهن ڪم لاءِ ڪنهن کان سوال ڪرڻ، حڪومتي ماڻهن يا آفيسرن سان ملڻ لاءِ هي نحس وقت آهي، تنهنڪري ان کان ٽارو ڪيو وڃي.

اڄ چنڊ منزل سعود ۾ رهندو انڪري گذريل گناهن جي تلافي لاءِ ورد وظيفا پڙهڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ سٺو آهي. چنڊ جو منزل سعود مان گذرڻ وقت ڄمندڙ ٻار نيڪ بخت ۽ چڱو ڏسڻ ۾ ايندو، پر ڪڏهن ڪڏهن فاسق ۽ فتني جون حرڪتون ڪندو. موسيقي جي علم جو شوقين هوندو. ڀائرن ۽ گهر وارن سان پيار ڪندڙ راڄن جو راڻو هوندو، هيرن جواهرن جو شوقين هوندو، هن جي زندگي جو 15، 23، 29 سال خراب گذرندو.

خميس 18 جولاءِ 2019ع، 14 ذوالقعد 1440هه 2 سانوڻ 2076ب

اڄ خميس جو ڏينهن آهي، جنهن جو حاڪم سيارو مشتري آهي.

خميس جي ڏينهن سان منسوب احڪام تاريخ 4 جولاءِ ۾ پڙهندا.

اڄ سڄو ڏينهن چنڊ برج دلوءَ مان گذر ڪندو تنهنڪري برج دلو جا ڏيکاريل احڪام ڪالهوڪي تاريخ ۾ ڏنل قائم رهندا.

اڄ چنڊ منزل اخبيه ۾ رهندو، هن منزل مان جڏهن چنڊ گذري ته مرض جو علاج ۽ روحانيت جا عمل نه ڪجن جو جيڪي به ڪم ڪبا اهي اڻپورا رهجي ويندا. هن منزل ۾ ڄاول ٻار دولتمند، خوش مزاج، نيڪ ڪم ڪرڻ ۽ جتي وڃي اتي عزت وٺي ايندڙن مان ٿيندو. هن جي زندگي جو 28 سال خاص اهميت وارو آهي.

جمعو 19 جولاءِ 2019ع، 15 ذوالقعد 1440هه 2 سانوڻ 2076ب

اڄ جمعي جو ڏينهن آهي، جنهن جو حاڪم سيارو زهره آهي.

اڄ چنڊ سڄو ڏينهن برج دلو ۾ رهندو، ان لاءِ ڪالهوڪا برج دلو لاءِ ڏيکاريل احڪام قائم رهندا.

اڄ چنڊ منزل مقدمه ۾ رهندو. چنڊ جڏهن منزل مقدمه ۾ داخل ٿيندو آهي ته روحانيت جي روشني پيدا ٿيندي آهي، جنهن ۾ اعمال، محبت ۽ قلب لاءِ ڪيا وڃن ٿا. روحاني علاج ۽ پڙهائي ڪرڻ لاءِ هي بهترين وقت آهي. طلسم ۽ دوا جي تياري لاءِ به سٺو وقت آهي. تعليم ۽ ڪيميا سازي، نڪاح ڪرڻ لاءِ به بهترين وقت آهي. هن منزل مان چنڊ جي گذرڻ دوران ڄمندڙ ٻار نيڪ، تخليقي رجحان وارو، وفادار، دولتمند، خوش مزاج هوندو، پر گهڻو ڳالهائو ۽ هميشه ننڊ سوار هوندس هن جو ڀاڳ 19 سالن بعد کلندو.

ڇنڇر 20 جولاءِ 2019ع، 16 ذوالقعد 1440هه 2 سانوڻ 2076ب

اڄ ڇنڇر جو ڏينهن آهي، جنهن جو حاڪم سيارو زحل آهي. ڇنڇر جي ڏينهن متعلق احڪام اسين مٿي تاريخ 6 ۽ 13 تاريخ ۾ ڏئي آيا آهيون، اتان ظهل سيارو هن وقت رجعت ۾ آهي، انڪري هن جي نحوست حاوي رهندي.

اڄ چنڊ برج هوت ۾ رهندو. چنڊ جڏهن برج هوت مان گذر ڪندو آهي ته اهو وقت ڪنهن شيءِ جي ڪيس جي تفتيش لاءِ عاليشان وقت آهي. هر پوشيده شيءِ  ظاهر ٿي ويندي ۽ سچ ماڻهو جي واتان زوري نڪري ايندو. ماڻهو جون پراڻيون يادداشتون، ڳالهيون ذهن تي تري اينديون  ۽ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي پروڙي سگهندو. لڪل صلاحيتون اُجاگر ٿينديون، اوچتوئي اوچتو پراڻا مسئلا ٿيندا، حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪنهن اهم مسئلي جو اعلان ڪري سگهي ٿي. فلاسافر ۽ مذهبي ماڻهو نوان پوشيده معاملا چٽا ڪري سگهندا.

برج هوت سان ماڻهو جي پير، نڙي ۽ تارون منسوب آهن. تنهنڪري جڏهن چنڊ برج هوت مان گذري ته انهن تي گهڻو زور نه ڏجي ۽ نه ئي انهن جو آپريشن ڪرائڻ گهرجي.

ياد رکو برج هوت مان چنڊ جي گذرڻ وقت ڪوبه راز، راز نه رهندو، تنهنڪري ڪنهن کي به راز جي ڳالهه نه ٻڌائجو. قمر برج هوت ۾ هجي ته اناج ۾ لابارو نه وجهجي. نه ڪي ڳريل اَناج استعمال ڪجي، پيرن جا ننهن نه ڪٽجن انهن تي آساني سان مرض لڳي سگهي ٿو. باٿ روم يا ترڪرڻ واري جاءِ تي هوشياري سان هلڻ گهرجي ورنه ترڪڻ سان سخت ڌڪ لڳندو.

قمر برج هوت مان گذرڻ وقت پوک جو پوکڻ ۽ باغ لڳائڻ فائدي وارو ٿيندو. وڻن جي ڇانگ ۽ فصلن جي گُڏ ڪڍڻ لاءِ بهترين وقت آهي. اهو وقت وزيرن ۽ سرڪاري ماڻهن سان ملڻ، ٻار جو ڪنهن درسگاهه ۾ داخلا وٺڻ، زيور خريد ڪرڻ، علم موسيقي سکڻ ۽ ڳائڻ نڪاح ۽ مباشرت ڪرڻ لاءِ بهترين وقت آهي. پر ٻار جي سنت (طهر) ڪرائڻ، خاص عبادت ڪرڻ، ڪنهن عهدي جي چارج وٺڻ، دعويٰ داخل ڪرڻ، جائداد خريد ڪرڻ، جانورن جي خريداري ۽ علاج ڪرائڻ هن وقت ۾ نقصان وارو ثابت ٿيندو.

اڄ چنڊ منزل مؤخر مان گذر ڪندو ۽ ان عرصي دوران بدنامي ۽ فساد واري روحاني روشني نازل ٿيندي آهي، تنهنڪري دشمن سان مقابلو ڪرڻ کان پاسو ڪجي، غسل ڪرڻ، وار ٺهرائڻ لاءِ سٺو وقت آهي، هن منزل ۾ ڄمندڙ ٻار خوبصورت، باهمت، باوقار، تقرير ۽ گفتگو ۾ تيز، بحث مباحثي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ، ديني طبيعت، ثابت قدم، فرض شناس هوندو. هن جو ڀاڳ 27 کان 31 سالن کان پوءِ کُلندو.

آچر 21 جولاءِ 2019ع، 17 ذوالقعد 1440هه 6 سانوڻ 2076ب

اڄ آچر جو ڏينهن آهي جنهن جو حاڪم سيارو شمس آهي.آچر ڏينهن متعلق منسوب احڪام تاريخ 7 جولاءِ ۾ پڙهندا.

اڄ چنڊ برج حوت ۾ رهندو انهي ڪري برج حوت سان منسوب احڪام ڪالهه واري تاريخ ۾ ڏيکاريل لاڳو رهندا.

اڄ چنڊ منزل مؤخر ۾ 1:00 بجي ڏينهن تائين رهندو ۽ ان بعد منزل رشا ۾ ايندو، جتي سڀاڻي 3:00 بجي ڏينهن تائين رهندو. منزل رشا مان چنڊ جي گذرڻ وقت نيڪ روحانيت جي روشني نازل ٿيندي ۽ ان ۾ طلسمات ۽ نيڪ عمل ڪرڻ ۾ فائدو ٿيندو ڪيميائي دوائون ٺاهڻ، روحاني علاج ڪرائڻ، سفر شروع ڪرڻ، شادي ڪرڻ گهرجي. تبديلي يا اعليٰ آفيسرن سان ملڻ لاءِ بهترين وقت آهي.

اڄ چنڊ جي منزل رشا دوران ڄمندڙ ٻار نيڪ بخت، سعادت مند، والدين جي خدمت ڪندڙ، تيز رفتار ۽ تيز گفتار، داناءُ، دوستن جو دادلو هوندو. هن جي زندگي 17 سالن جي عمر کان وٺي 24 سالن تائين خراب گذرندي.

سومر 22 جولاءِ 2019ع، 18 ذوالقعد 1440هه 7 سانوڻ 2076ب

اڄ سومر جو ڏينهن آهي، جنهن جو حاڪم سيارو قمر آهي.سومر جي ڏينهن  سان منسوب احڪام تاريخ 1 جولاءِ ۾ پڙهندا.

اڄ چنڊ برج حمل ۽ منزل شرطين ۾ 1:00 بجي داخل ٿيندو. جڏهن چنڊ برج حمل ۾ رهندو آهي ماڻهن جو موڊ ڪم ڪرڻ طرف مائل هوندو آهي ۽ ماڻهو اڳتي وڌڻ چاهيندو آهي. ان وقت ماڻهو جي ذهن ۾ نوان پلان يا منصوبا هجن ته ان جي شروعات ڪري ته ڪاميابي جي اميد آهي، چنڊ جو برج حمل جي سامهون گذرڻ دوران بنيادي ۽ اثرانداز لهرون زمين تي نازل ٿينديون آهن ۽ اهي ماڻهو ۾ ڪم ڪرڻ جي همت پيدا ڪنديون آهن. ماڻهو ڪم ڪندي ٿڪ محسوس نه ڪندا آهن ۽ ماڻهن ۾ بهادري، پراُميدي، حوصله مندي جون خاصيتون ڏسڻ ۾ اينديون. چنڊ جو برج حمل جي سامهون گذرڻ دوران واپار يا ڀائيوار ٺاهڻ، شادي لاءِ ساٿي چونڊڻ لاءِ بهترين وقت آهي. مخالفت کي ٿورو جستجو سان ختم ڪري سگهجي ٿو. پر ياد رکو هن عرصي دوران پاڻ کي ڌاڪو ڄمائڻ وارو هئڻ گهرجي ۽ ٻئي کان مرغوب نه ٿجي.

قمر جو برج حمل جي روشنين مان گذرڻ وقت خصوصي دعا گهرڻ، بزرگن جي زيارت ڪرڻ، ڪنهن پوسٽ جي چارج وٺڻ، عشق ڪرڻ، نڪاح ڪرڻ، مباشرات ڪرڻ، باغ يا فصل پوکڻ، قرض وٺڻ، دعويٰ داخل ڪرڻ، ملازم رکڻ ۽ واعدي ڪرڻ لاءِ نحس وقت آهي، تنهنڪري انهن ڪمن ڪرڻ کان ٽارو ڪرڻ گهرجي. پر حاڪمن ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪرڻ، زيور خريد ڪرڻ ۽ جانور خريد ڪرڻ لاءِ سٺو وقت آهي.

ياد رکو قمر برج حمل سامهون گذرڻ دوران منهن تي نڪتل موهيڙي يا ڦرڙي کي ٽوڙي گند نه ڪڍڻ گهرجي نه ته اهو داغ ٿي پوندو. ان وقت مٿي، دماغ، منهن، نڪ ۽ وات جي آپريشن نه ڪرائڻ گهرجي نه ته تڪليف گهڻو وقت هلندي.

ياد رکو برج حمل آتشي برج آهي ۽ جڏهن چنڊ ان سامهون گذرندو آهي ته گرم لهرون جهٽي زمين تي موڪليندو آهي ۽ زمين جا تهه خشڪ هوندا آهن انڪري ان عرصي دوران زمين ۾ ڪوبه نئون ٻج نه ڇٽجي يا وڻ پوکڻ يا قلم لڳائڻ نه گهرجي، جو اهو ٻج ۽ وڻ بلڪل نه ڄمندا، پر جي ڄمندا ته ڪمزور نڪرندا ۽ اڳتي هلي بيمار ٿي پوندا. جيوڙن کي ناس ڪرڻ لاءِ دوا جي ڇڙڪڻ لاءِ سٺو وقت آهي.

اڄ چنڊ منزل شرطين مان گذر ڪندو ۽ اهو عرصو دنيا ۾ فساد ۽ خون خرابي وارو مزاج ٺهندو آهي، ڏاها ماڻهو هن وقت ۾ بحث ڪرڻ ۽ گهڻي هلچل ڪرڻ پسند نه ڪندا آهن، تنهنڪري ان عرصي دوران نيڪي جي ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪجي. منزل شرطين جي چنڊ ۾ موجودگي دوران ڄمندڙ ٻار فسادي ۽ شرير هوندو، پر هر ڪم ۾ هوشيار، خوش ڪلام، تيز فهم، فراخ دل، بااخلاق هوندو. هن جي وسيع دوستي هوندي. هن جو ڀاڳ 25 سالن کان پوءِ کُلندو.

اڱارو 23 جولاءِ 2019ع، 19 ذوالقعد 1440هه 8 سانوڻ 2076ب

اڄ اڱاري جو ڏينهن آهي جنهن جو حاڪم سيارو مريخ آهي. اڱاري جي ڏينهن جا احڪام تاريخ 16، 9، 2  ۾ اڳ ئي لکي آيا آهيون  ۽ ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. اڄ سڄو ڏينهن چنڊ برج حمل ۾ رهندو. انڪري برج حمل جا ڪالهه وارا ڏيکاريل احڪام لاڳو رهندا.

اڄ چنڊ منزل بطين ۾ شام جو 4:51 منٽن تي داخل ٿيندو ۽ سڀاڻي شام جو 6:19 منٽن تائين اُتي رهندو چنڊ جو منزل بطين مان گذرڻ جي عرصي دوران حڪم الاهي سان روحاني قوت واري روشني نڪرندي آهي، جيڪا ڪاوڙ ۽ غصي جو اصلاح ڪندي آهي ۽ ماڻهن جون دليون ڪشاديون هونديون آهن، انڪري پنهنجي ڪم ۾ آساني ٿيندي آهي. جڏهن ته سج جو منزل بطين مان گذرڻ وقت شرف حاصل هوندو آهي. منزل بطين مان چنڊ جي گذرڻ وقت محبت جا عمل ڪرڻ، ڪنهن جي دل کي وسائڻ لاءِ روحاني عمل ڪرڻ ۽ ڪيميا ٺاهڻ جو عمل ڪري سگهجي ٿو.

ياد رکو ان عرصي دوران مردن جا ڪم درست ٿي سگهندا، پر عورتن جي متعلق ڪمن ۾ ان دوران رنڊڪون پونديون، هر علم هن وقت سکڻ جي شروعات ڪرڻ، مريض جو علاج ڪرائڻ لاءِ هي بهترين وقت آهي. چنڊ جو منزل بطين مان گذرڻ وقت ڄمندڙ ٻار باصلاحيت، سعادت مند، نيڪ بخت، عزتدار، مخلوق ۾ مقبوليت ماڻيندڙ هوندو. هي ڊگهي ڄمار ماڻيندو ۽ نيڪ ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ هوندو، سندس ڀاڳ 27 سالن کان پوءِ کُلندو.

اربع 24 جولاءِ 2019ع، 20 ذوالقعد 1440هه 9 سانوڻ 2076ب

اڄ اربع جو ڏينهن آهي. جنهن جو حاڪم سيارو عطارد آهي. جيڪو هن وقت رجعت (يعني اونڌو هلي ٿو) ۾ آهي، تنهنڪري اربع ڏينهن سان منسوب احڪامن ۾ ڪجهه گڙٻڙ ٿيندي.

اڄ به چنڊ برج حمل سامهون رهندو، انڪري برج حمل لاءِ 22 تاريخ ۾ ڏيکاريل احڪام قائم رهندا.

اڄ چنڊ منزل ثريا ۾ شام جو 6:19 منٽن تي داخل ٿيندو ۽ سڀاڻي 7:17 منٽن تائين اُتي رهندو. منزل ثريا ۾ جڏهن چنڊ داخل ٿيندو آهي ته الاهي ڪمن سان عالم ۾ سرگرم روحانيت واري روشني نازل ٿيندي آهي، جنهن ۾ حڪيمن ۽ طبيبن جي ان وقت ۾ علاجن جي کوجنا لاءِ سٺو وقت هوندو آهي، واپارين کي ڌنڌي ۾ نفعو ملندو آهي. شادي ڪرڻ ۽ جانور خريد ڪرڻ ۾ به نفعو ملندو، منزل ثريا دوران چنڊ جي گذرڻ مهل ڄمندڙ ٻار خوشقسمت، دوستن جو دوست هوندو، پر پيٽو، لذيذ ۽ چٽپٽي خوراڪ جو شوقين هوندو.

خميس 25 جولاءِ 2019ع، 21 ذوالقعد 1440هه 10 سانوڻ 2076ب

اڄ خميس جو ڏينهن آهي، جنهن جو حاڪم سيارو مشتري آهي، جيڪو هن وقت الٽو پيو هلي. خميس جي ڏينهن جا احڪام 18، 11، 4 ۾ ڏنل آهن. اهي اتي پڙهڻ گهرجن.

اڄ چنڊ رات 2:42 منٽن کان برج ثور ۾ آيو آهي. برج ثور ۾ چنڊ جي موجودگي دوران ماڻهو جو خيال پئسو يا سرمايو وڌائڻ لاءِ هوندو، ته گهڻو وقت سوچيندو رهندو ته ڪهڙيون ڪهڙيون تدبيرون ۽ طريقا استعمال ڪجن ته جيئن ناڻو حاصل ڪري سگهجي. هن عرصي دوران ماڻهو پنهنجي ڪم لاءِ وقت کان پوءِ به مصروف هوندا آهن. آفيسر جي روٽين وقت کان پوءِ به ملي سگهندا ۽ هر ماڻهو پنهنجي ڪم واري وقت کان پوءِ به آفيس ۾ موجود ملندا. ماڻهو جي سخت ۽ مضبوط خواهش هوندي ته ڪم کي ڪهڙي طرح ڪجي جو اهو وڌي ۽ ويجهي.

ياد رکو گهر وارن ۽ محبتي ماڻهن کي شڪايت ٿيندي ته انهن کي ٽائيم نه پيو ڏنو وڃي. اڄ ماڻهو تنقيدي موڊ ۾ هوندو ۽ ڪيل بندوبستن ۽ ڪم تي تنقيد ڪندو ۽ ان جو نتيجو پڻ رنجش جو سبب بڻجي سگهي ٿو. گهڻي ڪم ڪرڻ ڪري صحت جو مسئلو به ٿي سگهي ٿو. ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ڪجهه آرام ڪرڻ گهرجي. هن عرصي دوران ڪوشش ڪجي ته ڪنهن سان جهڳڙو نه ٿئي ۽ ڪم جي نوعيت کي ڏسڻ گهرجي.

برج ثور مان چنڊ جي گذرڻ دوران زمين ۾ پوٽاڙي جا ورق موجود ٿيندا آهن. انڪري ٻج ڇٽڻ لاءِ مناسب ۽ فائدي وارو عرصو آهي، ان دوران ٻج پوکڻ سان سٺو ڦٽندو. وڻن جي ڇانگ ڪرڻ ۽ فصل جي گُڏ ڪرڻ لاءِ به سٺو وقت آهي، مسواڙ جي جڳهه يا دوڪان ڏيڻ، آفيس جي رنگ ڪرڻ لاءِ سٺو وقت آهي، پر چنڊ جي پهرين ٻن هفتن جو ٽائيم هجي، قمر جو برج ثور مان گذر ڪرڻ مهل خاص عبادت ڪرڻ، وزيرن ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪرڻ، محبت ڪرڻ، ڪنهن نئين ڪم ۾ شرڪت ڪرڻ، شادي، نڪاح ٻار جي ٿڃ ڇڏائڻ، زيور خريد ڪرڻ، حڪومتي آفيس جي چارج وٺڻ، علم موسيقي حاصل ڪرڻ، ڪا ڌُن ٺاهڻ، شاعري ڪرڻ، بيماري جو علاج ڪرائڻ ۽ شڪار ڪرڻ لاءِ نيڪ ۽ سٺو وقت آهي. پر هن عرصي دوران بزرگن جي زيارت ڪرڻ، نيڪ ڪم ڪرڻ، ڪنهن اسڪول يا اداري ۾ داخلا وٺڻ، قرض وٺڻ يا ڏيڻ، جائداد خريد ڪرڻ، سفر شروع ڪرڻ نحس ۽ نقصان ڏيندڙ آهي.

برج ثور جو انسان جي ڳلي، ڄاڙي، ڳچي تي ڪنٽرول هوندو آهي، جڏهن قمر هن برج مان گذري ته انهن عضون تي گهڻو دٻاءُ يا وزن نه رکجي، عضون ۾ ڪو ورم يا زخم هجي ته نه ڇيڙجي ۽ نه ڪي آپريشن ڪرائجي نه ته نقصان ٿيندو.

اڄ چنڊ منزل دبران ۾ رات جو 7:17 منٽن تي داخل ٿيندو. منزل دبران ۾ چنڊ جي موجودگي دوران خراب ۽ نحس روشنيون نازل ٿينديون آهن، جيڪي فساد پيدا ڪنديون، ان وقت ۾ حاجت طلبي ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ نئون صنعتي ڪم شروع نه ڪيو وڃي، پر تيل جي تلاش ڪرڻ، کوهه کوٽڻ، واٽر ڪورس کوٽڻ، زيور خريد ڪرڻ، بيمار جو علاج ڪرائڻ جو نتيجو بهتر نڪرندو. منزل دبران ۾ چنڊ جي موجودگي ۾ ڄمندڙ ٻار دولتمند، سڌي ڳالهه ڪرڻ وارو، خوش خلق، دنيا جا ڪم جذبي سان ڪندڙ، بلند حوصلن، رحمدل، آفيسرن ۾ عزت وٺندڙ، ۽ بزرگن جي عزت ڪندڙ هوندو. جيڪڏهن ٻار رات جو ڄائو هوندو ته سير ۽ تفريح جو شوقين هوندو. هن منزل ۾ ڄمندڙ ٻار جي قسمت 30 سالن کان پوءِ چمڪندي.

جمعو 26 جولاءِ 2019ع، 22 ذوالقعد 1440هه 11 سانوڻ 2076ب

اڄ جمعي جو ڏينهن آهي. جنهن جو حاڪم سيارو ظهرو آهي. جمعي جي ڏينهن متعلق احڪام تاريخ 19، 12، 5 ۾ ڏنا ويا آهن، جتان پڙهي سگهجن ٿا.

اڄ شام 7:37 منٽن تائين برج ثور ۾ چنڊ رهندو ۽ برج ثور سان منسوب ڪالهوڪا احڪام لاڳو هوندا، ۽ اهي پڙهيا وڃن. اڄ 7:07 منٽن تائين چنڊ منزل دبران ۾ رهندو ۽ ان بعد منزل هقعه ۾ ايندو. منزل دبران جا ڪالهوڪا احڪام پڙهي سگهجن ٿا.

چنڊ جڏهن منزل هقعه ۾ ايندو آهي ته سعادت ۽ نحوست واري گڏيل روشني ظاهر ٿيندي آهي. نوان ڪپڙا پائڻ، شادي جون رسمون ڪرڻ چڱيون ناهن. ڇو ته ان وقت جي ڪيل ڪم جو انجام سٺو نه ٿيندو، البته بيماري جي علاج لاءِ سٺو وقت آهي، منزل هقعه ۾ ڄمندڙ ٻار تيز رفتار، سخت مزاج، خودپسند، چيڙاڪ، چالاڪ، ناشڪرو، مطلب پرست ۽ مخالف جنس جي صحبت پسند ڪندو. هن جي قسمت 28 سالن کان پوءِ چمڪندي.

ڇنڇر 27 جولاءِ 2019ع، 23 ذوالقعد 1440هه 12 سانوڻ 2076ب

اڄ ڇنڇر جو ڏينهن آهي جنهن جو حاڪم سيارو زحل آهي. زحل هن وقت الٽو هلي رهيو آهي، تنهنڪري هن جا بداثرات هلندا. ڇنڇر جي ڏينهن سان منسوب احڪام تاريخ 20 ۽ 13، 6 ۾ ڏنا ويا آهن. جتان ڏسي سگهجن ٿا.

اڄ برج جوزا ۾ چنڊ 11:28 منٽ تي داخل ٿيندو، چنڊ جڏهن برج جوزا ۾ داخل ٿيندو آهي ته ان وقت ماڻهو پنهنجي پاڻ کي هلڪو ۽ آزاد محسوس ڪندو آهي. ماڻهو چاهيندو آهي ته ڪجهه لکان، مصوري يا شاعري ڪيان، اڃا به ماڻهو وڌيڪ چاهيندو آهي ته رکيل يا رهيل ڪم پورو ڪجي ۽ کيس احساس ٿيندو ته نئين ڄاڻ سڃاڻ ڪجي، جنهن سان سندس مشهوري ٿئي. هي وقت ماڻهو جي پنهنجي مشهوري ۽ اشتهاربازي لاءِ سٺو آهي.

ياد رکو ته هن وقت ڪنهن به ڪم ۾ تڪڙ ڪانه ڪبي ۽ نه وري بنا سوچ ويچار جي ڪو واعدو ڪجي. هن وقت ۾ بزرگن جي زيارت ڪرڻ، پنهنجي ڪم لاءِ ڪنهن کي چوڻ يا ڪنهن نئين ڪم جي شرو عات ڪرڻ، وزيرن ۽ حڪمرانن سان ملاقات ڪرڻ يا نئين عمليات يا وظيفو پڙهڻ، دعويٰ داخل ڪرڻ، جائداد خريد ڪرڻ، جانورن جي خريداري ڪرڻ لاءِ تمام سٺو ۽ فائدي وارو وقت آهي. پر ياد رکو هن عرصي ۾ عشق ڪرڻ يا ڪنهن عورت سان ملاقات ڪرڻ، نڪاح ڪرڻ کان ٽارو ڪجي ته چڱو.  

برج جوزا خشڪ ۽ بنجر برج آهي انڪري چنڊ جو ان برج مان گذرڻ دوران زمين ۾ ڪوبه ٻج نه پوکجي، البته جيت مار دوا جو ڦوهارو ڪرڻ بهتر آهي.

اڄ چنڊ منزل حناء مان گذرندو، ان عرصي دوران نڪرندڙ روشنيون ماحول تي سٺو اثر ڇڏينديون ۽ هر شخص پنهنجن دوستن ۽ عزيزن تي مهربان نظر ايندو. ان عرصي دوران حاڪمن ۽ آفيسرن سان ملڻ فائديمند ٿيندو. هن منزل مان چنڊ جي گذرڻ دوران ڄمندڙ ٻار مستقل مزاج، حليم طبع، هردلعزيز، عقلمند، مشڪلات کي منهن ڏيندڙ، خرچائو ۽ سخي هوندو. 28 سالن بعد هو خوشحالي ماڻيندو.

آچر 28 جولاءِ 2019ع، 24 ذوالقعد 1440هه 13 سانوڻ 2076ب

اڄ آچر جو ڏينهن آهي جنهن جو حاڪم سيارو سج آهي. آچر جي ڏينهن متعلق تاريخ 21، 14، 7 ۾ ڏنا ويا آهن جيڪي پڙهي سگهجن ٿا.

اڄ چنڊ برج جوزا مان گذري رهيو آهي، برج جوزا متعلق منسوب احڪام ڪالهه واري تاريخ ۾ ڏنا ويا آهن ۽ اتان ڏسي سگهجن ٿا. اڄ چنڊ منزل ذراعه مان گذري رهيو آهي. منزل زراعه سان منسوب متعلق احڪام تاريخ 1 جولاءِ ۾ ڏنا ويا آهن جيڪي اُتان پڙهي سگهجن ٿا.

سومر 29 جولاءِ 2019ع، 25 ذوالقعد 1440هه 14 سانوڻ 2076ب

اڄ سومر جو ڏينهن آهي جنهن جو حاڪم سيارو قمر آهي، سومر جي ڏينهن متعلق احڪام تاريخ 22، 15، 8، 1 ۾ ڏنا ويا آهن، جيڪي اتان ڏسي سگهجن ٿا.

اڄ چنڊ برج سرطان مان گذري رهيو آهي. برج سرطان جا احڪام تاريخ 2 جولاءِ ۾ ڏنا ويا آهن، اتان ڏسي پڙهي سگهجن ٿا. اڄ چنڊ منزل نسرا مان گذرندو جنهن جي متعلق احڪام تاريخ 2 جولاءِ ۾ ڏنا ويا آهن  ۽ اتان پڙهي سگهجن ٿا.

اڱارو 30 جولاءِ 2019ع، 26 ذوالقعد 1440هه 15 سانوڻ 2076ب

اڄ اڱاري جو ڏينهن آهي جنهن جو حاڪم سيارو مريخ آهي انهي متعلق احڪام تاريخ 23، 16، 9، 2 جولاءِ ۾ چٽي طرح ڏنا ويا آهن ۽ اُتان پڙهي سگهجن ٿا.

اڄ چنڊ برج سرطان ۾ سڄو ڏينهن رهندو. برج سرطان متعلق منسوب احڪام تاريخ 2 جولاءِ ۾ ڏنا ويا آهن ۽ اُتان پڙهي سگهجن ٿا.

اڄ 2:10 منٽن ڏينهن تائين چنڊ منزل نسرا ۾ رهندو۽ ان متعلق منسوب احڪام تاريخ 2 جولاءِ ۾ ڏنا ويا آهن ۽ ان بعد چنڊ منزل طرفه ۾ ايندو جنهن جي متعلق تاريخ 3 جولاءِ ۾ احڪام مٿي ڏنا ويا آهن ۽ اُتان پڙهي سگهجن ٿا.

اربع 31 جولاءِ 2019ع، 27 ذوالقعد 1440هه 16 سانوڻ 2076ب

اڄ اربع جو ڏينهن آهي جنهن جو حاڪم سيارو عطارد آهي جيڪو هن وقت الٽو هلي رهيو آهي. اربع جي ڏينهن متعلق احڪام تاريخ 24، 17، 10، 3جولاءِ ۾ ڏنا ويا آهن. اُتان پڙهي سگهجن ٿا.

اڄ چنڊ برج اسد ۾ 6:18 منٽن تي برج سرطان کي ڇڏي داخل ٿيندو، برج سرطان جا منسوب احڪام تاريخ 29 جولاءِ ۾ بيان ڪيا ويا آهن. جڏهن ته برج اسد متعلق احڪام 4 جولاءِ ۾ پڙهي سگهجن ٿا.

چنڊ اڄ منزل جبه ۾ 11:20 منٽن تي صبح جو منزل طرفه کي ڇڏي داخل ٿيندو، منزل جبه متعلق احڪام تاريخ 4 جولاءِ تي ڏنا ويا آهن، جتان ڏسي ۽ پڙهي سگهجن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org