سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ 2019ع

باب:

صفحو:3 

ارشاد سومرو

 

 

ناياب

ناياب ڪاليج ۾ ڇا آئي، هر طرف هن جي حسن ۽ ذهانت جي هاڪ ٿي وئي! شاگردن سان گڏ استادن جي به منظور نظر ٿي وئي هئي، ڇوڪرا ته ڇا، پر ڇوڪريون به هن جون ديوانيون ٿي ويون. هر ڪنهن جي حسرت هئي ته، ناياب صرف هن سان دوستي رکي ۽ صرف هن سان ئي ڳالهائي، پر هن جو مزاج ئي الڳ هو. هوءَ صرف پڙهڻ لاءِ آئي هئي! ڪنهن سان اجايو ڪونه ڳالهائيندي هئي. سڄي ڪاليج ۾ صرف ايمن، جيڪا اويس جي ڀيڻ هئي، سان ئي دوستي هئس. باقي ناياب سڀني لاءِ ناياب هئي. هن کي صرف پڙهائي سان دلچسپي هئي ۽ ٽاپ ڪرڻو هو. هوءَ غير نصابي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو وٺندي هئي.

هن سالياني تقريري مقابلي ۾ مغرور ۽ نوجوان اويس کي هارايو هو. هر طرف تاڙين جا ٽڙڪا ۽ سيٽين جا آواز هئا. ناياب پنهنجي منفرد انداز ۾ بهترين تقرير ڪري پهرئين نمبر تي آئي. جيڪا ڳالهه اويس کان هضم ڪانه ٿي. ڇو ته هن کي ڪاليج ۾ هارائڻ وارو ٻيو ڪوبه نه هو. پر ناياب هن کي هارائي بازي پنهنجي نانءُ ڪري ڇڏي هئي. ناياب کي اسٽيج تي ايوارڊ وصول ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو، ته وري هال تاڙين سان گونجڻ لڳو. ناياب ايوارڊ وٺي اسٽيج تان هيٺ لٿي ته، اويس سٺي اخلاق جو مظاهرو ڪندي، اُٿي ناياب کي مبارڪ ڏني.

”ناياب! اوهان کي مبارڪون هجن. سچ پچ اوهان تمام بهترين تقرير ڪئي. اوهان جا دليل وزندار هئا. مون کي دلي خوشي آهي ته اوهان جهڙي ذهين شاگردياڻي اسان جي ڪاليج ۾ ٿي پڙهي.“

اويس پنهنجي هار جو ڀرم رکي ناياب کي دل کولي مبارڪ ڏني، پر هن جي اندر ۾ نفرت جو آڙاهه ٻري اُٿيو هو.

”وڏي مهرباني اويس! سچ پچ اوهان جي حوصله افزائي منهنجو حوصلو وڌائي ڇڏيو آهي.“ ناياب، اويس جا ٿورا مڃيا.

اويس دل ئي دل ۾ نانگ وارا شوڪارا هڻڻ لڳو. هو هڪ مغرور ۽ هٺيلي قسم جو نوجوان هو. هن کي پيءُ جي حرام جي ڪمايل دولت تي وڏو غرور هوندو هو. مٿان وري پيءُ ماءُ جي به ڪا نظر ڪانه هيس. پئسي جي رواني هيس. نه ڪو پڇڻ وارو نه ڪو ڏسڻ وارو. پيءُ ماءُ جي پرورش ۽ لاپرواهي هن کي بگاڙڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي هئي.

هو هر ويڪ اينڊ تي دوستن سان گڏ فارم هائوس تي ويندو هو. اُتي هن جا خاص دوست ايندا هئا. جن کي هو دعوت ڏئي گهرائيندو هو. پوءِ سڄي رات وسڪين ۽ باربي ڪيو جا دور هلندا هئا.

اڄ هن ڪچهريءَ دوران ناياب جو ذڪر ڪيو. هن جي زبان ناياب جي تعريف ڪندي نه پئي ٿڪي. اهڙي تعريف تي سندس دوست سلمان اويس کي مخاطب ٿيندي چيو:

”يار اويس! هن پريءَ جي اهڙي تعريف ٻڌي هن کي ڏسڻ لاءِ دل بيتاب ٿي پئي آهي.“

هن شراب جو گلاس خالي ڪري ٽيبل تي رکندي چيو:

”هوءَ ته ٿر جي ڊيل آهي ڊيل! هن جي هلڻ ته مورن کي به مات ڏئي ڇڏي... هن جا پدمڻا پير پٽ تي پون ته پٽ به لالاڻ سان رنگجي وڃي.“هن ناياب جي وڌيڪ تعريف ڪندي چيو.

”پوءِ ڀلا ان من موهڻيءَ مورڻيءَ جو کڻي درشن ڪريون.“ سلمان تجسس مان درشن جي خواهش ڪئي.

”هن جو عڪس ته اکين ۾ اوتيل آهي ۽ دل جي ڪينواس تي اُڪريل آهي. بس هن کي مومل بڻائي ماڻڻو اٿم.“ اويس مغروريءَ مان چيو.

”بيسٽ آف لڪ. اسان جون دعائون توسان گڏ آهن.“ سلمان اويس کي دعا ڏيندي چيو.

اويس جي اداسي ۽ تڙپ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳي، هڪ ڏينهن هن ناياب کي پرپوز ڪيو.

ناياب هن جي پرپوز کي اهو چئي رد ڪيو ته، ”مون کي ڪنهن منزل تي پهچڻو آهي. ان لاءِ هن وقت شادي نٿي ڪري سگهان  سوري.“

ناياب شاديءَ ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. هڪ دفعو وري اويس پنهنجي هار ٿيندي محسوس ڪئي. هن جي اندر ۾ انا جا پلجندڙ نانگ وري ڪر کڻڻ لڳا ۽ اندر ۾ زهر ڀرجڻ لڳو.

امتحان جا ڏينهن هئا. سڀ شاگرد تيارين ۾ مصروف هئا. ناياب به ڀرپور تيارن ۾ رُڌل هئي.

ايمن جي موبائل چارج تي لڳل هئي، هوءَ پاڻ پيپرن جي تياريءَ ۾ مصروف هئي ان لاءِ موبائل سائلينٽ تي رکيل هئي. هن جي موبائل ميسيج تي ٻري ته اويس موبائل ايمن ڏي وڌائيندي چيو:

”ايمن اوهان جو ميسيج آيو آهي.“

”ادا! ڏسو ڪنهن جو آهي.“

”ناياب جو آهي.“

”اوهان ئي پڙهي ٻڌايو ڇا لکيو اٿائين؟“

ايمن اويس کي ميسيج پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چيو.

”اسان ٻنهي جو هڪ ئي سينٽر ۾ سيٽ نمبر لڳو آهي. صبح جو وڃو ته مون کي به پڪ ڪجو. ڇو جو بابا ڳوٺ ويل آهن ۽ گاڏي ڪونه آهي.“

اويس ايمن کي ناياب جو ميسيج پڙهي ٻڌايو.

”ادا! اوهان اوڪي جو رپلاءِ ڪجو پليز.“

اويس، ناياب کي اوڪي جو ميسيج ڪري ڪمري ۾ هليو ويو. ايمن به دير تائين پيپرن جي تياري ڪري سمهي پئي، ڇو ته هن کي صبح جو جلدي اُٿڻو هو.

اويس صبح جو تيار ٿي، اچي ايمن جي سامهون بيٺو.

”ايمن اڄ ته آءٌ ٿو توکي سينٽر ڇڏي اچان.“

ايمن اويس جو اهڙو جملو ٻڌي اول ته حيران ٿي وئي. اويس هن کي حيران ٿيندي ڏسي چيو:

”ايمن! توکي ڇڏي پوءِ مان پنهنجي سينٽر تي ويندس. منهنجو به اڄ پرچو آهي، جيڪڏهن توکي ڊرائيور ڇڏي واپس ايندو ته مون کي دير ٿي ويندي. توکي ته خبرآهي ڪراچيءَ جي ٽريفڪ جي. صبح جو ڪيتري رش هوندي آهي. صبح جو وڃ ته شام جو واپس موٽ. رات منهنجي گاڏي خراب ٿي پئي آهي.“

”پر ناياب کي به ته پِڪ ڪرڻو آهي. هوءَ موڙ وٽ اسان جو انتظار ڪندي هوندي.“

”اوڪي! جيڪڏهن اوهان کي اعتراض آهي ته مان رڪشو ٿو پڪڙيان. نو پرابلم.“ اويس لاپرواهيءَ مان چيو.

”نه، نه، ادا! مون اهو ڪٿي چيو ته اسان کي اعتراض آهي. مون ته صرف اوهان کي ٻڌايو ته ناياب کي به پِڪ ڪرڻو آهي.“ ايمن جملو مس پورو ڪيو ته هن جو مٿو چڪرائجڻ لڳو. هوءَ اتي ئي صوفي تي ويهي رهي. هن جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون.

اويس جي پلاننگ ڪامياب ٿي چڪي هئي.

”ڇا ٿيو ايمن!“ اويس همدرديءَ مان ايمن کان پڇيو.

”ادا! خبر ناهي الائي ڇو مٿو ٿو ڦري اکين اڳيان اوندهه پئي اچي.“ ايمن اکين کي مهٽيندي چيو.

”اوهه! پوءِ تون اهڙي حالت ۾ پيپر ڪيئن ڏيندينءَ؟“ اويس وري همدرديءَ مان چيو.

”ادا! مون کي ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي. اوهان مون کي منهنجي ڪمري ۾ ڇڏي اچو ۽ رستي تان ناياب کي پِڪ ڪجو.“

اويس وڏي پيار مان ايمن کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيو. هن کي بيڊ تي سمهاري مٿان چادر وجهي ڇڏي. اڄ اويس جي ايمن لاءِ محبت ڏسڻ وٽان هئي. صبح سوير ناشتو به پنهنجي هٿن سان تيار ڪري آيو هو. جنهن پنهنجو ڪم ڏيکاريو. ايمن کي سمهاري هن جي هٿ مان موبائل وٺي پنهنجي هٿ ۾ ڪئي ته ناياب جو ميسيج آيو.

”ڊيئر! آءٌ اوهان جو موڙ وٽ انتظار پئي ڪيان.“

”اوڪي ڊيئر! آءِ ول ڪم، جسٽ اَ منٽ.“ اويس رپلاءِ ڪري گاڏيءَ ۾ ويٺو ته چوڪيدار اچي گيٽ کوليو. اويس گاڏي ڪاهي ٻاهر نڪري آيو.

هو ڪراچيءَ جي رستن تي گاڏي ڊوڙائيندو جيئن ئي ناياب جي ڏسيل موڙ وٽ پهتو ته ناياب اڳ ئي اُتي موجود هئي. اويس گيئر تي پير رکي گاڏي ناياب جي ڀرسان روڪي.

”ناياب! اچو.“

اويس، ڪار جو اڳيون دروازو کوليندي چيو.

”پر، ايمن ڪٿي آهي؟“ هن ايمن کي نه ڏسي چيو.

”ايمن جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي، هن مون کي چيو آهي ته اوهان کي ڪاليج تائين لفٽ ڏيان. منهنجو سينٽر به اُتي ئي آهي. اوهان کي اعتراض نه هجي ته مون سان هلي سگهو ٿا.“

”اوڪي، نو پرابلم.“ ناياب اويس سان اڳين سيٽ تي ويهي رهي. اويس ڪو اڻڄاتل ڪونه هو، سندس پياري سهيليءَ جو وڏو ڀاءُ هو ۽ پاڻ به فاروڊ هئي. هن لاءِ اڳين سيٽ تي ويهڻ ۾ ڪو عيب نه هو. پوئين سيٽ تي اويس جو ڊرائيور ويٺو هو، جنهن کي اويس هميشه پاڻ سان کڻندو هو. اويس گيئر تي پير رکي گاڏي اسٽارٽ ڪئي ۽ زير لب مسڪرايو. هن جو شڪار آسانيءَ سان هن جي ڄار ۾ ڦاسي چڪو هو.

ناياب ڪجهه ڳالهائڻ بجاءِ ڪتاب کولي اڄ جي پيپر کي روائيز ڪرڻ لڳي. هن جيئن ئي ڪتاب تي نظر ڄمائي ته اويس شيشي مان پويان ويٺل ڊرائيور کي اک جو اشارو ڪيو. اويس جي اشاري ملڻ سان پويان ويٺل ڊرائيور ناياب جي منهن تي رومال رکيو ته ناياب جو مٿو ڦرڻ لڳو. هن گاڏيءَ جي سيٽ تي ئي اکيون ٻوٽي ڇڏيون. اويس گاڏيءَ جو رخ سينٽر طرف ڪرڻ بجاءِ فارم هائوس ڏي ڪيو. اويس گاڏي ڊوڙائيندو اچي فارم هائوس تي پهتو، فارم هائوس جي چوڪيدار ڊوڙي اچي گيٽ کوليو، ته اويس گاڏي فارم هائوس ۾ داخل ڪئي، پاڻ گاڏي مان لهي  اندر ويو ۽ ڊرائيور کي اشارو ڪيو ته ناياب کي گيسٽ روم ۾ پهچاءِ. ڊرائيور گاڏيءَ مان لهي اڳين سيٽ تي بيهوش ٿيل ناياب جي مٿان پنهنجو پاتل اجرڪ وجهي ٻانهن تي کڻي اچي گيسٽ روم جي بيڊ تي سمهاريو. ناياب مڪمل بيهوش ٿي چڪي هئي هن کي دنيا جهان جي ڪا به سُڌ نه هئي.

اويس ڪمري ۾ داخل ٿيو ته ناياب کي بيهوش ڏسي هڪ فاتحانه ٽهڪ ڏنو ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. هن ڪمري کي ٻاهر کان لاڪ ڪري ڇڏيو هو. سڌو ڊرائنگ روم ۾ پهتو. جتي هن جا آواره دوست اڳ ۾ ئي موجود هئا. ٽيبل تي ناشتي سان گڏ شراب جون بوتلون، هنن جي جام نوش ٿيڻ لاءِ منتظر هيون. اهي شراب گلاس ۾ لاهي اهي گڙ گڙ ڪري پي ويا.

هو زخمي هرڻيءَ کي ڳڀا ڪري کائڻ لاءِ تيار ٿي ويا. جيئن ڍونڍ تي ڳِجهون لامارا ڏينديون آهن. هي به پنهنجي واري اچڻ لاءِ لامارا ڏيڻ لڳا. پر ان شڪار کي کائڻ جو پهريون حق اويس جو هو، ڇو جو هن کي ناياب جو غرور مٽيءَ ۾ ملائڻو هو ۽ پرزا پرزا ڪري پٽ تي ڪيرائڻو هو. هن جي پاڪ ۽ پوتر وجود کي پنهنجي اندر جي گدلاڻ سان گدلو ڪرڻو هو. هن پنهنجي دل ۾ پاليل وير جي باهه کي وسائڻ لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. هُن جي پاڪ وجود تي پنهنجي مڪروه وجود جا نشان ڇڏيا. هوءَ زخمي هرڻيءَ جيان، بيجان ۽ بي سُڌ بيڊ تي پئي هئي. اويس اندر مان دشمنيءَ جي باهه اُجهائي تن من ٺاريو ۽ وحشي جهنگلي شڪاريءَ جيان واپس اچي نشي ۾ ڌت صوفي تي ڪِريو، هن جا دوست شڪاري ڪُتن جيان ائين آتا هئا جيئن ڪو شڪاري مِرون تي پنهنجي شڪاري ڪتن جا پٽا ڪڍي ميدان تي ڇڏيندو آهي. تيئن هن به پنهنجي شڪاري ڪُتن جا ڳٽ کولي شڪار ٿيل زخمي هرڻيءَ کي وڌيڪ زخمي ڪرڻ جي اجازت ڏني.

اويس کان پوءِ اهو ڪارنامو ڏيڻ جو اعزاز صاد ٿي حاصل ڪيو. هڪ لاچار، بيوس ۽ مظلوم نياڻيءَ جي عزت تار تار ڪرڻ لاءِ جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته بيڊ تي اڇي چادر سان ڍڪيل زنده لاش پيو هو. صاد جيئن ناياب جي مٿان پيل چادر هٽائي ته سندس هوش خطا ٿي ويا، هيءَ شڪار ٿيل زخمي هرڻي ٻي ڪا نه، پر سندس ڀيڻ ناياب هئي.

ٻئي ڏينهن اخبار ۾ سُرخي لڳي ته صاد ڀيڻ جي عزت بچائڻ آيو ته هوش وڃائي ويٺو. پر دنيا وارن کي اها خبر نه هئي ته هو ناياب جي عصمت بچائڻ نه، پر خود تار تار ڪرڻ آيو هو.

انسان جڏهن ٻين جي عزت وار ڪندو آهي ته جشن ملهائيندو آهي، پر جڏهن پاڻ ان اذيت جي آڙاهه مان گذرندو آهي ته هوش خطا ڪري ويهندو آ!!

حامد لاشاري

خواب جي پڄاڻي

 

 

اچو ڙي ڀينر راند رچايون..... ننڍڙي گڏڙيءَ کي پرڻايون.....؟؟ ... اهو ڳيچ نوري پنهنجي ساهيڙين سان گڏ ڳائي رهي هئي....!!

نوري جنهن جي عمر اڃان ٻالڪپڻ ۾ گذري رهي هئي!!

رضيه اوچتو هنن وٽ پهچي ٿي.... روئڻ سان گڏ رضيه اندر جي اڌمن سان پنهنجي ڌيءُ نوري کي سڏ ڪري ٿي.... نوري..... او  نوري..... اهي لفظ چوڻ سان! رضيه جو اندر اڏوهي کاڌل، ڪاٺ جيان ڀورا ڀورا ٿيڻ لڳو ۽ چهري تي....سانوڻ جي مينهن جيان لڙڪ قطارون ڪري ڪري پون ٿا....!!....ماءُ جي اها ڪيفيت ڏسي نوري هڪ سٽ ۾ ڊڪنڊي ماءُ جي آغوش ۾ اچي ٿي.... ۽ پنهنجي ٻاتڙي ٻولي ۾ ماءُ کان حسرت ڀريل نظرون کڻي سوال ڪرڻ چاهي ٿي.... ۽ اهو پڇڻ چاهي ٿي....!! ...... منهنجي هن عمر ۾ جيڪي نياڻيون هونديون آهن.... انهن کي لڙڪن بجاءِ.... کل ڀوڳ..... ۽ دل کي وندرائڻ لاءِ رانديڪا ڏنا  ويندا آهن، پر..... اڄ منهنجي ماءُ......!! ته مون کي نه رانديڪا وٺي ڏئي ٿي.... نه ئي مون کي پاڻ سان انگل ڪرڻ ڏئي ٿي....!! پر نوريءَ کي ڪهڙي خبر.... ته ماءُ جي ممتا پنهنجي اولاد لاءِ ڪيڏو تڙپندي آهي.... نوري جي چهري تي لڙڪ ڏيندڙ ڪو ٻيو ظالم ۽... جابر نه، پر سندس پيءُ آهي...!!! رضيه ڪجهه لمحن لاءِ هن دنيا کان بي خبر ٿي سوچي ٿي.... ڇا....؟ ڌيءَجو اولاد.... ٻڪري....رڍ.... يا ڪو جانور آهي.... جنهن کي سندس مڙس جوا ۾ هارائي ڇڏيو...... سوچڻ سان گڏ رضيه جي ذهن ۾ ڪيترائي سوال اچن ٿا.... ته.... نوري کي گهٽو ڏئي ماري ڇڏيان.... گهٽ ۾ گهٽ هن جي ڪري لڇندس ۽ پچندس ته ڪونه....!!..... انهي سوچ ۾ رهندي رهندي ڪافي وقت گذري ويو.... ڇا ٿي سوچين... مڙس جا اهي لفظ ٻڌڻ سان يڪدم پنهنجي لاڏلي ڌيءُ نوري جي ڳاڙهن ڳلن تي چماٽن جو وسڪارو لائي ڏئي ٿي....۽ ....!! مڙس سان گڏجي نوريءَ کي گهليندي گهر طرف وٺي وڃي ٿي.... جتي دهل ۽ شرنايون وڄي رهيون آهن.... نوريءَ کي ڪهڙي خبر ته... دهل خوشين جا آهن... يا ماتم جا...!!! نوريءَ جي گهر ۾ دُهل هڪ.... اهڙي ظالم شخص جا وڄي رهيا هئا.... جنهن جي عمر نوري جي پيءُ جيتري هئي....!! پيءُ جي آڏو.... هن مظلوم نياڻي جي هڪ ٻه نٿي هلي.... مصر جي بازار ۾.... وڪايل غلام جيان.... پنهنجي پيءُ جي غلط فيصلي کي لبيڪ چوندي .... نوري نه، پر هن جي بت شهر جي نامي گرامي وياجي شخص سان لانئون لڌيون.... نوري سان لانئون لهڻ کان پوءِ.... هو ظالم شخص جنهن کي خبر هئي ته نوري ۽ سندس عمر ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي........!! تنهن هوندي به ظالم شخص پنهنجي جنسي حوس پوري ڪرڻ لاءِ انجيڪشن جو سهارو وٺندو رهيو...!! اهاحرڪت روز جو معمول بڻجي چڪي هئي...!! اڄ پاڙي مان سندس ماضي جو مڌر آواز.... گيت جا ورلاپ گونجي رهيا هئا.

“جي مڙس چوان ٿي لڄ مران.... بابو چئي هن کي نه سگهان“

 اهي ورلاپ نوري جي ڪنن تي پون ٿا....!! ۽ .... نوري بي درد زماني سان بغاوت جا سنگهر ڳچي ۾ پائي، پاڻ کي پکي ۾ ٽنگي ٿي.... ۽ پيرن هيٺان ٽيبل هٽائي ٿي ڇڏي.... ڏسندي.... ڏسندي اها نوري جيڪا ماءُ پيءُ سان لاڏ ڪندي هئي... اڄ هو موئن جي دڙي جي کنڊرات وانگر هميشه لاءِ خاموش ٿي چڪي هئي. نوري..... معصوم نوري.... جيڪا حوا جو روپ هئي... پنهنجن جي زيادتين جو شڪار ٿي، پنهنجي وجود کي هميشه لاءِ ماضي جو قصو بڻائي چڪي هئي.

نور حسين ڪلهوڙو

 

 

 

 

شمن گڏو

 

ڳوٺ ٻن ڪپرن تي مشتمل هو. وچ ۾ وڏي ڪور هئي. جيڪا ڄڻ موتمار کاهي بڻجي چڪي هئي. پوکي راهي لاءِ کاٽي کڻندي، گهرن جي بناوت ۽ ڀرائي لاءِ مٽي کڻندي. وچ واري ڪور کوهه جيتري گهري ٿي چڪي هئي. شمن جي ان ڪور واري رستي سان اچ وڃ هوندي هئي. جوڻس پنهنجي پيڪن ۾ کوپا کوڙي ويٺي. نه ساهرن سان پوندي هئس ۽ نه ئي مڙس سان پوندي هيس. شمن جو گهر هن لاءِ نفرتن جو ماڳ هو. ڪڏهن به گهر ۾ ڀيرو نه ڀريائين. شمن جي ساهرن جو گهر ڳوٺ ۾ اندر هو. جڏهن ته هن جو گهر ڪور جي ڪپر سان هو. ڪور واري گهٽي هن ڀر لاءِ واحد رستو هو. شمن جا ساهرن ڏانهن صبح شام پنڌ هوندا هئا.

شمن قد جو بندرو، ڪٻ نڪتل، هيڻو ۽ ڏٻرو هو، ڪٻ نڪرڻ سبب هميشه جهڪيل نظر ايندو هو. چاپائين ڏاڙهي، ڪنڌ لڙڪيل، جهيڻو ۽ ٻاتڙو ڳالهائيندو هو. رومال مٿي سان ٻڌي، گوڏ ۽ قميص پائي ٻليءَ پير هلندو هو. ڇڳل چمپلن کي ٽوڙها هڻي هلندو هو. ڏٻري چيلهه سبب ٻئي هٿ پويان هڻي هلندو هو.

سادگي ۽ اٻوجهائپ سبب سڄو ڳوٺ کيس شمن گڏو چوندو هو. ورلي ڪو اسان هن کي نئون وڳو ڏٺو. نه ته سدائين پراڻا ڪپڙا پائيندو هو. چلم جو شوق وڏن کان مليو هيس.

اوطاقن ۽ گهرن ۾ ٻه ڦوڪا هڻي وٺندو هو. ڀليون کٽون ۽ هندورا واڻيندو هو. تنهن ڪري سڄي ڳوٺ ۾ ڪنهن به گهر کان منع نه هوندي هيس. ڪڏهن ڪنهن جي گهر ته ڪڏهن ڪنهن جي گهر ۾ کٽون پيو واڻيندو هو. ماني ٽڪيءَ سان گڏ ٻه روپيه محنت جا به ملي ويندا هيس.

اميراڻي گهر جو ٻار هو. پر غريبي ماڻهن هٿان ملي هيس. تت پت ٻاتڙو ڳالهائڻ سان، هن جو آواز سمجهه ۾ نه ايندو هو. ويجهو وڃي غور سان ٻڌڻ کان پوءِ وڃي هن جي ڳالهه سمجهه ۾ ايندي هئي. بنهه سادڙو درويش ۽ فقير ماڻهو هو. پنج ڇهه ٻارن جو پيءُ هو، ٻارن سان ڏاڍي محبت ڪندو هو.

ٻارن کان پري ٿيڻ تي بي چيني محسوس ڪندو هو. هڪ رات آڌيءَ اُٿيو. ۽ سڌو ساهرن جي گهر روانو ٿيو. ڪتن جي باهوڙ ۾ ڦاسجي پيو. ڪتا کيس کائڻ ٿي آيا. پاڻ بچائيندي کاهي واري ڪور ۾ ڪريو. همراهه گپ چڪ ۾ ۾ ٿڦجي سڃاڻپ کان نڪري ويو. وٺي کڻي دانهون ڪيائين، ماڻهن جا ميڙ اچي مڙيا. پهريان ته هن کي چور سمجهيائون. پڪڙيوس، وٺوس، بندوق هڻوس. ڪتن کان ته پاڻ کي بچايائين، پر هاڻ ماڻهن جي نشاني ۽ پڪڙ ۾ ٿي آيو.

ماڻهن آڏو سادڙو، اٻوجهڙو، ٻاتڙو، درويش هو. پر ڏاڍو سياڻو ۽ دروانديش هو. ڀاءُ سان نڀايائين، ڀينرن سان نڀايائين.

 

روئڻهارڪو ٿي دانهون ڪيائين، نه نه..... مون کي نه مارجو... مان چور نه هجي... شمن هجي.... ڪهڙو شمن... او الله قسم شمن گُڏو هجي.... اڙي شمن توکي آڌيءَ رات ڪهڙي لڳي.... جو اچي کاهي ۾ ٽٽو آهين.... سندس جسم رڦي رهيو هيو. مڙسن ڪلها ڏئي کيس ٻار ڪڍيو. ڪنهن همراهه کيس ٽوڻو هنيون. اڙي مائي جي سڪ لڳئي ڇا... ادا جيڪو چئو... پر الله قسم مان ٻچن ڏي وڃي ري... ڪتن ۽ ماڻهن جي انبوهه خوف ۾ هن کي ڏڪڻي ڏئي ڇڏي. ڪپڙن تان ڪور جو پاڻي ٽمي رهيو هيس ۽ اکين مان آب وهي رهيو هيس. زندگي جي ڏکن ۽ موت جي ڊپ. شمن جي ڪيفيت ئي مٽائي ڇڏي هئي. ڪهڙا سور سليان. ڪنهن کي دانهن ڏيان. ابو امان ويا. ڀينرن پنهنجا گهر وسايا. ڀاءُ چئي آکي ۾ نه رهيو. شوق شڪارن حوالي ٿيو.... منهنجو گهر مون کي کائڻ ٿي آيو... ننڊ ڦٽم... ٻچڙن ڏي ٿي ويس. ماڻهن پرچائي، ساڳئي اداس گهر ۾ آندو.

شمن وڏيرڪو ٻار هو. پڻس جي پنج ڇهه سو جريب ٻني هئي. واڻين جي دور ۾ به سندس والد جا شهر ۾ ڪاروبار هئا. هن جو والد وڏي هستي ۽ دٻدٻي وارو هو. ابي امان جي وفات کان پوءِ شمن صفا اُٻاڻڪو ٿي پيو هو. سندس والد عزيزن مان سندس شادي ڪرائي. پر اهي عزيز هن کي بنهه نه ڀائيندا هئا. ڏکن ڏاکڙن، تڪليفن، اهنجائن ۽ سورن سان هن سمجهوتو ڪري ڇڏيو هو.

سندس ننڍو ڀاءُ اڪبر، عياشين ۾ اچي، پنهنجي پيءَ جي ملڪيت کي تين وال ڪرڻ لڳو ۽ شمن انهيءَ ملڪيت کي بچائڻ لڳو. اڪبر جي شادي به ساڳي هنڌان عزيزن مان ٿيل هئي. پر هي سکر جي پناهه گير عورت جي عشق ۾ ڦاٿو. سندس انهيءَ پناهگير زال هن جا ترا ڪڍي ڇڏيا. پنهنجي حصي جا ٻه ٽي سو جريب کپائي شوق شڪار ۾ پڙ پالهو ڪيائين. جڏهن جهڳو جهڙ ٿيس. ٽڪو به نه بچيس. تڏهن پناهه گير مائي به هن جي ننڍڙي اولاد سميت ڀڄي غائب ٿي وئي. موٽي اچي پنهنجي ڀاءُ شمن جي ڪرمن ۾ لڳو.

شمن ۽ شمن جي پنج ڀينرن، پنهنجو حصو ڇڪيو. اهڙي ڪشمڪش ۾ پنج ئي ڀينرون اٻوجهه ڀاءُ شمن سان گڏجي پيون. شمن ۽ پنهنجو حصو، ڏهه سالن جي مقاطي تي ڏئي. پئسا پٽي سٽي پنهنجي ڀاءُ اڪبر کان ٻني وٺي شمن جي کاتي ۽ نالي تي ڪرائي ڇڏي. جنهن ڀاءُ کي اڪبر کنگهندو به نه هو. سو هاڻ اچي هن جو محتاج بڻيو.

ڀينرن جي ٻل تي شمن ڀاءُ اڪبر کي چيو... ويهي کاءُ. سڀ اُپت کڻجانءِ، پر ٻني کپائڻ جي وري وائي نه ڪجانءِ.... هاڻ کاتو منهنجو آهي. پنهنجي حصي جو ڀتر به کپائڻ نه ڏيندس. اڪبر سڀڪجهه وڃائي پنهنجي پهرين زال وٺي پنهنجي گهر ديرو ڄمايو. سڀ ملڪيت وڃائڻ ۽ شرمندگي سبب ڪي سال ته گهر کان نه نڪرندو هو. هيڻي ۽ ڏٻري حال وارو شمن کٽون واڻي به خرچ هن کي ڏيندو هو.

ماڻهن آڏو سادڙو، اٻوجهڙو، ٻاتڙو، درويش هو. پر ڏاڍو سياڻو ۽ دورانديش هو. ڀاءُ سان نڀايائين، ڀينرن سان نڀايائين. پنهنجي ساهرن کي منهن ڏنائين ۽ وڏي ڳالهه ته، وڏڙن جي ڇڏيل ملڪيت بچايائين. پر سندس سڄي زندگي، سورن ۾ گذري.

غربت جي گهاڻي، ۾ پيڙجي، پنهنجن پوين لاءِ ملڪيت ڇڏيائين. ساهرا سندس ملڪيت کي ڳيت ڏيڻ جي چڪر ۾ هئا. پر سڀ تڪليفون سهندي، منهن ڏيندي، اهو ڪجهه ڪيائين جيڪو سياڻو به نه ڪري سگهي. ويندي ويل وصيت ڪيائين. ٻني ماءُ آهي. ٻني نه کپائجو. کيڙي پيا کائجو.

ٻئي ڀائر راهه رباني ٿي رب کي پهتا.

سندن پونئيرن جوان ٿيندي، ٻنيءَ ۾ هٿ وڌا. زمين کيڙي شهرن ۾ جايون ورتائون، اولاد پڙهايائون، گاڏيون ورتائون.

هن وقت غربت هنن جي پاڇي کان به پري آهي.

پويان ڳوٺ ۾ پهاڪو جڙيو.

اڪبر عياشين ۾ وڃائي، هيڻي حال ۾ شمن گُڏو ملڪيت بچائي.

 

سنيه گل حسن

مان ته ڪاري نه هيس

 

بابرا: اسلام عليڪم. ”ڇا حال آهن منهنجي پياري دوست جا؟“

صنم: وعليڪم السلام. ٺيڪ ئي آهيان.

بابرا: ڇو ڀلا وساري ڇڏيو اٿئي.

صنم: وسارڻ مون وس هجي ها ته....

بابرا: ته، ته جو مطلب ڇا آهي صنم؟

صنم: ته ”دل“ جون ڳالهيون تون ڪٿي ٿي سمجھين بي وقوف.

بابرا: توڏي اچڻ مطلب پنهنجي پڪي بي عزتي ڪرائڻ آهي.

صنم جي ماءُ: ڪير ٿو ڪري بابرا جي بي عزتي، ڇا حال آهن ڌيءُ؟ ڪيئن آئي آهين؟

بابرا: دل ئي دل ۾ اچي وئي موٽي آنٽي .

ها آنٽي مان بلڪل ٺيڪ آهيان.

مٺان: ٺيڪ آ! صنم اچان ٿي. تيستائين توهان ڪچهري ڪيو.

بابرا: صنم سچ ٻڌاءِ آنٽي ٺيڪ ته آهي، جڏهن به ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي آهيانس ته ڳالهه اڌ ۾ ڇڏيو هلي ويندي آهي.

صنم: اڙي يار ڇڏ امي جي ڪاوڙ کي. تون ٻڌاءِ تون ڪيئن آئي آهين ۽ اڄ ته گڏڙي پئي لڳين.

بابرا: مون کي ڇڏ مان گڏڙي آهيان شايد. تون ٻڌاءِ اڄ ڪو ڪم ته نه اٿئي نه.

صنم: نه نه بس! اڄ ڪتاب پئي ڏسان ۽ انهن کي صاف پئي ڪيان ڇو؟

بابرا: ڇڏ هاڻي انهن ڳالهين کي ۽ ڪتابن کي. اچ ته هلون بازار.

صنم: توکي وري صبح صبح بازار وڃڻ جو شوق ڪٿان آيو؟

بابرا: بي وقوف ڏينهن جا ٻارنهن ٿيا آهن.

صنم: منهنجو مطلب آهي ته تون شام جو بازار  هلندي آهين پوءِ هينئر جو ڇو؟؟ ۽ هاڻي ته ڏينهن به گرم ٿي ويو آهي.

بابرا: ڏينهن جو وڃان يا شام جو وڃان. منهنجي مرضي آهي. ۽ تون مون سان هل. ڇڏ بهانا ڪڏهن ته ڪنهن جي دل رکندي ڪر.

صنم: مان تنهنجي لاءِ چانهه کڻي اچان ٿي ۽ امي کي به ٻڌائي اچان ٿي. بس صبر ڪر.

صنم، چانهه ڪوپ ۾ وجھندي  چيو امي، بابرا کي ڪجهه سامان وٺڻو آهي ۽ مون کي به ڪجهه ڪتاب وٺڻا آهن سو پليز مون کي اڄ وڃڻ ڏيو.

مٺان: صنم توکي ته خبر آهي ته تنهنجو ابو تيز طبيعت جو آهي ۽ ڏينهن به گرم آهي ڌيءُ.

صنم: ٺيڪ آهي مان نٿي وڃان.

مٺان: ڏس ڌيءُ تنهنجو اداس چهرو مان نه ڏسي سگھندي آهيان. بس ياد رک پنهنجي بابا جي اچڻ کان پهرين اچجانءِ.

صنم: ٺيڪ آهي امي جان.

صنم بابرا کي چيو: تون چانهه پي مان جلدي تيار ٿي اچان ٿي.

بابرا: ها تيار ڀل ٿي، پر دير نه ڪجانءِ.

صنم: هل بابرا.

بابرا: واهه واهه اوهان ته اڳ ۾ ئي تيار هئا ڇا؟ ۽ آنٽي ايترو جلدي مڃي وئي ڇا؟

صنم: هلڻو اٿئي ته هل نه ته.

بابرا: نه نه اڙي يار مذاق به نه ڪيان ڇا؟

بابرا: پنهنجي ڊرائيور کي چيو: ”چاچا جبار گاڏي اسٽارٽ ڪيو.“

جبار: جي بابا.

صنم بابرا کي چيو، بابرا اڄ تون تمام گهڻو خوش پئي نظر اچين.

بابرا: ها... اهو هڪ راز آهي.

صنم: پڪ سان اڄ جاويد ٿو اچي؟

بابرا جواب ۾ چيو، اسان جا به نصيب کلندا هڪ ڏينهن، في الحال تنهنجي لاءِ خوشي جهڙي ڳالهه آهي.

صنم: باقي ٻڌائڻ فرض ناهي تنهنجو؟

بابرا ڳالهه کي ڪٽيندي پنهنجي ڊرائيور کي چيو، چاچا اسان کي ”صبا“ جي گھر هلڻو آهي.

صنم: ائين ڪيئن؟ تو ته چيو هو شاپنگ لاءِ ٿي هلان ۽ هاڻي؟

بابرا ڪاوڙ ۾ صنم کي چيو: هاڻي بس ڪري ويهه. مان تنهنجي دشمن ته ناهيان.

صنم نرم لهجي ۾، ڏس بابرا اجايو جهڳڙو نه ڪر مون سان. تو مون کي ڏسيو به نه. ان لاءِ ته امي توسان مون کي نه اچڻ ڏيندي آهي.

چاچا جبار: بابا توهان جڏهن به گڏ هونديون آهيو تڏهن وڙهنديون آهيو. اجايو پاڻ ۾ وڙهي ڇو پنهنجي دوستي ۾ دراڙ ٿا وجهو. اچو توهان جي دوست جو به گھر اچي ويو.

بابرا ڪاوڙ ۾ صنم کي چيو، اچو ”شاهه صاحب“.

چاچا جبار بابرا کان پڇيو. بابا ڪيترو ٽائيم هتي هوندا.

بابرا: چاچا توهان ڀلي پنهنجي ڪمن سان وڃو، پوءِ مان توهان کي فون ڪري گھرائي وٺندس.

بابرا ۽ صنم صبا جي گهر ۾ داخل ٿيندي.

اسلام عليڪم صبا جان. ڪهڙا حال آهن ۽ آنٽي نگينه گھر ۾ آهي؟   

صبا: وعليڪم السلام. امي گھر ۾ نه آهي توهان دلجاءِ ڪريو ۽ حال بلڪل ٺيڪ آهن ۽ توهان ٻڌايو.

بابرا ۽ صنم ”الله جو شڪر آهي.“

صبا صنم کي چيو، ڇو ڀلا صنم چپ چپ آهين. اسان جي گھر اچڻ توکي سٺو نه لڳو ڇا؟

صنم: ٺيڪ ئي آهيان اڃا تائين ته.

صبا: صنم توهان جي انتظارن اڌ ڪيو آهي ۽ توکي ته خبر به نه هوندي ته ادا ڪيترو پريشان آهي ۽ سندس ننڊ به ختم ٿي وئي آهي.

صنم جي زبان تي لفظ آيو. ”نزاڪت“.

بابرا وراڻيو، ها نزاڪت، هتي وٺي اچڻ لاءِ  نزاڪت چيو هو نه ته مان…!

صنم: بس ڪر هاڻي، ائين چئي هوءَ چپ ٿي وئي.

صبا هن کي ويهڻ لاءِ چيو، پر بابرا کي وٺي هوءَ باورچي خاني ۾ هلي وئي.

صنم اڪيلي ويٺي هئي.

نزاڪت ڏاڪڻ تان لهندي صنم کي سلام ڪيو.....

صنم اٿي بيٺي ۽ جواب ۾ وعليڪم اسلام چيو....

نزاڪت ويجھو ايندي چيو، صنم ڪهڙي دشمني پئي نڀائين مون سان. هٿن ۾ هٿ ڏيئي گڏ هلڻ واري ڇا تون منهنجي ”صنم“ ئي آهين؟

صنم خاموش ۽ پٿر بڻيل رهي، پر اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس.

صنم نزاڪت کي چيو، تون مون کي ”بيوفا“ جو نانءُ ڏيئي سگھين ٿو.

نزاڪت: ائين بدلجي وڃڻ جو ڪو ته سبب هوندو؟

صنم: اهو نه پڇ... ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪن سوالن جا جواب نه هوندا آهن، پر انهن سوالن جا جواب وقت ڏيئي ويندو آهي.

نزاڪت: پڇڻ ته منهنجو حق آهي، پر مان ان وقت جو انتظار ڪندس جنهن وقت مون کي محبت جي بدلي سزا ڏني آهي. مهينن کان توکان بي خبر آهيان. نه ڪو ميسيج نه ڪا ڪال، ڄڻ.....!!! تنهنجو موبائيل به بند هو. مان توکانسواءِ پاڻ کي اڌورو پيو سمجھان، انڪري توکي گھرائڻ لاءِ مون بابرا جو سهارو ورتو. ڏس صنم توکي مان پنهنجو وجود پنهنجي زندگي پنهنجون سموريون خوشيون ارپي ويٺو آهيان. پر انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي ته تون منهنجي خوشين جو جنازو سينگاري مون کي تنها ڪري محبت کان محروم ڪري تباهه ڪري ڇڏين. صنم پليز مون کي منهنجي سوالن جا جواب ڏي. خاموش ڇو آهين صنم.

صنم جيڪا پنهنجي مستقبل کان ڊنل آهي. انهي ڀيانڪ مستقبل کان...!! جنهن کان نزاڪت بي خبر هو.

ان خوف ۽ ڊپ جي احساس ۾ بت بڻيل صنم نيٺ پنهنجي ٿڪل ۽ ٽٽل آواز ۾ چيو:

”سٺو اٿئي ته پنهنجا سوال، پنهنجا احساس ۽ پنهنجا جذبا پاڻ وٽ سنڀالي رک. “

نزاڪت: ڪٿان ڳوليون سچائي ”اي دلڙي، هت ڪيڏا ته آهن، ”بي وفا“ ماڻهو ”اي دلڙي“ محبت ۾ ايتري قدر انتها پسندي به هوندي آهي ڇا ...؟؟ صنم صنم او منهنجي صنم پليز سمجهه. تنهنجو بدلجي وڃڻ منهنجي لاءِ موت مثل آهي.

صنم: نزاڪت تون مون کي وساري ڇڏ ته بهتر آهي...

نزاڪت: گذريل وقت مان ڪيئن وساريان؟پنهنجو پاڻ آخر مان ڪيئن وساريان، ”بي وفا“ توکي مان ڪيئن وساريان.

صنم روئڻ لڳي…

نزاڪت: ڇا جي ڪارڻ ٿي روئين، ڇوٿي ڪرين وسارڻ جون ڳالهيون، ڇا اهو ئي پيار هو؟ ڇا اهي واعدا ڪجهه به معنيٰ نٿا رکن؟ اداس آهيون اسان اوهان جي خاطر ”صنم“ ائين ته نه ڪر. ڪجهه سوچ. ڇو وساريو اٿئي ڌارين جي خاطر.

 صنم نزاڪت کي روئندي چوي ٿي.

”توکي ياد نه ڪيان ائين ڪونه ٿيندو. روح جسم کان ڌار ڪيان ائين ڪونه ٿيندو.“

نزاڪت: پوءِ ٻڌاءِ .... صنم ڇو جدا ٿيڻ جون ڳالهيون ٿي ڪرين...؟؟؟

صنم: نزاڪت تون منهنجي ڳالهه سمجھين ڇو نٿو .... اسان ان سماج جو حصو آهيون، جتي اسان پنهنجي مرضيءَ سان زندگي نٿا گذاري سگھون. اسان تي رشتن ناتن، جون ڪيتريون ساريون ذميواريون هونديون آهن. هڪ جي زندگي سان ڪيترن جون زندگيون سلهاڙيل هونديون آهن. مان نٿي چاهيان ته تون به بيگناهه ماريو وڃين.

ڪاليج کان پوءِ جڏهن مان توسان ملي گھر ويس تڏهن مون اميءَ ۽ چاچيءَ کي روئيندي ڏٺو، مون لڪي انهن جون سموريون ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون.... نزاڪت.... توکي ته خبر ئي نه آهي ته اسان ڪيترين ئي ڳالهين کان اڻڄاڻ آهيون، محبت جو ڦاهو پنهنجي ڳچي ۾ وجھي ڇڏيو آهي.

نزاڪت:ڦاهو....؟ذميواريون.....؟امي....؟ چاچي...؟ مان تنهنجي ڳالهه نه پيو سمجھان صنم... تون ڇاٿي چوڻ چاهين...؟

صنم: نزاڪت .... زرينه پنهنجي موت ڪانه مئي هئي....!!!!!

نزاڪت: ڇا ...؟؟؟

صنم: ها ... نزاڪت زرينه کي ڪاري ڪري ماريو ويو آهي.

نزاڪت جي حيرت جي انتها نه رهي...!!

نزاڪت: اوهه ....؟؟؟  اِها ته تمام وڏي افسوس جي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيئي... صنم.

صنم: ها... نزاڪت ... چاچيءَ روئي اميءَ کي ٻڌايو پئي ته زرينه کي منهنجي وڏي سؤٽ امجد ماريو آهي. نزاڪت....!! زرينه سان گڏ ان ڇوڪري کي به ائين ئي بي دردي سان ماريو وڃي ها، پر سندس موت ويهه لکن عيوض بخشيو ويو.

نزاڪت: ڇا ....؟!!! صنم ...!! تو به ڪٿي ان ڊپ ۾ مون کان منهن ته نه موڙيو آهي...؟؟؟

صنم: ”نزاڪت....!! جهالت جي دور ۾ ته نياڻن کي صرف زندهه دفن ڪري ايندا هئا، پر اسان وٽ ته  هڪ نياڻي کي دفنائي ۽ ڪنهن ٻئي بي قصور کان ان جي چٽي الڳ ورتي وڃي ٿي.  ته پوءِ ٻڌاءِ ته اهڙي سماج ۾ توکي ۽ مون کي محبت ڪرڻ جو حق ڪنهن ڏنو آهي....؟ نزاڪت ....!! تون ئي ٻڌاءِ ڇا ويهه لک گهٽ پيسا آهن ...؟؟؟

هن غريب وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه هو... هن کي به ڳوٺ مان نيڪالي ڏني وئي.

محبت ڪرڻ جرم آهي نزاڪت ...!! محبت ڪرڻ وڏو جرم آهي.

نزاڪت تون سچ ٿو چوين مان انڪري تون سان ملڻ ڇڏي ڏنو... مون کي مرڻ جو خوف ناهي...، موت ته برحق آهي. پر مون نه پئي چاهيو ته توکي منهنجي ڪري نقصان پهچي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته مان پاڻ کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس.

نزاڪت صنم کي پيار ڀرين نظرن سان ڏسي چيو ته ”منهنجي چري صنم هاڻي ته تو چيو ته موت برحق آهي پوءِ مرڻ جو خوف ڇو؟ تنهنجي خوشين جي خاطر مرڻو به پيو ته مرنداسين، پر تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها… مون کي سٺا نٿا لڳن. توکي مان رڳو مرڪندي ڏسان نه ڪي روئيندي.

ساهه سرڙو صدقو سو وار ڪيان ”صنم“.

پنهنجي پرينءَ جو مٽ نه ڪنهن جو ڪو يار ڪيان.

هاڻي مون کي وسارڻ جو نه چئه پليز. باقي چوين ته بابا تنهنجي ڏي مان پنهنجي بابا کي وٺي اچان ۽ پليز اهي فالتو جا خوف ۽ ڊپ ذهن مان ڪڍي ڇڏ... ائين سوچڻ سان ماڻهو ذهني مريض ٿي پوندا آهن.

صنم مرڪندي نزاڪت کي چيو،

بس سائين مان چري نٿي ٿيان ۽ تون ڀلي بابا سان ڳالهائي ڏس، مان به ادا کي چئي ٿي ڏسان.

نزاڪت: ته پوءِ مطلب ته تنهنجي پڪي ”ها“ آهي.

صنم: ”ها“.

نزاڪت: اوڪي مان سڀاڻي ئي بابا وارن سان اها ڳالهه شيئر ڪندس.

بابرا صبا ۽ صنم ڏانهن نهاريو ۽ خوش ٿي مذاق ڪرڻ لڳيون.

بابرا صنم کي صنم جي گھر ڇڏيو ۽ پوءِ پنهنجي گھر هلي وئي.

صنم جو خوشيءَ ۾ چهرو ٻهڪيو پئي.

صنم جي ماءُ صنم کان پڇيو، ڪتاب ڪاٿي آهن... صنم؟ جيڪي تون وٺڻ ويئي هئين.

صنم چيو: امي بابرا کي فون آيو ته آنٽي جي ڏاڍي طبيعت خراب آهي. سو وري اوڏانهن هليا وياسين.

مٺان صنم جو هٿ پڪڙيو ۽ چيو، مون کي بابرا مان اها ئي اميد هئي. بهرحال توکي هڪ ڳالهه ٻڌائڻي آهي...!!

مان ان وقت جو انتظار ڪندس جنهن وقت مون کي محبت جي بدلي سزا ڏني آهي. مهينن کان توکان بي خبر آهيان. نه ڪو ميسيج نه ڪا ڪال، ڄڻ.....!!! تنهنجو موبائيل به بند هو. مان توکانسواءِ پاڻ کي اڌورو پيو سمجھان، انڪري توکي گھرائڻ لاءِ مون بابرا جو سهارو ورتو

 

صنم: جي امي ٻڌايو...

مٺان: تنهنجو سڀاڻي امجد سان نڪاح آهي...!!!

صنم: امي ڇو… ڇاجي لاءِ ...؟ مان شادي نه ڪندس. پهريان اوهان منهنجي پڙهائي بند ڪئي. مون اوهان کي ڪجهه نه چيو ۽ هاڻي منهنجي اچانڪ شادي؟ مون کي صدمن مٿان صدما ڇو ٿا ڏيو؟. ان فيصلي تي مان ڪڏهن به راضي نه ٿيندس.

مٺان: جيئن تون پئي چاهين ائين به نه ٿيندو؟

صنم ڪاوڙيل مان ماءُ کي چيو، مطلب ته اوهان انهي فيصلي تي اٽل آهيو. ڀائو اچي مان ڀائو سان ٿي ڳالهايان.

صنم ڀاءُ سان ڳالهائيندي: ادا سڀاڻي نزاڪت اوهان سان ملندو.

ڀاءُ: ڇو ملندو؟

صنم: نزاڪت ۽ ان جي فيملي منهنجي رشتي لاءِ ايندا.

ڀاءُ: چپ ڪر، وري ڳالهه نه ڪجانءِ!!!

صنم: ڇو؟؟ ادا ڇو؟؟

ڀاءُ: امان توکي ڪجهه نه ٻڌايو آهي ڇا؟

صنم: بلڪل ادا مون کي امان ٻڌايو آهي، پر ادا منهنجي ارمانن جو جنازو ڪڍي اوهان کي ڪهڙو فائدو ملندو. اوهان جي ڪوڙي انا جي ڪري منهنجي سموري زندگي ماتم ۾ گذرندي...!! ڀائو اهو ڪٿان جو انصاف آهي. ڀائو توکي ته سڄي خبر آهي نه ته امجد خوني آهي....!!!؟

ڀاءُ: ها خبر اٿم ... پر اها به خبر اٿم ته هُو پنهنجو سؤٽ ۽ بابا جي ڀاءُ جو پٽ آهي. صنم اهو بابا جي فيصلو آهي، منهنجو نه. تون پريشان نه ٿي.

صنم ڀاءُ کي روئندي چيو، ڀائو ڇا پوءِ مان زندهه رهندس.

ڀاءُ: سماج جي رسمن جي اڳيان مان ته نه ايندس.

صنم: نه ڀائو اهي رسمون سماج جون نه، پر بابا پاران هٿ ٺوڪيون ۽ من گھڙت آهن.

ڀاءُ: بس ڀيڻ هاڻي تون صبر ڪر ....

ٻئي ڏينهن.......................

نزاڪت ڪار مان صنم جي پاڙي واري کان پڇيو، چاچا هي ايتريون گاڏيون پئي گذريون ڇو؟

صنم جي پاڙي واري نزاڪت کي چيو: ”پٽ گونگي ڄڃ هئي.“

نزاڪت پڇيو ڪنهن جي چاچا؟

پاڙي واري ٻڌايو: سائين اها ڄڃ غلام عباس جي نياڻي جي آهي. وڌيڪ خبر ناهي بس گاڏيون آيون ۽ ويون.

نزاڪت جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا. پاڻ سان گڏ ويٺل پيءُ کي چيائين، بابا منهنجي اکين اڳيان منهنجي صنم کي وٺي ويا. مون گھڻي دير ڪري ڇڏي.

ڪجهه مهينا گذريا.................

صنم پنهنجي ماءُ جي گھر آئي. پنهنجي ماءُ کي چيو، امي سال ٿيڻ وارو آهي. شادي کي، پر امجد مون کي نوڪرن وانگر ئي سمجھيو آهي.

مٺان صنم کي چيو، پوءِ ڇا آهي. زال نوڪر جيان ئي ته هوندي آهي.

صنم: مان به ڪنهن سان حال اورڻ ويٺم. ڀلا امي ايترن مهينن ۾ بابرا آئي يا نه .. ڏاڍي سڪ لڳي آهي بابرا جي.

مٺان: ها تنهنجي شادي جي ٻئي ڏينهن آئي هئي. تنهنجي پڇا ڪيائين. مان ٻڌايو مانس ته روئڻ لڳي ۽ هلي وئي. ان کان پوءِ وري ڪانه آئي آهي.

مٺان: توکي ڇو سڪ لڳي آهي ان جي؟

صنم: امي تنهنجو نالو مِٺان جي بدران ڪوڙان ڇو نه رکيو نانيءَ؟؟

پوءِ صنم پنهنجي ڀاءُ جي موبائل تان نزاڪت سان ڳالهايو.

هلو…هلو نزاڪت ڇا حال آهن؟

نزاڪت: مان ٺيڪ آهيان. تون خوش آهين؟

صنم: لاش به ڪي خوش هوندا آهن ڀلا....؟؟ تون ڪيئن آهين.

نزاڪت: توکانسواءِ ڪيئن ٿو جيئان، توکي اندازو هوندو...!!

صنم: ها اندازو آهي جيئن ٽاريءَ کان ٽٽل ڪو گلاب...

صنم: روئندي امجد کي چيو، رب جو قهر نازل ٿيندئي نزاڪت بي گناهه هو. ۽ امجد جي فائر ڪرڻ کان اڳ هڪ ئي جملو صنم چيو، مان ته ڪاري نه هيس.

 

نزاڪت: ها صنم گلاب جي پتين جيان پن پن ٿي وکري ويو آهيان.

هيڏانهن صنم جو پيءُ سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو. جنهن اچانڪ صنم کي سڏ ڪيو. ”صنم“.

صنم اچانڪ پنهنجي پيءُ کي ڏسي، سندس هٿ مان موبائل ڪِري پيو. بابا توهان؟؟

نزاڪت هلو هلو ڪندو رهيو.

غلام عباس پنهنجي ڌيءُ کي چيو، شاباس صنم واهه جو پٽڪو پارايو اٿئي.

صنم روئندي رهي.

امجد آيو صنم کي وٺي ويو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ غلام عباس جيڪو پنهنجي علائقي جو چڱو ماڻهو آهي. پنهنجي نياڻي امجد کي پاڻ وٽ گھرايو.

غلام عباس: ڪجهه ڏينهن کان اکين کي ننڊ ناهي. توکي مون هتي ڇو گھرايو آهي.  تون سمجھين سگهين ٿو؟

امجد: نه چاچا مون کي خبر نه آهي.

غلام عباس: امجد ڪجهه ڏينهن کان هڪ ماڻهو منهنجي اکين ۾ ڪنهن تير وانگر ٿو لڳي، مان ان کي ڏسي نٿو سگھان.

امجد: حڪم کپي چاچا سائين اوهان جو. ڪنهن کي اوهان اڳيان جهڪايان؟ پر هڪڙي ڳالهه آهي چاچا سائين.

غلام عباس: اها وري ڪهڙي؟

امجد: چاچا، جڏهن مون ڀيڻ جو قتل ڪيو ۽ توهان کان پناهه گھري هئي ته توهان مون کي صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ ها چاچا سائين توهان کي اهي لفظ به ياد ڏياريان توهان چيو هو، مظلوم نياڻي قتل ڪري آيو آهين. مان ڪيئن تنهنجي مدد ڪيان.

غلام عباس: ها چيو هيم بلڪل امجد، پر هاڻي به تنهنجي ئي غيرت جي ڳالهه آهي منهنجي ڌيءَ ۽ تنهنجي زال ”صنم“ جي.

امجد پريشان ٿي پڇيو چاچا صنم ڇا ڪيو آهي؟

غلام عباس: ان به تنهنجي ڀيڻ وارا ڪرتوت ڪيا آهن.

امجد: ڪير آهي؟ ڪٿان جو آهي؟ ۽ ڇا ڪرڻو آهي چاچا؟

غلام عباس امجد کي نزاڪت جي باري ۾ ٻڌايو ۽ ان کي ڪيئن اغوا ڪجي؟ سموري ترغيب امجد کي ٻڌائي ڇڏي.

امجد باهه ۾ نزاڪت کي اغوا ڪرڻ بدران قتل ئي ڪري ڇڏيو ۽ گھر اچي صنم کي چيو ته تنهنجي پيءُ مون کي تنهنجي سموري حقيقت ٻڌائي ڇڏي آهي.

صنم: ڪهڙي حقيقت ۽ تون ايتري غصي ۾ ڇو آهين؟

امجد: تون اڳ ۾ ئي بدڪار هئينءَ ته پوءِ مون سان ڇو تنهنجي پيءُ شادي ڪرائي. مان تو واري عاشق کي ماري آيو آهيان ۽ هاڻي تنهنجو وارو آهي.

صنم روئندي امجد کي چيو، رب جو قهر نازل ٿيندئي. نزاڪت بي گناهه هو. ۽ امجد جي فائر ڪرڻ کان اڳ هڪ ئي جملو صنم چيو، مان ته ڪاري نه هيس.

”بي درد زمانه تون ڇا

ڄاڻين محبت کي

محبت انمول

ئي ناهي هوندي

درد به هوندي آهي.“

”مان ته ڪاري نه هيس.“ اِهو جملو هاڻي هڪ صدا بڻجي چڪو آهي. جيڪو هوائن ۾ ملي، ’مزاحمتي عورتن جي قبرستان‘ کان ٿيندو واريءَ جي دڙن ۾ پوريل ڪيترين ئي بي قصور نياڻين جي لاشن تان مٽي اڏائيندو اروڙ کان ٿيندو ان درياءَ ۾ وڃي مليو، جنهن ۾ ڪيترين ئي ان جملي کي مرڻ وقت دهرائيندڙ نارين کي پنهنجي پيٽ ۾ پناهه ڏيئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو.

او زرينه ...!!، او صنم...!!، ۽ سنڌ جون هزارين ڪاريون ڪري ماريون ويندڙ نياڻيون.....!!! جهڙيءَ طرح جهالت جي دور ۾ زندهه پوريل نارين کان اٿاري پڇيو ويندو ته ڪهڙي ڏوهه ۾ ماريون ويون...!!! بلڪل اهڙيءَ طرح توهان ۽ توهان سان گڏ ماريل نوجوانن کان به وري جيئاري پڇيو ويندو ته ڪهڙي ڏوهه ۾ ماريا ويئو؟ ان وقت اوهان جي سچائي جي شاهدي هي درياهه ۽ هي ڌرتي ڏيندي…!

 

زبيده ميتلو

مان آهيان ماءُ

 

مان!

جرئت جي

هٿيارن جي

آهيان سردار!

اچ!

جرئت همت جا

توکي ڏيان ڏاڻ!

مان قوم جي

سپوتن جي آهيان ماءُ

اچ سرويچ

ڏيان توکي ساهه

ڏيان توکي ماهه!

 

علم هڪ فارمولو

 

علم هڪ فارمولو آ

جيڪو اصل ۾

 

اٻوجهن جي بهتري لاءِ جڙيو آهي!

اچ! ان فارمولي کي استعمال ڪرڻ جون،

هڙئي پيچيده واٽون سکون!

 

علم هڪ سچ آهي

جو اصل ۾

 

ازل کان اٻوجهن چيو آهي،

اچ! هلي ان جون واٽون ڳوليون،

هر انياءَ آڏو سچ چوڻ سکون!

 

علم سچ جي واٽ آ،

علم حق جي واٽ آ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org