سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ 2019ع

باب:

صفحو:4 

روشن برهماڻ

ڪاڇي جي سڄاڻ ۽ سگهڙ عورت حاجاڻي جنت برهماڻي

ڪجهه ڏينهن پهرين پناهه برهماڻي جي گهر وڃڻ ٿيو، مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته 65 سالن کان مٿي عمر هوندي به پناهه برهماڻي جي امڙ حاجاڻي جنت ڀرت جو ڪم ڪري رهي هئي، ڪپڙي تي سنهي آر سان ڊزائن مطابق گل ڪاري پئي ڪيائين. ڄام شورو ۾ شفٽ ٿيڻ ۽ زماني جي خفن ۾ ايترو ته مصروف هئاسين جو شايد 15 يا 16 سالن کان پوءِ اها تفصيلي ڪچهري هئي، مون کي انهن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي، حاجاڻي جنت رليون، ٺاهڻ ڀرت جو ڪم ڪرڻ ۾ ڀڙ آهي ۽ تمام حساس دل رکندڙ عورت آهي، ڳوٺ ۾ ڪنهن جي به ڪا اگهائي سگهائي ٿئي، بيماري ۾ انهن ماين جي خدمت ڪرڻ، انهن جي گهر جو ڪم ڪرڻ، اسپتالن ۾ دوا لاءِ وٺي وڃڻ، اهو ڄڻ ته هن جي ڊيوٽي ۾ شامل هو.

مون کي اهو وقت ياد آهي. جڏهن واهي پانڌي ۾ صرف عطائي ڊاڪٽر هئا. اتي ڪابه اسپتال نه هئي ۽ نه وري ڪو ڊاڪٽر. ان وقت روڊ رستا ۽ ايتريون سواريون به نه هيون. ڪچو رستو هوندو هو، واهي کان جوهي هڪڙي بس هلندي هئي، جيڪا صبح جو ويندي هئي ۽ شام جو واپس ايندي هئي، ٻيو مڙئي خير. موٽرسائيڪلون غريب جي پهچ کان مٿي هيون، ان حالت ۾ ڪا اگهائي سگهائي ٿئي ته جوهي يا دادو پهچڻ وڏو مسئلو هوندو هو. گهڻو ڪري ڊليوري جي ڪري ڪيتريون ئي عورتون رستي ۾ مري وينديون هيون يا وري جڏهن مريض جي حالت صفا خراب ٿي ويندي هئي ته رات جو ايمرجنسي ۾  ڪابه سواري ڪانه هوندي هئي صرف هڪ بس هوندي هئي جيڪا ڏينهن جو هلندي هئي، جنهن ۾ مريض کڻائي دادو يا جوهي ويندا هئاسين. اهڙي دور ۾ حاجاڻي جنت انهن عورتن کي کڻائي جوهي يا دادو پهچندي هئي. هن جي وٺ وٺان هوندي هئي ته مان ٿي گڏجي هلان. پوءِ اتي ڀلي ٻه ڏينهن لڳن يا ٽي ڏينهن لڳن. انهن مريضن سان گڏ رهندي هئي، پيش سان ٺهيل ڇٻي ۾ حاجاڻي جنت ٺاهڻ واريون رليون به کنيون ويندي هئي، اتي به رلي جو ڪم جاري رکندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جو ساٿي مٺل برهماڻي ڀوڳ ڪندي چوندو هو ته، ”شل نه ڪا مائي بيمار ٿئي. ماسي جنت جو ڄڻ ٺيڪو کنيل آهي، ماسي هلڻ تيار آهي.“

مٺل برهماڻي، پناهه برهماڻي اسان ڄڻ ته هڪڙي گهر جا ڀاتي رهيا آهيون. پناهه برهماڻي ۽ مان پهرئين درجي کان وٺي پنجين درجي تائين گڏ پڙهيا آهيون، مئٽرڪ به اسان گڏ ڪئي. پوءِ وري عوامي تحريڪ ۾ به گڏ رهياسين. هڪٻئي جي ڏکن سکن جا ساٿي رهيا آهيون. ساٿي مٺل برهماڻي گهٽ پڙهيل هو شايد هڪ يا ٻه درجا، پوءِ هن کي پڙهائي لاءِ تيار ڪيم. ٿوري محنت ڪرڻ کان پوءِ ڪتاب ۽ اخبارون پڙهي ويندو هو، هن کي سال کن لاءِ واهي پانڌي لائبريري ۾ انچارج ڪيوسين، ان وقت هن تمام وڏي محنت ڪئي. هن لائبريري ۾ موجود سڀ ڪتاب پڙهي ڇڏيا. پوءِ مختلف ڪتابن تي بحث ۽ تبصرا پيا ٿيندا هئا، مطلب ته هو زيرو کان شروعات ڪري اڳتي وڌيو، مٺل تي وڌيڪ ٻئي ڪنهن ڀيري لکبو.

سو ذڪر ڪيوسين پي حاجاڻي جنت جو. هيءَ انسان ذات لاءِ دل ۾ پيار رکندڙ عورت آهي ۽ هر ڪنهن جي ڏک سک ۾ شامل هوندي هئي، هن جو خاص ڪم اهو به هوندو هو ته ڳوٺ ۾ فوتگي ٿيندي هئي ته عورتن کي ڪفن ۽ غسل ڏيڻ هن جي ذمي هوندو هو، پوءِ اها ميت ڳوٺ ۾ هجي يا ڪنهن ڀرپاسي واري علائقي ۾، يا جبلن ۾ رهندڙ خانه بدوشن ۾ يا جڳهڙين ۾ رهندڙ مسڪين ماڻهو ۾. انهن وٽ به هلي ويندي هئي، اهو سڄو ڪم خدا ڪارڻ ڪندي هئي. هوءَ ان جو ڪڏهن به معاوضو وغيره نه وٺندي هئي، هوءَ هاڻي ته ڪافي ضعيف ٿي وئي آهي، پر جڏهن ان وقت جي حالتن ۽ ڳالهين جو ذڪر ڪريون ٿا ته، اڄ به هن جي اکين ۾ عجيب چمڪ پيدا ٿئي ٿي. ان ڏينهن ماسات حاجاڻي جنت سان تمام گهڻي ڪچهري ڪئي سين، ڳوٺ ۾ گڏ گذاريل وقت ياد ڪري ڏاڍو تفريح ڪئي سين. ڪچهري ۾ پناهه، سندس گهر واري، پٽ ۽ نياڻيون سڀ شامل هئا. حاجاڻي جنت غربت ۾ تمام گهڻو وقت گذاريو آهي، پر هن ڪڏهن به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي، اهو مولوي محمد علي برهماڻي جي تربيت جو اثر آهي. ياد رهي ته اسان جي ڳوٺ دودو برهماڻي ۾ مولوي محمد علي برهماڻي پهريون پڙهيو لکيو ماڻهو هو. (ڪي چون ٿا ته ماڏي مان ۽ ڪي چون ٿا ته امينياڻين مان پڙهي آيو هو) جنهن ڳوٺ ۾ مسجد ڀرسان مدرسو ٺهرايو هو. پيش امام سان گڏ ان ۾ درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيو، اسڪول بعد ۾ دير سان کليو هو. مولوي محمد علي رڳو مولوي نه، پر طب جو به وڏو ڄاڻو هو، هو تمام سادو رهندڙ هڪ سمجهه ڀريو انسان هو. وڏڙا چون ٿا ته هن اسان جي ڳوٺ مان ڪافي پراڻيون جيڪي غلط ريتون رسمون هيون اهي ختم ڪرايون. پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو ۽ ترت وفات ڪري ويو.

حاجاڻي جنت ان بهترين انسان مولوي محمد علي جي نياڻي آهي، شايد ان سلسلي جي ڪري به هن غريب ۽ اٻوجهه بيمار عورتن جي بيماري ۾ خدمت ڪرڻ جو جذبو شامل آهي ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿي. اسان جڏهن عوامي تحريڪ جو ڳوٺن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو، اتي ڪجهه دقيانوسي سوچ رکندڙ ماڻهن تمام گهڻي مخالفت ڪئي، ڪامريڊن جي پويان ڪوڙا بهتان پئي هنيا، ان وقت ماسي جنت اسان جو ساٿ ڏنو. سنڌياڻي تحريڪ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندي هئي، مختلف پروگرامن ۾ عورتن جي شرڪت ڪرائيندي هئي. ڳوٺ ۾ پراڻا ڪامريڊ قاضي غفار، وشنو مل، بخش علي ڀنڊ، رسول بخش بروهي، وفا برهماڻي، آڪاش انصاري، سائين نورل وارا جڏهن ايندا هئا رات جو انهن ساٿين سان گڏجاڻيون ٿينديون هيون. صبح جو اوطاق تي حاجاڻي جنت اچي ٺڪاءَ ڪندي هئي ۽ چوندي هئي ته هي سڀ منهنجا ٻچا آهن مان پنهنجي پٽن سان ضرور ملنديس. هن جو پارٽي سان اهڙو لڳاءُ هو جو وشنو مل ۽ آڪاش انصاري کي پنهنجي هٿن سان ٺهيل رلي تحفي ۾ ڏنائين. جڏهن ته هنن جو گهراڻو مولوي گهراڻو هو ۽ روزي نماز جي پابند هوندي به هن ڪڏهن به جلسن جلوسن ۾ عورتن جي شرڪت جي مخالفت نه ڪئي، پر ان ۾ پاڻ اڳڀري رهي. پنهنجي پٽن، نياڻين، پوٽين کي همٿائيندي رهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس پٽ پناهه برهماڻي، گهر واري ۽ نياڻين سميت اڄ به عوامي تحريڪ جي پروگرامن ۾ شريڪ هوندو آهي.

 

لعل خاتون

قيمو ٺاهڻ جو طريقو

گهربل شيون:

قيمو: هڪ ڪلو

ٿوم ۽ ادرڪ: ڪٽيل ٻه چمچا (چانهه وارا)

ساوا مرچ: 8 عدد

ساوا ڌاڻا: سڄي ڳنڍ (سنها ڪٽيل)

ڪوڪنگ آئل: هڪ ڪپ

بصر: 2 عدد (سنها ڪٽيل)

ڪارا مرچ: هڪ چانهه وارو چمچو (ٿلها پيسيل هجن)

لوڻ: ضرورت مطابق

ٽماٽا: 4 عدد (سنها ڪٽيل)

ترڪيب:

تيل گرم ڪري ان ۾ ٿوم ۽ ادرڪ وجهو. جڏهن خوشبو اچڻ لڳي ته ان ۾ قيمو وجهو ۽ تيز باهه تي پچايو. پاڻي خشڪ ٿي وڃي ته ان ۾ ساوا مرچ، ڪارا مرچ، ٽماٽا، بصر، ساوا ڌاڻا ۽ لوڻ وجهي 10 منٽ دم تي رکي ڇڏيو. پوءِ گرم گرم پيش ڪريو.

گجرن جو حلوو

گهربل شيون:

گجرون:  2 عدد (وڏيون)

کير:  500 ملي ليٽر

شگر فري ٽافيون:  ذائقي لاءِ

طريقو:

گجرن کي ڇلي ڪدوڪش ڪريو. پوءِ هڪ سوس پين ۾ گجرون ۽ کير وجهي ايترو پچايو جو گجرون نرم ٿي وڃن ۽ کير ٿورو خشڪ ٿي وڃي. پوءِ باهه بند ڪري ان ۾ شگر فري ٽافيون وجهي مڪس ڪريو. پوءِ مرضيءَ مطابق ٿڌو يا گرم پيش ڪريو.

نِشا

ڇا ”تبديلي“ سٺي شيءِ آهي

 

هن موضوع کي پڙهي پهرين ڳالهه جيڪا ذهن ۾ اچي ٿي ته ”تبديلي“ آهي ڇا؟ ڪائنات، فطرت، زندگي ۽ سماج هلندڙ ۽ تبديل ٿيندڙ شيون آهن. ۽ جيڪي شيون هلندڙ آهن سي تبديل به ٿينديون رهنديون. هڪ فلاسفر چيو آهي ته، ”ڪائنات ۾ تبديلي هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا هلندي رهي ٿي. ڪڏهن به ختم نٿي ٿي سگهي. هر شيءِ دنيا ۾ ختم ٿيندي سواءِ تبديلي جي“. هڪ گريڪ فلاسفر چيو آهي، فطرت ايتري تبديل ٿئي ٿي جو جڏهن ڪو شخص وهندڙ پاڻي ۾ پير وجهي بيهي ٿو ۽ ٿوري دير کان پوءِ ڪڍي ٿو ته نه اهو پاڻي ساڳيو ٿو رهي ۽ نه اهو پير ساڳيو ٿو رهي. جڏهن شيون ۽ ماڻهو تبديل نه ٿيندا آهن ته اُهي stagnant ٿي ويندا آهن، جيئن پاڻي جو دُٻو جيڪو پوءِ زهريلو ۽ ڌپ ڪري ويندو آهي. پر هلندڙ يا وهندڙ پاڻي هميشه تازو رهندو آهي. جيڪي شيون تبديل نٿيون ٿين اُهي ڪم جون نه رهنديون آهن. ان لاءِ زندگي ۾ تبديلي ضروري آهي. تبديلي ٻن قسمن جي ٿي سگهي ٿي.

مثبتPositive، منفيNegative  

جيڪڏهن ماڻهو جي زندگي ۾  Positive (مثبت) تبديلي ايندي آهي ته اُهو سڌي رستي تي هلندو، سٺو سوچيندو، سٺو ڪندو پنهنجي لاءِ، پنهنجي سماج لاءِ، پنهنجي گهر لاءِ ۽ پاڻ سان وابسته ماڻهن لاءِ. هاڪاري رويو هڪ سٺي شيءِ آهي جنهن سان ماڻهوءَ کي ماڻهو جي احساسن، جذبن ۽ خيالن جو قدر ٿئي ٿو ۽ اهو ڪنهن ٻئي جي احساسن ۽ جذبن کي مجروح نه ڪندو ۽ اهو احساس  هوندس ته ڪنهن جي شيءِ تي ڌاڙو هڻبو يا غلط طريقي سان ٻين جي حقن ۽ جذبن تي ڌاڙو هڻبو ته ان سان نه ته کيس نه ئي ٻئي کي ڪو فائدو رسندو. البته ڪيترين ئي زندگين سان ويساهه گهاتي ٿيندي. جيڪا سٺي شيءِ نه آهي.

جيڪڏهن ماڻهو جي سوچ ناڪاري هوندي ته ڪا به بهتري نه ايندي. نه سماج ۾، نه سندس زندگي ۾، نه گهر ۾، نه ان سان وابسته ماڻهن ۾. البته جيڪي منفي سوچ سان نقصان رسندا آهن ان سان فرد ۽ سماج تي ڪو سٺو اثر نٿو پوي. نه پاڻ خوش هوندو نه سماج سکي رهندو. ان لاءِ هميشه بهتر سوچجي پنهنجي لاءِ، پنهنجن پيارن لاءِ ۽ سماج لاءِ. ائين نه ته پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن فائدن لاءِ ٻين جون زندگيون تباهه ڪجن. ڪنهن ٻئي جي خوشي تي پنهنجن خوشين جا تاج محل اڏي ڪو خوش نه رهيو آهي.

انسان هڪ سوشل جانور آهي. انسان ۾ وڌيڪ قابليت آهي سوچڻ جي ۽ محسوس ڪرڻ جي. پر ان جي باوجود انسان پنهنجي ٿوري فائدي لاءِ سوچڻ، سمجهڻ جي سگهه وڃايو ڇڏي. انسانن ۾ ئي وڌيڪ طاقت آهي شين کي تبديل ڪرڻ جي ۽ اهو سوچڻ جي سگهه ته صحيح ڇا آهي، غلط ڇا آهي. ۽ انسانن کي ئي ڄاڻ آهي ته اصل خوبصورتي ڇا آهي تبديلي جي. اهو به ثابت ٿي چڪو آهي ته جيڪي سماج ترقي ڪن ٿا، اُهي ئي آهن جيڪي تبديلي پسند آهن سا به Positive Change هجي ته، جنهن سان ڪا تبديلي اچي. باقي ذاتي مفادن جي لاءِ جنگ، خواهشن ۽ خوشين لاءِ ٻين کي نقصان رسائي ڪو اڳتي وڌيو هوندو به ته فطرت ان کي ان جي سزا ضرور ڏيندي آهي. اهو به تجربي ۾ آيو آهي ته هزارين ماڻهو ٻين جا حق کائي خوشي ٿيندا آهن، پر پوءِ سندن حالت رحم جوڳي هوندي آهي. نه انهن جي سماج ۾ عزت هوندي آهي نه ئي پنهنجن وٽ ۽ نه ئي پاڻ سک ۾ هوندا آهن.

 

 اسين علم ۽ ڄاڻ جي ذريعي ئي پاڻ ۾ تبديلي آڻي سگهون ٿا پنهنجي زندگي ۾، سماج ۾، گهر ۾، پاڙي ۾، ٻارن ۾، دوستن، مائٽن ۾. ڇاڪاڻ ته علم ۽ ڄاڻ ته هرڪو رکي ٿو، پر پنهنجي فائدن لاءِ ٻين کي نقصان رسائڻ لاءِ. ان لاءِ Positive سوچ سان ئي بهتري آڻي سگهجي ٿي. ڪنهن چيو آهي ته، ڄاڻ سڀ کان وڌيڪ طاقتور هٿيار آهي. هزارين ماڻهن جي تجربن مان ظاهر ٿيو آهي Positive changing آڻي سگهجي ٿي سخت محنت سان، سکڻ سان، ڄاڻ سان ۽ خوابن جي ذريعي.

سماج ۾ ٻار، جوان، پوڙها رهن ٿا، پر سڀ کان وڌيڪ طاقتور نوجوان آهن جيڪي پنهنجي سوچ ۽ سگهه سان پنهنجي گهر ۾ پاڙي ۽ سماج ۾ تبديلي آڻڻ جي طاقت رکن ٿا. تبديلي اسان کي نيون شيون، نوان خيال، نئين سوچ ڏئي ٿي، جنهن سان اسين ڪاميابي ڏانهن وڌون ٿا.  ائين تبديلي ٿيندي رهي ٿي. جيڪو سوچيندو آهي ته اسين دنيا کي تبديل ڪنداسين، پر پاڻ کي تبديل نه ڪندا آهن ۽ نه ئي پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، اهي پٺ تي رهجي ويندا آهن.

موضوع جو جواب لکندي منهنجي رايو آهي ته تبديلي هڪڙي Positive  شيءِ هئڻ گهرجي. تبديلي زندگي جو اهم حصو آهي جيڪا زندگيءَ کي خوشگوار بڻائي سگهي ٿي.

 

احمد شاڪر

يادون

آگم اکڙيُن ۾......

 

مون کي ياد ئي ناهي ته، هن جو چهرو ۽ قدڪاٺ ڪيئن هو. طبيعت، علم ۽ اکرن جي ڄاڻ هئس يا نه ۽ ڪهڙو مزاج رکندڙ  هُو. ڇاڪاڻ ته هُو، هن دنيا مان تڏهن هليو ويو هو، جڏهن آءٌ فقط ٻن يا  اڍائي ورهين جو مس هُيس. هُن جي مون وٽ ڪا ڌُنڌلي ياد ناهي ۽ ڪو خاڪو  به ڪونهي ۽ نه ئي ڪا هُن جي ڇڏيل نشاني- ها، پر هڪڙو هُن جو فريم ٿيل فوٽو ۽ ڪجهه پاسپورٽس جيڪي سالن پڄاڻان رجيڪٽ ٿي چڪا آهن. امان ٻڌائيندي آهي ته، پڻهين (تُنهنجو پيءُ) ڏاڍو سخت طبيعت جو هوندو هو. ۽ هُن جو موت گڙدن جي خرابيءَ جي ڪري ٿيو هيو!!

گهر ورتوسين هاڻي  وڏو مسئلو اهو هو ته، بابا جي علاج لاءِ ڏوڪڙ ڪٿان اچن ۽ گهر  جو ڪاروهنوار ڪيئن هلي. جيڪڏهن اسان جي ڏاڏي نه  هجي ها ته، اسان جو حال انتهائي گهڻو خراب ٿئي ها.

 بابا جوانيءَ ۾ ئي سعودي هليو ويو هو. ان کان اڳ بابا ميهڙ شهر ۾ ڪپڙي جي دڪان آڏو  سلائي جي مشين رکي ڪري ڪپڙا سبندو هو. اُهو دُڪان ميهڙ شهر جي شاهي بازار جي موڙ ۾ ”ربن آڳري“ جو هُوندو هو. اُهو دڪان ۽  مالڪ  اڄ  به پنهنجي جوهر ۾ جوان  آهن. هي شخص (ربن آڳرو) بابا جي  وفات کان پوءِ تقريبن ستن، اٺن سالن تائين مون سميت اسان جي سڀني گهر ڀاتين کي عيد جا ڪپڙا ڏيندو رهيو. هن جون محبتون وسارڻ جهڙيون ناهن. 

امان جڏهن ڏهن، يارنهن سالن جي هئي ته سندس شادي ڪرائي وئي ۽ پوءِ تُرت ئي بابا سعودي عرب هليو ويو ۽ ڪافي سالن کان پوءِ سعودي مان موٽيو ته، امان ۽ ڏاڏيءَ کي به سعودي وٺي ويو. بابا کي ٽي ڀائر ۽ ٻه ڀينر هيون، جيڪي ويڳا هيس، هڪ سڳي ڀيڻ هيس. بابا جڏهن مستقل طور، سعودي عرب رهڻ لڳو ته، اُتي مزدوري ڪرڻ لڳو. بابا کي پٽاڻو اولاد ڪونه هو. امان ٻڌائيندي آهي ته، مون کي لڳاتار، ڇهه نياڻيون ٿيون ۽ تون ڇهن نياڻين کان پوءِ ٿئين.  امان، وڌيڪ اهو به ٻڌائيندي آهي ته، جمعي جو، ڏهاڙو هو، تو جي (تُنهنجي) پيءُ هڪ مهمان جي دعوت جهلي هئي. جڏهن جمعي جي نماز پڙهڻ کان پوءِ، دعا گهرڻ لڳاسين ته، پڻهين (تُنهنجي پيءُ) اُن  مهمان  کي چيو ته، حاجي صاحب دعا گهرو ته، مون کي پٽاڻو اولاد ٿئي.. ان وراڻيو ته، حاجي محمد خان (مُنهنجي والد جو نالو محمد خان هو) هاڻي توکي پٽاڻو اولاد ٿيندو، پر اُن جو نالو احمد رکجانءِ. اُهو مهمان سنڌ جو انتهائي اعلى پائي جو نعت ۽ حمد جو شاعر حاجي غلام نبي مهيسر هو. ۽ واقعي ٿيو به ائين ئي، آءٌ- هن دُنيا ۾ آيس. امان ۽ بابا حاجي صاحب جي نصيحت تحت، منهنجو نالو احمد  رکيو.

مسلسل بيمار رهڻ ڪري بابا گهڻو  ڪمزور ٿي ويو هو. سعودي عرب ۾ ڊاڪٽر الله جي فضل سان اهڙا آهن، جهڙا پاڻ وٽ آهن... وڌيڪ پاڻ سمجهو ٿا، وضاحت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت.  ڪافي سالن تائين اُتي  گڙدن جو علاج ٿيندو رهيس. آخرڪار اتان جي ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو. پوءِ آخرڪار اهو فيصلو ٿيو ته، واپس ورجي اباڻن ڪکن ڏانهن. امان ست، اٺ ٻار ۽ بابو سعودي عرب مان هٿين خالي سنڌ آيا. ڪئي ڪمائي اُتي ئي (سعودي عرب) بابا جي علاج تي خرچ ٿي وئي هئي. جڏهن اسان جو ڪٽنب ڪراچيءَ ايئرپورٽ تي پهتو ته، بقول امان جي، اسان وٽ ايترا به پئسا ڪونه هئا جو، اسان ميهڙ پهچي سگهون ۽ اها به خبر ڪونه هئي ته ميهڙ ڪٿي آهي.  بابا مسلسل بيهوش رهڻ لڳو. جڏهن سارو ڪهول ڏکيو سُکيو ميهڙ پهتو ته، هاڻي وڏو مسئلو، اهو پيدا ٿيو ته، ڪاٿي رهجي؟ نه گهر نه گهاٽ! بابا مسلسل بيمار..! ڪڏهن ڪنهن مائٽ وٽ ته، ڪڏهن ڪنهن مائٽ وٽ. انتهائي اذيتناڪ عالم  مان گذري رهيو هو اسان جو ڪهول! آخرڪار اسان جي ڏاڏي، جنهن کي  اسان امان ڪراڙي ڪري ڪوٺيندا هُئاسين. اُن جو ڪجهه مال متاع هو. ان اهو فروخت  ڪيو ۽ اٺ سئو  فٽن جو ننڍڙو ”سيل“ نما گهر ورتو. جنهن ۾ يارنهن ڀاتي رهڻ لڳاسين. 

ميهڙ پهتاسين، گهر ورتوسين هاڻي  وڏو مسئلو اهو هو ته، بابا جي علاج لاءِ ڏوڪڙ ڪٿان اچن ۽ گهر  جو ڪاروهنوار ڪيئن هلي. جيڪڏهن اسان جي ڏاڏي نه  هجي ها ته، اسان جو حال انتهائي گهڻو خراب ٿئي ها. اُن پٽي سٽي، قرض کڻي بابا کي حيدرآباد راجپوتانه اسپتال ۾  داخل ڪرايو. جتي علاج دوران بابا وفات ڪري  ويو. بابا سعودي مان اچڻ کان پوءِ  صرف هڪ سال زنده رهيو.  مُون پنهنجي وڏين ڀيڻن کان ۽ امان کان ٻڌو بابا مرڻ نه پيو چاهي ۽ هو جي مرڻ جي عُمر به ٿورئي هئي. هو پنهنجي اولاد سان پُوري محبت ته پري جي ڳالهه آهي، پر ٿوري به محبت  جي مهلت  حاصل  نه ڪري سگهيو!

 

ماءُ

 

هن جهان توڙي

هُن جهان جي تخليق جا نشان

تنهنجن قدمن هيٺان آهن

کنڀ ڊيلڙين جا

ڀؤنرن جا ڀيرا

خوشيءَ جا سڀ پراسرار پيچرا

جيون جا ناچ گانا

بي معنى بڻجن ٿا

تنهنجي ٻاجهه اڳيان

خوشبوءَ جي کيت کان

جهرڻن جي موسيقيءَ ۽

تنبوري جي زبان کان

پُرسڪون تنهنجي لولي آهي.

هيءَ دعوى حقيقت ناهي

خدا جي مالڪي

انسانن تي آهي!

ڏهه مهينا

ڀڃ ڊاهه جا ڀنڊار توئي ڀوڳيا آهن

تنهنجي مالڪيءَ جي دعوى

هن ڌرتيءَ جي گولي کان

وزنائتي آهي!

 

مائرون...

 

 (نظم)

مائرون،

مسيحائن کي

موت کان

بچائڻ جي

سگهه رکنديون آهن

مسيحا

مائرن آڏو

ٻار ئي هوندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org