سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1/ 2000ع

مضمون --

صفحو :8

سڄي ڳالهه سمجهڻ کانپوءِ هن چيو: عائشه، اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي، هي لاڪيٽ ۽ منڊي ته مون کي پنهنجي ساهيڙي فهميده ڏنا آهن، تون ڀلي ان کان پڇي ڏس ائين چوندي سيما جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا.هن کي ايئن رئندي ڏسي عائشه کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ۽ هن کي سڀني تي ڪاوڙ آئي، جن هن کي اها ڪوڙي ڳالهه ٻڌائي.

”سيما پليز رو نه، مون کي معاف ڪر، مون کان غلطي ٿي وئي جو مان به هنن جي چوڻ ۾ اچي ويس، تون چپ ڪر ته مان ٿي وڃ انهن جي خبر وٺان. عائشه ڪاوڙ ۾ ڀرجي اٿي، ۽ ٻاهر وڃڻ لڳي، پر سيما کيس ٻانهن کان وٺي ويهاري ڇڏيو.

”هيئنر نه، اجايو ڳالهه وڌي ويندي ٻيون مايون به ته ويٺيون آهن. اهي ڇا سوچينديون، تون ويهه، مون سان گڏجي هلجانءِ، ايئن چئي سيما ڳوڙها اگهيا ۽ چانهه ٺاهڻ لڳي.

چانهه تيار ڪري ڪوپن ۾ وجهي، ڪوپ ٽري ۾ رکي ٻاهر کڻي آيون. سڀني کي چانهن ڏئي سيما ۽ عائشه گڏ ويهي رهيون.

ٿوري دير کان پوءِ وري ڇوڪرين جي کل مذاق شروع ٿي وئي.

”ماسي هاڻي ته چانهه به پيتئي، هاڻ دهل وڄاءِ نه، ڇوڪرين زوري دهل واري مائيءَ کي دهل کڻايو ۽ پوءِ وري سهرا شروع ٿي ويا. هينئر سيما جي چهري تي پهرين واري رونق نه رهي هئي، هن جي تاڙي ۾ به جوش نه هو ۽ اها ڳالهه سواءِ عائشه جي ٻئي ڪنهن کي به محسوس  نه ٿي. وري به هرڪا واري واري سان سيما سان مذاق ڪري رهي هئي ۽ سيما نه چاهيندي به مرڪي رهي، پر مذاق جي به ڪا حد مقرر هوندي آهي. هتي ته حد کان به نه رهي هئي. تڏهن سيما کان وڌيڪ برداشت ٿي نه سگهيو ته هو اتان اٿي پنهنجي ڪمري ۾ هلي آئي ۽ وهاڻي ۾ منهن هڻي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي فهد سندس ماسات هو، خاندان جي سڀني ڇوڪرن کان خوبصورت ۽ لائق ڇوڪرو، پر هن ته فهد بابت ڪڏهن سوچيو به نه هو. سيما کي ڏک ٿي رهيو هو ته هنن کيس غلط ڇو سمجهيو ۽ ان ڏک کان هن جي اکين مان لڙڪن جي برسات شروع ٿي وئي.

عائشه ڄاڻي ورتو ته سيما جو ائين اٿي ويئي آ چپ چاپ ته پڪ سان ڪمري ۾ وڃي روئندي هوندي.عاشه وڌيڪ ماٺ رهي نه سگھي سڀني کي وٺي ڪمري ۾ آئي  ۽ کين سندن غلظيءَ جو احساس ڏياريائين.ا هو  ٻڌي سڀني کي ماٺ لڳي وئي،  هڪٻئي ڏانهن  ائين نهارڻ لڳيون ڄڻ پڇنديون هجن ” هي ڇا ٿي ويو؟“

تڏهن عائشه چيو: هاڻي ڇو ماٺ ٿي ويون آهيو، وڃو، هوءَ ويٺي اٿو ڪمري ۾ وڃي ڪيوس پريشان، ڪيوس مذاق....... عائشه جي ائين چوڻ تي سڀ اهڙيون ڪڇن جهڙي ڀت، ۽ پوءِ سڀ لڳيون  هڪٻئي کي ڏوهه ڏيڻ، هوءَ چوي تو چيو، هوءَ چوي تو جو ٻڌايو، اهو ڏسي عائشه چيو: هاڻي بس ڪريو، وڙهڻ مان فائدو اوهان کي ڳالهائڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي. ها وڃو، وڃي سيما کان معافي وٺو. توهان جي ڪري ئي هوءَ روئي رهي آ هينئر.

عائشه جي چوڻ تي سڀ ساڻس گڏجي سيما جي ڪمري ۾ آيون. سيما جي جڏهن هنن تي نظر پئي ته هو ٻئي هٿ منهن تي رکي روئي پيئي. پوءِ سڀ مڙي ويس، ڪا اکين تان هٿ پئي هٽائيس ته ڪا لڙڪ پئي اگهيس. ڪا وار پئي پري ڪريس چهري تان، ته ڪا وري پنهنجي غلطي جي معافي پئي وٺيس، سڀني پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو ۽ کانئس معافي گهري، سڀ کيس پرچائيندي روئي پيون. تڏهن سيما پنهنجا لڙڪ اگهيا ۽ اُٿي ويٺي.

هاڻي جلدي ڪري پنهنجي حالت درست ڪر ته ٻاهر هلون، عائشه جي چوڻ تي سيما اٿي اچي ڊريسنگ ٽيبل جي سامهون بيٺي. وارن ۾ برش ڦيري، ٽشو سان چهري جي آلاڻ ختم ڪري ٻيهر ميڪ اپ ڪيائين. ۽ پوءِ جڏهن هوءَ لاڪيٽ لاهڻ لڳي ته سڀني هڪ آواز ٿي چيو: سيما، سيما....... اهو ڇا ٿي ڪرين.

هاڻي اسان کي وڌيڪ شرمسار ته نه ڪر، سڀني جي گهڻي اسرار ڪرڻ تي سيما لاڪيٽ ۽ منڊي ٻيهر پاتي ۽ پوءِ مرڪندڙ مک سان، سڀني سان گڏجي هوءَ ڪمري کان ٻاهر نڪري آئي.

ابراهيم جليس                                          ڪهاڻي

 طفيل مگسي

ڦڪا مهانڊا

 

جيئن ته آصف جي ڀيڻ نوجوان هئي ۽ پنجن سالن کان پنهنجي گهوٽ جو انتظار ڪري رهي هئي، پر نه ڄاڻ سندس گهوٽ ڪير هو، ڪهڙو هو، ڪٿان جو رهندڙ هو ۽ ڪڏهن اچڻ وارو هو ....؟ آصف کي ڪجهه ايئن محسوس ٿيندو هو ته جيستائين هن جي ڀيڻ کي ڳٽڙن تي سرنهن جا ڦڪا ڦڪا گل ٽڙيا آهن، سندس گهوٽ ڪڏهن به نه ايندو، ڇا ڪاڻ ته گھٽ سرنهن جي گلن کي ناهن پسند ڪندا بلڪ اهي گلاب جي ڳاڙهن ڳاڙهن گلن تي جان ڏيندا آهن، سندس ساهيڙين هاجره، پرونما، زهره، شيلا ۽ سعيده جي ڳٽڙن ۾ ڪيترا وڏا وڏا گلاب هئا، ۽ سندس گهوٽ  ڪيتري تڪڙ ۽ بي تابي سان اچي ڳاڙهن ڳاڙهن گلن کي پٽي ساڻ کڻِي ويا،  هاڻ سڄي  پاڙي ۾ صرف هڪ گل رهجي ويو هو .... سرنهن جو ڦڪو ڦڪو گل ....... هن جي ڀيڻ ، جيڪا خوابن ۾، خيالن ۾، خلائن ۾  پنهنجي گهوٽ  کي ڏسي رهي هئي، ممڪن آ خوابن ۾ سندس گهوٽ ڏيک ڏيندو هجي، خيال ۾ هليو ايندو هجي ۽ خلائن ۾ هن ڏانهن وڌندو هجي، ليڪن هو ته ڌرتي تي رهندي هئي، خوابن، خيالن، ۽ خلائن ۾ اچڻ وارا گهوٽ ڌرتي تي  ڪيئن لهي سگهن ٿا، ڇا ڪاڻ ته اهي خوابن جي  نرم سطح تي ئي هلي سگهن ٿا، سو ڌرتي ان جي لاءِ   گهڻي سخت ۽ پٿريلي  هوندي آهي .

سڄي پاڙي ۾ مشهور هو ته سندس  ڀيڻ  کي مدي جو بخار ٿي ويو آهي،  ليڪن  شهر جي وڏن وڏن ڊآڪٽرن ٻڌايو هو ته  بخار بخار ڪجهه به نه آهي، فقط  هڪ مرض آهي .......ڊگهي ڪنوارپڻ ، جيڪا ممڪن آ ته ڊگهي ٿيندي ٿيندي مدي جي بخار واري ڳچي ۾ ڀاڪر وجهي ڇڏي، جيئن جيئن سندس ڀيڻ جي ڪنوارپڻ  ڊگهي ٿيندي ويئي، تيئن تيئن هو به سندس فڪر ۾ سڙي، سڙي، سُڪي ڊگهو ٿي رهيو هو ......... هڏن جو ڊگهو ئي ڊگهو ڍانچو.

ڀيڻ جي سينڌ ۾ سندور ڀرڻ لاءِ هن ڇا ڪجهه نه ڪيو، جڏهن هن جو پيءُ بنا ڪنهن بيماري  جي اوچتو فوت ٿي ويو ته هن قانون جي تعليم کي اڻپورو ڇڏي ٽيهه روپيا ماهوار واري غلامي جهڙي ڪلارڪي به قبول ڪئي، جيڪڏهن سندس ڀيڻ نه هجي ها يا جوان نه هجي ها، يا غريب نه هجي ها ته پنهنجي مشهور قومپرست پيءُ جيان وڪالت يا ڪو ٻيو آزادي وارو ڌنڌو اختيا ڪري ها، ليڪن جنهن جو پيءُ فوت ٿي ويو هجي، آمدني ٽيهه روپيه ماهوار هجي، جنهن جي ڀيڻ ڪنواري ۽ سندس ڳٽڙن تي سرنهن جا ڦڪا گل هجن، اهو......

مگر هن جي پنهنجي ڀيڻ ته اڃا عورت ٿيڻ کان اڳ پوڙهي ٿي چڪي هئي، هو ويچارو ان لاءِ ته صبح شام تائين آفيس جي ميز تي جهڪيو رهندو، صاحبن جا دڙڪا ٻڌندو، ۽ مهينن جا مهينا ٽيهه روپيه پنهنجي ڀيڻ  جي هٿ تي رکندو ۽ ان جي باوجود سندس چپن تي مشڪ به نه ٿي آئي،  جنهن تي هو تپي پوندو ۽  ڳالهه ڳالهه تي ڏنڀيندو هو، پوءِ ئي وڃي ڦڪن  ڦڪن گلن تي شبنم (ماڪ) جي قطره پئجي گلن جي ڦڪاڻ  کي ڪنهن حد تائين چهرو ڪندا هئا.

مگر هو مايوس نه هو، بلڪ هن کي يقين هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن هو  پنهنجي ڀيڻ جي گهوٽ کي خوابن، خيالن ۽ خلائن کان لاهي  هن ئي ڌرتي تي وٺي ايندو..... ڇو ته گهوٽ لالچي ٿيندا آهن، گل چاهي معمولي ڦڪا ڇو نه هجن، جيڪڏهن انهن کي سون ۽ چاندي جي ڪونڊين ۾ وجهي پيش ڪبو ته گهوٽ اک ٻوٽي  اهي ڪونڊيون کڻي وڃن ٿا ......... ان ڪري هو ڪلارڪي کانسواءِ اخبارن ۽ رسالن جي آفيسن ۾ به آڌي رات تائين ڪم ڪرڻ لڳو، جنهن باعث سندن آمدني وڌي سٺ روپيا ٿي.

 ۽ صبح جو وارن ۾ ڦِڻي ڏيڻ وقت شيشي ۾ پنهنجي صورت ڏسندو هو سندس پنهنجي ڳٽن جا .......  ليڪن انهن گلابي ڳٽن جي ضرورت ئي ڇا هئي؟ هو ته چاهيندو هو ته اهي ڳاڙها ڳٽڙا هن جي ڀيڻ جا ٿين ۽ بس ........  جيڪڏهن اهو ٿي نه سگهيو ته پنهنجي ڀيڻ کي سون چاندي جي زيورن ۾ ائين ٽمٽار ڪندوته هاجره، پرونما، زهره، شيلا ۽ سعيده جي گهوٽن جون اکيون ڦوٽارجي وينديون.

جنهن مهيني هنجي آمدني پنجاسي روپيا ٿي ويئي، سندس ڳٽن جي لالاڻ مات کائي ويئي، هاڻِي هن جي چهري کي ڏسي ائين معلوم ٿيندو هو، ڄڻ هو ڪنهن  ڦڪي رنگ جي شيشي واري دري جي روشني ۾ بيٺوآهي، ايستائين جو سندس دوست ڏسي کيس ڀوڳ ئي ڀوڳ ۾ چوندا هئا.

علاج ڪراءِ پنهنجو نهن ته ڪا ڇوڪري تو سان شادي نه ڪندي.

”جواني سڄي عورت کانسواءِ گذري ويندئي.“

هو مشڪي ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته هڪ مهيني ۾ کيس اسي روپيا مليا  ٿي.

” اڙي ڪا ڇوڪري ڀلي شادي نه ڪري “

هونئن به جواني فقط عورت جي جهولي ۾ گهارڻ لاءِ نه ٺاهي بلڪه جواني ته الف ليليِ‎ جي سورمن جيان ........ ۽ پوءِ باقي جملو پنهنجي دل ئي دل ۾ چوندو:

” جواني زندگي سان وڙهڻ جي لاءِ آهي، پنهنجي جوان ڀيڻ جي سينڌ ۾ سندور ڀرڻ جي لاءِ آهي....... مان جيڪو پنهنجي ڀيڻ جي لاءِ محلات ٺاهيندس، اهو تاج محل کان وڌيڪ شاندار هوندو.“

چند ئي مهينن کانپوءِ هو سو سو ۽ سوا سو روپيا هڪ هڪ مهيني ۾ ڪمائڻ لڳو، پر صحت ڏينهون ڏينهن ويس پئي ڪرندي، مگر هو پوءِ به ڏينهن جي روشنيءَ‎ ۽ رات جي اونداهي ۾ روپين جي پويان ڊوڙندو رهيو، پنهنجون ننڊون پنهنجي خيالن جا ٻيٽ ، پنهنجا خواب ۽ پنهنجي جواني .... يعني پر جيس جهان، جنهن سان هو لڪي  محبت ڪندو هو........  جنهن جي وڏين وڏين اکين کان نڪتل تير هن جي معصوم دل ۾ بيشمار اکيون پيدا ڪري ڇڏيون هيون.

هڪ ڏينهن هو ٿڪجي ٽٽي گهر موٽيو ۽ کٽ تي کنگهڻ لڳو، سندس ڀيڻ هن جي جوتن جون ڪهيون کوليون،ڪوٽ لاٿو ۽ سندس ڀر ۾ ويهي تيل جي آڍ ڏيڻ لڳيس، هن مشڪندڙ اکين سان پنهنجي گونگي ڀيڻ کي ڏسندي چيو :

” منهنجي پياري گڏي............ پيءُ جو پاڇو مٿان لهي ويو ته ڇا ٿيو، مان هاڻِي پنهنجي پاڇي ۾ تنهنجي هٿ کي اهڙي  ڳاڙهي ميندي سان رنگيندس ته..... ها تون وڃ انهي ڳالهه تي منهنجي لاءِ سٺي چانهه ٺاهي اچ.“

خوشي جي موقعي تي عقل ڪيڏانهن هليو ويندوآهي ! هو پنهنجي پاڇي جو پنهنجي پيءُ جي پاڇي سان مقابلو ڪري رهيو هو،بهرحال ڀاءُ جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ پريشاني ڏسي هن هڪ ڏينهن چئي ڏنو.

” ادا....... تنهنجي زندگي، منهنجي زندگي کان ضروري آهي، تو تا ن مون جهڙيون هزارين قربان ڪري سگهجن ٿيون ، تون منهنجي لاءِ ڇو پنهجي زندگي، جواني برباد پيو ڪرين، مون کي تو جهڙي پياري ڀاءُ جي پيرن ۾ وڏي سڪون واري زندگي حاصل آهي، مان ڪيڏانهن به نه ويندس......... مان شادي به نه ٿي ڪرڻ چاهيان...... ها تون شادي ڪري وٺ.“ 

اهو ٻڌي سندسن ڳوڙهن سان ڀنل ڳٽڙن تي محبت جي ٿڦڪي ڏيندي چيو. ” چري مان ڄاڻان ٿو ته تون ايتري ڦڪي آهين ته تنهنجي بدن ۾ رت جون تمام گهٽ بوندون آهن،  سو تون چاهين يا نه چاهين، ليڪن دنيا ۽ دنيا وارن جي لاءِ تنهنجي شادي ڪرڻ نهايت ضروري آهي، نه ته تون مصلي تي ويهي به قسم کائيندينءَ  ته به ڪو تنهنجي پاڪ پوتريءَ جو يقين نه ڪندو.

هن به دل ڪوڙي ڪري شرم کي هڪ پاسي رکي چئي وڌو، تون ڪوڙي آهين تو کي شادي جي ضرورت  آهي، مان پاڻ هر رات  تنهنجي کٽ کان دٻيل دٻيل ڀيانڪ آهون ٻڌان ٿو، بيشمار پاسا ورائيندي کٽ کان تنهنجون اڃايل راهون سڻان ٿو،مون کي دوکي ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪر، تو فقط گهر جي چوديواري ڏٺي آهي، مگر مون تمام وڏي دنيا ڏٺي آهي، يعني اٺاويهن سالن ۾ مٿي تي اڇا وار ڳچي ۾ جهڪاءُ  ۽ اکين ۾ .... اهو ڇا آهي؟ مون دنيا ڏٺي آهي، پر تون ته چوويهن سالن جي هڪ ڪنواري ڇوڪري آهين.

پوءِ هنجي زندگي ۾ هڪ وڏو چمڪدار ڏينهن اڀريو يعني پنهنجي ڀيڻ کي مٿي کان پيرن تائين سون ۽ چاندي جي زيورن سان ٽمٽار ڪيو، سندس سينڌ کي ڪهڪشان کان وڌيڪ چمڪدار بڻائي هٿن تي اهڙي ڳاڙهي ڳاڙهي ميندي هنئي ته........ به شرمائجي پهاڙن جي پٺيان غائب ٿي ويئي. سائي رنگ  جي ساڙهي ۽ سون جا زيور ايئن معلوم ٿي رهيا هئا، ڄڻ سائي رنگ جي گلدان تي پراڻي هندستان جي ڪنهن نقاش وڏي فنڪاراڻِي انداز سان چترڪاري ڪئي هجي ۽ سونهن جو هڪ ڦڪو ڦڪو گل مشڪي رهيو هجي ....... ان گل جا پن ماڪ جي بيشمار بوندن سان پسي رهيا هئا، هو پاڻ به روئندو مصنوعي خوشي کان مشڪندو کيس آٿت ڏيئي رهيو هو، اڙي....... ڪنوارون روئنديون آهن ......... ڪٿي روئنديون آهن؟

ڀيڻ جي وڃڻ کان پوءِ هن جي زندگي،  هن جو گهر سڀ ويران هئا، هن جي ڀيڻ جي کٽ هاڻي خاموش اڪيلي پئي رهي ۽ هو هاِڻي  آهون نه ڪڍندي هئي ۽ نه ئي ان کان ڪنهن اڃايل دانهن جي صدا بلند ٿي.

اهڙِي طرح هاڻي هو هڪ دفعو ضرور پنهنجي ڀيڻ کي ڏسڻ سندس ساهرين ويندو ۽ نهايت خوشي وچان گهر موٽندو هو ڀيڻ جي ڳٽڙن ۾ گلاب جون ڳاڙهيون ڳاڙهيون ...........  ظاهر ٿي رهيون هيون، اڄ سڀاڻي يا اهي ...... ٽڙي وڏا وڏا ڳاڙها ڳاڙها گل بڻجي ويندا ۽ گهوٽ انهن گلن جي چوڌاري مست، مخور۽ مسرور ڀونر جيان لامارا ڏيندو، مطلب ته ان وڌيڪ خيال کان خوش ٿي سگريٽ جو هڪ وڏو سوٽو وٺي هو آسمان ڏانهن ايئن مشڪي پوندو هو، ڄڻ ته هو اڪيلو فاتح آهي، جنهن کي نه سماج شڪست ڏيئي سگهيو ۽ نه ئي زندگي البته کيس سڄِي زندگي فقط هڪ ڏک هيو ته هو بر جيس جهان کي پنهنجو نه ڪري سگهيو، جيتوڻيڪ برجيس جهان اڃا تائين ڪنواري هئي، ليڪن سندس ڪنوارپڻو هڪ ٽرافي هو، جنهن کي کٽڻ جي لاءَ چند خاص شرطون  مقرر هيون، آصف برجيس جهان جي پيءُ کي دوستن ۽ مٽن مائٽن کان چورائي موڪليو ته هو برجيس سان محبت ڪري ٿو، پر برجيس جي پيءُ  جواب ڏنو ته شادي لاءِ ايتري محبت اهم نه آهي، زال کي سٺو گهر، سٺي خوراڪ، سٺا ڪپڙا وڌيڪ ضروري آهن......... آصف جا دشمن نيلام جي ٻولي هڻي رهيا آهن.

” منهنجا ٽي گهر آهن،  برجيس جي نانءُ  لکي ڇڏيندس.“

” منهنجي آمدني چار سو روپيه ماهوار آهي.“

”منهنجو زيورن جو دڪان آهي، برجيس سڄي عمر چمڪندي رهندي.“

” منهنجيون ٻه گاڏيون آهن، برجيس کي دنيا جهان جو سير ڪرائيندس.“

      مطلب ته آصف هارجي ويو ۽ سندس ئي آفيس جي هڪ هيڊ ڪلارڪ اها ٽرافي کٽي ورتي يعني آصف جي...... محبوبه جي ضرورت نه هئي، البت جواني جي خلا ۾ ايترو سڪون ۽ ڊپ محسوس ٿيندو هو،هن جي دل چاهيوته ان .......خاموشي ۾ شيشي جون چوڙيون چمڪن، پازيب (ڇير) جي مٺي مٺي جهنڪار پيدا ٿئي،رئوا ڦڦڙائين، پوءِ پوءِ پوءِ هاڻ...... محبوبه نه سهي ڪا عورت ئي جيڪا هن جي زندگي ۾ مهمان جيان اچي.

۽ جلدئي هڪ عورت هن کي ملي ويئي، شهر ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪرڻ جي لاءِ هڪ جٿو آيو هو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڳاڙهيون پريون هيون، سندس بدن ڄڻ اڇن شِيشن سان ٺاهي ويا هجن ۽اندر ڳوڙهو ڳاڙهو رنگ ڀريو ويو هجي. بکين ۽ اگهاڙن جي بت ۾ ساهه پيو۽ اهي پنهنجن پنهنجن ويران رستن جهڙن مذهبن کي ڇڏي ان رستي تي هلڻ لڳا جتي وک وک تي هوٽل هئا، کائڻ پيئڻ ......... روپيو سوا، آصف کي انهن نعمتن مان صرف هڪ .ئي نعمت گهربي هئي ........ مس فاڪس.

سبحآن الله ڇا عورت هئي، مس فاڪس پهريون  دفعو آصف ان کي امپريل پوسٽ آفيس کان نڪرندي ڏٺو هو  يعني وٽيل وٽيل بدن، ڊگهو قد ۽ سندس  مصور کيس رنڱڻ ۾ ڄڻ سڄو گلابي رنگ استعمال ڪيو هو، سندس ڳٽڙن تي مٺن صوفن جي  بجاءِ پارڪ شائر جا ٽماٽا هئا، پوسٽ آفيس کان نڪرندي جڏهن هو سائيڪل تي سوار ٿي رهي هئي ته سندس ڳاڙهين ڳاڙهين پينن کي ڏسي هن ايئن محسوس ڪيو، ڄڻ هو زندهه آهي، هو مري ويو آهي، هو مري ويو آهي، هو زندهه آهي.

هن قومي نسلي تعصب کي دل ئي  دل ۾ جنهنجوڙيو ۽ هڪ صاف دل سان اعتراف ڪرڻ لڳو ته واقعي دنيا جي ٻين ملڪن عورت جو اصلي قدر ڄاتو آهي، مگر هتي ته عورتن  جي مٽي پليت ٿي ويئي آهي۽ هن مٽي کي نه فقط سونهن، زعفران ۽ سورج مکي جا گل ئي جنم ڏين اچن ٿا.

سو ٻئي ٽين ڏينهن هن مس فاڪس سان واقفيت وڌائي ۽ جواني وري موٽي پيس ۽ هاڻي ڀيڻ کي گهٽ ياد ڪرڻ لڳو.ڇاڪاڻ ته گلاب جو گل سامهون هجي ته سرنهن ڪٿي ياد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com