سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1/ 2000ع

مضمون --

صفحو :6

انهي عظيم قوت جي آگاهي هنن جوان دلين ۾ هڪ جنبش، هڪ لهر پيدا ڪئي، جيڪي هڪ خاموش احتياط سان آهسته آهسته جهنگن کي طي ڪري رهيون هيون. هڪ پکيءَ چهڪار ڪئي، هنن جا قدم روڪجي ويا، وري شوق منجهان اڳتي وڌڻ لڳا، ٽارين کي اڳيان هٽائيندا ڪڏهن هڪ ٻئي سان نهايت جهيڻي آواز ۾ سرگوشيون ڪندا، اڳتي وڌندا رهيا، نوجوان اڳيان هو، ۽ سلويه سندس پويان پويان ڄڻ ته جادو جي زور هيٺ هلي رهي هئي. ۽ سندس ڀوريون ڀوريون اکيون جوش جي غلبي کان گهريون ٿي ويون هيون.

هن کي ٿورو ڏک ٿيڻ لڳو ته سفيد ڪونج جو ڪو نشان پتو ڪونه پيو، جنهن لاءِ اجنبي کي ايتري تمنا هئي، پر هن اجنبي جي رهنمائي نه ڪئي هو فقط هن جي پويان پويان هلندي رهي. گفتگو خود شروع ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿي ٿيو. جيڪڏهن هو ڪو ڀڻڪو ڪڍي ها، ته شايد پنهنجي ئي آواز کان وحشت زده ٿي وڃي ها- هن لاءِ ته رڳو ضرورت پئي ’هائو‘ يا ’نه‘ جو جواب ڏيڻ به نهايت مشڪل هو. نيٺ جڏهن سانجهي ٿيڻ لڳي، تڏهن ٻئي ڄڻا ڍڳيءَ کي هڪليندا گهر ڏانهن راهي ٿيا. جڏهن هو ان جاءِ تي پهتا، جتي هن اجنبي جي سينڍ جو آواز ٻڌو هو، ۽ ڊڄي وئي هئي، تڏهن خودبخود سندس چپڙن تي مرڪ ڇانئجي ويئي.

گهر کان اڌ ميل پنڌ تي، ٻيلي جي ٻئي ڇيڙي وٽ، جتي زمين نهايت مٿاهين هئي، صنوبر جو هڪ وڏو وڻ بيٺل هو، جو شايد پنهنجي زماني جو آخري وڻ وڃي بچيو هو. خبر نه آهي ته ان وڻ کي اتي سرحدي نشان طور ڇڏيو ويو هو. يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري ان کي اتي رهڻ ڏنو ويو هو: اهي ڪاٺير، جيڪي ان وڻ جي ساٿين کي وڍي کڻي ويا هئا، سي به ڪڏهوڪا مري کپي ويا هئا، صنوبر ۽ شاهه بلوط جي وڻن جو هڪ نئون ٻيلو اڀري آيو هو. پر صنوبر جي انهي وڻ جي چوٽي باوقار انداز ۾ سڀني کان اوچي ۽ بلند هئي ۽ ميلن جي مفاصلي تان سمنڊ ۽ سندس ساحل ڏانهن اوچي ڳاٽ پيئي نهاريندي هئي. سلويه کي اها خبر هئي ته هنکي يقين ته هو جيڪو شخص ان پوڙهي وڻ جي سڀ کان اوچي ڏار تي چڙهي  ويندو، سو آساني سان سمنڊ کي ڏسي سگهندو. هن ننڍڙي نينگر ڪيترائي ڀيرا انهي وڻ جي ٿلهي کهري کهري ٿڙ تي هٿ رکي، ڏاڍي اشتياق سان ان جي گنجان ۽ ڪارين ڪارين ٽارين ۽ شاخن کي ڏٺو هو، جيڪي هوا جي لهرن تي پيون لڏنديون لمنديون هيون. هن ڀيري هن کي انهي وڻ جو خيال هڪ نئين جذبي سان آيو، هوءِ سوچڻ لڳي ته.... جيڪڏهن هو پرهه ڦٽيءَ جو ساجهر ان وڻ جي چوٽي تي چڙهي وڃي، ته هوند سڄي دنيا کي ڏسي سگهي، ۽ آساني سان اهو به پتو به لڳائي سگهي ته اها سفيد ڪونج ڪٿان اڏامي ٿي اچي ۽ سندس آکيرو ڪٿي لڪل آهي.

ڇا سندس حوصلو، ۽ ڇا سندس بي ضبط تمنا! اهو صبح ڪيترو نه آرزومند فتحيابي، ڪامراني ۽ خوشي سان ڀرپور صبح ٿيندو، جڏهن هو انهي راز جو انڪشاف ڪندي، اهو جذبو ايترو ته حقيقي ۽ بلند هو، جو هن جي ٻاراڻي دل جي وسعت ۽ برداشت کان ٻاهر هو!

سڄي رات ان ننڍڙي گهر جو دروازو کليل رهيو، ۽ در جي مٿان ابابيلن جهڙا پکي ايندا ۽ ٻوليندا رهيا. نوجوان شڪاري ۽ سندس ميزبان ٻڍڙي گهري ننڊ ۾ پيا هئا، پر سلويه کي سندس عظيم تجويز ننڊ ڪرڻ نه ڏني. هن جوان جون اکيون کليل رهيون. هوءَ جاڳندي رهي شايد ننڊ بابت سوچڻ به هن کي وسري ويو هو. اونهاري جي ننڍي رات به سياري جي اونداهي رات وانگر، هن کي طويل ۽ ڊگهي محسوس ٿيڻ لڳي.، آخرڪار جڏهن ابابيلن جون ٻوليون بند ٿي ويون، ۽ هن کي پڪ ٿي ته ڄاڻ ته پرهه ڦٽي ۽ صبح ٿيو، تڏهن هوريان هوريان پنهنجي گهران نڪتي ۽ چراگاهه جي پيچري تان ٻيلي ڏانهن هلڻ لڳي. تيز تيز وکون کڻندي، هو سامهون نظر ايندڙ ميدان ڏانهن وڌڻ لڳي. رستي ۾ ڪنهن وڻ تي ويٺل پکي جي ننڊ، هن جي چرپر ڪري ڦٽي پئي، انهي پکيئڙي جي چون چون جي ننڊ اکري ٻولي، هن جي دل ۾ عجيب فرحت ۽ رفاقت جو احساس پيدا ڪيو. انساني اشتياق جي اها عظيم لهر، جا هن ننڍڙي بي رنگ زندگي ۾ ڦهلجي ويئي هئي سا جيڪڏهن هن معصوم دل مان فطرت جي قرب ۽ ٻيلي جي گونگي حياتي جون بخشيل خوشيون ۽ تسڪين کسي وٺي، ته ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه ٿيندي.!

زرد زرد چانڊوڪي ۾ صنوبر جو ٻڍڙو وڻ اڃا ننڊ پيو هو. ننڍڙيءَ نادان سلويه ڏاڍيءَ بهادري سان ان وڻ جي چوٽي ڏانهن چڙهڻ شروع ڪيو. جوش کان اڀامندڙ رت، هن جي بدن جي سمورين رڳن ۾ تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو. هن جا اگهاڙا پير ۽ هٿن جون آڱريون انهي آسمان ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ جي شاخن کي پکين جي چهنبن وانگر چهٽي ٿي پيون. هن سوچيو ته هن کي پهريائين پاسي ۾ گڏ بيٺل سفيد شاهه بلوط جي وڻ تي چڙهڻ گهرجي. اتي پهچي هو سياهه شاخن ۽ ماڪ سان آلن ساون پنن ۾ بنهه گم ٿي ويئي. هڪ پکيئڙو پنهنجي آکيري مان ڦڙ ڦڙ ڪري اڏاڻو، ۽ هڪ ڳاڙهي رنگ جو نوريئڙو هيڏانهن هوڏانهن ڊڪون پائڻ لڳو، ۽ زور سان چيٽون ڪري هن بي ضرر چور کي ڇينڀڻ لڳو. سلويه ڏاڍي اطمينان سان اڳتي وڌڻ لڳي، هوءِ اڳ به ڪيترائي ڀيرا انهي وڻ تي چڙهي چڪي هئي، ۽ کيس خبر هئي ته شاهه بلوط جي چوٽي وٽ هڪ ٽاري  صنوبر جي هڪ ڏار تي لڙيل هئي ۽ ان هنڌ تي صنوبر جون هيٺيون شاخون هڪ ٻئي سان ڳتيل هيون. اُتي، جڏهن هوءَ هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تي ٽپي وڃڻ جو جوکم جهڙو قدم کڻندي، تڏهن هن جي عظيم مهم شروع ٿيندي.

شاهه بلوط جي جهوليندڙ ٽاري تان هوءَ رڙهي مٿي آئي، ۽ ڏاڍي جرئت سان ٻڍڙي صنوبر جي وڻ تي ٽپي ويئي. هتان ته پاڻ سندس اميدن جي برعڪس رستو وڌيڪ مشڪل هو، هن کي اڃا ڪافي مٿي چڙهڻو هو، ۽ گرفت به مضبوط رکڻي هئي. جيئن جيئن هو مٿي چڙهندي ٿي ويئي تيئن هن جي جسم تي تکيون نوڪدار سڪل ٽاريون ڪاوڙيل شڪاري پکي جي ڇنبن جيان رهنڊا پائڻ ٿي لڳيون؛ ۽ ٿڙ جي سخت سخت ڇوڏن هن جي نازڪ سنهڙين آڱرين کي رهڙي بي ڊولو بنائي وڌو هو. پر هو جيئن پوءِ تيئن مٿي چڙهندي ويئي. هيٺ ٻيلي ۾ جهرڪيون ۽ ڪٻرون جاڳي رهيون هيون. ۽ پرهه جي ٻولي ٻولي رهيون هيون. پر صنوبر  جي چوٽي تان اهي آواز نهايت جيهڻا ٿي ٻڌڻ ۾ آيا. سلويه سوچڻ لڳي ته مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هن کي جلدي ڪرڻي پوندي.

جئن جئن هوءَ مٿي چڙهندي ويئي، ائين ٿي ڀاسيو ته وڻ به پنهنجي اونچائيءَ کي اينگھائيندو ڦهلائيندو ٿي ويو. اهو وڻ ڄڻ ته هن سفر ڪندڙ ڌرتيءَ جو مکيه سڙهه هو. ان ڏينهن جي صبح تي، صنوبر جي انهيءَ وڻ،انساني روح جي ان شراري کي، جيڪو ارادي ۽ عزم جي گرمي کان دکي رهيو هو، پنهنجي سڄي تن بدن ۾ محسوس ڪيو هوندو، جيڪو هڪ هڪ ٽاري کان ٿيندو، ٽپندو مٿي بلندين تي چڙهندو ٿي ويو. ڪنهن کي خبر ته ان وڻ جي ڪمزور کان ڪمزور ٽارين ڇانگ. هن هلڪڙي ڪمزور جيتامڙي انسان کي، پنهنجي بلندي جي رستي تي ڪيترا ڀيرا سهارو ڏنو هوندو. ٻڌڙي صنوبر کي پنهنجي هن نئين مهمان سان ضرور محبت ٿي ويئي هوندي. هن کي بازن، چمڙن، جيتن، ۽ ٻين ڪيترن  خوشنوا پکين کان به وڌيڪ پيار، هن تنها ڀورين اکين واريءَ ٻارڙي جي دلير ۽ ڌڙڪندڙ دل لاءِ پيدا ٿيو هوندو. جون مهيني جي ان صبح جو، اهو وڻ چپ چاپ بيٺو رهيو، ۽ هوائن کي دڙڪا ڌمڪيون ڏيندو هڪاليندو رهيو؛ ۽ مشرق ۾ پرھ به وڌيڪ روشن ٿيندي ويئي .

نيٺ آخري نوڪدار ٽاري به لنگهي ويئي ۽ سلويه ڏڪندي ٿڙڪندي، ٿڪل پر فتحيابي ۽ ڪامراني جي مسرت سان ڀرپور، وڻ جي سڀ کان اونچي چوٽي تي پهچي ويئي. ان وقت ڪو ماڻهو هيٺ زمين تان بيهي ڏانهس نهاري ها ، ته کيس سلويه جو منهن کيس هڪ زرد تاري جيان نظر اچي ها، اهو آهي سمنڊ، جنهن جي مٿان اڀرندڙ سج پنهنجي سونهري روشني ڇڙڪائي رهيو هو. انهي چمڪندڙ اوڀر طرف، ٻه باز پنهنجن پرڙن کي هوريان هوريان هلائي اُڏامي رهيا هئا. ايتري اونچائي تان هو ڪيترو نه هيٺ نظر ٿي آيا؛ پر زمين تان ڏسڻ ۾ هو ڪيترا بلند ۽ دور، ۽ نيلي آسمان جي ويجهو ڪارن داغن وانگر نظر ٿي آيا. انهن جا ڀورا  پر ڀنڀورين جهڙا نرم هئا، ۽ وڻ کان فقط ٿوري فاصلي تي ٿي نظر آيا. سلويه کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته هو به اڏامي ڪڪرن تائين پهچي ٿي سگهي. الهندي طرف ڪوهن جي مفاصلي تي ٻيلا ۽ کيت نظر اچي رهيا هئا؛ ڪٿي ڪٿي ديولين جا منارا ۽ سفيد سفيد ڳوٺڙا ٿي نظر آيا- بيشڪ اها دنيا ڪيتري نه وسيع ۽ پر عظمت هئي!

پکين جي ٻولين جو آواز  ايترو به تيز ٿيندو ٿي ويو، ۽ سج به بيحد روشن ٿي چڪو هو. سلويه دور سمنڊ ۾ جهازن جا سڙهه  ۽ بادبان ڏسي رهي هئي. هؤَ ڪڪرن کي ڏسي رهي هئي ، جيڪي ٿوري دير اڳ واڱڻائي ۽ گلابي رنگن جا هئا، ۽ پوءِ پيلا ٿيندا، جهڪا ٿيندا ويا. سلويه سوچڻ  لڳي ته ساين ساين ٽارين جي هن سمنڊ ۾ سفيد ڪونج جو آکيرو ڪٿي هو؟ ڇا هيتري خطرناڪ بلندي تي چڙهڻ جو انعام فقط دنيا جو هي حيرت انگيز ۽ خوبصورت نظارو ئي هو؟ سلويه، تون ٿورو هيٺ نظر ته ڪري ڏس، جتي چمڪندڙ ”برڇ“ ۽ ڪارن”هميلاڪ“ جي وڻن جي وچ ۾ سائي سائي ڍٻڻ آهي جتي تون اڳ به هڪ ڀيرو انهيءَ ڪونج کي ڏٺو هو- ها توکي اتي وري نظر  ايندي. ڏس، هو ڏس، هڪ اڇو داغ نظر اچيئي ٿو، ڄڻ ته هڪ سفيد کنڀ سڪل ’هميلاڪ‘ وڻ تان اڏامندو اچي: جئن ويجهو ايندو وڃي، تئن وڏو ٿيندو ٿو وڃي- اهو هاڻ صنوبر جي پاسي کان پنهنجي سنهي ڊگهي ڳچي ۽ ڪلنگي وارو مٿو ڪوئيندو، تيز تيز پرڙا هڻندو لنگهي ويو. ترس، ٿورو ترس! ننڍڙي نينگر، پنهنجي هٿن پيرن کي نه چور پنهنجي انهن مشتاق اکڙين مان روشني ۽ آگاهي جو تير نڪرڻ نه ڏي، ڇو ته ڪونج تنهنجي ٽاري جي ويجهو ئي هڪ ٻي ٽاري تي اچي ويٺي آهي ۽ پنهنجي جوڙي کي آواز ڏيئي رهي آهي. جيڪو شايد آکيري ۾ ويٺو آهي؛ ۽ ڏس ته هو نيئن صبح جي آجيان ڪرڻ لاءِ پنهنجا پرڙا سوئي رهي آهي.

گهڙي ساعت کان پوءِ ننڍڙي نينگر کان هڪ آهه نڪري وئي ڇو ته پکين جو هڪ ولر اچي انهي وڻ تي ويٺو ۽ انهن جي شور ۽ گهمسان کان سانتيڪي ڪونج ٽهي اڏامي ويئي. پر هاڻ سلويه کي سندس راز جي خبر پئجي ويئي، جهنگلي هلڪي ۽ هڪ ساريکي بدن جو پکيئڙو جو هوا ۾ ترندو ٿي ويو، ۽ جيڪو هيٺ سرسبز دنيا ۾ پنهنجي آکيري ڏانهن تير وانگر ٿي اڏاڻو. جڏهن سلويه جي دل پوري طرح مطمئن ٿي چڪي، تڏهن هن وري ساڳئي خطرناڪ رستي تان هيٺ لهڻ شروع ڪيو. جنهن ٽاري تي پاڻ هئي، ان کان هيٺ نهارڻ جي منجهس همت ڪانه هئي. هيٺ لهندي هڪ ڀيرو ته کانئس هلڪي رڙ نڪري ويئي. جو سندس آڱريون سور ڪري رهيون هيون. ۽ سندس زخميل پير هر هر ٿڙڪي ٿي ويو. هن کي رکي رکي اهو خيال ٿي ٿيو ته اجنبي کيس ڇا چوندو، ۽ جڏهن هوءَ کيس ڪونج جي آکيري جو ڏس ڏيندي، تڏهن هو ڇا سوچيندو؟

”سلوي سلوي!“ ٻڍڙي نانيس باربار سڏ ڪري رهي هئي، پر ڪنهن به کيس جواب نه ڏنو. گاهه جو ننڍڙو بسترو خالي پيو هو، ۽ ننڍڙي سلو يه غائب هئي.

مهمان هڪ خواب مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو ۽ پنهنجي سڄي ڏينهن جي دلچسپي ۽ مصروفيتن کي ياد ڪري تڪڙو تڪڙو ڪپڙا پائڻ لڳو ته جيئن ننڍڙي نينگر ٻه ٽي ڀيرا هن جي طرف اهڙين نظرن سان ڏٺو هو، جنهن مان هن کي پڪ ٿي ويئي هئي ته ڇوڪري کي ڪونج کي ڏٺو ضرور آهي. ۽ هاڻ ڪنهن طرح هن کي ڏس ڏيڻ تي آماده ضرور ڪرڻ گهرجي. اجها هوءَ پيئي اچي، اڳيئن کان به پيلي ۽ زرد، سندس ننڍڙو پراڻو فراڪ ليڙون ليڙون ٿي ويو آهي ۽ هنڌ هنڌ تي صنوبر جا ڇوڏا چهٽا پيا اٿس. پوڙهي نانيس ۽ اجنبي ٻئي گڏجي دروازي وٽ بيهي هن کان سوال پڇڻ لڳا آهن، ۽ هن لاءِ اها خوبصورت گهڙي آئي آهي، جڏهن هوءَ سبز ڌٻڻ جي ڪناري تي بيٺل سڪل هميلاڪ وڻ جو ذڪر ڪندي!

پر سلويه ڪجهه به ڪين ٿي ڪڇي؛ جيتوڻيڪ ٻڍڙي ناني ڪاوڙجي هن کي ڇينڀي رهي آهي ۽ نوجوان جون ٻاڏائيندڙ اکيون هن جي اکين ۾ کتل آهن، پر سلويه خاموش بيٺي آهي. هو هنن کي پئسا ڏيئي شاهوڪار ڪري سگهي ٿو. هن اهڙو انجام به ڪيو آهي، ۽ هو هن وقت غريب آهن، هو هنن کي خوشي عطا ڪري سگهي ٿو، هن اهڙو انجام به ڪيو آهي،  ۽ اهو انهي ڪهاڻي جو منتظر آهي، جيڪا سلويه ئي ٻڌائي سگهي ٿي.

پر نه، هن کي خاموش رهڻ گهرجي‘ ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن هن کي بلڪل گونگو بنائي ڇڏيو آهي. سندس عمر ته اڃا نو سال ئي مس آهي- پوءِ جڏهن دنيا هن جي اڳيان پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي، تڏهن ڇا فقط هڪ پکيئڙي جي ڪري انهيءَ هٿ کي موٽائي ڇڏي؟ صنوبر جي سرسبز شاخن جي ڀڻڀڻ ۽ انهن جون سرگوشيون اڃا تائين هن جي ڪنن ۾ ٻُري رهيون هيون. هن کي ياد آيو ته ڪيئن سفيد ڪونج سونهري فضا مان اڏامندي آئي ۽ ڪيئن ٻنهي گڏجي سمنڊ، ۽ صبح جي جلون کي ڏٺو هو، سلويه ڳالهائي نٿي سگهي، هوءَ ڪونج جو راز کولي نٿي سگهي، هوءَ اُن کان ان جي زندگي نٿي کسي سگهي.

۽ جڏهن ان ڏينهن مهمان نااميد ۽ مايوس ٿي هليو ويو. تڏهن هن جي معصوم وفاداريءَ کي وڏو صدمو پهتو. هن جي اها وفاداري اجنبي مهمان جي خدمت ڪري سگهي ها، ۽ هڪ ڪتڙي وانگر هن کي محبت ڪري، هن جي پويان پويان وڃي سگهي ها! ان کان پوءِ جڏهن سلويه پنهنجي ڀٽڪندڙ ڳئون کي ٻيلي مان وٺي گهر ايندي هئي، تڏهن ڪيترائي ڀيرا رات جو هن کي اجنبي جي سينڍ جو پڙاڏو ٻيلي ۾ گونجندو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. هن کي اهو غم به وسري  ويو هو، جو هن جي بندوق جي ڌڪ سان زخمجي ڪرندڙ پکين کي ڏسي ٿيو هو، جن جا نرم ۽ نازڪ کنڀڙا رت ۾ رڱجي ويندا هئا ۽ جن جون مٺيون مٺيون ٻوليون هميشه لاءِ بند ٿي وينديون هيون. ڇا هن لاءِ ٻيلي جا پکي، شڪاري کان بهتر دوست هئا....... ڪير چئي سگهي؟ خير هن جا الائجي ڪهڙا ڪهڙا خزانا لٽجي ويا.............. اي ٻيلؤ، ۽ اي اونهارو، اوهين ياد رکجو: پنهنجون سموريون سوکڙيون ۽ دلڪشيون آڻي هن ڳوٺاڻي نينگر کي ڏيو، ۽ چپ چاپ پنهنجا دلنواز راز کيس ٻڌايو.

(چونڊ آمريڪي مختصر افسانا تان ورتل)


 

ماهتاب محبوب

 

مٺي مراد

 

اهو اُڀ اکيئن پئي ڏٺو ته وڏيرو مبارڪ علي باجنس جهڙو ممڙو، ڪڻي ڪاسي جيتري ڪا ڪسر هئي به کڻي ته ڀروئن پوري ڪري ڇڏي، جيڪي شهپرن کي به شهه ڏيو بيٺا هئا. اهو راوڻ توڙي جو اڌ وهي ٽپيو ته به پار اُهي ئي پراڻا. ڪراڙي شينهن جيان واجهه وجهيو اونڌاهين ڪوٺين ۾ پيو هوندو هو. جا ڦاٽي ناهي سا ڦٿڪي ناهي. ويندڙن جا پيرا ڏسبا هئا ته ايندڙن جا ڪونه. اها ته جن ڪن ئي ڪانه هئي ته ڪو ٽاڪ منجهند جو وڏيري شاهه بانو پيتين مان ’خاشا‘ بسترا ڪڍرائڻ ڪاڻ نئين ساماڻيل ٻانهي ساڻ ڪري انهي پاسي اچي نڪرندي. کيس ڏسي وڏيري جي حياتي ڇڏائجي ويئي.

”ايڏهين ڪوڀ ۾ ڇا پيو ڪرين؟“

عينڪ، ٺونگي سان مٿي ڪري، چاٻين جو ڇڳو ٻانهي جي حوالي ڪندي عجب مان پڇڻ لڳي.

”ٿڌڙي جاءِ آ نه ، مون کي اتي سمهڻ ۾ فرحت ٿي اچي.“

”ايئرڪنڊيشن مان اُلا ٿي نڪتا ڇا؟“ هن رهڙ ڏني.

”جيڪو مزو قدرتي ٿڌڪار ۾ آ، سو ايئرڪنڊيشنر جي ڀون ڀونءَ ۾ ڪٿان لڀي.“

هن گوڏ جو پلاند ٺاهي، ڏندڙا ڪڍي وراڻيو پر نئين شڪار جي صاف بچي نڪرڻ تي دل ئي دل ۾ جک پئي کاڌا.

شاهه بانو ته هونئن به کيس ڪونه ٿي وڻي، جو ڏاڏي پوٽيون ورلي وڻن. مڙيئي الو ڀلو ڪيو پي وقت نڀايائين. هن به گهڻا ڏينهن آسرو پلي لاطمع بنجي وڃي ٽي وي ۽ ريڊيو سان لنئون لاتو. جتان دڪانن جا ذڪر ٻڌي پئي. سبحان الله سبحان الله ڪندي هئي ته ڪڏهن وري ’بُل‘ مارڪه ڪلام ۽ ڪافيون ٻڌيو پئي پرڀائيندي هئي. جڏهن مبارڪ علي کي هن مجهان ڪا مٺي مراد نه ملي ته وجهه ملنديئي بنا دير وڃي ٻي پرڻيو جنهن سان منڍ منڍ ۾ هن قربڙو ته رکيو ۽ ڪيئي ساوڻ سيارا لنگهي ويا پر ڪو ٻوٽو ڪونه ٻريو ته اُٿندي ويهندي ميڙن جيان طعنا تنڪا ۽ ٽين شادي جون دل هول ڏياريندڙ ڌمڪيون ڏيئي ڏيئي کيس هيسائي ڇڏيو. نتيجي ۾ هو به وڃي ٿي درگاهن بلي_ راتيون مقامن ۾ اوجاڳا ڪڍندي ته ڏينهن زيارتن ۾ وارن سان ٻهاريون ڏيندي گذرڻ لڳس. ڳچي ۾ ڳارا وجهيو ڇڙو پيئي پير سوريندي هئي ته من ڪنهنجي دعا سا ڪا مٺي مراد ملي پئي. ولوءَ ڀوپي کان وٺي مارل مستاني جي آستاني تائين اهڙو ڪو در نه رهيل هو جت تعويذن ڦيڻن پٺيان هن جهوت جهوتان نه ڪئي هجي. حويلي ۾ ويهڻ ته خير ڪو، پر ڪڏهن ويهندي به ته اوڙي پاڙي جا مڙيئي مهانڊا غاليچي تي پٿلي هنيون ويٺائي ويٺا هوندا هئا. هڪڙي پلاند ڇنڊي اُٿندي ته مٿان ٻي اچي پاڻ سٽندي درويشن ديوانن جا نوان نوان ڏس، تعويذ تڙن ۽ خوابن خيالن جا اڻ ميا ’نذرانا‘ پرمتڙيءَ جي جهولي ۾ وجهي پنهنجي آڌي کُٽي جي پورت ڪيو بالم بڻيون پيون ڀولي جيان هلائينديون هيس. وهم کيس ائين وڪوڙي ويا جيئن مانجهانداڻي کي رسو. ڏهاڪو کن مهانڊا ساڻ ڪري قافلي جي صورت ۾ جتان لنگهندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن تربت کي ڏس اتي ضرور ترسندي هئي ته متان ’ولي‘ نه ڏمرجي. پر جي جيپ اڳتي نڪري وئي ته رڙ ڪري ڊرائيور کي چوندي:

”اي بيهجان، بيهجان يعقوب! ٿورو پوئتي هل ته سلام ڀري وٺان.“

انهيءَ تڙ ڦٿڙ ۾ برقعو به جيپ جي ڦيٿي ۾ اچي ويس، مُئي مئي بچي ته به اُٽلندو فخر مان چوڻ لڳي:

ائي ڏٺو معجزو، اهو سائي پڙ واري پير ڇڪيو اٿم پاڻ ڏي- منهنجي ڇڪ ٿي اٿس، مٿان پٺ ڏيوس.“

ڪڏهن ڪڏهن کليو کلايو ته ڪڏهن وڏيري جي ڊپ کان لڪ ڇپ ۾ سارو ڏينهن هلي هلي نه رڳو هن مومنياڻي جي برقعي جو  پڪو رنگ اڏاڻو پر ساٽن جهڙي ترڪڻي لسي کل به فڪر ڳڻتين ۽ ڪاڙهن لڪن ۾ لوساٽجي ڪوري بافتي جو روپ ورتو ته مبارڪ علي به پنهنجي پرڙا ساهيا. پهرئين اڏام ۾ هن جي اک وڃي برقعا پوش نرس تي پيئي، قضا سان جنهن جو لنگهه ئي شاهي حويليءَ اڳيان ٿيڻ لڳو هن جي نئين فيشن واري سئنڊل جي پائينٽيڊ هيل پدمن پيرن سميت هيانءُ ۾ ايئن کپي ويس جيئن ڪلي کپي ڀت ۾. تنهن ڏينهن کان پوءِ روزانو اسٽيريو ٽيپ کڻائي نم جي ڇانو ۾ شاندار رلي وڇايل ڳاڙهن پاون واري کٽ تي ويهي هاسيڪار وڏيون کنگهڪارون ڪري ڇيڙي نبيري وارن سان ويٺو حال احوال ڪندو هو بس رڳو سئنڊل جي کڙڪي ٻڌڻ جي دير هوندي هئي جو ٽيپ جي پلي واري بٽڻ کي دٻائيندو هو. جنهن  ۾ ڳاتل سمورا گيت سندس دل جي ترجماني پيا ڪندا هئا.

’تنهنجي اچڻ جون واٽڙيون

نت نت اڀي نهاريان ته ڪڏهن وري

منهنجي اڱڻ اچين مونسان مُرڪي ملين

تنهنجي قدمن تان قربان ٿيان‘

زال ذات کي مرد ماڻهو جي ڪهڙي ادا، خبر ناهي ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن وڻي وڃي لاشڪ ته ممڙائي اسٽائل نرس کي به موهي ڇڏيو- جنهن جو ثبوت اُهي نت نوان عطر سستيون سينٽون هيون جن جو استعمال شايد هو پاڻي جيان ڪرڻ لڳي جو سندس لنگهندي ئي انهن جون هٻڪارون وڏيري جي چوگرد پکڙجي پئي ويون. جن کي هن وڏا ساهه کڻي پئي جهٽيون نه ته جيڪر اهڙين سادين سينٽن کي هو ٿُڪ ئي نه هڻي.

نينهن نيٺ هڻي هنڌ ڪيو. جلد  ڪو ڪنوار بڻجي ڪڙن ڪوٽن ۾ اچي قابو ٿي پر، ’جاڏي وڃي واگهو تاڏي پاڻي تانگهو‘ جيان لڳو ٿي ته اها شادي به وڏيري کي ڀانءِ نه پئي، جو انهي سان سندس گوڏن جو پراڻو سور تهائين سهڻ کان ٻاهر ٿي ويو. لاچار کيس سرڪاري اسپتال جي در اڳيان ويٺل ڄورن واري سان رابطو قائم ڪرڻوپيو جنهن چئن چورن وارو سنياريل ٿيو سمجهاڻيون ڏيئي سندس حوالي  ڪيو. رات ٿيندي ته هئو مئو ٽاري پلنگ هيٺان هٿ ڊگهيري ٽڀو سيريندو ۽ هرهڪ گوڏي کي مکڻ ذرو مکي ٻه ٻه ڄورون چهٽائي ڇڏيندو هو. تڏهن ڪنهن حال ۾ ڏسبو هو. نئين جوءِ تي سندس گهڻو راز هيو جو سارو ڏينهن هنج ۾ ليٽيو پيو مٿي کي سيرون ڏياريندو هيس. اڃا هن پيار جي ڇانو ۾ ڪي گهڙيون ئي ڪونه گهاريو ته جوڻس جو ارواح هن تان کڄي ويو. ڪجهه ٽڀي وارو لقاءُ ڪري، ڪجهه مهل ڪمهل ٽوٿ پڪ سان پاڏي جيڏو وات ڦاڙي ڏاٺن کوٺڻ جي عادت جي ڪري ته ڪجهه وري مٺي مراد ماڻڻ ۾ دير پوڻ ڪري. هو کيس نڙيءَ ۾ ڦاٿل ان مک جيان لڳو جيڪا نه ڪڍي سگهجي نه ڳهي سگهجي.

هوءَ ڏاڍي حيران پريشان رهڻ لڳي. گهڻو تڻو ته ڪو ڪتابڙو کڻي روح وندرائيندي هئي نه ته مٿي کي پٽي ٻڌيو پئي ڪنڊون پاسا ڳوليندي هئي، ڀائين ته وڏيرو پري هجي ته چڱو.

هو اڃا شهپر وٽي ويجهو ئي مس آيس ته ٻوٿ بڇڙو ڪري چوڻ لڳي:

”وڏيرا ايڏهين! آءٌ چاڪ ڪونه آهيان.“

”ڇو مٺا هاڻ مان توکي ڪونه ٿو وڻان ڇا؟“ هُن بيٺي ئي پڇيو.

” ڇو ڪونه ٿو وڻين“ هوءَ کٽ تي ڄنگهون سيون ڪندي چوڻ لڳي- گهڻئي ٿو وڻين پر ڇاڪيان جو مٿي جي سور ڪري ڪا ڳالهه ئي نٿي وڻي.“

”ڀر ۾ ويهڻ تي به مارشل لا لڳل آ ڇا.“

”ويهه ڀلي اکين تي پر کٽ کي ڌڏڪو نه ڏجانءِ“

اهو ٻڌڻ سان هن جي سموري حشمت نڪري وئي سگريٽ دکائيندي چوڻ لڳو.

”مٺا هينئر ئي اهڙيون وڇوٽيون ڪيئه ته اڳتي الائي ڇا ٿيندو؟“

”الا، اها! ڳالهه ناهي.“

”نيٺ به، ڪائي ته ڳالهه هوندي.؟“

”خالي هيانءُ، چانهه جي هڪ ڪوپ سان يڪيون ساريون گوريون ڳيٺيون اٿم- کاڌو ته وڻي ئي ڪونه. ڌڏڪي سان تهائين دل ٿي ڪچي ٿئي- هوءَ ڪرسي پئي اٿئي؛ اورتي ريڙهي اچي ويهه.“

ائين چوندي کيس اٻڙڪو آيو.

”بس، بس مان سمجهي ويس. آهي ڪو ڪچو پڪو الله ميان اميد ڪا لاهبي ڇا. ديريون سيريون ته ٿينديون ئي آهن.“

ايئن چئي ڊگهي خميس جيڪا مٿي کڄي وئي هيس، هيٺ ڪري ڪمري مان ڦونڊجي ٻاهر نڪتو ته هن پاسو ورائيندي پاڻمرادو ڀڻڪيو.

”ڪڍيس خدا، ڏني نه ورتي مئو راهه گناهه جو پاسا ڪڍي وجهيم ها. اهڙو قرب ئي گهريو جنهن مان هوند نه شڪر.“

هو اڃا ورانڊو ئي پار ڪري رهيو هو ته مهڙ ۾ ئي کيس حويلي جي خاص ٻانهي جافران ملي، جنهن جو ڪنهن زماني ۾ ساڻس ريزڪي حساب ڪتاب هلندڙ هو.

”ڏاڍو خوش پيو ڏسجين وڏيرا“

مبارڪون هجنئي جافران، اڄ تو واري وڏيري اٻرڪا پئي ڪيا.هون! اهڙا ته مان ڏينهن  ۾ اهڙا ڏهه اٻڙڪا ڏيان“

اهو ٻڌي هن جي هٿ مان ’گولڊ ليف‘ جو پئڪٽ ڇڏائجي ويو.

”وڏيري جند ڇڏائڻ لاءِ بهانو هٿ ڪيو هوندءِ“

هوءُ پٽ تان پئڪٽ کڻي کيس ڏيندي ٽوڪ مان چوڻ لڳي.

بهانو ڇا لاءِ ڪندي، هن جو ته مون سان ڏاڍو قرب آهي، جافران تون سڙين ٿي.“

”ڌڪ هڻي ڪڍين ها وڏيرا، پر اها اڳالهه نه ڪرين ها.“ هن سندس اکين ۾ اکيون پائيندي چيو. ”مان ڇو تنهنجين خوشين کان ارهي ٿينديس. مان ته پاڻ............“

”هون“! هن کيس چخي ئي نه ڪئي ۽ وڏائي مان هليو آيو، پر جافران جي ٽوڪ ڀري مرڪ جي ڪري هن جي دل ۾ انيڪ شڪ گمان پئجي ويا.

ڏينهن پڄاڻان، جڏهن جافران جي ڳالهه سورهن آنا سچ نڪتي ته سمورو عشق، فِشڪ ٿي ويو. اجايون لومڀيون ڏيئي هن سندس پتائي لوڻين رکيا. هيءُ به پنهنجي وڍي جو ويڄ نه طبيب ڀائيندي هر وقت ٿڌا ساهه ڀري انهيءَ گهڙي کي پئي پٽيندي هئي جڏهن هن ساڻس پيچ پاتو هو.

وڏيري مبارڪ عليءَ جي ڪوراڙ بلا جهڙي اسي مت کسي ماءُ ته پٽ کان به ٻه ڏاڪا گوءِ کڻي ويئي. صبح سانجهي پڌر ۾ چلم ٽيڪي آڻي وئي اڳيان پئي ننهن جا روئڻا روئيندي هئي. ڪنهن کڻي پڇيم:

”سانئڻ آهي ڪا وڏيري جي گهر اميدواري“

”امڙ ڪٿان آيون اُميدون.“ هن ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان وراڪو کاڌو. ”ڦنڊرون ڪاهي اچي گهر ۾ وڌيون اٿس جي نه ڏهڻ جون نه ڪهڻ جون- مون کي ته انهن ۾ ڪو حال ئي نٿو سجهي. ٻچڙي جي قسمت ۾ ئي ڪي سنڍون لکيل هيون.“

”سانئڻ وري به کڻي شادي ڪرائيندس، شرع ۾ ڪهڙو شرم.“

”امڙ ڏسي وائسي اڪ جو کير اک ۾ ڪير ڏهائيندو-  ٽي اڳ ئي ويٺيون آهن. چوٿين ڏکي ملنديئي.“

”ڇو نه ملندي، ملڪيت آ ته ڪهڙي پرواهه، سکي سنجھي  ٿيوويٺي کائيندي.“

”ائي کيئڻ ۾ ڇا آهي-ڪو کيئڻ  لاءِ ڪو نه ٿي گھرايانس – جنهن ڳالهه لاءِ ٿي ڦاهو کان؛ دعا ڪيو ته شال اها پوري ٿئي “

اهو ٻڌي ويڙهي جي ماڇاڻين مان هڪڙيءَ  چرچو ڪندي چيو:

”جيجان اسان کي جي وڏيرو گهر ۾ زالون ڪري ويهاري ها ته هوند ٻارن جون گنديون ڀري ڏيونس ها.“

”ائي لاچار پيو آ وڏيري کي، اسين مهاڻين ماڇاڻين جا ٻار ڪاڏي ڪيون ها.“ هو تيئن ڳڙي تي چڙهي.

”جيجان اهو به شڪر ڪر جو ماڇاڻين سان ويچاري جي پيڙهه ته پيدا ٿي پئي ها. خاندانڻين مان ته ٻير جو ککڙو به ڪونه آيو.“

هن کي ڪو جواب نه سمجهيو ته گڙ گڙ ڪري چلم مان زورائتا سوٽا ڀرڻ لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com