سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1/ 2000ع

مضمون --

صفحو :2

جڏهن ته قومون هن وقت پنهنجي self assessment  ۾ مصروف آهن، پر اسان اڃا تائين پنهنجي رستي ۽ منزل جو تعين ڪونه ڪري سگهيا آهيون.53 سال انهي معمولي ڪم لاءِ هڪ تمام وڏو عرصو آهي، پر اسان انهي ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهيون ته اسان جي لاءِ ڪهڙو نظام بهتر هوندو! اڄ اسان هڪ ئي وقت صدارتي، جاگيرداري جهموري، آمرانه ۽ اسلامي نظام کي اپنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان جي منزل اقتصادي ترقي آهي، اسان جهموري معاشري جي تعمير چاهيون ٿا، يا اسلامي روايتن جي اسين سائنسي تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان ترقي يافته قوم ٿيڻ چاهيون ٿا يا اسلامڪ ريفارمر ٿي خطي کي غير اسلامي طريقن کان پاڪ ٿا ڪرڻ چاهيون انهي جو فيصلو ٿيڻ گهرجي.

بظاهر هر پاڪستاني مٿي ڏنل سڀني مقصدن مان ڪنهن هڪ جي حصول ۾ مشغول هوندو، ڇو ته اهي مقصد ڪنهن هڪڙي نظام ۽ طريقي تحت حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي، ڇو ته هڪ ئي وقت مختلف نظام اپنائڻ  جن جو پاڻ ۾ نظرياتي اختلاف هجي، ڪٿي به قابل عمل ۽ فائديمند نه ٿا ٿي سگهن، پوءِ اڄ اسان جي لاءِ نئين صدي جي پهرين تقاضا اها آهي ته اسان پنهنجي منزل ۽ رستي جو نئين سري سان تعين ڪيون، ۽ پوءِ ايماندار ۽ وفاداري سان انهيءَ منزل ڏانهن سفرشروع ڪريون. اسان جي سڀ کان وڌيڪ بدقسمتي اها آهي ته اسان پنهنجي پاڻ سان يا پنهنجي ملڪ سان ايماندار ڪونه ٿي سگھيا آهيون. اسانجوPrioritiesمختلف آهن ۽ اڄ تائين اسان صحيح معنى ۾ هڪ قوم نه ٿي سگھيا آهيون.

دراصل اهوNational out look ئي آهي، جيڪو ترقي ۽ ڀلائي جو پهريون ڏاڪو آهي. اهو تصور هڪڙي عام ماڻهو کي ذميوار بڻائيندو آهي. ته اهو انفرادي طور پنهنجون ذميواريون نڀائيندي، هڪڙي پاسي ته قومي ايجنڊا جي تڪميل ڪندو آهي، ته ٻئي پاسي تي هڪ صحتمند معاشري جي تعمير ڪندو آهي. اها ذميواري جنهنکي اسان Civic Sense چوندا آهيون اڄوڪي وقت جي اهم ترين ِضرورت آهي. دنيا جي سڀني ترقي يافته قومن پهرين انهي مقصد کي حاصل ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي پاڻ کي دنيا ۾ مڃائي سگھيا. اڄ آمريڪا،جاپان ۽ ٻيا يورپي ملڪ بي فڪري سان بين القوامي ذميواريون پوريون ڪري رهيا آهن ۽ دنيا ۾ ليڊر جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

جاپان جيڪو ٻي جنگ عظيم ۾ ايٽم بم جي تباهي جوشڪار ٿي برباد ٿي ويو هو اڄ دنيا جي عظيم معاشِي طاقت آهي،جنهن جي سامهون آمريڪا جهڙي سپر پاور به گوڏا ٽيڪڻ تي مجبور ٿي وئي آهي،ڪوريا،چين، تائيوان، ملائيشيا،۽ ٻيا اهڙا ڪيئي ملڪ آهن، جن پنهنجو پاڻ کي انتهائي ڏکين حالتن ۾ قائم ڪيو. جنگن ۽ گهرو ويڙهن جو شڪار بڻجيل هئا، پر انهن قومن هڪڙو مقصد متعين ڪيو ۽ پوري ايمانداري سان ان جي تڪميل ۾ لڳي ويا. وقتي تڪليفون سڀني کي سامهون آيون، برابر انهن ملڪن ناڪامين کي پنهنجي طاقت ٺاهي ڪاميابي جي منزل ماڻي.

اڄ آزادي جي ٽيونجاهه سالن کانپوءِ اسان جي قوم هڪ تاريخي موڙ تي بيٺي آهي، اڃا به وقت آهي، اڄ به ترقي يافته  قومن جي تاريخ اسان جي سامهون آهي،ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهجين ذميدارين ۽ حقن ۾ فرق سڃاڻون، صرف اهو چئي ڇڏڻ تي پاڪستان اسان کي ڪجهه نه ٿو ڏي، تنهن ڪري اسان تي به پاڪستان جو ڪو به حق ڪونه آهي ،دراصل پنهجين ذميدارين کان فرار حاصل  ڪرڻ آهي. ترقي جي منزل قربانيون ڏيڻ کانپوءِ حاصل ٿيندي آهي، اڄ پاڪستان اسان کان مخلصانه طور پنهنجي فرض جي ادائيگي گهري پيو،پنهنجي ماحول، پاڙي ۽ شهر کي صاف رکڻ ايمانداري سان پنهنجا ٽيڪس ۽ بل ادا ڪرڻ،اهي سڀ ذميداريون ترقي يافته قومون، پنهجي قومي فرض طور اداڪنديون آهن.

زيب شاهه

* مان خود هڪ استاد آهيان استاد ٿيڻ هڪ مقدس پيشو آهي ۽ منهنجي نظر ۾ استاد ماءُ جي مقدس رشتي جيان آهي جيڪو پنهنجو سڄو پيار پنهنجي اولاد کي ورهائي ڏيندي آهي استاد به بلڪل ائين آهي پنهنجي سڄي سمجھ ۽ علم پيار ۽ سچائي پنهنجي شاگرد کي ورهائي ڏي ٿو.

* زندگي منهنجي نظر ۾ هڪ پيڙا ۽ هڪ درد جو نالو آهي درد جو ڪو ديس ناهي درد جي ڪا به موسم نه هوندي آهي درد هڪ ڪيفيت جو نالو آهي جيڪو محسوس ڪري سگھبو آهي هر انسان هن پيڙا مان گذري ٿو منهنجي نظر ۾ زندگي هڪ مسلسل ٿڪائيندڙ سفر آهي.

* محبت منهنجي نظر ۾ ماڪ ۾ پسيل تازن گلن جي پکڙيل خوشبو وانگر آهي جيڪا روح سان ڳنڍيل رشتن کي وڪوڙي رکندي آهي محبت جي بغير زندگي کوکلي ۽بي رنق آهي.

* اسان جي قوم کي اڃان اها خبر ناهي ته 2000 ملينيم جي تقاضائون ڪهڙيون آهن بهرحال منهنجي خيال ۾ 2000 ملينيم جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ اسان کي گھرجي ته اسين جنهن به شعبي ۾ ڪم ڪريون يا ڪم ڪري رهيا آهيون. پوري سچائي ۽ لگن سان ڪم ڪريون سڀ کان پهرين اهم ڳالهه ته اسين وقت جو قدر نه ڪنداسين ته اڳتي وڌي ڪين سگهنداسين ترقي يافته ملڪن سان گڏ هلي نه سگھنداسين.

 

نگھت سيما شاهه

*بهتر کان بهترين

* رب جو انمول تحفو

* لافاني جذبو.

* مذهب جي ويجھو وڃڻ گھرجي ته جيئن براين ۽ بدامني تي قابو پائي سگھجي.

مس شميم ميمڻ

* هڪ ابدي زندگي جي سفر لاءِ تياري جو وقفو

*ائين لڳندو آهي ته اسان مستقبل جي انسان جي ڪردار جي  عمارت پيا ٺاهيون ۽ خيال رکبو آهي ته ڪٿي اسان جو ڪمزور لفظ ان عمارت کي ڪمزور نه ڪري ڇڏي.

* جيڪڏهن جائز هجي ته عظمت ۽ ناجائز جي هجي ته تهمت.

*اسلام هر دور ۾ هرملينيم جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ وارو مذهب آهي دعا آهي تنهن ملينيم جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ اسلام جي تقاضائن کي پوري طرح پورو ڪري سگھان..

سروي

ايڪويهين صدي جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ وٺڻ گھرجن؟

سڀ کان پهرين ته اسان کي پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيڻ گھرجي، خاص ڪري سائنسي تعليم تي. پنهنجي سماجي لاڙن ۽ عملن تي ويچارڻ تمام ضروري آهي. اسان ايستائين اڳتي نٿا وڌي سگھون جيستائين ملڪ جي اڌ آبادي عورت کي انسان سمجھي ان کي پنهنجي سياسي سماجي ۽ تعليمي عملن ۾ شامل نه ڪبو تيستائين اسان ڪنهن به وقت کي نئون وقت يا نئين صدي جو نالو نٿا ڏيئي سگھون.

ڌارا شيخ

*زندگي جي ڪنهن به قسم جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين ان جي باري ۾ شعور حاصل ڪرڻ، شين جو استعمال ڪرڻ.

* جيڪو اسان جي اڄ جي معاشري ۾ exist ڪري، انڪري سڀني اڻ سونهن رستن تي هلڻ لاءِ اسان کي سڀ کان سولو ۽ پهريون رستو آهي Education يعني تعليم حاصل ڪرڻ.

* اگر اسان واقعي ايڪويهين صدي ڏانهن وڌڻ چاهيون ٿا يا ترقي لاءِ ڪجھ به Improvement ڪرڻ چاهيون ٿا ته صرف ۽ صرف تعليم کي سڌارڻ ۽ ماڻهن جي شعور وڌائڻ، غلط صحيح جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ سان .

 * ۽ سڀ کان اهم ڪم، سائنس جي تعليم کي وڌائڻ آهي ڇو ته اڳيان هلي يعني مستقبل ۾ اگر دنيا م ڪا به distruetion  يا costruction ٿيندي ته سائنس جي بدولت ٿيندي !

   سنڌيا چنا

ايڪويهين صدي جدتن جي صدي آهي ۽ علم حاصل ڪرڻ  اولين فرض آهي ظاهر آهي ته علم کان سواءِ جديد کوجنائون ته ڇا پر انهن کي استعمال به نٿو ڪري سگهجي سال ۽صديون ٽائيم جي اوسر جا نشان هونديون آهن  ۽ جڏهن به ڪنهن ٽائيم جي افاديت نه سمجھي ۽ پنهنجا رويا سوچون ۽ ضابطه نه مٽيا ته پوءِ تاريخ شاهدي ٿي ڏي ته تباهي انهن جو مقدر بڻبي.

                                              وحيد شيخ

اسان جي تاريخ جي ماهرن کي گذريل صدين جي تاريخ سامهون آڻڻ گھرجي اسان جي سڄي قوم پنهنجو جائزو موئن جي دڙي کان وٺي ميرن جي حاڪميت ۽موجوده سنڌ تائين وٺي ماضي ۾ ڪيل غلطين کي سڌاريو وڃي ۽ آئندي لاءِ جديد علمن جي بنياد تي نئين سنڌ جي وجود لاءِ جاکوڙڻ گھرجي اسان جيڪڏهن هن صدي جي شروعات ۾ پنهنجي ماضي جو جائزو وٺي مستقبل متعلق قومي تعمير جو خيال واضع ڪري وياسين ته واقعي 21 صدي جو وڏو ڪم ليکبو .

                                                 مير احمد

ايڪويهين صدي جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان کي تمام گھڻو سفر ڪرڻو پوندو. پر اسين پهرين ويهين صدي جيڪا علم ۽ سائنس جي صدي رهي آهي جتي دنيا تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي پر اسان اڃان پنهنجا تعليمي معيار به پراڻا رکيو ويٺا آهيون. اسان کي تعليمي معيار کي نئون ڪرڻو پوندو جنهن ۾ خاص ڪري فلسفي ۽ سائنس جا ڪتاب اسان کي پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ گھرجن ۽ تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ پهرين ئي ذهنن کي صاف ڪرڻو پوندو مان علامه آءِ آءِ قاضي جي هنن لفظن کي ايڪيهين صدي لاءِ بهتر سمجھان ٿو ” اچو ته سکڻ لاءِ ۽ وڃو سيکارڻ لاءِ “ ۽ ائين ايڪويهين صدي ۾ اسان کي داخل ٿيڻ ۽ پنهنجي وجود کي سڃاڻڻ جي لاءِ ڪوشش وٺڻ گھرجي

       محمدعلي لغاري

ڪنول ميمڻ (انٽر سائنس گورنمينٽ گرلس ڪاليج هالا )

ڪاليج لائيف

نرسري کان وٺي ڪري مئٽرڪ تائين گھٽ ۾ گھٽ 12 سال ڀرپور rules and regulation  واري زندگي گذاري جڏهن ڪاليج ۾ قدم رکجي ٿو ته ماڻهو پاڻ کي اڏامندڙ پکي وانگر آزاد محسوس ڪري ٿو آءُ سمجھان ٿي ته اهڙو احساس هر اهو شاگرد محسوس ڪندو هوندو جيڪو college ۾ داخلا وٺي پڙهڻ شروع ڪري ٿو اهڙي نموني مان پنهنجي زندگي جي هن وقت کي  زندگي جو بهترين سرمايو تصور ڪريان ٿي جو مون کي تمام سٺا استاد مطلب ته سڄو عملو با اخلاق cooperative مليو آهي وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي آهي ته پرنسپل ۽ ٽيچرس جي همٿ افزائي جي ڪري مون ۾ وڌيڪ محنت ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو آهي منهنجي خيال ۾ استادن جي عزت ۽شوق سان پڙهڻ ڪري ماڻهوءِ کي اطمينان ۽ خوشي حاصل ٿئي ٿي. منهنجي دعا آهي ته هر شاگرد پنهنجي استادن جي عزت ڪندو رهي ۽ دل لڳائي پڙهندو رهي ۽ استاد به هن مقدس پيشي سان انصاف ڪندي شاگردن جي رهنمائي ڪن.

ڏينهن بدلجن مهينا بدلجن سال توڙي صديون جيستائين احساس نه ٿيندو ڪجهه نه ٿيندو. دنيا ۾ جڏهن ڪلاڪ گذري ٿو ان جو احساس هئڻ گھرجي پوري ڌيان ۽ توجھ سان سوچڻ گھرجي ته ٽائيم ڪيئن گذريو، صدي  ملينيم جي بدلجڻ تي واڌايون ان ڳالهه جو ثبوت بڻجڻ گهرجن ته اسان ان لاءِ پاسي به ڪجھ سوچون ڪجھ ڪريون ۽ ڪجھ ڪري ڏيکاريون

                                 شاه زمان ڀونگر

* ويهين صدي ۾ عورت ڪهڙيون ڪاميابيون حاصل ڪيون ؟

 2000 ملينيم جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ وٺڻ گھرجن.

ويهين صدي ۾ سنڌ جي عورت تعليم جي کيتر ۾ تمام گھڻو اڳڀري ٿي پنهنجي حقن جي حاصلات سياسي سماجي ميدانن ۾ پاڻ مڃرايو ۽ ثابت ڪرايو ته سنڌي عورت کي آزاد ماحول ۾ رکي سنڌ جي ترقي ۾ واڌارو آڻي سگهجي ٿو عورت جي ترقي ۽ خوشحالي صرف تعليم تي مبني آهي اسين اڃان به پنهنجي نياڻي کي تعليم کان محروم رکيو آهي 21 صدي جي گھرجن مطابق هاڻي اسان جي عورت ۾ اهو شعور پيدا ٿي چڪو آهي ته هو سٺي ماءُ ڀيڻ ۽ زال ٿيڻ لاءِ پنهنجي تعليم حاصل ڪري ان لاءِ اسان کي پنهنجي گھر جي هر نياڻي کي تعليم ڏيارڻ فرض سمجھي سنڌ جي ترقي ۾ واڌارو آڻي سگھون ٿا.

اسان کي سڀ کان پهرين پرائمري تعليم کي معياري بنائڻ پوندو

اسان کي سماجي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻي پوندي.

اسان کي پنهنجي اندر ۾ سهپ جو مادو پيدا ڪرڻو پوندو جنهن سان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي نه سگھن.

اسان کي پنهنجي عورت کي بنيادي حق ڏيڻا پوندا

                                            لال محمد پنهور

* ويهين صدي ۾ عورت ڪهڙيون ڪاميابيون حاصل ڪيون ؟

 

* 2000 ملينيم جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي ؟

*اسان کي محنت ڪرڻ گھرجي پنهنجي لاءِ پنهنجي ڌرتي لاءِ صرف وڏن نعرن سان ڪڏهن به مقصدن جون سرحدون ناهن ملنديون هاڻي وقت آهي سچائي سان محنت ڪرڻ جو ............

* ويهين صدي جي عورت لاءِ مون ناچيز وٽ ڪي لفظ ڪونهن ويهين صدي بس پنهنجي لحاظ کان مون کي جنم ڏيندڙ هڪ مقدس عورت آهي باقي سائنس جي حوالي سان ۽ هر ڪنهن فيلڊ ۾ مردن کان ڪٿي مٿي ۽ ڪٿي برابر رهي آهي.

جيوت سندر

تنوير جوڻيجو

سنڌ جي عورت تعليم جي ميدان ۾ ڪافي اڳتي آئي آهي . سوشيالاجي جي ڊپارٽمينٽ پارن خواتين جو مشاعرو

 

تازو سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ پاران شعبي ۾ نوان پيپر متعارف ڪرايا ويا ” ڪميونٽي ڊولپمينٽ“ ۽ سوشيالاجي آف وومين “ سوشالاجي آف وومين جي حوالي سان نائين مارچ 2000ع تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ته جيئن شاگردن ۽ ٻين ٻڌندڙ ساٿين کي هن ڏينهن جي حوالي سان معلومات ڏيئي سگھجي. هن تقريب جو منتظم اعلي پروفيسر الهه وسايو راڄڙ ليزان آفيسر فيڪلٽي آف سوشل سائنسز هو. جنهن ڪوشش سان ”عورتن جو مشاعرو“ منعقد ڪرايو ويو.

هن تقريب جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر رشيد احمد شاه ڪئي خاص مهمانن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، ضيا احمد اعواڻ ۽ سنڌ جي نالي واري شاعر عطيه دائود هئي.

 هي تقريب ٻن حصن تي مشتمل هئي پهريون حصو تقريرن تي مشتمل هو جڏهن ته ٻيو حصو شاعري تي مبني هو. تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو ۽ اها سعادت گل محمد مغل کي نصيب ٿي شعبي جي چيئرپرسن آجياڻي تقرير ڪندي نه رڳو مهمانن کي ڀليڪار ڪئي پر آيل مهمانن جو تعارف پڻ ڪرايو. ان بعد شعبي جي سينيئر استاد پروفيسر خالده شيخ هي ڏينهن ڪلارا زيٽڪن جي نالي سان منسوب ڪندي، عورتن جي جدوجهد جي تاريخي پسمنظر تي روشني وڌي ان بعد ڊاڪٽر سليمان شيخ پنهنجي ڪي نوٽ ائڊريس ۾ تفصيل سان روشني وڌي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جي مختلف ادارن ۾ عورتن ۽ مردن کي ملندڙ سهوليتن جا انگ اکر ٻڌايا ته سنڌ ۾ ٻٽيهه سو عورتن لاءِ هڪ ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ ارڙهن سؤ مردن لاءِ هڪ ڊاڪٽر آهي جڏهن ته عورتن جي صحت ۽ تعليم تي ڪو به خاص ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.

ضيا اعواڻ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسان جي معاشري ۾ مائر ۽ پيئر پنهنجي پٽن کي پنهنجي ڌيئرن تي ترجيح ڏين ٿا پٽن جي مستقبل  اعليٰ تعليم ۽ ڌيئرن جو مستقبل سندن شادي ئي سمجھيو وڃي ٿو اهڙي طرح جڏهن نياڻين جون شاديون

 ٿي وڃن ٿيون ته سندس خواب ڀور ڀور ٿي وڃن ٿا ۽ هاڻي هي لاڙو ختم ٿيڻ گھرجي. تقريب جي صدارتي تقرير ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر رشيد احمد چيو ته آءُ پنهنجن ڌيئرن مائرن ۽ زالن جي حيثيت کي ڏسندي شاه سائين جو اهو بيت پڙهندس جيڪو شاهه
سائين عورتن جي حالتن کي ڏسندي چيوـ

ڏاگهن ڏيرن، ڏونگرن، ٽنهي ڏنم ڏک،

سي سڀ ڀائيم سک هڪاند ڪارڻ هوت جي.

عورت، ڌي هجي زال هجي، ماءُ هجي،ڀوڳي ٿي ۽ اها ڀوڳنا ساڻس ٿيندڙ غير امتيازي سلوڪ سببان ننڍپڻ کان وٺي پيدا ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته امڙ به پٽ کي اهميت ڏي ٿي ڌي کي نه. پٽ جي شادي جا خواب ڏسي ٿي جيڪڏهن ڌي پنهنجي مرضي سان ور جي چونڊ ڪري ٿي ته مائٽن کي ڳالهه نه وڻندي وڌيڪ وائيس چانسيلر چيو ته اڄ عورتن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ سنڌ جي عورت تعليمي ميدان ۾ ڪافي اڳتي آئي آهي۽ اڄ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻه حصا شاگرد ۽ هڪ حصو شاگردياڻين جو آهي ۽ اهو ڏينهن دور نه آهي جڏهن شاگردياڻيون هن حد کي به ڪراس ڪندي اڃان اڳتي وڌنديون.“

 هن موقعي تي (سنڌ يونيورسٽي وائيس چانسيلر پاران خاص مهمانن کي اجرڪ اوڍايا ويا. جيڪا ڳالهه نهايت سڀني کي وڻندڙ لڳي ۽ وائيس چانسيلر جي عمل کي سڀني ساراهيو. تقريب جو ٻيو حصو شاعري تي مشتمل هو، عطيه دائود، ثريا سوز ڏيپلائي، زيب نظاماڻي، تهمينه مفتي، حسينه ساند، مارئي سحر۽ امر سنڌو پنهنجي شاعري سان ماڻهن کي محظوظ ڪيو. نوي سيڪڙو شاعرائن ’ڪارو ڪاري‘ واري موضوع تي شاعري پڙهي. جڏهن هت عطيه دائود ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍ خلاف آواز اٿاريو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com