سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1/ 2000ع

مضمون --

صفحو :12

ٽي چار ڪلاڪ ساندهه انهي طريقي سان بيچين رهڻ بعد مريض کي پگهر اچڻ شروع ٿيندو آهي. ايتري تائين جو سڄو جسم پگهر ۾ پسي ويندو آهي. پر مريض کي ايترو ته نستو ۽ نٻل ڪي ڇڏيندو آهي، جو هو اٿي نه سگهندو آهي، ۽ اُتيئي کيس ننڊ اچي ويندي آهي. ان کانپوءِ جڏهن ننڊ مان اٿندو آهي ته بلڪل تندرست پيو ڀاسندو آهي. ليڪن ڪن ڪن حالتن ۾ اهوئي بخار سندس جسم ۾ بيٺو رهندو آهي، جو ٻئي، ٽئي، يا چوٿين ڏينهن واري صورت ۾ ظاهر ٿيندو رهندو آهي.

 

علاج:

جنهن وقت مريض کي، سرديءَ جو احساس ٿيڻ لڳي، يا هو سست محسوس ٿئي ته بروقت، هڪ ڪوپ گرم چانهن يا ڪافي جو ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن چانهه وغيره جو بندوبست ٿيڻ مشڪل هجي ته پوءِ اهڙي هالت ۾ گرم پاڻي جو ئي ڪوپ کڻي هن کي پيئڻ لاءِ ڏجي، جنهن جي پيئڻ سان سردي گهٽ ٿي ويندس، مريض جي دل خراب ٿي رهي هجي ته اڌ سير کن گرم پاڻيءَ ۾ ٻه تولا کن لوڻ وجهي پيارجي، ۽ وات ۾ آڱر هڻي الٽي ڪرڻ جي هدايت ڪجي.

تيز بخار جي حالت ۾ جڏهن اُڃ تمام گهڻي هجيس ته پاڻي ۾ کنڊ وجهي ان ۾ ليمون نپوڙي پيارجيس. ان کانسواءِ خشڪ گدامڙي، يا مصري به وات ۾ رکڻ چڱي آهي. جيڪڏهن اٻڙڪا ايندا هجن، ته ليمي کي ٻه ٽڪر ڪري ان ۾ لوڻ ٻرڪي چوسڻ فائديمند آهن. سخت بخار جي حالت ۾ جيڪڏهن مريض کي بيچيني تمام گهڻي هجي، ۽ جيڪڏهن ڏسجي ته مريض بدليل سدليل ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته اهڙي حالت ۾ آهستي آهستي هن جي هٿن ۽ پيرن کي آهستگي سان تريون هڻڻ گهرجن. گلاب جو عرق پنج تولا ۽ سرڪو ٻه تولو برف ۾ ٿڌو ڪري ڪنهن صاف ڪپڙي کي انهي ۾ پسائي، مريض جي پيشاني تي رکجي، ۽ لاڳيتو اهڙي قسم جو ڪپڙو بار بار هن جي پيشاني تي رکيو وڃي. ٻئي ڏينهن تي جڏهن بخار لهي وڃي، ته مريض کي هلڪو جلاب ضرور رکڻ کپي. ته جيئن ان جو اثر، بخار واري اچڻ کان پهرين ختم ٿي وڃي.

کاڌو

بخار جي واري وقت، يا بخار جي دوران ۾ ڪابه کاڌي جي شي نه ڏيڻ گهرجي. جڏهن بخار لهي وڃي ۽ مريض ڪجهه کاڌي جي طلب ڪري، ته اهڙي وقت ۾، کيس مڱن جي دال ۽ کچڻي ڏيڻ گهرجي. مريض جي ذائقي درست ڪرڻ لاءِ دال ۽ کچڻي سان گڏ، ليمن جو رس، يا آلوبخارا، ڦودني جي چٽڻي استعمال ۾ ڏيئي سگهجن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن مريض کي کاڌو اصل وڻيئي نه، ته اهڙي حالت ۾ ليمن جو چوسڻ جي هدايت ڪجي، جيئن منجهس کاڌي جي خواهش پيدا ٿي سگهي. سگنڙي ۽ ڏاڙهون جو رس به هن مريض لاءِ بهتر آهي. جڏهن مريض تندرست ٿيڻ لڳي ۽ کيس بک چڱي لڳي ته سائي ڀاڄي ليمن جو رس، ۽ ڪڻڪ جي نرم ماني پچائي کائڻ لاءِ ڏجي. انهي کاڌي ۾ گدامڙي جي چٽڻي به ضرور شامل ڪرڻ گهرجي. مريض کي جيترو ٿي سگهي، بخار جي حالت ۾، مٽ جو پاڻي ڏيڻ گهرجي. برف جي پاڻي ڏيڻ کان جيتري پرهيز ڪجي چڱي آهي.

مرض کان بچڻ جي صفائي:

هن بخار کان محفوظ رهڻ لاءِ سڀ کان اول صفائي جي گهڻي ضرورت آهي. انڪري هن موسم شروع ٿيڻ بعد خاص ڪري صفائي جو خيال گهڻو ڪيو ويندو ته ڪنهن حد تائين هن مرض کان نجات ضرور ملي ويندي. ڇو ته مڇر، گندگي تي گهڻا ڪٺا ٿين ٿا. ۽ خاص ڪري گهرن جي ڪنڊن، ڪٻٽن، ۽ صندوقن جي پٺيان تنهائيءَ ۽ تاريڪيءَ ۾ پنهنجو آستانو ڄمائي ويهن ٿا. انڪري جيتري قدر ٿي سگهي گهر جي مڙني پاسن ڪنڊن جي صفائي پوري توجهه سان ڪجي. اڱڻ ۾ توڙي ويهڻ واري جاءِ تي ڪوٺين ۾ فرش ۽ ڀتيون صاف رکجن. گاهه، ميوون جون کليون، کاڌي جون بچيل شيون وغيره تمام پري ڦٽي ڪجي. گهر ۾ پوسل ۽ ڪچرو اصل نه رکجي. مڇرن کان بچائڻ واسطي، اگربتي يا ٻئي قسم جي ڌوپ ۽ خوشبو کان ڪم وٺجي پنهنجي آسپاس جي صفائي گهٽين رستن جي واجبي صفائي جي بندوبست لاءِ وس وارن جو ترت ڌيان ڇڪائي. کين هن طرف متوجهه ڪجي ائين ڪرڻ سان به ڪنهن حد تائين اسان انهي بخار جي مصيبت کان آجا رهي سگهنداسين.

مٿي ذڪر ڪيل موسمي بخار جي پرهيز، علاج ۽ کاڌي بنسبت هدايتن کان اسان جا ڳوٺاڻا گهڻو ڪري فائدو وٺي سگهن ٿا. ڇو ته ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾، جتي ڪابه اسپتال ۽ ڪوبه ڊاڪٽر موجود نه آهي، اتي هن قسم جي بيمارين کي هروڀرو اڻڄاڻائي سبب گهڻي تڪليف درپيش اچي ٿي. شهرن ۾ ته هر ڪنهن بيماري ۾ اشپيشلسٽ ڊاڪٽر ويٺا آهن، اسپتالون آهن اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان به اهي فائدو وٺي سگهن ٿا. جن ۾ سندن ڳرن خرچن ڀرڻ جي توفيق آهي، پر ان هوندي به غنيمت آهي.

هن بخار لاءِ مٿين ترت علاجن کان سواءِ استعمال شده علاج آهي. ڪوئيس  هڪ ٽڪ علاج آهي. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن به دوا فروش کان ڪوئينن خريد ڪري، مٿين پرهيز سان، بيمار جو علاج ڪيو ويو ته به بهتر ٿيندو، ڇو ته ڪوئنين موسمي بخار لاءِ جادوءَ جهڙو اثر رکي ٿي.

*

سيد شگفته شاهه

اسان جا ڏند 

ڏند اسان جي شخصيت  ٺاهڻ ۽ صحت وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. خوبصورت ڏند اسان جي شخصيت  ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏين ٿا.مضبوط ڏند اسان کي کاڌي چٻاڙڻ ۾  وڏي  مدد  ٿين ٿا، پر وري اهي ئي ساڳيا ڏند  جيڪڏهن اسان جي بيتوجهي جي ڪري خراب پيلا ۽ ٽيڏا ٿي وڃن ٿا، ته پوءِ اسان جي شخصيت کي بگاڙڻ سان گڏ وگڏ هزارين بيمارين کي به جنم ڏين ٿا، تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته شروع کان ئي انهن جي حفاظت ڪيون.

ڏندن جي اهميت جو اندازو ڊاڪٽرن جي انهيءَ چوِڻي مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته ” جيڪڏهن ڪير چاهي ته پنهنجي صحت کي برقرار رکي ته هن کي گهرجي ته هڪ گرهه کي گهٽ ۾ گھٽ ٻاويهه دفعا چٻاڙي.“

ڏند ٻن قسن جا ٿين ٿا:

(1)              ڪچا يا کير ڏندmilk teeth هي ڏند ٻار جڏهن  ڇهن مهينن جو ٿئي ٿو تڏهن نڪرڻ شروع ٿين ٿا، ۽ ٻن سالن تائين  سندن تعداد وڌي وڃي ويهه ٿئي ٿو.

(2)             پڪا ڏندpermant teeth هي ڇهن سالن جي عمر ۾ ڪچن ڏندن جي جاءِ تي نڪرڻ شروع ٿين ٿا.10-12 سالن جي عمر ۾ سواءِ پوئين ڏاڙهه جي، جنهن کي wisdom teeth به چئبو آهي. سڀ نڪري پورا ٿين ٿا.

 کاڌو ۽ ڏند: ڏندن جي خوبصورتي  جي چمڪ ۽ بقا لاءِ هيٺين شين جو کاڌي ۾ هجڻ تمام ضروري آهي.

(1)              ڪيليشم: هي ڏندن جي هڏن لاءِ تمام ضروري آهي،سڀني کان گهڻي مقدار ۾ ڍڳي جي کير ۾ ٿيندوآهي.ساين ڀاڄين ۽ بيضن ۾ به  ٿوري مقدار ۾ هوندو آهي.

(2)             وٽامن سي: هي تازن ميون جهڙوڪ، ليما ، نارنگيون، موسميون، انگور،صوف، ٽماٽا وغيرهه ۾ ٿيندي آهي.هنجي کاڌي ۾ نه هئڻ  ڪري مهارون سڄي پون ٿيون۽ منجهائن رت وهڻ لڳي ٿو،  صحت  ۾ مهارن جو رنگ گلابي  ڳاڙهو ٿيندو آهي، پر وٽامن سي جي گهٽتائي جي ڪري ان جورنگ ڪاراٺجي ميرانجهڙو وڃي ٿو.

(3)             وٽامن اي ۽ ڊي:  هي مڇي جي تيل، بيضي جي زردي ۽ کير مکڻ ۾ ٿيندي آهي. هنجي گهٽتائي جي ڪري ڪيلشيم پوري طرح جذب ٿي وڃي ٿو.

ڏندن جي عام صفائي هر کاڌي کائڻ کانپوءِ ڏندن کي چڱي طرح صاف ڪرڻ گهرجي ، جيئن کاڌي جي ذرا ڏندن جي وچ ۾ رهجي نه وڃن. صبح ۽ شام ڏندن کي چڱي  طرح اندران ٻاهران برش ڪرڻ  گهرجي، برش هميشه نرم هئڻ گهرجي. هيٺين ڏندن کي صاف ڪرڻ وقت برش جو منهن مٿي ۽ مٿئين وقت هيٺ جهلڻ کپي. ان طرح سان کاڌي جا ذرا آساني سان نڪري سگهندا .  ڏند کي چڱي طرح صاف ڪرڻ کانپوءِ لوڻ پاڻي جا ڳرڙا ڪجن، ائين ڪرڻ سان وات ۽ ڳلو چڱي طرح سان صاف ٿي ويندا ۽ ڏند به مضبوط ٿيندا.

خاص طرح جيڪڏهن ڏندن مان رت اچي ٿو ته پوءِ وٽآمن سي کائڻ سان گڏوگڏ  لوڻ جي پاڻي جون گرڙيون انجو بهترين علاج آهن. نم جي ڏندڻن ۾ هڪ قسم جو تيزاب هوندو آهي، جيڪو مهارن کي مضبوط ڪندو آهي. تنهن ڪري ڏندڻن کي توٿ برش ترجيح ڏجي.

کٽمٺا، چاڪليٽ ۽ ٻيون  مٺيون شيون ڏندن جي عمر کي گهٽائي ڇڏين ٿيون.۽ انهي جي ڪري ڏندن ۾ ڪيڙا به پئجي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن مٺين شين ۾ هڪ اهڙي قسم جي کنڊ ٿئيٿي ، جيڪا ڏندن تي چنبڙي پوي ٿي ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ٿي رهي . انهي کنڊ تي پوءِ جيوڙا وهن ٿا. جيڪي اسان جي ڏندن کي کائين ٿا.تنهن ڪري جيترو ٿي سگهي مٺين شين کائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي .

ڪن ماڻهن کي ڪوئلي سان ڏند صاف ڪرڻ جي عادت هوندي آهي پر اهو ڏندن جي لاءِ سخت نقصانقڪار آهي، ان کي ڏندن جي لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.

اڄڪلهه ڏندن جي بيماري عام آهي، هيءُ ڏندن جي پوري طرح صفائي نه ڪرڻ جي ڪري  ٿيندي آهي، هن ۾ هڪ سخت چيز ڏندن تي ڄمي ويندي آهي. جيڪا برش ڪرڻ سان به نه لهندي آهي.۽ پوءِ ڏندن جي  ان حصي کي جيڪي استعمال ۾ نٿا اچن  ڪارو ڪري ڇڏيندي آهي.مهارن کي به سڄائي تيز ناسي ڪري ڇڏيندي آهي.

انهن بيمارين کان بچڻ لآءِ اسان کي گهرجي ته ڏندنجي چڱي طرح سان حفاظت، سنڀال ۽ صفائي ڪيون.

ڊاڪٽر اظهر اي- نور      قسط -3

ترجمو: نجمه پنهور       

ٻارن جي تربيت ۽ سنڀال

ٻارن جي نفسيات:

وڏن جي نسبت ۾ ٻارن ۾ حسد جوجذبو وڌيڪ هوندو آهي،جيڪو اخلاقي لحاظ کان خراب ڳالهه آهي.ان کي تمام گهڻي هوشياري سان ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ، ٻارن کي ٽولن جي صورت ۾ راند ڪرڻ جو موقعو ڏجي ، گڏيل سرگرميون ۽ دلچسپيون ۽ گڏيل ڪاميابيون ان سلسلي ۾ سٺا طريقا آهن.

ٻارن ۾ ٽيم ورڪ پيدا ڪرڻجي ڪوشش ڪجي، ٻار عام طرح خود غرض به ٿيندا آهن،پر جئين جيئن هنن ۾ شعور ايندو ويندو ته هي اها ڳالهه سمجهي ويندا ته اڪيلي سر ڪم ڪار ڪرڻ سان ايتري ڪاميابي ڪون ٿي ملي . گڏجي ڪم ڪرڻ سان مقابلي جي صحت مند فضا پيدا ٿيندي،ٻار اڪيلو گهمڻ کان دوستن سان گڏ وقت گذارڻ کي وڌيڪ ترجيح  ڏيندا ۽ ننڍيون ننڍيون خوشيون حاصل ڪري مطئمن ٿينداآهن.

جيڪڏهن سمجهدار والدين اهڙي طريقي سان ٻارن کي پيار و محبت سان سمجهائيندا ته هو آساني سان سمجهي ويندا  ۽ هڪ ڀيرو ٻار ۾ اهي خوبيون  پيدا ٿي پون ته سڄي عمر انسان جي شخصيت جو حصو ٿي وينديون آهن .ان کانپوءِ وڌيڪ تفصيل لاءِ سيرت پاڪ، اصحابه ڪرام جي روشن ۽ بار برڪت زندگي  جي باري ۾ واقعات ٻارن کي پڙهڻ لاءِ ڏجن، ڇو ته ٻار ٻڌڻ کان پڙهڻ کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا.

راند۽ رانديڪا:   

سياڻا چوندا آهن ٻار جي راند ۽ رانديڪا ڏسي گهڻي حد تائين اها پيشن گوئي ڪري سگهجي ٿي ته هو ٻار وڏو ٿي ڇا ٿيندو،۽ اها ڳالهه به سامهون اچي ٿي ته ٻار کي بالغ زندگي جون ذميواريون   عمدگي سان پوري ڪرڻ جي لائق به ٿئي ٿو.

هاڻ ڏسجي ته راند ڪرڻ واريون ڇوڪريون لاشعوري طور تي گهر جي ماڻهن جي سار سنڀال جو تجربو حاصل  ڪن ٿيون. هو گڏين جي پاڻ ۾ شادي ڪرا.ئڻ ملڻ جلڻ ۽ انتظامي ذميوارين جو عملي تجربو حاصل ڪنديون آهن.ائين چوندا آهن راند روند سان ٻار نفسياتي مسئلا  حل ڪندا آهن .

وري ائين به ڏٺو ويوآهي،ٻارن جا جهڳڙا  راند جي ميدان کان شروع ٿيندا آهن، وڏا جيڪڏهن انهن جهڳڙن ۾ نه پون ته اُهي مسئلا خود به خود حل ڪندا آهن ۽ وري هڪ ٻِئي جا دوست ٿي ويندا آهن.ايئن به هوندو آهي  ته تندرست ٻار جي ذهن ۾ وڙِهڻ ، حسد، ساڙ پيدائشي طور يا فطري طور هوندو آهي.انهن جي جذبات  کي ايترو نه دٻيل هئڻ کپي جو  ٻار ڊڄڻو ٿي وڃي نه ايترو وڌڻ ڏجي جو ٻار پنهنجي جائز ۽ ناجائز ڳالهيون مڃرائڻ جي لاءِ پنهنجي هڪجيڏن سان  وڙهندو رهي.

اهڙي مرحلي  تي ٻا ر جي غلط ڳالهه تي ان جي طرف داري نه ڪريو جيئين آئينده هو توهان جي شهه تي پنهنجي نا جائز ڳالهه نه مڃرائي سگهي ، بلڪ پيار و محبت سان انهن کي سمجهائجي  ته وڏن جو احترام ۽ عزت ڪيئين ڪجي، ننڍن سان پيار سان هلجي، دوستن سان ڪهڙو رويو رکجي، ائين ڪرڻ سان ٻين  کي شڪايت جو موقعو ڪو نه ملندو.

 خود اعتمادي:

خود اعتمادي انساني  شخصيت جو اهڙو پهلو آهي، جو هر مشڪل ڪم کي ڪرڻ تي اڀاري ٿو ۽ ڪاميابين جي راهه تي آڻي بيهاري ٿو، راند روند ۽ ٻين مشغولين سان ٻار خود اعتمادي حاصل ڪن ٿا، ۽ زندگي جي ڊوڙ۾ پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي کين تربيت حاصل ٿئي ٿي.مقابلي جي فضا پيدا ٿِئي ٿي، ٻار صحتمند ٿين ٿا، ۽ سندسن قوت ۾ اضافو ٿئي ٿو،جسماني توانائي ملي ٿي ، رت جو دورو تيز ٿئي ٿو.خراب مادو پگهر جي صورت ۾ جسم مان خارج ٿئي ٿو.مشڪل حالت کي منهن ڏيڻ  ۽ پنهنجي يهر عمل تي قابو پائڻ جي طاقت پيدا ٿئي ٿي . مائٽن کي پنهنجي ٻارن کي جا.ئز ۽ صحتمند را ند کان  ڪڏهن به نه روڪجي ڇو ته اهو فطرت جي خلاف آهي.راند روند ۾ خبر پوي ٿي ته هر جگهه تي مائٽن جوساٿ ڪم نه ٿو اچي،ٻار جون پنهجون به صلاحيتون هجن ٿيون جنهن سان هو ٻين ٻارن کان نمايان رهي ٿو. اهڙي طرح سان هو ڪيتريون ئي غلط عادتون ڇڏي سٺيون عادتون اختيار ڪندا آهن،سندن ۾ جيڪي لڪيل خوبيون هونديون آهن،اهي نڪري ٻاهر اچن ٿيون  اهو خود اعتمادي جو جوهر هوندو آهي، جو ٻار  سڄي زندگي هر سٺي ۽ خراب ڪمن ۾ فرق ۽ ان کا ن بچڻ جي تربيت حاصل ڪري.

ٻارن جي  عادت :

هڪ مهيني جوٻار ماءُ جي ڇهاءُ کي سڃاڻي ٿو،ٻن مهينن جو ٻار مسڪراهٽ جو جواب  ڏي ٿو، ٽن مهينن ۾ هو مختلف عادتون اپنائي ٿو، اگر شروعات کان ئي سٺي تربيت نه ڪئي وڃي ته وڏي عمر ۾ خراب عادتون ڇڏائڻ مشڪل ٿي وينديون، ٻارن جو عادتن جو بنياد لذت ۽ راحت جي اصول تي ڪاربند هوندو آهي.ٻارن کي سٺن ڪمن ڏانهن مائل ڪري، جيئن هو خوشي ۽ لذت محسوس ڪن، صاف سٿرو رهڻ تي ترجيحِ ڏين ، انهنجي خواهشن کي  رد نه ڪجي، مارڻ سان عادتون ڇڏڻ جي بدران وڌيڪ پڪيون ٿين ٿيون.

حساس ٻار:

ڪيترا  ٻار اهڙا به هونداآهن ، جنهن جي ڪيتري به سٺي تربيت ۽ عادتون هجن، پر هو بلڪل مختلف طريقي سان اظهار ڪندا آهن،۽ پوءِ سٺيون عادتون اختيار ڪرڻ لاءِ راضي ڪونه ٿيندا آهن،اهڙِين تبديلين لاءِ  ڪيترائي سبب هوندا آهن.مثال طور نئون ڀاءُ يا ڀيڻ وڌيڪ پيا رحاصل ڪر ي رهيو آهي.ته ٻار اهڙي صورت ڪڏهن به برداشت ڪونه ڪندا آهن، ڪنهن مسئلي تي ڪنهن کي وڌيڪ توجهه ۽ محبت ملي ته هو اهڙي  حالت ۾ احتجاج ڪندا آهن.هو مائٽن جي توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ طرح طرح جون  حرڪتون ڪندا آهن ،نه ته ٻئي حالت ۾ مارڻ ، ٽوڙ ڦوڙ۽ بدتميزي  تي لهي ايندا آهن اهڙي حالت ۾ همٿ نه هاريو، پر سبب معلوم ڪريو ۽ ان جي حل لاءِ ڪوشش ڪريو ، ٻار جي شڪايِت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، توهان محسوس ڪندا ته ٻار پنهنجي ساڳئي نموني سٺين ڳالهين ڏانهن مائل ٿئي ٿو.

ضد ڪرڻ: 

ضد ته ٻار جي عادتن ۾ شامل هڪ عادت آهي، خاص ڪري کائڻ  پيئڻ جي معاملي ۾ ضد ضرور ڪنداآهن. ڪري هن سلسلي ۾ سڀني مائرن جو رويو هڪجهڙو هوندو آهي روئڻ ٻار جي فطرت ۾  آهي کاڌي کي کائڻ بجاءِ ان کي ضايع ڪرڻ ان جي لاءِ معمول جي ڳالهه آهي،منهن خراب ڪرڻ مهل ٻار کي کاڌو زوري وات ۾ وجهڻ ڪا سٺي ڳالهه ڪونهي يا ٻار کي ٿڦڙ هڻي زبردستي ماني کارائڻ به سٺي حرڪت ڪونه چئبي، اهڙي طرح جيڪي ٻار بکايل هوندي ڏينهن رات پريشان رهندا آهن، اهي اڳيان وڃي خراب عادتن جو شڪار ٿين ٿا. سڀني ٻارن کي دسترخوان تي ويهاري توجهه ۽ محبت سان ماني کارائڻ گهرجي. انهن جي غلط حرڪتن تي روڪ ٽوڪ ڪجي پر نرمي سان ڪجي ناپسنديده شيءِ زبردستي هرگز نه کارائڻ گهرجي. ڳالهه ڳالهه تي نه ٽوڪيو نه ته ٻار چڙ چڙو ٿي پوندو.

 

باک پنهور

رڌ چاءُ:

مڇي جا    ڪوفتا:

گهربل شيون:

 

مڇي هڪ ڪلو ماس مان ڪنڊا چونڊي ڪڍجن پوءِ ماس کي پٿر  جي سر يا اکري ۾ ڪثي سنهون ڪجي.

خسخس : هڪ تولو

ڀڳل ڇليل چڻا: ٻه تولا

ڪارا مرچ: ٻه ماشا

زيرو: ٻه ماشا

الائچي : چار عدد

ادرڪ:هڪ ٽڪر

لوڻ: حسب ذائقو

ترڪيب: انهي سڄي مصالحي کي بلڪل سنهو پيهيئن مڇي جي پيٺل ماس ۾ ملائي ڇٽانڪ( آنو) کن ڌونئرو يا دهي به هن سان گڏي ڇڏجي پوءِ ٿورو بصر، سائو مصالحو،ساوا مرچ ۽ ادرڪ بلڪل سنها ڪتر ڪري هن ۾ ملائي ڪوفتا ٺاهي رکجن. چاهي انهن کي ٽڪين وانگر تري دسترخوان تي ڏجي يا قورمو تيار ڪري ان ۾ وجهي ڀنڃجي خشڪ ٿيڻ تي ٿوري دهي وجهي ڀنڃي تنهن کانپوءِ هڪ ٻه ٽماٽا  ۽ سائو مصالحو وجهي دم تي پنج منٽ ڇڏجي ته طعام دسترخوان لاءِ تيار، نهايت لذيذ ٻوڙ ٿئي ٿو.

 قيمو ڪريلا: 

گهربل شيون:

قيمو: اڌ سير

ڪريلا: اڌ سير

گيهه: اڌ پاءُ

بصر: اڌ سير

 ترڪيب: قيمون ڀڃي تيار ڪري پوءِ بصر کي سنهو ڪتر ڪري ڇٽاڪ (آنو) گيهه ۾ ترجي. ڪريلا تمام سٺي طرح ڇلي صاف ڪري چڱي طرح پاڻي ۾ پنج دفعا ڌوئجن وري ٿورو هٿ سان مهٽي اس ۾ اڌ ڪلاڪ لاءِِ رکي پو ءِ ڪتر ڪري انهن کي به گيهه ۾ ترجي پوءِ تريل بصر ۽ ڪريلا قيمي ۾گڏي  ٿورو پاڻِي ڳرڻ لاءِ ديڳڙي ۾ وجهي ڍڪ ڏيئي هلڪي باهه تي رکي ڇڏجي اڌ ڪلاڪ کانپوِءِڀنڃي لاهي رکو.

اهڙو طعام ٻه ٽي ڏينهن آساني سان رکي سگهجي ٿو، سفر لاءِ تمام بهترين نهايت لذيذ طعام آهي.

تعليمي ماهر مئڊم نسيم راهو سان ڳالهه ٻولهه

 

عورت کي ”ڪاري ڪري قتل ڪرڻ واري کي ڏهه دفعا ڦاهي تي لٽڪايو وڃي، ڇو ته ڪنهن کي ڪوبه حق ناهي ته هو ڪنهن ٻئي سان انسان جي زندگي کسي.!“

* 21 صدي جي وڏي تقاضا اها آهي ته     EDUCATION    (تعليم) کي سڌارجي، ڇوڪرين کي وڌ ۾ وڌ  تعليم ڏيارجي.

* هر ماڻهو جي اهم ذميواري اها هئڻ گهرجي ته هو امن امان بحال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري.  

پاڻ هڪ پختو ارادو ۽ عظم رکندڙ باوقار خاوتون آهي، سڀ کان وڏي خوبي منجهس اها آهي جو پاڻ نوجوان طبقي سان دوستاڻو يا کڻي چئجي ته ماءُ جي مامتا جهڙو مٺڙو ۽ ٻاجهارو ورتاءُ رکي ٿي، جڏهن نوجوان (ڇوڪرويا ڇوڪري) کيس ٻڌائي ٿو ته آءُ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڻ ان کي نه صرف همٿائي ٿي،پر ان کي عملي طرح به ڪجهه نه ڪجهه ڏيارڻ لاءِڪوشش ڪري ٿي، مون کي اها ڳالهه به سٺِي لڳندي آهي جو سندس اصول آهي ته نه ڪنهن تي ظلم ڪجي ۽ نه پاڻ تي ظلم سهجي، بيجا خاموشي به ڏوهه ڪرڻ جي برابرآهي،ساڻس ڪيل تفصيلي گفتگو سرتيون جي پڙهندڙن لا ءِ پيش ڪجي ٿي. (ايڊيٽر)

گل: اوهان سرتيون جي پڙهندڙن سان پنهنجو تعارف ڪرايو؟ (منهنجو مطلب آهي ته ڄمڻ جو هنڌ ۽ پرائمري تعليم وغيره؟)

مئڊم نسيم: ڄمڻ جو هنڌ سکر، پرائمري  تعليم st. marry  سکر، st.Marry حِيدرآباد، ڪانوينٽ ڪراچي ۾ حاصل ڪيم. وڌيڪ غور طلب اها ڳالهه آهي ان ڏينهن ۾ ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ جو وڏو مسئلو هوندو هو، پر منهنجي بابا سڄي قبيلي جون مخالفتون سر تي کڻِي، اسان کي تعليم ڏياري، ايتري تائين جو مون کي ڏهه سالن جي عمر ۾ هاسٽل ۾ رهڻو پيو.

گل: هاسٽل لا ئيف بابت ڪجهه ٻڌايو، هاسٽل ٻار جي زندگي کي ڪيترو ڪردار ادا ڪري ٿي؟

مئڊم نسيم: هاسٽل لائيف ٻار جي زندگي تي تمام سٺو اثر ڪري ٿي، ٻار کي اعتماد اچي ٿو.ڊسيپلين اچي ٿومطلب ته سڄو ڊيڪورم ٻار کي اچي ٿو. ٻار کي پنهنجو ڪمرو صاف ڪرڻ، بسترو وڇائڻ، ڪپڙا استري ڪرڻ ۽ بوٽ پالش ڪرڻ سيکاريو وڃي ٿو.اسان کي ٻه دفعا اسٽيڊي ڪرائي ويندي هئي، کاڌو به تمام سٺو ۽ ٽائيم سان کا رايو ويندو هو، گيمز به ڪرايون وينديون هيون. وڌيڪ انٽرٽينمينٽ لاءِ ڊراما  وغيره  ڪرايا ويندا هئا،مائٽ هفتي ۾ هڪ دفعو ملڻ ايندا هئا. ۽ اسان کي مهيني ۾ ٻه دفعا گهر وڃڻ جي اجازت هوندي هئي.آءُ اڄ به هاسٽل لائيف جي حق ۾ آهيان.

گل: ويهين صدي بابت ڪجهه ٻڌايو؟

مئڊم نسيم: ويهين صدي ۾ ڪافي progress (ترقي) ٿي آهي، ان ڪري ان کي ناڪاره ته نه ٿو چئي سگهجي. پر جيئن چوندا آهن ته  ”چنڊ ۾ داغ “ سو ٻه ورلڊ وار به هن صدي ۾ لڳيون، جن ۾ هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي تباهه ٿيا، ائٽمي پلانٽ به هن صدي ۾ ٺهيا، گهڻي ۾ گهڻا هٿيار به هن صدي ۾ ٺهيا هن صدي ۾ جينو سائيٽ تيار ٿيا، انهن سڀني شين انساني زندگي ۾ وڏو مانڌاڻ مچائي ڇڏيو آهي.ڌرتي جو امن امان تباهه ٿي ويو آهي، توڙي جو هن صدي جي پروگريسprogress  کي نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي، مثال سائنس ٽيڪنالاجي وڏي ترقي ڪئي آهي، مليريا ٽِي بي ۽ ڪئنسر جهڙين بيمارين تي ڪنٽرول ٿيو آهي، پر هيپٽائيٽس ۽ ايڊس جهڙن مرضن جو اڃا جوڳو علاج ملي نه سگهيو آهي.

انٽرنيٽ ۽ اي-ميل جهڙين ايجادن سڄي دنيا کي ملائي هڪ ڳوٺ ٺاهي ڇڏيو آهي،پر انهن ايجادن کي به مثبت انداز ۾ گهٽ استعمال ڪيو ويو آهي.

• مذهب جي نالي تي خونريزي به هن صدي جي پيداوار آهي، مهانگائي ،ڌاڙا، ڦرون، ۽ قتل و غارت به هن صدي جا تحفا آهن توڙي جو انساني ڀلائي لاءِ ڪافي تنظيمون جهڙوڪ N.G.O.S,Human rights commision women`s lyer`s organizations. ٺهيون آهن.

خاص ڪري عورت جي حوالي سان ڏسجي عورت هن صدي ۾ گهڻو اڀري آئي آهي.ڪيترن ئي ملڪن جو وزيراعظم ۽ صدر عورتون ٿيون آهن.تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ عورت به اڳيان آئي آهي، عام ڀلائي جي جي ڪمن ۾ ايلزبيٿ، ٽيلر، امڙ ٽريسا، ۽ ليڊي ڊيانا به هن صدي جون اهم شخصيتون آهن ،۽ ڪيتريون ئي عورتون عام ڀلائي جي ڪمن ۾ مصروف آهن.

آءُ ته عمران خان (ڪرڪيٽر) کي آفرين ڏيان ٿي ته شوڪت ميموريل هاسپيِٽل کولي، ڪينسر جهڙي خطرناڪ مرض جي خاتمي لاءِ هڪ وڏو قدم کنيو اٿس. مائيڪل جيڪسن به تحقيق لائق آهي،جيڪو اسپتالن لاءِ Donition وغيره ڏيندو آهي.

گل: ايڪيهين  صدي  جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ  گهرجي؟

مئڊم نسيم: ايڪيهين صدي جي پهرين تقاضا اها آهي، تعليم حاصل ڪجي ، ڇاڪاڻ ته الله جو فرمان به اهوآهي،۽ Holy prophet   جو به اهو فرمان آهي، نبين ۽ ولين جو اهو فرمان آهي، سر سيد احمد خان ۽ قائداعظم جو به اهو چوڻ آهي ته تعليم حاصل ڪيو.انگلش ۾ چوڻي آهي ته:

ريڊنگ، رائيٽنگ، ٽيچنگ، تعليم کي هر مرد ۽ عورت ۾ عام ڪريو.

پنهنجي ملڪ مان قبائلي جهڳڙا ۽ ”ڪاروڪاري“ جي رسم جي پاڙ پٽيو. خاص ڪري جيڪو عورت يا مرد کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪري ٿو، ان کي عبرتناڪ سزا ڏيو، گهٽ ۾ گهٽ ڏهه دفعا ڦاسي جي سزا ته ان کي ڏيارجي. ڇو ته ڪنهن به انسان کي اهو حق ناهي ته هو ڪنهن ٻئي انسان کي قتل ڪري!

ٻيو هر عام توڙي خاص ماڻهو تي فرض آهي ته هو معاشري کي سنوارڻ ۽ معاشري مان ڏوهن جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري، سماج ۾ ظلم ٿيندو ڏسي ان جي نشاندهي ڪجي. جيڪڏهن هر ماڻهو ديانتداريءَ سان ٻئي ماڻهو جي اصلاح ڪندو ته مان سمجهان ٿي ته سماج  مان براين جو خاتمو ٿي ويندو ۽ ڌرتي تي امن و امان بحال ٿيندو! ڇو ته هن دور جو وڏي ۾ وڏو مسئلو امن و امان نه هئڻ آهي، ٻئي نمبر تي مهانگائي آهي، جنهن عام ماڻهو کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي، اهو سڀ ڪرپشن جو نتيجو آهي.

اڻپڙهيل ۽ جاهل سياستدانن جو ڪرپشن ڦهلائڻ ۾ وڏو هٿ آهي، سرمائيدار جو به ڪرپشن ۾ وڏو هٿ آهي. مطلب ته هرڪو عملدار پنهنجي پنهنجي پهچ آهر عام ماڻهوءَ جو رت چوسڻ ۾ ڪسر ڪانه ٿو ڇڏي، عوام کي گهرجي ته پنهنجون اکيون کليل رکي، ڪرپٽ ماڻهن کي ڪڍي ٻاهر ڪري. اهڙي نموني سان ظلم ۽ بربريت کي ٻنجو ڏئي سگهجي ٿو.

گل: اوهان جي خيال ۾ عورت کي ڪهڙا حق حاصل هئڻ گهرجن؟

مئڊم نسيم: هونئن ته ڏٺو وڃي ته اسلام عورت کي تمام گهڻا حق ڏنا آهن، مثال طور تعليم جو حق، مرضي سان شادي ڪرڻ جو حق، پر مرد سڀئي حق پنهنجي هٿ وس ڪري عورت کي مجبور ۽ لاچار ڪيو آهي. مرد اڪثر مثال  ڏيندا آهن ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم پنهنجين بيبين سڳورين کي سوا رپيو حق مهر ۾ ڏنو هو، جيڪڏهن ان سوا رپئي کي اڄ جي ڪرنسي جي حساب سان عورت کي حق مهر ڏياريو وڃي ته به عورت جيڪر معاشي طور پاڻڀري ٿي پوي، ان لاءِ خود عورت کي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

مئڊم نسيم: (کلندي) جيڪڏهن الله سائين مون کي هڪ فرشتو پيدا ڪري ها ته ڪيڏو چڱو ٿئي ها! ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته آئون پيدا نه ٿيان ها، ڇو ته زندگي وڏيون قربانيون گهري ٿي، وڏين آزمائشن مان گذرڻو پوي ٿو.

گل: سرتيون بابت پنهنجي راءِ ڏيو:

مئڊم نسيم: (مسڪرائيندي چيو):

When Mrs. Gulbadan Javed come to me for interview at Hala G.S Degree College. I was pleased to know that she is a writer and editor of the famous Sindhi Magazine “Sartyoon” as English writer Bacon said “Writing makes a perfect man.”

I have all praise for this magazine as to write and edit a magazine is a momoth of done by persons of truth, depth. Understanding endurance and creditality. My good wishes to Mrs. Gulbadan to continue this great work, we are all here to help and luck her up.

 

گلابي پينٽنگس ۽ پاٽ ڊيڪوريشن ۾ مهارت رکندڙ

سنڌ يونيورسٽي مان B.B.A ڪندڙ ذهين شاگردياڻي

 

عائشه حميد

 

سان ڳالهه ٻولهه

 

(تازو جُمخانه حيدرآباد ۾ ”فلاور شو“ (گلن جي نمائش) ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. منهنجي لاءِ وڏي دلچسپي جي ڳالهه هئي، جو هن شو ۾ ڪيتريون ئي نينگريون پنهنجي هٿن جون ٺاهيل شيون کڻيون آيون هيون. معصوم ۽ خوبصورت نينگريون رنگين شو- پيس ڏيکاريندي، سچ پچ ته ”گلن جون پريون“ ٿي لڳيون.

جڏهن انعامن ورهائڻ جو مرحلو آيو ته سڀني مهمانن جو ڌيان اوڏانهن ڇڪجي ويو ته ڪهڙي نينگري ٿي ”پهريون نمبر“ کڻي! ڇو ته سڀ ”شو پيس“ تمام مهارت سان جوڙيل هئا. انڪري سخت چٽاڀيٽي هئي. جڏهن فرسٽ پرائيز لاءِ نينگري عائشه حميد کي سڏيو ويو ته سڄو هال تاڙين سان گونجي اٿيو. بيگم ڊپٽي ڪمشنر (مهمان خصوصي) کان عائشه کي انعام وٺندي ڏسي دل خوشي سان ڀرجي ويئي، ۽ سوچڻ لڳس ته عائشه جو ذهين هجڻ ۽ گلن ۽ خوبصورت شين سان لڳاءُ هئڻ لازمي به آهي. مون کي دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه ”سرتيون“ جي پڙهندڙن سان عائشه ۽ سندس ڪمال ڪاريگري سان متعارف ڪرايان.  اهو سوچي مون رات جو سندس گهر فون ڪري حميد صاحب سان ان خواهش جو اظهار ڪيو. جنهن تي پاڻ چيائين: ”بابا! تون ۽ جاويد ڀلي منهنجي گهر اچو. پر عائشه کان انٽرويو وٺڻ جي تڪليف نه ڪريو. مطلب ته ڏاڍو لنوايائون، پر منهنجي زور ڀرڻ تي چيائين ته ”ٺيڪ آهي، جيڪو ڏينهن توهان کي مناسب لڳي ته اچي ڳالهه ٻولهه ڪري وڃوس، توهان جو پنهنجو گهر آهي.“

پوءِ هڪ ڏينهن آئون ٺيڪ ٻارهين وڳي عائشه سان ملڻ ويس سڀئي گهر جا ڀاتي تمام سهڻي نموني مليا، ۽ خاص طرح سان حميد صاحب جو سال- ڏيڍ جو ننڍڙو پوٽو ”سردار سلمان“ به ٻهڪندڙ انداز سان مليو. جيڪوعائشه جي ٺاهيل فلاورس- ڊيڪوريشن وچ ۾ هڪ مهڪندڙ گلابي گل وانگر ٻهڪي رهيو هو. جيئن ته هر گهر تي گهر جي وڏي جو اثر ٿئي ٿو، مون کي حميد صاحب جي گهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس سٻاجهائپ ۽ محبت نظر آئي.

ٻيو ته ڊرائنگ روم ۾ عائشه جي گلابي پينٽگس ۽ پاٽ ڊيڪوريشن جي مختلف وڻندڙ پيسز جي سجاوٽ ڏسي سچ ته روح کي راحت ملي ۽ عائشه جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس (گ. ج)

گل: اوهان پنهنجي ننڍپڻ بابت ڪجهه ٻڌايو، منهنجو مطلب آهي ته  ڄمڻ جوهنڌ ۽ پرائمري تعليم وغيره.

عائشه: منهنجو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو، ۽ پرائمري تعليم پبلڪ اسڪول بيڪن هائوس ۽ مئٽرڪ حيات گرلس هاءِ اسڪول مان پاس ڪيم.

گل: هينئر اوهين ڇا ڪري رهيون آهيو؟

 عائشه:هينئر مان سنڌ يونيورسٽي جي آءِ بي اي ڊپارٽمينٽ ۾ بي. بي اي ڪري رهي آهيان.

گل: اوهان جي اڪيڊمڪ فيلڊ ته بلڪل مختلف آهي، پوءِ آرٽسٽ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟

عائشه: اوهين بلڪل صحيح ٿيون چئو، پر هر وقت ماڻهو مسلسل ته پڙهائي نٿو ڪري سگهي. گلاس پينٽنگس جي سکيا (ڪورس) وٺندي مون کي ڪاميابي حاصل ٿي آهي.

”هونئن به ذهين ماڻهو ٿوري وقت ۾ گهڻا ڪم ڪري سگهندو آهي.“ مون چيو:

 (عائشه کلندي) شايد ايئن هجي، سو مون پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ گلاس پينٽنگس ۽ پاٽ ڊيڪوريشن جا ڪورس ڪيا.

 گل: ڇا اوهان هن فن جي باقاعدي سکيا ورتي آهي؟

عائشه: پينٽنگ ڪرڻ ۽ پاٽ ڊيڪوريشن جو شوق ته مون کي اڳ ئي هو، پر مون حيدرآباد مان ”گلاس پينٽنگ“ جو ڪورس مڪمل ڪيو ۽ ”پاٽ ڊيڪوريشن“ جو ڪورس ڪراچي مان ڪيو آهي.

گل: هي جيڪو شو پيس اوهان ڏيکاريا آهن انهن جي ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت پوي ٿي، ۽ ڪيترو خرچ اچي ٿو.

عائشه: گلاس پينٽنگس ڪرڻ لاءِ هڪ ته رنگ گهربل هوندا آهن، ۽ آئوٽ لائين لاءِ ٽيوبس وٺبا آهن، باقي پاٽ ڊيڪوريشن لاءِ آئل پينٽ، اسپري پينٽ، جرمن وائيٽ گلو، ڪارن فلور وغيره استعمال ٿيندا آهن. هنن ڪورسن ڪرڻ جي في به تمام گهڻي وٺن ٿا، ۽ سامان به ڪافي مهانگو پوندو آهي.

گل: جيئن ته اوهان اڃان تعليم حاصل ڪري رهيون آهيو ته ڇا هن ڪم ڪرڻ سان اوهان جي پڙهائي متاثر نه ٿي ٿئي؟

عائشه: پهرين ڳالهه ته مون کي شو پيس ٺاهڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو آهي، مطلب ته مان اوليت پنهنجي پڙهائي کي ڏيندي آهيان، باقي بچيل وقت ۾ پينٽنگس ڪندي آهيان. (مطلب ته اوهان جو سڄو وقت سجايو ٿو گذري) مون چيو:

گل: اڄ تائين ڪيترا انعام حاصل ڪيا اٿوۡ!

عائشه: پڙهائي دوران ته سڀني ڪلاسن ۾ ڪافي ٽرافيون کنيو اٿم، باقي هن فن ۾ اسڪول کان ٻاهر، عام مقابلي ۾ پهريون دفعو انعام کنيو اٿم.

گل: اوهان کي ادب پڙهڻ/ لکڻ جو ڪيترو شوق آهي؟

عائشه: مون کي لکڻ جو شوق ته ڪڏهن به نه رهيو آهي، باقي ادبي ڪتاب پڙهندي ضرور آهيان ۽ منهنجي پسنديده صنف ڪهاڻي آهي.

گل: ڪهڙن ليکڪن جون ڪهاڻيون پسند ڪيو ٿيون؟

عائشه: مون بابا جون سموريون ڪهاڻيون پڙهيون آهن ۽ اُتان ئي وڌيڪ پڙهڻ جو اتساهه مليو آهي. اُن کان علاوه چاچا رباني جون ڪهاڻيون به وڻنديون اٿم. مهتاب محبوب، نورالهديٰ شاهه، نصير مرزا...... مطلب ته ڪافي ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن کي پڙهيو اٿم.

گل: هڪ ذهين شاگردياڻي جي حيثيت ۾ ٻڌائينديون ته اڄ ڪلهه جي ڪرندڙ تعليمي معيار لاءِ ڪير ذميوار آهي، استاد يا شاگرد؟

عائشه: ان باري ۾ تعليم جي مختلف مرحلن لاءِ منهنجي مختلف راءِ آهي. جيئن ته پرائمري کان وٺي سيڪنڊري ليول تائين استاد جي وڌيڪ ذميواري هجي ٿي، باقي ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ تعليم جي معيار کي ڪيرائڻ ۾ شاگرد جو وڏو هٿ ٿئي ٿو. هر ٻئي چوٿين ڏينهن بائيڪاٽ، ۽ پنهنجي مرضي سان موڪلون ڪرڻ، جهڳڙا وغيره به، شاگردن جي عمر جون قيمتي گهڙيون برباد ٿين ٿيو، جن جو سڄي ڄمار تي بُرو اثر ٿئي ٿو.

گل: هڪ وڏي اديب جي نياڻي جي حيثيت ۾ ٻڌائينديون ته اڄ جي سرجندڙ سنڌي ادب بابت اوهين ڪهڙي راءِ رکون ٿيون؟

عائشه: مان سڀني صنفن لاءِ ته ڪجهه نٿي چئي سگهان، ليڪن ”ڪهاڻي“ جي صنف لاءِ ٿورڙو عرض ڪنديس ته گهٽ لکجي پيئي، پر سُٺي ليکجي پئي. مثال ”سرتيون“ جي ”ڪهاڻي نمبر“ ۽ ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڪهاڻيون گهڻيون پسند اٿم.

گل: ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ ڪو خاص پيغام؟

منهنجو ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ اهو مشورو آهي ته ”پنهنجي ذميوارين جو سهڻي نموني ۾ پورائو ڪريو. ”شارٽ ڪٽ، وٺڻ جي بجاءِ پنهنجا حق محنت ۽ بردباريءَ سان حاصل ڪريو ۽ پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي ڪڏهن به حق تلفي نه ڪريو.“ 

ٻارن کي گهر ۾ هر سهوليت ملڻ گهرجي

آرٽسٽ، آرڪيٽيڪٽ، مثالي ماءُ ۽ سگهڙ گهر ڌياڻي ثمينه مغل سان ڳالهه ٻولهه.

(ثمينه مغل، جنهن کي گهر ۾ سڀئي راڻي چوندا آهن، سا سچ پچ به هڪ ”راڻِي“ لڳندي آهي.سندس شخصيت ۾ چوڏهين رات جي چانڊوڪيءَ جهڙي سونهن ۽ ٿڌاڻ محسوس ٿيندي آهي، سندس اٿڻ- ويهڻ جو اندازاهڙو وڻندڙ جو ڏسندو ئي رهجي وڃجي. مون جڏهن هن کي  پهريون ڏٺو ته مون کي شاهه سائين جو هي شعر ذهن ۾ آيو هو:

جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.

مون کي جيڪو ماڻهو متاثِر ڪندو آهي ان سان خود به خود گهرائپ ٿي ويندي، اهڙي نموني جڏهن مون ثمينه کي ويجھڙائي کان ڏٺو، ته  هو مون کي صلاحيتن سان ڀرپور هڪ practical  عورت ڏسڻ ۾ آئي. ان ڪري مون سوچيو هو ته کيس سرتيون جي پڙهندڙن سان متعارف ڪرايان. (ايڊِيٽر)

گلۡ: اوهان سرتيون جي پڙهندڙن سان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو؟

ثمينه: منهنجو جنم 1970 ۾ ٽنڊو آغا حيدرآباد ۾، مشتاق مغل (اسٽنٽ ڪمشنر) جي گهر ۾ ٿيو. مون بي.اي تائين تعليم حاصل ڪئي آهي . هينئير گهر، ور ۽ ٻارن جون ذميواريون نڀائي رهي آهيان.

گل: جيئن ته اوهان اسٽوڊنٽ لائيف ۾ تمام ذهين رهيون آهيو، پوءِ اوهان وڌيڪ تعليم حاصل ڇو نه ڪئي ؟

ثمينه: ها، اوهين صحيح ٿيون چئو ته مون  کي تعليم پرائڻ جوگهڻو شوق هو، پر جيئن انٽر سائنس ۾ ڪيم ته  مائٽن منهنجي شادي ڪرائي ڇڏي، شادي کان پوءِ صرف بي.اي تائين پڙهي سگهيس.

 انٽرويو دوران ثمينه جو گھر وارو ادا عاشق به ويٺو هو، تنهن چيو ته هڪ دلچسپ ڳالهه اوهان کي ٻڌايان ته جنهن ڏينهن ثمينه ڄائي هئي ان ڏينهن منهجي مامي يعني سندس والد منهنجي اما کي چيو ته جيستائين تون منهنجي ڌيءُ کي عاشق جي نالي  تي منڊي نه پارائيندينءَ  تيستائين آءُ پنهنجي ڌيءَ کي  نه ڏسندس. پوءِ منهنجي امڙ ائِين ئي ڪيو، ان وقت منهنجي عمر ست سال هئي.

گل: اوهان جي شادي ۾ اوهان جي ڪيتري مرضي شامل آهي؟

ثمينه: جيئن ته اسان جو رشتو مائٽن ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي اسان جي هڪ ٻئي سان محبت ٿي ويئي، خاص ڪري اسان جي شاد ي ۾ تمام گهڻيون رڪاوٽون ٿيون، ان ڪري پيار وڌيڪ گهرو ٿيو.

ادي عاشق چيو: جڏهن مسئلا اچي کڙا ٿيا، ته مون سوچيو هوته جيڪڏهن راڻي سان شادي نه ٿي ، ته پوءِ آئون ڪڏهن به شادي نه ڪندس. هڪ ته مان پنهنجي سماج مان مطئمن نه آهيان، ٻيو ته منهنجي طبيعت هڪ هنڌ ويهي رهڻ وارن مان نه آهي،ان ڪري مون کي اهڙي ڇوڪري جي ضرورت  هئي جيڪامون کي سمجهي سگهي، ۽ راڻِي کان وڌيڪ مون کي ٻي ڪا ڇوڪري نظر نه آئي.

گل: توهان گهر ۾ اچي لڳي ٿو توهان ڪنهن ٻي دنيا جي ڪنهن خوبصورت  حصي ۾ رهو ٿيون؟ جڏهن ته هتي (قاسم آباد ۾) ڪيترائي وڏا محل آهن،پر انهن  ۾ ايتري نفاست  سليقو نظر نه ٿو اچي؟

ثمينه: جيئن ته عاشق ۽ مان هر ڳالهه تي پهرين گڏجي سوچيندا آهيون پوءِ عمل ڪندا آهيون اهڙي نموني گهر جو نقشو ٺهرائڻ  کان وٺِي، ڊيڪوريٽ ڪرڻ اسان ٻنهي جي محنتن جو نتيجو آهي، ان ڪري اوهان کي اسان جي گهر ۾ انفراديت نظر نه ٿي اچي. آءُ گهڻي ڏيکاءُ جي قائل نه آهيان.ٻيو ته ڪنهن شي وٺڻ ۾ تڪڙ به نه آهيان  ڪندي، پر هر شي کي ڏسي وائسي پرکي  پوءِ شاپنگ ڪندي آهيان، ان ڪري مون کي گهر ٺاهڻ ۾ وقت به گهڻو لڳندو آهي.

گل: توهان جي گهر جي باغيچي ‎ٺاهڻ ۾ ته تمام گهڻو خرچ آيو هوندو؟

ثمينه: خرچ صرف گلن ۽ ٻوٽن وٺڻ  جو ٿيو آهي، باقي سڄي سيٽنگ مون پاڻ ڪئي آهي. ڪاريڊور ۾ رکيل ڪونڊين ڏانهن اشارو ڪندي چيائين انهن لا ءِ پهريائين مون مٽيريل ورتو ۽ پو ءِ ڪاريگر کي  فگرسمجهائي ٺهرايم.ڊرائنگ روم جنهن ۾ صرف  ڪارپيٽ پيل هو ان لاءِ چيائين ته ڏسو نه گهر ٺهرائڻ کي چار سال ٿي ويا آهن، پر اڃا تائين ان ۾ فرنيچر نه رکرايو اٿئون،ڇو ته اڃا فيصلو ڪري سگهيا نه آهيون، ۽ اسان کي اهڙو فرنيچر به نظر  نٿو اچي، جيڪو هتي رکي سگهون، ڊرائنگ روم ۾ لڳل خوبصورت پردن لاءِ چيائين ته اهو ڪلر عاشق جي پسند جو آهي ۽ڊزائين منهنجي پسند جي آهي.

ثمينه جي ٻارڙن جو اسٽيڊِي روم ڏسي آءُ حيران ٿي ويس، ڇو ته ان ۾  ٻارن جي تعليم ۽ Entertainmeut جي لاءِ هرسهوليت موجود هئي، خاص  ڪري  Inter-net تان ٻارن کي تمام گهڻي  معلومات  ملي ٿي. ان بابت ثمينه ٻڌايو ته اڄڪلهه اسان وٽ اهڙو ماحول نه آهي رهيو، جو ٻار گهٽين ۾ وڃِي رانديون ڪن، ان ڪري انهن کي گهر ۾ سهوليتون  ڏيڻ کپن . هونئن به جيڪڏهن الله سائين نوازي ته ماڻهن کي پئسي جو صحيح استعمال  ڪرڻ گهرجي، مون ڪڏهن به اڳرائي ڪري ڪابه اهڙي شي ناهي ورتي، جيڪا گهر ۾ بيڪار پيل هجي،پنهنجي لاءِ ڪپڙا زيور يا ڪاسميٽڪ صرف ايتري تعداد ۾ وٺندي آهيان، جنهن سان فضول خرچ نه ٿئي.

گل: اوهان  جي چارئي ٻار تمام ذهين آهن، اوهين ٻڌايو ته  ٻارن جي تربيت  ڪيئن ٿيون ڪريو؟

ثمينه: ٻار پنهنجي ماءُ جي عڪاسي ڪن ٿا.جيڪڏهن ما ءُ جي طبيعت ۾ ٺهراءُ ۽ دانشمندي آهي ته پوءِ ٻار به ذهين ۽ پر اعتماد ٿين ٿا، اتي ادا عاشق چيو ته اڄ جي دور ۾ پيءُ کي پٽن جي ذميواري کڻڻ گهرجي ۽ مائرن کي ڌيئرن جي .

امداد حسيني

ڏهين مارچ ٻه هزار

جنم ڏينهن تي

اوهان جي ڏنا ها گلاب

اڇا، سرخ سرخ

اڇا انگ رنگ

لهو رنگ سرخ

اوهانجي ڏنا ها گلاب

جنم ڏينهن تي

اُهي ڊائري ۾

لکيل شاعريءِ ۾

رکي مون ڇڏيا

جڏهن شعر ڇپبا تڏهن

اهي گل ته ڇپجي نه سگهندا

مگر

وکر کي اکر ۾ مٽائي

ورڻ واس انهن جو

سٽن ۾ سمائي

ڇڏيندس ڇپائي!

ڊاڪٽر اشرف آصف

غزل

مان ڪندو  اي دوست ناهيان وچٿري ڪا ڳالهڙي ،

حيثيت کان آءُ پنهنجي مٿڀري ڪا ڳالهڙي .

ڪا شڪايت، ڪوئي شڪوه ۽ گلا مون نه ڪئي،

ڪين آهيان آءُ ڪندو، پٺڀري ڪا ڳالهڙي.

ڪاڏي هلبو، ڪائي منزل ڪهڙي آهي پنهنجي راهه،

گس ڏسيندڙ ڏس اسان کي اڳڀري ڪا ڳالهڙي.

منهن به منهنجو ڪونه وڻندو آهي هن کي ڇو ڀلا،

اڃا نه مڃي ٿي رشتي جي هو ڇوڪري ڪا ڳالهڙي.

منهنجو اظهار محبت ٿي ويو آهمسري،

ڪمسري کي منهنجي سمجهي برتري ڪا ڳالهڙي.

تنهنجي پويان مون ڪيا ها ڪيڏا واڪا ۽ وس،

چري هي چاهت ٿي ويئي آ، ڪنٽري ڪا ڳالهڙي.

سليم رضا مصراڻي

                                                غزل

ناهي ڪنهن کان مرهم جي طلب مون کي پنهنجي زخم تي اعتبار آ،

هن جي سڪون درد  ۾ مون ڳولي ورتو پنهنجي لا ءِ قرار آ.

رکان ته رکان ڪهڙيون موسمن کان  اميدن مان ڀلا،

صحرا جي نظر ۾ ڇا خزان ۽ ڇا وري بهار آ،

ساقي منهنجي پياسي رهجي وڃڻ تو کي نذامت ڇو،

منهنجي پياس جي اڳيان ته سمنڊ به ٿيو شرمسار آ.

زمانا جيڪا وڻئي ڪر تجربو سزا تون مون لاءِ ،

مون پاڻ ئي ڪيو پنهنجي جبر ۾ وفا جو اقرار آ.

هم سفر جي ڇڏي وڃڻ جي ڪهڙي شڪايت ”رضا“،

ان سان ڪير ڪيسين هلي جنهن جي منزل جو پتو نه پار آ.

هيريٽ بيچر اسٽؤ‏‏/ قربان علي جعفري                                              قسط 2

UNCLE TOM`S CABIN

انڪل ٽام جي جهوپڙي

” تون غلام هئين؟“ مسٽر برڊ پڇيو.

”هائو،سائين،مان ڪينٽڪي ۾ هڪڙي ڀلي ماڻهو وٽ هيس، پر هن کي  رقم حاصل ڪرڻ لاءِ  ڪجهه غلامن کي وڪڻو ٿي پيو،مان پنهنجي ٻار کان جدا ٿيڻ سهي نه سگهيس، تنهن ڪري مان رات جو ڀڳس ۽ هنن منهنجو پيڇو ڪيو.“

”تنهنجو ڪيڏانهن وڃڻ جو ارادو آهي؟“ بيگم برڊ پڇيو.

” ڪيناڊا ڏانهن جيڪڏهن رڳو مون کي خبر هجي ته اهو ڪٿي آهي، ڇا اهو پري آهي؟“ بيگم برڊ چيو.

” ۽ هاڻي. “ مسٽر برڊ چيو، ” تو کي اڄ  ئي رات هتان کان پري وڃڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هيلي سڀاڻي سوير کان تنهنجي پٺيان پوندو. منهنجو پراڻو دوست وان ٽرومپي پنهنجا سڀئي غلام آزاد  ڪري ڪينٽڪي کان هتي آيو آهي. هو اٽڪل ست ميل پري اندر ٻيلي ۾ رهي ٿو،تون هتي  وڌيڪ محفوظ هوندينءَ، کاهي ٻه ڀيرا پار ڪرڻِي پئي ٿي ۽ ٻيو دفعو پار ڪرڻ  ڏاڍو ڏکيو آهي،پر مان ان کان چڱي ريت واقف آهيان، تنهنڪري مان بنا  دير جي گاڏي هڪلائي هتي پهچندس.“

بيگم برڊ هڪڙي خاني وٽ  وئي ۽ پنهنجي ڳوڙهن ڀريل اکين سان، ننڍڙي هيري لاءِ ڪپڙا ٻاهر ڪڍيائين، اهي سندس پنهنجي ننڍڙي  ٻار جا هئا، جيڪو هڪ مهينو اڳ گذاري ويو هو، پوءِ هن ايليزا  لاءِ هڪ ٻه وڳا هڪڙي  پيتي ۾ بند ڪيا، انهي عرصي ۾ گاڏي دروازي تي اچي ويئي.۽ ڪجهه گهڙين ۾ هو روانا  ٿي ويا.

رستو ڏاڍو ڏکيو هو،ڌڙام! ڌڙام! ڌڙام!هو ويا پئي، شڙپ! هيٺ گپ ۾ ، پوءِ ٽپ سان وري ٻاهر، رات جو گهڻي دير سان گاڏي گپ ڳاڙيندي۽ ٿڦجي هڪ وڏي فارم جي دروازي وٽ بيٺِي.

اندرين ماڻهن کي جاڳائڻ ڪو سولو ڪم ڪونه هو،پرآخرڪار وان ٽرومپي  دروازو کوليو،مسافرن کي ڏسڻ  لاءِ موم بتي کي مٿي کِڻي جهليائين، هن راز سمجهي کين اک هنئي.

”ڇا تون اهو ماڻهو آهين جيڪو هڪ غريب عورت کي غلام پڪڙيندڙن کان پناهه ڏيندي؟ “ مسٽر برد پڇيو.

”مان البت ڀانيان ٿو ته مان ئي آهيان “، ايماندار شخص هڪڙي ننڍڙي ڪمري جو دروازو کوليندي جواب ڏنو.

”تون بس وڃي هتي سمهي رهه، منهنجي ڇوڪري، ائين چپ چاپ ڄڻ تنهنجي ماءُ ڄڻ تو کي لولي پئي ڏي.“

مسٽر برڊ واپس وڃڻ کان اڳ، مسٽر وان ٽرومپي کي ايليزا جي باري ۾ جيتري قدر کيس خبر هئي، سڀ ڪجھ ٻڌايو ۽ کيس هڪڙي ڏهه ڊالر جو نوٽ ڏنو.

”اهو ايليزا لاءِ آهي.“ هن چيو ۽ تڪڙو هليو ويو.

باب اٺون

ٽام جي غمگين الوداع

فيبروري جي صبح، انڪل ٽام جي جھوپڙي جي دري مان هوا ميرانجھڙي ۽ ڦڙيون وسائيندي نظر پئي آئي، چاچي ڄلوئي هڪ کُهري پر صاف قميص کي استري ڪري رهي هئي ۽ رکي رکي پنهنجي اکين مان ڳوڙها اگھي رهي هئي.

ٽام پنهنجي ڳوڏي تي پنهنجو بائبل کولي ڀر سان ويٺو هو ۽ سندس مٿو هن جي هٿ تي ٽيڪيل هو، ڪنهن نٿي ڳالهايو. ٻار ليٿڙيون پائي بستري ۾ ستل هئا، ٺام پوءِ اٿيو، ۽ پنهنجي ٻارن کي ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌيو، ”هي آخري ڀيرو آهي.“ هن چيو.

ويچاري چاچي چلوئيءَ پنهنجي استري کي هيٺ رکيو ۽ روئي پئي، پر ٿوري دير ۾ هن پاڻ کي ٻيهر مشغول ڪري ڇڏيو ۽ ٽام جي الوداعي نيرن لاءِ پنهنجو بهترين چوزو رڌيائين.

ماني پوري ٿيڻ کان پوءِ، هن چيو، ”هاڻي مان پنهنجا ڪپڙا رکان ٿي، تو کي وڻن يا نه، پر تو کي پاڻ سان کڻي وڃڻا پوندا.“

انهي گھڙي بيگم شيبلي ننڍي جھوپڙي ۾ داخل ٿي، هن جي اکين م ڳوڙها هئا، جڏهن هن چيو، ”اوهه، ٽام مان تو کي ڪا شئي ڏئي نه ٿي سگھان، جيڪا تنهنجي ڪنهن ڪم اچي، جيڪڏهن مان تو کي پيسا ٿي ڏيان، هو تو کان کسي وٺندو پر مان تو سان واعدو ٿي ڪيان ته مان تو کي واپس خريد ڪنديس، جيترو جلد کان جلد مون کان ٿيو.“

انهي وقت دروازي کي ٿڏا لڳا ۽ هيلي ظاهر ٿيو، هو اڃا ايليزا جي ڀڄڻ تي ڪاوڙيل هو.

”اچ، او شيدي“، هن چيو، ”تون تيار آهين؟“

ٽام نماڻائي سان بيٺو، چاچي چلوئي پنهنجي ٻانهن ۾ ٻار کي کڻي، هن سان گڏ گڏ گاڏي تائين ويئي ۽ پيٽ ۽ مور سندس پٺيان ڪڍ هئا.

”چڙهه اندر“، هيري تکو ٿي چيو.

ٽام اندر چڙهيو ۽ هيلي هڪڙي سيٽ هيٺيان ڪڙين جي جوڙي ڪڍي انهن کي ٽام جي مرن جي چوڌاري سوگھو ڪيو.

”مون کي ارمان آهي ته ماسٽر جارج پري ويل آهي.“ ٽام چلوئي کي چيو، ”هن کي منهنجو پيار ڏجان.“

پوءِ هيلي گھوڙي کي چهبڪ هنيو ۽ گاڏو هليو ويو. هڪ ميل پري هڪڙي لوهار دڪان تي هيلي رڪيو ۽ هٿڪڙين جي جوڙي کڻي لوهار کي چيائين، ”هي هن شيدي لاءِ تمام ننڍيون آهن، هنن کي وڏو ڪري ٺاهه.“

جڏهن اهو ڪيو پئي ويو ٽام گاڏي ۾ غمگين ويٺو هو، اوچتو هن جي پٺيان گھوڙي جي کُرن جي ٽاپ آئي، ان کان اڳ جو هو اچرج کان آجو ٿئي، نوجوان ماسٽر جارج گاڏي ۾ ٽپو ڏئي ۽ پنهنجون ٻانهون ٽام جي گلي جي چوڌاري وڪوڙي ڇڏيون.

”اوهه ٽام هي سچ پچ ڪمينگي آهي.“ هن رڙ ڪئي، ”جيڪڏهن مان وڏو هجان ها ته هو ائين نه ڪن ها.“

”اوهه، ماسٽر جارج مون لاءِ سٺو ٿيو.“

ٽام چيو، ”مون کان تو کي ڏسڻ کانسواءِ وڃڻ برداشت نٿي ٿيو.“

”ڏس، ٽام،“ جارج چيو،”مان تو لاءِ پنهنجو ڊالر کڻي آيو آهيان.“

”اوهه، مان تو کان وٺڻ جو سوچي به نٿو سگھان. ماسٽر جارج، دنيا ۾ رستو ئي نه آهي.“ٽام چيو.

”پر تون وٺ“، جارج چيو، ”ڏس ٽام، مان هن م سوراخ ڪيو آهي ۽ هڪڙو ڌاڳو پويو آهي، هتي! تون هن کي پنهنجي گلي جي چوڌاري لٽڪائي سگھين ٿو. تنهن ڪري پنهنجي ڪوٽ جا بٽڻ مضبوطي سان هن جي مٿان بند ڪر، ۽ ياد رکجان، هر ڀيري جڏهن هن کي ڏسين، مان ڪنهن ڏينهن ايندس ۽ تو کي واپس آڻيندس.“

”اوهه، ماسٽر جارج“، ٽام چيو،”مان تنهنجو ٿورائتو آهيان ۽ تون سٺو ڇوڪر ٿجانء ۽ وڏو ٿجانء ۽ ماءُ کي سُک ڏجانءِ.“

”ها،مان ڏيندس، انڪل ٽام،“ جارج چيو،”الوداع“.

”الوداع، ماسٽر جارج خدا تو تي رحمت ڪري“، ٽام چيو، ”ڪينٽڪي ۾ تو جھڙا گھڻا ڪين آهن.“ ۽ هو هن ڏانهن ڏسندو رهيو جيسين تائين سندس گھوڙي جي کرن جو کڙڪو پري گم نه ٿيو.

(هلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com