سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2-1/ 1999ع

مضمون --

صفحو :8

اها رات اتي رهي، صبح جو سويل، وري، به يڪتارو هٿ ۾، جوڳي رمتا ڀلا، کڻي منهن ڪيائين. گهمندو ڦرندو اچي اتان نڪتو، جتي سندس روح هو، سانجهي اچي ٿي هئي. هاري ناري هر ڪلهي تي رکي، جوڙو اڳيان ڪري اچي گهرن کي ويجها ٿيا هئا. ڌنارن جا مال واڙين ۾ اچي پهچي چڪا هئا. گهرن وارين کوهن تان پاڻي ڀري، ڪي وڃي چڪيون هيون ته ڪي وڃڻ واريون هيون. آسيءَ کي اڄ الائي ڇو اوير ٿي ويئي هئي. سندس سڀ سهيليون دلا ڀري کڻي پئي ويون ته هيءَ خالي دلا کڻي کوهه ڏانهن پئي آهي. اڄ الائي ڇو صبح کان سندس من ۾ مونجهه هئي، رکي رکي اندر مان تڪڙا تڪڙا ٿڌا  شوڪارا پئي نڪتس. ننڍي هوندي مائٽاڻي ڳوٺ جي کُڏ تي ڪيل ڪچهريون صفا وسري ڪين ويون  هيس. هيترن سالن ۾ لوڪ لکا وجهڻ ڪا نه ڏني هئائين. جيتوڻيڪ قسمت سندس ميلو صفا ڌارئين سان ڪيو هو، جنهن ۾ سندس  ارادي کي ڪو به دخل ڪو نه هو، پر پاڻ اُن لئي کي قضا جو انگ ڄاڻي، راضي برضا رهي، گهوٽ ۽ گهر جي خدمت دل ۽ جان سان ڪري کيس جوڙو پُٽن جو بخشيو هو، جنهن ڪري پاڙي ۾ ڪيتريون ئي عورتيون ۽ انهن جون سسون ۽ مائرون، ساڻس ريسون ڪري، سندس ڀاڳ جي ساراهه ڪنديون هيون. پر هوءَ پنهنجيءَ ڀر ۾ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪنهن شيءَ جي مڙيئي ڪمي محسوس ڪندي رهندي هئي. ڪنهن ڪنهن  وقت ويٺي ئي ويٺي، اوچتو، ڄڻ ڪا وڃايل وٿ ياد ڪريو ٿڌا ساهه ڀريو ويهندي هئي. ساهري گهر وارن  به ان ڳالهه تي ڌيان ڪو نه ڏنو. سمجهيائون ته مائٽن جي يادگيري يا نانيءَ جو پيار- ڀريو هٿ ياد ٿو پويس. پر پوءِ جڏهن 4-5 سالن ۾ کيس نئين ماحول ۾ جذب ٿي ويل ڏٺائون، تڏهن اها ڳالهه ئي وساري ڇڏيائون. وقت گذرندو ويو، هنن ليکي ته اها هن جي عادت ٿي ويئي آهي جو مائٽ کيس ننڍي هوندي ڇوري ڪري ڇڏي ويا هئا، يتيم ٿي نپني آهي، ٿڌا شوڪارا ڀرڻ سندس فطرت ٿي ويئي  آهي.... پر هتي ته قصو ئي ٻيو هو.

آسي خاموش هئي جو نهائينءَ وانگر اندر ئي اندر پئي ٻرَي، ٻاهر ٻڙڪ به ڪا نه ڪڍي هئائين. ستار سائينءَ به سندس ڍڪ ڍڪيو هو پر اڄ سندس حالت صبح کان ئي ٻي هئي ٿوري کڙڪي تي اوچتو ڪن کڙا پئي ٿيس، ۽ اکيون دروازي ڏانهن کڄيو ويس جي ڪنهن ڪانءَ مَنهه مٿان لامارو پئي ڏنو، ته به پئي ان ڏانهن نهاريائين . کيس پڪ هئي ته جن ناناڻن پنجن سالن ۾، سواءِ شروعاتي هڪ – ٻن چڪرن جي، ڪڏهن به سندس سار سنڀال نه لڌي، سي اڄ ڇا جي لاءِ اچڻ جي تڪليف ڪندا، پر ته به سندس سيني ۾ ولوڙ  هئي، ۽ ڪنهن جي اچڻ جي پڪ هيس.

آسيءَ جيئن دلي جي ڳچيءَ ۾ رسيءَ جو ڳراهو سوگهو ڪري، ڀوڻيءَ تان کوهه ۾ لاهي، واڍ ڍري ڪئي، تئين ڪنهن جو سئل سڃاتل ـ آواز ڪن تي پيس. توڙي آواز گهڻو بدليل هو، ته به بلڪل تازي ٻڌل وانگر سڃاتل پئي لڳس- ڄڻ اهو آواز سندس ئي آواز جو پڙاڏو هو، يا سندس ئي شڪل هئي، جا کوهه جي پاڻيءَ مان اُڀي صاف بکي رهي هئي. پاڻي ڀرڻ وسري ويس، پر نوڙي هٿن ۾ قابو هيس. دلو کوهه ۾ پهچي، نوڙيءَ جي ڍري ٿيڻ سبب، پاڻيءَ ۾ نمي گرڙ - گرڙ ڪڻ لڳو، تڏهن وري به واڍ وڌيڪ مضبوط جهلي، آواز تي ڪن ڏيئي، ان طرف نهارڻ لڳي، وروءَ کي به پنڌن  ڀڃي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ سياري جا ڏينهن هئا، ته به اُڃ آڻي ورايو  هوس، سو اُڃ اُجهائن جي خيال سان سڌو کوهه ڏانهن پئي آيو. حالتون بلڪل بدليل هيون، ورو ته صفا کنڊر بنجي چڪو هو، ۽ آسي به هن وقت سنئين سڌي زال ۽ ٻن پٽن جي ماءُ هئي- ته به ٻنهي کي هڪ ٻئي جي سڃاڻڻ ۾ دير ڪا نه لڳي. پهرين ته ائين ئي اکين ۾ خبرون چارون ٿيون، پر جڏهن ورو ڪجهه پنڌ، بکل ۽ ٿڪ کان ۽ ڪجهه هن اوچتي مشاهدي کان بي سڌ ٿي سندس اڳيان کوهه جي پڳ ڀرسان ويهي رهيو، ته آسيءَ يڪدم تڪڙو  تڪڙ ڀريل دلو کوهه مان ڪڍي، ٻاهر رکي، پاڻي ٻڪ ۾ ڀري، ڇنڊا هنيس ۽ ڪي قطرا  وات ۾ اوتيائنيس، تڏهن سڌير ٿيو ۽ اکيون ڦاڙي وري به آسيءَ کي ڏسڻ لڳو. آسي به زبان  حال سان ڏوراپا ڏيڻ لڳس. ورو ڪجهه به ڪڇي نه سگهيو. اسيءَ جي اکين مان به پاڻي ريلا ڪري پئي وهيو. نيٺ آسيءَ ڳالهايو. چيائين ته ’هي حال ڪهڙا کڻي بنايا اٿيئي. مڙس ٿي ڪري پاڻ کي هيئن ناس کڻي ڪيو اٿيئي! جيڪڏهن نانيءَ منهنجو سڱ کڻي نيڪال ڪري ڇڏيو هو، ته به تنهنجي لاءِ ڪو زالون کٽيون هيون ڇا، همت ڪري پنهنجو گهر ته آباد ڪري وجهين ها!“  ڪجهه دير کان پوءِ ورو سامت ۾ آيو، پر ته به  چپن مان ڪي به ڪڇي ڪين سگهيو. آسيءَ به ڏٺو ته هن سان هتي تڙ تي ڳالهائڻ ٺيڪ ڪونهي، سو چيائينس ته منهنجو ننڍڙو ننڊ مان جاڳندو ته آزار ٻاري ڏيندو. تنهن ڪري آءُ هينئر وڃان ٿي، تون سامهون اوتاري ۾ هلي ويهه ته آءُ جلد ئي ڏُهائي ڪري، ماني پچائي، تنهنجي لاءِ کڻي ٿي اچان، پوءِ تڙ تڪڙ ۾ دلا ڀري، کڻي گهر  رواني ٿي،  ورو به ڳالهه جو انت سمجهي، چپڙي ڪري، يڪتاري تي مصري شاهه جي ڪافي ڳائيندو اوتاري طرف راهي ٿيو-

اڄ عشق ڪيا پورا عدد،

قالو بليٰ جي قول جا.....

آسي دلا ته کڻي وڃي رهي هئي، پر  سڄي واٽ پير پٽ تي ڪونه ٿي ٽڪيس. اندر ۾ الائي ڪهڙي آنڌ مانڌ هيس. گهر پهچي، جهٽ پٽ اٽو ڳوهي،  ٻه اُڦراٽا  پچائي، گيهه گهڻو مٿان اوتي، ان تان کنڊ جي لپ ڇنڊي، دٻڪين ۾ وجهي رکيائين. پوءِ  ڍڳي ڏُهي، وڏو وٽو کير سان ڀري، ماني ۽ کير کڻي، آهستيءَ سان ٻاهر نڪتي. هوريان هوريان گهٽين مان گهمندي، ڳوٺ جي ٻاهرئين پاسي اچي، اوتاري وٽ پهتي. ڳوٺاڻا اڃا ڪي ماني کائڻ ۾ مشغول هئا ته ڪي اڃا ٻنين  تي ڪمن ڪارين سان هئا، تنهنڪري اوتاري ۾ ٻي پهر ڪا به ڪا نه هئي. آسي اوتاري تائين  ته پهچي ويئي. پر اندر هلڻ وقت پير ئي ڳورا ٿي پيس، رڙهي به نه پئي سگهي، پر جيئن تيئن ڪري ٻاهريون در اُڪري اندر ٿي. جهڙو وروءَ  تي نظر پيس. تهڙو ڇرڪ نڪري ويس. زمين پيرن هيٺان ڄڻ هيس ئي ڪا نه. اڌ  بت جو ته ساهه ئي نڪري ويس. ورو جيئن ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو، تيئن اُتي ئي سندس روح الائي ڪيڏيءَ مهل پرواز ڪري چڪو هو! ڪنڌ لڙي، ڀر سان بيٺل ٿنڀ تي اچي ٽِڪيو هوس. ٻيو جسم ڀت جي ٽيڪ تي رکي، ۽ ٽنگون ٿَڪ ڀڃيندڙ ماڻهوءَ  وانگر ڊگهيون ٿيسل هيس ۽ اکيون اهڙيءَ طرح کليل هيس جو ڄڻ سامهون ڪنهن جي اچڻ جي راهه ڏسي رهيو هو. آسي زال ذات، سا به وري اڪيلي، پنهنجي گهر کان به پر ڀري........

هيءُ نظارو ڏسي ترسي نه سگهي، پوئين پيرين موٽي آئي. دل جو سور دل ۾ سانڍي، صبر ڪري ويهي رهي. ٿوري دير  کان پوءِ ڳوٺ ۾ هُل  پئجي ويو ته پريت نگر وارو ورو  ميراثي  اوتاري ۾ مئو پيو آهي. رات وچ ۾  ڳوٺ وارن ڦوڙي ڪري سندس ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو، صبح جو ڄڻ ورو دنيا ۾ ڄائو ئي ڪو نه هو. سندس قبر ڄڻ زبان حال سان هيءَ صدا لڳائي رهي هئي:

اسين عشق ۾ ٿياسون اُلٽ، ڪريون ڪوهه ڪفر ايمان کي،

اسين اُڃايل عجز جا، ڪريون ڪوهه وصل ويران کي،

هن حياتيءَ لئه ڏسن ٿا، لعل لب مرجان کي،

پوءِ جنازا بي دفن ڪندا، ڪوهه قبرستان کي.....

ماهه رخ بلوچ

 

ڪتبخانا ۽ انهن جي اهميت

مقصد ۽ سڌارا:

ڪتبخانا علمي زندگيءَ جو اهم شعبو آهن. انهن جي ترقي ملڪي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ڪنهن ملڪ جي ترقي جو اندازو اُن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اُتي ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڪتبخانا آهن.

جارج برنارڊ شاهه جي خيال ۾ ڪتاب تهذيب جي ترقي وٺرائڻ جو بهترين ذريعو آهن.

بقول ڊاڪٽر احسان رشيد جي ته جيستائين اسين پنهنجي ثقافت کي ترقي نه ڏينداسين، تيستائين ملڪي ترقي ناممڪن آهي، ۽ ثقافت جي ترقي جو  دارومدار ڪتابن تي آهي. جيڪي ڪتبخانن ۾ موجود آهن.

 هڪ معروف محقق ٿامسن بار ٿولين جو چوڻ آهي ته ، ”ڪتاب کانسواءِ خدا خاموش آهي“ يعني الله تعاليٰ پنهنجي بندن جي رهبري ۽ رهنمائي جي لاءِ پنهنجو پيغام ڪتاب جي ذريعي ئي هن دنيا ۾  موڪليو ۽ اهي ڪتاب جن جي ايتري قدر اهميت آهي، جِتي به محفوظ  هوندا آهن، ڪتبخانو چورائيندا آهن. 

ڪتبخانا اُن وقت کان ئي قائم ٿيڻ شروع ٿي ويا، جڏهن کان  انسان تحريري علم کي محفوظ ڪرڻ جي اهيمت کي سمجهي ڇڏيو هو، ائين به چئي سگهجي ٿو ته ڪتبخانن جو قيام اُن وقت عمل ۾ آيو، جڏهن تحرير جنم ورتو هو،

ڪتبخانن  جي باري ۾ اڪثر اهو احوال ڏنو ٿو وڃي، ته اهي ڪنهن به اداري جي دل  هوندا آهن، ۽ اُهي هڪ معاشري جو ذهن يا دماغ هوندا آهن، ۽ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته هيءَ تهذيب جي ماضيءَ جو امانت خانو ۽ حال  جي علمي سرگرمين کي مستقبل جي لاءِ قائم رکڻ جو هڪ اهم ذريعو آهن.

ميڪالون جي چوڻ مطابق ڪتبخانن جا اهم ٽي مقصد هوندا آهن

(1) عوام کي انهن ڪتابن جي مطالعي جو موقعو فراهم ڪرڻ جيڪي انهن کي بهتر ۽ سٺي زندگي مهيا ڪن.

(2)  عوام جي لاءِ معلومات مهيا ڪرڻ.

(3) انسان ۾ اهڙيون صلاحيتون پيدا ڪرڻ، جيڪي معاشري جي لاءِ  فائديمند هجن ۽ اهي صلاحيتون ڪتابن جي مطالعي سان حاصل ڪري سگهجن ٿيون.

بهر حال،  ڪتبخانن جو اصل مقصد هر ان شخص جي حقيقي ضرورت پوي ڪرڻ آهي، جيڪو ان جو رخ ڪري ٿو.

ڪتبخانن جي ترقي، ملڪي ترقي ۽ قوم جي ترقي ۾ اضافي  جو اهم سبب  ٿي سگهي ٿي. ڇو جو ڪتبخانا علمي سرمائي جو مرڪز  هوندا آهن. قومي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪتبخانن جي اهميت هر دور ۾ تسليم ڪئي وئي آهي، جنهن قوم هن طرف جيترو گهڻو توجه ڏني آهي اها اوترو ئي ڪامياب رهي آهي.

عوام جي ذهني تربيت جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪتبخانن جو ڄار وڇائڻ گهرجي. پر مسئلو هي آهي جو اسان جي ترقي پذير ملڪن وٽ  ايترو سرمايو ناهي. جو بيشمار ڪتبخانا قائم ڪري سگهجن.

 اسان جي ملڪ ۾ تعليم ۽ ڪتبخانا اهميت جي لحاظ کان سڀ کان آخر ۾ اچن ٿا، بااختيار آفيسر عوامي جلسن ۾ تعليم ۽ ڪتبخانن جو ذڪر به وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪن ٿا ۽ انهن جي اهميت ۽ افاديت تي به ڊگهيون تقريرون ڪن ٿا. پر عملي طره ڪتبخانن جي قيام ۽ ترقي جو مسئلو جڏهن انهن وٽ وڃي ٿو ته اهميت جي لحاظ کان اُن  کي سڀ کان آخر ۾ رکيو وڃي ٿو. اِن ڪري هن مُشڪل کي آسان بنائڻ جي لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته ڪتبخانن ۾ گڏيل تعاون جو بندوبست ڪيو وڃي. ترقي يافته ملڪن ۾ اِن قسم جو انتظام بهتر نموني سان موجود آهي. ڇو جو ان کانسواءِ بهتر لائبريري سورس مهيا نٿي ڪري سگهجي.

انگلينڊ جي ڪتبخانن ۾ هڪ ڪتبخانو ٻئي ڪتبخاني کان ڪيتري قدر فائدو وٺي ٿو. ان ڳالهه جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو.

1965ع ۾ يونيورسٽي لائبرير نيشنل سينٽرل لائبريري جي ذريعي 24448 ڪتاب اڌارا ڏنا، ۽ ريجنل سسٽم جي ذريعي 17445 ڪتاب اڌارا ڏنا. جن ۾ گهڻو ڪري عام ڪتبخانن (Public Libraries) جي لاءِ هئا. اهڙيءَ طرح يونيورسٽِي نيشنل سينٽرل لائبريري  کان 1968ع جنوري تائين 10673 ڪتاب اڌارا ورتا. جنهن مان  13 سيڪڙو فيصد نيشنل سينٽرل لائبريري خود پنهنجي (Stock)  مان مهيا ڪيا، ۽  34 سيڪڙو کان 40 سيڪڙو فيصد ٻين يونيورسٽين يعني 15،10 فيصد پبلڪ لائبريريز کان، 87 سيڪڙو فيصد ٻين ملڪن کان، 83 فيصد علمي ادارن ۽ 4 سيڪڙو کان 15 سيڪڙو فيصد خاص ڪتبخانن کان وٺي ڏنا ويا.

جديد دور ۾ لائبريري تعاون جي تمام گهڻي ضرورت آهي. اگر انهيءَ تي عمل ڪيو ويو ته ملڪ جي هر شهري کي علم حاصل ڪرڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ جو پورو موقعو ملي سگهندو.

اسان وٽ ڪانگريس لائبريري جهڙو ڪتبخانو ته موجود ناهي. پر جيڪڏهن اهڙو ڪو ڪتبخانو  موجود هجي به ها تڏهن به اُهو ممڪن نه آهي جو سڄي ملڪ جو عوام اُن لائبريريءَ تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها، اهڙو ڪو بندوبست  هئڻ گهرجي، جو هڪ ڪتبخاني جا پڙهندڙ بئي ڪتبخاني جي ڪتابن مان علم جي اُڃ اجهائي سگهن.

جيئن ته ڪتبخاني جو مقصد ئي انساني فڪر کي ۽ علمن کي جمع ڪرڻ ۽ انهن کي استعمال جي قابل بڻائڻ آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ گڏيل تعاون جو نظام اڄ کان 67 سال پهرين 1931ع ۾ شروع  ٿيو. 1931ع کان 1936ع  تائين هن پروگرام تحت 1141 ڪتاب ٻين ملڪن کي موڪليا ويا. ۽ هي ڪم نيشنل سينٽرل لائبريري جي ذريعي سر انجام ڏنو ويو.

آمريڪا ۾ 1956ع ۾ هي احساس پيدا ٿي چڪو هو ته، هڪ Central School  Library هئڻ گهرجي، جيڪا اسڪول جي ڪتبخانن ۾ گڏيل تعاون پيدا ڪري. پر اسان جي ملڪ ۾ پرائمري اسڪول ۾ لائبريري جو تصور به موجود ڪونهي ۽ جيڪڏهن  اتي ڪتبخانا موجود آهن به سهي پر نه هئڻ جي برابر. اسڪول ۾ لائبريري کي استعمال ڪرڻ وارا استاد ۽ شاگرد هوندا آهن. انڪري ٻنهي جي ضرورت مطابق ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن جو انتخاب هئڻ گهرجي. اسڪول لائبريري جو ڪنهن ويجهي پبلڪ لائبريري سان واسطو هئڻ گهرجي. ان مان امداد به ملڻ گھرجي. جيئن پبلڪ لائبريري جي تعاون سان اسڪول لائبريري جي اڻاٺ کي ختم ڪري سگهجي، ڇو جو لائبريري ۾ ڪتاب جمع ڪرڻ جو مقصد ئي اهو آهي جو انهن ڪتابن جو وڌ کان وڌ استعمال ٿئي.

لائبريري جو قيام هن امر جو اهم جز آهي ته، تعليم هميشہ  جاري رهڻ وارو عمل آهي. ۽ لائبريري جي Staff جي ذمي ڪتبخاني کي (Uptodate) رکڻ لاءِ نهايت ضروري آهي. لهذا (Professinal Staff) کي به پنهنجي علم کي به Uptodate رکڻ لازمي آهي. (Librarian) جي اولين ذميواري هي آهي، ته هو لائبريري ۾ موجود مواد کي بهتر طريقي ترتيب ڏئي ۽ ڪلاسيفڪيشن ۽ ڪئٽلاگ ڪري، جئين پڙهندڙن تائين مواد جي رسائي آسانيءَ سان ٿئي  ۽ ماڻهن کي علمي تحقيق ۾ سولائي ٿئي.

عرب ملڪن ۾ (Librarian) جي لاءِ امين المڪتب يعني امين ڪتبخانا جي اصطلاح استعمال ٿئي ٿي. اها ته سڀني کي خبر آهي ته امين جو لقب يا خطاب حضرت مصطفيٰ  جي محافظن کي اگر امين ڪتبخانا چئون ته مناسب ئي ٿيندو، ۽ هن مقصد نالي، لقب جو مان رکڻ  اسان جي ديني فرضن ۾ شامل آهي. ڪتاب مقدس آهي. ڪتبخانا قابل احترام آهن، انهي لحاظ کان ”امين ڪتبخانو“ (Librarian) به قابل احترام ۽ قابل قدر آهي. پڙهندڙ ۽ شاگرد ته واقعي ان جو قدر ۽ عزت ڪن ٿا.پر اسان جا آفيسر ۽ اقتدار وارا انهن کي حقير، ڪمتر ۽ گهٽ سمجهن ٿا.

اسان جي ملڪ ۾ لائبريرين (Librarian) کي چاق و بند Smart ۽ خوشگوار هئڻ گهرجي. جيئن ترقي يافته ملڪن ۾ ٿيندو آهي. بشر طي انهن کي سهولتون، معاوضو ۽ مواد به  اهڙي نموني مهيا ڪيو وڃي. جيئن ترقي يافته ملڪن ۾ ٿيندو آهي. ان جو مثال پنهنجي ئي ملڪ پاڪستان ۾ آمريڪن سينٽرل لائبريري، برٽس ڪائونسل لائبريري ۽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي لائبريري آهي.

لائبرين Librarian کي واندڪائي واري وقت ۾ ڪتبخاني ۾ موجود مواد ڪتابن ۽ رسالن مان مختلف موضوعن تي مشتمل ڪتابيات Bibliographics ترتيب ڏيڻ گهرجن.

اسان جي ڪتبخانن ۾ اخبارن ۽ رسالن جو ڍير  لڳو پيو آهي. انهن کي پنهنجي ماضي جي علم جو سرمايو سمجهي محفوظ رکيو ويو آهي. انهن جي اهميت کان انڪار ته نه ٿو ڪري سگهجي، انهن مان فائدو ضرور وٺڻ گهرجي. پر جيئن ته هاڻي سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي جو رسالن ۽ ڪتابن کي مائڪرو فلم ۽ مائڪرو فش پليٽن تي منُتقل ڪري، انهن کي ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح گهٽ جڳهه تي گهڻو رڪارڊ رکي سگهجي ٿو، ۽ پراڻن ڪتابن ۽ رڪارڊ کي به محفوظ ڪري سگهجي ٿو. پر مائڪرو فش يا مائڪرو فلم ۽ ان سان متعلق سامان تمام گهڻو مهانگو ٿئي ٿو ۽ ان کي Use ڪرڻ جي لاءِ تربيت  يافته عملو به کپي. انهن کي اهو ڪم ڪرڻ جي لاءِ جڳهه به اوتري کپي. ان لاءِ بهتر ٿيندو ته ڪنهن هڪ لائبريري ۾ ان جو انتظام ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين ڪتبخانن کي مائڪرو فلم ٺاهي ڏيڻ اُتان جي سهولت مها ڪئي وڃي. اهڙيءَ طرح مائڪرو فلم جو هي يونٽ بهتر ڪم ڪري سگهي ٿو. يا ائين به ممڪن آهي ته نئين تعمير  ٿيندڙ لائبريري ۾ اهڙو انتظام ڪيو وڃي ۽ ٻين ڪتبخانن کي مائڪرو فلم ٺاهي ڏيڻ جي سهولت مهيا ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ جو  اسان وٽ اهڙو انتظام ٿورن ڪتبخانن ۾ آهي. جئين هڪ مثال سنڌالاجي ڄامشورو لائبريري آهي. جتي مائڪرو فلمنگ جو ڪم بهترين نموني ٿئي ٿو.

اڄ ڪلهه ڪمپيوٽر زندگي جي هر شعبي ۾ لازمي ٿي پيو آهي. ڪتبخانن ۾ ته ان جي سخت ضرورت آهي.

سڀني ڪتبخانن کي (On-line) نظام ۾ ڳنڍيو وڃي تو ڪتبخانن جي (Services) ۽ ڪارڪردگي ۾ بي پناهه سهولت ۽ سولائي پيدا ٿي سگهي ٿي. ائين ڪرڻ سان ڀيٽ وارن ڪمن جيئن انڊيڪس، ببلو گرافي ۽ يونين ڪيٽلاگ وغيره ڏيڻ  ۾ به سهولت ٿي پوندي. سڀني ڪتابن جي درجه بندي(Classification) ۽ ڪيٽلاگ سازي (Cataloging) مرڪزي ڪتبخانن ۾ ڪئي وڃي. انهن جا ڪارڊ ٺاهي، انهن جو هڪ سيٽ مرڪزي ڪتبخاني ۾ رکيو وڃي ۽ ان تي ڪتبخاني جو نالو ضروري رکيو وڃي ۽ اهڙيءَ طرح مرڪزي ڪتبخاني کي ۽ ڄاڻايل ڪتبخاني کي اهو معلوم ٿي ويندو ته، ڪهڙو ڪتبا ڪهڙي ڪتاب خاني ۾ موجود آهي ۽ ان جون ڪيتريون ڪاپيون آهن. اهڙيءَ طرح هڪ متحده ڪيٽلا يعني (Union Catalogue) ٺهي ويندو. اڄڪلهه  مغربي ملڪن ۾ هي ڪم خودڪار مشين يعني Computer  سر انجام ڏئي ٿو. ۽ هن ڪم کي (Library Automytoion) جون خدمتون ترقي  يافته ملڪن ۾ به سڀني ڪتبخانن کي حاصل ناهن. پر پاڪستان ۾ هيءَ (Sercvice) شروع ناهي يا شايد ڪن وڏن ادارن ۾ شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هجي. بهر حال هن جو  استعمال وڏن ڪتبخانن ۾ ضرور هئڻ گهرجي. وقت جي بچت ۽ معلومات جي لاءِ هي  Service تمام موزون ۽ فائديمند آهي.

اڄڪلهه ماحول (Spoon Feeding) اسپون فيڊنگ جو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻهن ۾ خود علمي جي عادت پيدا ڪئي وڃي.

لائبريرين  (Librarian) جي ڪتاب سان محبت، حفاظت، انسانيت سان محبت ۽ علم  سان محبت ئي اهي بنيادي وصفون آهن، جنهن سان هو هڪ سٺو لائبريرين  (Librarian) چورائي سگهي ٿو.

(Librarianship). هڪ مقدس پيشو آهي، لائبريرين جي اصل خوشي صرف ان ڳالهه ۾ هوندي آهي، جڏهن پڙهندڙن کي گهربل  مواد بروقت مهيا ڪري ٿو.

ڊاڪٽر رنگاناٿن (Dr. Ranga Nathan) فلاسافي آف لائبريرن شپ (Philasophy of Librarian- ship)  کي پنهجن چند لفظن ۾ اهڙي خوبصورتي  سان واقع ڪيو ويو آهي، جو هي (Idea) خيال بلڪل واضع ٿي وڃي ٿو.

لائبريري جي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪجهه نڪتن تي عمل ڪيو وڃي ته سڌارو اچي سگهي ٿو.

(1) اسڪول ۽ ڪاليج جي لائبريري ۾ Staff جي ضرورت جو معيار مقرر ڪيو وڃي.

(2) ڪتبخانن جي ڪارڪدگي جو جائزو وٺڻ جي لاڳو ڪيو وڃي.

(3) ڪتبخانن ۾ باهمي تعاون وڌاڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪيو وڃي.

(4) سڀني لائبريرن  (Librarian) کي چيو وڃي ته هڪ مقرر وقت اندر ڪتابن جي درجه بندي  (Classification) ۽ (Indexing) انڊيڪسنگ ڪن.

(5) پبلڪ لائبريريز (Public Librares) جي تنظيم ۽  انتظام جي لاءِ هڪ آرڊيننس تيار ڪيو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com