سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2-1/ 1999ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون 2-1/ 1999ع

گلبدن جاويد

سنڌي عورت ۽ سامونڊي طوفان

تازو ضلعي ٺٽي، بدين ۽  ميرپورخاص ۾ آيل سامونڊي طوفان جيڪا تباهي مچائي ان ۾، جيڪو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، ان جو سنئون سڌو اثر سنڌي عورت تي پيو آهي، سنڌي  عورت اڳ ئي زندگيءَ جي  ڪيترين سهوليتن کان محروم آهي، وري سامونڊي طوفان  سندس وارثن کي پنهنجي وهڪري ۾ وهائي جيڪو ساڻس هاڃو ڪيو آهي، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي.

حيرت جهڙي ڳالهه آهي جو اڄ جي ماڊرن دور (ڊش، وي. سي. آر. انٽر نيٽ اي، ميل ) ۾ جڏهن ته دنيا ڳنڍجي هڪ ڳوٺ ٿي پئي آهي ۽ دنيا جي هر خبر سيڪنڊن ۾ معلوم ٿي سگهي ٿي، اتي وري بي حسيءَ جو عالم آهي  جو، سامونڊي طوفان جهڙي آفت جو مسڪين ماڻهن کي اڳ ۾ اطلاع ملي نه سگهيو، جنهن سبب ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي ويون. ٻار يتيم ٿي ويا. عورتون بيواهه ۽ لاوارث ٿي ويون.

تاريخ شاهد آهي ته سمنڊ ۽ سنڌي عورت جو صدين کان سٻنڌ رهيو آهي، ڇو ته پراڻي زماني ۾،  جڏهن سنڌ جي ايراضي گهڻي وسيع  هئي، تڏهن سنڌي ماڻهن جي واپار جو ذريعو سمنڊ هوندو هو، وڻجارا (مرد) جڏهن سفر تي روانا ٿيندا هئا ته سندن وڻجاريون (عورتون)  اوسيئڙي ۾ وڇوڙي جا ڏينهن ڪٽينديون هيون، دنيا جي عظيم شاعر  حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر  سامونڊيءَ ۾، وڻجاريءَ جي اهڙي ڪيفيت جو منظر پيش ڪيو آهي:

وڻجاري وري، پرهه پڳهه ڇوڙيا،
اوليون پسي ان جون، پيئڙم ڳچ گري،
وينديس ماءُ مري، ساري سامونڊين کي!
 

سالن پڄاڻان جڏهن وڻجارا پنهنجي ماڳ تي موٽندا هئا ته وڻجاريون خوشيءَ مان چونديون هيون.

 

جنين ڪارڻ مون، تڙ پوڄاڙا پوڄئيا،
پنيم اميدون، سيئي سڄڻ آئيا.
 

ليڪن اڄ جي وڻجاري (عورت) سان جيڪو قهر ٿيو آهي ان جي تلافي ته نٿي ٿي سگهي، پر سندس دل تي آيل زخمن تي پها رکڻ لاءِ حڪومت، انساني حقن جي تنظيمن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن، اين. جي. اوز ۽ ٻين رفاهي ادارن پنهنجي وس آهر  امداد ڪئي آهي. پر ضرورت اُن ڳالهه جي آهي ته انهن بيواهه عورتن ۽ يتيم ٻارن جو ڪو مستقل ذّريعو پيدا ڪيو وڃي.                   – گلبدن جاويد


 

خان محمد پنهور ”خان“ آهي

سنڌ جي هن نامياري ليکڪ، صحافي تعليمي ماهر، سماجي سڌارڪ ۽ ڏاهي انسان جو جنم  دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي ۾ ٿوي، جيئن ته آراضي ڳوٺ قلندر لعل شهباز (حضرت عثمان مرونديءَ ۽ شاهه صدر الدين لڪيءَ واري جي مقبرن کي ويجهو آهي، شايد اهو ئي سبب هو جو، سندس سڀاءُ ۾ قلندرن واري مستي، ارادن ۾ سيوهن جي جبلن جهڙي مضبوطي ۽ سندس جذّبن ۾ لڪيءَ  جي لُڪَ جهڙي گرمي هئي.

هن عظيم ماڻهوءَ جي بنيادي تربيت ۽ تعليم سندس والد  محمد يعقوب پنهور ڪئي، جيڪو خود هڪ ڏاهو ۽ ذهين ماڻهو هو ۽ سنڌي فائنل پاس ڪيل هو. (سنڌي فائينل جي حوالي سان مون کي ياد ٿو اچي ته، هڪ دفعي سر ظفر حسين شاهه چيو  هو ته، اسان جي تعليمي معيار  جو بنيادي ڪارڻ ئي اهو آهي، جو، اسان وٽان فائينل جي ڊگري کي ختم ڪيو ويو.) پر بدقسمتيءَ سان ننڍي ڄمار ۾ ئي سندس ماءُ، پيءُ الله کي پيارا ٿي ويا، تنهن ڪري پنهنجي تعليم ۽ تربيت جو ذمو پاڻ کنيائين ۽ سنڌ جي وستي وستي ووڙيائين. بقول شاهه سائين جي ته ؛

”اٺئي پهر الڪو، کاهوڙين کي پنڌ جو.“

سندس خوشنصيبي اها هئي جو کيس يڪو ڪار بزرگن جي صحبت نصيب ٿي، سائين  جي، ايم. سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، سائين جيئندل شاهه (آراضي ڳوٺ  جي بزرگ هستي) جهڙن عظيم ماڻهن سندس رهنمائي ڪئي.

سياست هجي يا صحافت مطلب ته زندگيءَ جي مڙني شعبن لاءِ خان محمد پنهور جي ڪيل خدمتن جي لسٽ تمام طويل آهي، توڙي جو سندس خدمتن جو صلو ٻين کي مليو، ڪرسيون ٻين والاريون، پر خان محمد پنهور پنهنجي ذات لاءِ ڪجهه حاصل نه ڪندي به ”خان“ ئي  رهيو ۽ خان  رهندو.

خان محمد پنهور کي ماضيءَ ۾ ڳڻڻ جي جرئت نٿي ڪري سگهجي،  ڇو ته مون کي اڄ به ڄامشوري جي هوائن جي سرسراهٽ ۾ ادا خان جا چيل رهنمائيءَ جا جملا ڪنن سان ٽڪرائبا رهن ٿا ۽ مون  کي يقين آهي ته سندس شاگرد ۽ ساٿي جيڪي ساڻس وڌيڪ ويجها رهيا، اُهي به سندس موجودگيءَ کي محسوس ڪندا هوندا. – گ. ج

 


پروفيسر خواجه مسعود

عورتن جي  حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ انقلابي اڳواڻ

ڪلارا زيٽڪن جي ڪهاڻي

1910ع ۾ سوشلسٽ عورتن جي ٻي عالمي ڪانفرنس ڪوپن هيگن ۾ ٿي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ ڪلارا زيٽڪن، 8 مارچ کي، عورتن جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو. پنهنجي تجويز  جي حمايت لاءِ هن ڪيترن ئي سالن تائين عالمي راءِ هموار ڪرڻ لاءِ ڪوشش ٿي ڪئي. اهو ئي سبب هو جو اها تجويز جڏهن ووٽنگ لاءِ پيش ٿي ته متفق راءِ  سان منظور ڪئي ويئي. ان ڏينهن کان پوءِ گذريل 89 سالن کان وٺي عورتن خلاف امتيازي سلوڪ ۽ ناانصافي کي ختم ڪرڻ لاءِ عورتن جو ڏينهن، وڏي اهتمام سان، ملهايو ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com