سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2-1/ 1999ع

مضمون --

صفحو :10

ڇهن مهينن جا ٻار پنهنجي مرضيءَ سان رانديڪا پڪڙي سگهندا آهن ۽ خوش به ٿيندا آهن. رانديڪو پٽ تي ڪرڻ جي حالت ۾ هو اُن ڏانهن متوجهه به ٿيندا آهن.

هن عمر ۾ ٻار  مختلف آواز جئين آ آ، غو غو وغيره ڪڍندا آهن، پنهنجي ماءُ  کي ڏسي خوشي محسوس ڪندا آهن. هن عمر ۾ ٻار مختلف روين کان متاثر به ٿيندا آهن ۽ ڪجهه ميوزڪ وارن رانديڪن کي ڏسي به خوش ٿيندا آهن، پر انهيءَ مرحلي ۾ ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ وٽ وڃي پريشان ٿيندا آهن يا روئيندا آهن، پر ماءُ جي کڻڻ تي تمام گهڻا خوش ٿيندا آهن.

ٻارن کي کير کانسواءِ نرم غذائيت سان ڀرپور کاڌو ٿوري ٿوري مقدار ۾ ڏيڻ کپي، جيئن هن جي جسم جي ضرورت جي حساب سان طاقت مهيا ٿئي. ڇو ته هن عمر ۾ صرف کير ٻار جي غذائي ضرورت جي لاءِ ناڪافي آهي.

جيڪڏهن توهان عظيم نظم يا گيت کي سُر سان جهونگاري ٻڌائيندا ته ٻار نه سمجهندي به ان کي ڌيان سان ٻڌندا ۽ لطف اندوز ٿيندا. اهڙيءَ طرح ٻار پنهنجي ڀاءُ ۽  ڀيڻ کي راند ڪندي ڏسي يا گوڙ ڪندي ڏسي پاڻ به خوش ٿيندو آهي ۽ اُن ۾ حصي وٺڻ جي ڪوشش  به ڪندو آهي.

هڪ سال جو ٻار پنهنجي گم ٿيل شين کي ڳولڻ سکي وٺندو آهي. جيڪڏهن بال سندس نظرن کان اوجهل ٿي ويندو آهي يا ڪا گڏي يا رانديڪو کيڏندي گم ٿي ويندو آهي ته هو ڳولهي وٺندو آهي، يا ڪوشش ڪندو آهي. هن عمر ۾ ٻار لفظن جي معنيٰ به سمجهي ويندا آهن. پنهنجي نالي جي ڄاڻ به رکندا آهن، ماءُ ۽ پيءُ جا اچاريل جملا سمجهي ويندا آهن. ڪجهه ٻار ته هن عمر ۾ پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ جي ڪوشش به ڪندا آهن. بي ترتيب جملا ڳالهائي به ويندا آهن ۽ ٻه ٽي مخصوص لفظ چئي به ويندا آهن. اُن سان گڏ توهان جا چيل لفظ جيڪي سولا هجن، اُهي توهان جي ڳالهائڻ کان پوءِ به ورجائيندا آهن. ڪوشش اها ڪريو ته توهان جيڪي لفظ ڳالهايو، اُنهن جو مطلب ٻار کي سمجهه ۾ اچي، نه ته ٻار جو سکڻ بي معنيٰ ٿيندو.

ٻار هلڪيون شيون هٿن ۾ کڻي پڪڙڻ شروع  ڪندو آهي. هلڪن ڦلڪن ٽڪرن جا گهر ٺاهيندو به آهي ۽ بار بار ڊاهيندو به آهي. هن  عمر ۾ ٻار ڪو به هڪ هٿ وڌيڪ استعمال ڪندو آهي. جيڪڏهن توهان جو ٻار پنهنجو کاٻو هٿ پنهنجي لاءِ يا ٻار لاءِ مسئلو نه سمجهو. هي ڪا پريشان ڪندڙ ڳالهه ڪانهي. عمر سان گڏوگڏ ساڄو هٿ به استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. ڪي ٻار پنهنجي هٿ سان ماني کائيندا آهن. کائڻ جي وقت وڌيڪ دلچسپي جو مظاهرو ڪندا آهن. ڪي ٻار ٻين جي نقل ڪندا آهن ۽ ڪپڙا بدلائڻ وقت ماءُ سان تعاون ڪندا آهن.

ٻارنهين مهينن جي عمر جا ٻار ڳالهائڻ شروع ڪندا آهن. پنهنجي پسند ۽ ناپسند جو اظهار ڪندا آهن. ٻار جي ماءُ سان محبت وڌندي آهي ۽ ها، نه چوڻ شروع ڪندو آهي. هن عمر ۾ ٻار کي ماءُ، پيءُ جي پيار ۽ توجهه سان نيون نيون ڳالهيون سيکارڻ جي ضرورت آهي.

ٻن سالن جا ٻار:

هن عمر ۾ ٻارن ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اينديون آهن، ان ڪري هنن جي عادتن ۾ نمايان فرق محسوس ٿيندو آهي. ٻن سالن جو ٻار گهڻي دير تائين سمهي به سگهندو آهي ته وري ڪو جاڳي ماءُ کي پريشان به ڪري ڇڏيندو آهي. ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندو آهي. ۽ وري خوش ٿي ويندو.ڪاوڙ جي حالت ۾ هو شين کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، تنهن ڪري ان حالت ۾ مائٽن کي وڏي صبر سان ٻارکي ڊبل ڪرڻ گهرجي. ٻار جيئن جيئن جسماني طور مضبوط ٿيندو ويندو آهي. تيئن تيئن نيون نيون حرڪتون به سکندو آهي، به هن عمر ۾ ٻار آسانيءَ سان ڊوڙي سگهندو آهي، ۽ بال کي پير سان پري تائين اڇلائي سگهندو آهي. هو هر هر ڏاڪڻيون چڙهندو ۽ لهندو آهي. دروازا بند ڪندو ۽ کوليندو رهندو آهي. پاڻ وڏي مهارت سان ننڍين سرن سان گهر ٺاهڻ، مينار ٺاهڻ، ۽ ڊاهڻ جو عمل به ڪندو آهي. ٻين سان لڪيرن ڪڍڻ ۽ بٽڻ کولڻ بند ڪرڻ، سکي ويندو آهي، پنهنجا جوراب، بوٽ ۽ ڪپڙا، لاهڻ، پائڻ، هٿ ڌوئڻ ۽ خشڪ ڪرڻ، به سکي ويندو آهي، اڪيلو هجڻ جي صورت ۾ باٿ روم ۾ به پاڻ ويندو آهي، صرف پنهنجي صفائي ڪري نه سگهندو آهي، ان لاءِ هن کي ٻئي ماڻهوءَ جي ضرورت هوندي آهي.

ٻار کاڌو به صفائي سان کائيندو آهي. سواءِ سخت شين جي جيڪي هو کائي نه سگهندو آهي. هن عمر ۾ ٻار جي ويجهي توڙي پري جي نظر تقريباً وڏن وانگر هوندي آهي. ٻار جي نظر چيڪ ڪرائبي رهجي. اهڙيءَ طرح ٻار جا  ڪن به چيڪ ڪرائبا رهجن. ٻار جي ذهن ۾ نوان نوان لفظ محفوظ ٿيندا رهندا آهن. هو، مان، توهان، تون،  جهڙا ڪيترائي مطلب وارا لفظ ادا  ڪري سگهندو آهي. ايتري تائين جو هو پنهنجي مطلب جي ڳالهه ٻڌائي سگهندو آهي. هن سان جيترو گهڻو ڳالهائبو اوترو وڌيڪ لفظ سکندو ۽ وڏن وانگر تڪڙو ڳالهائيندو ۽ مڪمل جملا ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو. پوءِ ڳالهائي سگهندو آهي، ڪنهن ٻار جي ڳالهائڻ جي رفتار سست به هوندي آهي.

هن عمر ۾ ٻار کي پيار ۽ تحفظ ميسر هجي ته هن جي سکڻ جي صلاحيت ٽيڻ تي وڌي ويندي. ٻار، پيار ۽ تعريف سان  کيڏڻ ۽ گهمڻ پسند ڪندا آهن. اهي ڪنهن سان ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ منتظر هوندا آهن. شروع ۾ ٻار اڪيلا کيڏڻ پسند ڪندا آهن، پر آهستي آهستي هو هڪ جيڏن ۾ رلي ملي ويندا آهن.جڏهن هنن ۾ فيصلي ڪرڻ جي طاقت اچي ويندي آهي ته اهي وڙهڻ به لڳندا آهن. هن عمر ۾ مائٽن جي مرضيءَ کانسواءِ به ڪو اڻ سهائتو ڪم ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙيءَ صورت ۾ تمام ٿڌي دل سان ڳالهه کي وٺجي. ڇو ته اهڙي وقت ۾ ٻار پاڻ کي ٿڪل بيزار غير محفوظ تصور ڪندو آهي.

ٽن سالن جو ٻار:

هن عمر ۾ ٻار جي سمجهدار ٿيڻ تي مائر سک جو ساهه ٿيون کڻن. ٻار ڳالهائڻ، پنهنجي ڳالهه مڃائڻ سکي ٿو وڃي. هن کي پنهنجي اهميت جو احساس ٿي ٿو وڃي. هو پنهنجي مرضيءَ ۽ خواهش ٻڌائي سگهي ٿو، ان سان گڏ مائٽن سان پيار جو اظهار به ڪري ٿو.

ٻار، ماءُ، پيءُ ۽ ٻين مائٽن  جي لاءِ وندر ٿئي ٿو. پنهنجي ٻاتن ٻولن سان پيار وٺي ٿو، کائڻ به سکي ٿو وڃي. پنهنجا هٿ ڌوئڻ ۽ خشڪ ڪرڻ به سکي وڃي ٿو، کاڌو ۽ پنهنجا ڪپڙا به خراب نٿو ڪري. نوان دوست ۽ ساٿي تلاش ڪري ٿو ۽ گڏجي راند ڪرڻ، ۽ پنهنجا رانديڪا ٻين کي ڏيڻ سان سندس دل ۾ خوش ٿئي ٿو. هن ٻين ٻارن سان راند ڪري خوشي محسوس ڪري ٿو. مائٽن کان ٿوري وقت لاءِ پري رهي به سگهي ٿو ۽ ٻين چهرن کان آشنا ٿئي ٿو. توهان هن کي تصويرون ڏيکاري مختصر ڪهاڻي به ٻڌائي سگهو ٿا.

هن عمر ۾ ٻارن جي ياد ۾ واڌارو ايندو آهي. هن کي اها خبر پئجي ويندي آهي ته ڪنهن شيءِ جو انتظار به ڪيو آهي. اهڙي نموني ٻار روز استعمال ۾ ايندڙ شيون ۽ لفظ به ياد رکڻ شروع ڪندو آهي، جڏهن ٻار جا کير وارا ڏند نڪري ايندا آهن. تڏهن وزن ۽  قد جي رفتار گهٽجي ويندي آهي. هن عمر ۾ ٻار جا ڊينٽسٽ (ڏندن جي ڊاڪٽر) کي ڏيکارڻ گهرجن، روزمره سرگرمين  ۾ ٻار کي اعتماد وڌي ٿو، هو بلڪل وڏن جيان ڏاڪڻيون چڙهي ۽ لهي وڃي ٿو. گول دائري ۾ گهمي وڃي ٿو ۽ وڻن تي چڙهڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو. وڏي بال سان کيڏي سگهي ٿو ۽ هڪ ٽنگ تي بيهي به سگهي ٿو، ٽن ڦيٿن واري سائيڪل کي مزي سان هلائي سگهي ٿو. هن عمر ۾ ٻار ساڄو ۽ کاٻو هٿ چڱيءَ طرح استعمال ڪندا هجن ته نرمي ۽ پيار سان کين ساڄو هٿ استعمال ڪرڻ سيکارجي. آهستي آهستي اهي عادي ٿي ويندا.

ٻارن جي ڳالهه ٻولهه به معنيٰ خيز هوندي آهي. اهي ڊگهيون ڳالهيون ڪندا آهن. ڪي ٻار وري جنسي عضون کي بار بار ڇهندا آهن. جڏهن ته اهو هڪ معمولي فعل آهي، تڏهن به نرمي سان ٻار کي منع ڪرڻ گهرجي. ڪجهه ٻار رات جو بسترو خراب ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙن ٻارن کي رات جو سمهڻ کان اڳ پيشاب ڪرائي پوءِ سمهاري ۽ رات جو به هڪ يا ٻه ڀيرا پيشاب لاءِ اٿارجي: ٻارن جي اکين ۽ ڪنن جو به معائنو ڪرائبو رهجي.

پاڻون واڻيون چارون پچارون

 

تعارف: الحاج ولي محمد طاهر زادو صاحب سٺي ليکڪ، شاعر هئڻ سان گڏوگڏ، سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن جو پڻ وڏو ڄاڻو آهي. جيڪڏهن کيس چاڻ جي کاڻ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. جيئن ته پاڻ به ٻهراڙي سان تعلق رکي ٿو، ان ڪري کيس اتان جي ماحول، رهڻي ڪهڻي، ۽ اُتي ڳالهائيندڙ ٻوليءَ سان تمام گهڻو چاهه آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندن لکڻي پڙهڻ سان ٻهراڙي جو سڄو منظر اکين اڳيان اچيو وڃي. وڌيڪ اها ڳالهه ته پاڻ پراڻن لفظن کي نئين معنيٰ ۽ نئين انداز ۾ آڻڻ جو فن پڻ ڄاڻين ٿا، جيڪو سندس شوق پڻ آهي. ”سرتيون“ رسالي جو پراڻو ليکڪ آهي. طاهر صاحب سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۽ سندن ئي لکڻيون سرتيون جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجن ٿيون. (ايڊيٽر)

سوال: اوهان پنهنجي زندگيءَ بابت ڪجهه ٻڌايو؟

جواب: منهنجي والد جو نالو محمد طاهر آهي، تنهنڪري پاڻ کي طاهر زادو سڏرايان ٿو. والد صاحب کي هوتل يعني  نانوائڪو دڪان هو، تنهنڪري ڪپڙي لٽي، کاڌي پيتي جي تنگي ڪا نه هوندي هئي.

سوال: اوهان تعليم ڪٿي حاصل ڪئي؟

جواب: مون کي پهرين ٽنڊي الهيار جي مڪتب ملان حافظ حميد الدين وٽ داخلا ملي. جتي قرآن شريف ناطرا پڙهي پورو ڪيم، پوءِ مولوي محمد حيات کان فارسي، دووايو، ڪريما، مامقيما، پندنامه ۽ گلستان تائين پڙهيس ۽ مولي عطاءُ الله کان عربي مجانية الادب جا چار ڪتاب پڙهيس ۽ مرحوم ڏاڏي رمضان وٽ سندس خريد ڪيل ڪتاب جي ابولاحسن جي سنڌي ۾ ڇپيل هئا: ڪنزالعبرت، قص الانبياء، مقدمة الصلواة ۽ قصو يوسف زليخا پيو پڙهندو هوس. ٽنڊي الهيار جي  انگريزي مڊل اسڪول ۾ رڳو چئن درجن تائين تعليم ڏني ويئي. سو انگريزي پڙهڻ ڇڏي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ وڃي داخل ٿيس اتي اسڪول جو هيڊ ماستر مرحوم مغفور سائين شيخ قادر بخش صاحب هو. (شيخ عبدالله جو والد جنهن جو محبت جون راهون ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي) تنهن پڙهائي سنڌي ورنيڪيولز،  فائنل امتحان پاس ڪرايم. سندن ئي ڪوشش سان سنڌي ماستر جي خالي پيل جاءِ تي مقرر ٿيس. نوڪري ڪندي ٽريننگ ڪاليج فارمين مان پهريون سال ۽ ٻيون سال پاس ڪيم.

سوال: اوهان جي وقت ۾ پڙهائيءَ جو معيار ڪهڙو هو؟

جواب: تڏهن ٽيوشن جي ضرورت ڪانه هئي، نڪي ڪا ڪاپي ڪرڻ جي ڪو به شاگرد ڄاڻ نه رکندو هو. استاد ئي قابل هوندا هئا.

ٻار ماءُ جي پيٽان ڄمي ٿو ته بکيو ۽ اڃو هوندو آهي، ماءُ ان کي مُمو پيڻ  لاءِ وات ۾ وجهندي آهي ٻار ان کي چوسي چوسي ڌڳڙيندو پيئندو رهندو آهي. ماءُ هن کي رڳو مُمو وات ۾ وجهندي پر چوسڻ ڪا نه سيکاريندي آهي، اها ٻار جي پنهنجي ڏاهپ آهي، ان کي سونجهه چوندا آهن.

سوال: اوهان جي استادن جو اوهان سان ڪهڙو ورتاءَ رهيو؟

جواب: محنتي شاگردن تي مهربان هوندا هئا، گوسڙن گوشحالي ڪندا هئا.

سوال: ٻار اوهان جي نظر ۾؟

جواب: سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ٻار مُڇ جو وار، جتي بيهاريس اتي  بيهندو ڇو ته ٻار ماحول جي پيدوار  آهي.

سوال: ٻار جي تربيت جا ڪهڙا بنيادي اصول آهن؟

جواب: ٻار ماءُ جي پيٽان ڄمي ٿو تو بکيو ۽ اُڃو هوندو آهي، ماءُ ان کي مُمو پيڻ لاءِ وات ۾ وجهندي آهي. ٻار ان کي چوسي چوسي ڌڳڙيندو کير پيئندو رهندو آهي. ماءُ هن کي رڳو مُمو وات ۾ وجهندي پر چوسڻ ڪا نه سيکاريندي آهي. اها ٻار جي پنهنجي ڏاهپ آهي، ان کي سونجهه چوندا آهن. سونجهه سکڻ جو پهريون ڏاڪو آهي، ان ڪري چوندا آهن ته ماءُ جي هنج اولاد جي پهرين درسگاهه آهي. ٻيو ڏاڪو سکڻ جو آهي. ٻار جي پڇ پڇ جنهن ۾ ٻار جي رهبري ڪرڻ گهرجي. ڪڪ يا بيزار ٿيڻ نه گهرجي نه ته ٻار جي دلچسپي ختم ٿي ويندي ۽ موڳو ٿيو وتندو.

سوال: اڄ جو شاگرد پڙهي گهٽ ٿو، پر سياست وڌيڪ ٿو ڪري، ان بابت توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

جواب: شاگرد کي جي اها سُڌ هجي ته سياست جا قومي ڪپهري يا مداري کيس باندر واريون بولاٽيون ۽ بازوليون ڏياري ڏياري پنهنجو مقصد ماڻي، پوءِ پٺيرا ٿي ويندا ته هوند ڪڏهن به سياست جو سُر آلاپڻ کان توبهه ڀري ڇڏي.

سوال: ٻار کي پڙهڻ ڏانهن ڪيئن راغب ڪجي؟

جواب: ٻار پنجن سالن جو ٿئي ته کيس ڀرواري اسڪول ۾ داخل ڪرائجي، پوءِ ان جي تعليم تربيت ۽ تاًبيت استاد جي ئي هٿ وس ۾ رهندي پر پڙهائي ڪاڻ بهتر اسڪول چونڊڻ مائٽن جي ذمي آهي.

سوال: اوهان جا همعصر مشهور شاعر ۽ اديب ڪهڙا هئا؟

جواب: ولي حسن شاهه علوي، عبدالحميد سومرو، محمد عرس صوفي بڪيرا شريف، گل محمدآزاد صوفي، محمد موسيٰ ميمڻ ۽ غلام مرتضيٰ شاهه، جڏهن بڪيرا شريف مان شادي ڪئي ته پوءِ لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، پاڻ شاعر زمان، سارو عشقي داستان آهي، الله سائين ڏينهن ڏيس!

سوال: اڄ جي ادب بابت اوهان جو ڪهڙو رايو آهي؟

جواب: پهرين ”ادب“ لفظ کي سمجهڻ گهرجي. الله تعاليٰ  فرمايو ”ومامِن دآبة في الارض عليٰ الله رزقها“ اهو چرندڙ ڦرندڙ ساهه ڌرتيءَ تي ناهي، جنهن جو رزق الله جي ڪرم تي ناهي، داب، چرندڙ ڦرندڙ ساهوارو، ادب چرندڙ ڦرندڙ ٻولي دنيا جي هڙني ٻولين کي پنهنجو  پنهنجو علم ادب آهي.

الله تعاليٰ ڪُل قومن ڏانهن نبيءَ رسول، رهبر، هادي موڪليا آهن. جن کي الله ٻين علمن سان علم ادب به عنايت ڪيو هو. علم ادب جاهليت گمراهي ۽ نقصانڪار رسمن روايتن جون پاڙون پٽي انسان کي اشرف المخلوقات  ٿو بڻائي، جي اها سوچ ناهي ته ڪير به لکي، ڪيترو به لکي ادب ۾ شامل نه سمجهبو.

سوال: اڄ جي شاعرن بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

جواب: ڪي شاعر آهن گهڻا تڻا ماعر آهن جي شاعري شعور  چاهين ته خضر حيات جي آبحيات مان پڪ پين ته سائين لطيف جي لڙهه بگن چوي ٿو.

سورن سانگهارو ڪڏهن تان ڪو نه ڪيو.

آيل اوڀارو ٻاڙ وڌو پورڙ وَهي!

 اها اڻ ڄاتل زندگيءَ جي پيشگوئي آهي.

سوال: جون اخبارون اوهان جي نظر ۾؟

جواب: رڳو پيٽ پارڻ جو فن آهن.

سوال: اوهان ڪهڙين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي؟

جواب: رڳو هڪڙي پارسي بيت جو بيت ۾ ترجمو ڪيم.

ايران جي مشهور شاعر آنوري جو بيت پڙهيم، جو پارسيءَ ٻولي ۾ هو، وڻيو:

هرکه مصيبت از آسماني آيد حقدار اوديگر باشد

 برپائي مي رسد پُرسد که خانهءِ انورو کجا باشد؟

انهن ڏينهن ۾ روزگار ملڻ جون گهڻيون مشڪلاتون هيون، مون هيئن ترجمو ڪيو، ڪا ڀي مصيبت جڏهن اُڀ مان ٿي اچي.

ڀل ته حقدر هجي ڪو ٻيو ان جو

واءِ ولهي پهچنديئي پيرن تي پڇي، او ادا گهر ته وئيءَ جو ڏسُجو.

سوال: اوهان جا ڪهڙا مجموعا ڇپجي ويا آهن؟

جواب: مون هڪڙو مسودو سنڌ جون ريتون رسمون لکي سنڌي  ادبي بورڊ وارن کي ڇاپڻ لاءِ پيش ڪيو، جنهن کي سال ٿيندا پر اڃا تائين ڪونهي ڇپيو، ڪنهن کان پڇيائيون گهوڙو ڇو اڀرو ٿيو اٿئي:

چيائين: گاهه پٺو مون کان نٿو ٿئي ۽ داڻو مهانگو آهي، منهنجي وٺڻ کان زور آهي باقي ضد ۾ پاڻي گهوڙو به نٿو پيئي.

سوال: سياست توهان جي نظر ۾؟

جواب: هيءَ هڪڙي موروثي لاعلاج بيماري آهي، هن جا جراثيم يا جيوڙا روز بروز وڌن ٿا، پر گهٽ ٿين نه ٿا؛ پر ختم تڏهن ٿا ٿين جڏهن ڪي اوچتا عسڪري جراثيم پيدا ٿا ٿين.

ائين جي هر هڪ ذات مان سياسي لڙائيءَ لاءِ علاء الدين جو لشڪر پيدا ٿيندو رهندو بي هٿيار بي پهچ عوام ڪهڙيءَ وهه ويندو؟

سوال: پڙهندڙن لاءِ پيغام؟

جواب: منهنجي جنم جو سال مارچ 1914ع آهي، هلندڙ سال 1999ع آهي، عمر جي تقاضا دنيا سڀ درياهه ڪو ڪوتارو تنهن ۾ توهان سڀ خوش هجو شال.

دنيا ۾ پهريون بُت مهمائيل جو گهڙيو ويو هو

هبوط آدم: آدم الله تعاليٰ جي حڪم جي نافرماني ڪئي ته کيس ۽ بيبي حوا کي هيٺ زمين تي لاٿو ويو.

آدم سرنديب ۾ لٿو ۽ ببي حوا جده وارين حدن ۾ لٿي. آدم ۽ حوا ٻئي جنت الماويٰ ۾ رهندا هئا.

جنت الماويٰ ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ هڪٻئي مٿان ست آسمان آهن، انهن جا نالا هيءُ آهن:

1-رفيعا، 2- قيدوم،3- زيلون، 4- خيابيل، 5- البيانيفون، 6- قادُوس ۽ استخافائيل.

اسان کي رڳو پهرئين آسمان بابت  ٿورو گهڻو علم آهي.

آسمانن جو وچ جنهن کي اسين پولار، خال، جو ۽ جلِا چئون ٿا ان ۾ ڪئين قسمن جون هوائون فضائون ۽ گئسون آهن، شايد آدم کي تکين ۽ تيز هوائن پري پري ڇڏيو، يا ملائڪن اتي لاٿو ۽ بيبي حوا کي سرد هوائن جده جي زمين تي ڇڏيو. اهو الله ٿو ڄاڻي! آدم کي الله تعاليٰ ڌرتيءَ جي سڀني شين جو علم اڳواٽ ڏنو هو جو سڀئي ڪم ۽ انهن جا نالا ملائڪن کي الله جي حڪم سان چئي ٻڌايا هئائين. سرنديب ڌرتيءَ تي آباد خطو هو برساتن جام پوڻ ڪري نباتات گهڻي پيدا ٿيل هئي، چوڌاري سر سبز هئي.

آدم گهڻو وقت اتي رئندو ۽ الله تعاليٰ کان معافي بخشش گهرندو رهيو. رب پاڪ جڏهن کيس معافي ڏني ته بيبي حوا جي ڳولا ۾ نڪتو، هن سج اُلهڻ واري طرف کان آڳانڌو بنائي الهندي طرف رخ رکيو، ڪيترائي ڏينهن هلند رهيو، آدم ۽ حوا کي الله سائين پنڌ جي ٿڪ کان آجو ڪيو هو، تنهنجي پنڌ جي مشڪلات ڪٿي به محسوس ڪا نه ڪيائين، مڪي مڪرم وٽ بيت المعمور جي زيارت جو ارادو ڪري ويهي رهيو. بيبي حوا پاڻ التجائون ڪري الله سائين کان معافي گهري ۽ بيت المعمور جي زيارت لاءِ الهندي طرف پنڌ ڪرڻ لڳي ته ميدان عرفات وٽ جبل رحمت وٽ ويٺل آدم سان ملي. الله تعاليٰ جا سئو سئو شڪرانا بجا آندائون خوش خرم ٿيا.

اول بيبي صاحبه کي حضرت آدم سرنديب وٺي ويو، جتي گهڻيون برساتيون، گهڻي آبادي ۽ گهڻا باغ ڦل ڦول هئا. اتي آدم کي هڪ سئو پٽ ۽ ڌيئن جو اولاد ٿيو، جڏهن بيت المعمور جي جاءِ تي ڪعبة الله يا بيت الله قائم ٿيو ته بيبي حوا کي ساڻ وٺي ۽ ڪجهه اولاد کي ساڻ ڪري جده ۾ اچي رهيو ۽ چاليهه  حج پڙهيائين.

حضرت آدم کي بيبي حوا مان ڇهين مهيني ٻه ٻه جاڙا ٻار ڄمندا هئا جن ۾ هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هوندي هئي. حضرت آدم کي جڏهن شيث ڄائو ته  اُن سان گڏ ڀيڻ ڪا نه ڄائي هئي.

حضرت  آدم اڳئين ڄاول ٻارن جو پوئين ڄاول ٻارن ۾ نڪاح ڪرائيندو، پر شيث پٽ کي ڀيڻ ڪا نه هئي، تنهن ڪري اڳئين پٽ پنهنجي ڀيڻ شيث کي ڏيڻ  نه قبولي.

شيث ۽ آدم الله تعاليٰ جي عبادت ڪري کيس ستائڻ لڳا ته موليٰ مشڪل ڪشا هيءُ اسان جو مشڪل حل ڪر. الله تعاليٰ طرفان کين تسلي ملي ۽ بيضاءُ نالي هڪ حور جنت مان شيث جي نڪاح واسطي موڪلي ويئي، شيث کي نبوت ملي، سندن نسل هن طرح آهي.

هبوط: آدم جو پٽ شيث،  شيث جو پٽ اَتوش، اتوش جو پٽ قنان، قنان جو پٽ مهمائيل، مهمائيل جو پٽ بسرد ٻيو نالو ان جو ميزاد هو بسرد جو پٽ ايزد ٻيو نالو ان جو اُوس هو.

انهن ۾ مهمائيل بيحد سهڻو، مرداڻي حسن ۽ صلاحيت ۾  لاجواب هو، وصفن ۽ خصلتن ۾ پڻ اعليٰ اُتم هو.

سندس حسن جي هاڪ جنهن هنڌ تي پهتي ته اتان جا ماڻهو ڪهي پنڌ ڪري جده ۾ اچي سندس ديدار ڪندا رهيا.  ڪيس سندس مجسمه تراشائي ويندا هئا، ڪي مٽيءَ جو پتلو ٺهرائي باهه ۾ پچائي بُت بنائي پاڻ سان نيندا هئا، ڪي سندس پيڪر پاڻ گهڙي ياد طور يا سينگار لاءِ وڃي پاڻ وٽ رکندا هئا.

پر پوڄڻ پرست ڪرڻ جو ڪنهن کي ارادو خيال ڪو نه هو ان ڪري عربن ۾ سنگتراشيءَ جو فن قائم ٿيو ۽ دنيا ۾ اهو پهريون ئي بُت بنايو ۽ گهڙيو ويو هو!

 

ڪرِڙ جو وڻ ڪارائتو آهي

 

وڻ جي ننڍڙي جهاڙيءَ کي ڪرِڙي ۽ وڏي جهاڙ کي ڪرِڙ يا ڪريڙ ٿو ڪوٺجي.

هن وڻ ۾ ننڍڙا سنهڙا ساوا پن ۽ ننڍڙا تِکا ڪنڊا هوندا آهن  هن جي گل کي پُسي  سائي ڦل کي ڏؤنرو ۽ پڪي ڦل کي پڪو يا ڏيلهو چئجي ٿو.

ڪرڙ ڏاڍو ڪمائو ڪارائتو، سستو، سهنجو ۽ سهولت وارو وڻ آهي. سنڌ ملڪ جي گهڻن ئي پٽن ۽ حصن ۾ پيدا ٿئي ٿو.

ڪرِڙ جا وڻ شوق پئي يا هٿرادو نه پوکبا آهن. بلڪ قدرتي طرح پاڻهي پاڻمرادو  پيدا ٿين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com