سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2007ع

مضمون --

صفحو :9

پوليس جي گاڏي در تي اچي بيٺي اڳيان وڏيري جمال خان جي ڪار هئي. جمال خان ڪار مان لٿو پوليس به گاڏي مان لٿي. ڪمدار کي هٿ ڪڙي لڳل هئي.

جمال خان امتياز جي پيءُ جي ويجهو آيو.

”مون کي واقعي جو اطلاع ڪمدار ڏنو. جنهن هي خون ڪيو آهي. مون کي افسوس ٿيو. پر حقيقت ٻڌي مان خود حيران آهيان.“

”پڙهيل لکيل ٿي ڪري امتياز جيڪا حرڪت ڪئي آهي سا شرم جوڳي آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ اهڙا مسئلا ٿين اسان خاموش تماشو ڏسون.“

سائين توهان هي ڇا پيا چئو. منهنجي امتياز جي نالي امتياز جي شرافت جي سڄو ڳوٺ ساک ڏيندو. امتياز جي پيءُ جذبات ۾ چيو.

”سچ سڀني جي سامهون آهي. رات جي هن وقت امتياز وزير جي گهر ۾ ڇو آيو. جڏهن ته وزير گهر ۾ نه هو.“

”سائين وزير ماڻهو موڪلي امتياز کي گهرايو.“ امتياز جي ماءُ سونا چيو.

”مائي تون چپ ڪر.

”سائين اسين چپ ڪريون. واهه سائين واهه! اسين چپ نه ڪنداسين. اسان کي انصاف کپي. صوبيدار صاحب اسان جو ٻچو بي قصور هو. اسان سان انصاف ڪر.“ سونا صوبدار کي ٻانهن مان جهليندي چيو.

”صبر ڪر مائي. جاچ ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي.“

”اسان ضرور جاچ ڪنداسين.“ صوبيدار کيس آٿت ڏني.

”ڪنهن جي نالي پئي ماسي چوي، ادا ڪنهن کي انصاف گهرجي. پوليس ڇو آئي آهي.“ مومل انور کي جهنجهوڙيندي چيو.

انور جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا.

”تون روئين پيو ادا.“

وزير ڌي جي لاش تي روئي رهيو هو.

وڏيرو جمال خان هن جي ويجهو آيو. سچ ٻڌاءِ وزير تون ٻني تي هئين.“

”جي سائين.“

”امتياز ڏانهن تو ماڻهو اماڻيو هو.“

وزير خاموس ٿي ويو.

”سچ ٻڌاءِ وزير.“

”سائين منهنجي زال بيمار آهي هن جو علاج امتياز ڪندو هو.“

مان توکان هينئر جي باري ۾ پڇيو.

”نه سائين.“

”ٻڌئي مائي سونا. مان ڇا ٿو ڪري سگهان. ڪمدار اعتراف ڪيو آهي، هن غيرت ۾ اچي اهو قدم کنيو. مان پوليس کي اطلاع ڪيو. مان نٿو چاهيان هن مسئلي کي ميڊيا ۾ نروار ڪيو وڃي. خوامخواهه بدنامي ٿيندي پوليس ئي انهي مسئلي کي حل ڪري. ڪيئن صوبيدار صاحب. وڏيري جمال خان صوبيدار سان مخاطب ٿي چيو.

”سائين توهان جو حڪم کپي.“

”سائين، اسان جو ماڻهو مئو آهي بي گناهه. اسين خاموش نه ويهنداسين.“ مجيد تيز ٿي چيو. ”ثبوت آهي توهان وٽ.“

”توهان وٽ ڪهڙو ثبوت آهي.“ امتياز گنهگار آهي. انور جذبات مان چيو.

اهوئي ثبوت آهي. وزير جي گهر ۾ رات جي وقت امتياز جو موت انهيءَ جي ڌيءَ سان گڏ وڏيري جمال خان جذبات مان چيو.

”سازش آهي دشمني آهي.“ امتياز جي پيءُ روئندي چيو.

”ڪنهن جي دشمني آهي امتياز سان. ڇو ماريندا امتياز کي پنهنجي اعمالن مارايو اٿس. پرائين نياڻي ۾ غلط نظر رکيائين. انهيءَ جو انجام اهو آهي توهان جي سامهون.“

”ادا ڪير مري ويو آهي.“ مومل انور کي ٻانهن مان جهلي پڇيو.

”امتياز“، انور مومل کي جهنجهوڙيندي چيو. تهنجي ماسات کي ماري ڇڏيو دشمنن.“

”نه ادا تون ڀوڳ پيو ڪرين. هي ڏس منهنجي لاءِ چوڙيون آنديون اٿس. اسان جي شادي ٿي ٿئي.“ مومل ٻانهون ڏيکاريندي چيو.

”مومل هوش ۾ اچ، هي ڏس امتياز پاڻ کي هميشه لاءِ ڇڏي ويو آهي. انور کيس امتياز جو لاش ڏيکاريندي چيو.

”هان، نه نه ماسات نه مرندو. مومل امتياز جي بي جان وجود کي گهوري ڏسڻ لڳي. هن جون اکيون ڦاٽي ويون امتياز جي مٿان ڪري پئي.

انور ڊوڙي اچي مومل کي ڏٺو، مومل ته هئي ڪونه هوءَ ته امتياز سان وڃي ملي. انور هن جي اکين تي هٿ رکي روئڻ لڳو. صفيا هوش وڃائي ويٺي.

پوليس ڪمدار کي کڻي وڃڻ ڳي.

هر اک آلي هئي. هر ڪنهن جي اکين ۾ سوال هو ته ڪير ڪري انصاف!؟

 

مقبول مارو

غزل

وحشيءَ ڪهڙي غيرت ڌاري
ڀاءُ آ ڀيڻ پنهنجي اڄ ماري
 

اخبارن ۾ روز پڙهون ٿا
ٿيو زور قصو ڪارو ڪاري
 

پيار جي پيڙا ڪو به نه سمجهي
محبت ڪندڙ ٿيا ڏوهاري
 

منصف آهي سوئي بڻيو
جنهن ڏوهن ۾ عمر گهاري
 

مردن جي آ دنيا ”مارو“
عورت ٿي آ هت ويچاري
 

غزل

سڄڻ بي چينيءَ جو سبب ٿي ويو آ
اندر اوري ويٺس عجب ٿي ويو آ
 

حيائن جي پردي تنهنجي يار ماريو
حسن تنهنجو مون لاءِ غضب ٿي ويو آ
 

ڪڏهن ڪين ماڻيم محبت جي منزل
پرين پيار ڪوئي ڪرب ٿي ويو آ
 

خدا ٿو ڄاڻي لڳي دل آ توسان
اهو عشق سهڻو لقب ٿي ويو آ
 

کنيو نانءُ ڪنهن تنهنجو جلي مان ويس
رڳن ۾ سو منهنجي جذب ٿي ويو آ
 

آ يادن ۾ ”ماروءَ“ وڃائي ڇڏيو من
انهي جي ڪارڻ بي ادب ٿي ويو آ

سهيڙيندڙ: امر سنڌو

هڪ شخصيت 100 سوال

ليکڪا ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فشريز ڊپارٽمينٽ ليليٰ پروين سومرو

                          1.  نالو گهر ۾ سڏجندڙ؟

پروين.

                         2. ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو)؟

نائين فيبروري.

                         3. شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

ٻيٽو جتوئي.

                         4. شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

ڄام شورو.

                         5. شهر جو دل جو شهر آهي؟

ڄام شورو.

                         6. شهر جو دل کي نه آئڙبو هجي؟

ڪوبه نه.

                         7. زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

ڪوبه نه.

                         8. زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

ماءُ بڻجڻ واري مرڪ.

                         9. زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

سٺي جيون ساٿيءَ جو ملڻ.

                        10.زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

جيون ساٿيءَ سان پهرين ملاقات.

                        11.موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

تيز برسات ۾ هاسٽل جي ڇت تي سهيلين سان گڏ پُسڻ.

                        12.وڻندڙ موسم؟

بهار جي موسم.

                        13.ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

جمعة المبارڪ.

                        14.ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

فجر مهل صبح.

                        15.فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

جهڙالو نظارو.

                        16.ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ڪابه نه.

                        17.ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

ڪابه نه.

                        18.ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

سڀ پوريون ٿيون.

                        19.ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

ڪوبه نه.

                        20.جوانيءَ جو پهريون احساس؟

ڏاڍو خوشگوار.

                        21.جوانيءَ جو پهريون خواب؟

ڊاڪٽر ٿيان.

                        22.جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

جڏهن يونيورسٽيءَ جو پهريون ڪلاس اٽينڊ ڪيم.

                        23.بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو پيو ٿئي گهرگهلو.

                        24.دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سٽ؟

جيڏو تنهنجو نانءُ ٻاجهه به اوڏيائي منگان، ريءَ ٿنڀي ريءَ ٿوڻي

تون ڇپر تون ڇانوَ ڪڄاڙو ڪهان توکي معلوم سڀڪا.

                        25.ڏک جي آخري پناهه گاهه؟

قرآن شريف جو ورد ڪرڻ يا ڪثرت سان الله جو ذڪر ڪرڻ.

                        26.خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

ٽهڪ ڏيندي شڪر الحمد الله بار بار چوڻ.

                        27.اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

صبح ويلو.

                        28.اڪيلائي جو احساس؟

جڏهن پنهنجي امڙ کان پري ٿيندي آهيان.

                        29.تاريڪي جو احساس؟

تاريڪيءَ ۾ من منجهي پوندو آهي.

                        30.گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

الله تعاليٰ جي عبادت ۾ ڪي ڪوتاهيون رهجي وڃڻ جو احساس.

                        31.خالي رستن جا احساس؟

پريشان ڪندڙ آهن.

                        32.قد کان اڀيون ديوارون؟

اجايون آهن.

                        33.دوستي؟

هڪ پرخلوص رشتو.

                        34.هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن جي شڪايت؟

انهن جون ذاتي مصروفيتون هونديون.

                        35.دوستن تي ڪا ميار؟

ڪڏهن ڪڏهن ملي وڃو اسان جي آ صدا اها.

                        36.پيار؟

پاڪ ۽ پوتر جذبو.

                        37.عسق؟

حد اندر رهجي.

                        38.پيار جو بي اختيار اظهار؟

پنهنجي جيون ساٿيءَ سان.

                        39.پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

صبر ڪجي.

                        40.پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

ته بهتر آهي.

                        41.ڪلا کيتر ۾ پير کورڻ جو پهريون سهارو؟

ڪتاب ۽ پرخلوص دوست.

                        42.پهرين مڃتا؟

هڪ نظم.

                        43.ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

جيڪا بلڪل کوکلي هجي.

                        44.فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

جڏهن مارن ساڻا سنڌ ڏٺم، روئي اکڙيون پيم.

                        45.فني زندگيءَ جي ابتدا؟

1988ع ۾ ڪئي.

                        46.سڃاڻپ جو حوالو؟

ليکڪا.

                        47.سڀ کان وڏو نقاد؟

ڪوبه نه.

                        48.تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

پنهنجي لکڻيءَ جي تعريف.

                        49.پسنديده شاعر؟

شاهه عبداللطيف ڀٽائي.

                        50.پسنديده نثر نگار؟

ڪيترائي آهن جن جو نثر سٺو لڳندو آهي.

                        51.راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

ڍول فقير.

                        52.وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

منهجو جيون ساٿي.

                        53.خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

رابيل جي خوشبو.

                        54.ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

سياري جي موسم.

                        55.اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

پيلو ۽ اڇو.

                        56.ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

انسان جو پيدا ٿيڻ.

                        57.چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

ڪجهه وقت لاءِ خاموشي احتيار ڪرڻ سان.

                        58.انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟

خوش اخلاقي.

                        59.دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

دهشتگردي.

                        60.پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

ڪابه نه.

                        61.پيڙا جو ڪو پل؟

ڪيترائي پل آهن.

                        62.معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

دهشتگردي.

                        63.ڪٽنبي زندگي؟

تمام گهڻي پياري.

                        64.نفرت؟

ڪوڙ ڳالهائڻ واري کان.

                        65.اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

هر ڪنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي ٿي.

                        66.عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل.

                        67.عقيدو؟

وحده لا شريڪ لہ.

                        68.عبادت؟

الله تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ ۾ سڪون آهي.

                        69.وقت؟

وقت بدلجندر حالتن جو نالو آهي.

                        70.موت؟

اڻٽر حقيقت.

                        71.زندگي؟

آخر فنا آهي.

                        72.هر وقت وڻندر ڪتاب؟

شاهه جو رسالو.

                        73.دل کي ڇهندڙ فلم؟

ڪابه سٺي فلم.

                        74.پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

........

                        75.تاريخ جي پسنديده هستي؟

حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم.

                        76.سياست؟

خالي ڏٽا ڏيڻ.

                        77.وڻندر سياسي شخصيت؟

........

                        78.وڻندڙ مشروب؟

پاڪولا.

                        79.وڻندڙ اخبار؟

ڪاوش.

                        80.وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

سڀ سنڌي چينل.

                        81.پسنديده اداڪارا؟

جيڪا به سٺي اداڪاري ڪري.

                        82.سواري جيڪا پسند هجي؟

پنهنجي گاڏي.

                        83.خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

منهنجا ٻچڙا ڪنهن سٺي منزل تي پهچن.

                        84.خواب جيڪو ساڀيا نه ماڻي سگهيو؟

خواب ته خواب ئي هوندا آهن.

                        85.مستقبل جي باري ۾ پلان؟

توڪل الله تعاليٰ تي ڪجي.

                        86.ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ڪابه نه.

                        87.خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

ٻچڙا جلدي وڏا ٿي ڪنهن سٺي مقام تي پهچن ته ڏسان.

                        88.آزادي؟

حر اندر هجي.

                        89.ڇڙواڳي؟

ناپسنديده.

                        90.ڌرتيءَ سان پيار؟

تمام گهڻو.

                        91.زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه نه.

                        92.انساني ڪردار جي سونهن؟

من جي سچائي.

                        93.انساني روين جو رنگ جيڪو رئاڙي؟

نٽهڻ اس ۾ ابهم ٻارڙا کڻي پنندڙ عورتون.

                        94.پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

ڪجهه علطيون ٿيون آهن.

                        95.تقدير تي ويساهه؟

تقدير ٺاهڻ وارو رب پاڪ آهي ۽ ان تي پورو ويساهه آهي.

                        96.زندگي جو ڪڙو سچ؟

........

                        97.زندگيءَ جو اعتراف؟

نٿو ڪري سگهجي.

                        98.ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

ليلا پروين سومرو ئي ٿيڻ چاهيندم.

                        99.ڪهڙين ڳالهين تي چر ايندي اٿو؟

ڪوڙين ڳالهين تي.

                        100.پيغام؟

رب پاڪ جهڙي به حال ۾ رکي ان ۾ خوش رهجي ۽ سڀ ڪنهن سان من جي سموري سچائيءَ سان پُرخلوص رهجي.

پروفيسر رشيده ڀٽي

ڪنوار ٻوٽي (هڪ ٻوٽو هڪ دوا)

ڪنوار ٻوٽو، هني ايلوويرا (aloevera)، ايريال انسانن لاءِ قدرت طرفان عطا ڪيل هڪ لاجواب تحفو آهي. هي ٻوٽو پاڪستان کان علاوه ايشيا جي ٻين ملڪن سان گڏوگڏ يورپي ملڪن مثال طور برطانيه ۽ فرانس، توڙي آسٽريليا ۽ آمريڪا ۾ تمام گهڻي انداز ۾ ملي ٿو. هن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. هن ٻوٽي جو قد تقريبا ٻه فوٽ ٿيندو آهي. ٻوٽي جو ٿڙ زمين ۾ اندر ٿيندو آهي ۽ ڪنڊن وارا پن زمين جي مٿان هوندا آهن. پنن جو رنگ سائو ٿئي ٿو، ۽ منجهن اندر ڪوڙي ذائقي وارو ڳر ڀريل هوندو آهي. بهار جي موسم ۾ هن ٻوٽي منجهه گل به نڪرندا آهن. زمين دوز ٿڙ منجهان هڪ سنهڙي شاخ نڪرندي آهي. جيڪا پنن جي وچ منجهان ٿيندي، ڪجهه ڊگهي ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن ٿوري بلندي تي پهچندي آهي ته مٿس ازغوني رنگ جا گل ٽڙندا آهن. گهڪيوار ۾ پوليي سيڪرائڊ (Poly Sacharide) اِنيزائم (Enzyme)، گلائڪو پروٽين (glyco Protien) اَمائنو اِئسڊ (Aminoacid)، وٽامنز (Vitamins) ۽ معدنيات (Minerals) موجود آهن. قديم زماني کان وٺي انسان مختلف بيمارين لاءِ گهيڪيوار جو استعمال ڪندا رهيا آهن. هيءُ ٻوٽو سوڄ کي ختم ڪري سور ۾ ڪمي آڻيندو آهي. هن جي استعمال سان رت ۾ موجود چرٻيءَ کي زائل ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ خون روان دوان رهي ٿو. ڪوليسٽرول کي ختم ڪرڻ لاءِ بهرين دوا جي طور تي استعام ٿيندر هيءُ ٻوٽو، نه صرف شريانين جي اندر چرٻيءَ کي زائل ڪري ٿو، پر بلڊ شگر (رت ۾ کنڊ) کي به ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو ۽ گڏوگڏ بلڊ پريشر کي نارمل رکي ٿو. بواسير جي مريضن لاءِ هڪ بهترين نسخو آهي، موڪن تي رکڻ سان سوڄ ختم ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن اوچتو ڪو جيت وغيره چڪ پائي وجهندو آهي ته يڪدم خارش ٿي پوندي آهي، هن ٻوٽي جو ڳر لڳائڻ سان خارش ختم ٿي ويندي آهي. هڏن (سنڌن) جي سور لاءِ به بي انتها مفيد آهي. هيءُ ٻوٽو سائنسي اعتبار کان اينٽي وائرل ۽ اينٽي بيڪٽيريل آهي. (Antiviral and Anti Bacterial) پيٽ جي سور ۽ ڪيترن ئي ٻين مرضن لاءِ پڻ مفيد آهي. فرانس ۾ ماڻهو هن ٻوٽي کي قبض ڪشا طور به استعمال ڪندا آهن. آسٽريليا ۾ هن ٻوٽي جو استعمال سن برن (Sun Burn) جي طور تي ڪيو ويندو آهي. بورچيخاني ۾ روزانو ڪپ (چاقو) يا ڇري وغيره جي استعمال ڪري اڪثر آڱريون ۽ هٿ زخمي ٿي پوندا آهن. هن ٻوٽي جو ڳر لڳائڻ سان زخم جلد ٺيڪ ٿي ويندا آهن. هن ٻوٽي جو استعمال خوبصورتيءَ وڌائڻ لاءِ به ڪيو ويندو آهي. ٻوٽي جو ڳر وارن کي وڌائڻ لاءِ به استعما ڪري سگهجي ٿو ته وري هٿن، ٻانهن ۽ پيرن تي لڳائڻ سان چمڙيءَ جي نشو نما ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. هن ٻوٽي جا بي شمار فائدا آهن، عام طور تي سياري جي موسم ۾ هن جو حلوو ٺاهي استعمال ڪيو ويندو آهي. گذريل صديءَ دوران هن ٻوٽي تي تمام گهڻي (تحقيق) ڪئي وئي آهي ۽ اڃا تائين جاري آهي. تازو تحقيق دوران هن ٻوٽي منجهه هڪ اهڙي ڪيميائي جزي جو پتو لڳايو ويو آهي جيڪو ايڊز جهڙي خطرناڪ مرض ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ تحقيق لاءِ منظور ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪا پيش رفت ٿي ته پوءِ اها هن صديءَ جي هڪ اهم دوا ثابت ٿيندي. گهڪيوار هڪ جهنگلي ٻوٽو آهي. ڪجهه عرصو پهريان ڪراچيءَ ۾ پڻ گهڻي تعداد ۾ موجود هوندو هو. پر هينئر آبادي جي وڌي وڃڻ ڪري ۽ سار سنڀال نه لهڻ سببان هن وقت گهٽ دستياب آهي. هن ٻوٽي جا ڪل چوڏهن قسم پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ تازو ئي همدرد يونيورسٽي پاران هن ٻوٽي جي افزائش، ترقي ۽ تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. انسٽيٽيوٽ آف
فارماڪالاجيڪل اينڊ هربل سائنسز جي اداري پاران تحقيقي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. قدرت جي طرفان عطا ڪيل هيءُ هڪ ڪارائتو ٻوٽو آهي. جنهن کي اسان آسانيءَ سان هڪ غذا ۽ هڪ دوا طور استعمال ڪري پاڻ کي مختلف بيمارين کان بچائي سگهون ٿا ۽ پنهنجي حسن ۽ جمال کي تازو توانو رکي سگهون ٿا.

مهوش صالح ميمڻ

ٻارن جي ڏندن جي حفاظت

عام طرح ڏٺو ويو آهي ته ٻارن ۾ ڏندن جون بيماريون گهڻيون هونديون آهن ۽ ويجهڙائي ۾ تحقيق کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 50 کان 80 سيڪڙو ٻارن ۾ ڏندن جون بيماريون هونديون آهن، پر خوش قسمتي جي ڳالهه اها به آهي ته ڏندن جي بيمارين کان بچڻ لاءِ ڪوششون ڪري سگهجن ٿيون.

توهان کي پنهنجن ٻارن کي ڏندن جي بيمارين کان بچڻ لاءِ سڀ کان آسان طريقو اهو ڳولڻو آهي ته پنهنجي ٻار کي شروع کان وٺي ڏندن جي صفائي جي عادت جهو. ٻارن ۾ ڏندن جي حفاظت ڪرڻ ۽ مختلف بيمارين کان بچڻ لاءِ ٻارن کي سنجيدگيءَ لاءِ اهي ڳالهيون  سمجهائيندا رهو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com