سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2007ع

مضمون --

صفحو :10

شروع وارا سال: ٻارن جي ڏندن جي صحت ۽ سلامتي اهڙي ذميداري آهي جو ان جو پهريون ڏند نڪرڻ سان ئي شروع ٿئي ٿي. پهريون ڏند نڪرڻ کان پهرئين ٻار جي وات کي ڪنهن صاف آلي ڪپري سان صاف ڪيو وڃي، ته جيئن کاڌي پيتي جا ڪجهه ذرا اندر رهجي نه وڃن. پهريون ڏند نڪرڻ کان پوءِ ڪابه فلورائيد پيسٽ ڪنهن صاف ڪپڙي يا ٻارن جي برش تي لڳائي ڏند صاف ڪري سگهجن ٿا. انهيءَ ڳالهه جو خيال ڪيو وڃي ته سمهڻ وقت ٻار جي وات ۾ کير جي بوتل وڌل نه هجي، ٻارن جا ڏند ان وقت خراب ٿيندا آهن جڏهن ٻار رات جو وات ۾ کير جي بوتل وجهي سمهي پوندا آهن. کير ۾ موجود مٺاڻ جا ذرڙا بيڪيٽريا جي شڪل ۾ وڌڻ شروع ٿي ويندا آهن، جيڪي ٻار جي ڏندن کي خراب ڪندا آهن.

ڪجهه سال کان پوءِ: جڏهن ٻار ٻن کان ٽن سالن جو ٿي وڃي ته انهيءَ کي ڏندن جو برش ڪرڻ جو طريقو سيکاريو وڃي. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اٺن سالن جي عمر تائين ٻار کي پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڏند صاف ڪرايو، جيستائين ٻار چڱي طرح سکي نٿو وٺي. انهيءَ کان سواءِ ٻار جي شروعاتي کير جي ڏندن جي وچ ۾ ڪجهه وِٿي هوندي آهي جيڪا پڪن ڏندن لاءِ هوندي آهي. جيڪڏهن ڏندن جي وچ ۾ وِٿي هجي ته انهيءَ صورت ۾ ڏندن تي برش اتي نه ڪرايو، جيستائين ڏند پاڻ ۾ ملي نه وڃن.

پنهنجي ٻار جي ڏندن جي حفاظت ٻار لاءِ روز جو معمول بڻايو. توهان کي پنهنجي ٻار جو برش سال ۾ چار دفعا تبديل ڪرڻ کپي. جيڪڏهن توهان جو ٻار بيمار ٿئي ٿو ته انهيءَ حالت ۾ ته توهان ٻار جو برش ضرور تبديل ڪرايو. ڏند هميشه تندرست رهن ته توهان کي گهرجي ته ٻار کي مناسب کاڌ خوراڪ کارايو ڪجهه کاڌو ڪنهن به لحاظ کان نقصان نه پهچائيندو. جيڪڏهن ٻار کي گوشت مڇي، ڪڪڙ وغيره ڏيندا ته انهيءَ جي ڪُل صحت لاءِ ملندڙ آئرن، پروٽين، ميگينيشيم ملندي جڏهن ته کير مان ٺهندڙ شيون ڏندن جي هڏن جي مضبوطيءَ لاءِ ڪئلشيم ۽ وٽامن ڊي پورائو ڪن ٿيون. ماني ۽ ٻيون کاڌ خوراڪ جون شيون جسماني واڌ ويجهه لاءِ وٽامن بي ۽ صحتمند رهڻ لاءِ آئرن کي ٺاهن ٿيون جنهن لاءِ ڏندن ۽ ڏاٺن جي ڪُل صحت بهتر رهي ٿي. ميون ۽ ڀاڄين ۾ گهڻن ئي قسمن جا وٽامن هوندا آهن. جيئن ته وٽامن ”سي“ جيڪا ڏندن ۽ ڏاٺن جي مضبوطي لاءِ انتهائي ضروري آهي ته ڪنهن ڏندن جي ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ضرور ڪرايو. ۽ پنهنجي ٻار لاءِ پڻ سٺو مثال قائم ڪيو. پنهنجي ٻار کي ڏندن جي صحت ۽ سلامتيءَ لاءِ فائدن متعلق ٻڌائيندا رهو. انهن جي ڏندن جي صحت لاءِ سٺي کاڌ خوراڪ جي باري ۾ ٻڌائيندا رهو.

ٻارن کي ڏندن جو چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ راضي ڪرڻ: ڏندن جي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ٻارن لاءِ هڪ ڊپ واري جڳهه هوندي آهي. پر هيٺين ڏنل تدبيرن جي عمل ڪرڻ سان آسان به ڪري سگهجي ٿو.

ڏندن جي ڊاڪٽر وٽ ٻار کي ان وقت وٺي وڃو جڏهن ٻار خوشگوار موڊ ۾ هجي.

ڏندن جي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ کان پهرين ”سور“ يا ”تڪليف“ جهڙا لفظ ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. ٻار سان ائين ڳالهائڻ ته ”سُور نه ڪندو اهو سوچڻ تي مجبور ٿيندا ته سور به ٿي سگهي ٿو. انهي حوالي سان توهان پنهنجي تڪليف جو تجربو ان جي سامهون نه ورجايو.

جيڪڏهن ٻار جي دل ۾ انهيءَ حوالي سان ڪوئي ڊپ يا خدشو آهي ته انهيءَ کي حل ڪيو.

ڏندن کي برش ڪرڻ: ٻار کي صحيح نموني سان برش ڪرڻ جو طريقو سيکارڻ ئي ڏندن جي صحت ۽ سلامتي ڏانهن پهرئين وک آهي. توهان جي ٻار جي ڏندن ۽ ڏاٺن جو صحت  ۽ سلامتيءَ جو دارو مدار ئي انهيءَ ڳالهه تي آهي ته هو ڪيترا ڀيرا ڪهڙي طريقي سان ڏندن کي برش ٿو ڪري. ڏندن کي برش ڪرڻ ڪوئي ڏکيو ڪم ناهي پر انهيءَ ڳالهه جي اهميت ضرور آهي ته ڏندن کي ڪهڙي نموني صاف ڪيو وڃي جو انهن تي بيڪٽريا جمع نه ٿي وڃن. جنهن جي ڪري ڏندن تي پيلاڻ نظر ايندي آهي. اها بلڪل صاف ٿي وڃي اهو ئي پيلاڻ بيڪٽريا هوندا آهن جيڪي ڏندن ۽ ڏاٺن کي خراب ڪرڻ جو سبب بنجندا آهن.

توهان جو ٻار هر کاڌي کائڻ کان پوءِ راضي نه ٿو ٿئي ته هو برش ڪري ته گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ کي صبح سوير يا رات جو سمهڻ کان پهرئين ڏندن کي برش جي عادت وجهو.

پنهنجي ٻار کي برش ڏيڻ وقت سمجهايو ته برش جي وارن کي ڏندن جي پاڙن ۽ ڏاٺن جي وچ واري حصي تي استعمال ڪيو  پنهنجي ٻار کي اهو ٻڌايو ته برش کي آرام سان گول گهمائي استعمال ڪيو. انهيءَ ڳالهه جو خيال رکو ته توهان جو ٻار ڏندن کي زور سان ته رڳڙي نه رهيو آهي. زور سان برش استعمال ڪرڻ سان ممڪن آهي رت وهي اچي ۽ برش زور سان ڏيڻ سان ڏند صاف نه ٿا ڪري سگهجن. انهيءَ ڳالهه جو خيال رکرايو ته ٻار ڏندن جو برش ڪرڻ وقت ڪابه تڪڙ نه ڪن. گهٽ ۾ گهٽ ٻه منٽ ڏندن تي برش ضرور ڪرايو. پنهنجي ٻار لاءِ صحيح قسم جي ڏندن جي چونڊ ڪيو نرم ۽ گول وارن وارو برش وڌيڪ بهتر آهي. پنهنجي ٻار جو برش چئن مهينن ۾ ضرور بدلائيندا رهو.

ثانيا پنهور

جسم تي وڌندڙ عمر جا مرحلي وار اثر

هڪ جوان انسان جي چمڙيءَ ۾ تقريباً 30 ڪروڙ جيوگهرڙا هوندا آهن جيڪي ٻن ميٽرن کان وڌيڪ چمڙيءَ کي ڍڪين ٿا. انسان جي کل وزن جي حساب سان 2. 3 ڪلوگرام وزني هوندي آهي. منهن جي چمڙي 12. 6 ملي ميٽر ٿلهي هوندي آهي. جڏهن ته جسم جي ٻين حصن جي چمڙي 6. 0 ملي ميٽر ٿلهي هوندي. اهڙي طرح چپن ۽ اکين جي چمڙي حساس ۽ سڀ کان وڌيڪ سنهي هوندي آهي. چمڙي جي هر اڌ انچ تي گهٽ ۾ گهٽ 100 وار ۽ پگهر پيدا ڪرڻ وارا غدود ۽ ننڍيون ننڍيون رت جون ناليون ۽ 15 تيل پيدا ڪرڻ وارا غدود ضرور هوندا آهن.

چمڙيءَ جو نرم ٿي وڃڻ، گنجهن جو پيدا ٿيڻ، چمڙي جو ڍلو ٿيڻ يا لٽڪي پوڻ، اهي سڀ علامتون گذرندڙ عمر جون نشانيون آهن جن کان بچڻ ناممڪن آهي. چاليهه سالن جي عمر ۾ يا ان جي ويجهو پهچڻ کان پوءِ هارمونز ۾ تبديلي يا وٽائمن اي جي سطح ۾ ڪمي سان چمڙي جا نوان جيوگهرڙا ٺهڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ٿو.

زندگي جي مختلف مرحلن ۾ اسان جي جسم ۾ اهي تبديليون ظاهر ٿينديون آهن. ٽن سالن جي عمر ۾ دماغ تيزيءَ سان وڌڻ شروع ڪندو آهي. ڇوڪرين ۾ ستن سالن جي عمر ۾ جنسي هارمونز ٺهڻ شروع ٿيندا آهن. جوانيءَ تائين مختلف تبديليون اينديون آهن. اِهو سلسلو 20 سالن تائين جاري رهندي آهي. جيئن ڊگهيون هڏيون ٺهڻ بند ٿي وينديون آهن تيسين جاري رهندو آهي.

ڇوڪرين ۾ 20 سالن کان ڪجهه سالن جي عمر تائين ماءُ بڻجڻ جي صلاحيت عروج تي هوندي آهي. ٽيهه سالن تائين پهچندي پهچندي ان صلاحيت ۾ گهٽتائي ايندي ويندي آهي. 40-30 سالن جي عمر جي عورتن ۾ قد وڌڻ جو امڪان ناهي رهندو 50- 40 سالن جي عمر جي وچ ۾ مٿي جي کل ۾ وارن کي رنگڻ واري صلاحيت ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي. جنهن سان وار اڇا ٿيڻ لڳندا آهن ۽ هلڪا ٿي ويندا آهن. 50-60 سال جي وچ واري ۾ صحت سٺي رکڻ جي لاءِ توجهه جي ضرورت هوندي آهي، ڇو ته سن ياس جي ڪري عورتن ۾ وزن وڌڻ جي شڪايت عام ٿي وڃي. 70-60 جي دوران رت جا ڳاڙها جزا گهٽ ٿيڻ لڳندا آهن ۽ ان جو معيار به گهٽجي ويندو آهي. ان لاءِ ڳاڙهي رنگ جا ميووا ۽ ڀاڄيون استعمال ڪرڻ گهرجن، ۽ جيرا رڌي کائجن ته فائدو ٿيندو. 70-80 سالن جي عمر ۾ عورتن جي چيلهه چٻي ٿي ويندي آهي. ڇو ته ڪنڊي جي هڏي جي مهر سسي ويندي آهي ۽ هڏيون سنهيون ۽ ڪمزور ٿي وينديون آهن. 80-90 سالن جي وچ واري عمر ۾ 30 سالن جي عمر جي مقابلي ۾ جسم جا تقريباً 70 فيصد گهرڙا گهٽ ٿي ويندا آهن.

سمرا گلزار

پيرن کي ڌيان جي ضرورت آهي

پيرن کي حڪم ڏيو توهان کي ڪٿي ڪٿي ٿا سير ڪرائن ۽ منزل تائين پهچائن، توهان پنهنجو پورو وزن پنهنجي پيرن تي رکو ٿا. مٽي هجي، گپ هجي، پٿر هجن يا جبل ۽ تيز هوائون جن تي هلڻ به توهان لاءِ محال هجي، پر پيرن کي داد ڏيڻيو پوندو ته هو احتجاج نٿا ڪن.

اسين ڳالهه ڪريون پيا پير جي جيڪي توهان جا بهترين دوست به آهن، بهترين دوست به توهان جو ساٿ ڇڏي ڏيندا آهن، جيڪڏهن بدلي ۾ هنن کي توجهه ۽ ڌيان نه ڏنو وڃي، جنهن جا هو مستحق آهن.

ماهرين جو چوڻ آهي ته پنجاهه سال جي عمر کي پهچڻ تائين اسان جا پير تقريباً 75 هزار ڪلوميٽر تائين جو سفر طئي ڪري چڪا هوندا آهن. اِها هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته پيرن کي ئي گهڻو نظرانداز ڪيو ويندو آهي. اسين پنهنجي پيرن جو خيال بلڪل نٿا رکون. انهن کي آرام وارن جوتن جي بدران فيشن وارا جوتا ۽ وڏين کڙين وارا تڪليف ڏيندڙ سيندل ۾ بند رکندا آهيون.

توهان پنهنجي پيرن جي حفاظت ڪريو پر ڪجهه اسين به توهان کي طريقا ٻڌائينداسين ۽ ڪجه توهان پاڻ سوچو ته ڪهڙي طرح توهان پنهنجي پيرن کي ڌيان ڏئي سگهون ٿيون انهن سڀني ڳالهين جو تعلق توهان جي شخصيت جي خوبصورتي تي آهي. سهڻا پير سهڻن ماڻهن جي سڃاڻپ هوندا آهن. پيرن جي صحتمندي ۽ خوبصورتي جو فلسفو حسن جي لاءِ ضروري ناهي، پر توهان جي شخصيت جي مجموعي تاثر تي اثرانداز ٿيندي آهي. ان جي ذريعي توهان جي خوراڪ، ڪم جي نوعيت ته توهان ڪهڙا فٽ ويئر استعمال ڪريون ٿيون. ان کان سواءِ سڀ کان بنيادي ڳالهه اِها آهي ته توهان پنهنجي شخصيت نکارڻ جي لاءِ ڪيترو وقت خرچ ڪريون ٿيون.

هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڪنهن بيوٽي پارلر ۾ وڃي پيڊيڪيور ڪرايو. سڪل توريءَ سان پيرن کي مهٽڻ ڪافي ناهي، توهان جي روزاني جي ڪم ڪارين ۾ پيرن جي سارسنڀال به شامل هجڻ گهرجي، ننهن ۽ ان جي پاسي واري چمڙي کي روزانو موسچرائيز ڪريو ۽ ان کي پنهنجي عادت بنايو. ننهن تي مخصوص تيل (Colar oil) سان رات جو مالش ڪريو. ننهن ڪٽڻ وقت ان ڳالهه جو خيال رکو ته انهن جي اصلي شيپ خراب نه ٿئي. ان مقصد جي لاءِ اهڙي نيل ڪٽر استعمال ڪريو. جيڪا گولائي ۾ ننهن ڪٽي.

 جوتن جي خريداري جي مهل اهڙن جوتن جي چونڊ نه ڪريو، جنهن جو ترو سخت هجي ۽ کڙيون ڊگهيون هجن. آرام واري ۽ فيٽ چپل بهتر رهندي آهي. هيل واري سينڊل پائڻ واريون عورتون پنهنجو شوق ڪنهن پارٽيءَ ۾ پورو ڪري سگهن ٿيون. خاص ڪري جاب ڪندر عورتن کي کپي ته هو آرام وارا جوتا استعمال ڪن. ياد رکو ته هڪ ئي قسم جا جوتا استعمال ڪرڻ کان به پرهيز ڪجي. گهڻا کليل جوتا پائڻ سان پيرن کي ماحولياتي آلودگي جو اثر ٿي سگهي ٿو يعني مٽي، مير، اُس وغيره. بند جوتن سان به پير گهٽجي وڃن ٿا. پيرن جي ننهن جو رنگ بدلجي وڃي ٿو. ان لاءِ سدائين اهڙا جوتا ۽ بوٽ استعمال ڪريو جيڪي بند به هجن ۽ کليل به هجن هر حال ۾ انهن کي آرام وارا هجڻ ضروري آهي.

رات جو سمهڻ کان پهرين پيرن کي هڪ ٽب ۾ هلڪو گرم پاڻي وجهي ڪجهه دير پسايو ان سان ذهني ۽ جسماني سڪون ملندو. ڪجهه دير کان پوءِ پيرن تي ڪنهن سٺي موسچرائيزنگ ڪريم سان مساج ڪريو.

پيرن  جا ننهن

روزانو ننهن کي صاف ڪريو ۽ نيل پالش لڳايو. گرمين ۾ تيز رنگ جي نيل پالش مناسب آهي.

پيرن جي لاءِ ماسڪ

پيرن کي گرم ٽوال ۾ ويڙهيو ان سان پيرن کي آرام ملندو. يا ڪنهن فُٽ ماسڪ جو استعمال پيرن کي نرم ۽ ملائم رکندو ۽ ٿڪ به ختم ٿيندو پر ماسڪ جو استعمال چمڙيءَ جي حساب سان ڪرڻ گهرجي.

موئسچرائز

ايئرڪنڊيشنز جي هوا ۽ هيٽر جي گرمي به پيرن کي خشڪ ڪن ٿيون. چمڙيءَ کي فريش رکڻ لاءِ (جنهن ۾ پير به شامل آهن) موئسچرائزر نهايت ضروري آهي. وهنجڻ کان پوءِ نه پر، سدائين پنهنجي پرس ۾ موئسچرائز رکندا ڪريو، جيترا ڀيرا ٿي سگهي استعمال ڪنديون ڪريو.

کڙين جو ڦٽڻ

کڙين جي سيرين ۾ ڪنهن سٺي ڪريڪ ڪريم هڻو ۽ ان هن مسئلي کي حل ڪريو. ڇو ته ڦٽل ۽ ڦاڦل پير ۽ پيرن جون کڙيون پيرن جي حسن کي ختم ڪري ٿيون ڇڏين.

اقرا عبدالرزاق

بيوٽي ٽپس

منهن جي خوبصورتي ۽ رنگ جي نکار جي لاءِ ماسڪ جو استعمال انتهائي مفيد آهي. اِهو پراڻي زماني کان رائج طريقو آهي. ۽ تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي ته عورتون ڪيئن نه پنهنجي وارن ۽ چمڙيءَ جي حفاظت ۽ نکارڻ جي لاءِ ۽ اُن کي تازو توانو ۽ جوان رکڻ لاءِ قدرتي شين کي استعمال ۾ آڻينديون هيون.

مُنهن جي ماسڪ سان چمڙي ۾ تازگي ۽ تحرڪ پيدا ٿئي ٿو. هيءُ رت جي گردش وڌائي ٿو، چمڙيءَ ۾ لچڪ پيدا ڪري ٿو. ۽ اُن کي صاف ۽ شفاف ڪري ٿو. اڄ جي عورت کي اِها فائدو آهي ته هوءَ ماهرين کان راءِ وٺي ٿي ۽ هوءَ پنهنجي حسن ۽ وارن جي حفاظت جي لاءِ جوڳا اُپاءُ وٺي ٿي، ان کي ڪيئن بهتر ڪجي هوءَ ڄاڻي ٿي. هوءَ پنهنجي ڪچن ۾ رکيل شين مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي، ضرورت پوڻ تي هوءَ ماهرن کان راءِ يا مدد به وٺي سگهي ٿي.

سڻڀي چمڙي جي لاءِ ماسڪ

(1) چانهه جي هڪ چمچي جي مقدار جيتري ماکي هڪ بيضي جي اڇاڻ ۾ ملايو ۽ ستن کان ڏهن منٽن لاءِ منهن ۽ ڳچيءَ تي هڻي ڇڏيو پوءِ صاف پاڻيءَ سان منهن ڌوئي ڇڏيو. هڪ چانهه جو چمچو نشاستو(Yeast) هڪ چانهه جو چمچو کنڊ ۽ اڌ ڪپ گرم کير اهي سڀ ڪنهن پيالي ۾ ملائي ڍڪي ڪنهن کليل جڳهه تي رکو. جڏهن هن مڪسچر ۾ گجي ٿي وڃي ته اُن کي منهن ۽ ڳچيءَ تي ماسڪ جيان هڻو ۽ سڪڻ کان پوءِ پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو.

(3) کائڻ جا ٻه چمچا پپيتو، ڏهه ڦڙا ليمي جي رس ملائي منهن تي ويهه منٽ هڻو. ان کان پوءِ مُنهن ڌوئي ڇڏيو.

(4) مٽر جي داڻن کي ڌوئي ، ڇانوَ ۾ سڪايو جڏهن سڪي وڃن ته پيهي پائوڊر ڪري ڪنهن شيشي جي برني ۾ رکو. ضرورت آهر پائوڊر کڻي اُن ۾ گلاب جو عرق ملايو ۽ اهم ماسڪ منهن تي هڻو.

5 نارنگي يا پپيتي جو ماسڪ مُنهن تي هڻو اهو ماسڪ توهان جي چمڙيءَ کي صاف ڪرڻ کان سواءِ کليل مسام بند ڪندو ۽ رت جي گردش کي به تيز ڪندو.

خشڪ چمڙيءَ جي لاءِ ماسڪ

(1) هڪ چمچو زيتون جو تيل ٻه چمچا فريش ڪريم ملائي منهن تي 10 منٽ هڻو. ڪپهه جو پهو کڻي هلڪي گرم پاڻيءَ ۾ پسائي منهن صاف ڪريو.

 (2) هڪ چمچو ماکي، نارنگيءَ جو رس هڪ چمچو، عرق گلاب هڪ چمچو ملائي ڏهه منٽ منهن تي هڻو پوءِ پاڻيءَ سان منهن ڌوئي ڇڏيو. هڪ کائڻ جو چمچو ڪارن فليڪس، بادام، زيتون جو تيل ۽ فريش ڪريم هڪ جيترو ملائي ڏهه منٽ ماسڪ جيان هڻو ۽ پوءِ منهن ڌوئي ڇڏيو.

ان کان سواءِ نباتاتي، ٻوٽن جي عرق مان منهن جي لاءِ ماسڪ ٺاهيا وڃن ٿا ۽ استعمال ڪيا وڃن ٿا. انهن ۾ ماکي ۽ زردالو به آهن جنهن جو ماسڪ کل جيان لهي به وڃي ٿو، سمنڊ جي نباتات سان ٺهيل ماسڪ پروتين جي خوبين وارا ماسڪ ۽ موهيڙن ۽ ڇائن جي لاءِ مخصوص ماسڪ به انهن ۾ شامل آهن.

ماکي ۽ زردالو جو ماسڪ

ماکي ۾ هڪ نمي آهي جيڪا منهن کي تازو ۽ توانو ڪري ٿي. هي پاڻيءَ جي ڪمي پوري ڪري ٿي. خاص ڪري اکين جي چوڌاري نازڪ چمڙي آهي. جنهن جي ضرورت کي پوري ڪرڻ ۾ گهڻي مددگار ٿي سگهي ٿي. هيءُ ماسڪ چمڙي کي انتهائي ضروري منرلز مهيا ڪن ٿا. جيڪي گهنج ٿيڻ جي عمل کي روڪين ٿا، ۽ رت جي گردش کي خير ڪن ٿا، اڻڀي ۽ سڻڀي جي گهٽتائي جو شڪار چمڙي جي لاءِ اهو ماسڪ تمام فائدي وارو آهي.

پروٽين سان ڀرپور ماسڪ

هي به خاص نوعيت جو ماسڪ آهي. هن ۾ قدرتي شين مان حاصل ڪيل پروٽين ۽ صندل جي ڪاٺي به شامل هوندي آهي. هي ماسڪ نه صرف چمڙيءَ کي مضبوط ۽ هڪجهڙو ٿو ڪري، پر چمڙيءَ کي گهرائي تائين صاف ڪري ٿو. هي ماسڪ چمڙيءَ کي غذائيت پهچائي ٿو. ان جي ظاهري بناوٽ يا (Tertuve) کي نکار به بخشي ٿو. پروٽين سان ڀريل ماسڪ ٽشوز جي ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ گهرڙن جي عمل کي تيز ڪري ٿو.

موهيڙن کان بچاءَ جي لاءِ ماسڪ

سڻڀي، خارش ۽ موهيڙن واري چمڙيءَ کي هڪ خاص ماسڪ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪو يوڪلپٽسلونگ ۽ صندل جي تيل تي مشتمل هوندي آهي، هي سڀ شيون جراثيم ختم ڪندڙ ۽ چمڙيءَ جي انفيڪشن کي روڪڻ ۾ مددگار آهن.

ٿرموهربل ماسڪ

ٿرموهربل ماسڪ ۽ ڀاڄين جي کلن جو ماسڪ چمڙي کي تازو ۽ توانو رکڻ لاءِ انتهائي آزمايل نسخو آهي. ٿرموهربل ماسڪ ۾ مختلف جڙي ٻوٽن جا عرق ۽ شيون شامل ڪيون ويون آهن، جيڪي چمڙيءَ کي ٻيهر جوان ڪرڻ جي خوبين سان مالا مال هونديون آهن. ماسڪ چمڙي تي سڪي سخت ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح هن ۾ سڻڀ کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت وڌي ويندي آهي، چمڙيءَ کي توانائي بخشڻ کان سواءِ صاف ۽ شفاف به ڪري ڇڏي ٿو، ڀاڄين جون کلون چمڙيءَ جي سموري مٽي ۽ سڻڀ کي صاف ڪري ڇڏين ٿيون، ڪجهه ماسڪ اهڙا هوندا آهن. جيڪي چمڙيءَ کي سخت ۽ کليل مسامن کي بند ڪري ٿا ڇڏين ۽ اها خوبي هر چمڙي ۾ هوندي آهي ته ان تي مفيد ۽ غذائي شين کي لڳائڻ سان جذب ڪري سگهي، اهڙي قسم جا ماسڪ صحت جي مرڪزن ۾ استعمال ٿين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com