سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2007ع

مضمون --

صفحو :11

دعا ممتاز

گهريلو ڏس

گوگڙو ۽ ڪريلي جي ڪڙاڻ

نوان گوگڙو بازار ۾ ايندا آهن ته کارا هوندا آهن. گوگڙن جي کاراڻ ختم ڪرڻ جي لاءِ انهن کي رڌڻ مهل ڳڙ جو ذرو به وڌو ويندو آهي. پر ڪجهه ماڻهن کي مٺاڻ بلڪل ناهي وڻندو. گوگڙو جڏهن به ڪٽيو ته ان کي لوڻ واري پاڻيءَ ۾ وجهي رکو. ڪجهه دير کان پوءِ چڱيءَ طرح ڌوئي ڇڏيو. گوگڙن جي کاراڻ نڪري ويندي، اهڙيءَ طرح ڪريلن کي ڇلي صاف ڪري ڪٽي لوڻ لڳائي رکي ڇڏيو. ڪلاڪ کان پوءِ چڱيءَ طرح ڌوئي ڇڏيو. ڪريلن جي ڪڙاڻ به ختم ٿي ويندي. ڪريلن جون کلون شگر وارن مريضن لاءِ فائدي واريون هونديون آهن. ڪريلن جي کلن کي لوڻ لڳائي ڪجهه دير رکي ڇڏجي. ان کان پوءِ کلن کي نپوڙي پاڻي ڪڍي ڇڏيو. تيل ۾ تري استعمال ڪجن، ڪريلن کي رڌي کائڻ سان پيٽ جا ڪيڙا ختم ٿي وڃن ٿا. رت صاف ٿئي ٿو. ڪريلن جو رس پيئڻ سان پٿري ختم ٿي وڃي ٿي. جن جي مهن تي موهيڙا ۽ داڻا هجن انهن کي گهرجي ته ڪريلا ضرور کائن ڇو ته ڪريلا رت کي صاف ڪن ٿا. ۽ چمڙيءَ کي شفاف ڪن ٿا. گوگڙن کي پنن سميت رڌڻ سان پيٽ صاف ٿئي ٿو. جسم جي خشڪي ختم ٿئي ٿي. ڪچا گوگڙو کائڻ سان اکين جي نظر چٽي ٿئي ٿي.

ميها

گرمين ۾ ڪجهه ماڻهن جا هٿ ۽ پير سڙندا آهن انهن کي کپي ته اهي ميها رڌي کائن ته اها تڪليف ختم ٿي ويندي. خشڪ کنگهه هجي ته ميهن کي ڀڃي روزانو کائجي ته خشڪ کنگهه ختم ٿي ويندي.

ٽماٽن جا فائدا

ٽماٽا رت پيدا ڪندا آهن، انهن جو رس ڏندن لاءِ فائدي وارو آهي. رت جي تيزابيت کي ختم ڪندو آهي بواسير ۽ تريءَ جي لاءِ مفيد آهي.

منهن جي رنگ کي نکاري ٿو. ڳاڙها ۽ پڪل ٽماٽا ٻه ٽڪر ڪري منهن تي 15 منٽ هڻجن پوءِ پاڻي سان منهن ڌوئي ڇڏجي.

ڪچا ۽ ساوا ٽماٽا پڇڻ لاءِ اخبار ۾ ويڙهي رکڻ سان جلدي ڳاڙها ٿي ويندا.

فرج ۾ ٽماٽا ڪاغذ جي لفافي ۾ وجهي رکڻ سان وڌيڪ تازا رهندا ۽ ڳرندا ڪونه.

ٽماٽي جي کل هضم ناهي ٿيندي، ان کي لاهڻ جي آسان ترڪيب اها آهي ته ڇري جي چهنب ۾ ٽماٽي کي هلڪو سيڪ ڏيو. ٽماٽي جي کل گرم ٿيڻ سان هٿ سان لهي ويندي هاڻ ٽماٽو ٻوڙ/ ڀاڄي ۾ وجهي استعمال ڪريو.

بند گوبي

ڪچي گوبي کائڻ فائدي واري آهي شگر جي مريضن لاءِ گهڻي فائديمند آهي. سلاد جي لاءِ استعمال وقت ان مهل ڪٽجي ڇو ته ڪٽي پوءِ ڌوئبي ته سڀ وٽامن پاڻي ۾ هليون وينديون. بند گوبي کائڻ سان رت خراب ٿيڻ ڪري جيڪي بيماريون ٿين ٿيون. اهي به ختم ٿي وينديون.

ٿوم جا فائدا

ٿوم جي فائدي کي ڏسندي جيڪڏهن سون جي قيمت ۾ به ملي ته به کائجي.

ڪن ۾ سور هجي ته ٻه ڳڙيون گرم ڪري ڪن ۾ وجهڻ سان سور گهٽ ٿي ويندو. جيڪڏهن ڦٽ هجي ته اهو به ڦاٽي پوندو. ٿوم رت کي صاف ڪندي آهي ۽ جراثيم کي ماري ٿي. جنهن جو هاضمو خراب هجي ته ٿوم جي چٽڻي ٺاهي کائي ته معدو ٺيڪ ٿي ويندو.

ٿوم سان جسم جون نسون ويڪريون ٿي وڃن ٿيون ۽ بلڊ پريشر پاڻ ئي ختم ٿي وڃي ٿو.

چور وار جي بيماري ۾ ڀرن ۽ مڇن جا وار پاڻهي ختم ٿي وڃن ٿا.  ٿوم کي پيهي سرمون ملائي لڳائڻ سان وار ڦٽي ايندا.

ٿوم بيمارين کان بچائي ٿي رت جي دٻاءَ کي گهٽ ڪري ٿي. صبح جو نيرانو ٻه ڳڙيون ٿوم جو کائڻ سان دل جي بيماري نٿي ٿئي.

بصر

بصر تمام فائدي وارو آهي. مينهن جي مند ۾ گيسٽرو جي ڏينهن ۾ ڪچو بصر ضرور کائڻ گهرجي گرمي ۾ گهر مان ٻاهر نڪرو ته کيسي ۾ بصر جي ڳنڍ رکن سان جهولو نه لڳندو. ڪو ڦٽ ٿي پوي ۽ ڦاٽندو نه هجي ته بصر کي ٽانڊن جي کار ۾ پوري گرم ڪري هڪ تهه ۾ لوڻ وجهو ۽ ڦٽ تي ٻڌو ڦٽ پاڻ ئي ڦاٽي پوندو.

بصر وڍڻ سان اکين مان جيڪو پاڻي وهندو آهي اهو اکين لاءِ فائدي وارو آهي. جيڪڏهن بصر کي ڇلي فرج ۾ رکجي پوءِ وڍجي ته اکين کي ڪين ساڙيندو.

ساوا ڌاڻا

ٻئي تمام گهڻا فائدي وارا آهن. پر نازڪ به گهڻا آهن. هر روز بازار مان گهرائڻ مشڪل هجي ته هڪ جڳ ۾ ٿڌو پاڻي ڀري سلاد ۽ ساون ڌاڻن جون ڏانڊيون پاڻي ۾ وجهي ڇڏيو. ٽي چار ڏينهن تائين ڌاڻا تازا رهندا. فرج ۾ رکڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ رکڻ جي بجاءِ ڪاغذ جي لفافي ۾ رکجن يا اخبار ۾ ويڙهي رکجن ته به تازا رهندا.

گلن کي تازو رکڻ لاءِ

گلن کي گهڻي دير تازو رکڻ جي لاءِ گدان ۾ جيڪو پاڻي وجهو ان ۾ صابڻ وجهو گل گهڻي دير تائين ترو تازا رهندا.


 

باک پنهور

رڌ پچاءُ

گرميءَ جي مند پنهنجي عروج تي آهي، آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو، پورهيو ڪندڙ ماڻهو، گهر ۾ ڪم ڪندڙ عورتون مطلب ته هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ ٻارن کي اُڃ اُجهائڻ جي لاءِ ٻاهر جا شربت ۽ جوس واپرائڻا ٿا پون. جيڪي غير معياري ۽ صحت جي لاءِ سخت نقصانڪار آهن. جيڪڏهن اِهي ئي جوس ۽ شربت پنهنجي گهر ۾ صاف سٿري طريقي سان ٺاهيا وڃن ته نه صرف صحت لاءِ فائديمند ٿيندا پر مند آهر  ميوو به جسم کي چاڪو چوبند ۽ تازو توانو رکندو. هونئن به ماهرين جي راءِ جي مطابق گرميءَ جي مند ۾ سخت گرميءَ ۽ پگهر جي ڪري جسم ۾ پاڻيءَ جي ڪمي ٿي پوندي آهي. اچو ته توهان کي ڪجهه جوسس ۽ شربت جو ترڪيبون ٻڌايون.

آلوبخاري جو شربت

گهربل سامان:

آلوبخارا                هڪ ڪلو

کنڊ                    ٻه ڪلو

آلوبخاري ايسنس      هڪ چانهه جو چمچو

سوڊيم بينز وائٽ      سلفائيڊ اڌ چانهه چمچو

ترڪيب: آلوبخارن کي چڱيءَ طرح ڌوئي صاف ڪريو، پوءِ اڌ ڪلو پاڻيءَ ۾ وجهي اُٻاريو، کل ۽ ککڙي ڪڍي ڇڏيو. هاڻ اڌ ليٽر پاڻي ٻيو وجهي، ململ جي ڪپڙي ۾ ڇاڻي رکو. ٻه ليٽر پاڻيءَ ۾ کنڊ وجهي ڪاڙهيو. چاش ٺهي وڃي ته اُن کي ڇاڻي آلوبخارن جي رس ۾ وجهو، ايسنس ۽ ڳاڙهو رنگ ملائي ٿڌو ڪريو، سوڊيم بينز وائٽ ملائي بوتلن ۾ ڀريو. لذيذ ۽ صحت بخش آلوبخارن جو شربت تيار آهي.

ڇانهي جو شربت

گهربل سامان:

ڇانهي         هڪ عدد ڳاڙهي

 کنڊ           چار چمچا

برف            هڪ پيالي سنهي ٿيل

ترڪيب: ڇانهي جا پيس ڪريو ۽ ان مان ٻج ڪڍي ڇڏيو، هاڻ اُن ۾ کنڊ وجهي، جوسر ۾ وجهو ۽ مڪس ڪريو آخر ۾ برف وجهي، ٿورو مڪس ڪريو. ڪنهن جڳ ۾ وجهي پيش ڪريو. طاقت ۽ توانائي بخش شربت 10 منٽن ۾ تيار آهي.

ڦاروَن جو شربت

گهربل سامان:

ڦاروا            هڪ ڪلو

کنڊ            ٻه ڪلو

ٽاٽرڪ ايسڊ   هڪ چانهه جو چمچو

بوتلون         6 عدد

ترڪيب: ڦاروا ۽ کنڊ کي ملائي ٻه گلاس پاڻي وجهي جوسر ۾ مڪس ڪريو. مڪس ڪرڻ کان پوءِ ململ جي ڪپڙي ۾ اسٽيل جي ٿانو ۾ ڇاڻيو ۽ ڪاڙهڻ جي لاءِ چلهي تي رکو ۽ چمچو ملائيندا رهو. ٻه ٽي ٽهڪا اچڻ کان پوءِ لاهي ٿڌو ڪريو. ٽاٽرڪ ايسڊ ملايو ۽ صاف بوتلن ۾ ڀري مضبوطيءَ سان ڍڪڻ ڏئي فرج ۾ رکو.

آڙو جو شربت

گهربل سامان:

آڙو             اڌ ڪلو

کنڊ            هڪ ڪلو

پاڻي           هڪ ڪلو

زردي جو رنگ اڌ چمچو

بوتلون         ٻه عدد

ترڪيب: پاڻي ۾ کنڊ ۽ ککڙي نڪتل ۽ ڇليل آڙو وجهي ڪاڙهيو، ٻه تي ٽهڪا اچڻ تي زردي جو رنگ وجهي لاهي ٿڌو ڪريو. هاڻ گرائينڊر ۾ وجهي مڪس ڪريو. ڇاڻڻ چاهيو ته ڇاڻي بوتلن ۾ ڀريو، آڙو جو شربت تيار آهي، جڏهن دل چوي پاڻيءَ ۾ ملائي برف جا ڪيوبز وجهي پيئو.

دعا ممتاز

اُس جا چشما ۽ اکين جو بچاءُ

زندگي ۾ ٿوري خوش فهمي، جيئڻ جي لاءِ ضروري هوندي آهي، سانوڻ جي مند ته پينگهه نه ته سانوڻ ڪهڙو! ۽ سانوڻ ۾ چشما به اُس ۾ هڪ خوش فهمي جيان ڪم  ٿا اچن، جڏهن هر طرف اُس جي چادر وڇايل هجي. اُتي چشمو هڪ تازگيءَ جو احساس ڏياري ٿو ۽ چوطرف جهُڙي جهُڙ نظر اچي ٿو، ۽ اکين کي هڪ ٿڌڪار جو احساس ٿئي ٿو. جڏهن مٽيءَ جو طوفان لڳندو هجي اُتي اکين کي صاف رکڻ، ۽ مٽيءَ کان بچائڻ جو واحد حل سن گلاسسز ۾ هوندو آهي. سن گلاسس پائڻ سان ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ تتل اُس ۾ ڇانوَ اچي وئي هجي، گرمي ۽ مٽي وسندي هجي ته اهڙي مند ۾ ٻاهر نڪرڻ مهل سن گلاسسز ضرور پايو، سن گلاسسز به مختلف سائيز ۽ رنگن ۾ ملن ٿا. بيضوي، چورس، گول ۽ رنگن ۾ برائون نيرا، سرمئي رنگ جا ۽ شيشن ۾ به اسٽائيل موجود آهن، پنهنجي چهري جي مناسبت سان سن گلاسسز خريد ڪريو، ۽ صبح جي اُس ۾ شام جي ڇانوَ جو مزو وٺو.

عاليه نذير/رابيلا حميد

برج سرطان

King of Cups

22 جون کان 23 جولاءِ

نشان                           کيکڙو

عنصر                          پاڻي

حاڪم سيارو                  قمر

رنگ                           پيلو، اڇو

ڏينهن                          سومر

منسوب اکر                    ح. هه

پٿر                             مون، پٿ، پرل

دوستيءَ لاءِ بهترين برج       عقرب ۽ حوت

محبت                         جدي

ڪاروبار                        حمل

روحانيت                       جوزا ۽ حوت

دوستيءَ جي لاءِ ناموافق       حمل ۽ ميزان.

مشهور شخصيت:

آصف علي زرداري، فيصل صالح حيات، نيلسن منڊيلا، ڪرشمه ڪپور، ليڊي ڊايانا، ماهتاب محبوب، جينا لولوبرا، جيڊا، انگرڊ برگمين، جوليس  سيزر جارج بش، گنگولي، ابرار الحق، صاحبه.

برج سرطان جو آغاز سال جي سڀ کان گرم ترين ۽ ڊگهي ڏينهن 22 جولاءِ جون تي هوندو آهي. سج ان ڏينهن زمين جي لاءِ سڀ کان طاقتور هوندو آهي. زندگي ڏيڻ وارو سڀني جاندارن کي حياتي جو مرڪز، سج سرطان ماڻهن کي پنهنجي صفت عطا ڪندو آهي. سرطان ماڻهو ٻين جي لاءِ زندگيءَ جو پيغام هوندا آهن. هنن جو مشن ئي ٻين جي لاءِ امن، محبت ۽ زندگي ڏيڻ هوندو آهي. هنن جي ويجهو انسان کي دنيا ۾ همدردي جي لاءِ موڪليو ويو آهي.

سرطان جو هاڪم سيارو:

سرطان جو حاڪم سيارو قمر آهي قمر کي مونث سيارو ملڪه فلڪ چيو ويندو آهي. ڪجهه انسانن جي فطرت جي جذباتي پن کي ظاهري ڪري ٿو. چنڊ تيزيءَ سان گردش ڪري ٿو. ڇو ته سرطان ماڻهن جو حاڪم سيارو آهي. ان جي لاءِ هنن تي چنڊ جا گهرا اثر ٿيندا آهن. هي جذباتي ماڻهو هوندا آهن. هي ماڻهو ٻين جي روين جو اثر وٺندا آهن.

عادتون:

سڀ کان اهم ڳالهه هن جو مزاج آهي انهن عادتن ۽ مزاج جي ڪري هي اڪثر مسئلن جو شڪار رهندا آهن. سٺن دوستن کي ڪاوڙائي ڇڏيندا آهن. آفيسرن يا ان جي پارٽنر سان وڙهي پوندا آهن. استعيفا ڏئي ڇڏيندا آهن. ڇو ته جيڪي هنن جي دل ۾ ايندو آهي. هي اهو ڪندا آهن. سرطان ماڻهو ۾ مامتا گهڻي هوندي آهي. هي هر ڪنهن سان محبت ۽ پيار ڪندا آهن. ڀلي هن جو دوست هجي. بس شرط اهو آهي ته اهو ماڻهو هن کي پسند هجي پوءِ ان تي ايتريون مهربانيون ڪندا آهن جو اهو ماڻهوڀلي تنگ ٿي پوي. هنن جا جذبا نرم ۽ گهرا هوندا آهن. بس هن جي دل جيڪو چيو اهو ئي ڪندا آهن.

برجن ۾ محبت جي حوالي سان سرطان مٿانهون برج آهي. ٻئي ڪنهن برج ۾ پيار ڪرڻ جو ايڏو حوصلو ناهي هوندو. هن جي ويجهو ماني ۽ محبت کان سواءِ زندگي جو ڪو تصور ناهي هوندو. بس هنن ۾ هڪ خامي اها آهي ته جنهن سان محبت ڪندا آهن. ان کي آسمان تي پهچائي ڇڏيندا آهن. پر هنن لاءِ ڪجهه نه ڪيو وڃي ته اهي پريشان ٿي پوندا آهن ۽ ڊپريشن ۾ هليا ويندا آهن. هنن ۾ ساڙ به گهڻو هوندو آهي هو پنهنجو محروميون، ڏک ۽ ڪاوڙون سنڀالي رکندا آهن. جڏهن موقعو ملي ته بدلو وٺندا آهن پر اهڙي نموني جيئن ٻئي کي خبر به نه پوي. هيءُ پنهنجي باري ۾ ڳالهائڻ مهل هچ محسوس ڪندا آهن. چون ٿا ته سرطان ماڻهن ۾ هڪ گهڻي احساس ڪمتري ڏٺي وئي آهي. انڪري جڏهن کين ڪا تڪليف پهچندي آهي ته هي ان کي سنڀالي رکندا آهن. هي ماضي کي مڙي ڏسندا آهن پوءِ ڀلي ڪي پراڻيون ڳالهيون هجن يا پراڻيون شيون هجن. هنن کي اهي عزيز هونديون آهن. پوءِ ڀل هو جنهن سان محبت ڪندا هجن پر هو ان جي به ويجهو رهڻ پسند ڪندا آهن ڇو ته هي اڳيان جي سوچ رکندڙ ۽ پريڪٽيڪل هوندا آهن، هي هوائن ۾ اڏامندا ناهن. ان ڪري ڪڏهن به غلط مطالبو ناهن ڪندا. تنهن هوندي به هنن جي ماضي پرست ۽ ٻين تي ڳالهه مڙهڻ ۽ مايوسي هنن کي ڪاوڙائي وجهندي آهي. هنن جي دل جذبات سان ڀريل هوندي آهي. پر هي انجو اظهار کلي دل سان ناهن ڪندا پر آهستي آهستي کلندا آهن. ڇو ته هي وفادار ۽ ايماندار هوندا آهن. ان ڪري هي دل لڳائڻ کان پهرين چڱيءَ طرح سوچ ويچار ڪندا آهن ۽ هنن کي مستقبل جو ٻنڌڻ وڻندو آهي. فلرٽ ڪرڻ هنن جي فطرت جي خلاف آهي. پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته هن جي زندگي ۾ محبت نه هجي ته هي اڌورا هوندا آهن. سرطان ماڻهو گهر ۾ ۽ گهريلو ماحول ۾ مضبوط ۽ خوش هوندا آهن. هنن جي لاءِ خاندان، طبقا ۽ ماڻهو اهميت رکندا آهن.

هي پنهنجي خاندان ۽ گهر وارن جي دل ۽ جان سان خدمت ۽ حفاظت ڪندا آهن ۽ ڪاروبار به ذوق شوق سان ڪندا آهن. گهر کان ٻاهر جي دنيا ۾ هي هوشيار ۽ چالاڪ هوندا آهن. هنن کي ڌوڪو ڏيڻ مشڪل آهي ڇو ته هي هڪدم پڪڙي وٺندا آهن. هي گهڻو وقت ڪاوڙجي نٿا سگهن ڇو ته هي پنهنجي ساٿيءَ کي جلدي وڃي پرچائيندا آهن. هن جي نظر مستقبل تي هوندي آهي. هيءُ ماضي ڏي مڙي ضرور ڏسندا آهن، ڇو ته اها انهن جي فطرت آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته لڳندو آهي ماضي هنن تي حڪمراني پيو ڪري. ان وقت هنن کي گهرجي ته پنهنجو نفسياتي تجزيو ڪن ۽ پنهنجي ويجهي دوست کان صلاح وٺن. سرطان ماڻهن ۾ تمام گهڻي ڪشش هوندي آهي. ان جو هنن کي پاڻ به احساس به هوندو آهي. هي چاهيندا آهن ته هي هن جي تعريف ڪئي وڃي. اها ڳالهه نوٽ ڪئي وڃي ڇو ته هي شرميلا هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته هنن کي ڪاوڙ اچي ويندي آهي. پر هنن جي زندگيءَ جي هڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هڪ ته تمام گهڻو کلندا آهن ۽ کل کي روڪي ناهن سگهندا. کلي کلي هي چريا ٿي پوندا آهن ۽ جڏهن هي اداس ٿيندا آهن ته هنن جا ڳوڙها ناهن بيهندا، هنن جي اندر اظهار جي مخصوص صلاحيت هوندي آهي. هي پنهنجي ڏک جو بيان ڪندا آهن ته اهڙي طرح جو اڳلي جي دل تي اهڙو اثر ٿيندو جو ماڻهو هن جي ڳالهه ۾ گم ٿي ويندو، ڇو ته هن وٽ سچ هوندو آهي ۽ جيڪا ڳالهه به ڪندا آهن اها سچ تي مبني هوندي آهي. جيڪڏهن هنن جي هڪدم مدد نه ڪئي وڃي ته هي پنهنجي ڏکن جي هڙ کي کڻي پيا گهمندا آهن. هي جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندا آهن ته اهو پورو ڪندا آهن ڪم کي اڌ ۾ ناهن ڇڏيندا، هن جي لاءِ سستي ۽ ڪاهلي راهه جي رڪاوٽ ناهي هوندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com