سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :8

رڌ پچاءُ

دستر خوان سجايو

کاڌو پيش ڪرڻ به هڪ فن آهي.

دستر خوان سجائڻ وقت ڪجھ خاص ڳالهين جو خيال رکڻ کپي. سڀ کان پهرين کاڌو پيش ڪرڻ وقت هميشه صاف سٿري، روشن، هوادار ۽ جراثيمن کان پاڪ جڳھ جو انتخاب ڪرڻ گھرجي.کاڌي کائڻ لاءِ الڳ ڪمري جي به ضرورت ناهي، جيڪو ڪمرو وڌيڪ استعمال ۾ هجي، اتي قالين وجھائي دستر خوان سجائي سگھجي ٿو. جيڪڏهن بورچي خاني ۾ گنجائش هجي ته اتي به کاڌو کائي سگھجي ٿو.ٻي ڳالهه ته دسترخوان جو انتخاب ڪرڻ وقت رنگن کي به اهميت ڏني وڃي. دسترخوان جي ڇپائي سادي ۽ هلڪن رنگن جي هجي. مثال طور هلڪي رنگ جي تھ تي آسماني يا ناسي رنگ جي ڇپائي خوبصورت نظر ايندي آهي. هميشه دستر خوان هلڪي رنگ ۾ ئي سٺا لڳندا آهن. نيپڪين دستر خوان جي اھم ضرورت سمجھيو وڃي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته صاف سٿري، ۽ سفيد سوٽي ڪپڙي جو هجي. کاڌو پيش ڪرڻ وقت سڀ کان اھم ٿانو هوندا آهن تنهن ڪري ٿانون جو انتظام مناسب نموني سان ڪيو وڃي. کاڌي ۾ ماني ۽ ٻوڙ هجي ته ان لاءِ ننڍي پليٽ جي ضرورت پوندي اگر چانور به آهن ته ان لاءِ وڏي پليٽ بهتر رهندي. اهڙي نموني کاڌي ۾ سڀ شيون شامل آهن سوپ جون پياليون ۽ ان جي پيئڻ لاءِ اونهي منهن وارا چمچا به ضروري آهن.هونئن ته جيڪو مزو هٿ سان کائڻ ۾ آهي، سو چمچن سان ڪٿي؟ پر مٺي ڊش لاءِ چمچا بيحد ضروري آهن.ڀاڄي لاءِ ڪاب ۽ ان جا چمچا، چانورن لاءِ ڊش ۽ ان جا چمچا. رائتي لاءِ ڏونگا، سلاد لاءِ برتن ۽ پاڻي لاءِ جڳ ۽ گلاس جي ضرورت هوندي آهي. هڪ خاص ڳالهه ته انتخاب ۾ سادگيءَ جو خيال رکجي ٿانون جي سائز مناسب هجي پليٽن ۽ ڊشز تي ٺهيل چٽسالي هلڪي رنگ جي هجي.  گلن جي سجاوٽ سان جتي گھر جي رونق وڌي ٿي، اتي دستر خوان جي زينت وڌائڻ لاءِ به گلن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. دسترخوان تي گلدستو سجائڻ وقت ان ڳالهه جو خيال رکو ته گل تمام وڏا نه هجن. هميشه گلن کي ڦهلائي سجائڻ گھرجي. اگر توهان جو دستر خوان مختصر آهي ته وچ ۾ سجايل سلاد جي پليٽ يا ڊش به دسترخوان جي دلڪشي ۾ اضافو ڪندو.

دستر خوان ڪيئن سجندو: سڀ کان پهرين سڀني شين کي هڪ هنڌ گڏ ڪجي. پوءِ قالين وڇائي وچ ۾ دستر خوان وڇائجي. هي خيال رهي ته دستر خوان تي سڀ شيون موجود آهن. هاڻي دستر خوان کي اهڙي طرح ترتيب ڏيو، جو هر ٿانو جي وچ ۾ ٿوري جڳھ هجي. هر ماڻهو لاءِ وڏي پليٽ ساڄي طرف کان وچولي پليٽ سامهون رکو.

نيپڪن وچولي پليٽ ۾ تھه ڪري رکو. گوشت جي ڀاڄي، سبزين جا ڏونگا، مانيءَ جي پاٽ، ڪبابن جون پليٽون، مٺا ڊش ۽ چٽڻي جون پياليون دسخوان جي ٻنهي طرفن ۾ رکو. وچ ۾ سلاد جي پليٽ يا ڊش رکو ته جئين دستر خوان مڪمل ٿي سگھي. هاڻي پوري دستر خوان جو هڪ سراسري جائزو وٺو. اگر سڀ سامان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مناسب طريقي سان رکيل آهي ته پوءِ سڀني کي کاڌي لاءِ سڏ ڪجي. سادگي سليقه مندي ۽ ٿوري توجه سان سجايل دستر خوان نه صرف کائڻ وارن جي بک ۾ اضافو ڪندو پر سڀني طرفان اوهان کي داد به ملندو.

 

قيمي جو پلاءُ

گھربل شيون: چانور هڪ سير، قيمو اڌ سير، ڏهي اڌ سير، گيھ هڪ پاءُ، بصر هڪ پاءُ، ڳاڙها مرچ ۽ لوڻ ذائقي موجب، اڇو جيرو هڪ ڇٽانگ، خسخس، تر، سڪا ڌاڻا ۽ هيڊ هڪ چمچو. ڪارا مرچ ڇھ داڻا، ادرڪ اڌ ڇٽانگ ، ٿوم اڌ ڇٽانگ ، لونگ ٻه عدد، وڏو ڦوٽو هڪ عدد، دال چيني هڪ ٽڪر.

ترڪيب: هڏن ۽ چرٻيءَ کان صاف بلڪل پيٺل قيمو ڪٽيل بصرن ۾ ملائي رکو، هڪ ديڳڙيءَ ۾ گيھ ٽهڪائي ان ۾ بصر ۽ ٿوم کي تري بادامي رنگ جو ڪيو، پوءِ جيرو ۽ ادرڪ وجھي ڀُڃو. خسخس، تر، داڻا، هرٻو، لوڻ، ڳاڙها مرچ وجھي ڀُڃو. هاڻي ان ۾ قيمو ۽ ڏهي (ڌونرو) وجھي هلڪي باھ تي پچڻ ڏيو. جڏهن قيمو ڳري وڃي پوءِ چلھ تان لاهيو.

چانور صاف ڪري پسائي رکو ۽ هڪ ڪلاڪ تائين رکو ٽي پاءَ پاڻي چلهي تي رکو. پاڻيءَ ۾ ڪارا مرچ، دال چيني، جيرو، وڏو ڦوٽو، لونگ ملايو. جڏهن پاڻي اٻرڻ لڳي ته ان ۾ چانور وجھو پاڻي خشڪ ٿيندو ته چانور ڳري ويندا.

پوءِ هڪ ديڳڙيءَ ۾ هڪ تھ چانورن جو ۽ هڪ تھ قيمي جو وجھو ان جي مٿان ساوا مرچ ۽ ساوا ڌاڻا (ڪٽيل) وجھي، ڏهن منٽن تائين دم ڪري رکو. قيمي جي پلاءَ سان گڏ ڏهيءَ جو رائتو ۽ سبقين جو سلاد به هجي ته پوءِ کائڻ ۾ مزو واه جو ايندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com