سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون فيبروري 1994ع

گلبدن جاويد

انساني حق ۽ عورتون

گذريل سال 1993 جي پڄاڻي تي، پاڪستان جي ”انساني حقن واريءَ ڪميشن“ پاران ملڪ ۾ انهيءَ سال دوران مختلف سماجي شعبن ۽ طبقن بابت انساني حقن جي صورتحال جي جيڪا رپورٽ پڌري ٿي آهي، سا ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي. رپورٽ ۾ عورتن جي حقن جي لتاڙ بابت جيڪو چٺو ڏنو ويو آهي، سو ايترو ته شرمناڪ آهي جو شڪ ٿو گذري ته اسين ڪو ٻين مهذب ملڪن سان گڏ ايڪيهين صديءَ ۾ پير پائي سگھنداسين.

78- کان 80 سيڪڙو عورتون جن کي جيل موڪليو ويو سي حدود واري قانون هيٺ جھليون ويون. پر ڪيترن ڪيسن ۾ ججن فتوا ڏني ته حدود وارو قانون غلط لاڳو ڪيو ويو آهي. هر ٽئين ڪلاڪ ۾ هڪ عورت جي لڃ لٽي وئي، هر ڪا ٻي نابالغ يا معصوم ٻار هئي، هر ڪنهن چوٿينءَ سان هڪ کان وڌيڪ ڄڻن زيادتي ڪئي ۽ انهيءَ وڌندڙ واقعن ۾ با اثر ماڻهون ملوٽ هئا. پوليس جي حوالات ۾ عورتن سان ٿيندڙ زيادتيون معمول مطابق ٿينديون رهيون. عورتن کي جھلڻ لاءِ پوليس وٽ حدود آرڊيننس ٺهيو رکيو هو، ۽ عورتن جي جسماني تلاشيءَ يا چڪاس لاءِ عورت آفيسر جي هجڻ ۽ عورتن کي عدالتي سنڀال ۾ ڏيڻ واري قانون جي پرواه نه ڪئي وئي. هر ڪنهن ڇوٿين مهيني جي سراسريءَ سان پنجاب ۾ 48 عورتن کي عام خلق اڳيان بيعزت ڪرڻ جا ڪيس داخل ٿيا، جن ۾ گھڻو ڪري عورتن کي ننگو ڪري بازارن ۾ گھمايو ويوهو. انهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ عورت شرم وچان آپگھات ڪيو. چئن سون کان وڌيڪ گھرو معاملن جي ڪيسن ۾ اڌو اڌ عورتن تنگ اچي آپگھات ڪيو. خانداني قانونن ۾ به، مردن جي مقابلي ۾، عورتن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويو. تعليم ۽ نوڪرين جي معاملي ۾ به جنسي ويڇو گھڻو وڌيل رهيو. صحت جي سهولت جو اهو حال رهيو جو ٻارن جي موتن جو تعداد دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ موت ٿيندڙ ملڪن جي برابر رهيو. دوائون نه ملڻ ڪري پنجن سالن کان گھٽ ڄمار وارا 4 لک ٻار مائرن جون هنجون خالي ڪري ويا 40 سيڪڙو ٻارن کي گھربل کاڌو نه ملي سگھيو. مرندڙ ٻارن ۾ ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪريون وڌيڪ هيون. مٿي ڪي ٿوريون ڳالهيون ”انساني حقن جي ڪميشن“ واريءَ رپورٽ مان بيان ٿيون، جيڪي ملڪ جي عورتن بابت آهن. پر اصل انگ اکر ته اتي نٿا بيهن. ٻهراڙين ۾ جيڪا حالت آهي، تنهن جو نقشو ته رڳو سوچ ۾ به ڪونه سمائبو. سو به سنڌ جهڙي علائقي ۾ ته ڳالهيون لکڻ پڙهڻ کان ٻاهر آهن.

ڪيئن به هجي مٿيان انگ اکر کڻي ڪيترا به هلڪا هجن، اهي اسان جي سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ پڙهيل ڪڙهيل عورتن کي انساني جهاد جو هڪ، اڻکٽ ميدان ڏيکارين ٿا. اچو ته سڀ ان ميدان ۾ ڪُڏي پئون،هرڪا جتي آهي اُتي پنهنجو فرض ادا ڪري ته جيئن پنهنجين مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جي حقن جي حفاظت ڪري، هلندڙ سال ۾ عورتن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ بي انصافين کي وڌ کان وڌ، گھٽ درجي تي آڻيون. ”سرتيون“ جا صفحا انهيءَ جهاد لاءِ حاضر آهن، ۽ ليکڪ سرتين کي عرض آهي ته اهي عورتذات جي سماجي مجبورين ۽ مسئلن تي قلم کڻن_ گلبدن جاويد مرزا.


 

 

اياز چنا

شاه لطيف جي شاعري ۾ عورت جي حيثيت

هي هڪ مڃيل حقيقت آهي ته جڏهن هن زمين تي انسانذات جمن ورتو ان اجتماعي زندگي بسر ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ان وقت کان وٺي مرد پنهجي پيدائش اجتماعي نظامِ زندگي جي قيام ۽ بقا لاءِ عورت ذاتجو محتاج رهيو آهي، مرد ڪڏهن به پنهنجي حياتيءَ ۾ عورت تان دستبردار نه ٿيو آهي. ڇو ته انساني معاشرو چاهي هڪ هٽي هجي، يا ڪو جھنگلي ماڻهو هجي ؛ اهو پنهنجي اجتمائي زندگي بسر ڪرڻ ۾ هميشه ڪجھ اصولن، قانونن ۽ ضابطن جو پڻ پابند رهيو آهي. پوءِ اهي اُصول ، قانون ، ضابطا حق ۽ ناحق ، درست يا غلط، عدل ۽ انصاف ، ظلم ۽ تشدد ، عادتن ۽ رسمن تي ڇو نه مبني هجن؟ هاڻي هر قوم ، قبيلي ۽ جماعت عورت جي لاءِ خاص قانون ٺاهيا آهن. انسانيت جي رشتي سان مرد ۽ عورت ۾ ڪو به فرق نه آهي. مرد ۽ عورت ٻئي انسان ته آهن پر بحيٽيت مرد ۽ عورت ٻئي جنس ۽ نسل جي ذريعي وجود ۾ آيا آهن. ۽ پنهنجي الڳ الڳ حيثيت رکن ٿا. مطلب ته اسان سڀني انسانن جي حقيقت هڪ ئي آهي. هي ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته هر هڪ مرد ۽ عورت جو نسل، ذهن، عقل، سوچ، ۽ عقيدو مختلف قسم جو آهي.

دنيا جي تختي تي اديبن، مفڪرن، محققن ۽ شاعرن پنهنجي خيالن ۽ نظرين موجب عورت جي بي بها حيثيت کي ساراهيو آهي.

شاه عبداللطيف ڀٽائي جيڪو اسان جي سٻاجھڙي سنڌ وطن جو عظيم شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌي سماج جي چڱيءَ ريت سڃاڻپ پنهنجي محبوب شاعريءَ وسيلي ڪرائي آهي؛ تنهن پڻ عورت جي ڀلائي، بحاليءَ ۽ برقراريءَ جي سلسلي ۾ ان جي بي بها ڪردار ۽ حيثيت کي ڪافي اهميت ڏني آهي. شاه صاحب جو ڪلام، توڙي سندن زندگي، انهيءَ ڳالهه جي چٽي شاهدي ڏين ٿا ته، شاه سائين جي مَنَ ۾ سنڌ ديس لاءِ بي انتها محبت هئي، جيڪا سندس رسالي؛ جيڪو اسان سنڌي قوم جو حقيقي ورثو آهي، جنهن کي ”شاه جو رسالو“ پڻ چيو وڃي ٿو؛ شاه جي ڪلام تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿيندو ته شاه صاحب، سنڌ جي ڏکن جو ذڪر عورت جي واتان ڪيو آهي. سندس رسالي ۾ عورت جي جن ڪردارن جو ذڪر آهي، اهو انساني صفتن جي چٽائي پيش ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌي عورت پڻ سنڌ ڌرتيءَ وانگر هميشه غلاميءَ جون پيڙائون پئي ڀوڳيون آهن. عورت جي واتان انهن پيڙائن جي اظهار جو مقصد اهوئي آهي، ته عورت انهي پيغام کي پروڙي ۽ پڙائن مان جند ڇڏائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي سگھي.

ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ وطن جي حب وطن پرستيءَ لاءِ ڪيترا ئي سهڻا خيال ظاهر ڪيا آهن، پر شاه صاحب پنهنجي عظيم ۽ محبوب شاعريءَ وسيلي مارئي جي ويس ۾ جيڪا وطن جي حب ظاهر ڪئي آهي، تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. مارئي جي وسيلي وطن سان محبت جو اظهار ته هڪ جادوءَ جو اثر رکي ٿو.ٿر ڄائي مارئي کي پنهنجي ديس سان جيڪو پيار هو، تنهن مارئي کي امرُ بنائي ڇڏيو. جيڪو صرف ڀٽائيءَ جي تخليق جو ڪمال آهي. مارئي جي حوصلي ۽ ، همت خاص ڪري هن دؤر جي سنڌ واسي عورت کي قومي طرح زندھ رهڻ جو ڍنگ ڏنو آهي. شاه صاحب مارئي، سهڻي، هير، سسئي ۽ نوري وغيره وسيلي عورت کي محبت جو شيدائي بنائي، سندس، جذبن، آحساسن ۽ اُمنگن جي ترجماني ڪئي. شاه صاحب جون سموريون، سورميون سونهن ۽ سچ، پريم ۽ وفا حب الوطني جون پتليون ٿيون سڏجن جيڪي زندگيءَ جي راهن ۾ ڏک ۽ ڏاڍ کي ڏاري، پنهنجو مقصد ماڻڻ لاءِ ڪوشان آهن. انهن سورمين ڏک ۽ ڏاڍ سان بنان لالچ ۽ لوڀ جي ايڏي دليريءَ سان مقابلو ڪيو آهي، جو دنيا جي طاقت کي جھڪائي پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، جنهن جا مثال دنيا جي تاريخي ڪتابن ۾ سونهري اکرن سان ملي رهيا آهن.

سر مارئي ۾ شاهه صاحب عورت جي ديس ارپنا ۽ قربانيءَ واري جذبي کي؛ سنڌ جي سٻاجھڙي عورت، مارئي جي مام کي پروڙي، ان جي سچ واري ويچار کي پنهنجو مقصد بنائي، جيئڻ جا جتن ڪري، ۽ ڌرتي ماتا ، جيئن کيس زنده رهڻ جي جِلا بخشي آهي، تيئن پاڻ (عورت) به پٽڙن توڙي ڌيئرن کي مارئي جي ساڃاھ سان مالا مال ڪري، پهچايو آهي، ته جيئن پاڻ توڙي سندس نئون نسل عمر بادشاه جي اٽڪلن ۽ حرفتن کان پاڻ بچائي، عمر بادشاه جي انهيءَ قهري ڪوٽ کي ڊاهي پٽ ڪري سگھي. عمر بادشاه جي انهيءَ قهري ڪوٽ ۾ مارئي کي سون مين آڇي، محلاتن جا لڀ ڏيئي، پٽ پٽيهر ۽ بافتا بخمل ڏيکاري، کيس سچ ڳالهائڻ تي ڀڃڻ جي مت ڏني ٿي وڃي، پر مارئي مارن سان من لائيندي عمر کي ٺھ پھ جواب ڏئي ڇڏيو ته:

”سيل ڀڃڻ جي سومرا! مونکي مت م آڇج مير!

ٿوري گھڻين ڏينهڙين، وينديس هُت همير!

مڇُڻ منجھ ملير، ڪنڌ مٿاهون ته کڻان.“

 

شاه لطيف جي هر بيت جي معنيٰ تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ اهڙا معنيٰ جا موتي سمايل آهن، جو جيڪڏهن انسان ان مان نصيحت پرائي ۽ ان تي عمل پيرا ٿي وڃي ته هوند پنهنجا ٻئي جهان سرها ڪري وجھي، جھڙي ريت تلوار سراڻ جي گَهَڪن سان تکي ٿيندي آهي ۽ منجھس چمڪ ايندي آهي جيئن مارئي کي وطن جي اَڪير، ساڻيهه جي سڪ ته قدرت منجھس ڪٽي ڪٽي ڀري آهي. ملير جي محبت ۾ مارئي پاڻ کي گھوري ڇڏيو. ايتريقدر جو مارئي ويچاري هنجون پيئي هاري ، عمر بادشاه کي ايلاز ڪريو پيئي چئي ته، جيڪڏهن ساڻيهه لاءَ سڪندي ۽ وطن کي ساريندي منهنجو ساهه نڪري وڃي ته، منهنجو مڙهه باسلامت وطن ڏانهن راونو ڪجان، ته جيئن وڃي ، ماروئڙن جي مقام ۾ دفن ٿيان ۽ پنهنجي وطن جي مٽيءَ ۾ ملي رلي وڃان.

شاه صاحب سر مارئي ۾ عورت جي عظمت جو اڻ مٽ مثال ڏنو آهي، جنهن ۾ عورت جي ديس ۽ ديس واسين لاءِ حب، ڄڻ سمنڊ پيوڇوليون هڻي، ايتريقدر جو عمر بادشاه کي آزيون نيازيون ڪري چوي ٿي ته، جي وطن کي واجھائيندي، آءُ هت مري وڃان ، ته منهنجي ميت منهنجي ماورئڙن ڏانهن مولڪجان ته جيئن اباڻي ديس جي ولين ۽ گاهن سان منهنجي ميت کي واس اچي ۽ منهنجو لاش مئل به جيئرو ٿي پوي.

شاه صاحب سر سهڻي ۾ عورت جي سچيءَ سڪ ۽ محبت جو جيڪو مثال ڏنو آهي، انهيءَ تي جيڪڏهن ويچار ڪجي ته خبر پوندي ته سهڻيءَ جي سڪ توڙي اُڪير ڪٿي به ماٺ نٿي ٿئي، پر ڏينهون ڏينهن تمام گھڻي ڀانئجي ٿي،۽ سندس حوصلو ۽ همت، درياءَ جي ڌڌڪن ۽ تيز لهرن جي پرواه نه ڪندي، ۽ ڪڙڪا (دانهون) ڪندڙ ڪنن کي للڪاريندي، کيس سچ ۽ ساڃاهه جي واٽ واٽ تي وڌائيندو رهي ٿو. ايتريقدر جو سهڻي سچ جي سير ترندي جڏهن ڪپر تي پهچڻ واري هوندي آهي ته ڪُنن جا ڪڙڪا هُن جي حوصلي کي للڪارين ٿا ۽ کيس ٻوڙڻ لاءِ ڄڻ واجھ پيا وجھن. انهن ڪڙڪن هوندي به بادشاه دريا کي چوي ٿي ته مان جيڪا اڳيئي هيڻي آهيان، ڊيڄار نه ۽ نه ئي مون کي اونهي پاڻي ۾ ٻوڙ. مون تي منهنجي منٺار ميهر جي، مينهن جي هلڻ سان جيڪا سنهي مٽي لڳي آهي، سا ميهر جي نشاني ۽ سوکڙي آهي آءُ تو ۾ گھڙي اها پياري دَزَ (سوکڙي) ڪيئن وڃايان.

شاه صاحب سر سسئي آبري ۾ عورت جي همت ۽ حوصلو بيان ڪندي چيو آهي ته :

”مُنڌ نه منجھان تن، پَسي لَڪَ لُڏن جي،

جا پَرَ کاهوڙين، سا پَرَ سِکي سَسُئي.“

يعني هيءَ هيڻي عورت انهن مان ناهي جيڪي ڏکيا لَڪَ ڏسي ڏڪي وڃن. هيءَ عورت ڄڻ انهن کاهوڙين وانگر آهي، جيڪي سارو ڏينهن جبل جھاڳيندا ۽ ڏونگر ڏوريندا وتندا آهن. مطلب ته عورت تي ڪيترو به ڏکيو وقت ڇو نه اچي وڃي، پر عورت ڪڏهن به همٿ نه هاريندي آهي.

شاه صاحب سر ڪاموڏ ۾ عورت جي عاجزيءَ ۽ سچائي جو اظهار نوري جي واتان هيئن ڪيو آهي ته :

”تون سمون، آءُ گندري، مون ۾ عيب اَپار،

پَسي لِيءَ لغار، متان ماڱر مٽئين.“

هن بيت ۾ عورت (نوري) ڄام تماچيءَ کي آزيون نيازيون ڪري، ليلائيندي چوي ٿي ته تون سمون سردار ۽ آءُ گندري مهاڻي آهيان ، مون ۾ ڪيترا ئي عيب ، اوڻايون آهن، مڇي کِکِ گِگَ ڏسي، مون ماڃر جي مهاڻيءَ کان متان سدائين لاءَ منهن مٽي وڃين.

شاه صاحب جي ڪلام ۽ پيغام تي فڪر ڪرڻ سان اهڙا انمول موتي ۽ روحاني راز نڪري نروار ٿين ٿا جو پڙهندڙ دنگ رھجيو وڃي، شاه صاحب پنهنجي آس پاس جيڪو ڪجھ ڏٺو ان تي باريڪ بينيءَ سان غور ڪيو آهي ۽ ان مان بي بها نصيحت ڀريا نقطا ڪڍيا آهن. خاص ڪري عورت جي حوالي سان جيڪي ڪجھ شاعريءَ وسيلي موتي پويا اٿس انهن تي بحث ڪرڻ سان ڪيترا ئي ڪتاب لکجي ويندا.

ڇا ڪاڻ ته عورت قدرت طرفان هن ڌرتيءَ تي حسين تحفو آيل آهي، جنهن جي گم ٿي وڃڻ سان انسان ذات جو نسل ختم ٿي ويندو. جيڪڏهن عورت کي صحيح نموني ڪم ڪندي ڏٺو وڃي ته ان لفظ پڪارڻ سان شرم محسوس ٿيندو.

ڇا ڪاڻ ته عورت هلڻ ۾ ديوي، ڏسڻ ۾ ملڪه، هن جي وک موسيقي ۽ سندس آواز گيت ۽ غزل آهي. عورت جي بي بها زندگيءَ ۾ اهي ڏک ، مصيبتون ۽ طوفان سدائين لاءِ داخل آهن. جنهن سان هر ڏکئي وقت مقابلو ڪندي آئي آهي، جنهن سان سندس ڪردار، اخلاق، تمدن ۽ ٻيا ڪيترائي پهلو سندس جيوت کي زندھ رهڻ جي قوت ڏين ٿا.

اسان جي ديس جي عورتن کي پڻ گھرجي ته شاه صاحب جي فڪر تي عمل ڪندي، پاڻ کي نئين دؤر جون سورميون ثابت ڪن، ڇو ته عورت ئي اهڙي شخصيت آهي، جيڪا ڌرتي ماتا جي دکن ۽ دردن کي سمجھي، پنهنجي نسل کي اها واٽ ڏيکاري ٿي، جنهن سان ديس جا درد، ڏک ۽ ڏولا وا ڏور ٿين ٿا. تاريخ جا ورڪ اٿلائي ڏسبا ته جڏهن به ڌرتيءَ تي ڪو ممڻ متو آهي ته عورت به مرد سان گڏ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com