سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :5

مهر خادم

لوڪ ڪهاڻيون ۽ قصا

لوڪ ڪهاڻيون ۽ قصا، هر قوم جو املهه سرمايو آهن، جنهن جي پڙهڻ سان ان قوم جي ذهني نشونما ۽ تاريخي، ثقافتي ورثن جو پڻ پتو لڳائي سگھجي ٿو. انسان جڏهن ذهني طور سجاڳ ٿيو ۽ گڏجي رهڻ جو ڍنگ سکيو، ته کيس ڪهڙن مرهلن مان گزرڻو پيو؟ انسان، آڏو ايندڙ خطرن کي ڪيئن منهن ڏنو؟ ٻين انسانن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيائين؟ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتائين؟ انسان سان جانورن، جنن، پرين، ديون، ڏائڻين، ڌوتين ۽ جادوگرن جو رويو ڪهڙو رهيو ۽ انهن جو اصل ڪردار ڇا آهي؟ اهي پنهنجا فائدا ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني سان حاصل ڪن ٿا؟ ڪهڙيون ڪهڙيون مڪاريون ڪن ٿا؟ اهڙيون سموريون ڳالهيون لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن سان ڀريل آهن. لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن  جا موضوع هيٺيان رهيا آهن.

نيڪي، بدي، لالچ، انصاف، ظلم، بهادري، ڊپ، پيار، محبت ،جستجو ڳولا، مڪر، فريب، سخا، رحمدلي ۽ واهر وغيره.

لوڪ ڪهاڻيون ۽ قصا قومن جي سماجي سياسي ۽ ثقافتي ورين جي عڪاسي ڪن ٿا. جھڙيءَ طرح سان ٻيون لوڪ ادب جون مشهور صنفون، جھڙوڪ: پهاڪا ۽ چوڻيون وغيره، انسان ذات جي ڪنهن خاص طبقي تائين محدود نه آهن تهڙي طرح لوڪ ڪهاڻيون پڻ انساني گروھ هي ڪنهن خاص طبقي يا دنيا جي ڪنهن خاص خطي تائين محدود نه آهن، جيتوڻيڪ لوڪ ڪهاڻين ۾ پنهنجو ملڪي رنگ نظر ايندو آهي ۽ ڪي ملڪي يا نيم تاريخي لوڪ ڪهاڻيون به موجود آهن جھڙوڪ: سسئي پنهون، مومل راڻو، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار وغيره. مگر ڪيتريون اهڙيون ڪهاڻيون به آهن، جيڪي ٿوري ڦير گھير سان، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن. انهن ۾ بادشاهن، شهزادين، وزيرن، پرين ، ديون، ڏائڻين، جنن، ڀوتن وغيره جون آکاڻيون اچي وڃن ٿيون.

ڪن لوڪ ڪهاڻين ۾ عشق ۽ محبت جا افسانا پڻ آهن، جن ۾ شاهي شهزادا، پرين جي عشق ۾ اٽڪي، پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءَ ڪيترن راڪاسن، ديون ۽ ڏائڻين وغيره  جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري ، پنهنجي منزل تي پهچن ٿا.

ڪهاڻين جا سورما اڪثر ڪري انسان هوندا آهن؛ پر انهن جي همت ۽ طاقت رواجي انسانن کان وڌيڪ هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هو ديون، راڪاسن ۽ پرين کي پنهنجو مطيع بنائي سگھن ٿا.

دنيا ۾ لوڪ ڪهاڻين جا چار ڪتاب وڏي اهميت رکن ٿا، جيڪي تمام قديم پڻ آهن:

1 پنجتنته (برهمڻ)

2 ڪليله و دمنه (ايراني)

3 سامديو جو ڪٿا سريت ساگر

4 هتو پديش (ٻوڌي)

لوڪ ڪهاڻين جا ڪتاب ”پنجتنته“ جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل هو. سڀني ڪتابن کان آڳاٽو چيو وڃي ٿو. هي ڪتاب 200 ق.م ڌاري لکيو ويو ۽ ان جو مصنف ”پنڊت وشنو شرما“ هو. دنيا جي ڪيترن ئي لوڪ ڪهاڻين جو دارومدار هن ڪتاب تي آهي.

”ڪليله و دمنه“ 570ع ڌاري پهلوي زبان ۾ ڪنهن هندستاني ڪتاب تان ترجمو ڪيو ويو.

ڪتاب ”سامديو جو ڪٿا سريت ساگر“ يارهين صدي عيسويءَ ۾ ڪشمير جي راجا جي زال سريامتيءَ جي دل وندرائڻ لاءِ لکيو ويو هو. ٻوڌي ڪتاب ”هتو پديش“ 1337 ع ، پڻ ٿورين گھٽ وڌاين سان ”پنجتنته“

جو اختصار ئي آهي، جو نارائڻ نالي هڪ شخص بينگال طرف لکيو. هي ڪتاب جن جي ابتدا اوهام پرستيءِ ڏانهن مائل ايراني ذهن ، حرفت ۽ حيلي ڏانهن مائل برهمڻ ذهن، نصيحت ۽ تبليخ ڏانهن مائل سمني (ٻڌ وارن) ذهن جي اختراعن سان ٿي.

سڀئي محقق انهيءَ راءِ جا آهن ته يورپ جي ڪهاڻين تي مشرق جي هنن ڪتابن جو تمام گھرو اثر آهي. جيئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو؛ ”انهيءَ قسم جون ڪهاڻيون هند ۽ ايران جي وچ وارن علائقن (موجوده مغربي پاڪستان، افغانستان ۽ اوڀر ڏکڻ ايران) ۾ اسريون ۽ اتان پوءِ ٻين ڀاڱن ۽ ملڪن ۾ رائج ٿيون. لوڪ ڪهاڻين جي اصليت جو معاملو ڏاڍو منجھيل ۽ ڪهنو آهي، ان جي اهميت ڳولي لهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. حقيقت ۾ لوڪ ڪهاڻيون آئيسلينڊ کان وٺي، برصغير هند و پاڪ تائين ڪافي مشابهت ٿيون رکن.

ٿيوڊر بينفي، جنهن جو ڪتاب 1859ع ۾ شايع ٿيو. لکي ٿو ته ” هندستان، يورپ جي لوڪ ڪهاڻين جو سر چشمو آهي.“ انهيءَ کان سواءِ جرمنيءَ ۾ koherey ۽ انگلينڊ ۾ clouston جي لکڻين هن ڳالهه جي پٺڀرائي ڪئي آهي ته: ”يورپ جي ڪهاڻين جو بنياد مشرق آهي.“ ساڳي وقت تي فرانس جي مشهور مصنف mannel cosquin Im پڻ انهيءَ راءِ جي پرزور حمايت ڪئي.

سنڌ ۾ ڪهاڻين جو سلسلو نهايت ڪهنو آهي ۽ اهي ڪهاڻيون گھڻو ڪري سڀ زناني ڪٿائون آهن. جي سيني به سيني هلنديون آيون آهن. انهن جو دارومدار محض زباني روايتن تي آهي نه ڪنهن لکيل متن تي اهي سڀ پيڙهين کان هلنديون اچن.

انهن ڪهاڻين ۾ اهڙيون دلبهار جذبي، سان ڀر پور ڳالهيون آهن. جي انساني امنگن کي کڙو ڪيو ڇڏين ۽ وري انهن ۾ اهڙيون روايتون ملن ٿيون، جن ۾ گھرا انساني جذبا، آٿتون ، اُميدون آسرا، سڌون ۽ محبتون لڪل آهن، جو انهن ۾ اسين جھاتي پائي سنڌي ماحول ،مزاج، تهذيب ۽ سوچ ويچار جي لاڙن جون چٽيون پٽيون تصويرون ڏسي سگھون ٿا. انهن سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ بهادري جا ڪارناما، محبت ۽ عشق سان ڀريل ڳالهيون، قومي قبائلي عظمتن جا قصا، پرين، ديون، ۽ راڪاسن جون ڏند ڪٿائون سمايل آهن؛ مگر انهن سڀني ۾ اسان جي سنڌي ادب جا اڻمٽ ۽ املهه دفتر آهن.

مضمون جي لحاظ کان لوڪ ڪهاڻين کي چئن ڀاڱن ۾ ورهائي سگھجي ٿو.

1  ڏند ڪٿائون.

2  پرين، ديون، راڪاسن ۽ جنن وغيره جون ڪهاڻيون

3  روايتي يا نيم تاريخي قصا

4  جانورن جون آکاڻيون. (جي ننڍي هوندي وندر لاءِ بيان ڪيون وينديون آهن)

ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته: ”لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ادب جو نهايت ئي اهم ڀاڱو آهن، ڇا ڪاڻ جو نه رڳو اهي لوڪ ادب جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو آهن، پر اهي انساني نفسيات، توهمات ۽ ابتدائي اعتقادات جي آثارن جو آئينو آهن“   

علم الانسان جي ماهرن وٽ لوڪ ادب جي هن قديم ذخيري يعني ”لوڪ ڪهاڻين“ جي وڏي اهميت آهي، ڇا ڪاڻ ته انهن جي گھري مطالعي مان قدري انسان جي نفسياتي ۽ ذهني ارتقا جي تاريخ تي روشني پوي ٿي.

لوڪ ڪهاڻيون ڄڻ لفظن ۽ بيانن جي صورت ۾ جھونا کنڊر آهن، جن جي ولڻ ۽ ويچارڻ سان انسان جي آڳاٽن وهمن ۽ ويچارن خوشين ۽ خوفن، مرادن ۽ مقصدن، حڪمتن ۽ حيلن، ڪاميابين ۽ ناڪاميابين جي نوعن ۽ نمونن جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

ديو، پريون ۽ جن وغيره ڪردار، انساني تاريخ جي نسبتاّ اوائلي دور جو ياد گار آهن. اهو انسان جي محدود علم ۽ تجربي وارو دؤر هو. جڏهن اڃا هو فطرت جي طبعي واقعن ۽ فطري مشاهدن جي ماهيت کان بي خبر هو. سج، چنڊ، باھ، ۽ پاڻي سندس واسطي ديوتا هئا. گوڙ، مينهن ۽ طوفان کي ديون جي اچڻ سان تعبير ٿي ڪيائين ۽ سهڻي سهائي رات کي پرين جي آمد جي تياري تصور ٿي ڪائين. جادوگرن جادوگرياڻين ۽ ڏائڻين وغيره جو تخيل نسبتاّ پوءِ واري انهيءَ ٻئي دؤر جو آهي، جڏهن انساني دماغ ترقي ڪئي هنرمند انسانن پنهنجون تجويزون سٽيون ۽ انوکيون اٽڪلون رٿيون. اهي تجويزون ۽ اٽڪلون عام سمجھ کان اوچيون هيون۽ انهيءَ ڪري اهو ويساھ پيدا ٿيو ته انهن انوکين اٽڪلن ۽ تجويزن ذريعي انسان ديون، پرين، ۽ جنن جو مقابلو ڪري سگھن ٿا؛ بلڪه انهيءَ کي مطيع ڪري سگھن ٿا. اهي نيون اٽڪلون ۽ تجويزون، جن ۾ منڊ ۽ منتر ، ڇنڊا ۽ ڦيڻا ، ڌوپ ۽ واس ٻيا انوکا سوڻ ۽ ساٺ توڙي ڪرتب ۽ هٿ ناٽ شامل هئا، تن کي جادوءَ جي نالي سان سڏيو ويو.

بادشاهه ۽ وزير ، شهزادا ۽ راڻيون نسبتاّ انساني تاريخ جي هن بلڪل پوئين دؤر جا ڪردار آهن، جڏهن انسانن جا گروھ آباديون ڪري، بستيون بنائي،سڪون پذير ٿيا. سندن سماجي نظام ڳوٺن ۽ تڪن جي دائري کان وڌيڪ وسيع ٿيو ۽ خانداني ابن ڏاڏن يا مخصوص مقامي سردارن جي اختيار کان ٻاهر نڪري ويو. انهيءَ ڪري منظم ۽ طاقتور سردار ، راجا يا بادشاهه تسليم ٿيو ۽ ان جي وجود سان وزير راڻيون ۽ شهزادا وجود ۾ آيا. اهو اندازاّ گذريل پنجن هزارن ورهين وارو دؤر آهي، جنهن جي ابتدا جي چٽي خبر نه آهي. البت مصر جي فرعونن ۾ ”بادشاهي تجمل“ پنهنجي پوري ٺاٺ سان نظر اچي ٿو.

لوڪ ڪهاڻين ۾ ديون ۽ پرين ، جنن ۽ جادوگرن ، ڏائڻين ۽ ڌوتين وارا تخيل انسان جي وهمن ۽ وسوسن جا آڳاٽا عنصر آهن ۽ انهيءَ لحاظ سان اهي ڪهاڻين جا قديم يا ڪهنا ڪردار آهن. مٿيان ڇھ ڪردار، سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي سٽاءُ جا مکيه جزا ۽ آڳاٽا عنصر آهن. انهن مان ديو، پريون ۽ جن ٽيئي غير انساني جانيون آهن ۽ جادوگر، جادوگرياڻيون، ڏائڻيون ۽ ڌوتيون انساني گھروھ مان آهن. منجھانئن ٻين سڀني ۾ بديءَ سان گڏ ڀلائي جي وصف پڻ موجود آهي مگر ڏائڻيون ۽ ڌوتيون محض بديءَ جا ڪردار آهن، جن ۾ ڀلائي بنھ آهي ئي ڪا نه.

ڏائڻيون ۽ ڌوتيون ٻه اهڙا انساني ڪردار آهن جيڪي نفرت جي علامت آهن. انهن ڪردارن کي هميشه پنهنجون محروميون ئي سامهون هونديون آهن. پنهنجي محرومين جو بدلو هو ان صورت ۾ وٺنديون آهن ته ، انسان ذات کي ڪنهن به طرح سان ايذائجي. ٻين کي تڪليف ۾ وجھي ڏسي، اهي ڪردار خوشي محسوس ڪندا آهن. اهي ٻئي ڪردار اڄ جي جديد دؤر تائين موجود آهن.

لوڪ ڪهاڻين جو سٽاءُ فني ناهي، بلڪه فطري آهي،ڇا ڪاڻ ته لوڪ ڪهاڻي عوام جي سادي ذهن ۽ طبع جو عڪس آهي ۽ سندن وندر ۽ ورونھ جي ضرورت کي آسان ۾ آسان نموني پورو ڪندڙ آهي.

لوڪ ڪهاڻيون سٽاءَ جي حوالي سان ٽن حصن ۾ ورهايون ويون آهن:

1 ”ماهنڍ“ : جيڪا سادي ۽ ننڍي ٿئي ٿي.

2 ”ڪنڍي ڪهاڻي“ هن کي لڙهي ڪهاڻي به چيو ويندو آهي. هيءَ ڪهاڻي ڪجھ وڏي هوندي آهي.

3 ”ٿڙ ڏار ڪهاڻي“ هيءِ ڪهاڻي ڪافي ڊگھي ۽ پيچيده ٿيندي آهي هڪ ڪهاڻيءَ مان ٻيون ڪهاڻيون جنم وٺنديون آهن. لوڪ ڪهاڻيون ڪنهن خاص مقصد يا خيال سان ڪنهن ڪين لکيون آهن، اهي وندر يا ورونھ ۽ حڪايت خاطر غير ارادي طور اسريون ۽ رائج ٿيون انهن جا عنصر ڪي آڳاٽا آهن ۽ ڪي ڪردار ڪهنا آهن. مگر جيئن ته اُهي انساني ذهن جي پيداوار ۽ انساني زندگيءَ جي تجربن جو يادگار آهن. انهيءَ ڪري انهن جي سٽاءُ ۾ عوام جي وهمن ۽ وسوسن توڙي زندگيءَ جي ڪن سماجي پهلوئن جو عڪس نظر اچي ٿو. اسان جي سنڌي ادب ۾ سورٺ ۽ راءِ ڏياچ، دودو چنيسر ، عمر مارئي ۽ مورڙو مير بحر چارئي نيم تاريخي داستان آهن، جن ۾ سورهيائي، واعدي وفائي، عقل ، عزت ۽ ڏاهپ جا موضوع سمايل آهن. لوڪ ڪهاڻين جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا، جن مان سنڌي سماج جي سياسي ثقافتي روين جي عڪاسي پڻ ٿئي ٿي:

ليلا چنيسر، مومل راڻو، هير رانجھو، سسئي پنهون ۽ سهڻي پنج ئي روماني داستان آهن ، جن کي پڙهڻ سان محبت ۾ قربان ٿيڻ ۽ پنهنجي محبوب تائين پهچڻ جو سبق ملي ٿو.

هر داستان ۾ الڳ الڳ واٽون ڏنل آهن. پر انهن جو اصل مرڪز يا محور هڪ آهي ۽ اهو آهي محبت ۽ قرباني.

ليلا چنيسر: ٻن محبت ڪندڙ ڪردارن جي ڪهاڻي ۽ ان محبت ۾ ان وقت ڦيٽو پوي ٿو. جڏهن ليلا هڪ هار تي موهت ٿي، هار جي عيوض پنهنجو محبوب هڪ رات لاءِ ٻي عورت ڪنئرو جي حوالي ڪري ٿي. انهيءَ طرح سان ليلا اها غلطي ڪري پنهنجو محبوب وڃائي ويهي ٿي هن قصي  ۾ لالچ جو انجام ڏيکاريو ويو آهي.

داستان مومل راڻو: هن قصي ۾ ”دولت جي لالچ ، مڪر سان ماڻهن کي ڦرڻ ۽ شڪ هڪ بري شيءِ جھڙا عنصر سامهون اچن ٿا.

سهڻي ميهار: هن ڪهاڻيءَ ۾ سماجي برائي جي نشاندهي ٿيل آهي، هڪ عورت جيڪا ڪنهن مرد سان محبت ڪري ٿي ۽ سندس والدين ڪنهن ٻئي سان ان جي شادي ڪرائن ٿا. سهڻي جيڪا ميهار جي محبت ۾ ئي زندگيءَ جي سچي خوشي محسوس ڪري ٿي. اها ان زور جي شاديءَ جي ڪا به پرواھ نه ٿي ڪري. سماجي پنڌڻن جي باوجود محبوب سان ملڻ لاءِ دلي تي تري دراياءُ پار ڪري ملندي رهي ٿي. پنهنجي محبت ۽ محبوب سان سچائي جو ثبوت ڏيندي رهي ٿي. سهڻيءَ جي گھر ۾ ڪن عورتن کي اها کڙڪ پوي ٿي، اهي محبت جي ماريءَ سان دوکو ڪن ٿيون. پڪي گھڙي جي جاءِ تي ڪچو گھڙو رکن ٿيون ، سهڻي اهو دلو کڻي پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ مهراڻ جي موجن سان مهاڏو اٽڪائيندي وڌندي رهي ٿي. ڪچو گھڙو ڀرڻ لڳي ٿو ۽ سهڻي ٻڏندي پنهنجي محبوب کي سڏڙا ڪري ٿي ميهار سڏ ورائيندو سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏئي ٿو. هن داستان ۾ هڪ عورت جي پنهنجي حق گھرڻ لاءِ جدوجهد آهي، اهو حق جڏهن کيس نٿو ڏنو وڃي ته هوءَ سماج جي ريتن کي به لتاڙي ڇڏي ٿي.

دودو چنيسر: هن داستان ۾ قومي غيرت سورهيائي، ڌرتيءَ مٿان سر قربان ڪرڻ ۽ سامن ٿي سرُ ڏيڻ جو سبق ملي ٿو. سامن تي سر ڏيڻ جو مثال دنيا جي ڪنهن به تاريخ ۽ لوڪ ادب ۾ ڪٿي به نٿو ملي. اهو صرف سنڌ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جو شان ئي رهيو آهي.

عمر مارئي: هن داستان ۾ عورت جي حوالي سان پنهنجي وطن سان محبت جو لازوال مثال موجود آهي. مارئي کي قيد جون تڪليفون ، بادشاهي آرام ۽ طعام جون لالچون، مارن ۽ مٽيءَ جي محبت کان منهن موڙائي نٿيون سگھن ۽ مارئي قيد جون تڪليفون براداشت ڪري. ثابت قدم رهي لوئي جي لڄ رکي آزادي ماڻي پنهنجي مارن سان اچي ملي ٿي. لوڪ ادب جي هنن قصن ۽ ڪهاڻين مان اسان کي پنهنجي قوم جي عظيم ماضيءَ جو پتو پوي ٿو. ماضيءَ جي عظيم ريتن، رسمن سماجي، سياسي ثقافتي ورثن جو پتو پڻ پوي ٿو. اهي لوڪ ڪهاڻيون محض وندر لاءِ ئي نه آهن پر انهن جي اندر قومن جي عروج ۽ زوال جا داستان به سمايل آهن. قومن جي نشو و نما ۽ ذهني ارتقا جو ڏس به اسان کي لوڪ ڪهاڻين مان پوي ٿو.

حوالو

1 سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ.(الله بخش نظاماڻي)

2 سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (جلد پهريون)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

3 سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)

4 مشهور سنڌي قصا، سنڌ جو رزميه

داستان- 1 دودو چنيسر (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ). 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com