سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  3/ 1997ع

مضمون --

صفحو :6

رحمت الله ابڙو

ڳاڙها ڳوڙها، اڇو رت

مرحوم رحمت الله ابڙو پنهنجي قلمي نالي ”علامه مستانو سيوهاڻيءَ“ جي حوالي سان گهڻو سڃاتو وڃي ٿو. بيشمار ڪالم، ڪهاڻيون افسانه ۽ ڪجهه ناول پڻ لکيا اٿس، جن مان ٻه ناول ڇپجي چُڪا آهن، رحمت الله ابڙي ڪجهه سچيون ڪهاڻيون به لکيون، جن جو تعلق معاشرتي  بدعنوانين ۽ منفرد سوچ رکندڙ ماڻهن سان آهي. سندس انهن ڪهاڻين منجهان هڪ ڪهاڻي اوهان تائين پهچايون پيا – ايڊيٽر

اڪرم جڏهن کان ڪڻڪ جي لاباري تان پارَ کان موٽي آيو هو ته پنهنجيءَ زال ڪريمان جي حالت ڏاڍي بدليل ڏٺي هئائين. هر وقت ٿڌا شوڪارا، چهري تي اُداسي، اکين ۾ ڳوڙها ۽ غصو، ڳلن تي لالاڻ بجاءِ ڪاراڻ، ڏينهن هجي يا رات، اڪرم جي اڳيان ڪريمان جو ڪنڌ  هر وقت جهڪيل، ۽ طبع ۾ اهڙو انتشار، چڻ هوءَ اڪرم اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙِ ئي نه هجي، ڄڻ اصل لڄي پئي ٿي.

اڪرم کانئس ور ور ڪري انهيءَ مونجهه ۽ بي آراميءَ متعلق خلاصو ٿي پڇندو رهيو. پر ڪريمان کيس ڪجهه به نٿي ٻڌايو. هر وقت ائين چئي ٽاري ڇڏيائين ٿي ته  پيڪا ٿا ياد پون ۽ ڳوٺ جون ساهيڙيون ٿيون دل تي اچن، پر اڪرم کي انهيءَ ڳالهه تي ان ڪري اعتبار نه ايندو هو جو شاديءَ کان پوءِ به اڪرم ٻه مهينا گهر ۾ رهيو هو. پر ڪڏهن به ڪريمان کي ائين غمگين نه ڏٺو هئائين، ٻنهي جي محبت جي شادي هئي، کين هڪ ٻئي تي پورو ڀروسو ۽ ويساهه هوندو هو.

اڪرم کي اُهو ڏينهن به چڱيءَ طرح ياد هو. جڏهن هو پنهنجي ڳوٺ وارن سان گڏجي ڪڻڪ جي لاباري واسطي درياءُ جي هُن  پار ويو پئي ته کيس ڪريمان چيو هو.  وهندو ئي اچجانءِ! گهر ۾ رڳو آئون، ٻي نڻاڻ اميران، ٻه تنهنجا ننڍڙا ڀائر ۽ هڪ چاچو آهيون.“ ۽ پوءِ جڏهن اڪرم هڪ مهينو  پار رهي واپس گهر پهتو ته ٻيا ڀاتي ته ڏاڍو خوش هئا پر ڪريمان اڪرم کي ڏسي اوڇنگارون ڏيئي رني هئي. ڄڻ سندس اوڇنگارن ۾ ڏکن ۽ سورن جا وڏا داستان لڪل هئا،پر اڪرم انهن اوڇنگارن کي وڇوڙي جو اشارو ڀانئي ڪريمان کي  ڀاڪر وجهي پرچايو هو ۽ اڳتي گهر نه ڇڏڻ جو واعدو ڪيو هو.

ڪريمان جا ٿڌا شوڪارا  ۽ غمگيني اڪرم لاءِ هڪ ڳجهارت ٿي پئي، هن جي دل ۾ وهمن ۽ وسوسن جا اوٿر اٿڻ لڳا، شڪ ۽ شبهات جا واسينگ هن جي اصول ۽ غيرت کي ڏنگڻ لڳا، هن جو حوصلو ۽ عقل ڪريمان جي خاموش ڳوڙهن ۽ اونهن ساهن جي وچ ۾ اچي چيڀاٽجي چڪو هو، اڪرم ڪنهن احساس جي زد ۾ اچي ڪنهن اونهي اسرار ۾ گم ٿي ويو، گهر ۾ يا ٻنيءَ ۾ ڪريمان جي حالت هن لاءِ وڏو خطرو ثابت ٿي چُڪي هئي، پنهنجي ليکي ڳجهي طور تي ڏاڍي جاچ ڪيائين، ته من هن ڳالهه جو اصل بنياد معلوم ٿئي، پر هو ناڪام ويو، کيس ڪو پتو نه  پئجي سگهيو.

زال سان جنون جي حد تائين پيار، ڀيڻ سان اندر جو احوال، ۽ پيءُ سان دلي ڳالهيون . . . پر هينئر کيس نه ڀيڻ جي  ڀڻ ڀڻ ٿي وڻي ۽ نه پيءُ جون ڳالهيون هو جڏهن به ڪريمان کان هن جي اندر جي اُڌمن بابت سچي ڳالهه پڇندو هو ته کيس اهو ئي جواب ملندو هو ته ساهيڙيون ۽ تو سان ڪيل واعده ٿا ياد اچن تڏهن ٿو اکين منجهان پاڻي وهي.

پر تعجب اهو هو جو اڪرم جڏهن به کيس اباڻي ڳوٺ (پيڪي) وٺي هلڻ لاءِ چوندو هو ته ڪريمان کيس ڪنڌ ۾ ٻٽو ڀاڪر پائي چوندي هئي، ”منهنجو ڳوٺ تون آهين، منهنجين ساهيڙين جي سرهاڻ تنهجي ڇاتيءَ جي هنن گهاٽن وارن منجهه آهي، آئون ڳوٺ وڃي ڇا ڪنديس؟“ ته اڪرم کي ڪنهن ڳالهه جي اعتبار اچڻ بجاءِ، رهندو سندس وهم ۽ گمان وڌي ويندو هو.

اڪرم پنهنجيءَ ڀيڻ کان راز جي ڳالهه پڇي، جنهن چيو ته مون کي ڪا به خبر ڪانهي. اڪرم وري پنهنجي پيءُ  کان ڪريمان جي رٺل نصيب بابت پڇا ڪئي، پر هن به کيس ڪو اطمينان جوڳو جواب ڪو نه ڏنو.

اڪرم جي پريشانيءَ هن جي ذهن ۽ دل ۾ غصي ۽ اضطراب جو ٻارڻ ٻاري وڌو، پوک جي ڪم مان دلچسپي هٽائي پنهنجي گهر ۾ گذارڻ لڳو، پر ڪيستائي؟ اڄ واهوندا وهي آيا آهن. سانوڻيءَ جو ”لَپو“ لڳو آهي، ۽ هر ڪو هاري ناري پيو هر سنڀاري ۽ ڪوڏرون پيو ٺپرائي.

راتيون کلي پيون آهن. مٿي ڪوٺي تي اڪرم پنهنجيءَ زال کان سموري ڳالهه جي سختيءَ سان پڇا ڳاڇا ڪئي آهي، جنهن جي جواب ۾ روئندي، ڪريمان فقط هي ٻه لفظ ڪڍي سگهي آهي ته ”مان تنهنجي اڳيان ڪوڙي ٿي پيئي آهيان ۽ پنهنجو واعدو نه پاڙي سگهي آهيان.“

اڪرم کي ٻئي ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيون، بهرحال هو سمهي پيو،.سويل اٿي ٻنيءَ ڏانهن هلڻ جا سانڀاها ڪرڻ لڳو.ان وقت  پڻس ڀورل قرآن پاڪ جو ورد پئي ڪيو، ۽ ڀيڻس ڀر واري گهر ڏانهن وئي پئي، ڇو جو ان گهر ۾ رات ٻار ڄائو هو. اڪرم ڪوڏر ۽ ڪهاڙي کڻي سوچ جي  اونهي اوڙاهه ۾ غرق ٿيو بيدليو ٻنيءَ ڏانهن هليو ويو. رات واريءَ دؤنس ۾ کانئس گهران ٻيڙيون کڻڻ وسري ويون، سو ٻنيءَ تي وڃي وري واپس موٽي پيو، ۽ جڏهن گهر جي در تي پهتو ته در اندران ڏنل هو، جيڪا ڳالهه معمول جي خلاف هئي، هن ڪڙو نه کڙڪايو، ۽ ڪن ڏيئي ڪجهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. کيس رڳو ڪريمان جو ڏڪندڙ آواز پيئي ٻڌڻ ۾ آيو، ڄڻ ڪنهن سان وڙهي رهي هجي.هن ڪوڏر ٻاهر ڦٽي ڪئي، ۽ پوئين ڀت ٽپي ڪهاڙيءَ سوڌو آهستگيءَ سان اندر اڱڻ ۾ پهچي ويو. ته وري کيس ساڳيو سُرٻاٽ ٻڌڻ ۾ آيو، هو ڪهاڙيءَ سوڌو ورانڊي جي ويجهو وڃي ٿيو ته هي لفظ چٽا ٻڌڻ ۾ آيس، ”اڄ منهنجي ويجهو نه اچجانءِ! نه ته هيءَ ڪاتي منهنجي پيٽ ۾ هوندي. . . . اڄ مون کي مرڻو آهي، گهڻا دفعا منهنجي بيعزتي ڪئي اٿئي.  . . . اڄ آئون نڌڻڪي ناهيان. . . منهنجو ڌڻي ڄاڻ ٻنيءَ کان آيو ۽ اجهو آيو. . .“ ته اڪرم  ڪهاڙيءَ سوڌو ورانڊي ۾ داخل ٿي، پٺيري همراهه کي ڀُرڪڍي ڪنڌ ۾ جو ڪهاڙي هنئي ته مڙس ڍير ٿي پيو ۽ جڏهن کيس ٻي هڻڻ لاءِ اولاريائين ته رڙ نڪري ويس. ”بابو! . . . بابو! بابا، تو هي ڇا پئي ڪيو!“

اڪرم کان ڪهاڙي هٿن مان ڪري پيئي پوءِ، ته ٻئي ڄڻا اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيا، ٻنهي جا ڳوڙها رنگ رتول ۽ ڀورل جو رت ڄڻ اڇو هِرکُ. . . .

محمد دائود بلوچ

رتنا

هوءَ چري هئي، جنهن کي نه پنهنجي خبر هئي نه ٻئي جي، چار اٽينڊنس کيس ٽنگن ۽ ٻانهن کان پڪڙي ٽنگو ٽالي ڪري کڻي پئي ويا. هوءَ ڪافي عرصي کان چرين جي اسپتال ۾ هئي ۽ سندس ڪو به ڌڻي سائين ڪو نه هو. مون کي سندس رحم جوڳي حالت ڏسي، مٿس ترس آيو. سوچيم: هن سان هيڏو ڪلور ڇو ٿو ڪيو وڃي. هي ڪو علاج جو طريقو ته ڪو نه آهي. بلڪه جسماني عذاب آهي، جسماني عذاب ڏيڻ سان يا مارڻ سان گهلڻ سان يا ٽنگو ٽالي ڪرڻ سان هن جو ڪهڙو نفسياتي علاج ٿيندو. پاڻ هن جي ذهن تي وڌيڪ خراب اثر پوندو.

مون هنن کي چيو ته هن کي ڇڏيو ته مان هن سان ڪجهه ڳالهيون ڪريان. ان کان اڳ مون کانئن پڇيو ته هن کي هيئن گهلڻ مان ڇا مراد آهي، هيئن مارڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو رسندو. يا هن کي ڪهڙو فائدو رسندو. هن اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جنهن جي کيس سزا ملي رهي آهي.انهن مان هڪڙي چيو:

”هيءَ پندرهن سالن کان هتي رهي ٿي ۽ باغ ۾ ٻوٽن ۽ ڪونڊين کي پاڻي ڏيڻ ۽ ٻين مريضن (چرين) کي ماني کارائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. مگر اڄ هن کي الائي ڇا ٿيو جو ڪيتريون ڪونڊيون ڀڃي ڇڏيائين. تڏهن اسين کيس وارڊ ۾ بند ڪرڻ لاءِ ٽنگو ٽالي ڪري کڻي وڃي رهيا آهيون.“

مون هن کي سگريٽ ڏنو هن اهو خوشيءَ سان قبول ڪيو. هن اسپتال ۾ مريض اڪثر ڪري سگريٽ، ٻيڙي ۽ شيءِ شڪل لاءِ واجهائيندا رهندا آهن. مون هن کي سوپاري ڏني، جا هن بروقت مٽ ۾  وڌي. پوءِ اسين اتي ئي مرداني وارڊ جي سامهون واري پارڪ ۾ وڃي وڻ جي ڇانوَ هيٺ ويٺاسين.

مون کانئس ڪيترائي سوال ڪيا. سندس هسٽري جي پڇا ڪئي. کانئس معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هيءَ اسپتال جيڪا سر ڪانجي تعمير ڪرائي جنهن جي نالي جي تختي اڃا تائين لڳل آهي. هتي مريضن کان يا جيڪي مريض پاڻ نه ٻڌائيندا آهن ته سندس عزيزن کان ان جي هسٽري پڇندا آهن.۽ اها لکندا آهن. ۽ ان هسٽريءَ جي بنياد تي انهن مريضن جو نفسياتي علاج ڪندا آهن.

هن چيو: ”منهنجو نالو رتنا ڪماري آهي، مان اصل ۾ هندو خاندان سان تعلق رکان ٿي. برهمڻ آهيان. مان ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان نپني هيس ۽ جوان ٿيس. منهنجو  ننڍپڻ جو ساٿي رتن هو، جيڪو گهٽ ذات جو هو. اسان کي گهٽ ذات وارن سان راند روند جي به اجازت نه هئي. وقت گذرندو ويو  منهنجو رتن سان پيار ٿي ويو. مون هن سان مرڻ جيئڻ جا قسم کنيا، مون هن سان شاديءَ جا انجام اقرار ڪيا. پر مون ائين پئي محسوس ڪيو ته ڄڻ منهنجي ڳالهه تي رتن کي اعتبار ئي نه هجي. هو هميشہ پيو مون کان ڇرڪندوهو، هڪ نامعلوم ڊپ گاڏڙ خوشيءَ ۾ هميشہ پيو ٻڏندو ترندو هو. هڪ دفعي هن چيو:

”رتنا، مان سمجهان ٿو پنهنجي شادي ٿي نه سگهندي.“

”ڇو!؟“

”انهيءَ ڪري جو تون اوچي خاندان جي آهين ۽ مان گهٽ ذات جو هڪ غريب آهيان، تنهنجو خاندان ڪڏهن به اهو برداشت نه ڪندو ته ڪا پنهنجي شادي ٿئي.“

”اهو وقت ثابت ڪري ڏيکاريندو ته مان جيڪي  چوان پئي ان ۾ ڪيتري سچائي آهي. رتن مون تو سان جيڪو وعدو ڪيو آهي، اهو ڪنهن به صورت ۾ ضرور پورو ڪنديس. اهو منهنجو تو سان وچن آهي.“

”رتنا! هٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ضرورت نه آهي.اڀ اکين پيو ڏسجي، منهنجي دل چوي ٿي ته پاڻ گڏ رهي نه سگهنداسين.هڪ اوچ نيچ جو سوال ۽ ٻيو امير غريب جو سوال. آخر تو کي ڪهڙو يقين آهي جو تون انهيءَ حد تائين يقين رکيو ويٺي آهين.“

”مان تو سان لڪي لڪي شادي ڪنديس، مان تو سان ڪورٽ ۾ هلي شادي ڪنديس.“

”رتنا، جيڪي لڪي لڪي شادي ڪندا، سي ڪيترا ڏينهن لڪي رهندا. پر مون وٽ ته تو کي رهائڻ لاءِ جاءِ ڪانهي. تو کي کارائڻ پيارڻ، پهرائڻ لاءِ پئسو به ڪو نه آهي.“

”رتن! تون انهيءَ جي ڳڻتي نه ڪر، انهيءَ لاءِ پئسا به مان پاڻ سان کڻي هلنديس.“

”منهنجا غريب مائٽ تو کي پاڻ وٽ وهارڻ لاءِ به تيار نه ٿيندا ۽ نه وري مون کي جاءِ ڏيندا. ڇا ڪاڻ ته هنن ۾ اوهان سان دشمني پرائن جي همت نه آهي.“ ”پاڻ ٻئي هتان نڪري ڪنهن اهڙي هنڌ هلنداسين، جتي پاڻ کي ڪير به نه سڃاڻي. اتي اسين پنهنجي دنيا آباد ڪنداسين.“

”جيڪڏهن تون مون سان انهيءَ حد تائين پيار ڪرين ٿي ته هر حال ۾ منهنجو ساٿ ڏيندينءَ ته پوءِ منهنجو تنهنجو ساٿ دائمي رهندو دنيا جي ڪا به طاقت پاڻ کي جدا ڪري نه سگهندي.“

”پوءِ اسين رات جي تاريڪيءَ جو فائدو وٺي نڪتاسين، پنهنجي ڳوٺ کان تمام پري هڪ ٻئي ڳوٺ ۾ وڃي پهتاسين، جتي هن جو ڪو پراڻو واقف ڪار موجود هو. ان وٽ پهتاسين، هو هڪ غريب مسلمان هو. هن اسان کي پاڻ وٽ وهاريو. اسان جي سٺي خدمت ڪئي ۽ اسان کي پنهنجي گهر جي ڀرسان هڪ جدا گهر ۾ رهايو. اسان اتي خوش رهڻ لڳاسين. مون هن کي چيو ڏس رتن، مون تو سان ڪيل واعدو پاڙيو آهي. ڏس هاڻ پاڻ ڪيئن نه خوش آهيون. پر اها خوشي گهڻو وقت نه هلي. ”خون کٿوري ڪين لڪي توڙي باري بونس بار.“ هن ڳوٺ ۾ اسان جي اچڻ ۽ رهڻ جي خبر بجلي جيان گشت ڪرڻ لڳي. جيترا هئا وات اوتريون هيون ڳالهيون. ڳوٺ جي وڏيري کي خبر پيئي ته سمجهي ويو ته ضرور ڪٿان ڀڳل آهن نه ته هن ڳوٺ ۾ اچڻ جو سندن ڪهڙو ضرور هو. نيٺ هڪ ڏينهن هن سومار کي پاڻ وٽ گهرايو. جنهن وٽ اسين ترسيل هئاسين.

”مون کي خبر آهي ته تو وٽ مهمان آيل آهن. پر اهي پنهنجي ڳوٺان ڀڳل آهن. تون مسڪين آهين، تو وٽ هنن جي سلامتي ڪا نه هوندي،  چوندا آهن، ته مڙس ٿي ويهجي يا مڙس جي پاڙي ۾ ويهجي، تون منهنجي پاڙي ۾ ويٺل آهين، پاڙيسري آهين. پاڙو نبين کي به پيارو هوندو آهي. تنهن ڪري انهيءَ کان اڳ جو پاڻي مٿي کان چڙهي وڃي ۽ اسين ڪجهه به ڪري نه سگهون، اهو تنهنجي لاءِ نه پر منهنجي لاءِ به بدناموسي آهي. تنهن ڪري تون انهن کي منهنجي ٻاهرئين ڪوٽ جي اندر واري جاءِ ۾ رهاءِ. اها جاءِ مان تو کي ڏيان ٿو. جيئن کين ڪو کٽڪو به نه هجي ۽ ڪير آڱر کڻي نه سگهي. جيڪڏهن ڪٿان ڪو زور بار ٿيو ته انهيءَ کي به مان پاڻ منهن ڏيندس. تنهن کان سواءِ  هي هندو ٿو ڏسجي. هتي مسلمان ڄٽ آهن. متان ڪو کين نقصان رسائي. مون وٽ هوندا ته سڀني جي مرلي بند هوندي. تنهن ڪري منهنجي اها سهڻي صلاح اٿوَ وڌيڪ اوهان جي مرضي. پر رڳو اوهان جي مرضي نه بلڪه هي سڄي ڳوٺ جو مسئلو آهي، ڪجهه ٿيو ته سڄي ڳوٺ جي بدنامي ٿيندي نه رڳو ڳوٺ جي پر منهنجي به بدنامي ٿيندي ته وڏيري جي ڳوٺ ۾ اهڙو ڪو مڙس ڪو نه هو، جيڪو هنن کي اجهو ڏي ها.“

سومار اها ڳالهه اسان سان ڪيئي، اسان ان ۾ پنهنجو فائدو سمجهي ها ڪئي. سومار چيو ته ”مان اوهان تي زور بار نٿو ڪريان، جيڪڏهن مون وٽ هوندا ته پهرين منهنجو سر پوءِ ڪو اوهان جو نالو وٺندو. وڌيڪ اوهان جي مرضي.“

پوءِ اسين وڏيري جي ٻاهرئين ڪوٽ جي اندر واري جاءِ ۾ رهڻ لڳاسين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وڏيري مون کي گهرائي چيو:

”پوليس پيئي چڪر هڻي کين خبر پئجي ويئي آهي تنهن ڪري تون اندرئين ڪوٽ جي  اندر حويليءَ ۾ اچي رهه ۽ ڪجهه وقت ٻاهر نه نڪر ۽ وڏيري اسان جي ملڻ تي بندش وجهي ڇڏي ۽ جڏهن هن وڏيري کي اسان جي ملڻ تان بندش هٽائڻ لاءِ چيو ته وڏيري انڪار ڪيو. آخر ٻه چار دفعا چوڻ تي وڏيري کي ڪاوڙ لڳي ۽ پوءِ هڪ رات هن کي ڳوٺ ۾ بند ڪري مروئن سان وڙهندڙ ڪتن جي اڳيان ڇڏيو. پوءِ هن جي ڪيڪن ۽ دانهن آسمان پئي ڏاريو. مون کي چيائون ته  چور پڪڙيو اٿن. صبح جو هن ۽ سومار کي چوريءَ جي الزام ۾ پوليس جي حوالي ڪيو ويو، جيڪي اڃا تائين بنا دريافت جي بند پيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com