سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  3/ 1997ع

مضمون --

صفحو :17

مصنف: ڊاڪٽر نور محمد جويو

ترجمو: عطا محمد عطائي

آتم ڪهاڻي

(قسط پهرين)

22 نومبر 1976ع تي سيشن ڪورٽ نمبر 5 ڪراچيءَ جي جج جناب عبدالعزيز ميمڻ صاحب قلم 302 جي  ڪيس مان بفضل خدا مون کي باعزت آزاد ڪري ڇڏيو. در حقيقت مان ان مقدمي ۾ بلڪل بي قصور هئس، مون سان جيڪو واقعو ٿيو آهي، اهو هڪ عجيب قسم جو واقعو آهي، ۽ مان خدا تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي هي داستان بيان ڪري رهيو آهيان، مون سان جيڪو ظلم ٿيو آهي. اهو شل ڪنهن سان نه  ٿئي. هِن کان اڳ جو مان اُهو واقعو ۽ داستان ظلم بيان ڪريان، ضروري ٿو سمجهان ته پڙهندڙن کي پنهنجي متعلق ٿوري ڄاڻ ڏيان. ان بعد هن داستان کي شروع ڪندس. مان پيشي جي لحاظ کان حڪيم ۽ ڊينٽسٽ آهيان، (موجوده وقت نه) ان وقت ماچيس فيڪٽري لانڍي ڪراچي نمبر 22 ۾ عرصي 20 سالن کان مقيم هئس. منهنجو اصل ڳوٺ ضلع لاڙڪاڻي تعلقي قمبر علي خان ۾ آهي. ذات جي لحاظ کان جويو خاندان سان تعلق اٿم. جيڪو حيرت انگيز واقعو مون سان پيش آيو آهي. تنهن جو تفصيل هن طرح آهي:

منهنجي گهر واري خاتون مرحومه جيڪا حقيقت مون کي ٻڌائي هئي. بهتر ٿيندو ته مان پهرين اُها بيان ڪريان ڇاڪاڻ ته هن درد انگيز قصي جو سڄو محَور ان جي چوگرد گهمي ٿو. 20 نومبر 1957ع  منهنجي گهر واري مون کي ٻڌايو ته هڪ ڌاري زائفان گهر آئي هئي، جيڪا مون کي اَچي چوڻ لڳي ته ادي اسان سنڌ جا رهاڪو آهيون. اسان کي هتي رهڻ لاءِ ڪا مسواڙ تي جاءِ ملي ته جيڪر اسين رهون. اسان کي جاءِ جي  سخت ضرورت آهي، جنهن تي منهنجي گهر واريءَ چيو ته ادي، هتي مسواڙ تي جاءِ ملڻ ڏاڍي ڏکي آهي پوءِ هوءَ هن سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ لڳي ۽ هن کي چيائين ته ادي اصل ۾ اسان ڪنن جي صفائي ڏاڍي سٺي نموني ڪندا آهيون،جو آواز به تمام  چٽو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، جنهن تي هو راضي ٿي ۽ خواهش ٿيس ته جيڪر ڪن صاف ڪرائجن ته ڏاڍو سٺو ٿيندو هن کيس چيو ته منهنجا ڪن صاف ڪر.پوءِ هن اجنبي عورت هن جا ڪن صاف ڪيا ۽ هلي ويئي ۽ وڃڻ وقت چوندي ويئي ته ڀيڻ جيڪڏهن ڪو خالي گهر ٿئي ته مهرباني ڪري اسان کي وٺي ڏجان مان وري  چڪر تي اينديس، ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد، ان ساڳي عورت جو آواز هن کي ٻڌڻ ۾ آيو، ڄڻ پاڙي مان ڪو ڳالهائيندو هجي. هن جو آواز صاف ۽ چٽو هو. هوءَ چئي رهي هئي ڀيڻ خاتون اسان توهان جي پاڙي ۾ جاءِ  مسواڙ تي ورتي آهي ۽ اسان هينئر اُتي رهون پيا. مون سان گڏ منهنجو ڀاءُ به رهي ٿو، جيڪو بلڪل ڪنوارو آهي. مان چاهيان ٿي ته پنهنجي ڀاءُ جي ڪنهن خوبصورت عورت سان شادي ڪرايان. اهڙي خوبصورت جهڙي تون آهين، ان بعد هن کي هڪ مردانو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو ان عورت کي مخاطب ٿي چئي رهيو هو ته ادي ڇا ڊاڪٽر جي زال اهڙي حسين آهي، جنهن جون اهڙيون تعريفون ڪري رهي آهين هوءَ زائفان پنهنجي ڀاءُ کي چوڻ لڳي ته ادا ڇا ٻڌايان ڊاڪٽر جي زال انتهائي خوبصورت آهي، مون کي ڏاڍي وڻي آهي، جنهن تي مون جواب ڏنو ته اوهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو جو گهر ويٺي اهڙيون غلط ڳالهيون ڪري رهيا آهيو.اهڙيون ڳالهيون مون کي پسند نه آهن. شرم ڪريو منهنجا پاڙيسري اُهي ڳالهيون ٻڌي ڇا سوچيندا. آئينده خبردار اهڙيون بي حيائيءَ جون ڳالهيون مون سان ڪيون اٿوَ ٻيءَ حالت ۾ آءُ پنهنجي مڙس کي اوهان جي حرڪتن جي باري ۾ ٻڌائينديس. اگر منهنجي گهر واري کي اُهي حقيقتون معلوم ٿيون ته اوهان جو خير نه آهي. مون کين چيو ته ايترو پري کان اوهان مون سان ڪهڙيءَ طرح ڳالهايو پيا، جنهن تي ان عورت چيو ته ادي خاتون ڪن کولي ٻڌ! توکي ياد هوندو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مان تنهنجي گهر آئي هيس، مون تهنجا ڪن صاف ڪيا هئا، ڪنن جي صفائي ڪندي مون هڪ تعويذ جون  گوليون انتهائي هوشياريءَ سان تنهنجي ڪنن ۾ وجهي ڇڏيون هيون، جنهن جي تو کي خبر پئجي نه سگهي، اها سڀ انهن گولين جي ڪرامت آهي،اهي تعويذ جون گوليون هينئر اسان جي قبضي ۾ آهن، جيڪي اسان هڪ جن کان حاصل ڪندا آهيون۽ جيڪو به اسان جو چوڻ نه ڪندو آهي، اسان هن کي ان جن جي ذريعي مارائي ڇڏيندا آهيون. مگر اسان کي تو سان محبت ٿي ويئي آهي تون ڪنهن به قسم جو ڊپ ڊاءُ نه ڪر، تنهنجي اسان جي ڳالهه ٻولهه ٻيو ڪو به ماڻهو ڇيڻو ٻڌي نه سگهندو.

اگر تون چپن ۾ ڳالهائيندينءَ يا دل ۾ ڳالهائيندينءَ ته به اسان چٽو ٻڌي سگهون ٿا ويندي جو اگر  تون دل ۾ خيال ڪندينءَ ته به اسان ٻڌي سمجهي سگهون ٿا. مطلب هاڻي تنهنجي هر سوچ، خيال ۽ ويچار چٽو پٽو ٻڌون پيا. اهڙي طريقي سان اسان هميشہ اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ گفتگو ڪندا رهنداسون. جنهن کي ڪير به ٻڌي نٿو سگهي، چاهي هو ڪيترو به ويجهو ويٺو هجي. اسان جي ڪنن ۾ پڻ گوليون پيل آهن. تون ڪو به ڊڄ ۽ خوف متان ڪرين. ان بعد اُها مڪار عورت چوڻ لڳي. منهنجو ڀاءُ تو کي پسند ڪري ٿو ۽ تنهنجو مٺڙو آواز هن کي تمام گهڻو وڻي ٿو، جنهن تي مون کين چيو ته اها اوهان جي غلط فهمي آهي.آئون اوهان جي ڦندي ۾ ڪڏهن به ڦاسڻ واري ناهيان. اها حقيقت آهي  ته جڏهن هنن جي واتان مون جن جو نالو ٻڌو ته مون کي تام گهڻو ڊپ وٺي ويو ۽ پوءِ مان هنن سان ڊڄي ڊڄي ڳالهائيندي هئس. مگر منهنجي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هنن کان ڪيئن جند ڇڏائجي، ڪڏهن ڪڏهن غيرت ۽ غصي ۾ اچي . ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ کي گارگند به ڪندي هئس. مگر هو ڪڏهن به ناراض نه ٿيندا هئا.  جيتوڻيڪ مان زبردست ذهني اذيت برداشت ڪندي رهان ٿي. پوءِ مون سوچيو ته ڪهڙي به طريقي سان مان انهن کان اِهي گوليون حاصل ڪري پنهنجي مڙس کي ثابتيءَ لاءِ پيش ڪريان ته من هو ڪجهه ڪري ۽ منهنجي ان اذيت کان جند آزاد ٿئي. منهنجي گهر واريءَ ٻڌايو ته اِهو فيصلو مون ان وقت دل ۾ڪيو، جنهن وقت رات جو وقت هو ۽ سڄي ڪائنات آرام جي جهوليءَ ۾ مٺي ننڊ ۾ هئي. ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ جڏهن به منهنجي گهر واري ڪجهه سوچيو ٿي. هنن ظالمن کي ان جي فوري طور خبر پئجي ٿي ويئي. منهنجي زال ٻڌايو ته پوءِ مون پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته ڪيئن به هنن وٽان اِهي گوليون حاصل ڪري رهنديس. هاڻي منهنجي گهر واري جي زباني ٻڌندا.

خير سان پوءِ رات گذري، ڏينهن ٿيو. پکي پکڻ پنهنجي آکيرن مان اُٿي روزيءَجي تلاش ۾ هليا ويا سج ڪني ڪڍي ساري جهان کي روشنيءَ ۾ منور ڪري ڇڏيو. مون هنن سان سلسلو ملايو ۽ ساڻن مٺيون ڳالهيون ڪرڻ لڳس، جيئن هنن جو مون تي پورو ويساهه ڄمي وڃي. مون هن مڪار عورت کي چيوته ڀيڻ مان تنهنجي ڀاءُ سان سچي محبت ڪريان ٿي. مان ان سان هر صورت ۾ شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيا، مگر مان پنهنجي مڙس جي جيئري اِهو ڪيئن ڪري سگهان ٿي، منهنجو شرط آهي ته پهرين هن کان نجات ڏياريو پوءِ اهو ڪم تمام آسانيءَ سان ٿي سگهندو.

ٻي صورت ۾ مان ائين ڪري نه سگهنديس. ڇو ته مون کي ڇهه ٻارآهن. تن کي ڪيئن ڇڏي توهان وٽ اينديس. منهنجي زال ٻڌايو ته اها ڏائڻ نما عورت منهنجي ڳالهه ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي ۽ چوڻ لڳي. اسان تنهنجي هر طرح سان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هينئر اسان کي توتي پورو پورو يقين ٿي ويو آهي ته تون اسان جي ڀاڄائي ٿيڻ  واري آهين. اسان تو کي تنهنجي مڙس کان جلدي آزادي ڏيارينداسون.

ڊاڪٽڙ محمد يعقوب مغل

موجوده دور ۾ نسواني تعليم جي ضرورت

ڊاڪٽر مغل صاحب هي مضمون، جيتوڻيڪ 35 سال اڳ شاگرديءَ واري زماني ۾ جڏهن پڻ اڃا انٽر آرٽس ۾ پڙهندو هو،لکيو هو.پر لڳي ائين ٿو، ته ڄڻ اڄوڪين حالتن کي نظر ۾ رکي اُن وقت لکيو آهي.

هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل جيڪي تجويزون ڏنيون آهن، سي يقينن سنڌي سماج ۽ سنڌي عورت جي تعليم۽ ترقي ۾ معاون ثابت ٿي سگهن ٿيون.بهرحال پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هي مضمون پيش ڪري رهيا آهيون.

ادارو

اسانجي قوم ايتري قدر پست ڇو آهي؟ مسلمانن جا ٻار گهٽين ۾ آواره ڦرندا ڇو نظر اچي رهيا آهن؟ هيءُ قوم بيپناڪ ۽ گداگر ڇو بڻجي ويئي آهي؟

مسلمان قوم جي تباهي و بربادي، ڪسمپرسي، بيڪسي، جهالت ۽ بدحاليءَ جا انيڪ سبب آهن، مگر سڀ کان اهم سبب صنف نازڪ کان لاپرواهي آهي.

اسان جي نبي سڳوري جن جو ارشاد گرامي آهي. ته ”طلب العلم فريضته عليٰ کُلِ مسلم و مسلمته“ يعني علم سکڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي. اسلام کان سواءِ ڪنهن به مذهب ۾ عورت تي تعليم فرض نه ڪئي ويئي آهي. مگر اسان مسلمانن جي ستم ظريفي ته ڏسو ته اسان رسول اڪرم صلعم جن جي فرمودي کي وساري ڇڏيو ۽ عورت کي گهر جي چؤديواريءَ ۾ بند ڪري پنهنجي برتري ۽ بلندي جو نعرو هڻڻ لڳاسين. اسين مسلمان هميشه غفلت جي نشي ۾ مست هوندا آهيون ۽ ڪڏهين به غور فڪر نه ڪندا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه دنيا جي عورتن ۾ فقط مسلمان عورتون ئي جاهل مطلق مشهور آهن.

اسان مسلمانن تي اهو عذاب ۽ عقوبتون، مرض ۽ مصيبتون فقط انهيءَ ڪري آهن،جو اسان نبي سڳوري جن جي حڪم کي وساري ڇڏيو ۽ الٽو انهيءَ جي رد ۾ کلي کلائي بغاوت به ڪرڻ شروع ڪري ڏنيسين. رسول خدا جو حڪم بي معنيٰ نه هو.

جيڪڏهن عورتون تعليم يافته هونديون ته قوم جا  نوجوان به باشعور، باهمت ۽ سمجهدار ٿيندا، ڇاڪاڻ ته ٻار جو پهريون مڪتب ماءُ جي هنج آهي. جيڪڏهن ماءُ جاهل هوندي ته يقينن ٻارن جي سڄي زندگي تي انهيءَ جو وڏو اثر پوندو. مائٽن جي عادتن، خصلتن، نشست ۽ برخواست جو اولاد اثر وٺندو. ڪنهن تعليمي ماهر جو قول آهي ته ”جڏهن اوهين ڪنهن مرد کي علم ڏيو ٿا ته هڪ فرد کي علم ڏيو ٿا. پر  جڏهن هڪ عورت کي پڙهايو ٿا ته گويا هڪ ڪٽنب کي علم جي نور سان منور ڪريو ٿا“.

اها ماءُ جي تعليم ئي هئي، جنهن حضرت خالد بن وليد کي سچو سرفروش، بلند ڪردار ۽ فدائي وطن بڻجڻ جو شرف بخشيو. اها ماءُ جي تعليم هئي، جنهن غازي مصطفيٰ ڪمال پاشا کي اتا ترڪ بنايو. اها مادر جي تعليم هئي، جنهن فدايان اسلام کي شهادت جي درس سان منور ڪيو. ڪاش! اڄ به مسلمان غفلت مان بيدار ٿئي!!

تعليم يافته عورت گهر جي ڪيترين ئي پيچيدگين کي پنهنجي تدبر ۽ سليقه منديءَ سان سلجهائي سگهي ٿي. مرد کي صلاح مشورو ڏي ٿي. جيڪڏهين خاوند غريب آهي ۽ گهر جي آمدني ناڪافي آهي ته هوءَ پنهنجي روايتي ڪفايت شعاري، سليقه مندي ۽ تدبر سان انهيءَ مشڪل کي منهن ڏيئي سگهي ٿي. جيڪڏهن سندن حالات ناسازگار آهن۽ هو ٻارن کي مدرسي ۾ پڙهائي نٿا سگهن ته پوءِ هوءَ ئي ٻارن کي پڙهائي ڪٽنب کي ايندڙ مصيبت کان بچائي سگهي ٿي. وقت تي اولاد کي اسڪول جو سبق ياد ڪرائي سندس دٻيل صلاحيتن کي اُڀاري سگهي ٿي. اها غريب جي جهوپڙي جنهن ۾ سوچ پئي سٽون ڏيندي آهي، تنهن کي پنهنجي سمجهه ۽ دانشمندي سان خوب سنجٽ جو سامان بڻايو ڇڏي. ليڪن مسلمان يڪسر انهيءَ رحمت الاهي کان محروم آهن.

بي. ايس. سي، بي. اي، وڪالت يا ڊاڪٽري پڙهڻ ڪو برو ڪم ڪونهي. مگر جيڪڏهن ڪا مسلمان ڇوڪري اعليٰ تعليم پائي، مغربي رنگ ۾ رڱجي خاوند يا مائٽن لاءِ وبال جان بنجھي وڃي ته تعليم کي ڏوهه نٿو ڏيئي سگهجي. مثال طور جيڪڏهن خاوند جو پگهار فيشن ايبل ڪپڙن، اعليٰ قسمن جي صابڻ، فينسي جتين، قيمتي پائوڊرن، ولائتي عطرن، آمريڪي برشن، جرمني ڦڻين ۽ فاحش ناولن ۾ ختم ٿي وڃي ته ضروريات زندگيءَ جو ڪٿان پورائو ٿي سگهندو؟ پر اهو سڀ ڪجهه دور ڪري سگهجي ٿو. ناممڪن نه آهي. اهو ته مرد تي مدار آهي ته اکيون پوري نه ويهي پر رفتار کي جاچيندو رهي.

جيڪڏهن اعليٰ تعليم حاصل ڪري اسانجون ڪي ڀينرون احساس برتريءَ ۾ مبتلا ٿي وڃن. گهر جي ڪم ڪار کي هٿ لائڻ پنهنجي شايان شان نه سمجهن، گهر جي صفائي ته ڇڏيو پر جيڪڏهن معمولي ڪم ڪرڻ به وٽانئن نه پڄي، اولاد جي تربيت ۽ تيمارداري به نه ڪري سگهن بيماري سيماريءَ جي وقت پرگهور نه لهي سگهن، ته پوءِ انهن سڀني ڳالهين جي جوابداري هنن جي ذات ئي ٿي سگهيٿي، باقي انهيءَ لاءِ تعليم کي بدنام ڪرڻ خود فريبي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟

جيڪڏهن اوائل ۾ ڪي مغربي تهذيب جاڪوڏيا ۽ آزادي پسند مرد، عورت کي ڪلبن ۽ مجلسن ۾، عجائب خانن ۽  نمائشن ۾ فلمن ۽ ٿيٽرن ۾وٺي وڃن ٿا ۽ بعد ۾ جيڪڏهن عورت خود به انهيءَ پاسي مائل ٿي وڃي ته انهيءَ عورت کي يا سندس تعليم کي جوابدار نٿو ٺهرائي سگهجي.اهو ڏوهه انهن مردن تي آهي، جن جي اکين تي پردا آهن.ان  بعد جيڪڏهن عورتون گهر ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏين ۽ سڄو ڏينهن مجلس ۽ ڪلبن جا چڪر ڪاٽڻ شروع ڪري ڏين ته لازمن گهر نوڪرن چاڪرن جي حوالي ٿي ويندو ۽ انهيءَ حالت ۾ واسطي دارن جو مالي مشڪلات ۾ مبتلا ٿي وڃڻ لازمي آهي.

اها به حقيقت آهي ته ڪي مسلمان ڇوڪريون اعليٰ تعليم حاصل ڪري، مغربي تهذيب ۽ تمدن کان متاثر ٿي بي قابو ۽ ڇڙواڳ ٿي وڃن ٿيون، ماءُ پيءُ سان بدتميزيءَ سان پيش اچن ٿيون ۽ بعضي ته بداخلاقي ۾ به ڪريو پون ٿيون، مگر انهن سڀني ڳالهين جو اهو سبب ڪونهي ته کين تعليم ڏيارڻ ئي نه گهرجي، بلڪه انهيءَ جو سبب آهي غلط تعليمي ۽ سماجي نظام، اسان جون طمعون، گهرجون ۽ هٿراڌو وڏ ماڻهپ.

موجوده تعليمي طريقو ايتري قدر ته ناقص آهي، جو انکي تبديل ڪرڻ تمام ضروري آهي،پرائمري اسڪولن ۾ تعليم جو ڪو جوڳو انتظام ڪونهي. ماسترن کي، جن تي ترقي ۽ بلند ڪردار جو دارومدار آهي، حڪومت جا ڪارڪن ذليل زندگي بسر ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا ۽ کين هميشہ مالي مشڪلات ۾ مبتلا ڏسندي به انهيءَ کي دور ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪن. انهيءَ ڪري سندن پگهار ضرورتن مطابق وڌائڻ ضروري آهي. ازانسواءِ ابتدائي تعليم هر پاڪستاني عورت خواهه مرد هر هڪ فرد لاءِ هر هنڌ بنا ڪنهن تعصب جي مفت ۽ لازمي قرار ڏني وڃي.جيڪڏهن ڪي مائٽ موجوده ناقص تعليم ڪري پنهنجين ڇوڪرين کي پڙهائڻ کان انڪار ڪن ته کين عورتن جي تعليم مان فائدا ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ هڪ تعليمي  بورڊ مقرر ڪيو وڇي، جو هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ تعليمي پرچار ڪري. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ به اڄ سوڌو فرنگي دور واري تعليم مروج آهي، (جنهن  جو مقصد قوم جي ذهني، اخلاقي ۽   مذهبي ترقي ڪو نه هو، بلڪه کين ڪلارڪن جي هڪ فوج تيار ڪرڻي هئي، تنهن ڪري اهو لازمي آهي ته ملڪ جو موجوده تعليمي نظام سراسر بدلائي، اعليٰ تعليم به مفت ڏني وڃي. جيئن گهڻي کان گهڻا ڄڻا تعليم حاصل ڪري سڄي قوم جي ترقيءَ جو باعث بڻجن. ڪتاب اهڙي قسم جا نصاب تي رکيا وڃن جن ۾ اسلامي تهذيب۽ تمدن، قومي سورمن جاڪارناما ۽ قرآن پاڪ جا اصول پوتل هجن ۽ نه عشق بازي يا افسانا. انهيءَ لاءِ حڪومت جي نگرانيءَ هيٺ اهڙا ادبي ادارا کوليا وڃن، جن ۾ هر فن تي ڪتاب لکيا وڃن. اهو پڻ ڏٺو وڃي ته ڪتابن ۾ اسلامي اصولن جي خلاف ڪو به مواد نه اچي.

مئٽرڪ جي شاگردن کي اڄ ڪلهه اٺن نون ڪمن ۾ امتحان ڏيڻو ٿو پوي ۽ بي اي جي پهرئين سال ۾ پنجن ڪمن ۾، تنهن لاءِ مناسب هي آهي ته چوٿين انگريزي کان پوءِ شاگرد جو رجحان ڏسي کيس هڪ ڪم Subject)) ۾ ماهر بڻايو وڃي، جيئن هو بي. اي تائين مڪمل واقفقيت حاصل ڪري، پڪو پختو بڻجي سگهي. ازانسواءِ سائنس تي به ڪافي توجهه ڏنو وڃي، جيئن موجوده صنعتي دور ۾ ملڪ ترقي ڪري سگهي.

باقي رهي ڪن حضرات جي نسواني تعليم لاءِ مخالفت، سو انهن جي خدمت ۾ عرض آهي ته  علم هڪ پاڪيزه شيءِ آهي، جنهن بابت اسان جو مذهب به  تاڪيد ٿو ڪري. باقي علم حاصل ڪرڻ بعد جيڪڏهن فرشتن جو سابق استاد الاعظم حضرت معلم الملائڪ عالي جناب شيطان المعظم به  غرور ۾ ڀرجي الله تعاليٰ جل شانه جي حڪم جي انحرافي ڪري ملعون ۽ مردود  بڻجي ويو ته انهيءَ ۾ علم جو ڪهڙو قصور.

عورت هڪ شمع جي مثل آهي.شمع جي، جيڪڏهن باقاعدي سنڀال ڪئي ويئي، ته هوءَ سڄي گهر کي روشن ڪري ڇڏيندي، پر جيڪڏهن غفلت کان ڪم ورتو ويو ته پوءِ اها ئي شمع گهر کي جلائڻ لاءِ به ڪافي آهي.

الحاج ولي محمد طاهرزاده

تخليق

قادر ڪارساز ڪائنات ۾ اولان اول معدنيات، نباتات، جمادات ۽ حيوانات کي خلقيو، تمام گهڻو پوءِ، دير سان، انسان کي خلقيائين.

اول ۾ مرد پيدا ٿيو، انجي التجائن، آزين نيازين تي عورت کي جنم ڏنائين، جو مرد اڪيلائيءَ کان عاجز هو. عورت جي اچڻ تي مرد گهڻو خوش ٿيو جو هڪ کان ٻه ڄڻا ٿيا، پر عورت جهڙيءَ نعمت جو قدر ڪو نه ڪيائين. ان کي پنهنجي ٻانهن ٻيلي ٿي رهڻ واري گولي ڄاتائين. کانئس پنهنجي پوڄا، پرستش ۽ خدمت چاڪري ڪرائيندو رهيو، ڇو ته عورت سندس گُهر يا طلب تي پيدا ٿيل هئي.

اوائل ۾ مردن جي ڄمار يارهن سؤ ورهين تائين به هئي، پر سراسري اَٺ نَوَ سؤ ورهيه هوندي هئي. عورت جي عمر به پنج سؤ سالن کان وٺي اَٺ سؤ سالن جي لڳ ڀڳ هئي. عورتن جي عمر انهيءَ ڪري گهٽ هئي، جو ان زماني جا مرد کانئس گهڻي ۾ گهڻو ڪم وٺندا ها. مثال، چوپائي مال جي رَک۽ سانڍ،ڏهائي ڪرڻ، چارو گڏ ڪرڻ، ڦر ڦُلا تاتڻ، مردن توڙي پاڻ ۾ ٻارن لاءِ ڏُٿ ڏورڻ عورت جو  مقرر ڪم هو. اولاد ڄڻڻ ۾ به جَڙوان، تيروان ۽ چوڙوان ٻار پُٽ ڌيئون گڏوگڏ پئي ڄڻيندي هئي. پر مرد رڳو ڪي اوزار ۽ هٿيار  جوڙي يا ٿانءَ ٿپا بنائي،  ڪڏهن جهنگ مان شڪار ڪري يا چوپايومال ڳولي آڻي، پوءِ ڪنهن ڪُٽيا ۾ يا وڻ هيٺان يا غفا غار ۾ وڃي ليٽي پوندو هو. بس ايتري مدد عورت جي ڪمن ۾ مرد فرق ڄاتي.

ويچاري عورت جنسيات جي جبر ۽ پورهئي جي پگهر کان پوئتي پوندي رهي، جنهن ڪري نه رڳو ڪمزور هوندي هئي، بلڪه عمر به اوتري نه بيٺس.

اولاد جي انبوهه ڪري، ماڳن مَٽ شروع ٿي. هر ڪو زال ٻاروٺي، چؤپايو مال ڪاهي، نئينءَ جُوءِ جي تلاش ۾ٿي نڪتو، جتي به ڪو سرهو يا سرڇو هنڌ، چراگاهه يا وادي ٿي ڏٺائين ته ساٿ سميت، سَٺو ڏسي، اتي تڪيو ٿي ڪيائين. ڪجهه سالن بعد پنهنجن جون پاڻ ۾ جنگيون شروع ٿيون. سنڱن تان، حسب نسب تان، وڌيڪ  مالداريءَ ۽ شاهوڪاريءَ تان پنهنجا پنهنجا پهلوانيءَ جا ڪرتب ڏيکارڻ لڳا ٿي. راتاها هڻڻ، عورتون کڻي وڃڻ، مال  ڪاهڻ، وغيره ڪيترائي منجهن هاڻُو (هان!) رهزن، لٽيرا، پيدا ٿيندا رهيا.

جلدي معاشري ۾ ڦيرو آيو. خدا پرست، بت پرستن سان، بادشاهه باغين سان لڙاين ۾ لڳل رهيا. پوءِ جيڪا ڌر جيتيندي هئي، سا هارايلن جون زالون ۽ ٻچا قيد ڪري، سندن مال ڪاهي هلي ويندي هئي ۽ مردن کي ماريو ويندو هو. پسند پيل عورتون پاڻ وٽ رکي، باقين کي ٻانهيون بنائي وڪيو ويندو هو. اهي واڙ کان وڇڙيل عورتون، هزارن جي تعداد ۾ دشمنن جي بسترن جون بنا رضامنديءَ جي زيب زينت بنبيون هيون، يا وَهٽن وانگي وڪرو ٿي، لڄون لٽائينديون رهنديون هيون.

عورتن جو ڪو به مان مرتبو ڪو نه هو. ساڻن سندن محرم مائٽ، ويجهڙا عزيز پڻ سنجوڳ ڪري، آگيا پالن ڪندو رهندو هو. عورت کي مرد رڳو اولاد پيدا ڪرڻ جي علامت ڄاڻندا هئا، چوندا هئا ته هن جنس ۾ هوشياري، چالاڪي، بهادري، بنهه ڪانهي. ايتريقدرجو رتو رڱيا ماهواريءَ جي اچڻ تي عورت کان گوشو ڪندا هئا. هنجي هٿ لڳل ڪا به شيءِ استعمال نه ڪندا هئا جيستائين وڃي صاف پاڪ ٿئي.

جڏهن ڪي عورتون مَنَهه مارڪي، شاديءَ غميءَ ۾ شامل ٿينديون هيون ته مردن جي سرڪشي ظلم زوري ۽ سختيءَ جا سُور صدما سامهون ويهي سلينديون هيون ۽ ڏاڍيون خارون کائينديون هيون. انهن ۾ڪي اهڙيون به هيون، جو پنهنجا پلاند آجا ڪرائڻ جي تاڙ ۾ رهنديون هيون، ۽ هڪ ٻئي کي اُڀاريون رهنديون هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com