سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 3/ 1997ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون 3/ 1997ع

گلبدن جاويد

”سرتيون“ پاران

”سنڌي ادبي بورڊ“ ، سنڌي ٻولي، علم ادب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي، سي ڪنهن کان به ڳُجهيون ناهن. ان جو مثال ٽماهي ”مهراڻ، ماهوار ”گل ڦل“ ٽماهي ”سرتيون“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جا معياري ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪرڻ آهي.

پر ڪجهه وقت کان، ڪن سببن ڪري، ”بورڊ“ جا باقاعدي شايع ٿيندڙ رسالا وقت سر نه پئي اچي سگهيا.

موجوده انتظاميا هاڻي سڀني رسالن کي وقت سر شايع ڪرڻ جو عذم ڪيو آهي. جنهن موجب ”سرتيون“ جو جولاءِ، آگسٽ، سيپٽمبر 1993ع جو شمارو اڳواٽ ئي شايع ٿي ويو آهي، ڇو ته اسان لاءِ پهرين ۽ اهم ڳالهه هئي رسالي کي وقت تي آڻڻ.

انهيءَ جو مقصد اهو هرگز ناهي ته ڪو رسالو شايع ڪري، اسين پنهنجي ذميواريءَ  کان آجا ٿي ويا آهيون، بلڪه حقيقت ۾ اسان جي ذميواري اڃا هاڻي شروع ٿئيٿي. سا اها ته پڙهندڙن کي جديد ۽ زندگيءَ جي تقاضائن جي روشنيءَ ۾، معياري مواد پيش ڪريون.

ان ڏس ۾ اسان کي سڀني لکندڙن/ پڙهندڙن جي تعاون جي ضرورت آهي.  اميد ڪجي ٿي ته اوهين، وقت بوقت اسان کي پنهنجيءَ راءِ کان آگاهه ڪند رهندا. اوهانجين تجويزن ۽ صلاحن جي هر طرح آجيان ڪئي ويندي.

اسان انهن سمورين سرتين ۽ ليکڪ ڀائرن جا ٿورائتا آهيون، جن تمام مختصر مهلت ۾ اسان کي مواد ڏيئي سرتيون کي شايع ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

گلبدن جاويد مرزا

ميرزا فتح علي بيگ ”شاهد

ڪربلا جي شيردل خاتون

حضرت زينب بنت علي عه

ڪربلا جي ميدان ۾ 10 محرم 61هه صبح کان عصر تائين جيڪو ڪوس ٿيو، اُن جو ئي تصور مشڪل هو ته سج لهندي ئي داستان- غم جو هڪ نئون باب کلي ويو ۽ يارهينءَ جي پره ڦٽيءَ پنهنجو گريبان ڦاڙي چيو ته:

قافلو ڪربلا منجهان نڪتو،

بنت حيدر جو امتحان آهي.

قافلو ڪوفي ڏانهن روانو ٿيو. هن قافلي جي قافلي سالار، ڪربلا جي انقلاب جي پاسبان ۽ شهادت جي فلسفي جي ترجمان حضرت زينب بنت علي عليه السلام هئي.

اڄ انهيءَ ڪوفي ۾ آخري رسول جي ڏهٽي، بنت رسول مقبول جي نياڻي، وارن سان منهن لڪائي ماڻهن جي انبوهه ۾ ڪجا وي بنا اُٺ تي سوار آهي.بازارون سجائجي چڪيون آهن. رستا سينگاريل.شامي سپاهي واڄا وڄائيندا گذريا، شامي فوج جي هٿن ۾ نيزا ۽ نيزن جي اڻين ۾ وڍيل سر هئا.

يزيدي سياست جي تقاضن جي پيش نظر، واقعي ۽ اصل حالات کان ماڻهن کي بيخبر رکيو ويو هو، ۽ هيڏانهن حسين جي رت جو هر ڦڙو شهادت جي اسرار جو تفسير طلب ڪري رهيو هو.

هن عظيم مقصد جي عظيم نگهبان هڪ  ڀيرو مجمعي ڏانهن هٿ جو اشارو ڪيو. بي قابو هجوم توجهه ڏنو، خاموشي ڇانئجي ويئي. اکيون اشڪبار ٿي ويون هي ٻڌندي ئي ”همد و سپاس الله جي لاءِ، ۽ درود سلام منهنجي پدر بزرگ محمد مصطفيٰ ۽ ان جي پاڪ ۽ نيڪ اهلبيت تي“،

هي آهي بنت علي جي تقرير جو پهريون جملو، جنهن ڪوفي جي رهواسين جا دماغ ۽ دليون فتح ڪري ورتا. پوءِ عقيلہء بني هاشم جناب زينب عليا سلام الله عليها پنهنجي والد گرامي حضرت علي عليہ السلام جي انداز ۾ اهڙو خطبو ڏنو، جنهن جو هر جملو فصاحت ۽ بلاغت، حق ۽ صداقت جو ترجمان آهي. هن بينظير خاتونِ ڪائنات جو بي مثال خطبو هن ريت آهي:

ڪوفي وارؤ! عذر ۽ فريب جا پوڄاريو! روئي رهيا آهيو، توهان جا هي ڳوڙها ڪڏهن به نه سُڪَن- سدائين دانهون ڪندا رهو، مڪّاريءَ جا پُتلؤ! توهين ته اُن عورت وانگر آهيو، جيڪا محنت سان سُٽَ ڪَتَي ۽ وري پاڻ ئي اُنجا ٽُڪرا ٽڪرا ڪري ٿي ڇڏي. قسم کڻي کڻي ورندڙؤ! ڪوڙ ۽ هوڏ جا مجسمؤ! ڪنيزن واري خوشامد ۽ دشمنن وانگر عيب جُوئي ڪريو ٿا؛ ظالمؤ! اوهين گندگيءَ تي اُڀريل ساوڪ ۽ ڪوڙي ملمعي ڪاريءَ وانگر بي قيمت آهيو. ڪهڙي خراب طريقي سان توهان پنهنجي عاقبت خراب ڪئي آهي! هاڻ الله جي غضب لاءِ تيار رهو، توهين سدائين عذاب ۾ مبتلا رهندؤ.

ڇو ستمگرؤ! ڳوڙهن سان منهن ڌوئي رهيا آهيو؟ ها، رُئو؛ خوب رُئو! توهين روئڻ جا مستحق آهيو، کِلڻ کان وڌيڪ رُئو! توهان پنهنجي دامن تي اُهو داغ لڳايو آهي، جيڪو ڌوپندي ڌوپندي به نه لهندو.

ڪوفي وارؤ! اِهو انڌيرو ته خاتم النّبين جي فرزند ۽ سردار جوانانِ جنت کي قتل ڪري ڇڏيوَ؟

بي شرمؤ! توهان اُن کي خاڪ ۽ خون ۾ ملايو، جيڪو توهان جي لاءِ ڪعبهء امن، جاءِ پناهه، صلح ۽ آشتيءَ جي آماجگاهه ۽ منارهء هدايت هو. غور ته ڪريو، توهان ڪيڏو وڏو گناهه ڪيو آهي؟ ڪهڙيءَ خراب طرح سان توهين رحمت الٰهي کان پَري ٿيا آهيو. توهان جي مَساعي عبث، ڪوششون بي سُود، ذلّت ۽ خواريءَ جا خريدارؤ! توهين عذاب ۾ ضرور گرفتار ٿيندؤ.

واءِ هجي توهان تي! حق فروشو، توهان پنهنجي رسول صه جي لخت دل کي پاش پاش ڪيو ۽ اُن جي اهل حرم کي بي پردي ڪيو، ڪهڙن ڪهڙن نيڪ جوانن جو خون وهايو ۽ ڪهڙن ڪهڙن عنوانن سان ختم المرسلين جي  حرڪت کي ضايع ڪيو!

ڪوفيو! توهان اُهو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي سببان قريب آهي ته آسمان ڦاٽي پوي،زمين شق ٿي وڃي ۽ جبل ريزا ريزا ٿي وڃن، توهان جون برايون آفاق گير آهن، توهان جي بداعمالي پوريءَ دنيا کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ٻُڌو توهين حيران آهيو ته هن واقعي کان آسمان رت رنو! بيهو، آخرت جو عذاب هِن کان وڌيڪ توهان کي رسوا ڪندو ۽ اُهو به اُن وقت ايندو، جڏهن نه توهان جو ڪو حامي هوندو نه مددگار! ها، يقين ڪريو، هي مهلت جا پَلَ توهان جي بارَ کي هلڪو نٿا ڪري سگهن. وقت قدرت جي قبضي کان ٻاهر ناهي، انتقام جي لمحن کي ويجهو سمجهو! داورِ محشرگناهگارن جي تاڪ ۾ آهي.“

اِهي ئي اُهي تاريخي الفاظ آهن، جن يزيد کي نه پر يزيديت کي حرف غلط وانگر مٽائي ڇڏيو. ڪربلا جي شيردل خاتون فاتح شام ڪوفه ٿي ويئي، عظمت پير چميا. رفعتن راهه ۾ اکيون وڇايون. چئني طرفن کان حضرت زينب صه بنت علي جي فتح و نصرت ۽ ”حسن و حسين“ جي عظيم مقصدن جي ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ جو اعلان ٿيڻ لڳو.

آر بي سارنگ

هن صديءَ جو سانحو

بوسنيا جي ماءُ جو سڏڪو

بوسنيا هرزي گوينا جي ماءُ جو سُڏڪو، هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو سانحو آهي. هِيءَ اُها ماءُ آهي، جنهن جي پيٽ کي چيري، اُن مان ٻار ڪڍي ڪُتن ۽ ڪانگن کي کائڻ لاءِ اُڇلي ڏنو ويو. هيءَ اُها ماءُ آهي، جنهن جي آڏو سندس معصوم ٻارن کي  پاڻي ۽ تيل جي ٽهڪندڙ کُورن ۾ اُڇليو ويو. هيءَ اُها ماءُ آهي، جنهن جي وَر کي سندس آڏو گولين سان پروڻ ڪيو ويو. هيءَ اُها ماءُ آهي، جنهن جي جنت جهڙي گهر کي باهه ڏني ويئي ۽ جنهن جي ڊهندڙ ڀتين هيٺان سندس گهر جا ڀاتي دٻيل آهن. هيءَ اُها  ماءُ آهي،  جنهن جي ساماڻيل نياڻين کي، درنده صفت سربن، طرح طرح جون شرمناڪ اذيتون ڏئي، انهن جي عصمتن کي تار تار ڪيو ۽ انهن جي گڏيل لڄالٽ ڪئي. هيءَ اُها ماءُ آهي، جيڪا پنهنجي پيٽ ۾ سرب درندن جو گندو رت کڻي هلي رهي آهي ۽ عالم، انسانيت ۽ مسلم دنيا آڏو، هڪ سوال جي ڏٻري نشاني بڻيل آهي.

هن بوسنيا جي ماءُ تي قهر تڏهن نازل ٿيو، جڏهن صدر عزت بيگو وچ بوسنيا جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. اڳوڻي يوگو سلاويا جي اڳوڻي رياست، بوسنيا هرزي گووينا، جنهن ۾ اڪثريت مسلمانن جي آهي، جيڪي سلطان صلاح الدين ايوبي جي فتح کانپوءِ اسلام ۾ داخل ٿيا. مسلمان ٿيڻ کان اڳ اهي عيسائي هئا، پر ٻين عيسائين (جيئن ڪروٽس ۽ سرب) جي ڀيٽ ۾ هنن جون ريتون رسمون ۽ عقيدا ڪجهه ٻيا هئا. جيئن، اهي حضرت عيسيٰ عليه الاسلام کي خدا جو پٽ نه مڃيندا هئا ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام کي خدا ڪري به نه مڃيندا هئا. انهن ڳالهين سبب اهي پاسي وارن ۽ دنيا جي ٻين عيسائين ۾ عجيب و غريب نظرن سان ڏٺا ويندا هئا. انهن نظرن ۾ حقارت ۽ ڪروڌ تڏهن شامل ٿي جڏهن انهن صليبي جنگين دوران اسلام قبول  ڪيو، پر انهن نظرن تڏهن باقاعدي دشمنيءَ جو رنگ وٺي ورتو، جڏهن سال کن اڳ هن ملڪ جي مسلمانن ٽٽندڙ وفاق يوگو سلاويا کان آزاديءَ جو اعلان ڪيو. هيءُ ملڪ يورپ جي وچ ۾ (دل) آهي، تنهن ڪري مٿئين اعلان مسلم دشمن مغربين کي لوڏي  وڌو، جن بوسنيا جي اقليتي سربن ۽ ڪروٽس کي هُشي ڏئي، مسلمانن جي قتل عام لاءِ اُڀاريو. سربيا، روس، ڪروشيا ۽ ٻين مغربي طاقتن جي پٺڀرائيءَ سان بوسنيا جي ماءُ، جي جنت جهڙي گهر تي، رات جي انڌيري ۾ هلان ڪئي ويئي ۽ سرب درندن ظلم، ڏاڍ ۽ قهر جو هڪ نئون باب لکي، تاريخ ۾ پنهنجو مُنهن ڪارو ڪيو. هڪ قوم ۽ نسل تي ايڏو قهر ۽ ان جو قتل عام، انساني تاريخ ۾ ورلي ملندو. درنده صفت سربن، بيگناهه ۽ بي يارومددگار بوسنيائي مسلمان مردن ۽ عورتن تي ايڏا  ته ظلم ۽ قهر ڪيا، جن کي بيان ڪندي دل دهلجيو ٿي وڃي. هيل تائين ٽي لک کن بوسنيائي مسلمان، سرب درندن هٿان شهيد ٿي چُڪا آهن، جن جا چچريل لاش ۽ اجتماعي قبرون ڏسي بوسنيا جي ماءُ پنهنجو هوش ۽ حواس وڃائي چُڪي اهي. گڏيل قومن جي وسيلي سان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيل ٻارن ۽ عورتن جي جسم سان گڏ، ذهن به معزور ٿي چُڪوآهي. هو خاموش  آهن ۽ دنيا کي تڪي رهيا آهن.

هن سموري ظلم و سِتم جي ٻاٽ رات ۾، مغرب جي مسلم- دشمني چٽيءَ ريت ظاهرٿي چُڪي آهي. ان ڏس ۾ گڏيل قومن جي اداري ڪَٺ پُتليءَ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ پنهنجي ڪرندڙ پَت کي وڌيڪ ڪيرايوآهي. هڪ پاسي مسلمان ملڪ عراق جي اڳرائيءَ تي هڪدم ردعمل ڏيکاريندي، ان کي گڏيل فوج سان منهن ٽوڙ جواب ڏنو ٿو وڃي، ان موقعي تي آمريڪا، مغربي ۽ مسلمان ملڪ  جهليا ئي نه پئي.  پر جڏهن مسلم دشمن ۽ عيسائي مذهب سان لاڳاپو رکندڙ سربن اڳرائي ڪئي  آهي ته مغربي ملڪ ۽ آمريڪا هٿ تي هٿ رکي ويهي رهيا آهن ۽ رڳو قراردادون پاس ڪرڻ  ۾ پورا آهن، جن تي سرب جنرل آڱوٺو ڏيکارڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڌيان نٿا آڻين. سائرس وان ۽ لارڊ اوون جي نام نهاد امن منصوبي جي آڙ وٺي، دهشتگرد سربن کي وڌيڪ وقت ڏنو پيو وڃي ته جيئن اهي بوسنيائي مسلمانن جي نسل ڪَشي ڪرڻ سان گڏوگڏ، پوري بوسنيا تي قبضو به ڪري وٺن. پر اهو هڪ خدائي معجزو چئجي يا بوسنيائي ماءُ جي ٿڃ جي غيرت،  جو هٿين خالي  بوسنيائي مسلمان اڄ تائين پنهنجي ديس لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ پنهنجين جانين جو نذرانو ڏيئي رهيا آهن. سربيا تي اقتصادي پابنديون، امن ٺاهه گڏيل قومن جي اداري جون قراردادون، جهازن رستي کاڌ خوراڪ ڪيرائڻ ۽ محفوظ علائقا  قائم ڪرڻ واريون ڳالهيون رڳو سربن کي اضافي وقت ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. جيئن ته مسلمان ملڪ مغربي طاقتن آڏو هيڻا ۽ ويچارا آهن، تنهن ڪري اهي هن سانحي کي، دل جو سور دل ۾ سمجهي ڪري به پي رهيا آهن. ان هوندي به مسلم دنيا جي عوام ۾ سخت ردعمل جي فضا آهي. دنيا ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ مسلم بنياد پرستيءَ ۾ بوسنيا جي سانحي جو وڏو عمل دخل آهي. ان هوندي به ايران پاڪستان، لبيا، اُردن ۽ ٻين اسلامي ملڪن وتَ آهر پنهنجو آواز بُلند ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل جي هاڻوڪي سربراهه ملڪ پاڪستان، تازو هڪ قرارداد منظور ڪرائي، جنهن ۾ تازو آمريڪا، برطانيه، روس ۽ فرانس پاران بوسنيا ۾ محفوظ علائقا قائم ڪرڻ واري رٿ جي مخالفت ڪئي ويئي ان رٿ جي مخالفن جو چوڻ آهي ته ان عمل سان بوسنيا جو مسئلو ڪڏهن به حل ٿي نه سگهندو ۽ اهي محفوظ علائقا اڳتي هلي مستقل ڪيمپن جي شڪل اختيار ڪري وٺندا.

هن سڄي سياسي صورتحال ۾ بوسنيا هرزي گووينا جي مظلوم ۽ لُٽيل ماءُ جو واهرو فقط الله آهي.الله ئي مظلومن جي آهه  ٻڌندو آهي. مغرب ڊڄي، هن ماءُ جي وهندڙ لُڙڪن جي لڙين کان مغرب ڊڄي، هن ماءُ جي چور چور ٿيل سنڌ سنڌ کان مغرب ڊڄي، هِن ماءُ جي سُڏڪن کان. هي سُڏڪا، ان ڪاري طوفان جو پيش خيمو آهن، جنهن جي وهڪري ۾ مغرب جي سڄي شان و شوڪت ڊهي پٽ پوندي ۽ ان وقت بوسنيا جي حامع مسجد ۾ مؤذن الله اڪبرچوندي خوشيءَ وچان روئي پوندو.

شهرت فنڪار کي کائي وڃي ٿي

سنڌي ڌُن سک وزيرن کي روئاري ڇڏيو

عابده پروين ۽ غلام حسين شيخ جو خاص انٽرويو

انٽرويو وٺندڙ ثمينه ميمڻ ۽ نجمه پنهور

 

سرتيون: عابده، توهان موسيقيءَ جي سکيا ڪنهن کان ورتي؟

عابده: پنهنجي والد استاد غلام حيدر خان کان، جيڪو پنهنجي دؤر ۾ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو.

سرتيون: ڳائڻ جو شوق ڪيئن ٿيو؟

عابده: حڪم الاهي هو. ٻيو پيءُ جي سکيا به هئي، اُنهن جي محبت جو رابطو هوندو هو.

سرتيون: توهان پنهنجي فن (ڳائڻ) مان مطمئن آهيو؟

عابده: آرٽسٽ ڪڏهن به پنهنجي فن مان مطمئن نه هوندو آهي. الله جي ذات پرفيڪٽ آهي.انسان کي گهرجي ته جيڪو ان جي اردگرد ماحول آهي، ان کي اڳيان وڌائي ڪم ڪندو رهي.

سرتيون: اڄڪلهه ڇوڪريون ٽي. وي يا ريڊيو تي ڳائين پيون توهان انهن جي ڳائڻ کان مطمئن آهيو؟

عابده: هر علم کي سکيا جي ضرورت آهي، ٽي وي تي اچڻ کان پوءِ شهرت اُنهن جي مٿان حاوي ٿي وڃي ٿي. ۽ اُها شهرت فنڪار کي کائي وڃي ٿي. ان رڪاوٽ کي آرٽسٽ کي ئي ختم ڪرڻو آهي.

سرتيون: غزليات ۾ جيڪو سنڌي انگ توهان شامل ڪيو آهي اهو انگ دنيا ۾ ڪيتري قدر پاپولر ٿيو آهي؟

عابده: صوفين جي ڪلام ۾ وجد جي جيڪا ڪيفيت موجود هئي، اها ڳائڻ ۾ ڪيفيت نه هئي. جيئن گهڙولي آ. ان ۾ الڳ سان رنگ ڀريا. پر غزل ۾ جيئن توهان سنڌي ڌن آندي جيڪي مشهور ٿيا. اها چينج آئي آهي ته شاعريءَ ۾ جيڪا ڪيفيت آهي اها  ان جي موسيقيءَ ۾ وجد جي ڪيفيت ۾ ٿي ويئي آهي. ڳالهه اها آهي ته سنڌي سازن ۽ رنگن جي ڪري صوفي ڪيفيت پيدا ٿي آهي.

سرتيون: هينئر جيڪو ڊسڪو آيو آهي يا جنهن کي تيز موسيقي چئون ٿا ته اسان وٽ جيڪو فوق آهي يا جيڪو صوفيانه ڪلام آهي، تنهن کي اسان سنڌي ردم چئون ٿا اهو به تيز آهي. انهيءَ جي معنيٰ ته موسيقي وري پراڻي دؤر ڏانهن موٽي ٿي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com