سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :4

پرويز شمس ڪلوڙ

دنيا جون  مشهور عورتون

محترمه بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت آهي جنهن کي عوام ننڍي عمر ۾ وزيراعظم چونڊيو.

*------*-----*

مس آصفه  عليم پاڪستان جي پهرين انجنيئر عورت آهي(اين اي ڊي) يونيورسٽي مان بي اي سول پاس ڪئي.

*------*-----*

عائشه سلطان بيگم ۽ معصوم سلطان بيگم مشهور مغل شهنشاهه ظهير الدين بابر جون زالون هيون.

*------*-----*

گلبدن بيگم اها واحد عورت آهي جنهن جلال الدين اڪبر جي فرمائش تي همايون نامو لکيو هو.

*------*-----*

گريٽ ٿرليا ڪوري اها واحد عورت آهي جنهن طب ۾ نوبل  پرائز حاصل ڪيو  آهي.

*------*-----*

ارسلا بلموما دنيا جي هڪ وڏي اديبہ عورت آهي جنهن 1982ع تائين 4 سئو ٽيهه ڪتاب لکيا آهن.

*------*-----*

ساره برنهارٽ هڪ وڏي اداڪارا هئي، جيڪا هڪ ٽنگ نه هوندي به سڄي عمر فلمن ۾ اداڪاري ڪندي رهي.

 

 

ساگر سرتومل روپاڻي

ٿر جون اڇوت  عورتون

هن ترقي يافته دنيا ۾ جتي انسان ڪائنات جي رازن جا  چاڪ چيري حقيقت جي تهه تائين پهتو  آهي. سائنسي ايجادن دنيا کي هڪ ننڍڙو شهر بڻائي ڇڏيو آهي. اتي ڪي اهڙا علائقا به آهن جن جي ماڻهن جي ذهني پسماندگي جهالت ۽ اٻوجهائي شايد انساني ترقي جي  چهري تي  داغ برابر آهي. اهڙن علائقن مان ”ٿر“ به هڪ آهي.

ٿري ماڻهن ۾ سماجي اڻ برابرين ۽ جهالت جهڙين براين سان گڏ اها  به برائي آهي، ته هتي عورتن  سان نهايت اڻ برابري وارو سلوڪ ڪيو  وڃي ٿو. جنهن جو چٽومثال ٿر جون ”اڇوت  عورتون“ آهن.

ميگهواڙ،ڪولهي، ڀيل، ڀنگي ۽ اوڏ وغيره جيڪي هندن جي ”شودر“ ورڻ سان سلهاڙيل آهن پر اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته اڇوت هن ملڪ جا اصلوڪا رهاڪو آهن  جيڪي آرين جي اچڻ کان اڳ هتي آباد هئا، انهن جي  تهذيب، تمدن ۽ مذهب هندن (آرين) کان مختلف آهي.

”قديم سنڌ“ ۾ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي لکي ٿو،” موجوده قومن مان قديم ۾ قديم لوڪ جن  اتر هندستان  وسايو، سي هاڻوڪن سٿالن، ڀيلن ۽ ڪولهين جا ابا ڏاڏا هئا.“

”تاريخ ريگستان“ جي مصنف رائچند هريجن به پنهنجي ڪتاب ۾ چٽن لفظن ۾ ڄاڻايو آهي ته”اڇوت حقيقت ڪري هندو ناهن، هو هن ملڪ جا اصلوڪا رهاڪو آهن، جن جون ڪو وقت اڳ آزاد حڪومتون هيون، هندن جي اچڻ بعد اهي ناس ڪيون ويون ۽ کين غلام بڻايو ويو ۽ کانئن سڀ حق کسيا ويا ۽ حياتي جي هر شعبي ۾ پوئتي ڪيو ويو.

جيئن ته اڇوت، هڪ الڳ شناخت رکندڙ قوم هئي، تنهن ڪري وڏن هندن کي خطرو هو ته ڪٿي اڳتي هلي اڇوت پاڻ ۾ متفق ٿي اسان جي خلاف آواز اٿارين، تنهن ڪري انهن اڇوتن کي ”رکيا“، ٺاڪرڙا“، ۽ ”ڀڳت“ جهڙا نالا  ڏئي هڪ پاسي کين اتم هئڻ جو ٺلهو احساس ڏياريو ويو ته ٻئي پاسي مختلف جاتين ۽ ڏيون سان سلهاڙي انهن جي وچ ۾ نفرت جو ٻج پوکيو ويو. اڄ تائين ميگهواڙ، ڪولهي ۽ ڀيل نه هڪ ٻئي سان سڱا بندي ڪندا آهن نه گڏ  کائڻ، پيئڻ ڳالهائڻ ۽ اٿڻ ويهڻ پسند  ڪندا آهن. انهي ڪري اوچ سڏائيندڙ براهمڻ، ٺاڪر ۽ اڇوتن کي نيچ سمجهي گڏ کائيندا پيئندا  به نه آهن. هينئر ڪجهه اڇوت نوجوانن ۾ شعور پيدا ٿي چڪو آهي جيڪي پنهنجي شناخت ۽ انساني برابري لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن(راقم الحروف جو تعلق به هڪ اڇوت گهراڻي سان آهي)

اڇوت سنڌ کان سواءِ هندستان، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ به آباد آهن، هندستان جي صوبي اتر پرديش ۾ ته اڪثريتي حڪمران قوم به اها آهي. اسان جي ملڪ ۾ ٿر جي خطي ۾ اڇوتن جو تعداد ججهو آهي. ٿر ۾ رهندڙ اڇوتن جون ريتون، رسمون، اٿڻ ويهڻ ۽ ٻولي علائقي جي مناسبت سان آهي.

ٿري عورتن جو انداز، ڪپڙو، لٽو وغيره  سنڌ جي ٻين عورتن کان مختلف آهي. اهي گاگهرو ۽ ڪنجري يا جهٻو پائينديون  آهن ۽ مٿي تي وري چنري يا وائلو اوڍن، جڏهن ته نيون پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪريون شلوار ۽ چولو به پائين. پرڻيل عورتون مختلف زيور پائينديون آهن. جهڙوڪ چاندي جا پنڙا، هنسيون، بازو بند، ڪڙيون، سونيون ڪڙيون، بوليون ۽ ڦلڙيون وغيره.

انهن جي سهاڳ جي هڪ ٻي نشاني سندن وڏا وار آهن، مٿي  جي وارن کي زيبائتي انداز ۾سجائي صاف رکنديون آهن، انهن وٽ وارن ويڙهڻ جا به مختلف  طريقا آهن. نئين ڪنوار وارن کي پٺيان گڏ ڪري ”چوٽلو“ ٺاهي ۽اڳيان سينڌ ۽ رنگبرنگي بڪل، ڪانٽا ۽ سيون لڳائي عام عورتون ٻين سڱن جهڙا ”ڳنڍلا“ ٺاهن، جڏهن ته پوڙهيون ۽ رنڙ عورتون سادي نموني وار ويڙهين، جنهن کي ”دٻڪيئو“  چوندا آهن. وري پڙهائڻ يا ڳتائڻ وقت اهي تيل کانسواءِ ”ليس“ به استعمال ڪن، جيڪو  ڪنڙي، ڇانڀي يا نمورين جي چيچڪن کي ڪٽي ٺاهينديون آهن.

 ٿر ۾ رهندڙ اڇوت عورتو اڪثر ڪري رنگ جون سانوريون، قد پوروپنو ۽ محنت ڪش جسم واريون هونديون آهن.

غربت، جهالت جي ڪري”اڇوت“ مسلمانن ۽ ٻين قومن وٽ هاري هوندا آهن يا وري انهن جي تابعداري ۾ رهندا آهن. تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن  اثر رسوخ وارا ماڻهو اڇوت عورتن کي ڀڄائي يا زوري  ويهاري شادي به ڪري ڇڏيندا آهن، اهڙا ڪيس گهڻو ڪري ”ڪولهين، ۾ ٿيندا آهن.

اڇوتن ۾ پردي جو رواج ڪونهي، عورتون ڌارئي ماڻهو يا پهنجي ساهرن جي وڏن کان چنيءَ يا وائولي جو پلؤ سان ”گهونگهٽ“ ڪڍنديون آهن.

هندو ازم سان سلهاڙيل  هئڻ ڪري اڇوت عورتن جا نالا به انهن جهڙا ئي هوندا  آهن جهڙوڪ درگا، ڪوشليا، ارملا ۽ لڇمي وغيره.

اڇوت شادي اڪثر ڪري پنهنجي ويجهي مائٽي مان ڪونه ڪندا آهن. هنن ۾ بدي جو رواج ڪجهه قدر آهي. ڪي پڙهيل ڳڙهيل پسند جي شادي به ڪن، اولاد نه هئڻ جي  صورت ۾ يا زال جي مڙڻ کان پوءِ مرد ٻي شادي ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ڏنل عورت صرف ڏنل مرد سان ئي شادي ڪري سگهي ٿي. ڪي غريب ۽ بي پهچ ماڻهو پنهنجون ڌيئون نيات ۾ ڏئي ان عيوض پئسا به وٺن.

ٿر جي اڇوتن ۾ علم ۽ ترقي گهٽ آهي. تنهن ڪري اهي وهمن ۽ ڀرمن جي ڌٻڻ ۾ ڳچي تائين غرق  آهن. پراڻين ريتن رسمن ۽ رواجن تي اکيون پوري پيا هلندا آهن.

جيڪڏهن  انهن منجهان ڪو باشعور ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو يا پاڻ انقلاب آڻيندو ته هر ڪو ان جي مخالفت ۾ کڙو ٿي  پوندو! ايتري قدر جو ”نيات“ مان به ڪڍي ڇڏيندا!.

هنن ماڻهن ۾ جنن ڀوتن جو وهم نهايت گهڻو آهي. ڪا معمولي بيماري ٿي پوندي ته ڀوپن جي ڪڍ لڳندا يا اوليائن تي  باسون باسيندا، نذراني طور ڪڪڙ، ڇيلا يا پاڏا ڪهندا آهن.

هر ڳوٺ، هر گهر، ۾ ”ٿان“ ضرور هوندا، جتي ”ڏيون“ جي پوڄا ڪئي ويندي آهي. اهڙن ”ڏيون“ ۽ ”ڏيوين“ ۾ ’مالهڻ‘، ’ڏيول‘، ’جيتان‘۽ ’پورسا‘ مشهور آهن.

ماڻهن کي پوڄائن ۽ وهمن ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ وڏو هٿ عورتن جو هوندو آهي. جيڪي ويم جي صورت ۾ يا ٻي ڪنهن بيماري دوران انهن ديوتائن ۽ اوليائن جون باسون باسيندا آهن.

ٽوڻن، ڦيڻن ۽ ٽوٽڪن جو اثر به مردن کان  وڌيڪ عوتن تي پوندو آهي. اڪثر عورتون پاڻ به اهو ڪم ڪنديون آهن جن کي ”ڀوپيون“ چئبو آهي.

ٿر ۾ شادين، غمين ۽ ٻين خاص ڏهاڙن تي عورتن جو ڪردار”اهم“ هوندو آهي. شادين ۾ ڳيچ ڳائڻ سان گڏ ناچ به ڪنديون آهن.

گجراتي، مارواڙي، ڍاٽڪي ۽ سنڌي ٻولي جا گيت، اڇوت  عورتون نهايت سريلي آواز ۾ ڳائينديون  آهن، گيتن جا به مختلف نالا آهن، جهڙوڪ ڏورو، کامان، لاڏيلو، سانجهيون، سهڙا وغيره.

ٿر جون اهي اڇوت عورتون ڀرت جي ڪم ۾ ڀڙ هونديون آهن،  ڪمبيري، هرمچ، پڪي ڀرت، مڪي (زين) ۽  ڪچي ڀرت سان ڀريل گج، ڪنجريون، چولا، وغيره انهن جي فن جو شاهڪار نمونو هوندا آهن.

پريم ۽ وفاداري جهڙا اڇا ترا ڳڻ صدين کان وٺي هنن جي مرڪ رهيا آهن. ”سڏونت – سارنگا“ ۽ ٻيا قصا ان جي  اپٽار ڪن ٿا.

ڀٽائي جا لفظ ”اي نه مارن ريت، جي سيڻ مٽائين سون تي!“ نه صرف مارئي جي خيال کي ظاهر ڪن ٿا پر جهڳين ۽ جهوپن ۾ رهندڙ کوڙ ساريون عورتون اڄ به  شاهه جي ان سٽ کي عملي جامو پارائي رهيون آهن انهن عورتن کي پنهنجي ور سان وفاداري، اولاد سان پيار، ۽ خانداني روايتن ۽ سماجي ٻنڌڻن لاءِ عزت آهن، اهي وس پڄندي پنهنجو پانڌ ميرو ٿيڻ نه ڏينديون آهن.

جهنگلي جيوت جهڙو جيون گهاريندڙ سچ، سونهن، ۽ سادگي ڀريل سٻاجهڙن انسانن جي تهذيبي روايتن کي  هٿي ڏيڻ ۽ کين ترقي طرف گامزن ڪرڻ، اسان جي حڪومت جا اولين فرض آهن، کين ان ڏس ۾ قدم کڻڻ گهرجي.

 

*--------*------*

 

اچو ته ڊائري لکون

مون به دل ۾ هڪ ننڍڙي دنيا جوڙي هئي اها هڪ خوفناڪ طوفان جي نظر ٿي وئي.

وفا خير النساءِ جويو

*-------*------*

مرڪ هڪ اهڙي گهر ۾ جنم ورتو هو، جتي هن  کي جوانيءَ جي اڀن ڏاڪن پروان چڙهڻ لاءِ سسئي وانگر جبل جهاڳڻ، ڪشالا ڪڍڻ ۽ ڏونگر ڏارڻا پئجي ويا هئا. ان گهڙيءَ جوانيءَ جا مٺڙا ۽ عجيب سرور ڏيندڙ بهار جي هوا جا جهونڪا، مرڪ کي ائين محسوس ٿيندا هئا، ڄڻ هن جي زندگي ۾ هاڻي ڪڏهن به خزا جو نه پر ڇڻندو ۽ نه موسم ايندي، پر اها سندس خوش فهمي هئي،  گهر وارن کي سندس بارلاهڻ  جو اونو ٿي پيو، ۽ پوءِ هو رات وڳڙي ۾ بجاءِ سمهڻ جي مرڪ کي ڳالهين جو موضوع بڻائي گفتگو ڪندا هئا. جنهن جي سمڪ، مرڪ کي  به هڪ رات جي پئجي وئي هئي پر مرڪ کي اها خبر نه هئي ته جنهن دوزخ ۾ سندس ماءُ، پيءُ هن کي اڇلائي رهيا آهن تنهن دوزخ ۾ هوءَ صرف پاڻ هڪ نه هوندي بلڪه ان جي وجود مان جنم وٺندڙ ڪينجهر به هوندي.

۽ آخر هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو مرڪ کي هڪ اهڙي جانور جيان، جيڪو ڪسي سگهي ٿو پر ڪڇي نه، قربانيءَ جو ٻڪرو بنائي سندس نئين جيون ساٿيءَ جي سپر ڪيو ويو.

عابده پروين جلباڻي

 

ڊاڪٽر اعجاز راهي/ مشتاق گبول

سويڊن جي بهادر ڪهاڻيڪاره سلما ليجر لوف

 

دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ نظر ايندا، جن پنهنجي ڪنهن به قسم جي معذوري کي رحم جي قابل بنائڻ بجاءِ ان حد تائين پاڻ کي مثالي بڻايو هجي. جو ٻيا ماڻهو انهن جي فخر ڪرڻ لڳن. سلما ليجر لوف سويڊن جي هڪ اهڙي ئي  ڪهاڻيڪاره جو ناءُ آهي. جيڪا پنهنجي ٻنهي پيرن ۾ طاقت کان محرومي جي باوجود ادبي افق تي هڪ اهڙي شخصيت بڻجي اڀري جنهن تي ٻيون عورتون فخر ڪن ٿيون. هوءَ هڪ اهڙي بهادر عورت هئي. جنهن پنهنجي معذوري کي بيوس ڪري ڇڏيو هو. البته هن جي زندگي جذباتي حادثن کان خالي هئي، مگر هن جي اندر جي احساسن هن کي هڪ  اهڙي مقام تي پهچائي ڇڏيو  جو دنيا جو سڀ کان وڏو ادبي  ايوارڊ حاصل ڪرڻ واري  پهرين عورت بڻجي وئي. اتي ئي هن جو ادب سويڊن جي تخليقي سرمائي ۾ قابل قدر واڌارو ڪيو.

سلما ليجر لوف اوتيليا نالويز (Salma lager lof ottiliia Nalaviga) 20 نومبر 1858ع تي وارم لينڊ سويڊن (Varm land Sweden) ۾ ليفٽيننٽ ايرڪ ليجر لوف ۽ سوئس لوويزا جي گهر ۾ پيدا ٿي. هوءَ اڃا ٽن ورهين جي هئي ته هن تي فالج جو حملو ٿيو هن جا ماءُ پيءُ نهايت شفيق هئا، انهن سلما ليجر لوف جي علاج ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي مگر سلما ٻنهي پيرن کان محروم ٿي وئي. هن جو سڄو ننڍپڻ انهي اميد تي اسپتالن  ۽گرم جاين تي گذريو ته شايد هن جي پيرن جي توانائي واپس اچي، پر هوءَ سڄي زندگي پنهنجي پيرن تي هلڻ جي خواب کي پورو نه ڪري سگهي. اهو ئي سبب هن جي تعليم جي باقاعدگي ۾ ديوار بڻجي ويو.

سلما اڃا پنهنجي زندگي جي ڏهاڪي ۾ داخل ٿي ته  سندس والد ليفٽيننٽ ايرڪ گذاري ويو. انهن ڏينهن ۾ سلما ٽيچنگ جي شعبي ۾ وڃڻ جي باري ۾ سوچي رهي هئي. ته پيءُ جي وفات سان هن جي گهر ۾ مالي پريشانيون شروع ٿي ويون. ابتدائي تعليم هوءَ پنهنجي گهر ۾ حاصل ڪري چڪي هئي ٽيچنگ پروگرام لاءِ هن کي اسٽاڪ هوم وڃڻو هو. سو مالي وسيلا ختم ٿيڻ تي هن کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ايستائين جو هن جو اباڻو گهر ماربيڪا  به وڪامجي ويو. جنهن سان هن کي گهڻي محبت هئي. ۽ هڪ حد تائين هن جي جيئڻ جو تعلق به. گهر جي وڪڻڻ هڪ طرف هن تي منفي اثر ڇڏيا. پر ٻئي طرف هن کي جيئڻ جو حوصلو به ڏنو. سلما فيصلو ڪيو ته هوءَ هڪ ڏينهن ضرور اباڻو گهر حاصل ڪندي. جيڪو گهر هن جي شديد جذباتي لڳاءُ جو واحد مرڪز هو.

1880ع ۾ هو  ٽيچنگ تربيت جي لاءِ (Teaching Saminawy) اسٽاڪ هوم اچي وئي، جتان تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ لينڊز ڪرونا جنوبي سويڊن جي هڪ علائقي ۾ بطور استادياڻي مقرر ڪئي وئي.

سلما ليجر  لوف کي ننڍپڻ کان ڪهاڻيون ٻڌڻ جي عادت هئي، هن جي ناني جيڪا معذوري جي ڪري سلما سان بي حد پيار ڪندي هئي، گهڻو وقت هن کي ڪهاڻيون ٻڌائڻ ۾ گذاري  ڇڏيندي هئي، ڪهاڻيون ٻڌندي ٻڌندي هن جي اندر هڪ ڪهاڻيڪاره بيدار ٿي وئي، ۽ جڏهن هن لکڻ شروع ڪيو ته ناني جون ٻڌايل ڪهاڻيون هڪ هڪ ڪري هن جي قلم مان جهاتيون پائڻ لڳيون.

پهريان هن ڊرامي کي پنهنجو اظهار بنائڻ گهريو. گرمين جي موڪلن ۾ اسٽاڪ هوم جي ٿيٽر تائين وڃي پهتي. مگر جلدي هن کي احساس ٿيو ته ڊرامو هن جي طبع  سان موزون ناهي، جڏهن هن جي زندگيءَ جي پهرين تخليق شايع ٿي هئي ته اها هڪ نظم جي صورت ۾ هئي.

سلما جي زندگي جا ڏينهڙا ائين گذرندا رهيا هن جي عمر ٽي ڏهايون لتاڙي چوٿين ڏهائي  ۾ داخل ٿي وئي ڪڏهن ڪڏهن هن جو ڪو نظم شايع ٿي ويندو هو. زندگي ۾ اڪثر هن کي مايوسي گهيري وٺنديو هئي. ته هو سوچڻ لڳندي هئي، ڇا صرف پڙهائڻ هن جو مقصد رهندو. جتي هوءَ هڪ ڏينهن خاموشي سان دنيا مان هلي ويندي. سلما کي احساس نه هو ته زندگي جون بي پناهه خوشيون آهستگي سان سندس  پويان اچي رهيون آهن،. شاعري ڪندي ڪندي هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو سلما ليجر لوف سويڊن جي ادبي اڀ تي اڀري ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ جي هڪ اهم اديبه بڻجي وئي. هن جي عروج جو هي سفر هن جي ڪهاڻين جي پهرين ڪتاب گوسٽا  برلنگ (Gosta Berling) سان شروع ٿيو ۽ هن جي زندگي جي آّخري لمحن تائين هلندو رهيو.

1894ع ۾ شايع ٿيڻ واري هن ڪتاب سلما تي روشن مستقبل جا دروازا کولي ڇڏيا لوڪ رس ۾ ٽٻ ٿيل مقامي حڪايتن (Legent) جو هي ڪتاب پنهنجي طاقتور، اسلوب ۽ موضوع جي ڪري هڪ وڏي حلقي ۾ مقبول ٿي ويو. اتي سلما جو اسلوب ٿامس ڪارائل (Thamas Carlyle) جنهن جي لکڻي کان هوءِ بيحد متاثر نظر ايندي هئي، انهن ڪهاڻين جو پس منظر وارم ليند جو اهو لينڊ اسڪيپ آهي جيڪو ننڍپڻ کان هن جي ذهن ۾ آباد هو. ڪهاڻين ۾ شامل روماني انداز ڪهاڻين کي  مقبول بنائڻ ۾ اهو ڪم ڪيو ۽ جڏهن هي ڪهاڻي اڊن (Idun) نالي رسالي ۾ شايع ٿي رهي هئي ته هن کي هڪ مقامي سطح تي ايوارڊ مليو. جنهن کي هن جي ادبي دنيا جي پهرين ڪاميابي قرار ڏئي سگهجي ٿو. انهي ڪتاب جو ترجمو بعد ۾ دنيا جي تمام گهڻين ٻولين ۾ ٿيو. جيڪو اڄ به اڳي وانگر مقبول آهن.

1895ع ۾ انهي ڪتاب جي ذريعي سلما جي آمدني  ٿيڻ لڳي هئي. انهي ڪري هن پڙهائڻ جي پيشي کي ڇڏي ڏنو ۽ هڪ سفري اسڪالر شپ تي دنيا جي سير تي نڪتي. سڀ کان پهرين اٽلي پهتي، جتي هن ادب جي باقاعده تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي معذوري جي باوجود  ويل چيئر تي يورپ جي سير تي نڪتي. پورو يورپ گهمڻ کان پوءِ فلسطين ۾ يروشلم جي مقدس ديوار کي چمي واپس آئي ته هن جي آمدني هاڻي ايتري قدر هئي جو هن فالن (Falun) ۾ هڪ ننڍڙو گهرڙو خريد  ڪيو، جتي هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهڻ لڳي ان جي باوجود به هن جون نظرون اباڻي گهر مابيڪا کان نه هٽيون.

هاڻي هن جو ادبي سفر شروع ٿيو هو. 1898 ۾ (Inrisble links) ۽ 1899ع ۾ (The Miricieof Antichrist) افسانن جا مجموعا شايع ٿيا ۽ هن جو اشاعتي ڪم اڳتي هلندو رهيو، 1901ع، 1904ع ۽ 1907ع ۾ (1) From a Swedish home stead (2) Herr Arnes Hoard (3) The Wonder ful Adventure of Nile ٻارن لاءِ ڪتاب ڇپيا.

سلما جي ٽين ڪتاب جي اشاعت تي 1904ع ۾ سويڊش اڪيڊمي پاران هن کي پهريون وڏو انعام سون جو تمغو مليو هن جي پنجاهين سالگرهه قومي سطح تي ملهائي وئي. اسپالا يونيورسٽي پاران سلما کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ملي، ۽ سڄي ملڪ ۾ هن جي سالگرهه جون تقريبون ٿيون. سلما ليجر لوف جي شهرت سويڊن جون سرحدون پار ڪري چڪي هئي. هن جا ڪتاب سويڊن جو عوام پسند ڪندو هو. آخري وقت به آيو جڏهن هڪ معذور ڇوڪري دنيا جي دردن مان نڪري انهي هنڌ پهچي وئي، جتان دنيا جو وڏو ادبي ”نوبل پرائز، هن جو انتظار ڪري رهيو هو. هوءَ پهرين عورت اديبه هئي جنهن کي 1909ع ۾ ڪميٽي نوبل پرائيز جو حقدار قرار  ڏنو.

1910ع ۾ هن جي هڪ ٻي اهم تخليق (The girl from the Marsacroft) سامهون آئي ائين هن جي ڪتاب جي ڇپائي جو هي سلسلو هن جي چوويهين تخليق (The Diary of lagerl of siema) (1936ع) تائين جاري رهيو. هاڻي سلما ايتري قدر مصروف ٿي وئي جو جتي هو پنجاهين سالگرهه عالمي سطح تي ملهائي وئي، يورپ جي مختلف شهرن ۾ جلسا ٿيا هئا ۽ هن کي خراج  عقيدت پيش ڪيو ويو. 1914ع ۾ هوءِ پهرين عورت هئي جنهن کي سويڊش اڪيڊمي جو ميمبر چونڊيو ويو. 1910ع نوبل انعام ۾ ملڻ واري رقم مان سلما  پنهنجو اباڻو گهر ماربيڪا واپس خريديو،  سلما گهر کي ٻيهر نئين  سر ٺهرايو ۽ هن سان گڏ 140 ايڪڙ زمين کي جديد فارم ۾ تبديل ڪري هي بهادر عورت پاڻ هارپي جي نگراني ڪرڻ لڳي. هن جي فارم ۾ 35 مزدور ڪم ڪندا هئا جنهن جي پيدوار سڄي سويڊش ۾ سپلاءِ ڪئي ويندي هئي.

1911ع ۾ هن جو ڪتاب The Future Adventure of Nile ڇپيو ته هن کي انهي سال عورتن جي بين الاقوامي ڪانفرنس Womens Surage Convention ۾ تقرير ڪرڻ جو موقعو مليو. هوءَ هميشه امن پسند عورتن جي حقن جي طرفدار رهي. هن جي جسماني ڪمزوري جي باوجود هن جي آواز ۾ وڏو سحر هو. مذهب ۽ سياست تي هن ڪڏهن کلي ڪري  ڪابه ڳالهه نه ڪئي هئي. ائين لڳي ٿو ته ڄڻ هوءَ روحاني طور ڪمزور عقيدا رکندي هئي. ۽ تخليقي دنيا زياده طاقتور انداز ۾ هن جي اندر وهندي هئي. هوءَ ڪڏهن جذباتيت جو شڪار نه ٿي هن سڄي عمر ۾ شادي ڪانه ڪئي. شايد زندگيءَ جو اهڙو موڙ آيو هو جتي جواني ۾ ڪجهه گهڙين جي لاءِ هوءِ ڪنهن لاءِ بيٺي، مگر پوءِ هوءِ اڳتي وڌي وئي ۽ سڄي زندگي جذباتي راهه تي ڪنهن کي به شريڪ نه ڪيائين.

*---------*-------*

 

شاعري

نياز جويو

شهيد”آصف“ مصراڻيءَ جي

چؤسٽا

مُحبت، اُخوت جو اُهڃاڻ آصف،
هو ديس ڌرتيءَ جي سُرهاڻ آصف،
لکي نياز ڪهڙي ڪُنڊ کان هي نالو،
هو منڇر، ڪينجهر ۽ مهراڻ آصف.

 

 

بيت

هيڏو هيءُ انڌير،  ڌرتيءَ سان آ ٿيو،
تنهنجي ئي ڏات جو، ڪوي هڪ ڪُٺو،
هئي هئي ڇا ٿي ويو،”آصف“ جي اڱڻ تي.

 

هُو به ڌاريا ڪين ها،هُيا پنهنجا ڀاءُ،
گولين جي گونج سان، ڏئي ويا  گهاءُ،
ايڏو هي انياءُ، ڏات ڌڻيءَ سان.

 

احمد خان ”آصف“ ٿيو شهيدن ۾ شان،
دعاگو آهيان، دل سان، هُت ماڻيندو مان،
اندر ۾ ارمان، اڃا آهي جنهن جو.

 

 

بدر النساءَ سيد

نظم

هن ڪمري ۾ هُر ڪنڊ ۾

هڪ خواهش روز روئي ٿي

ڪتابن جي ڪٻٽ ۾

لفظ بي ڪفن لاش جيان

ڌوڙ ۽ دز سان لٽجي

معنيٰ وڃائي ويٺا آهن

تصويرن جا البم

رنگين  چهرن کان خالي آهن

ڊائريون!

ڏکن جو ٻوجهه کڻڻ کان انڪاري آهن.

ڪيسٽن مان آواز

گم ٿي ويا آهن

هن ڪمري ۾ هاڻي تازو ئي

هڪ خواب جو قتل ٿيو آهي

هڪ ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾

خوابن خواهشن،

اميد ۽ رنگن جي نقاب مان نڪري،

هڪ ماءُ جنم ورتو آهي.

هر طرف رانديڪا پکڙيل آهن

ننڍڙا آواز وکريل آهن

۽ ڪجهه شيشا...

هڪ خواب محل ٽٽڻ جا

ڪنهن جي پيار جي پکيءَ جو

اتي پهچڻ ممڪن ئي ناهي

جتي...

غربت غرور سان ويٺل آهي

بک بينيون وڄائي ٿي

زندگي زور جو سودو آهي

مائون باقاعده ٻار ڄڻن ٿيون.

ٻار بي فائده مرن ٿا

ان گهر جي اداس اڱڻ ۾

هڪ نراس ڇوڪري جي خوابن تائين

ڪنهن جي خيال جو  پکي پهچڻ

ڪٿي ممڪن آهي

ممڪن ئي ناهي!

 

*---------*--------*

 

 

حفصه الطاف

غزل

 

سور ستم سهندا رهنداسين،
سڀن اڳيان کلندا رهنداسين.
ختم ٿي ويا، سارا سهارا،
اڪيلائي پر جيئندا رهنداسين.
وقت جو قدر ڪو نه ڪيوسين،
هاڻي سڄي عمر پڇتائيندا رهنداسين.
ساڻ کڻي خاموش سوچن کي،
وقت سان وڙهندا رهنداسين.
آس اکين ۾ ڪانهي ڪائي،
شايد زندگي به وڃائي ويهنداسين.

 

*---------*-------*

 

سحر ڪبريٰ

غزل

توکي به ته جاني ڪوئي پيارو هوندو،
جيئڻ لاءِ جيون جو ته سهارو هوندو.
پڇندي آهيان قسمت جي ته ستارن کان،
غم کان آجو هتڙي ڪوئي يار هوندو.
سج جي تاءُ کان زياده عشق جو سور تکو،
عشق جي غم کان غم ڪوئي بارو هوندو.
رات ڏسي آڪاش تي جهر مر تارن جي،
سوچيم دل آڪاش تي تنهنجي ڪوئي ستارو هوندو.
سمنڊ سمورو پيار جو ساٿي اوتڻ کان پوءِ،
سحر جي من جيان ڪوئي تاسارو هوندو.

 

سنجهاسرواڻ

نظم

ڪالهه گل جي مٿان

ڪوشبنمي قطرو

ڪريو هو

ائين لڳو هو

منهنجي ڳل تي

ڄڻ ته

منهنجي ڳل تي

تو پنهنجا

ننڍڙا ۽ نازڪ

چپ رکيا هجن.

 

حميده اتم

غزل

اچ ننڍپڻ کي موٽايون،
سرتي! ماضي کي ورجايون.
گڏيءَ جو وهانءُ ڪرائي،
رٺل سرتين کي پرچايون.
هن چيو ماضي گذري ويو،
بهتر آ تنهن کي نه ورجايون.
مون چيو فون نه رکجانءِ،
ترس ته ٿورو ڳالهايون.
هن چيو بي رخيءَ سان،
چڱو ڀلا پو ٿيون ڳالهايون.
چيم توکي  مبارڪ محفل،
مون کي منهنجون بس تنهايون.

 

 

*---------*-------*

 

نثري نظم

مون سدائين وانگر

اڄ به

پنهنجي ڏک جو اظهار

لفظن ۾ ڪرڻ چاهيو ٿي

پرلفظن روئي چيو،

اسان جو

سهارو نه وٺ

جو اسين به

سهارن جا محتاج آهيون.

 

روبينه صديقي

*

زندگي مون کان نه کس احساس منهنجا،

نه ڏي ڏک ڏونگر جيڏا

مان ته معمولي خواهش جي اميدوار

نه وڏا ڪنهن سان ڪيان وچن

نه ڏيان ڪنهن کي ڏک

ننڍيون ننڍيون حسرتون منهنجون

دل جون تمنائون آهن مختصر

مان ته توکان نه ٿي گهران

ڪي وڏا وڏا گلستان

بس تون منهنجي اندر سمنڊ وانگر ڇوليون نه هڻ

ڇولين جي خوفناڪ شور

۽ پاڻيءَ جو ڌڪ

منهنجو اندر ڏاري ٿو ڇڏي

تون منهنجا ننڍا ننڍا سپنا

مون کي سانڍڻ ڏي

مان تو کان ٻيو ڪجهه نه ٿي گهران

اي زندگي اي زندگي

منهنجي ننڍڙي ننگر کي ائين نه ٻوڙ

 

علي  احمد پلهه

”مون کي پيڪي موڪلي مون تي ظلم نه ڪر

ڄڃ کي اسرڻ وقت  تون پنهنجي
ماءُ، پيءُ سان ڀاڪرين پئي روئي،
رهي هئين! ڄڻ ائين چئي رهي هئين
ته ڪيڏيو نه ظالم آهين جو مون کي پنهنجي
ماءُ ۽ پيءُ کان جدا ڪيو اٿئي
پر جڏهن سياري جي سرد رات ۽ جندرما جي چانڊوڪيءَ
منهنجي عشق ڪر ڪيو ۽ تنهنجي حسن کي ڏنگيو
هيو ۽ اسان جو ڪو به راز هڪ ٻئي کان راز نه رهيو
ان کان پوءِ هاڻي جڏهن عيد تي توکي مائٽي گهر وڃڻ لاءِ چوان ٿو
ته منهنجي جريب جيڏي ڇاتي ۾ منهن لڪائي  چوين
ٿي ته”مون کي پيڪي موڪلي، مون تي ظلم نه ڪر.“

 

ثريا سوز ڏيپلائي

مجل (ٿري لوڪ گيت)

’مجل‘ ’مجل‘ ڪندڙو تون آءُ،

او (نالو) لاڏالا

مجل مجل، ڪندڙو تون آءٌ

گهوريس ايندو اسان جو (نالو) لاڏو

اچيو هندو هي!

نالي تان گهوريس هيڪڙي تون ”مهل“ اورهين

اڇاڙي يا اپا گلم وڇائي، سٺا سهيرا

اڇاڙي اپا ، گلم وڇائي

گهوريس ايندو اسان جو شوقين لاڏو،

اچي وهندو هي!

نالي تان گهوريس، هيڪڙي تون ”مجل“ اورهين

رتا ڙي رتا ”سانگيا“ ڍارائي سٺا سالا،

رتا ڙي رتا سانگيا ڍارائي

گهوڙيس ايندو اسان جو شوقين لاڏو

اچي وهندو هي!

نالي تان گهوريس، هيڪڙيتون ’مجل‘ اورهين

 

 

*--------*------*

 

 

جبار تاثير سومرو

غزل

 

وڻي ٿي وڻي ٿي، هوءَ ڏاڍو وڻي ٿي،
قسم ساڻ دل کي هوءَ ڏاڍو وڻي ٿي.
الائي ڇو مون کي هوءَ ايڏو وڻي ٿي،
جڏهن ڀي نشيليون نگاهون کڻي ٿي.
هي اوڙو، هي پاڙو، وڃي واسجي ٿو،
جڏهن ڀي پنهنجي چوٽيءَ چنبيلي هڻي ٿي.
رسي هن کان رخصت اجايو ويس مان،
رڳي  ڏينهن ويٺي بس هر هر ڳڻي ٿي.
ڦڻيون تيل سرما، ويا  هن کان وسري،
پئي هن جي وارن مان واري ڇڻي ٿي.
رکيون آس ”تاثير“ ويٺو ڏسي ٿو،
اچي مور وانگي قدمڙا کي ٿي.

 

*--------*-------*

 

تسليم زنئور

غزل

هيل گڏجي سانوڻ ۾ بوند بوند واکاڻيون،
چانڊوڪيءَ جوروپ ڏسي ٻهڪيون رات جون راڻيون.
ڪچي مٽيءَ واس وٺون، اڄ ڪوئي بنواس وٺون،
آءُ گڏجي ساٿيئڙا، جوڙيون ڪيئي آکاڻيون.
من جي بن ۾ لوچ اها، سپني سپني سوچ اها،
منهنجي واٽ تي بيٺل ساڀيائون ساڻيون.
جيڪر گڏجون راڳ هجون، ڌار ٿيون ويراڳ هجون،
وک ٿڪي ويساهه گهاتي، وک وڌي منزل ماڻيون.
چپرن مان جي ڇاٽ ڇڻي، پن  ڇڻ ڪائي هام هڻي،
کوهي مان نه ماڻين تون، منجهه بهارن سرهاڻيون.

 

خليل عارف  سومرو

غزل

جڏهن ياد ڳالهيون اڳوڻيون پيون،
ڀڳو بند اکڙين جو، روڻيون پيون.
وڇوڙي جي گهاون تي يادون ائين،
مڇيون ڄڻ ڇلهيل هن لوڻيون پيون.
ڀري ڇرڪ ٻک مان اٿي جو هئينءَ
ڀڄي ڪيئن هيون تنهنجون چوڙيون پيون.
کڻي سک وئين هاڻ مون وٽ آهن،
غمن  جون ڀريل باقي ڳوڻيون پيون.
لٿي ڪڻڪ عارف ڦريون ڀي لٿل هن،
هلي آءُ ٻيرن ۾ ڌوڻيون پيون.

 

ڪوثر سحر

گيت

پريت  پنڌ ڪڏهن نه ڄاڻان،
سڪ ساڳي جذبا پراڻا.
اکين اندر سمايل مورت،
ڳالهيون پروڪيون آلا وهاڻا.
قيد خانو! اڪيلائي ۽ ياد،
چيچ ۾ ڇلو لڱ ساڻا.
پيار پکيءَ جا ٽٽل کنڀ،
جهٽ پلڪ اکين ۾ اوجهاڻا.
جسم اندر لڪل زندگي،
واڳ وڏي هٿ اوٺاڻا.
اڄوڪي خوشي ڪلهوڪو غم
حساب برابر ڪونه پڇاڻا.

 

 

*---------*-------*

 

خط

 

پياري سرتي!

مون اوهان جو رسالو ”سرتيون“ ماهوار سيپٽمبر جو شمارو پڙهيو، تمام گهڻو پسند آيو، اميد  ڪجي ٿي ته اها جستجو جاري رکنديون، نئين رسالي جو انتظار رهندو، مان ڀي ڪجهه مواد موڪليان ٿي، جي شايع ڪرڻ جهڙو هجي ته ضرور همت افزائي ڪنديون. هن شماري ۾ ڪهاڻي زندگي کان آزاد تمام گهڻي پسند آئي، شاعري تمام وڻندڙ هئي، نوان سلسلا رکي اسان جي دلي خواهش پوري ڪئي اٿو اهڙي سٺي محنت تي مبارڪون قبول ڪنديون. اميد اٿم ته هي رسالو ڪاميابيون ماڻيندو

وفا خير النسا جويو

جواب: محترمه ڀيڻ تفصيلي خط لکڻ لاءِ لک لائق، اميد ته آئنده به اهو تعاون جاري رکنديون.

ايڊيٽر صاحبه!

اوهان جو ”سرتيون“ رسالو پڙهي دل کي  ڏاڍي خوشي ٿي ته سنڌي ماڻهن کي سنڌي ادب سان گهري دلچسپي آهي، اهو سندن لکڻين مان معلوم ٿيو ”سرتيون“ هر لحاظ کان بهتر رسالو آهي، ۽ اهو اڳتي اڃا به وڌيڪ معياري ٿيندو، ان ۾ مان به حصو وٺڻ چاهيان ٿي، ان ڪري ڪجهه مواد موڪلي رهي آهيان جيڪڏهن معياري سمجهو ته ضرور شامل ڪجو.

زهره شاهه  خيرپور

جواب: محترمه ڀيڻ خط لکڻ  ۽ مواد موڪلڻ لاءِ ٿورائتا آهيون، اوهان جو  مواد ضرور شايع ڪنداسين.

محترمه ڀيڻ!

سرتيون جو درشن پهريون دفعو ڪيم، مون کي هي رسالو ڏسي ائين لڳو ته اڃا  عورتون آهن جيڪي پنهنجن حقن لاءِ پاڻ پتوڙينديون رهن ٿيون. ڀيڻ مان ڪيترن ئي رسالن جو نمائندو ”ايجنٽ“ آهيان،اوهان جي رسالي جو به نمائندو ٿيڻ چاهيان ٿو، ان لاءِ ڪهڙو طريقيڪار آهي، اهو ضرور ٻڌائيندا. مان پنهنجي شهر ۾ اوهان جي رسالي کي وڌ ۾ وڌ هلائڻ جي ڪوشش ڪندس. ڀيڻ ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان، ان آس سان ته مايوس نه ڪندا.

امر شر بلوچ

جواب: محترم ڀاءُ خط لکڻ ۽ مواد موڪلڻ لاءِ مهرباني، نمائنده مقرر ڪرڻ واري اوهان جي تجويز نوٽ ڪئي وئي آهي. جنهن تي جلد عمل ڪيو ويندو.

مانواري ڀيڻ!

مون اوهان طرفان شايع ڪيل رسالو ”سرتيون“ جو آگسٽ جو شمارو پهريون ڀيرو پڙهيو، بيحد پسند آيو، خاص ڪري فرزانه ڪنول، تانيا ٿيٻو، حميده پنهور جون ڪهاڻيون، سنڌيا ظفر جو انٽرويو ۽ شاعري ۾ عطا قاضي، مشتاق گبول، ڪمون شهيد، سڪايل نهال چانڊيو، فياض مهر جون لکڻيون وڻيون، منهنجي خيال ۾ هي هڪ بهترين رسالو آهي ۽ آئنده پرهڻ لاءِ اتساهي ٿو پر ٻيو عرض ته مان شاعري ڪندو آهيان ۽ اوهان جي رسالي ۾ موڪلي رهيو آهيان، ۽ اميد ڪري رهيو آهيان ته شايع ڪندا.

وسيم سائل

جواب: محترم ڀاءُ خط لکڻ ۽ مواد موڪلڻ لاءِ مهرباني ڪوششش ڪنداسين ته اوهان جي شاعري وقت سر  شايع ڪريون.

مان واري ڀيڻ

هڪ مهيني جي غير حاضري کان پوءِ وري حاضر آهيان، توهان  ڏانهن هڪ نثري نظم موڪليو هيم جيڪو توهان آگسٽ جي پرچي ۾ شايع ڪيو. ان لاءِ مان اهان جو ٿورائتو  آهيان. ٻي ڳالهه ته اعزازي ڪاپي هن مهل تائين نه پهتي آهي. جيڪا اميد ته جلد موڪلي ڏيندا.

مان واري ڀيڻ هن ڀيري پنهنجي هڪ ڪهاڻي ”هڪ تعويذ جي ڳالهه“ جي عنوان سان موڪليان پيو جيڪا  90 سيڪڙو صحيح آهي. مون سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ پڻ هي ڪهاڻي پڙهي هئي،جنهن کي ساراهيو ويو هو. مان اميد ٿو ڪريان ته سرتيون جي ايندڙ پرچي ۾ منهنجي ڪهاڻي کي پڻ شامل ڪندا.

عباسي نصرالله، تبسم نصيرآباد، لاڙڪاڻو

جواب: محتر ڀاءُ خط لکڻ ۽ مواد موڪلڻ لاءِ لک لائق، باقي اعزازي ڪاپي اوهان کي ڏياري موڪلبي.  هڪ گذارش ته جڏهن به مواد موڪليو ته پنهنجي ايڊريس ضرور لکندا ڪريو ته جيئن اسان کي ڪاپي موڪلڻ ۾ آساني ٿئي.

محترمه ايڊيٽر صاحبه!

مان ”سرتيون“ رسالو پڙهيو، مون کي تمام گهڻو پسند آيو، ان ڪري مان سرتيون ۾ ڪهاڻي لکڻ تي مجبور ٿي پيس، ان لاءِ مان ڪهاڻي” بدچلن“ موڪلي رهيو آهيان، اميد ته شايع ڪندا.

انور علي لوهار

جواب: محترم ڀاءُ خط لکڻ لاءِ اوهان جا ٿورائتا آهيون، اوهان جي ڪهاڻي  پهتل آهي، جنهن کي شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

محترمه ڀيڻ!

محترمه ڀيڻ سرتيون ۾ پنهنجو اڻ پورو لوڪ گيت شايع ڪيو ان لاءِ به وڏي عنايت، سرتيون لاءِ تازيون وايون اندر مان اوتيون اٿم  جيڪي اوهان ڀيڻ کي منسوب ڪيان ٿو.

گل حسن ساگر ڪوري

جواب: محترم ڀاءُ خط لکڻ لاءِ لک لائق، اوهان جي شاعري پهتل آهي، جيڪا ضرور شايع ڪبي.

مانوار ڀيڻ

مان ماهانه سرتيون رسالو پڙهندو آهيان، مگر رسالو تمام  دير سان اچي  ٿو. مهرباني ڪري ايڏو انتظار  نه ڪرائيندا. ماهه آگسٽ وارو رسالو بيحد  پسند آيو، جنهن ۾ اڃايل آس، شادي جون دلچسپ رسمون، جنين ڪاڻ مياس، اعتبار تانيه ٿيٻو، پر آخر ائين ڇو، هي وارتا فرزانه ڪنول،  حسن جو پوڄاري قلب سومرو، تو پڄاڻان سپرين حفيظ فائز سومرو، وائي انيس گل، غزل اسير اسحاق چنا، غزل سڪايل نهال چانديو، غزل حسن ٻٻر،  وائي فياض مهر، غزل هوتو سنڌو پياسي اهي لکڻيون پسند آيون

وفا منير احمد ٿهيم

جواب: محترم ڀاءُ تفصيلي خط لکڻ لاءِ مهرباني اميد ته هاڻي اوهان کي دير واري شڪايت نه رهندي.

ادي

احوال عرض ته گهڻي عرصي کانپوءِ اوهان ڏانهن  شاعري جي صورت ۾ مواد موڪلي رهيو آهيان، اميد ته اڳ جيان سٺي موٽ ملندي

عزيز بلال بروهي لاڙڪاڻو سنڌ

جواب: محترم  ڀاءُ، خط لکڻ لاءِ لک لائق، مواد مليل آهي، جيڪو ضرور شايع ڪبو.

مان واري ايڊيٽر!

سرتيون پڙهيم، اسان پڙهندڙن جي موٽ جون مهربانيون، احسان، شڪر گذاريون ۽ ٿورا مڃي ائين ٿو لڳي، ڄڻ هاڻ توهان اسان کان بنهه موڪلائي ڇڏيو آهي پر خير تڏهن به تازي پرچي متعلق پنهنجي راءِ ۽ تبصرو لکڻ فرض ٿو سمجهان. پهريون عرض ته پرچي جو ٽائيٽل روئاريندڙ  هو، ڪڏهن ڪڏهن پر ڪشش حسين منظرن وارا  ٽائيٽل به ڏيندا ڪريو. سرتيون ۾ اصلي ڪهاڻيون ۽ ڀينرن کي بايو ڊيٽا وغيره موڪلڻ جو سڏ ڏيڻ  جا ٿورا، محترمه خديجه خانم دائود پوٽو جي تقرير سٺي ۽ ان جي پڄاڻي شاندار هئي. توهان جي هنن سٽن ۾ ڪيڏي نه سورهيائي ۽ سرفروشي آهي،  منهنجي هنن سٽن  لکڻ جو مطلب اهو نه آهي ته ڪو اسان کي حالتن کان مايوس ٿي هٿ هٿ تي رکي ويهڻ گهرجي، پر شينهن جيڏو جگر ڌاري حالتن سان منهن مقابل ٿي اهڙو ماحول  پيدا ڪجي جو چوطرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي.

ذوالفقار ٽالپر

جواب: محترم ڀاءُ رسالو پڙهڻ ۽ تفصيلي خط لکڻ لاءِ مهرباني، اميد ته  هاڻ اوهان کي شڪايت نه رهندي.

 

 

*--------*------*

 

رڌ پچاءُ

ڪوفتا

گهربل شيون

قيمو : هڪ ڪلو

بصر: هڪ ڪلو

ٽماٽا: ٽي عدد

سونف: هڪ چمچو

ادرڪ: پيٺل هڪ چمچو

ڦوٽا : چار عدد

ڦودنو: چار عدد

ساوا مرچ: ڇهه عدد

ساوا ڌاڻا: ڪجهه پتيون

لوڻ مرچ: حسب ذائقه

ترڪيب: هڪ بصر سنهو ڪٽيل ادرڪ، سائومصالحو، قيمتي ۾ ملايو، هاڻ ان سان پيٺل گرم مصالحو به ملايو، ڪنهن اکريءَ ۾ سڄي قيمي کي چڱيءَ طرح ڪٽيو، هاڻ ننڍا ننڍا گول بال جهڙا ٺاهيو. هاڻي فرائي پين ۾ تيل گرم ڪريو انهن کي تريو، ٻئي ٿانو ۾ باقي بچيل بصر، ڪٽي فرائي ڪريو، جڏهن ڳارهو ٿي وڃي ته ان ۾ ٽماٽا ۽ باقي مصالحو وجهي ڇڱي طرح ڀڃو ٿورو پاڻي وجهي گهاٽو رس ٺاهيو، هاڻ ان ۾ ڦودني جون پتيون مٿان وجهو، توهان جا ڪوفتا تيار آهن.

 

چپلي ڪباب

گهربل شيون

قيمو: هڪ ڪلو

ٽماٽا: اڌ ڪلو

بصر: اڌ ڪلو

گرم مصالحو: هڪ چمچو

مرچ ۽ لوڻ: حسب ذائقه

پيٺل ڌاڻا: ڏيڍ چمچو

مڪئي جو اٽو: چار عدد

بيضا: ڏهه عدد

گيهه: حسب ذائقه

کٽا ڏاڙهون: حسب ذائقه

ترڪيب: قيمو سنهو پيٺل هجي ان ۾ سنها ڪٽيل ٽماٽا، بصر، گرم مصالحو، لوڻ ۽ ڪارن فلاور شامل ڪيو. سڄا ڳاڙها مرچ هٿن سان مهٽي وجهو بيضا ٽوڙي فرائي ڪريو، فرائي بيضا چمچي سان مهٽي قيمي ۾ شامل ڪريو. سمورو مصالحو ملائي هڪ تئي تي تيل گرم ڪري پنهنجي پسند سان ڪباب تيار ڪريو، ڪباب سنها تريو، سلاد ۽ گدامڙي جي چٽڻي سان پيش ڪريو.

 

*--------*-------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com