سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون نومبر 1996ع

گلبدن جاويد

ايڊيٽوريل

”مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيج ۾“

 

اسان جي سماج ۾ جتي ٻيا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌندا رهن ٿا، اتي ڏاج (جهيز) جو مسئلو به وڌيڪ اڻ سهائيندڙ  ۽ ڏکي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. پوئين ڏهاڪي ۾ اها صورتحال ايتري گهڻائي ۾ نه هئي،  پر اڄ ڪلهه اها ڳالهه عام جام ٿي پئي آهي. جنهن ڪري نياڻين جا مائٽ حيران و پريشان آهن، هينئر وڪرنجا مائٽ ڇوڪريءَ کي پسند ڪرڻ کانپوءِ سندس مائٽن کي ڏاج جي هڪ وڏي فهرست ڏياري موڪلين ٿا. پوءِ سرندي وارا ان کي لبيڪ چئي بسم الله ڪن ٿا ۽ رشتو طئي ٿئي ٿو. پر جيئن شادي جا ڏينهن ويجها ٿين ٿا تيئن فرمائشن جي لسٽ ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو، ويندي ڪنوار جي ساهري گهر رسڻ تائين پر صاحب حيثيت ۽ شريف ماڻهو پنهنجي نياڻيءَ جي گهر وسائڻ  ۽ عزت خاطر، نه چاهيندي به اهو سڀ ڪجهه ڪندا رهن ٿا. خير خوبي سان سندس نياڻي وڃي ساهرن ڀيڙي ٿئي ٿي. پر پوءِ سندس قسمت آهي، جو مڙس سٺو اٿس ته ٺيڪ نه ته مائٽن جي ذميواري پهرين کان به وڌي وڃي ٿي. ۽ پهرين کان به  وڌيڪ خطرناڪ حالتون سامهون اچن ٿيون. ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن کي ڊپ وٺي ٿو ته ڪٿي اسان جي ڌي کي طلاق نه ملي ۽ مفت ۾ بدنامي پلئه نه  پوي، ڇو ته جنهن رشتي جو بنياد لالچ تي رکيو وڃي ٿو اها لالچ وقت سان گڏ وڌندي رهي ٿي. مثال طور ساهرا ڇوڪريءَ کي چون ٿا ته مائٽن کان  هيترا پئسا آڻي ڏي نه ته اتي وڃي ويهه ۽ اسان جي گهٽيل ۽ ٻوساٽيل سماج جي هيسيل نياڻي طلاق جي ڊپ کان مائٽن تي فورس وجهي ٿي ته جيئن منهنجا ساهرا چون ٿا تيئن ڪريو، پوءِ مائٽ  يا ته ڌي کي طلاق ڏيارين يا پنن! پوءَ انهي مسئلي تي ڇوڪري جو پيءُ وڌيڪ جذباتي ٿئي ٿو ۽ حالتن کي منهن نه ڏيڻ جي صورت ۾ هارٽ اٽيڪ  جو شڪار ٿي قبر  ڀيڙو ٿئي ٿو.

انهن فرمائشي لسٽن جي ڪري ڪي ته رشتا قائم ئي نه ٿا  ٿين ۽ هينئر ڇوڪري جي شڪل شبيهه، ادب، اخلاق، تعليم  و تربيت ڪجهه به اهميت نه ٿي رکي. بس سڀ ڪجهه پئسو آهي. پئسو ناهي ته رشتو ڪرڻو ئي ناهي. خاص ڪري نوڪري ڪندڙ نياڻين جو مسئلو ته تهائين  ڏکيو ٿي پيو آهي. ان جي مائٽن کان ته پهرين سوال اهو ڪيو وڃي ٿو ته ڇوڪريءَ جو بئنڪ بيلنس ڪيترو آهي؟

انهي ڳنڀير مسئلي جي حل لاءِ، منهنجي نياڻين جي مائٽن کي گذارش آهي ته صبر، تحمل، بردباري ۽ بهادريءَ کان ڪم وٺن جڏهن به رشتي ٿيڻ مهل اهڙي صورتحال سامهون اچي جنهن ۾ ڇوڪري وارن طرفان لسٽ ملي ته پهرين ته ان رشتي  کي ئي رجيڪٽ ڪري ڇڏين ۽ نياڻي کي پاڻ تي بار سمجهڻ بجاءِ ان تي اعتماد ڪن. نياڻين کي به گهرجي ته انهي کي مسئلو ڪري نه وٺن بلڪه پنهنجو پاڻ  کي بردبار ۽ آدرشي  ٺاهين. اسان وٽ سٺن ماڻهن جي به کوٽ ڪانهي، پر اسان جو وڏو سانحو اهو آهي ته اسان جي قوم کي آدرش ڪونهي، جيڪڏهن آدرش هجي ته اهي مسئلا پيش نه اچن،  نه صرف آدرش رکجن ۽ پنهنجو پاڻ کي به آدرش بڻائجي. دنيا وسيع آهي. مسئلا پيدا ئي حل ڪرڻ لاءِ ٿيندا آهن. اميد ته اسان جون پڙهيون لکيون ڀينرون به انهي سماجي جوڙ جڪ  کي تبديل ڪري پنهنجو پاڻ ۽ ٻين مجبور ۽  بيوس ڀينرن لاءِ راهون هموار ڪنديون، شادي جو  بنياد پئسي بجاءِ آدرش تي رکيو وڃي. حقيقت ۾ اها ئي ڪامياب شادي قرار ڏني وڃي ٿي جنهن ۾ ذهني هم آهنگي آهي.

گلبدن جاويد

 

 

 

*-----------*--------*

 

تنوير جوڻيجو

موتين مٺ

هيئين سان هنڊايان

 

سرتي

اسلام عليڪم

نالو اٿم صوبيه، واسطو اٿم جرنلزم ۽ نفسيات سان اخبارون ڏسڻ محبوب مشغلو اٿم، ساڳي وقت دنياوي خبر چار به اخبارن جي وسيلي پئي ٿي.

اڪثر خبرون پڙهندي آهيان ته زال مڙس کي ڪٺو يا مڙس زال کي قتل ڪيو، قتل ڪنهن ڪنهن کي ڪيو؟ ڪنهن ڪنهن تي هٿ کنيو، ٻئي پاسا ائين ئي ڳرا آهن، جيئن گدرو ڪريو ڪاتي تي ،  ڪاتي ڪري گدري تي، گهر ڦٽو، گهر زخمي ٿيو، گهر قتل ٿيو، گهر جيڪو فردن جو مجموعو آهي، ۽ ائين ڇو ٿو ٿئي، اهڙا واقعا  ڇو ٿا پيش اچن؟

ڇا اسان ڪڏهن ويچار ڪيو آهي؟ هي ڪو هڪ يا ٻن  ڏينهن جو نتيجو ته ٿي نٿو سگهي، ظاهر آ، وقت سان گڏوگڏ حالتون وڌيڪ خراب  ٿين ٿيون. انهن حالتن کي وقت سر ئي ضابطي ۾ ته آڻجي ته ڪر مسئلو انهي حد تائين به پهچي، انهيءَ مسئلي کي منهن ڪيئن ڏجي؟ هڪڙو مضمون جيڪو ڪنهن رسالي ۾ پڙهيو هيم، سو ذهن ۾ پيو هريم،انهي جا ڪجهه نڪتا پڙهندڙ ساٿين تائين پڄائڻ  چاهيان ٿي. من ڪا واٽ ڪو رستو نڪري اچي.

ٻه ٿانو هڪڙي کاري ۾ کڙڪندا ضرور ، ڇاڪاڻ  جو دنيا ۾ ڪي به ٻه ماڻهو هڪ جهڙي فطرت ناهن رکندا. هر ڪنهن جي مزاج ۾ فرق هوندو آهي. پر ڪن جي مزاجن ۾ ٿورو فرق  هوندو آهي. پر ڪن جي مزاجن ۾ گهڻو فرق، زال ۽ مڙس ٻه جدا جدا مزاج ۽ فطرت رکندڙ فرد آهن. البته ڪن جوڙن ۾ فطري هم آهنگي به موجود هوندي آهي. پر اها هم آهنگي گڏ رهڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندي آهي يا وري سمجهو شريڪ، ڄاڻي واڻي ڪوشش ڪري اها هم آهنگي پيدا ڪندا آهن ۽ گهرو سک ماڻيندا آهن.

عام طرح شادي کان هڪدم پوءِ جوڙا هڪ ٻئي جو گهڻو خيال  ڪندا آهن. پاڻ کئي آئيڊيل جوڙو تصور ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهو دور ازدواجي  مسرتن ونڊڻ جو دور هوندو آهي. نوان تجربا، نيون ڳالهيون عجب سرشاري واري ڪفيت هوندي آهي. پر  پوءِ اهو هني مون  وارو دور ختم ٿيندو هر شي پنهنجي اصليت ڏانهن موٽندي آهي، ۽ هر هڪ جا عيب ثواب به آهستي آهستي پڌرا ٿيندا ويندا آهن، خاميون ۽ ڪمزوريون به ظاهر ٿي وينديون آهن. ۽ هلڪي ڦلڪي جهڙپ  جي به ابتدا ٿيندي آهي. اختلاف راءِ به ظاهر ٿيندي آهي. ۽ اها اختلاف راءِ ۽ جهڙپ ڪڏهن ڪڏهن ٺاهه ۽ مصالحت جي قابل هوندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ته اهو سلسلو ايترو ته سنگين بڻجي ويندو آهي جو مصالحت جي به گنجائش ناهي هوندي، ان کان اڳ جو صورتحال قابوءَ مان نڪري وڃي ۽ هڪڙو گهر هڪڙو ڪٽنب تباهه ٿئي، ڪوشش ڪري، ٻنهي  ڌرين  کي وچٿرائپ کان ڪم وٺڻ گهرجي، معقول رويو اختيار ڪجي ۽ کليل دل سان پنهنجون خطائون ۽ پنهنجا ڏوهه به تسليم ڪرڻ گهرجن. ۽ معاملي تي سوچ ويچار ڪري پاڻ تي نگاهه وجهڻ گهرجي ته   ڪٿي معاملو اسان ئي ته  نه بگاڙيو آهي. ۽ پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري معاملي کي ٺارڻ کپي. پر ڳالهه ٻولهه لاءِ ڪجهه ڳالهين جو ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿيڻ جو به امڪان هوندو آهي. ته وري تيليءَ مان ٿنڀ جڙي پوندو آهي. ان ڪري ڳالهه  ٻولهه وقت ڌيان سان ڪم وٺجي. غير ضروري ڊيگهه بجاءِ رڳو ڪم جي ۽ ضروري ڳالهه تي ڌيان ڏجي، ڇاڪاڻ ته ڊيگهه سان مسئلي کي منجهڻ جو خدشو هوندو آهي. ٻيو جيڪڏهن ڪا شڪايت به هڪ ٻئي سان ڪرڻي هجي ته نرمي سان ڪجي جو ٻئي جي انا مجروح نه ٿئي.

ٽيون ڪوشش ڪري هڪ ٻئي جي بي عزتي نه ڪجي  نه وري الزام تراشي ڪجي. ۽ گرمي وقت هڪٻئي جي خامين ڪڍڻ کان به پرهيز ڪجي ڇو ته خامين ظاهر ڪرڻ لاءِ ٿڌائي جي ضرورت هوندي آهي.

۽ آخري اهم نڪتو هي ته هڪدم آخري نتيجي ۽ انتها پسندي تي پهچي  ڇنڻ جون ڳالهيون نه ڪجن ڇاڪاڻ ته ڇنڻ ڪم ڏکيو آهي.  هڪ دفعو معاملو ختم ٿيو ته ٻيهر جڙي ڪونه سگهندو، ۽ جيڪڏهن ڏوهه پنهنجو آهي ته معافي وٺڻ ۾ گهٽتائي نه پر عظمت سمجهجي، معافي وٺي معاملو رفع دفع ڪجي ۽ انهيءَ کان پوءِ اميد ته گهر، ڪٽنب ۽ فرد ٽٽڻ کان بچي پوندا.

 

سنڌ ڄايون

عابده پروين موسيقيءَ جي حوالي سان ڄاتي سڃاتي وڃي  ٿي، سندس جنم لاڙڪاڻي جي فنڪار گهراڻي ۾ 1958ع ۾ ٿيو. سندس والد استاد غلام حيدر ۽ والده مائي ممتاز جو  تعلق موسيقي جي دنيا سان هو. عابده ڄائي ڄم کان پنهنجي چوڌاري مڌر آلاپ ٻڌا ۽ ٻالڪپڻ کان ئي موسيقي سندس روح ۾ سمائي سندس والد استاد غلام حيدر راڳ جي تربيت ننڍي هوندي  کان ڪئي. اهڙي طرح عابده پروين کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو موقعو مليو ۽ اڪثر ڪري پنهنجي والده سان گڏ ڳائيندي هئي.

هڪ ڀيري شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي درگاه تي سندس راڳ ريڊيو جي پروڊيوسر ۽ راڳ جي پارکو غلام حسين شيخ ٻڌو ۽ کيس ريڊيو تي اچڻ جي  دعوت ڏني ۽ ريڊيو تي وڌيڪ سندس فن جي  تراش خراش ڪري سينگاريو سنواريو، ريڊيو تان ڳايل ڪلام ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ تمام گهڻو مقبول  ٿيو، سندس شهرت سموري سنڌ ۾ پکڙي.

غلام حسين شيخ جي  پارکو اک عابده جي گڻن کي  ڏٺو ۽ عابده کي نڪاح جي رشتي ۾ هميشه لاءِ پاڻ سان ڳنڍيو ۽ سندس ذات تي موسيقي جي حوالي سان تمام گهڻي محنت ڪئي. ۽ کيس موسيقي جي محدود ماحول مان ڪڍي وسيع دنيا سان متعارف ڪرايو. اڄ عابده پروين جي شهرت  عالمگير نوعيت جو رخ اختيار ڪري چڪي آهي.

عابده پروين جي ڳائڻ جي خاص خوبي سندس تلفظ جي درستگي ۽ لفظن جي بيان جي چٽائي آهي. عابده پروين سڀني صوفي شاعرن جا ڪلام نئين رنگ ڍنگ سان ڳائي مقبوليت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. انهي سان گڏوگڏ جديد شاعرن جي شاعري کي به منفرد ۽نئين انداز سان ڳايو آهي ۽ انهي سان اڙدو غزل کي نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ ٻڌندڙن اڳيان پيش ڪيو  آهي.

عابده پروين  جي يا راڳ جي بدقسمتي، جو راڳ جي تراش خراش ڪندڙ جوهري غلام حسين شيخ بي وقتو راهه رباني وٺي ويو. جيتوڻيڪ اهو وڏو خال آهي عابده پروين جي زندگي ۾ به راڳ ۾ به پر عابده همت ۽ محنت سان اڃا  به ميدان ۾ قباض آهي. شل غلام حسين شيخ جي ڏسيل واٽ ۽ فن سندس رهنمائي ڪري ۽ عابده  پنهنجي فن ۾ وڌيڪ رنگا رنگي ۽ نکار پيدا ڪري.

 

ڊاڪٽر نتاشا

سيلف انٽرويو

 

 

پياري سرتي ايڊيٽر! اوهان جو ميگزين  ”سرتيون“ پڙهندي رهندي آهيان، ڏاڍو سٺو لڳندو آهي. خاص ڪري  عورتن سان ڳالهه ٻولهه، انٽرويو وڻندو اٿم، مان ڪا ايڏي  مشهور شخصيت ڪانه آهيان جو اوهان اچي مون کان انٽرويو ڪنديون، نه وري ڪا ليکڪا آهيان جو پنهنجن احساسن کي ڪهاڻين ۽ شاعري جي ذريعي اظهار جو روپ  ڏيان. بهرحال ڪي خيال، ڪي سوچون مون وٽ به آهن، انهن کي سيلف  انٽرويو جي صورت ۾ لکي اوهان ڏانهن موڪليان ٿي، اوهان ان کي Self projection سمجهو، پاڻ پڏائڻ سمجهو يا جيڪو ڪجهه، سمجهو فيصلو اوهان تي ڇڏيل آهي. ڊاڪٽر نتاشا ڪراچي.

پياري سرتي ڊاڪٽر نتاشا!

آئون اوهان جي هن قدم کان ڏاڍو متاثر ٿي آهيان، اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي جو اوهين پنهنجي وقت جون قيمتي گهڙيون ڪڍي اسان جي رسالي ۾ شامل ٿيون آهيون. اوهان جو انٽرويو جيئن جو تيئن شايع ڪري رهيا آهيو، ۽ آئنده به اميد ڪريون ٿا ته اوهان اسان سان پنهنجو تعاون جاري رکنديون ۽ ٻين ڀينرن کي به سرتيون ۾ شامل ٿيڻ جي آئيڊيا اچي وئي آهي(ايڊيٽر)

س: زندگي؟

ڊاڪٽر نتاشا: جيئن ڌرتيءَ:  جا ٽي حصا پاڻي هيٺ آهن، باقي حصو خشڪي آهي، اهڙي نموني مون به  پنهنجي زندگي جي ورڇ  ڌرتي وانگر ڪئي آهي. جنهن مان ٽي حصا درد جا آهن، باقي هڪ حصي کي وري چئن حصن ۾ ورهايو اٿم.جن مان هڪڙو حصو محبت جو، ٻيو حصو خوشي جو، ٽيون حصو ارادي جو ۽ چوٿون حصو آهي حوصلي جو انهي جي ڪري ئي مان پنهنجن پورن  هوشن حواسن سان اوهان جي سامهون آهيان.

س:محبت؟

ڊاڪٽر نتاشا: محبت ڪنهن سان به  هجي،  پر هڪ سندر وڻندڙ ۽ مٺڙو احساس آهي، پر اهو رت جي رشتن سان هجي يا... مون کي پنهنجي هڪ سهيلي .... جي ڳالهه دل سان لڳندي  آهي هن هڪ دفعي چيو هو ته مون کي رشتن تي اعتبار ناهي پر جذبن ۾ يقين رکان ٿي. محبت جي حاصلات زندگيءَ جي هجڻ جو ثبوت آهي. يا ائين کڻي چئجي ته جيڪو محبت تي حاوي ٿي وڃي ٿو اهو دنيا تي حاوي ٿي وڃي ٿو. جنهن محبت ماڻي، تنهن منزل ماڻي، هي دنيا ۾ جهيڙو، فساد، لڙائي فرسٽريشن ۽ مايوسي اهي سڀ حالتون محبت نه ملڻ ڪري ٿيون آهن.

س: ٻار؟

ڊاڪٽر نتاشا: ڪائنات جي سونهن ۽ راز ٻار ۾ سمايل آهي. انساني زندگيءَ جي ٻاراڻي اسٽيج اشرف المخلوقات هئڻ جي چٽي شاهدي آهي. هن ڌرتيءَ تي امن ۽ خوشحالي آڻڻي آهي ۽ ٻار جي  سنوار ۽ تربيت کي ڪنهن به طريقي سان نظر انداز نه ڪجي.

س: دوستي؟

ڊاڪٽر نتاشا: مان دوست ۾ ايمان جي حد تائين يقين رکان ٿي. اها منهنجي خوش قسمتي آهي  ته دوستن (سرتين) هميشہ مون سان ساٿ نڀايو آهي.

س: ڪتاب؟

ڊاڪٽر نتاشا: ڪتاب اهو ماٺيڻو دوست آهي جيڪو فرسٽريشن، اڪيلائي، مايوسي ۽ نااميدي کي تڙي ڪڍي ٿو.

س:وقت؟

ڊاڪٽر نتاشا: زندگي جو انتهائي قميتي حصو ماڻهوءَ جي زوال جو هڪ وڏو ڪارڻ اجايو وقت وڃائڻ به آهي. جيڪڏهن اوهين وقت هر هڪ پل، هر هڪ  لمحو توري تڪي گذاريو ۽ انهيءَ سوچ سان گذاريو ته اسان جي ڪنهن قول و فعل  سان ڪنهن کي ڪا چوٽ نه ٿي رسي، ته مان سمجهان ٿي  انهيءَ کان وڌيڪ  ڪامياب آهي.

س:اديب؟

ڊاڪٽر نتاشا: اديب احترام جي حد تائين وڻندا اٿم، ڇو ته هو پنهنجين لکڻين ذريعي اسان کي زندگي گذارڻ جي واٽ ڏيکارين ٿا. چڱاين ۽ براين جو  فرق سمجهائين ٿا. تفريح مهيا ڪن ٿا ذهني آسودگي ڏين ٿا. ڪيترن ئي مسئلن کان آگاهه ڪن ٿا. مطلب ته زندگيءَ جو ڳوڙهو مشاهدو پيش ڪن ٿا. ان ڪري احترام لائق آهن. اهو ته هڪ تخليقڪار ئي ڄاڻي ٿو ته هو ڪهڙين اذيتن مان گذري ٿو. جيئن هڪ ٻار تخليق ڪرڻ جي تڪليف صرف هڪ ماءُ ئي محسوس ڪري ٿي، ائين اديب به جگر جو خون ڏئي تخليق ڪن ٿا.

س: اديبن کان شڪايت؟

ڊاڪٽر نتاشا: ڏسو! پرفيڪشن ته ڪائنات ۾ آهي ئي ڪانه انهي ڪري  ڪنهن ماڻهوءَ مان اها اميد  رکجي ته هو سمجهان ٿي ته اها اسان جي تنگ نظري آهي، ڇو ته اديب به ته اسان جهڙا انسان آهن. پوءِ انهن جون سالن جون خدمتون ۽ چڱايون سندن هڪ  گناهه جي آڙ ۾ رک  ڪري ڇڏڻ عقلمندي ناهي.

هونئن به ڪمن ڪارين ۽ رشتن کان علاوه انسان جي هڪ پنهنجي نجي زندگي به ٿئي ٿي ۽ اها ڪنهن به قسم جي ڪمپرومائيز ڪرڻ تي تيار ٿئي ٿي. پوءِ ان پوائنٽ تي اچي هو جيڪو عمل ڪري ٿو اهو ان جو اتي معاملو سمجهڻ گهرجي.

ليڪن مون کي هڪ شڪايت ضرور آهي ته اوهان مهان ليکڪ پنهنجي ۽ نئين نسل جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي وڌي آهي اها ٻنهي نسلن لاءِ نقصانڪار آهي جڏهن ته اوهين اڄ آهيو، سڀاڻي نه هوندا. ان ڪري پنهنجي پًٺيان هڪ مضبوط نسل ڇڏي وڃو، جيڪو اوهان کي سمجهي سگهي ۽ اوهان کي ياد رکي. نه ته اوهان جا ڪارناما ماڻهن کان وسري ويندا.

هميشه لاٽ مان لاٽ ٻرندي آهي. جڏهن وقت اوهان کي اجهائي ڇڏي ته پويان ڪا ته چڻنگ هجي جيڪا ٻرندي رهي.

س: شاعري؟

ڊاڪٽر نتاشا: شاعري پنهنجي پوري آب تاب سان روان دوان آهي. جيڪڏهن شاعر گهڻا ٿي پيا آهن ته معيار به برقرار آهي. پر کوٽ هن ڳالهه جي آهي ته جيڪي انتهائي سٺو ٿا لکن سي اڳيان اچڻ ۾ دلچسپي نه ٿا وٺن يا انهن وٽ ذريعا نه آهن. جو پنهنجا ديوان ڇپرائي سگهن. جيئن هيٺ لعل، جواهر سمنڊ جي تري ۾ آهن ۽ ڪک پن پاڻيءَ جي سطح تي ترندا آهن. سو شاعري ۾ به اها ڳالهه آهي.

س: ڪهاڻي؟

ڊاڪٽر نتاشا: ڪهاڻي  هڪ محنت طلب ڪم آهي. ان ڪري گهٽ  ٿي لکجي پر جيڪا  لکجي ٿي ته سٺي ٿو لکجي، مثال بانو محبوب جوکيو، تانيه ٿيٻو، مسعود لوهار،  جاويد عباسي، امر لغاري سٺو لکن ٿا.

س: تنقيد؟

ڊاڪٽر نتاشا: اسان وٽ نقاد ڪونه آهن. ان ڪري تنقيد اصلاحي انداز ۾ ڪانه آئي  آهي، مان سمجهان ٿي ته ادب جي واڌاري لاءِ اها مخالفت نما تنقيد تمام ضروري  آهي. منهنجي خيال ۾ ڪنهن کي ڊاهڻو هجي ته ڀرپور تعريف ڪريو. پاڻهي ڦونڊ ۾ اچي  ناڪاره ٿي ويندو. ۽ ڪنهن کي ٺاهڻو هجي ته مخالفت ڪجيس، ڇو ته ان سان هوش حواس ٺڪاڻي لڳي ويندس. همت افزائي لاءِ تعريف ضروري آهي. پر منهنجو خيال آهي ته اسان کي ڪنهن جي همت افزائي ڪرڻ تي ڊپينڊ نه رهڻ گهرجي بس  Self Satification هجي ۽ پنهنجن فرضن جي پوري ڄاڻ هجي فرض نڀائڻ کان لنوائڻ نه گهرجي پوءِ تنقيد يا مخالفت ماڻهوءَ جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿي سگهي. بلڪه وڌيڪ اڀاري ٿي.

س: لکڻ لاءِ ڪهڙين شين جو هئڻ ضروري آهي.

ڊاڪٽر نتاشا: لکڻ لاءِ مطالعو، مشاهدو ۽ تجربو ضروري آهي. پر اصل ڳالهه آهي ”ڏات“ جي، پوءِ جنهن ۾ اها صلاحيت  آهي اهوپنهنجين لکڻين کي مطالعي مشاهدي ۽ تجربي سان سنواري لکي ٿو باقي جنهن کي ڏات الاهي آهي اهو پنهنجين شين کي پالش ڪري پيش ڪري سگهي ٿو. پوءِ اها تحقيق نما تحرير ته لڳي ٿي پر تخليق نه. ان ۾ بلڪل اهڙو فرق آهي، جيترو ماڻهو ۽ روبوٽ ۾.

س: همدردي؟

ڊاڪٽر نتاشا: اسان جي معاشري جا ٽي حصا همدردي لائق آهن، پر ڪوشش ڪجي ته ڪنهن سان همدردي ڪرڻ بجاءِ ان کي ٻين جو همدرد بنائڻ جو قابل بڻائجي.

س: خوشي؟

ڊاڪٽر نتاشا: هي اهو احساس آهي جيڪو صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو. پر مان ٻڌايان ته خوشيءَ کي محسوس ڪرڻ واري منهنجي حس هاڻي ختم ٿي وئي آهي. ڇو خوشيءَ جون محسوسات گهٽ ٿيون محسوس ٿين، انهي ۾ ڪنهن جو ڪو به قصور  ناهي صرف پنهنجين طبيعتن جو قصور آهي.

 

*--------*--------*

 

 

ڊاڪٽر بشير احمد

چاند بيبي يا چاند سلطانه

هيءَ شير دل عورت احمد نگر (دکن) جي والي حسين نظام شاهه جي نياڻي هئي، سندس ماءُ جو نالو خنزه همايون هو. سندس والدين  هن جي تعليم ۽  تربيت تي خاص ڌيان  ڏنو. ۽ نهايت لائق ۽ قابل استادن کي سندس تعليم لاءِ مقرر ڪيو. تنهن ڪري چند سالن ۾ ئي شهزادي جملي علوم ۽ فنون ماهر ٿي وئي. حسن نطام شاهه پاڻ چاند بيبي کي سپہ گيري، شهسواري، تلوار بازي ۽ نيزي بازي جي تربيت ڏيندو هو. ملڪي نظم و نسق سان تعلق رکندڙ معاملات به سمجهائيندو هو.

چاند بيبي جڏهن جواني تي رسي ته سندس خوبين جي واکاڻ پري پري تائين پهچي وئي. هن جي علم دانش ۽ لياقت جو حال بيجا پور جي حڪمران علي عادل شاهه ( 965 هه، 987هه) ٻڌو ته هن حسين نظام شاه کي چاند بيبي لاءِ پيغام موڪليو جيڪو هن منظور ڪيو ۽ چاند بيبي جي شادي علي عادل شاهه سان ٿي وئي. هن پنهنجي سگهڙپڻي ۽ لياقت سان ساهرن جي جيءَ ۾ جايون جوڙي، گڏوگڏ پنهنجي رعيت ۽ زيردستن سان اهڙو سهڻو ورتاءُ ڪيو جو سڀ سندس ساراهه ڪرڻ لڳا.

هڪ دفعي علي عادل کي خبر پئي ته درٻار جا ڪجهه امير هن جي خلاف سازش ڪري رهيا آهن سندس جان جا دشمن ٿي بيٺا آهن هن انهن اميرن جا نالا معلوم ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو. هاڻي هو هر وقت پنهنجي جان جي خوف کان  فڪر مند رهڻ لڳو، چاند بيبي مڙس جي مٽيل حالت ڏسي کانئس ان جو سبب پڇيو. جڏهن هن کيس ماجرا ٻڌائي ته بهادر چاند بيبي پنهنجي مڙس کي دلجاءِ  ڏني ۽ چيو ته منهنجي حياتيءَ ۾ تنهنجو ڪو به وار ونگو ڪري ڪونه ٿو سگهي. اڄ کان رات جو مان پاڻ توهان جي حفاظت ڪنديس اوهان اطمينان سان آرام ڪريو.

ان ڏينهن کان چاند بيبي پاڻ شاهي خوابگاهه جي نگهباني ڪرڻ لڳي. هڪ رات اوچتو مٿين منزل تي ڪنهن جي ٽپڻ جو آواز محسوس ٿيو. هن پهريدارن کي سڏڻ يا مڙس کي جاڳائڻ بدران پاڻ اڪيلي سر  تلوار ڪڍي مٿين حصي ڏانهن چڙهي وئي. جتي ٻه نقاب پوش هٿن ۾ اگهاڙيون تلوارون کنيو بيٺا هئا. اهي ٻئي چاند بيبي تي حملا آور ٿيا مگر هوءَ ڦڙتي سان پوئتي هٽي. ۽ جواب ۾ مٿن تلوار جو اهڙو وار ڪيو جو انهن مان هڪ اتي ئي ختم ٿي ويو ٻي جوابي حملو ڪيو ته ان جو به ساڳيو حشر ٿيو. اهو گوڙ ٻڌي علي عادل شاهه به جاڳي پيو ۽ ڊڪندو مٿي آيو هن اهو منظر ڏسي پنهنجي بهادر ملڪه جي تلوار کي چمي ڏني ۽ چيو:

”چاند بيگم جيڪڏهن ساري دنيا منهنجي دشمن ٿي پوي ته تنهنجي هوندي مون کي ڪوبه خوف ناهي.“

هڪ ڀيري هوءَ پالڪيءَ ۾ سوار ٿي پنهنجي پيڪين احمد نگر کان ساهري بيجا پور  اچي رهي هئي ڪجهه هٿيار بند سپاهي ساڻس گڏ هئا. رستي ۾ هڪ ويران جاءِ تي ڌاڙيلن جي هڪ وڏي جٿي ان ننڍڙي قافلي تي حملو ڪيو، محافظ سپاهين نهايت دليري سان سندن مقابلو ڪيو پر سڀ هڪ هڪ ٿي ماريا ويا ۽ ملڪه چاند بيبي اڪيلي رهجي وئي. هوءَ گهٻرائڻ يا خوفزده ٿيڻ بجاءِ پالڪيءَ مان لهي انهن جو اهڙي بي جگري سان مقابلو ڪيو جو ڪيترائي سندس تلوار جو لقمو بڻيا ۽ ٻيا ڀڄي نڪتا.

987هجري ۾ علي عادل شاهه جي وفات تي سندس صغير ڀائٽيو ابراهيم عادل شاهه سندس جانشين ٿيو ۽ ملڪه   چاند سلطانه مڙس جي وصيت مطابق سندس سرپرست مقرر ٿي ۽ هو ڪيترن ئي سالن تائين اهو  فرض نهايت عمدگي سان انجام  ڏيندي رهي. پر ڪجهه وزيرن ۽ اميرن سندس خلاف سازشون ڪيون  چاند بيبي تنگ ٿي احمد نگر هلي وئي چاند بيبي جي وڃڻ بعد سازشي وزيرن ۾ ڦوٽ پئجي ويو.

ابراهيم عادل شاهه انهن جي نااتفاقي جو فائدو وٺي سڀني کي هڪ هڪ ڪري ختم ڪري ڇڏيو ۽ چاند بيبي کي واپس گهرائي ورتو. هوءَ بيجا نگر اچي ته وئي پر سندس دل مرده ٿي چڪي هئي، ۽ هاڻي هن سياسي ڦڏي بازين کان الڳ رهي پر سڪون زندگي گذارڻ  ٿي چاهي. ليڪن قدرت کي ڪجهه ٻيو منظور هو.

چاند بيبي جي والد حسين نظام شاهه 972ع هجري ۾ وفات ڪئي ته مرتضيٰ نظام شاهه  پنهنجي ماءُ خنزه همايون جي سرپرستيءَ ۾ پيءُ جي  جاءِ تي حڪومت سنڀالي ڇهن سالن تائين ماڻس حڪومت جو ڪاروبار هلائيندي رهي پر ان کان پوءِ وزيرن کانئس اقتدار کسي پنهنجي هٿن ۾ ورتو. مرتضيٰ شاهه نظام محض نالي جو بادشاهه هو ۽ ”ديوانو“ سڏيو ويندو هو.  996 هجري ۾ سندس وفات بعد  حسين اسماعيل  ۽ برهان شاهه ثاني هڪ ٻئي جي ڪڍ حڪومت جا والي بڻيا  برهان شاهه (999 هجري، 1003هجري) جي دور حڪومت ۾ اڪبر بادشاهه، شهزادي مراد ۽ خان خانان کي دکن جي تسخير لاءِ روانو ڪيو. برهان شاهه کيس پنهنجي ملڪيت جي هڪ صوبي برار جي پيشڪش ڪئي. ليڪن اڃا اهو معاملو پوري طرح طئي ڪونه ٿيو هو جو برهان شاهه فوت ٿي ويو. ۽ 1003 هجري ۾ سندس جاءِ تي ابراهيم شاهه تخت نشين ٿيو، هو جلد ئي باغي اميرن جي هٿان ماريو ويو ۽ پوءِ مملڪت جي حالت بد کان بدتر ٿيندي وئي.

چاند بيبيءَ کي ان صورتحال جي خبر پئي ته هوءَ بيجا پور کان احمد نگر آئي، ان وچ ۾ شهزادو مراد  ۽ خان خانان يلغار ڪندا احمد نگر کي ويجهو اچي پهتا، چاند بيبي فيصلو ڪيو ته هو هر صورت ۾ پنهنجي اباڻي حڪومت کي بچائيندي. هن اول ته مخالف اميرن کي قلعي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ٻين کي وڏي اٽڪل سان پاڻ سان ملائي ڇڏيو پوءِ هن محمد قلي قطب شاهه گولڪنڊه جي والي ۽ ابراهيم عادل شاهه بيجا پور جي والي کان امداد طلب ڪئي ۽ قلعي جي حفاظتي انتظامات کي مستحڪم ڪري شهزادي مراد کي خط لکيو ته جيڪڏهن اوهان دوست جي حيثيت سان احمد نگر اچڻ چاهيو ٿا ته وڏي خوشي سان اچو، اوهان اسان کي حد کان وڌيڪ مهمان نواز ڏسندا پر جيڪڏهن اوهان جو ارادو احمد نگر کي تلوار جي زور تي قبضو  ڪرڻ  جو آهي ته پوءِ سمجهي ڇڏجو ته احمد نگر جو پڇو ٻچو  پنهنجي وطن جي حرمت  تي قربان ٿي ويندو ۽ پنهنجي جيئري ڪنهن کي هن سر زمين تي قدم رکڻ نه ڏيندو.

شهزادي مراد انهي تنبيهه جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ۽ 23 ربيع الثاني 1004 هجري ۾ پنهنجي لشڪر سان احمد نگر جي قلعي ڏانهن وڌيو، چاند بيبي جي فوج سندس ذاتي نگراني ۾ مغل فوج تي پنهنجي توبن سان اهڙي شديد گولا باري ڪئي جو حملا آور هڪ  قدم به اڳتي وڌي نه سگهيا ٻئي ڏينهن مراد خان خانا ۽ ٻين فوجي عملدارن سان صلاح مشورو ڪرڻ کان پوءِ چئني طرفن کان قلعي جو محاصرو ڪيو. اهو محاصرو ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهيو. ان وچ ۾ مغل فوج ڪيئي ڀيرا وڏي جوش خروش سان قلعي تي حملا ڪيا پر هر دفعي شڪست کاڌي.

هوڏانهن چاند بيبي جي درخواست تي ابراهيم عادل شاهه 25 هزار سوار ۽قطب شاهه پنج  ڇهه هزار سوار ۽ ڪجهه پيادا چاند بيبي جي مدد  لاءِ روانا ڪيا. شهزادي مراد کي ان لشڪر جي رواني ٿيڻ جو اطلاع مليو ته هن پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو ته امدادي لشڪر جي پهچڻ کان اڳ قلعي تي ڪنهن به صورت ۾ قبضي جي ڪوشش ڪيو. سو قلعي جي برج تائين پنج سرنگهون کوٽيون ويون ۽ انهن کي بارود سان ڀريو ويو  ته جيئن انهن کي باهه  ڏئي قلعي کي تباهه ڪيو وڃي پر   چاند بيبي انهي سٽا ۽ منصوبابندي کان چڱي ريت باخبر هئي ۽ دشمن جي نقل و حرڪت تي ڪڙي نگاهه رکي هئي. سو هن راتو رات انهن سرنگهين ۾ پاڻي ڀرائي بارود جو اثر زائل ڪرڻ  چاهيو پر اڃا ٻه ٽي سرنگهون بيڪار مس ٿيون ته شهزادي مراد سرنگهين کي باهه ڏيڻ جو حڪم  ڏنو. ايتري زور  سان ڌماڪو ٿيو جو ڪنن جا پردا ڦاٽڻ لڳا ۽ قلعي جي ديوار ۾ پنجاهه وال شگاف پئجي ويو. قلع ۾ محصور سپاهين جا هٿ پير سڄي ويا ليڪن بهادر چاند بيبي بلڪل نه گهٻرايو ۽ گهوڙي تي سوار ٿي هٿ ۾ تلوار ۽ جهنڊو  کڻي ٻاهر نڪري آئي ۽ پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو ته زياده کان زياده توپن کي ڇڪي شگاف جي آڏو بيهاريو وڃي فوج ان مطابق عمل ڪيو ۽ پوءِ مغل فوج تي بي  پناهه گولا باري شروع ڪئي حملا آور فوجي اڳتي وڌڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ڪئي  ۽ بار بار قلعي تي خوفناڪ حملا ڪيا ليڪن چاند بيبي کين هڪ انچ به اڳتي وڌڻ نه ڏنو هو اهڙي همت ۽ استقلال سان پنهنجي فوج کي اڀاريندي رهي جو شام تائين قلعي جي خندق حملا آور سپاهين جي لاشن سان ڀرجي وئي ۽ شهزادي مراد کي مايوس ٿي پوئتي هٽڻو پيو.

چيو وڃي ٿو ته ان موقعي تي چاند بيبي جي فوج وٽ شيهي جون گوليون ختم ٿي ويون هن يڪدم ٽامي جون گوليون ٺاهڻ جو حڪم ڏنو جڏهن اهي به ختم ٿي ويون ته سون ۽ چاندي جون گوليون ٺاهڻ  لاءِ چيو. ۽ ان مقصد لاءِ شاهي حرم سرا جا سونا برتن، زيوارت، هزارين سونا  ۽ چاندي جا روپيا فوج جي حوالي ڪيا. پر شڪست قبول نه ڪئي. رات جو  چاند بيبي پنهنجي نگراني ۾ ڪريل ديوار کي نه صرف نئين سر تيار ڪرايو پر ان کي اڳي کان  ٻه ٽي وال وڌيڪ بلند ڪرايو. صبح جو شهزادي مراد ڏٺو ته شگاف جي جاءِ تي اڳي کان به وڌيڪ بلند ديوار سندس رستي تي حائل آهي.

مولانا سيد سليمان ندوي ان موقعي جو نقشو هن ريت چٽيو آهي:”دوست توڙي دشمن ٻنهي جي واتان چاند بيبي جي ان عزم ۽ حوصلي استقلال ۽ بهادري جي واکاڻ ٿيڻ لڳي ۽ ان وقت چاند خاتون جو لقب ”چاند سلطانه“ ٿي ويو. ان ناڪاميءَ سبب شهزادي مراد جي دل ڀڄي پئي،  منجهس مقابلي جي قوت باقي نه رهي لاچار صلح ڪرڻ چاهيائين پهريان ته چاند بيبي انڪار ڪيو ۽ سوچيو ته دشمن بزدل ۽ بي همتو ٿي چڪو آهي تنهن ڪري ٿوري جدوجهد سان کيس فتح حاصل ٿي سگهي ٿي. پر جيئن ته ماڻهو قلعي اندر مسلسل بند رهڻ سبب بيزار ٿي چڪا هئا ۽ گهٻرائڻ لڳا هئا تنهن ڪري چاند سلطانه به آخر صلح منظور ڪيو ۽ برار جو صوبو شهزادي مراد جي حوالي ڪيو.“

شهزادي مراد جي واپسي بعد چئن سالن تائين ماڻهو امن  ۽ چين سان زندگي بسر ڪندا رهيا  پر پوءِ اميرن ۾ خود غرضي ۽ نااتفاقي پيدا ٿي. اڪبر انهي موقعي جي تلاش ۾ هو. هن 1008هجري ۾ شهزادي دانيال جي ڪمان هيٺ هڪ جرار لشڪر احمد نگر جي تسخير لاءِ موڪليو.

هن ڀير شاهي فوج جو پلئه ڳورو هو ڇو ته احمد نگر جي طاقت کي خانه جنگين ڪمزور  ڪري ڇڏيو هو تنهن جي باوجود چاند سلطانه پنهنجي جان نثارن سان گڏجي مقابلي لاءِ تيار ٿي وئي،ان نازڪ گهڙي ۾ چيتا خان خواجه سراءِ ۽ ڪجهه ٻين اميرن غداري ڪئي انهن فوج جي سپاهين کي اهو چئي ملڪه جي خلاف ڀڙڪايو ته توهان سان دغا ڪري رهي آهي. ۽ قلعي کي دشمن جي حوالي ڪرڻ چاهي ٿي.  سندس ڳالهين ۾ لڳي ڪجهه پر متڙيا سپاهي انهن غدار اميرن سان چاند سلطانه جي ڪمري ۾ ٽپي آيا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائون. ائين هن بهادر خاتون جي زندگي جو نهايت افسوسناڪ طريقي سان خاتمو ٿيو.

مولانا ابواڪلام آزاد، مولانا حبيب الرحمان خان شرواني (نواب صد يار جنگ) جي نالي پنهنجي هڪ خط (مورخه 10 آگسٽ 1942ع)  ۾ احمد نگر جي قلعي ۽ چاند بيبي جو ذڪر هيٺين لفظن ۾ ڪيو.

”اهو ئي احمد نگر جو قلعو آهي جنهن جي پٿريلن ديوارن تي برهان نظام شاهه جي ڀيڻ چاند بيبي پنهنجي عزم ۽ شجاعت جي يادگار زمانه داستان اڪريل آهي ۽ جن کي تاريخ پٿر جي سرن تان اتاري پنهنجن ورقن ۽ دفترن ۾ محفوظ ڪري  ڇڏيو آهي.“

 

 

امام غزالي/دين محمد اديب

ڪاوڙ

 

ڪاوڙ هڪ باهه جو شعلو آهي، ان جو زور ڀڃڻ به ضروري آهي. ڇو ته حضرت رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو  آهي:” ڪنهن جي دسڻ سان ماڻهو ڪو پهلوان نه ٿو ٿئي. بلڪه پلهوان اهو آهي جيڪو ڪاوڙ وقت پنهنجي نفس کي دسي ٿو“ ياد رکو،  ته جنهن طرح ڪوڙي، ايريي، سان، ماکي خراب ٿئي ٿي، اهڙي طرح ڪاوڙ سان ايمان بگڙي وڃي ٿو. ڪاوڙ تمام بري بلا آهي اها ڪاوڙ مارڪٽ، گار گند، ۽ زبان درازي جهڙا چٽا پٽا گناهه ڪرائي ٿي ۽ ان جي ڪري  دل جا ڳجها گناهه به پيدا ٿين ٿا. جهڙيءَ طرح دشمني، وير، ساڙ، بد گماني، پراغو راز ظاهر ڪرڻ، ڪنهن کي خوار ڪرڻ جو ارادو ڪرڻ وغيره ۽ ڪاوڙ جي ڪري مسلمان کي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جوخوش ڪرڻ نا پسند ٿو لڳي. ۽ ان جو رنج ۽ تڪليف ۾ رهڻ کيس وڻي ٿو. اهي سڀ گناهه تباهي ۽ بربادي جو قوي ڪارڻ آهن. خدا شل پناهه ڏئي!

ڪاوڙ جو علاج ٻن طرحن سان ڪرڻ گهرجي. (1) رياضت ۽ مجاهدي سان، ان کي مارڻ گهرجي، مگر مارڻ مان هي مراد  نه آهي ته ڪاوڙ جو بلڪل مادو ئي نه رهي، ڇو ته جي ڪاوڙ جو مادو نڪري ويندو ته ڪافرن سان جهاد ڪيئن ڪبو. بدڪار ۽ بدعتي ماڻهن جي خلاف شرعي ڪمن تي نه ناراضپو ڪيئن ٿيندو؟

ناجائز ڪم  ٿيندي ڏسي  ڪاوڙ جو اچڻ ضروري ۽ شريعت جو عين مقصود آهي ان ڪري ڪاوڙ مارڻ ۽ رياضت ڪرڻ مان هي مراد آهي ته ڪاوڙ کي مهذب، شائسته سڌريل عقل ۽ شرح جو پوئلڳ بڻائجي ۽ ائين ڪجيس جيئن شڪاري ڪتو ٿيندو آهي. جو جڏهن کيس مالڪ جيڏانهن ڀڄڻ جو حڪم ڪندو آهي ته جهٽ پيو اوڏانهن ڀڄندو آهي. جنهن تي بڇ ڪندو اٿس ان تي حملو ڪندو آهي. جي نه ته به بس ڪري ويهندو آهي. تهڙي طرح ڪاوڙ به هجڻ گهرجي، يعني شريعت حڪم ڏئي ۽ ڪاوڙ کي جوش ڏياري ته فورن جوش ۾ اچي وڃي ۽ اهو ڪم ڪري، جي نه ته صبر ڪري، بي حس ۽ بي  حرڪت بڻجي وڃي. ڪاوڙ کي اهڙيءَ سڌريل صورت ۾ آڻڻ جو  علاج هي آهي ته ڪاوڙ جو لغام پنهنجي هٿ ۾ قابو جهلي بردباري ۽ سهڻ جي عادت اختيار ڪجي، جڏهن ڪو ڪاوڙ ڏياريندڙ واقعو پيدا ٿئي تڏهن نفس تي زور ۽ دٻاءُ وجهجهي ۽ ڪاوڙ کي وڌڻ  نه ڏجي، بس هيءَ اها رياضت آهي، جنهن کان ڪاوڙ مطيع ۽  چيو مڃيندڙ ٿي پئي ٿي.

ڪاوڙ جي جوش ۾ اچڻ مهل صبر ڪريو، بردبار ٿيو ۽ ڪاوڙ کائي وڃو، ڄاڻو ته ڪاوڙ جو هڪ علاج علمي آهي ۽ ٻيو عملي

علمي   علاج هي آهي ته ڪاوڙ اچڻ وقت هي  خيال ڪريو ته”ڪاوڙ ڇو ٿي اچي“ ڪاوڙ ڪرڻ جو ڪارڻ خدائي حڪم ۾ دخل ڏيڻ ۽ دست اندازي ڪرڻ آهي. ڇو ته ڪاوڙ ڪندڙ ماڻهو جو هي مطلب آهي ته اهو ڪم منهنجيءَ مرضي موافق ڇونه ٿيو؟ ۽ خدائي ارادي جي مخابق ڇو ٿيو؟ اوهان ئي ٻڌايو ته اها ناداني آهي يا نه؟ ڇا اوهان حق تعاليٰ جي ارادي کي پنهنجي ارادي ۽ منشا جو تابعدار ڪرڻ گهرو ٿا. ياد رکو ته خدا تعاليٰ جي حڪم کان سواءِ هڪ ذرو به هلي نه ٿو سگهي. پوءِ اوهان ان ۾ دخل  ڏيندڙ ۽ ان کي ناپسند سمجهندڙ ڪير ٿيندا آهيو؟.

ٻيو هي خيال ڪريو ته منهنجو  هن ماڻهوءَ تي ڪهڙو حق آهي؟ خدا تعاليٰ جي اوهان سان ڪهڙي روش آهي؟ ۽ اوهان انهي ماڻهوءَ سان ڪهڙي روش  هلڻ گهرو ٿا. ظاهر آهي ته جنهن تي اوهان ڪاوڙبا آهيو، ان جا اوهان مالڪ نه آهيو، خالق نه آهيو، اوهان ان کي نڪي اپايو آهي ۽ نه ڪي نپايو آهي. ۽ خدا تعاليٰ جا اوهان تي ڪيترا نه حق آهن. جن  جي ڪري اوهان الله  تعاليٰ جا محڪوم ، مملوڪ ۽ احسانمند آهيو تنهن هوندي به اوهان پنهنجي حقيقي مالڪ جون رات  ڏينهن سوين خطائون ۽ بي فرمانيون ڪندا رهو ٿا ۽ انهيءَ احسان ۽ حقداري هوندي به اهو رب رحيم  اوهان جو سڀ ڪجهه سهي ٿو. جيڪڏهن هڪڙي قصور تي به سزا ڏئي ته اوهان کي پناهه ۽ امن جي جاءِ نه ملي اوهان جو ته ڪنهن تي ڪو حق ڪونهي  پوءِ به اوهان جي اها حالت آهي جو ذري جيتريءَ طبيعت جي بر خلاف حرڪت تي ڪاوڙ ۾ اچي پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري وڃو ٿا. ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي دنيا مان گم ڪرڻ واسطي تيار ٿي وڃو ٿا. ڇا اوهان جي پيروي ۽ رضامندي خدا تعاليٰ جي حڪم ۽ عبادت کان به زياده ضروري آهي؟

 

*----------*---------*

 

 

نور شاهين

ڪنڍي يار آر جو ڪم

حڪومت جيڪڏهن هن فن ۾ دلچسپي وٺي ته هي ڪم ماڻهن لاءِ ڀلارو ثابت ٿيندو، ۽ ملڪ جي معاشي حالتن جو به سٺو سهارو بڻجي سگهي ٿو. حڪومت کي گهرجي ته شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ اهڙا ادارا ۽ اهڙا هنري اسڪول کولي جت اڻ پڙهيل عورتن کي مفت اهو ڪم سيکاريو وڃي. اهڙي طرح ملڪ جون ڪيتريون  مائرون ۽ ڀينرون جيڪي اڻ پڙهيل آهن ۽  ڪو سهاروبه نه اٿن مجبورن پيٽ پالڻ لاءِ ٻين جي درن تي ٿانو ٻهاري ڪري ڪربناڪ زندگي گذاري رهيون آهن. اهڙي قسم جي ادارن ۾ هنر سکي  سکيو وقت گذارڻ جهڙيون ٿي پونديون. وري جڏهن اهي عورتون پنهنجي پنهنجي فن ۾ ماهر ٿي وڃن تڏهن حڪومت انهن ئي عورتن کي پگهاردار مقرر ڪري يا منافعي تي ڪم ٺهرائي ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪري سگهي ٿي. ٻاهرين ملڪن ۾ هٿ جي ڪم جي تمام گهڻي گهرج  به آهي. هتان هٿ جو هنر ٻاهر ويندو ته ان جي موٽ ۾ حڪومت کي فارين ڪرنسي ملندي.

ڪنڍيءَ جو ڪم دنيا ۾ ڪڏهن شروع ٿيو؟

ڪنڍي يا آر جو ڪم دنيا ۾ ڪڏهن شروع ٿيو ان لاءِ ڪابه مستند هنري تاريخ يا  تحرير موجود ناهي. گمان غالب ٿئي ٿو ته هي ڪم تمام  جهونو آهي. ايترو ئي جهونو جيتريون جهونيون دنيا مان حاصل ٿيل کنڊرات جون تهذيبون آهن. هن هنر جي نوعيت ئي اهڙي آهي  جيڪا هن جي ارتقائي منزلن جي نشاندهي ڪري ٿي. جيترو پٺيان وينداسين وقت جي قناتن کي جيترو ڇڪينداسين اوترو زياده واضح صورت ۾ هي ڪم اسان جي اڳيان  ايندو.

ڪنڍيءَ جو ڪم سنڌ ۾ ڪڏهن آيو؟

اهو ته چئي سگهجي ٿو ته هي ڪم دنيا جي مختلف حصن ۾ پوءِ پکڙيو هوندو هن جي شروعات لامحاله سنڌ مان ئي ٿي  هوندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ دنيا جو واحد خطو آهي جنهن جي تهذيب تمام جهوني آهي. جيئن موهن جو دڙو يا هڙاپا  جيڪو اڄ سنڌ ۾ شمار نٿو ٿئي. ليڪن قديم وقت ۾ سنڌ جو ئي حصو هو، وغيره وغيره.

انسان، هن دنيا  جي چمن جو هڪ گل آهي، اهو گل پنهنجي وجود سان پنهنجي هستي سان هڪ طرف پنهنجي حيات کي  سينگاري ٿو  ته ٻئي  پاسي پنهنجي  آس پاس کي هر طرح سينگاري ۽ ان ۾ رنگينيون ڀري ٿو.

انسان ۽ دنيا کي ڪجهه رنگينيون ۽ رعنائيون قدرت جي طرفان عطا ٿيل آهن ليڪن ڪجهه لاءِ انساني شعور کي جاکوڙ ڪرڻي پئي ٿي. ۽ ڪري ٿو.

ڀرت به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. يعني ڀرت به دنيا ۾ معاشري جي سينگار ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ ڪري ٿو، ۽ مان ائين چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته ان جي ابتدا سنڌ کان ٿي  پوءِ دنيا ۾ پکڙجي ويو. ڇاڪاڻ ته ڀرت وغيره زائد حسن آهي، ۽ هٿرادو پيدا ڪيل مشاهدو آهي. ۽ ڪنهن به حصي  يا ملڪ ۾ ان وقت تائين زائد حسن پيدا ڪرڻ جو شعور ئي بيدار نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين ابتدائي ٻيا سڀ مرحلا طئي نه ڪيا وڃن. اول ته کاڌ خوراڪ، ستر پوشي،  موسمي تغيرات کان محفوظ ٿيڻ لاءِ اڏاوت آهي. جڏهن اهي مرحلا پورا ٿين ٿا تڏهن پوءِ دماغ سوچي ٿو ته هاڻ انهن شين تي ڪهڙي چٽسالي ڪجي جو ٻين کان بهتر ۽سهڻو لڳن.

سنڌ جي سر زمين کي اهو شرف  حاصل آهي. جنهن سڀني کان پهرين اهي سڀ مرحلا طئي ڪيا، جنهن جي ثابتي موهن جي دڙي مان لڌل شيون ته آهن پر بابل ۽ سميري تهذيبون پڻ آهن. جن  جي کوٽائين ۽ انهن مان هٿ آيل تحريرن مان سنڌ جي تهذيب و تمدن ۽ ترقي  جي اوليت جي خبر پوي ٿي. انهن مرحلن مان پار پوڻ کان پوءِ اهل سنڌ مختلف هنرن ۽ فنن ڏانهن توجهه ڏنو. انهن کي وڌايو ويجهايو ۽ نيون نيون شيون وجود ۾ آيون، ڀرت جي فن کي انهن شين انهن ايجادن  کان علحده سمجهڻ صحيح نه ٿيندو بيشڪ هنر جي ڪابه مستند تاريخ نه  هوندي آهي ليڪن قياس رهبري ڪري عهد يا وقت جو تعين ڪري سگهي ٿو.

هاڻي وري ڀرت تي ايندا ته ان ۾ اوليت جو درجو ڪنڍيءَ جي ڪم کي ڏيڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو  جيئن شعور به آهسته آهسته  شباب تي پهچي ٿو تيئن فن به آهستي آهستي پنهنجون منزلون طئي ڪري ٿو. ڪنهن به فن جي قدامت کي پرکڻ لاءِ انهي فن جي ابتدا ۽ بعد جون صورتون ذهن ۾ رکڻيون پون ٿيون. فن ۾ اگر ڪو ذريعو آهي ته ان جي ساخت کان چشم پوشي ڪرڻ ممڪن ناهي.

ڪنڍيءَ جي ڪم ۾ ڪهڙا ذريعا ڪم اچن ٿا؟

سئي هڪ اهڙي شي آهي جنهن ۾ ڌاڳو ڦاسائڻ لاءِ پاکو به آهي اها سئي اسان کي هڪ معمولي شيءِ نظر اچي ٿي پر اها معمولي نه آهي. بلڪه نهايت عجيب و غريب ۽ هڪ مڪمل صنعت آهي. اها سئي جيڪا اڄ اسان کي معمولي نظر اچي رهي آهي،  انهي سئي کي ٺاهڻ لاءِ به سوچ ۽ وقت جون منزلون لتاڙڻيون پيون هونديون. سئي ۾ پاکو ٺاهڻ جو عقل گهڻو پوءِ آيو هوندو ابتدا ۾ هڪ معمولي شيخ هوندي، اها بنا پاکي جي سيخ ئي آهي، جيڪا ڪنڍيءَ جي ڪم جو بنياد آهي.

ڪنڍيءَ جي ڪم ۾ پهريون بنيادي ذريعو صرف ڪنڍي يا آر آهي. ٻئي نمبر ۾ اها هر شي آهي جنهن تي ڪنڍي پنهنجا جوهر ڏيکاري ٿي. مثلاً ڌاڳو، ڌاڳو صرف سٽ يا پٽ جو نه هوندو آهي پر زريءَ جو به هوندو آهي. ضرورت مطابق جيڪو به استعمال ڪجي، تنهن کان سواءِ ڪپڙو، ستارا، موتي، چمڙو، ان ۽ ڪار چوب، هن ڪم ۾ زريءَ جو ڌاڳو استعمال ٿي سگهي ٿو. ليڪن ٻئي قسم جي زري مثلاً سرمون، بادلو، زڪ، چلڪ، ڏورو وغيره کي استعمال نه ٿو ڪري سگهجي.

ڪنڍي يا آر جون مختلف شڪليون آهن، مان ٻڌائي چڪي آهيان ته هن فن به دنيا جي تهذيب و تمدن سان گڏ جنم ورتو  آهي ۽ ائين رفته رفته ترقي ڪئي آهي. جيئن تهذيبن ترقي ڪئي آهي. جيئن ته ابتدا ۾ ڪنهن به سيخ جي چنهب کي موڙي ڪنڍي ٺاهڻ جو شعور اڃا بيدار نه ٿيو هو ان وقت لازماً صرف سيخ جو روپ  هوندو. گهڻو وقت  پوءِ به ڪنڍيءَ جي اها صورت رهي جيڪا سنڌ ۾ هينئر رائج نه  آهي البت يورپ جي بعض حصن ۾ اڃا به قائم آهي. ان نموني کي؟ سڏيو وڃي ٿو.

ٻيو نمونو، سيخ جي هڪ پاسي چنهب کي ڀالي يا تير وانگر اني ٺاهي جوڙبو آهي. اهو نمونو به سنڌ مان غائب ٿي  چڪو آهي. ۽ يورپ ۾ موجود آهي. يورپ ۾ هن کي بابن چيو وڃي ٿو پوءِ آهسته آهسته ان اوزار ۾ تبديليون ۽ سڌارا آندا ويا هڪ شڪل بلڪل ڊاڪٽرن جي سرنج وانگر ٺاهي وئي آهي. جنهن کي پڪر چيو وڃي ٿو. اهو اوزار يورپ کان وڌيڪ سنڌ ۾ هلي رهيو آهي. هن سان ملبوسات، ميز پوش وغيره  تي گل ٻوٽا ٺهن ٿا، ليڪن اڄڪلهه تصيورون عام طرح ٺهي رهيون آهن. اڪثر ماڻهو فٽپاٿن ۽ رستن تي فريم ٿيل تصويرون رکيو ويٺا هوندا آهن جن ۾ گل به هوندا آهن ۽ سينريز به هونديون آهن.

ڪنڍيءَ جي آخري صورت اها آهي  جنهن جي چنهب  وريل هوندي  آهي، جيڪا عام آهي. ۽ سنڌ جي تقريباً هر گهر ۾ موجود آهي. انهي چنهب وريل ڪنڊيءَ جون ٻه  صورتون آهن. هڪ سڄي اسٽيل جي يا سڄي پلاسٽڪ جي جنهن کي آر چيو وڃي ٿو. ٻي جي سرائي يا ڏنڊي نفيس ڪاٺيءَ جي هوندي آهي، ۽ اڳيان فولاد جي  سئي لڳل هوندي اٿس. فولاد جي سئي کي اول ڪنهن سٺي ڪاريگر کان موڙائي يعني ان کي چنهب وٽ ور ڏئي ڪنڍيءَ جي روپ ۾ آندو ويندو آهي. پوءِ ڪنهن مصالحي سان انهيءَ ڪنڍيءَ کي فٽ ڪري ڇڏيندا آهن. ۽ سئي نهايت مضبوطيءَ سان ان ڪاٺيءَ ۾ ڄمي بيهندي آهي. ڪارچوب جو ڪم ان ڪنڍيءَ تي ٿيندو آهي.

ڪنڍيءَ جي ڀرت ۾ ڪهڙا گل ڦل ٺهن ٿا؟

ڪنڍي جي ڀرت ۾ هر قسم  جا گل  ٻوٽا ۽ سينگار لاءِ هر قسم جي شيءِ تيار ٿئي ٿي. اهو سينگار خواهه ڪنهن ذات تائين محدود هجي، افراد جو هجي، يا معاشري جو هجي.

ڪنڍي جي ڀرت ۾ ڪهڙيون شيون ٺهن ٿيون؟

ڪنڍيءَ جو اهو ڪم جنهن کي آر جو ڪم سڏيو وڃي ٿو يا ڪرشيو به چئبو آهي. ان ڪم سان ميز پوش، وهاڻن جون ڇهون، بسترن جون چادرون، سوئيٽر، شالون، مفلر ٻارن جون ٽوپيون، رون ۽ عورتن جي پائڻ وارين چادرن، برقعن جون پانڪون، برقعي جي روبند جون ڇاريون جن کي اکيون به سڏيو ويندو آهي. درين، درن جا پردا، گنجيون، پيٽي ڪوٽن جا لس، ۽ پٽيون ۽ ٻيون اهڙيون انيڪ شيون ٺاهيون وڃن ٿيون اهو ڪم گهڻو ڪري سفيد سوٽي يا ريشمي ڌاڳن سان ٺاهيو ويندو آهي. ڪيتريون عورتون گلاسن ۽ پليٽن جا ڪور به ٺاهينديون آهن. جن جي آخري ڪناري ۾ آر سان موتي به پوئينديون  آهن ته جيئن ڪنارا ڳرا ٿي گلاس يا پليٽ جي آس پاس خوبصورتي سان لڙڪي بيهن، ڪڏهن ڪڏهن اهي ڪم رنگين ڌاڳن سان به ٺاهيا ويندا آهن ليڪن تمام گهٽ، ڇاڪاڻ  جو سفيد رنگ جي ڪري ان ڪم جي سونهن سوڀيا ۽ نکار تمام وڌيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ان جو ڪم ۾ ڄاري هوندي آهي. ڄاريءَ ۾ گل ٻوٽا رکيل هوندا آهن. يعني ڄاريءَ سان گڏ گلن ٻوٽن ۽ پتن شاخن جو به ڄار وڇايل هوندو آهي. رنگين چادرون يا ڇهن جي مٿان جڏهن اهڙي قسم جون چادرون يا ڪور چاڙهيا ويندا آهن تڏهن ڄاريءَ مان جتان جتان رنگين تهه نظر ايندا اتان حسن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي.

آر جون چادرون، ڇهون، ميز پوش يا ٻيو ڪم اڪثر سڄو ۽ يڪو شروع نه ڪيو ويندو آهي اول گول يا چورس ٽڪيون ٺاهي ڍير ڪبيون آهن. انهن ٽڪين جو مطلب تعداد پورو ڪري پوءِ آر سان ڄاري ٻڌي انهن سڀني کي پاڻ ۾ جوڙي مڪمل ڪيو  ويندو آهي. رنگين ڌاڳو اڪثر رلين جي ڪناري تي ڄاري ٻڌڻ لاءِ ڪم آندو ويندو آهي انهي ڄاريءَ جي آخري لائين ۾ يا ته ڪجهه وڏيرڙا موتي پوتا ويندا  آهن يا ڌاڳن مان ٺاهيل ننڍڙا ڦندڻ، ساڳيو ڪم ساڳئي طريقي سان زريءَ جي ڌاڳي سان به ڪيو ويندو آهي. پر زريءَ سان ميز پوش، پردا، يا بسترن جون چادرون  نه ٺاهيون وينديون آهن. زريءَ جي صورت ۾ زنانين قميصن جا گلا ٻانهن ۽ ڪفن جي جاءِ تي پٽيون، ورن جون پانڪون ٻارن جون ٽوپيون، وڏن ۽ ننڍن جون وسٽ ڪوٽ يا واسڪوٽ وانگر ڪوٽيون ٺهنديون آهن ڪيتريون  عورتون پنهنجن قميصن جي ماپ تي ڄاريءَ جو خول ٺاهي قميص جي مٿان پائينديون  آهن ۽ ائين معلوم ٿيندو آهي گول اهو ڪپرو ئي اهڙي قسم جو آهي. جنهن جي اندران ڪمخواب وانگر ريشم آهي ۽ مٿان زريءَ جو ڄار چنبڙيل  آهي. زريءَ جي ڌاڳي سان جڏهن آر جو ڪم ڪيو ويندو آهي تڏهن گهڻو ڪري ان ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي تي هڪ ستارو به آر يا ڪنڍيءَ سان لڳايو ويندو آهي. ستارن جي آميزش جي ڪري چلڪو چڱو پيدا ٿئي ٿو ۽ وڌيڪ  سهڻو لڳي ٿو.

ڪنڍيءَ جو ڪم چمڙي تي به گهڻو ٿيندو آهي. بوٽن ۽ جتين جي مٿين حصي کي ترن سان  پاڻ ۾ ڳنڍيو ويندو آهي. بئگون ۽ ٿيلها ٺهن ٿا، چمڙي جي مٿان سهڻا ڀرت ڀرڻ به ڪنڍيءَ جو ڪم آهي. خاص ڪري سنڌ جي اتر ۾ گهيتلا ۽ جتيون ٺهن ٿيون جن تي سوٽي يا ريشمي ڌاڳن سان رنگين رنگن جا گل ٻوٽا ٺاهي سهڻو ڪيو وڃي ٿو. اهو ڪم ايترو ڳتيل ڪيو ويندو آهي جو چمڙي جي معمولي ڪناري کان سواءِ صرف رنگينيون نظر اينديون آهن.

گهوڙن جي تلن تي ۽ اٺن جي جهلن تي  به اهو ڪم ڪيو ويندو آهي. انهن جانورن کي انهيءَ ڀرت سان سينگارڻ جو دستور، سنڌ جي سڄي ٻهراڙي ۾ ٿورو گهڻو ضرور آهي. ليڪن اترئين  ملڪ ڏانهن ۽ ٿرپارڪر  پاسي انهيءَ جو تمام گهڻو شوق آهي.

ڪنڍيءَ سان نئود جي ننڍن وڏن ٽڪرن تي ان جا ٿلهي ڌاڳي سان گل ٻوٽا ۽ وليون  ٺاهي ننڍڙا غاليچا به  ٺاهيا وڃن ٿا. اهي جيترا به ڪم ٻڌايا ويا آهن اهي شهرن ۾ تمام گهٽ ٿين ٿا. شهرن جي مصروف ۽ مشيني زندگيءَ ماڻهن کي پنهنجي انهيءَ لازوال فن کان گهڻو دور ڪري ڇڏيو آهي. ليڪن ٻهراڙي ۾ اهو فن پنهنجي پوري تابانيءَ سان زندهه آهي.

ڪنڍيءَ جو ٻيو ڪم جيڪو ڪپڙي تي ٿئي ٿو اهو ٻهراڙيءَ ۾ بلڪل نه هئڻ جي برابر آهي. البته شهرن ۾ گهڻو ٿي رهيو آهي. ليڪن شهرن ۾ به اتفاق سان ڪنهن گهر ۾ ٿئي ٿو. ورنه گهرو عورتن ۾ به ان ڪم جو  چاهه گهٽجي ويو آهي. وڏن شهرن ۾ اهو ڪم دڪاندار ڪاريگر ڪري رهيا آهن. اهو ڪم ڪارچوب تي ٿيندو آهي. اول  ڪارچوب تي ڪپڙي کي ڇڪي تاڻي ڏاڪيو ويندو آهي. هيءَ پوءِ ستارن، زريءَ، جي ڌاڳي ۽ ڪڏهن ريشم جي اميزش سان ڪم ٺاهيو ويندو آهي. هي ڪم طرحين نمونن ۾ ٿئي ٿو.

ڪنڍيءَ جو ڪم ڪيئن ٿو ٿئي؟

باقي اهو سوال ته ڪنڍيءَ جو ڪم ڪيئن ٿو ٿئي؟ اهو لفظن ۾ سمجهائڻ ممڪن ناهي. يعني ڪنهن به تقرير يا مقالي جي لفظن جي مدد سان ٻڌائي نٿو سگهجي. ته هي ڪم ڪيئن ٿيندو آهي. يا ڪيئن ڪري سگهجي ٿو. باقي تصوير ۽الفاظن جي باهمي مدد سان آساني سان سمجهائي سگهجي ٿو.

ڪنڍيءَ يا آر کي موجوده دور ۾ ڪهڙي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو؟

ڪنڍيءَ جي ڪم کي گذشته دور ۾ خواهه هن دور ۾ نهايت عزت ۽ توقير جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.

ڪنڍيءَ جي ڪم جي اهميت؟

اڄ جي دور ۾ هن ڪم جي وڏي اهميت آهي، هڪ ته هيءُ ڪم سستو پوي ٿو اگر هڪ جوڙو زريءَ دوز کان سئي جي ڪم وارو ٺهرائينداسين ۽ اهو جوڙو چئن سون ۾ ٺهندو نه اوترو ئي ڪم وارو ڪنڊي جو جوڙو اسان کي اڌ پيسن کان به گهٽ ٺهي ملندو. وڏي ڳالهه ته ٺاهڻ وارن کي به نقصان نه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ جو ڪنڍيءَ جو ڪم تمام جلد ٺهي ٿو. سرمي ستاري جو جوڙو ٺهڻ ۽ اگر اٺ ڏينهن لڳائيندو ته هي جوڙو ٻن ڏينهن ۾ ٺهي راس ٿيندو. مطلب ته ٺاهڻ وارو اٺن ڏينهن  ۾ هڪ سرمي ستاري  جو جوڙو چئن سون ۾ ٺاهيندو، ساڳئي عرصي ۾ چار جوڙا ڪنڍيءَ جي ڪم تي اٺن سون ۾ ٺاهي وٺندو. يعني ٺهرائڻ وارو ۽ ٺاهڻ وارو ٻئي ڌريون فائدي ۾ رهن ٿيون. ٺهرائڻ واري جو پئسو بچي ٿو ۽ ٺاهڻ وارو وڌيڪ ڪمائي ٿو.

وڏي ڳالهه ته هن فن جو ڇيهه ڪونهي، سئي جو هڪڙو ڪم مٽجي ٿو ۽ متروڪ ٿئي ٿو. ۽ ٻيو نئون روپ وٺي ٿو. ڪنڍيءَ جو ڪم اڳوڻونه ٿو مٽجي ۽ نئون به وجود ۾ اچي ٿو. پوءِ نئون ۽ پراڻو ٻئي طريقا ڪلهو ڪلهي ۾  ڏئي گڏجي وڌندا رهن ٿا. ۽ پنهنجي سڳنڌ سان واسيندا رهن ٿا. ڪنهن به فن جي عظمت جي اها لازوال نشاني آهي.

*---------*-------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com