سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :3

سر زمين سنڌ جون سدا ياد سوکڙيون

الحاج ولي محمد طاهر زادو

هن عالم آشڪار عنوان جي اڌَ تڏهن ٿي، جڏهن پنجاب جي هڪڙي ميگزين ”سپر  اسٽار ڊسٽ“ ۾ لکيل ڏٺم ته هيٺين سوال  جو ڪير به خاطر خواهه جواب ڏيندو ته ان کي اداره طرفان هڪ سؤ رپيا انعام ڏنو ويندو.

سوال: توهان وٽ جي ڪو دل گهرئو دوست اچي ته ان جي واسطي ڪهڙي قسم جي خدمت جو بندوبست ڪندؤ.

ان جو مقبول جواب هڪڙي راولپنڊيءَ جي رهاڪوءَ سيد ظاهر شاهه، هن طرح  لکي سؤ رپيا کٽيا هئا.

جي، اهو دلبر دوست اسلام آباد کان ايندو ته کيس ڊرائنگ روم ۾ ويهاري، شهر جي پرتپاڪ هوٽل تي لنچ (ٻپهري) کارائيندس ۽ جي پشاور کان ايندو ته ان کي طعام پيش ڪرڻ سان گڏ چپلي ڪباب شامل ڪندس ۽ ٻي مشغولي لاءِ نسوار پڻ. بلوچستان کان ايندو ته چمن جي باغن جا انگور اوس موجود ڪندس ۽ جي لاهور شهر کان ايندو ته دود لسي جو بندوبست ڪندس  ۽ اها خوب پياريندس. پر جيڪڏهن سنڌ ڪراچيءَ مان آيو ته سندس هت خير سلامتي سان پهچڻ  لاءِ لاڪائس خير جو صدقو ڏيندس. بس اهو  هو، هن سوال جو جواب لکيو، کيس سنڌ جو سماءُ ڪونه هو. هيءُ به هيئن سان هنڊائڻ جهڙي ڳالهه چئجي!

سمن جي صاحبي جي ايامڪاريءَ جي هڪڙي ڳانهه يا  ڳانو، (اڌورو بيت) سگهڙ ۽ ڳالهير ڏيندا هئا:

نرت نورائي، نار نصرپور، ڦل فتح باغ، هلي ڏس ته جوڻ ۾ ڪپهه جو واپار.

مطلب: نرت ناچ، نورائي شهر وارن  جو ۽ سهڻي عورت ڪامڻي نصرپور شهر جي ۽ ميوات ڦل فتح باغ شهر جي، پر جوڻ جي شهر ۾ ڪپهه جا گدام آهن جن جو پري پري ڏيساور سان واپار ٿو هلي،(هن ڳالهه ۾ سنڌ ديس جي خوشحاليءَ جو نقشو چٽيل آهي) ٻڌو هن خطي جون خوراڪون.

سنڌ درياهه جو کيرو ۽ آتيارو پلو

ڪهڙي ڳالهه ڪجي ان پلي جي!

سنڌ ملڪ جو حاڪم، مرزا باقي بيگ پلي کائڻ جو شوقين، خوراڪي هو، پلو رڌرائي، پلو ترائي، پلو سيئلرائي، پلو پوئارائي ۽ پلو ڪوڪ ڪرائي پيو کائيندو هو. ايڏو ته پلي جي شيريءَ ۽ لذت کان لطف اندوز ٿيندو رهندو جو ڪڏهن به پلي جي هاٻ هٻڇ کان شوق پلجي نه ٿي سگهيس. هڪڙي رات ايترا ته پلي جا نمونا تيار ڪرايائين جو سندس دستر خوان تي پورا ئي نه ٿي سگهيا. کائڻ واسطي ويٺو ته ويو کائيندو ۽ ويو کائيندو. بس ئي نه ڪري تان جو معده”معدي ڪرب“ ٿي ويس ۽ ساهه سنگهوڙڻ ٿيڻ لڳس، ماندو ٿي لڇڻ ڦٿڪڻ لڳو نه ويٺي آرام نه ستي سک، هاضمي ڪاڻ حيران پريشان رهيو. نڌان پنهنجي تلوار کڻي پنهنجي پيٽ ۾ ٽنبي آنڊا اوجهريون ڪڍي رکيائين. پر مرڻ مهل به نگاهون پلي جي پليٽن ۾ رهيس.

اڄ به تازو پلو  مهاڻن جي هٿن  سان تريل يا رڌل يا پڪل کائي امين ٿيو. ايڏو ته لذيذ لڳندو جو ان جي مٽ ڪابه شي ڪري نه سگهندؤ. اصل شرط آهي!

ڪراچي، سمنڊ جي ڪناري تي  منهوڙو ٻيٽ آهي، اتي جيڪا بيسڻ ۾ تريل مڇي ٿي ملي سان سيرن منهين مسافر کائين ٿا پر ڍاپن نه ٿا.

سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ وري لئيءَ جي لامن ۾ مڇي جا ٻيرا ڳنڀيون  سيخ ڪري ٽنبي باهه تي پچائي ڳاڙهن چانورن جي اٽي جي سوڪ ماني پچائي کارائين ٿا. جي اها اوهان  کاڌي ته ڳوٺ  ڏانهن ورڻ تي دل نه ٿيندوَ.

ٽنڊي آدم جو پڪل گوشت، سيخن ۾ پڪل ٻاڪريون رانون سجي، کائڻ بعد داد ڏيڻ کان وانجها نه ويندؤ.

حيدرآباد جو قيمائي نان، جن نه کاڌو سي ٿيا پشيمان،.

نان پاوا، نهاري، دک نه بيماري، صبح سواري ڏي ٿي مزيداري.

ٻيون چشڪيدار چٽڻيءَ هاڻيون ٻيون چاپون، سيخن پڪل ڪڙڪ ڪباب مرچن ۽ مالن سان ٽپ ٽاٻ، جن ۾ زبان جو ذائقو بي حساب ۽ شڪارپور جي کٽائي سانڌاڻو،آچار.

سگهه قوت جو ڪامل علاج، سنڌ ملڪ جو اناج.

گهوگهارو گهٽر، ضلعو  لاڙڪاڻو، هتي جا پيدا ٿيندڙ چانور سڳداسي سڏجن ٿا، ان ۾ چاشني  چنگالي، قورمي واري پسا، پلاءُ ۽ برياني بنائجن ٿا، مجلسن مارڪن ۽ شادين ۾ مهمانن جو مها مرڪ ٿي ڪوٺجن.

نارو ڍورو تعلقو عمر ڪوٽ، نارائي چانور، خوشبودار آهن، گيهه گهٽ ٿا گهرن ديڳڙي کي دم ڏيڻ مهل آس پاس واسيو ڇڏين اوي سوي کايو خوش ٿين ٿا.

لاڙ ۾ مهمان جي مرحبا سڀتي سان ڪن ٿا.  ڇا ٿا ڪن جو گوشت ڳاري، ان سان ڳاڙها چانور ملائي رڌي سڀتو تيار ڪن. کائيندا ته چوندا حيدرآباد جو حليم به گهري مري، اندر مان از خود آلاپ پيا نڪرندا. سي ڪهڙا؟

جيڪو ڀت ڪري ٿو شون شون، شون

ڀلاڙي ڀت تون!

هالا نوان شهر ۾ پينهون چانورن جي سارين مان ٺهي وڪامن ٿا، سارين کي پسائي پوءِ ٿئي ڀڃين، اکرن ۾ پيرن جي مهلڙن سان ڪٽي ڪٽي چپين ٿا ته ٿين پينهون، پينهن جو طعام اڪثر  ڏينهن وارتي عيد برادن تي ختمن جي مقعي تي خونچن جي زينت بنجي ٿو.

اتر سنڌ ۾ جي جوئر جو ان جنهن جا ڪيترائي قسم آهن ان کي آيل ماڻهو ماهي کير سان گهڻي اڪير سان کائين ٿا سبحان الله چئي!

ٿر ۾ وري ٻاجهري جي ماني  ٻاڪري کير سان کائڻ ڪري ڪڏهن به ماڻهو سلهه جي بيماري جو شڪار نه ٿو ٿئي.

نعمتون ۽ سونهن ڀريون سوکڙيون.

نصر پور (تعلقو ٽنڊو الهيار) جا کير  پيڙا،

مٽيارين جو مائو، حيدرآباد جي رٻڙي، برفي، خيرپور ۾ پير جي ڳوٺ جو مائو مشهور آهن.

ڪراچي جو احمد جو حلوو، ميرپورخاص جو ڦوٽي جو حلوو، ٽنڊوالهيار جو نٿو جو اگم حلوو، جيڪو سياري جي سيءَ جو دشمن ٿو سڏجي.

ٺٽي جو اصل  ابريشم شربت تراوت توانائي ۾ بي بها مشروبات ۾ آهي.

نوابشاهه جي حڪيم محمد معاذ جي جوڙيل ٺنڊي ٺار ٿاڌل، تن کي تراوت ڏي ٿي.

حيدرآباد جو انبن  ۽ صوفن جو مربو، دلشاد  چندن جو چٽڪو آهي، ميوات ۽ ڦل ڦول تعلقي ٺٽي ۽ تعلقي حيدرآباد جا گلابي ۽ موتيا گل عطر عرق ۾ ٿا ڪم اچن ۽ گلقند ٿو ٺهي.

ميرپورخاص جو فارمي انب، ڪوٽ غلام محمد تعلقي ۾ عبدالصمد ڪاڇيلي جي باغ جا انب سنڌڙي.

ٽنڊو الهيار تعلقي ۾ سيد ڀورل شاهه  باغ جا سنڌڙي انب ولايت تائين وڃن ٿا ۽ انهن جا باغ به ڪن ڪوهن ۾ آهن، ڏاڍا مشهور آهن.

ٺارو شاهه تعلقي جون نارنگيون ۽ سنگتڙا.

ٽنڊوالهيار تعلقي جي بڪيرا  شريف ۽ کوکرن ڳوٺ جي کيرول.

ٽنڊي محمد خان تعلقي جي نرم ڪماند جي ڳنڍيري ۽ زيتون.

خيرپور تعلقي جي کجور يا کجي، سکر تعلقي جي کجور کارڪون ۽ ڇوهارا.

ٽنڊي ڄام جا کيرولي ٻير ۽ ٽنڊي قيصر جا صوفي ۽ گولا ٻير.

ٽنڊي الهيار تعلقي جي ڌڱاڻو بوزدار جون ڇاهيون هنداڻا، مٺيون ته بي انداز هيون پر انهن جي تور پنجن سيرن کان وٺي اڌ مڻ تائين هوندي آهي.

ضلعي حيدرآباد ۾ ڪيوڙن (ڪيلن) جو ڪمال  اهو آهي ته هر هنڌ پوکيل آهي. هڪ جهڙا لذيذ ۽ مٺا آهن.

جهرڪن ۾ توهان کي ڦاڪدار ڳاڙها گدرا جن کي سال جا گدرا چون ملندا. سال لفظ ساحل آهي، يعني درياهه جي ريٽ تي پوکيل گدرا لا جواب مٺا ڀلا، ڪوٽ غلام محمد تعلقي ۾ ڄيمسي گدرا پڻ اهڙا مٺا آهن جو ڪوئيٽا جي سردن ۽ گرمن کي شهه ڏيو ٿا ڇڏين.

(نوٽ ڪوٽ غلام محمد جو نالو انگريزن جي حڪومت ۾ ڦيرائي جيمس آباد ڪيو ويو هو)

دادو ضلعي ۾ منڇر ڍنڍ جا پاپوڙا، پٻڻيون، بهه، ٻوراڻي، بوبڪ شهر ۾ ئي موجود آهن، ڏورڻ جهڙو ڏٿ.

ٿر ملڪ ۾ کبڙن جا ۽ ساڏوهين ڄارن جا پيرون تحفي طور کڻڻ ۽ کائڻ جي لائق آهن. جابلو هندن تي ڇپر جا ڇاپرو ڳاڙها ٻير قدرت جو ڪمال پيا ٿا لڳن.

ننگر پار تعلقي ۾ نمن جا وڻ گهڻا آهن. اتي جا ماڻهو نمورين مان تيل ڪڍي صابڻ ٿا ٺاهين. جيڪو چمڙي جي خرش ۽ ڦٽن ڦروڙين ڇٽائڻ لاءِ مشهور آهي.

ٻيو، هيرڻ جي پوک جام ٿئي ٿي. ان جو ٻج پيڙهي ان مان تيل ڪڍن ٿا جنهن کي ايرنڊي چئون ٿا. ٻارن لاءِ  جلاب ۽ دوائن ۾ اهو تيل ڪتب  ٿو اچي.

تعلقي ماتليءَ ۾ شهر ماتليءَ جو جلاب ۽ نوابشاهه شهر ۾ محمد معاذ جو ”جلاب گلاب“ لاجواب  آهن. هاضمي جي حرڪتن کان بچائيندڙ بدهاضمي ڪاڻ  هڪ ٽڪ علاج آهن. سنڌ ملڪ ۾ ڇا ڇا نه  آهي گهموڦرو ته توهان کي ڪيتريون ئي سنمک سوکڙيون سرنديون، ميواتون، خوراڪ، سوغاتون، نعمتون، غنيمتون انهن جي ڪشادي قلب سان قدر ڪريو سائين کي ساراهيو!

هي ملڪ مولا جي نعمتن سان مالا مال

آيل جي آجيان، سڪڻ مرحبا بي مثال.

 

 

 

*--------*-------*

 

 

 

مجيد گل                                            ڪهاڻي

صحت جو راز

 

ٽرين ۾ سيٽ بڪ ڪرائڻ کان پوءِ هن سک جو ساهه کنيو. سڪون سان سيٽ ڳولڻ لڳو. سيٽ ملڻ کان پوءِ ويهڻ شرط عادت موجب ڪنهن خوبرو چهري لاءِ هن نظرون ڊوڙايون. پر نا اميد موٽي آيون ٻه چار کڳوڙ  پوڙهين کان سواءِ باقي ڇڊا ڇڊا مرد ويٺا هئا. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو.”اڄ ته قسمت ئي ڦٽل آ! ان خيال ۾ هو ته بوگي جي  گيٽ تي هڪ  ڇوڪرو ۽ ڇوڪري نروار ٿي ٽڪٽ تي نمبر ڏسڻ  کان پوءِ سيٽن جا نمبر ڏسندا هن طرف وڌڻ لڳا.   ڏسندي ئي هن کان ڄڻ رڙ نڪري وئي. ”اڙي گهوڙا!“ دل ئي دل ۾ چوي ٿو، ”يا خدا، منهنجي ويجهو ڪٿي اتي ئي سيٽ ملين، هو ٻئي سيٽن جا نمبر ڏسندا هن جي سامهون سيٽ تي ويهي رهن ٿا. ”واهه مولا....!! هن کان ذري گهٽ رڙ نڪتي هئي.“

پر لفظ نڙي ۾ دٻائي ڇڏيائين.

جوڙو ڇا هو، هن وٽهنن جي تعريف لاءِ لفظ ئي ڪونه هئا. ڇوڪرو ته خوبصورت هو پر ڇوڪري ته اصل بجلي هئي. هو پهرين نظر ۾ نيرين اکين ۾ گم ٿي ويو. تقريبن هو ٻئي هم عمر هيا. ٻنهي جي عمر ارڙهن سالن جي لڳ ڀڳ لڳي رهي هئي. هو ٻئي گوڏو گوڏي سان ملائي ويٺا هئا.  ٻنهي جي چپن تي مرڪ هئي ۽ هڪ ٻي جي پيار ۾ گم ويٺا هئا. هنن کي ان مهل هوش وريو جڏهن ڪنڊ ۾ ويٺل ملان ”نعوذ باالله“ چوندي منهن ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيو ۽ هن جي هٿن ۾ بيٺل تسبيح جي مڻين ۾ تيزي اچي وئي ۽ هن کي ان مهل خار اچڻ لڳي جڏهن جوان ته ٺهيو پر جهور پوڙها به  بنا اک ڇنڀڻ جي ڇوڪريءَ جي منهن ۾ اکيون وجهي ويٺا هئا.

هوءِ پيار واري نهار سان پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿي”پپن ڪيئن پيو لڳي؟“ هن قاتل مرڪ مرڪندي پنهنجي محبوبا جي اکين ۾ نهاريندي چيو”ويري گڊ“.

”بوريت ته نه پئي ٿئي“ ڇوڪريءَ پڇيو.

”بوريت وري ڇا جي“ ڇوڪر وراڻيو  ۽ هن پيار مان ڇوڪريءَ جي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي ڇڏيو.

هن جي بدن مان ڄڻ بجلي جي لهر ڊوڙي وئي.ان وقت دل ڦٿڪي ڦٿڪي پاسرين کي ڀڃڻ جي ڪوشش پئي ڪيس هو جک کائڻ لڳو. ان ڇوڪر کان، پر ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس!

پنهنجي پاڻ کان به کار کائڻ  لڳو ۽ سوچڻ لڳو ”آخر مون کي خدا اهڙي صورت، وڏيون گول گول شرابي اکيون، گلابي چهرو، وڏو قد ڇونه ڏنو. خدا مون کي ويڪريءَ ڇاتي ڇونه ڏني. جي ڏئي ها ته اهڙيون حورون به مون کي ....  پر خدا جي جوڙيو ئي اهڙو اٿم،  برقعن پويان  ڦيريون پائيندي، گوارڙين جا ڇٻا ڦوليندي، شاهي بازار جا چڪر ڪاٽيندي، مارڪيٽ ۾ جوتا گسائيندي، موڪل ٽائيم ٽانگن جي بانڪن ۾ سينا هڻندي، پاڻ نرڄائي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، پرپاڻ کي ڪنهن کنگهيو ئي ڪونه،  جواني سڌون ڪندي گذري وئي!؟

جيڪو ڪجهه هن جي سامهون هو، هن جي برداشت کان ٻاهر هو. هوءَ پنهنجي محبوب جي وارن ۾ پيار مان آڱريون گهمائي رهي هئي. ان وقت جک کائيندي سوچي ٿو” پر  پنهنجي وارن ۾ ڪڏهن ڪنهن خارن مان به نه جهليو، سڀ سيارا ۽ اونهارا ائين گذري ويا. جيئن ڪا پجيرو ڪچي رستي تان منهن ۾ ڌوڙ وجهي ويندي آهي ۽ هر صبح مون اڪيلائي ۾”ڳوڙها ڳاڙيندي گذري، هميشه پاڻ کي آٿت ڏنم ته ڪڏهن نه ڪڏهن ته دل جي ڌرتي تي ڪو به گل ٽڙندو.“

ڪيتريون ئي اسٽيشنون آيون ويون،  گاڏي مان ڪير لٿو چڙهيو هن کي ڪابه خبر نه  هئي. هنن جو پاڻ ۾ پيار ڇا هو، ڄڻ واهه ڪنارن تار هو، هو ٻئي هڪٻئي جي پيار ۾ گم ويٺا هئا. عنايت بلوچ جون سٽون هنن جي ئي عڪاسي ڪري رهيون هيون.

تنهنجي وارن جي وڪڙن وڪوڙي ڇڏيو،
تنهنجي پلڪن جي پاڇن ۾ پئجي رهيس،
تنهنجي نيڻن ۾ نرمل نظارا  ڏٺم،
تنهنجي مکڙي ۾ ڳولي لڌم مشغلا.

 

هوءَ پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي چوڻ لڳي.

”پپن ٿڪجي پيو هوندين، منهنجي گوڏي تي سمهي رهه.“

۽ هن انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، هو دل ئي دل ۾ ساڙ کائڻ لڳو.”مار اسان کي ته ڪو ڀر ۾ ئي بيهڻ نه ٿو  ڏي، ۽ هت  هيڏي وڏي پيشڪش ۽ انڪار !!“

ڪجهه دير انهن ۾ ڇڪتاڻ رهي، آخر هوءَ ڪامياب ٿي وئي، هو پنهنجي محبوبا جي گوڏي تي مٿو رکي سيٽ تي ليٽي پيو ۽ پيار مان هن جي نيڻن ۾ نهارڻ لڳو.

بس هاڻ هن کان ڪجهه به برداشت نه پيو ٿي، جذبات جي وهڪري ۾ وهندو پي ويو. دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو ”او منهنجا رب! اڇي سنگ مرمر جهڙي نه سهي ڪاري ڪٺ جهڙي ئي سهي، پر ڪا پيار ڏيندڙ ڏيار ته سهي!“

ريل گاڏي جي رفتار سست ٿيڻ لڳي، اسٽيشن آئي ٻئي لهڻ جون تياريون ڪرڻ لڳا، ڇوڪري آهستي پيار ڀريل لهجي ۾ چپ چوريا.

”پپن پٽ اٿو“ ”ها امان“ ڇوڪر وراڻيو:

هڪ جهٽڪي سان ٽرين سان گڏ هن جي دل به ڄڻ بيهي رهي، هنن جي وئي کان پوءِ سوچيندو رهجي ويو ته اهو صحت جو راز هو يا ڊيڪوريشن  جو ڪمال!“

 

ڪي ڊي سومرو

پيئي کڻي پساهه

کمون هڪ غريب ڪڙميءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو، هن جي ڄمڻ جي خوشي سندس دائي کي ڪا نه ٿي، ڇو جو هن کي خبر هئي ته هتان لپ چانورن جي به نه ملندي

سو کمون ڄائو  بانبڙا پاتائين ۽ مسڪيني واري حالت ۾ جوان ٿيو. هو ڪنڊن کان ائين ڀڄندو هو جيئن ڪو بيٽس مين بائونس واري بال کان پاڻ بچائيندو آهي. پر تڏهن به ڪونه ڪو ڪنڊو هن کي منڊڪائڻ تي مجبور ڪندو هو. هن جو نئون وڳو به انگاس جي بيرڪ جيان تبديل  ٿيندو هو. اڃا مڇن جي ساوڪ منهن تي مس ئي نروار ٿيس، ته پڻس هر کيڙڻ تي لڳايس، ڇو ته اهو پورهيو ته هن کي ورثي ۾ مليو هو. ڪڏهن ڪڏهن وڏيرو زمين  جي پر گهور لهڻ لاءِ ٻني تي ايندو هو ته هن جو پيءُ ريگستان جي اٺن جيان تيز ڀڄي، وڏيري جي آجيان ڪندو هو. ۽ پهنجون پاڻ کي خوش نصيب سمجهندو هو ته ڌرتي تي  ڌڻي پاڻ هن ڏي هلي آيو آهي!

کمون پڻس جي وڏيري کان وفاداري ننڍڻ کان ڏسندو پئي آيو کيس پيءُ جو وڏيري کان جهڪي ملڻ عجيب لڳو. ڇاڪاڻ  جو هڪ ڏينهن به اسڪول جي بينچ تي  بيهي الف بي نه پڙهيو. جو هن کي جمهوريت جي ڪلچر جي خبر پوي. اهو ئي سبب هو جو تصور ۾ هميشہ معصوم رهيو. ڳوٺ ۾ هن جو فقط هڪ يار هو جنهن وٽ ريڊيو هو. هو ڪڏهن ڪڏهن هن وٽ ڪچهري ڪرڻ ايندو هو. ۽ ريڊيو تان ڪلام به ٻڌندو هو. هڪ ڪلام ”قفس جي جو قيدي مان، نڪري، پکي پنهنجي وطن ويندو“ هن کي گهڻو پسندو هو ۽ ڪڏهن موج ۾ اچي ڳائيندو به هو.

چوندا آهن ته موت نه مهڻو، شادي نه گار“ سو هڪ ڏينهن هن جي پيءُ جا ڏينهن به هن ڌرتي تي اچي پورا ٿيا. کمون سان مائٽن مٽن دستور موجب پير ڀريا، ڪنيون ڏنيون ۽ پوءِ هر ڪو پنهنجي ماڳ ڏانهن روانو ٿيو. تڏهن کمون زندگي ۾ پنهنجو پاڻ کي پهريون ڀيرو هن ڌرتي تي اڪيلو سمجهيو. اهو ئي سبب آهي جو هن جو ڪنهن به ڪم ڪار ۾ جيءَ نه پي لڳو. سڄو ڏينهن پيو راڳ آلاپيندو هو بس اکيون هيون آليون، هڪڙو ئي دوست هيس، ان به پنهنجي وسان نه گهٽآيو، آٿت، دلداريون، گهڻئي، ڏنيو، پر هي ٻار مري ويو، هڪ  ڏينهن هن جي لبن تي اهو گانو”قفس جي قيد مان نڪري پکي پنهنجي وطن ويندو“.

۽ جيئن جيئن هو ڳائيندو ويو، هن جي تصور ۾ پيءُ ايندو ويو ۽ پوءِ بس ... روڄ ۽  روڄ! پر ڪيستائين روئڻ ۽ ڌوئڻ کان پوءِ هن کي نيٺ موٽ کائڻي پئي. سو کمون ڪو سماج کان ٻاهر ڪا خلق ته هو ئي ڪونه جو پنهنجي ڪري، سو واپس وڃي زمين جي سيني مان رزق حلال جي جاکوڙ  ڪئي ۽ پوءِ ساڳئي ماني ساڳ سان، وقت گذرڻ جي ته ڪنهن کي خبر ئي نه ٿي پوي، ته ڪيئن لمحا صدين  کي ٿا جنم  ڏين. ڪجهه وقت کان پوءِ کمون جي امڙ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ اچي وئي. ڦودني جي ٽڪي، سونفن ۽ ڦوٽي جي ڦڪي کان وٺي جيڪو ديسي ڏس مليو، سو ڪيو ويو. اوسي پاسي جي پيرن فقيرن کان دعا پڙهائي وئي. امام ضامن ۽ موکا به ٻڌا ويا. پر مائي جي نصيب ۾ ايل ايم سي جا ڌڪا جو لکيل هئا.  سو اچي پهتا ڄام شوري واري اسپتال ۾.

هتي جي دنيا ئي نرالي هئي،  اسپتال جي اندر ئي ميڊيڪل اسٽور تان اگر هنن وٽ ڊاڪٽرن جي لکيل دوا نه هوندي ته هو ان جي بدلي ۾ ڪنهن ٻي ڪمپني جي ڏيندا. اگر ڪنهن احتجاج ڪيو ته رکي جواب ملندو ته اها دوا نه آهي. وڃي ڊاڪٽر کان پڇو. بادشاهي عملو ان دوا کي مريض کان ضرور واپرائيندو. اڄ جي دور ۾ ٿاڻي جا سپاهي ايترا  پاور فل نه آهن، جيڏا اسپتال جا جمعدار ۽  وارڊ بواءِ انهن جي شان شوڪت ته خانن جي ياد تازي ڪريو ڇڏي. هنن جي مرضي آهي جنهن تي به نظر ڪرم ڪن اهو اڏجي ويو.  نه ته بقول هڪ ڊاڪٽر جي هتي  لاعلاج مريض ايندا آهن.

نرسون ته هاڻي Staff ٿي ويون آهن. سو ڪنهن مريض سان ڳالهائڻ هنن جي شان وٽان نه آهي. هر ڪا نرس منهن ۾ شور پائي جو ڏسي ته بس الامان! ڪنهن جي نيڪي ڪجي ۽ ڪيتري ڪجي. بس آپريشن واري ڏينهن وڃي ڪنهن ڊاڪٽر جو  ديدار نصيب ٿيندو آهي. باقي هاڻي اسپتال ۾ رائونڊ ڪرڻ جو رواج ئي ختم ٿي ويو آهي. ڀلا ڪير انهن ڍونڍ وارن ڪمرن ۾، هن ڌرتي جي ڏتڙيل ماڻهن کي ڏسي. آپريشن  ۾ مريض اندر ويو ته ڇٽو. ايترو هنن راڻن کي نٿو پڄي ته هڪ واري آپريشن ۾ استعمال ٿيڻ جو سامان گهرائن. بس اوچتو جمعدار مٺ ۾ سگريٽ رکي ٻاهر ايندو ۽ چوندو ته”يه دوا لي آئو“ ڪير وٺي ڪهڙي مريض لاءِ، ان لاءِ توهان کي نهايت ادب ۽ احترام سان هن کان پڇڻو پوندو پر هو يار  ته جيستائين ڪنهن ٻئي کان خالي نه ٿيندو، تيستائين اوهان کي جواب نه ڏيندو. مريض آپريشن ٿيٽر مان ٻاهر نڪتو ته هن آدمزادي کي جنرل وارڊ ۾ پهچائڻ وارو مرحلو به ايڏو ته اذيتناڪ آهي. جو اگر ڪو انسان درد رکندڙ هجي ته الائي گهڻا ڏينهن مانيءَ تان  ارواح ئي  کڄي وڃي. ٽرڪ تان ڪڻڪ جي ڳوڻ به ڪنهن طريقي سان لاٿي ويندي آهي.

پر هت آپريشن کان اسٽريچر تان پلنگ تي مريض کي اتان جا جمعدار ائين لاهن جو بس!

هيڏي وڏي جٺ کان پوءِ اگر اوهان همراهن جي مٺ گرم نه ڪئي ته پوءِ سمجهي وڃو ته اوهان جو مريض صحت لاءِ ائين سڪندو جيئن مير صاحبيءَ لاءِ.

ان کان پوءِ پهرين جوڙ جي ملهه وانگر وارڊ بواءِ ڏاڍي ناز نخري سان ايندا لفظ وارڊ بواءِ جيڏو پرڪشش آهي هي يار ڪم ۾ اوترا ابتڙ، بس سائين مئا ٿيا جيئرن جي وس.

سو کمون جي امڙ اسپتال جي حوالي هئي، هن ڄٽ کي ته اسپتال جو گيٽ مين به تاڙي ويو، سو مجال آهي جو بغير گيٽ مين جي هي پنهنجي ماءُ جي پروڙ لهي، شايد اهي گيٽ مين انهن  مسڪينن کي پريشان ڪرڻ  لاءِ رکيل آهن. اڄ ڪلهه ڪپڙي تي ڪلف جو رواڄ ايڏو ته مقبول آهي. جو ڪو بني بشر ان کان محفوظ نه آهي. ڊاڪٽر صاحب ته وري پنهنجي دل دماغ تي به ڪلف ڪرائيندا آهن. ان ڪري هنن جي مسڪراهٽ ٻين کان الڳ ٿلڳ نظر ايندي آهي. جنهن وارڊ ۾ کمونءَ  جي  ماءُ داخل هئي، اتي ٻن ڏينهن ۾ ٻه مريض ته پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليا. مريض کي جيڪو توجهه مليو سو مليو، پر سائين ميت کي کڻي وڃڻ لاءِ به سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ٿي پوي. ان سرٽيفڪيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏي مهرباني ٿي ٿئي ۽ ڪيڏو انتظار ٿو ڪرڻو پوي. اهو سڀ کمونءَ اکين سان ڏٺو ۽  سر کي سمجهي ويو. هوڏانهن هن همراهه ڳوٺان ڍور  کپائي ڏوڪڙ آندا، سي به پڄاڻي تي هئا. خيال ڪيائين ته هنن جي هٿن ۾ امان جي صحت نه آهي. سٺو اهو ٿيندو جو جيئري ئي ڳوٺ وٺي وڃانس نه ته اهي سرٽيفڪيٽن جا چڪر، ايمبولينس جا خرچ ۽ پريشانيون، اهي سڀ سهڻ کان ڳريون هيون، ڇو جو جڏهن هن جي دماغ ۾ اها سوچ آئي ته هن اوڙاهه مان ڪيئن نڪرجي ته هن ڏٺو هڪ همراهه نانگ جو کاڌل اسپتال ۾ داخل ٿيو. نانگ جي کاڌل لاءِ هڪ مخصوص انجيڪشن لڳندي آهي ته پوءِ بچاءُ ٿيندو آهي. پر اها انجيڪشن اسپتال ۾ ته ٺهيو پر پوري نيرون ڪوٽ ۾ نه هئي. هر ميڊيڪل اسٽور واري جو هڪ ئي جواب ته  سائين” يه انجيڪشن اسلام آباد سي آتي هي“ جيستائين ميڊيڪل اسٽور کان انجيڪشن جي پڇا ڪئي وئي. تيستائين هو همراهه به مٿي اسريو ۽ اسپتال جي عملي کي به هڪ بيڊ تڪڙو خالي ٿي مليو سو انهن حالت ڪري کمونءِ نه ڪئي هم نه ڪئي تم هن فقس خاني جي ماحول کان شڪست کائي کڻائي ويو، پنهنجي امڙ کي ڳوٺ، جتي

پئي  کڻي پساهه، پسڻ ڪاڻ پرينءَ جي.“

 

*-------*------*

تنوير جوڻيجو

ڳالهيون سلڻ جهڙيون

 

چوطرف جيڪڏهن نظر ڊوڙائبي ته انيڪ مسئلا ۽ مونجهارا ڪر کنيو بيٺل نظر ايندا. هڪڙا ماڻهو آهي، جيڪي انهن مونجهارن جو مردانه وار مقابلو ڪندا نظر ايندا ته ٻيا وري ماڳهين منهن پيا لڪائيندا وتندا. انهيءَ چوڻي مصداق ”جتي  پڄڻ ناهي ڪم اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو.“

بهرحال هر ڪنهن جي واٽ ۽ سوچ پنهنجي طاقت ۽ وس آهر ئي هوندي آهي، هونئن به   چوندا آهن ته ”وڇ ڪڏي ڪلي، آهر“ ۽ عورتن جي حوالي سان نظر وجهبي ته دنيا ئي اور نظر ايندي. هونئن ته عورتن ويچارين کي گهڻن ئي مامرن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو پر اڄ ڪلهه ٻين مسئلن سان گڏ ڏاج جو مسئلو به آهي. ۽ خاص طرح اسان جي  شهري علائقن ۾ هي آزار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ اسان جي پاڙي واري ملڪ ڀارت ۾ ته هن مسئلي ”جرم“ جي نوعيت وڃي اختيار ڪئي آهي. نه رڳو عام عورتون پر وڏا گهراڻيون به انهيءَ مسئلي جو شڪار آهن.

هڪڙي اخباري خبر موجب ”گهٽ ڏاج آڻڻ سبب نهرو ڪٽنب جي نياڻي تي به تشدد ڪيو ويو مارڪٽ ڪري سندس ٻانهن ڀڳي وئي ۽ گار گند پڻ ڪئي وئي. راجيو گانڌي جي ڀائيٽي راڌيڪا، دهلي جي خاص عدالت ۾ مڙس خلاف شڪايت درج ڪرائي.“

مسئلو محض مارڪٽ تائين ناهي پر هندستان ۾ گهٽ ڏاج آڻڻ سببان ڪنوارين ۽ نهرن کي باهه ڏئي ساڙڻ لاءِ ماڻهو مختلف طريقا اختيار ڪري رهيا آهن.

احتجاج بلند ڪري رهيا آهن، پر عملي احتجاج  جو طريقو ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) ساگرد گل اختيار ڪيو، جيڪو نهايت ساراهه جوڳو آهي. اخباري رپورٽ موجب ڪمرنل دگل پنهنجي  ڌي مينود گل جي شادي جي تقريب شادي کان ٻه ڪلاڪ اڳ ملتوي ڪئي ۽ شادي هال تي نوٽيس لڳرايو ته ”ڏاج جي لڳاتار مطالبن جي ڪري هيءَ شادي ملتوي ڪري رهيو  آهيان، تڪليف لاءِ معذرت خواهه آهيان.“

مسٽر دگل جي هن عمل کي گهڻي ڪوريج ملي ۽ ڪرنل دگل اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته ”سندس ڌي جي مٽي ڪئپٽن گولائي سان طئي ڪئي وئي هئي پهرين گهوٽيٽن ٻن لکن جي گهر ڪئي جيڪا مون مڃي ورتي ان کان پوءِ مطالبن جي لسٽ وڌڻ لڳي ۽ مون وڏي مشڪل سان پنجويهه هزار رپين جو بندوبست ڪيو پر شادي کان هڪ ڏينهن اڳ هنن لک رپيا روڪ، رنگين ٽي وي، الماري جي فرمائش ڪئي، جيڪا پوري ڪرڻ مون لاءِ ناممڪن هئي ۽ لاچار مون شادي ملتوي ڪري ڇڏي.“

۽ انهي سلسلي ۾ جڏهن  ڇوڪري مينودگل کان سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ”هن فيصلي کان پوءِ مون کي لڳو ته منهنجي مٿي تان وڏو بار  هلڪو ٿي ويو آهي“،شل اهڙو فيصلو هر  ڇوڪري ڪري سگهي!

قانون،عورت لاءِ

شادي بابت پاڪستان ۾ ڪيترائي قانون موجود آهن جن مان سڀ کان اهم عائلي قانون مجريه 1961 آهي، خانداني ۽ ڪٽنبي لاڳاپن جي سلسلي ۾ عورت جي عدم تحفظ کي محسوس ڪندي حڪومت 1955 ۾ هڪڙي ڪميشن قائم ڪئي ۽ انهي جي پيش ڪيل  تجويزن هيٺ هيءُ قانون نافذ ڪيو ويو، مسلم عائلي مجريه 1961 کان اڳ شادي يا طلاق بابت ڪو به باضابطه رڪارڊ موجود ڪونه هو. ۽ نه وري شادي  طلاق جي رجسٽريشن ٿيندي هئي. ان ڪري متنازعه معاملن يعني تڪراري معاملن ۾ شادي يا طلاق ثابت ڪرڻ تقريباً ناممڪن هوندو هو، ۽ اهو تڪرار خاص طرح وراثت وارن معاملن ۾ شدت سان آڏو ايندو هو. اهڙي طرح 1961ع واري قانونن کان اڳ باقاعده نڪاح نامو به ڪونه هوندو هو.

1961ع واري عائلي قانون کان پوءِ نڪاح ۽ طلاق لاءِ رجسٽريشن لازمي قرار ڏني وئي آهي ۽ طلاق موثر ٿيڻ لاءِ باقاعده تحت ڏنل اختيارين ۾ هر يونين ڪائونسل جو چيئرمين هن امر جو مجاز هوندو آهي ته ثالثي ڪائونسل يعني ٽياڪڙي لاءِ ڪائونسل ترتيب ڏئي جيڪا ڌرين، نمائندن ۽ چيئرمين تي مشتمل هوندي آهي، هي ڪائونسل ان وقت مرتب ڪئي ويندي آهي جڏهن مڙس پاران طلاق جو نوٽيس ملندو آهي ۽ هن جو ڪائونسل جو مقصد ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ  هوندو آهي. ان کان سواءِ هن ڪائونسل کي اهو به اختيار هوندو آهي ته زال جي دانهن تي خرچ ۽ نان فققون مقرر ڪري  ۽ مڙس کان پويون خرچ به زال کي وٺي  ڏئي.

ان کان سواءِ هڪ زال جي موجودگي ۾ ٻي شادي جي خواهش رکندڙ مڙس جي  درخواست تي به غور ڪري حالتن ۽ واقعن جي روشني ۾ منظوري ڏئي يا رد ڪري، اهو فرض به ثالثي ڪائونسل جي سپرد هوندو آهي.

مسلم  عائلي  قانون مجريه 1961ع تحت يتيم پوٽي ۽ پوٽين، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين جي وراثت جي حق کي به تسليم ڪيو ويو آهي. کين ناني ( نانيءَ يا ڏاڏي / ڏاڏيءَ) جي ملڪيت مان سڌو سنئون ورثو ڏنو ويندو، ان کان سواءِ هن قانون جي روشنيءَ ۾ طلاق شده عورت کي پنهنجي اڳوڻي مڙس سان ٻيهر نڪاح ڪرڻ لاءِ حلاله جي به ضرورت ناهي. سواءِ ان ڳالهه جو اڳوڻو ور ٽي ڀيرا زال کي طلاق ڏني هجي، ۽ طلاق جي قانوني صورت به مڪمل ٿي چڪي هجي.

(پاڪستاني خواتين کي قانوني حقوق، جاري ڪيل اي جي ايڇ ايس ليگل ايڊ سينٽر تان ورتل)

 

*--------*-------*

 

 

علي مرتضيٰ ڌاريجو

صحت – علاج

 

اهڙيون ڪسرتون ڪرڻ کان پرهيز ڪجي ۽ ان بجاءِ ڪسرت  جي وقت ۽ مقدار ۾ واڌارو آڻجي.

پنهنجي نڪ جا وار پٽڻ جي عادت ترڪ ڪريو، جو ائين ڪرڻ سان نه رڳو سور ٿئي ٿو پر اها هڪ خراب عادت آهي. ته ساڳئي وقت ناسن جا وار اسان لا ڪيترن ئي جيتن جڻن ۽ مٽيءَ جي ذرڙن کي اندر وڃڻ کان به روڪين ٿا. ان سبب قدرت اهي اجايا نه پيدا ڪيا آهن. نڪ جا وار پٽڻ سان انفيڪشن به ٿي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن ڪن سببن ڪري اهي پٽڻ ضروري ٿي پون ته اهڙيون مخصوص ڪينچيون استعمال ڪرڻ گهرجن.

اسان کي ڪن نه رڳو ٻڌڻ لاءِ آهن پر اهي اسان جي توازن برقرار رکڻ  جا عضوا به آهن. جيڪڏهن توهان گهمڻ ڦرڻ دوران توازن برقرار رکڻ ۾ تڪليف محسوس ڪريو ٿا ته پنهنجي ڊاڪٽر سان  صلاح ڪريو، جو ممڪن آهي ته توهان کي ڪنن ۾ ڪو انفيڪشن يا ٻي ڪا تڪليف پيدا ٿي هجي، ڪن جي انفيڪشن جو جيڪڏهن علاج نه ڪرائجي ته اهو ڳنڀير به ٿي سگهي ٿو. ۽ هڪ دفعو جيڪڏهن ڪن جو انفڪيشن ڪن جي اونهن تهن تائين پهچي وڃي ته ان جي علاج لاءِ پوءِ آپريشن ڪرائڻي پوندي آهي.

جسم  کي ڪيلشم جي هميشہ گهرج رهي ٿي ته جيئن هڏا صحتمند ۽ تنتون / اعصاب به پنهنجو ڪم صحيح طرح سان ڪري سگهن. دل جي ڌڙڪ کي قائم دائم رکن ۽ رت جي وهڻ کان پوءِ منجهس ڄمڻ جي خوبي هجڻ به ضروري آهي ته جسم کي ڪيلشم ملندي رهي، جسم ۾ ڪيلشم جي تڏهن کوٽ پيدا ٿئي ٿي جڏهن وٽامن ڊي جي اڻاٺ ۽ آگرئلڪ ائسڊ (تيزاب) جي کوٽ هجي جيڪي ساين ڀاڄين، جهڙوڪ پالڪ وغيره ۾ ٿئي ٿي، ساڳي طرح سان جڏهن پريشانيون ۽ چنتائو هجن يا دوائون استعمال ڪجن ته ان سبب به جسم مان ڪيلشم خارج ٿي وڃي ٿي، خاص طور ٻارن مان ڳوڙهارين ۽ ڍڪ ڏيندڙ عورتن کي ڪيلشم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊيئري جون شيون واپرائڻ لاءِ ڏجن ان لاءِ ڏهي/ يوگرٽ ۽ چيز اهميت  واريون آهن.

ڪيترن اڀياسن مان سڌ پئي آهي ته اهي فرد جيڪي صحت بابت گهڻو پڙهندا ۽ اهي ڳالهيون هنڊائيندا رهن ٿا سي وڌيڪ صحتمند رهن ٿا. جڏهن صحت سان لاڳاپيل ڳالهين بابت هميشه پڙهبور هجي، تڏهن توهان لاشعوري طور تي پنهنجون غير صحتمند عادتون ترڪ ڪري ڇڏيو ٿا، تنهن ڪري اهڙيون ڳالهيون سدائين پڙهندا رهو.

صحت بخش کاڌي کائڻ جو اهو مطلب نه ورتو ويندو آهي ته توهان پنهنجي پسند جا کاڌا کائڻ ئي ڇڏي ڏيو يا ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ورق گرداني ڪريو ۽ اهو ڏسو ته ڪهڙي کاڌي ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا غذائي جزا ۽ ڪئلوريون موجود آهن. جڏهن ته صحت بخش کاڌن کائڻ جو اصل راز ان ڳالهه ۾ آهي ته توهان کاڌا سدائين مٽ سٽ  ڪري ۽ مختلف قسمن جا کائيندا رهو. اهي متوازن  هجن ۽ ايترا کائجن جيترا عام رواجي طور تي کائيندڙ آهيو، ۽ ڪنهن به قسم جو کاڌو  پيٽ ڀري نه کائو.

 

*-------*------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com