سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :3

 

شگفته شاهه

عورت، روبوٽ ۽ فنڪار

 

سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار جي هڻ هڻان کان واندي ٿي ته ٻاهر لان ۾ هوا تي اچي ويٺي. اڄ هوا به تمام وڻندڙ، ٿڌي ۽ فرحت بخش هئي ۽ اهڙيءَ گرميءَ جي موسم ۾ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هئي- هن آسمان ڏانهن نهاريو. گهري نيري آسمان تي ترندڙ ڪڪڙن جا ننڍا ننڍا ٽڪر کيس سٺا لڳا. هن وري چؤ پاسي نظر ڊوڙائي. ڀتين تي پکڙيل ولين ۾ ٽڙيل گل ۽ گلن سان ڀريل ننڍا ننڍا ٻوٽا کيس وڻڻ لڳا.

”پر هي منظر ته آئون روز ئي ڏسندي آهيان، پوءِ اڄ اهي نوان ۽ وڻندڙ ڇو پيا لڳن!؟“ هن سوچيو.

”هڪ عام شيءِ کي جيڪڏهن ڪنهن تخليقڪار/فنڪار جي نظر ملي وڃي ته، پوءِ اها عام نه رهندي آهي. پر ان مان ڪيئي اهڙا زاويا ۽ حسن جا پرتوءَ نروار ٿيڻ لڳندا آهن جن کان هڪ عام ماڻهوءَ جي نظر وانجهيل هوندي آهي.“

هوءَ خود ڪلاميءَ واري انداز ۾ دل ئي دل ۾ پاڻ کان سوال به ڪري رهي هئي ته جواب به ڏيئي رهي هئي.

...... اوچتو پکين جي ٻولين کيس پنهنجن خيالن مان ڇرڪائي وڌو. هن آسمان ڏانهن نظر ڪئي ته اڇن پکين جو هڪ ولر پرواز ڪري رهيوهو ۽ پوءِ پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽندڙ ڪيترن ئي پکين جا ولر جن ۾ طوطا، ڪٻرون ۽ ٻيا ننڍڙا پکي وقت به وقت آسمان تي پرواز ڪندي نظر آيس ته هن بي اختيار چيو:

”اي منهنجا ننڍپڻ جا ساٿيو! ڇا اڃا به اوهان آلوده فضا، ڳتيل انساني وسندين ۽ ٽريفڪ جي ڪَنَ آزاريندڙ گوڙ ۾ پنهنجي وجود جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندي زنده آهيو؟“

......ٿوري دير ۾ اولهه پاسي آسمان تي موجود ڪڪرن ۽ آسمان جو رنگ هلڪو گلابي ٿي ويو. هن اتان نظرون هٽائڻ چاهيون ڇو ته کيس خبر هئي ته جيڪڏهن هن انهن منظرن تان نظرون نه هٽايون ته...... سندس اندر جو ستل (يا زوري سمهاريل) تخليقار/فنڪار جاڳي نه پوي...... جيئن هن آسمان تان نظر هٽائي ته اها وري ڀِت تي ويٺل ننڍڙي ڪاريءَ جهرڪيءَ تي پئي، جنهن جو رڳو پيٽ وارو حصو اڇو هو (جنهن جو نالو اڄ تائين کيس نه آيو هو) ......  اڃا ٿورو پرڀرو...... ولين جي گلن جي وچ ۾ اڏامندڙ گهري نيري رنگ جون پتڪڙيون جهرڪيون هيون......

”اُف خدا! هي سڀ منظر مون کي منهنجي ماضيءَ ڏانهن ننڍپڻ ڏانهن ڇو پيا گهلي وٺي وڃن...... اڄ منهنجي اندران اُها گم ٿيل ننڍڙي ڇوڪري ڇو ليئا پائي رهي آهي!

هن کي......

اڄ به تلاش آهي

سندس اندر جي

ان ننڍڙيءَ، معصوم ڇوڪريءَ جي،

جنهن جو من بيحد اُجرو هو.

جنهن جا خواب ۽ خيال

انڊلٺ جي رنگن کان به حسين هئا.

جيڪا تنها هوندي به،

تنها نه هئي.

پوپٽ، گُل ۽ پکي، سندس دوست ۽ ساٿي هوندا هئا-

ها ! ......

ها! ......

هوءَ جيڪا......

سڄو سڄو ڏينهن

پوپٽن جي پٺيان ڊوڙندي هئي،

......۽ هوءَ......

پکين جي مٺڙي زبان سمجهندي هئي.

۽...... ڪڏهن......

ڪير سندس معصوم دل ڏکوئيندو هو

ته رات جو سڀني کان لِڪي،

هوءَ پنهنجي بستري تي سمهندي،

سڏڪا روڪي،

گونگا ڳوڙها ڳاڙيندي هئي،

تڏهن...... ننڊ جي مهربان ديوي

کيس ڳراٽڙي پائي،

سندس ڳوڙها اگهندي هئي.

۽ سندس هٿ پڪڙي،

کيس هڪ اهڙي واديءَ ۾ وٺي ويندي هئي،

جتي هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ هوندي هئي.

پاسي ۾ وهندڙ هڪ صاف ۽ شفاف واهه هوندو هو،

جنهن جي ڪناري تي بي شمار سهڻن گلن جا ٻوٽا هوندا هئا.

۽ انهن جي مٿان بي شمار سهڻن رنگن جا پوپٽ هوندا هئا.

قطار ۾ بيٺل چهچ ساون وڻن مٿان

بي شمار پکي مٺڙيون ٻوليون ٻوليندا هئا،

......۽ پوءِ...... اوچتو

آسمان تان ڪيتريون ئي ننڍڙيون سهڻيون پَريون لَهي

سندس چوڌاري گهيرو وجهنديون هيون،

کيس پرچائينديون هيون،

......۽ پوءِ هوءَ به ساڻن گڏجي

هٿ ۾ هٿ ڏيئي ڦيري پائيندي هئي،

۽ پوءِ...... ڪوبه ڏک نه هوندو هوس.

فقط......

پوپٽ هئا،

پکي هئا،

گل هئا،

ساوڪ هئي،

پوتر پاڻي هو،

پريون هيون،

هوءَ هئي.

۽......

فقط ۽ فقط خوشي هوندي هئي،

ابدي سڪون هوندو هو.

۽ ڪائنات

معصوم جي شرارتن تي،

مُرڪي پوندي هئي.

۽ اڄ......

جڏهن به هوءَ

بي شمار رنگ پاسي تي رکي

برش کڻي،

ڪئنواس تي

پکي ٺاهڻ چاهيندي آهي؛

گل چِٽڻ چاهيندي آهي؛

پوپٽ پينٽ ڪرڻ چاهيندي آهي.

پر...... هوءَ ائين ڪري نه سگهندي آهي.

ڇو ته

سندس اندر جي

اها معصوم، ڇوڪري

هن مشيني، دور جي

تيز رفتار زندگي،

ٽريفڪ جي ڪَنَ ڦاڙ گوڙ،

آلودگيءَ ۾ وڪوڙجي ويل فطرتي سهڻن نظارن،

بارود جي هڳاءُ سان رچيل هوائن،

رت ۽ ڳوڙهن سان گهميل فضائن،

مشيني زندگي گذاريندڙ روبوٽ نما انسانن،

نفرت، ڪوڙ، ٻيائي، منافقت ۽ مطلب پرستي ۽ خود غرض ماڻهن،

وچ ۾،

ڪڏهوڪي گم ٿي ويئي هئي.

ان وقت......

جڏهن هن شعور جي پهرين ڏاڪي تي قدم رکيو هو،

۽ پوءِ......

عملي زندگيءَ جي سيڙهيءَ تي

قدم به قدم،

هڪ هڪ ڏاڪو چڙهندي،

کيس اهو يقين اڃا به پختو ٿيندي، محسوس ٿيندو هو

ته سندس وجود جي بي پناهه گهراين ۾،

جتي اڄ به اها ننڍڙي گم ٿيل ڇوڪري.

پوپٽن، پکين، گلن، پرين ۽ امن جي ڳولا ۾ آهي

اها ٻيهر ساڻس ڪڏهن به اچي نه ملندي.

ڇو؟ جو، پوترتا ۽ معصوميت جي گهاڙيٽي ۾

گهڙيل اها ڇوڪري سندس ساٿ ڪڏهن به نه قبوليندي.

ڇو ته هينئر هوءَ پاڻ

اڄ جي دور جي منافقت، دوکي بازي واري ۽ ......سچائي جي روح کان عاري، زندگيءَ سان Compromise ڪري، هن مشيني زندگيءَ جو هڪ Routine تي هلندڙ پُرزو بنجي چڪي هئي.

کيس ياد اچڻ لڳو ته جڏهن هوءَ ننڍپڻ جون سرحدون اورانگهي، شعور جي دنيا ۾ آئي ته کيس قدم قدم تي سندس ”عورت پڻي“ جو شدت سان احساس ڏياريو ويو، جڏهن ته فنڪار ته صرف فنڪار هوندو آهي...... پر مرد ”صرف“ فنڪار ٿي سگهي ٿو، پر عورت صرف فنڪار نه ٿي ٿي سگهي، ڇو ته صرف فنڪار بنجڻ لاءِ کيس سندس ”عورت پڻي“ جي نفي ڪرڻي پوي ٿي، جنهن کي فطرت ۽ معاشرو قبول نٿو ڪري. کيس ڪڏهن به عورت هجڻ تي اعتراض، ڏک يا احساس ڪمتري نه ٿي. پر عورت هئڻ جي ناتي سندس مٿان عائد ذميواريون اڪثر کيس فن جي دنيا کان پري ٿيڙي ڇڏينديون هيون، اڪثر سندس اندرجي فنڪار ۽ سندس وجود مٿان حاوي ”عورت“ جو پاڻ ۾ جهڳڙو هلندو هو. مٿان وري عملي زندگيءَ ۾ قدم رکڻ سان ”عورت“ ۽ ”فنڪار“ به ان ”روبوٽ“ اڳيان بيوس ٿي پيا، جيڪو فقط مشين جيان ڪم ڪرڻ ڄاڻندو آهي، پر ان بابت سوچڻ، بحث ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جو حق نه رکندو آهي.

...... ۽ پوءِ هن به زندگيءَ جو هڪ سخت اصولن تي ٻڌل Routine ٺاهي ورتو. اڌ ڏينهن نوڪريءَ جي حوالي آهي، جتي اوهان کي فقط روبوٽ بنجي هلڻو آهي. اکيون هوندي به ڏسڻو ناهي، ڪن هوندي به ٻڌڻو ناهي، زبان هوندي به ڳالهائڻو ناهي ۽ ذهن هوندي سوچڻو ناهي. ڏينهن جو باقي حصو يا موڪل جي ڏينهن ”عورت پڻي“ جو وار آهي. توهان چاهي فنڪار هجو يا نوڪري ڪندڙ روبوٽ“ پر بحيثيت عورت اوهان کي رڌ پچاءُ به ڪرڻو آهي، ٻُهاري پوچو به ڪرڻو آهي، ٿانوَ به ملڻا آهن ته ڪپڙا به ڌوئڻا آهن. (جيڪڏهن شادي شده آهيو ته مڙس جي خدمت ۽ ٻار پيدا ڪرڻ ۽ پالڻ بونس ۾.)

....۽ ائين سندس اندر جو فنڪار ويچارو روبوٽ ۽ عورت جي وچ ۾ اچي چيڀاٽجي، جڏهن احتجاج ڪري، سندس اندر جي قفس جي قيد مان آزاد ٿيڻ چاهيندو آهي ته هوءَ ويچاري گهٻرائجي ويندي آهي، ۽ ڪڏهن ”روبوٽ“ ۽ ”عورت“ کان جلدي جلدي ڪم ڪرائي موڪل ڏيئي ڪجهه وقت ”فنڪار“ کي به ڏيئي، ائين سرخرو ٿيندي آهي، جيئن ٽي وي وارا سنڌي پروگرامن کي 25 يا 40 منٽ ڏئي سرخرو ٿيندا آهن.“ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪيترائي ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود ”روبوٽ ۽ عورت“ مٿس حاوي رهندا آهن ته کيس ”تخليقي سوچون“ به انهن جي Routine وارن ڪمن دوران حاصل ٿينديون آهن- ڪڏهن نوڪري جي هڻ هڻان دوران ڪي سهڻا Idea ملندا آهن ته ڪڏهن بصر وڍيندي، سلائي ڪندي، رڌ پچاءُ ڪندي، ٻهاري ڏيندي، پوچو لڳائيندي سندس ذهن ۾ ڪيئي خوبصورت پورٽريٽ ۽ لينڊ اسڪيپ ٺهندا ويندا آهن ته سندس اندر جو مجبورين جي ”ٽرينڪولائزز“ وسيلي سمهاريل فنڪار جو سُک ڦٽڻ لڳندو آهي...... بلڪل ائين جيئن اڄ شام جو آسمان جي وسعتن ۾ نهاريندي، پکين جون مٺيون لاتيون ٻڌندي، گلن جي سونهن ۽ سرهاڻ کي محسوس ڪندي نيٺ هن سوچيو هو ته:

”سندس جيون جي ”سيٽلائيٽ“ روٽين تي ڪجهه ويچاري، (علاقائي، ٻولين جي ڏتڙيل پروگرامن جيان) ساڻي ٿي ويل فنڪار جو به حق آهي، سو ”عورت“ کان اهو بل پاس ڪرائي، ”روبوٽ“ ڏانهن ان جي سفارش موڪلي ويئي ته، ڪنهن وڏي ڪاموري جيان پهرين ته هن رعب ڏيکاريو، پر پوءِ ”فنڪار“ جي ”خسته- حاليءَ“ تي رحم کائي، اجازت ڏني ته فنڪار ويچارو ڪجهه سامت ۾ آيو، پر هاڻي کيس سڀاڻي جو شدت سان انتظار هو. اهو ڄاڻندي به ته: “Tomorrow never Comes”

صبح ٿيندي ئي هوءَ روبوٽ بنجي ويئي- تڙ تڪڙ ۾ نيرن ڪري، ڪپڙا مٽائي، ڏني نه ڏني جهڙي ڦڻي ڏيئي، اڃا چانهه جي ڪپ ۾ هٿ ئي مَس وِڌو هئائين ته کيس وٺڻ لاءِ ايندڙ ڊينٽن سان ڀرپور، رنگ لٿل ۽ ميوزيڪل سِيٽس musical Seats واري سوزڪي، جنهن کي سڀ ”اسڪائي ليب“ چوندا آهن، ان جو ڀيانڪ هارن ٻڌڻ ۾ آيو ته، هوءَ چانهه پيئندي اُٽڙي پئي ۽ چانهه جا ڪجهه ڦڙا سندس ڪپڙڻ تي وڃي ڪِريا. هن چپن ۾ ڪاوڙ ۾ ڪا بڙ بڙ ڪئي ۽ باٿ روم ۾ وڃي، نلڪو کولي جلدي جلدي ٽشو پيپر پاڻيءَ سان پُسائي، چانهه جي ٽڪن تي هنيائين جيڪي هينئر سندس ڪپڙن تي “Abstract”  نمونو ٺاهي چڪا هئا...... ايستائين سوزوڪيءَ جو هارن وري ڪَن ڦاڙڻ لڳو ته جلدي جلدي ٽيبل تان پَرس کڻي ٻاهر ڊوڙ پاتائين، ۽ وچ تي ذري گهٽ هڪ هنڌ آٿڙي ڪِڙڻ وري هئي، پر بچي ويئي. تڪڙ ۾ جيئن ئي گيٽ کولي، ٻاهر نڪتي ته هٿ مان پرس ڇڏائجي ويس، ۽ پرس اندر پيل سڀ ٽپڙ پري پري وکري ويس...... هوءَ روئڻهارڪي ٿي ويئي ۽ خوفزده نظرن سان سوزڪيءَ ڊرائيور ڏانهن ڏٺائين، جنهن سوزوڪي جو هارن اهڙيءَ طرح وڄايو ڄڻ ته آخري وارننگ ڏيئي رهيو هجيس- پاسي واري گهر جي چوڪيدار کي مٿس رحم اچي ويو ۽ هو کيس پَٽَ تان سامان ميڙڻ ۾ مدد ڪرڻ لڳو. سامان پرس ۾ رکي هن ڊوڙ پائي سوزوڪيءَ جي پائيدان تي اڃا هڪ پير مَس رکيو هو ته ڊرائيور گاڏي هلائڻ شروع ڪئي، ۽ جيڪڏهن سوزوڪيءَ ۾ ويٺل ٻيون ڇوڪريون کيس يڪدم پڪڙي مٿي نه ڇڪين ها ته هوءَ ”تمام مٿي“ پهچي چڪي هجي ها.

 ”ڏٺئي! ...... هيءَ  آهي اسان جي زندگي ۽ تون...... هٺيلا فنڪار ! ...... شڪايتون ٿو ڪرين...... مان ٿو توکي گهٽو ڏيئي ماريان.“ سندس اندر جي روبوٽ اڳ ۾ ئي هيسيل فنڪار تي هَڪَلَ ڪندي چيو.

ٿوري دير کان پوءِ جڏهن کڏن کوٻن مان هلندڙ ”اسڪائي ليب“ سندن هاضمي جي نظام کي، صبح سوير کاڌل نيرن جي هضم ڪرڻ ۾ جهوٻن ۽ جهٽڪن وسيلي مدد ڪري رهي هئي ته هن ڏٺو ته سندس اندر جو فنڪار اداسيءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هو. پر هن کي هن تي زرو به رحم نه آيو. ڇو ته هو اڪثر روبوٽ کي ڌوڪو ڏيئي، جڏهن کيس تصورن جي حسين دنيا ۾ وٺي ويندو هو ته هوءَ حقيقت جي دنيا کان باغي ٿيڻ لڳندي هئي، پر جڏهن هوءَ واپس حقيقت جي دنيا ۾ موٽندي هئي ته اتي کيس فنڪار ڪم نه ايندو هو، پر روبوٽ ئي کيس مدد ڏيندو هو.

کيس ياد آيو ته جڏهن جنوريءَ جي سخت سيءَ جا ڏينهن هئا...... هوءَ ايتري سيءَ ۾ به صبح جو الاهي سوير ”اسڪائي ليب“ ۾ سفر ڪري رهي هئي. سوزوڪي اڃا گهر کان ٿورو پري ئي ٿي هئي ته الائي ڪيئن سندس اندر جو ستل فنڪار اوچتو اکيون مهٽي، جاڳيو هو، ۽ پوءِ هڪ زوردار رڙ ڪري، سوزوڪيءَ کان ٻاهر اشارو ڪيائين ته، هن کي محسوس ٿيو ته اها صبح سخت سرد هوندي به خوبصورت هئي...... سخت سيءَ جي ڪري، ايڏي ڌنڌ هئي جو پري وارا منظر، گهر ۽ وڻ هلڪا نظر ٿي آيا، ۽ ويجهي وارا وري خوبصورت ۽ چِٽا- سهڻن، ننڍن بنگلن جي قطار صاف سٿري سڙڪ جي ٻنهي پاسن کان سهڻي پي لڳي. ڪن بنگلن جي ٻاهران باغيچه هئا ته ڪن جي ٻاهران رڳو ٻوٽن ۽ وڻن جون قطارون هيون ۽ ڪن جي ٻاهران سهڻا ننڍڙا جنگلا هئا...... صبح جي ٿڌي ويل، ڌنڌ ۽ خاموشيءَ ۾ وڪوڙيل اهو سهڻو منظر هن کي وري هڪ ڀيرو ماضيءَ ڏانهن وٺي ويو.

ننڍپڻ ۾ اها سندس Hobby هوندي هئي ته ڪتابن، رسالن ۽ ڪئلينڊر وغيره مان هوءَ سهڻيون سينريز (Sceneries) کڻي جمع ڪندي هئي، ۽ پوءِ فرصت جي وقت ۾ هوءَ انهن کي سامهون رکي ڏسندي هئي ۽ سوچيندي هئي:

”ڪاش! منهنجو گهر به هنن سهڻن نظارن جي وچ ۾ هجي ها. ڪو ننڍڙو گهر، سهڻي جهوپڙي (ڪکن جي نه پر سيمينٽ جي، عاليشان نموني ٺهيل) نما گهر جنهن جي پاسي ۾ ساوڪ هجي. وڻن جون قطارون هجن، گهرن جي قطار اڳيان صاف سٿري سڙڪ هجي. گهرن جي ڀتين تي پکڙيل سهڻن گلن واريون وَلِيون هجن- پکين جون مٺڙيون ٻوليون هجن، گلن تي اڏندڙ پوپٽ هجن ۽ ويجهو ئي ڪو درياءُ هجي......“

......۽ هاڻي جو چؤڦير نظر وڌائين ته خبر پئي ته سندس چوڌاري ته اهي ئي منظر هئا، پر ايترن سالن ۾ هن اڄ انهن ڏانهن ڌيان ڏنو هو.

”ڪو اهڙو زمانو به هوندو آهي، جو اسان وٽ ايڏو ته وقت هوندو آهي جو اسان پنهنجين اکين جي ڪئنواس تي ڪيئي رنگين خواب تخليق ڪري وٺندا آهيون...... ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري ائين ٿيندو آهي ته اهي سپنا پنهنجا ساڀيا جي روپ ۾ اسان جي آڏو اچي بيهندا آهن ته اسان پنهنجي مصروفيتن ۽ دنيا جي خفن جي صحرا ۾ ائين ڀٽڪي رهيا هوندا آهيون، جو اسان جي سامهون هوندي به اسين ساڀيائن کي ماڻي نه سگهندا آهيون.“

سندس اندر جي فنڪار کيس نظارن ۾ گم ڏسي فلسفيانه انداز ۾ چيو:

”اي فنڪار ! تون ته زمان ۽ مڪان ۽ جنس جي قيد کان آزاد آهين تون مون کي ڏوهي ٿو سمجهين، پر آءٌ تنهنجو هٿ پڪڙي پنهنجي ئي گهٽين مان بحيثيت ”عورت“ آزاديءَ سان گهمي ڦري، فطري حُسن جا مزا ماڻي ٿي سگهان. ڇا آءٌ چانڊوڪيءَ رات جي حسن کي روح ۾ اوتڻ لاءِ سنڌو ڪناري تنهنجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي هلي ٿي سگهان!!! ...... اوچتو اندر جي عورت فنڪار کي هڪ پاسي ڪندي چيو:

“Man was born free, but  now, he is in chain every Where.”

اها حقيقت آهي ته هر ماڻهو زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي- اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه ماڻهن جي زنجير جي “Range” ايتري وڏي هوندي آهي جو هو ڪافي پري تائين آزاديءَ سان گهمي ڦري سگهندا آهن، ۽ مورُک ان کي آزادي سمجهندا آهن. ايستائين جو جڏهن سندن زنجير جي ”رينج“ ختم ٿيندي آهي ته هو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ منهن ڀر ڪرندا آهن...... ۽...... تڏهن ئي سندن نظر اڻ ڏٺل زنجير تي پوندي آهي. جيڪا ان مهل پنهنجي مڪمل حقيقت سميت نروار ٿيل هوندي آهي......“

هڪ زوردار جهٽڪي سان ”اسڪائي ليب“ بريڪ هڻي بيٺي ته هوءَ خيالن مان نڪري حقيقت ۾ پهچي ويئي ۽ سوزوڪيءَ مان تڪڙ ۾ هيٺ لهي بيٺي ته متان صبح جيان هڪڙو پير گاڏيءَ جي اندر هجي ۽ ٻيو روڊ تي ۽ گاڏي هلڻ شروع ٿئي.

”ڏس ! اڄ جو تو واعدو ڪيو آهي...... متان وِساري ڇڏئين...... اڄ هر حالت ۾ توکي منهنجي لاءِ وقت ڪڍڻو آهي.“ اندر جي فنڪار هن ڏانهن نماڻائيءَ سان ڏسندي چيو.

”ها! ها! ...... ياد آهي مون کي“ هن چيو.

”پر......! ......“ اوچتو ”اندر جي عورت چيو:  ”منهنجي عزت تي حَرف اچڻ نه ڏجانءِ...... متان ڪو مهڻو ڏيئي ته فنڪار جي عشق ۾ تو مون کي وساري ڇڏيو آهي...... منهنجون ذميواريون به توکي پوريون ڪرڻيون آهن.....“

”ها! ها...... بلڪل......“ هن جلدي ۾ چيو. ايستائين روبوٽ هَڪَل ڪندي چيو:

”بس بس! گهڻو ٿيو...... دير پئي ٿئي......“

......۽ پوءِ ...... جڏهن ڏهه منٽ دير سان اچڻ تي Boss سندس ”عزت افزائي“ ڪئي ته اندر جو فنڪار سڏڪا ڀرڻ لڳو ۽ اندر جي عورت هيسجي هڪ پاسي ٿي ويئي.، تڏهن اندر جي روبوٽ همٿ ڪئي ۽ سندس ڪلهي تي هٿ رکي، مشين جيان بي تاثر ٿي چيو:

Oh! Don’t Worry It’s a part of your job

تڏهن هوءَ روبوٽ بنجي ويئي ۽ اڌ ڏينهن ڪنهن مشين جي ڪل پرزي جيان روٽين جو ڪم ڪري گهر پهتي ته روبوٽ به موڪلائي روانو ٿيو ۽ هوءَ عورت بنجي ويئي. سوچيائين ته ”فنڪار“ سان وعدا وفائي جو هڪ ئي طريقو آهي ته منجهند جي آرام جي قرباني ڏيئي، شام کان اڳ روز جو ”عورتاڻو گهرو ڪم“ ختم ڪجي...... ۽ واقعي هن ائين ڪيو هو. شام جو هو ءَ صرف فنڪار هئي. هن ايترن سارن ڏينهن کان پوءِ ڪاغذ کي بورڊ تي Fixed ڪري، هڪ سهڻي تصوير پينسل سان draw ڪئي، واٽر ڪلر mix ڪري، برش تي رنگ کڻي واش ڪرڻ بعد پهريون Stroke مَس هنيو هو ته هڪ ڪڙڪيدار آواز ٻڌڻ ۾ آيس:

”جلدي ڪر، چانهه ته ٺاهي وٺ. مهمان آيا آهن.....“

”پر! ......“ هن روئڻهارڪي ٿيندي چيو، ”مون هاڻي پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي!“

”بس! بس...... پوءِ ڇاهي...... مون کي مهمانن وٽ ويهڻو آهي. ٻيو ڪير آهي هن وقت جيڪو ڪم ايندو......؟“

......هن پنهنجي ڪاوڙ ضبط ڪئي ۽ برش ۽ رنگ هڪ پاسي رکي چانهه ٺاهي...... ۽ وري اچي ڪم شروع ڪيائين جڏهن ڪو تخليقڪار، تخليق جي گهرائي تائين پهچي ويندو آهي ته پوءِ اتان ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ بيحد ڏکيو لڳندو آهي...... اهو ئي سبب آهي جو جڏهن هوءَ ڏسندي هئي ته هوءَ فنڪار کي صحيح ٽائيم نه ڏيئي سگهندي؛ ته هوءَ ڏينهن جا ڏينهن تخليقي ڪم کي هٿ نه لڳائيندي هئي، پر جڏهن هوءَ تخليقي ڪم ۾ محو ٿي ويندي هئي ان وچ ۾ جيڪڏهن ”روبوٽ“ يا ”عورت“ جو ڪو اوچتو ڪم پوندو هو ۽ هو کيس ”تخليقي“ ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ تي مجبور ڪندا هئا، ته ان مهل ”فنڪار“ ايڏو ته سگهارو ٿي پوندو هو جو اصل روبوٽ ۽ عورت کي گوليءَ هڻڻ لاءِ تيار ٿي پوندو هو...... پر وري به روبوٽ جا جوڙيل اصول  ۽ عورت جون نماڻيون ۽ منٿ هاڻيون اکيون ڏسي، مايوس ٿي مجبورين جي ٽرينڪولائز جو “Heavy dose” وٺي سمهي پوندو هو.

هن وقت فنڪار پنهنجي تخليق کي هڪ اهم موڙ تائين پهچائڻ لاءِ گهرائيءَ ۾ ٻڏل هو ته، هڪ آواز وري سندس تسلسل کي ٽوڙيو.

”اڄ رات جي ماني تون ٺاهي وٺ......“

”پر اها ته منهنجي ڊيوٽي ۾ شامل ڪانهي...... ۽ مون پنهنجي ڊيوٽيءَ وارو ته سڄو ڪم ڪري ڇڏيو آهي.“ هن احتجاج ڪيو

”تون ته هاڻي هر ڳالهه ۾ بحث ڪرڻ لڳي آهين...... خبر آهي ته وڏي انٽليڪچوئيل آهين......“ جواب مليو.

فنڪار شايد احتجاج ڪيو ۽ چاهيائين ته

روئي، رڙيون ڪري، برش ٽوڙي ڇڏي، رنگ وکيري ڇڏي ..... اڄ وري هن سان زيادتي ڪئي پئي ويئي پر ”عورت“ اڳتي اچي کيس مٺڙي ۽ نماڻي لهجي ۾ سمجهائي راضي ڪيو ۽ کانئس چارج ورتي ته روبوٽ کيس داد ڏنو:

“That’s good-face it, because it’s a part of your life.”

.....۽ ٿوري دير بعد سندس هٿن ۾، برش بجاءِ ڇُري هئي..... ۽ بصر ۽ هٿ وڍڻ سان گڏ هوءَ سوچي رهي هئي ته: ”اڄ بيسڻ جون ٽڪيون ڪجن يا پٽاٽن جي ڀاڄي.....؟“

..... ۽ سندس اندر جو فنڪار جيڪو ٽرينڪولائيزر جي اثر هيٺ ننڊهاڻڪو ٿي رهيو هو، سو فنڪار ڪاوڙ، نماڻائي، حسرت ۽ ڏک مان سوچي رهيو هو ته: ”اڄ وري ”روبوٽ“ ۽ ”عورت“ گڏجي ساڻس وعدا خلافي ڪري دوکي سان اهڙو ڌڪ هڻي ڪڍيو هو، جهڙو سياسي اميدوار اسيمبلين ۽ وزارتن ۾ اچڻ بعد عوام کي ڪڍندا آهن.“

.....ان ڏينهن کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن. فنڪار هاڻي زندگي سان Compromise ڪري، احتجاج ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. باقي ”روبوٽ“ ۽ ”عورت“ “Divide and rule” جي مقولي تي عمل ڪندي، سندس وقت کي ورهائي، مزي سان پنهنجي پنهنجي وقت جي رياست تي مڪمل قبضو ڄمائي حڪومت ڪري رهيا آهن.

*  *  *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com