سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :8

 

 

ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ ڏهه سونهري اصول

 

پهريون اصول:

ٻار جي ڄم جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال وقفو هجي. ارڙهن سالن کان اڳ حمل کان بچاءُ ڪيو وڃي ۽ ڪل حمل چار تائين محدود ڪيا وڃن ته ان جو اثر ٻار ۽ ماءُ تي سٺو پوندو ۽ سنديس صحت به سٺي رهندي.

ٻيو اصول:

پيٽ سان هجڻ يا حامله هجڻ جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سڀني حاملا زالن کي صحت، ڪارڪن وٽ وڃي، نگهداشت ڪرائجي ۽ تربيت يافته عورت کان ويم ڪرائجي.

ٽيون اصول:

شروعاتي مهينن ۾ ٻار کي ماءُ جو کير ئي ڏيڻ گهرجي. چئن مهينن کان پوءِ ٻار کي ماءُ جي کير سان گڏ ٻي غذا به ڏيڻ گهرجي جيئن ته: بيدا، اٻاريل پٽاٽا، فروٽ جوس، ڪيلا ۽ کچڻي وغيره.

چوٿون اصول:

ٽن مهينن کان گهٽ عمر جي ٻارن جون غذا جون ضرورتون خاص طور تي وڌيڪ هونديون آهن ان ڪري، مائرن کي ڏينهن ۾ پنج يا ڇهه دفعا کاڌو کائڻ گهرجي، سندن کاڌي کي گيهه يا تيل سان وڌيڪ طاقتور بنايو وڃي.

 

پنجون اصول:

دستن ٿيڻ سان ٻار جي جسم مان وڌيڪ پاڻياٺ خارج ٿي وڃڻ ڪري، ٻار جو موت ٿي سگهي ٿو ۽ هر دفعي جڏهن هو پاڻياٺو ڪاڪوس ڪري ٿو ته جسم جو پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو. ان ڪري، هر دفعي ان پاڻياٺ کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ماءُ جو کير ۽ ٻي پاڻياٺي غذا جهڙوڪ: رٻ، سوپ (شورو) يا خاص پاڻياٺ (O.R.S) ڏني وڃي. جيڪڏهن بيماري وڌيڪ شديد هجي ته پوءِ ٻار کي صحت جي ڪارڪن جي مدد جي ضرورت هوندي آهي.

ڇهون اصول:

ٽڪا ٻار کي گهڻين ئي بيمارين کان بچائين ٿا. تنهن ڪري، ٻارن کي ٽڪا لڳائڻ تمام ضروري آهن، ڇاڪاڻ ته بيمارين جي ڪري ٻار صحيح طرح سان نٿا وڌن، معزور ٿي وڃن ٿا يا فوت به ٿي وڃن ٿا. هر قسم جا ٽڪا ٻار کي هڪ سال جي اندر لڳايا وڃن ۽ هر اهاعورت جيڪا ٻار کي جنم ڏئي سگهيٿي ان کي ٽيٽنس (جهٽڪي جي بيماري) جا ٽڪا هڻايا وڃن.

ستون اصول:

گهڻو ڪري ٿڌ، زڪام ۽ کنگهه وقت سان جنم ٿي وڃن ٿا، پر جيڪڏهن ٻار ۾ ڏٺو وڃي ته هو عام حالتن کان وڌيڪ ساهه سان کنگهي ٿو ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته هو سخت بيمار آهي ۽ پوءِ کيس صحت مرڪز ڏانهن موڪليو وڃي. اهي ٻار جن کي زڪام يا کنگهه آهي انهن کي پاڻياٺي غذا گهڻي مقدار ۾ ڏني وڃي.

 

اٺون اصول:

گهڻيون بيماريون وات وسيلي جيوڙن جي داخل ٿيڻ سان ٿين ٿيون انهن کان بچاءَ لاءِ ٺهيل ليٽرين (ڪاڪوسن) جو استعمال ڪيو وڃي ۽ ڪاڪوس ڪرڻ کانپوءِ هٿ صابڻ سان صاف ڪرڻ گهرجن، ته جيئن کاڌي جي شين کي خراب هٿ نه لڳن. جيڪڏهن پاڻي ڪنهن صاف پائپ وسيلي حاصل نٿو ٿئي ته پوءِ ان کي ٽهڪائي پيڻ گهرجي.

نائون اصول:

بيماريون ٻار جي واڌ ۽ افزائش جي عمل (Growth) کي روڪين ٿيون. بيمار رهڻ کانپوءِ ٻار کي روزانو هڪ دفعو وڌيڪ کاڌو هڪ هفتي تائين ڏيڻ گهرجي. جيئن هن جي رڪيل واڌي ٻيهر ٿي سگهي.

ڏهون اصول:

اهي ٻار جن جي عمر ڇهن مهينن کان ٽن سالن جي وچ ۾ آهي، تن جو هر مهيني وزن ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ٻن مهينن اندر اهو معلوم ٿئي ته وزن نه وڌيو آهي ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته ڪا خرابي ضرور آهي.

*  *  *


 

 

برکا پنهور

دستر خوان تي ڀاڄين جي بهار

 

گرمين ۾ گوشت جو استعمال گهٽ ٿي ويندو آهي ۽ ڀاڄين جو ڀرتو، ۽ تريل ڀاڄيون ڏاڍي شوق سان کاڌيون وينديون آهن، ڀاڄيءَ کي رڌڻ جو هڪ اهڙو طريقو آهي، جنهن سان ڀاڄيون پنهنجو پاڻي ڪڍنديون آهن ۽ آخر ۾ گيهه ۾ تريون وينديون آهن.

جڏهن ڀاڄيون رڌجڻ واريون هونديون آهن ته باهه کي تيز ڪرڻ گهرجي ته انهن جو ذائقو خوشبودار ٿي ويندو آهي. گرميءَ جي مند ۾ ڀاڄيون، صحت لاءِ تمام گهڻيون مفيد آهي.

پٽاٽا، ٽماٽا ۽ بصر جي ڀاڄي

شيون: گيهه ٻه وڏا چمچا، بصر ٻه عدد (سنهو ڪٽيل) پٽاٽا اڌ ڪلو، لوڻ هڪ چانهه جو چمچو، ڳاڙها مرچ اڌ چمچو، هيڊ اڌ چمچو، ٽماٽا اڌ ڪلو (ڪٽيل)، ساوامرچ ٻه عدد، ادرڪ هڪ انچ جو ٽڪرو (پيٺل) گرم مصالحو اڌ چمچو، ساوا ڌاڻا ڪٽيل هڪ وڏو چمچو.

ترڪيب: پٽاٽا ڇلي وٺو، ۽ ننڍن ٽڪرن ۾ ڪٽي وٺو، گيهه گرم ڪريو ۽ ان ۾ پٽاٽا، بصر، لوڻ ، مرچ ۽ هيڊ وجهي ڀڃي، پنج منٽ ڍڪ ڏئي ڇڏيو. پٽاٽن ڳرڻ لاءِ پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻو. جڏهن پاڻي بلڪل خشڪ ٿي وڃي ته ان ۾ ٽماٽا، ساوا مرچ ۽ ادرڪ وجهو. باهه تيز ڪريو ۽ مسلسل چمچو هلائيندا رهو،جڏهن گيهه ڇڏي ته ساوا ڌاڻا وجهي لاهي رکو.

بند گوبي

شيون: بند گوبي ٽي پاءُ، گيهه ٻه وڏا چمچا، هڪ بصر (سنهو ڪٽيل) ادرڪ هڪ انچ جو ٽڪرو، هيڊ هڪ چانهه جو چمچو، گرم مصالحو هڪ چمچو، اڌ ليمي جو رس.

ترڪيب: گوبي کي ڌوئي سنهو ڪٽيو، گيهه گرم ڪريو ۽ گوبي، بصر ۽ ادرڪ وجهي ڀڃو، ان ۾ هيڊ، لوڻ ۽ مرچ به وجهو، ڪجهه منٽ ڀڃي ڍڪڻ ڏئي ڇڏيو، وچولي باهه تي رڌيو، ڀاڄي نرم ٿي وڃي ته باهه کي تيز ڪريو ۽ ڀاڄي جو باقي پاڻي به خشڪ ڪريو، آخر ۾ گرم مصالحو ۽ ليمي جو رس وجهي لاهي رکو.

وڏا ساوا مرچ ۽ ٽماٽن جي ڀاڄي

شيون: گيهه ٽي وڏا چمچا، وڏا ساوا مرچ پاءُ، ادرڪ هڪ انچ، پيٺلَ لوڻ، هيڊ چانهه جو چمچو، ڪارا مرچ حسبِ ضرورت، ٽماٽا اڌ ڪلو، ساوا ڌاڻا هڪ وڏو چمچو، گرم مصالحو اڌ چمچو،

ترڪيب: ٽماٽا ۽ مرچ ڪٽيو، ادرڪ سنهي پيهو، گيهه گرم ڪريو ان ۾ مرچ، ادرڪ، هڪ چمچو لوڻ ۽ ساوا مرچ وجهو ۽ ڪجهه منٽ ڀڃو پوءِ ٽماٽا وجهو، باهه تيز ڪريو، پنجن منٽن تائين ڀاڄين کي ڀڃو، آخر ۾ ساوا ڌاڻا وجهي لاهي رکو.

*  *  *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com