سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون مئي 1994ع

شمشير الحيدري

 

سنڌ ۾ عورتن جا ٿاڻا

 

وزيراعظم پاڪستان، محترمه بينظير ڀٽو، سنڌ صوبي جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل عورتن جي پهرئين پوليس ٿاڻي جو افتتاح ڪيو آهي. پاڪستان ۾ هيءُ چوٿون عورتن جو پوليس ٿاڻو قائم ڪري هاڻوڪيءَ حڪومت عورتن کي برابريءَ وارا حق ڏيڻ طرف اڳتي قدم وڌايو آهي.

وزيراعظم، محترمه بينظير ڀٽو، ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ”اسلام عورتن کي برابريءَ وارا حق ۽ موقعا ڏنا آهن، پر ملڪي مفاد پرستن انهن کي اڳتي وڌڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏني آهي.“

پاڻ وڌيڪ چيائين ته ”هاڻي اهي ڏينهن گذري ويا، جڏهن پاڪستان ۾ عورتن جو استحصال ٿيندو هو. هاڻي حڪومت عورتن کي گهربل طاقت ۽ قوت ڏني آهي، ۽ اهي پنهنجن حقن جي پاڻ حفاظت ڪري سگهن ٿيون.“

وزيراعظم چيو ته ”پاڪستان ۾ هاڻي عورتن جو وڌيڪ استحصال نه ٿيندو، ڇو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عورتن جي آزاديءَ ۾ مڪمل يقين رکي ٿي.“ محترمه وزيراعظم اهو پڻ پڌرو ڪيو ته ”سندس حڪومت ماضيءَ ۾ بين الاقوامي راندين ۾ حصي وٺڻ لاءِ عورتن تي وڌل پابندي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“

محترمه وزيراعظم، حضرت بيبي خديجتہ الڪبريٰ عليہ السلام، حضرت بيبي عائشه عليہ السلام ۽ حضرت بيبي فاطمہ عليہ السلام جو حوالو ڏيندي چيو ته ”اسلامي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پيئي آهي، جتي عورتن مردن جي برابر ڪم ڪيو آهي.“

محترمه وزيراعظم چيو ته ”اها معمولي ڪاميابي ناهي جو هاڻوڪيءَ حڪومت اٺن مهينن اندر عورتن لاءِ چار پوليس ٿاڻا قائم ڪيا آهن ۽ هاڻي حڪومت جلد ڪٽنبي عدالتون به قائم ڪندي، جن ۾ خاتون جج مقرر ڪيون وينديون ته جيئن عورتن جي معاملن جو اُڪلاءُ بهتر نموني ٿي سگهي.“

محترمه وزيراعظم عورتن جي پوليس ٿاڻن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپين جي گرانٽ جو پڻ اعلان ڪيو.

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه پنهنجيءَ تقرير ۾ ٻڌايو ته جلد ئي سنڌ ۾ ٻه وڌيڪ زنانا پوليس ٿاڻا قائم ڪيا ويندا ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته. 13 ڪنسٽيبل عورتن کي ترقي ڏيئي اي-ايس-آءِ. (A.S.I) مقرر ڪيو ويندو ته جيئن پڙهيل عورتن کي روزگار جا وڌيڪ موقعا ملي سگهن.

موجوده حڪومت عورتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ کين حق پلئه وجهڻ لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن، سي اهم ۽ تاريخي آهن. محترمه وزيراعظم جي انهن ڪوششن سان عورتن کي وڏو حوصلو مليو آهي، پر هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙيون ڪوششون ٻهراڙيءَ جي عورتن لاءِ به ورتيون وڃن، ڇو ته ٻهراڙيءَ ۾ عورتن سان جيڪي ويل وهايا وڃن ٿا، اهي بيحد ڏکوئيندڙ ۽ ناقابل برداشت آهن. ان ڏس ۾ اسين محترمه وزيراعظم کي اپيل ٿا ڪريون ته ٻهراڙيءَ جي عورتن جي معاملن تي خصوصي توجهه ڏيئي، سندن مسئلا حل ڪري، کين جيئڻ جو حق ڏياريو وڃي.

”سرتيون“ جي باري ۾:

اسان ماهوار ”سرتيون“ جي سڀني لکندڙن ۽ پڙهندڙن جا ٿورائتا آهيون، جيڪي وقت بوقت اسان سان تعاون ڪري پرچو شايع ڪرڻ ۾ مدد ڪندا رهن ٿا، ۽ وڌيڪ اميد ٿا ڪريون ته اهو تعاون هميشھ قائم ۽ دائم رکندا ايندا.

مئي 1994ع جو هي پرچو اوهان جي هٿن ۾ آهي، جنهن بابت پنهنجن راين ۽ تجويزن سان نوازي، ٿورائتو ڪندا.- گلبدن جاويد مرزا.

 

*  *  *


 

 

 مونيق الفيضي

مراد علي مرزا

 

ڏاڍ مڙسيءَ اڳيان نه جهڪبو

 

هن عورت کي قيد خاني اُماڻيو ويو، هُن جي ڪتابن تي بندش وڌي ويئي ۽ کيس موت جو خوف ڏنو ويو. ان هوندي به هن جي اکين جي ڪارن تارن ۾ ننڍڙي ٻار جو شرارت ڀريو چمڪو قائم رهيو آهي ۽ هوءَ جڏهن پنهنجي نڙيءَ تي زور ڏيئي ٽهڪ ڏيندي آهي، تڏهن سنديس سمورو جسم جهومڻ لڳندو آهي. سڄيءَ عرب دنيا ۾ عورتن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ واريءَ تحريڪ جو هو‎ءَ هڪ مضبوط ۽ سگهارو آواز آهي.

اها عورت ”نَوَل الصعادَوي“ آهي، جنهن جي شخصيت ۾ جادو ڀريو پيو آهي. هوءَ پنهنجي قديم ورثي، علم جي ديوي ”آئيسز“ جي طاقت ۽ انصاف جي ديوي ”مَعات“ جي مالڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿي. ”مصر ۾ اسان کي طاقت پنهنجين ديوين وٽان ورثي ۾ ملي آهي. هنن جيڪي خواب ڏٺا هئا، لڳي ٿو ته اهي منهنجي اندر ۾ موجود آهن.“

ايڪهٺ ورهين جي ڄمار واري اها ڪراڙي اديبه لکي ٿي ته هر شيءِ ۾ ديوين ۽ ديوتائن جا روح ريلا ڏيندا ڏسجن ٿا. تازو شايع ٿيل هن جي ڪتاب ”شيطان جي بيگناهي“ تصوف ۽ رمزيت جو هڪ عجيب قصو آهي. ان جا ٽي نسواني ڪردار جنت، نرگس ۽ نفيسه پاڳل خاني ۾ بند آهن. ڏاڍ مڙسيءَ جي ڪري هنن تي جيڪي ظلم ٿيا آهن، انهن جي الصعادوي پنهنجي دلڪش تحرير ۾ ڏاڍي ماهراڻي انداز ۾ اڻت ڪئي آهي.

هن ڪتاب جي ٻِٽي معنيٰ ان حقيقت جي ڪري ويتر وڌي وڃي ٿي، جو انهن ڪردارن کي لاڳيتو ”هوءَ“ ڪري لکيو ويو آهي، جنهن سبب سنديس ساروڻيون هڪ ٻئي جي ساروڻين ۾ ملي ويون آهن ۽ انهن هڪ ٻئي کي لڪائي ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ انهن ٽنهي عورتن مان ڪنهن به هڪ کي سڃاڻي نه ٿو سگهجي. اتي اڇي پٽڪي سان هڪ ڪارو شخص به موجود آهي، جيڪو انهن عورتن کي پاڻ ڏانهن سڏي اسپتال جي لان ۾ وڻن جي پٺيان لڪي وڃي ٿو. اهو شخص ڪڏهن ته نيڪ آهي، ته ڪڏهن وري شيطان جهڙو ٿيو پوي.

الصعادويءَ جو چوڻ آهي ته ”ڳالهه اها نه آهي ته ڪير نيڪ آهي ڪير بد. پر اصل مامرو اهو آهي ته طاقت ڪنهن جي هٿ ۾ آهي.“

اها سوچَ ڪا سکڻي نه آهي، ”شيطان جي بيگناهي“ ۾ جنت وٽ پنهنجي ننڍپڻ جون ساروڻيون آهن. الصعادوي چوي ٿي ته، ”مون کي هميشہ کان الله تعاليٰ جي ڄاڻ رهي آهي. ٻاراڻي وهيءَ ۾ آءُ جڏهن به ڪو ڪم ڪرڻ گهرندي هيس، تڏهن مون کي چيو ويندو هو ته، تون اهو ڪم نه ٿي ڪري سگهين. آئون پڇندي هيس ته ڇو؟ مون کي جواب ملندو هو ته الله تعاليٰ جو اهو ئي حڪم آهي.“ تنهن ڪري، الله تعاليٰ هر وقت مون سان گڏ هوندو هو، جيڪو منهنجن خوابن کي، منهنجيءَ آزاديءَ کي روڪيندو هو.

الصعادوي نيري رنگ جي هڪ ويڪري قميص پايو، پنهنجي ڪشادي ڪمري ۾ ڪاٺ جي اگهاڙي فرش تي خالي ميز اڳيان ويٺي آهي. جسم تي ڪرڙاپ جي گهنجن جي هوندي به هوءَ وڏن جي دنيا ۾ ڄڻ ته هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ جيان لڳي ٿي.

”الله تعاليٰ هر وقت موجود هوندو هو. تنهن ڪري مون کي غور ڪرڻو پيو هو ته ائين ڇو آهي. آءُ سموري حياتي الله تعاليٰ جي باري ۾ غور فڪر ڪندي هيس ۽ ڪوشش ڪري ڄاڻڻ گهرندي هيس ته الله تعاليٰ ڪير آهي؟ تاريخ ڇا آهي؟“

الصعادويءَ کي جلد ئي خبر پئجي ويئي ته سنديس روح ڪو اهڙو ڪمزور نه هو جو ڏاڍ مڙسيءَ واري ان سماج اڳيان آسانيءَ سان جهڪي وڃي، جنهن ۾ ڪا عورت پنهنجي خاوندَ جي اجازت کانسواءِ پاسپورٽ به رکي نه ٿي سگهي. ”مون کي سڄي عمر اهو ئي محسوس ٿيو هو ته آءُ ڪڏهن به نه ماءُ ٿي سگهنديس نه وري زال- ڪڏهن به نه. جڏهن منهنجي عمر اڃا ڇهه ورهيه هئي، تڏهن آءُ خواب ڏسندي هيس ته آءُ ڪڏهن به پنهنجي ڏاڏيءَ يا ماءُ وانگر نه ٿينديس. مون کي دنيا ۾ ڪو ڪارنامو ڪري ڏيکارڻو آهي.“

”عورتن تي ظلم“ الصعادوي جي تحريرن جو خاص موضوع آهي. اهو موضوع سنديس افسانوي ادب ۾ به ملي ٿو ته غير افسانوي ادب ۾ به. البت اهڙي ادب لاءِ عرب حڪومت وٽ ڪوبه چاهه نه ٿو ڏسجي. الصعادوي ڊاڪٽر آهي ۽ صحت واري وزارت ۾ تعليم جي ڊائريڪٽر پڻ رهي آهي. ان هوندي به هن جي ڪتابن مصر جي اڳوڻي صدر سادات کي ايترو ته ڪاوڙائي ڇڏيو جو، هن الصعادويءَ کي بليڪ لسٽ ڪري قيد خاني ۾ بند ڪري ڇڏيو.

پر انهن مرڪندڙ اکين پٺيان، جيڪي ايتريون ته ڪاريون آهن، جو انهن جي  اَڇاڻ ئي لڪي ويئي آهي، هڪ اهڙو فولادي ارادو موجود آهي، جنهن کي قيد وبند جون عقوبتون موڙي نه ٿيون سگهن، ”آءٌ ته اوهان کي سفارش ڪنديس ته ٿوري وقت لاءِ اوهين به وڃي قيد ۾ رهو ۽ پاڻ مشاهدو ڪريو. ڇاڪاڻ ته پوءِ اوهان جون به اکيون کلنديون ۽ اوهين چٽيءَ طرح ڏسي سگهندا. سماج کي سمجهڻ لاءِ اوهان کي ان جي هيٺئين سطح تائين وڃڻو پوندو.“

”قيد خاني ۾ آءٌ ته ڏاڍي پُراُميد هيس، جيتوڻيڪ مون سان گڏ ٻيون جيڪي عورتون هيون اهي ڏاڍيون نااميد ۽ مايوس ٿي لڳيون. اسين ٻارهن عورتون هڪڙي ئي ڪوٺڙيءَ ۾ رهيل هيونسين. اسان ۾ ڪي سخت مذهبي قسم جون عورتون به هيون، جن کي برقعا پاتل هوندا هئا. اتي بنهه کاٻيءَ ڌر جون مارڪسوادي عورتون به هيون، جن پڻ پنهنجي چريائپ جي ڪري برقعا پاتا هئا. انهن جي وچ ۾ آءٌ اڪيلي آزاد اديبه هُيس.

قيد خاني مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ الصعادوي ”وڌيڪ پختي، وڌيڪ سڄاڻ ۽ وڌيڪ پُراميد هئي.“ قيد خاني ۾ انهن عورتن مون کي چيو هو ته ”سادات اسان کي قتل ڪرائي ڇڏيندو.“ آءٌ اهو ٻڌي کلندي هيس. آءٌ هر روز نچندي هيس ته جيئن آءٌ چست نظر اچان. تنهن ڪري مون کي جسماني ڪرتب ڪرڻا پوندا هئا، ڳائڻو پوندو هو ۽ ناچ ڪرڻو پوندو هو ۽ هنن کي ٻڌائڻو پوندو هو ته: دل نه لاهيو! اوهين هت ڪين مرنديون. پهرين هو مرندو !“ اوهين اعتبار ڪندوء؟“ الصعادوي هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي چوي ٿي.

پوءِ الصعادويءَ کي قتل جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون، جيڪي هن جي سهپ کان مٿي هيون. کيس محسوس ٿيو ته سنديس زندگي هاڻ سنديس نه رهي هئي. تنهن ڪري هوءَ آمريڪا هلي ويئي، جتي هوءَ پڙهائي ٿي. ”منهنجي هجرت عارضي آهي؛ بلڪل عارضي. آءٌ واپس مصر وينديس. جيڪڏهن حالتون سٺيون ٿيون ته آءٌ سڀاڻي ئي واپس هلي وينديس. آءٌ ته شروع کان ئي پراميد رهي آهيان، پر هينئر آءٌ جڏهن سياسي نقشو ڏسان ٿي ته مون کي مايوسي وڪوڙي ٿي وڃي. لڳي ٿو ته مصر ۾، الجيريا ۾، سموري عرب دنيا ۾ ايندڙ ڪيترائي سال اونداها هوندا.“

(ڊان گارجين سروس جي ٿورن سان)

* * *


 

 

سچا موتي

 

ماهتاب محبوب جا جواب، جيڪي 1991ع ۾ سرتيون لاءِ ڪيل انٽرويو تان ورتا ويا آهن.

 

س: مرد جي ڏاڍ ۽ معاشري جي عورت دشمن ريتن رسمن ڪري سنڌي ادب ۾ ليکڪائن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي، اوهان ان تي راءِ ڏيو؟

ج: ان ڏس ۾ مان ڪو ڪمينٽ نه ڏيندس جو خدا جو شڪر آهي ته اديبا بنجڻ لاءِ مون کي ڏاڍ ۽ عورت دشمن رسمن وارا لڪ نه لتاڙڻا پيا آهن. منهنجو تعلق روشن خيال، وسيع ذهن ۽ پڙهيل لکيل گهراڻي سان آهي، جن جي نگاهن ۾ عورت جي هر روپ لاءِ عزت احترام هو ۽ آهي. مان ان ڳالهه ۾ يقين نه ٿي ڪريان ته سنڌي ادب ۾ ان ڳالهه ڪري ئي ليکڪائن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيو آهي. اِهي حالتون ڪنهن کي ليکڪ يا ليکڪا ته نه، البت فرسٽريشن جو شڪار بنائڻ لاءِ وڌيڪ ڪارائتيون ثابت ٿين ٿيون ۽ جيڪر انهن حالتن ۾ ڪير فرسٽريشن هٿان مجبور ٿي لکي به ٿو ته ان جو دائرو، معاشرو نه پر فقط پنهنجي ذات هوندي آهي. بهرحال ماحول ۾ موجود ڪوبه جبر يا ناانصافي قلم ته کڻائي سگهي ٿو پر ضروري ناهي ته هر جبر ۽ ڏاڍ پويان  اسان کي هڪ ليکڪا به لِڪل ملي.

س: اوهان جي خيال ۾ گهر جي چوديواريءَ اندر رهي عورت وڌيڪ تڪليفون، ڏک ۽ سور ڏسي ٿي يا مرد معاشري جي چوديواري اندر؟ جڏهن ته ٻئي پنهنجي پنهنجي چارديوارن اندر قيد آهن؟

ج: اوهان ته سوال ۾ ئي جواب به ڏئي ويون، منهنجي لاءِ ته ڪا گنجائش ڇڏيو ها...... بهرحال اهو ڪنهن حد تائين صحيح آهي ته مرد يا عورت ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي چوديوارن ۾ قيد آهن پر مان عورت هئڻ جي ناتي اکيون ٻوٽي رڳو عورت جي حمايت هرگز نه ڪندس، ڇو ته وقت ۽ حالتن سان اِها ڳالهه مشاهدي ۾ آئي آهي ته عورت صنفِ نازڪ جو اعزاز حاصل ڪري، ان سان معاشري کي اموشنل بليڪ ميل ڪرڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ رهي آهي. نا انصافين، ظلم يا ڏاڍ ڏمر سان واسطو رڳو عورت جو ئي ته نٿو پئي، مرد به اهو سڀ ڪجهه ڀوڳين ٿا پر عورت ۽ مردن ۾ به ٻه طبقا آهن، هڪ قبطو اِهو آهي جن جي ذهنيت، زبان ۽ هر فعل ۾ گندگي ڀريل هوندي آهي يعني ”نه ڪا گهٽ گهوٽ ۾ نه ڪا منجهه ڪنوار“! انهن مان ڪنهن به قسم جي تهذيب يا چڱائي جي اُميد رکڻ ائين آهن جيئن ٻَٻرن کان ٻيرَ گهرڻ. عورت مرد جو ٻيو طبقو سڌريل هئڻ سان گڏ برابريءَ وارو به ٿيندو آهي ته ڪن ۾ ڪي ڪميون پيشيون به ٿين ٿيون، جنهن موجب اڪثر عورتون ان غلط فهميءَ جو شڪار رهنديون آهن ته هڙئي ڏک، زيادتيون، ذميداريون، ٻار ٻچا سنڀالڻ وغيره سڀ ڪجهه کين ئي ٿو ڀوڳڻو پوي.....

 جڏهن ته هو مرد ويچارا جيڪي نالي ۾ سوٽيڊ بوٽيڊ بڻجي آفيسر ٿيو، ٺٺ ٺانگر سان پيا ڏسبا آهن سي گهر، ڪٽنب ۽ پيٽ پالڻ جي وهه ۾ دفتري سياستن جو شڪار بڻجي، قسمين قسمين جون بيماريون ۽ ٽينشن، ڊپريشن کڻي زندگيءَ کي جهٽ پلڪ ۾ وائينڊ اَپ ڪيو وجهن، ساڳيءَ ريت عورت جا به ڪيئي قابلِ عزت روپ آهن پر ڇا ٿو ملي اِن مان.... جڏهن ڪا عورت سسُ، ننهن ۽ نڻان جهڙي رشتي ۾ پير پائي ٿي ته گهر جنت بنائيندڙ اها ساڳي عورت، جنت کي جهنم بنائڻ ۾ پيش پيش رهي ٿي. خوشقسمت ۽ قابلِ رشڪ آهن اُهي گهر ۽ چوديواريون جن اندر رهندڙ مرد عورتون اهڙا جهنم پاڻ کان پري رکي جيئن پيا، هڪ ٻئي جو تقدس برقرار رکندي هڪ ٻئي لاءِ عز ت ۽ احترام رکن ٿا، باقي انهن کي جدا جدا ڪيٽيگرين ۾ ورهائي وڌيڪ ڏک سهڻ جو ايوارڊ ڏيڻ اجايو آهي جو ٻئي انسان آهن، ٻئي ڀوڳين ٿا........ ٻئي ڏوهاري به آهن ۽ ٻئي مظلوم به......... ڪنهن کي ڪنهن تي ترجيح ڏيڻ انڌو انصاف ٿيندو جو ڏک سور سهڻ ڪا چٽاڀيٽيءَ واري راند ناهي. اِهي هر ڪنهن جي حصي ۾ زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ضرور اچن ٿا.“

*  *  *

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com