سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :4

 

ڪزبانو سنڌو                                           (قسط پهرين) (ناوليٽ)

چاهت جن جي من ۾

”ممي ڪاليج طرفان ٽوئر جو پروگرام ٺاهيو ويو آهي. مان به وڃڻ ٿي چاهيان.“ تانيه پنهنجي ماءُ ارم کي ڀاڪر پائيندي چيو.

”ڪيڏانهن وڃڻ جو پروگرام آهي.“ ارم ٽي.وي جو آواز گهٽ ڪندي چيو.

”ڪينجهر ۽ مڪلي“ تانيه چيو.

”ڇا! ڪينجهر. ناهي ايڏانهن وڃڻ جي ضرورت.“ ارم جذبات مان چيو.

”پليز ممي، سڀ سهيليون وڃن پيون مان به وينديس. اتي جو منظر ڏاڍو خوبصورت آهي.“ تانيه ماءُ جي ويجهو ايندي چيو.

”بس، چيم نه ٻهراڙيءَ جو علائقو آهي ۽ سنسان رستا آهن. مون کي پريشاني ٿيندي.“ ارم سمجهائيندي چيو.

”پليز ممي مان اڪيلي نه آهيان.“ تانيه چيو.

”بلڪل منهنجي ڌيءَ ضرور ويندي“ شهاب ڪمري ۾ ايندي چيو.

”ٿئنڪس پاپا“. تانيه خوش ٿيندي چيو.

”شهاب ڪينجهر گهڻو پري آهي مون کي ٽينشن ٿيندو.“ ارم موڊ خراب ڪندي چيو.

”بيگم انهيءَ ۾ ٽينشن ڇاجو تانيه اڪيلي نه آهي، ڪاليج طرفان پروگرام آهي، ڀلي وڃي.“

”مان به هلنديس ڪينجهر گهمڻ.“ تانيه جي ننڍي ڀيڻ ثانيه ڪمري ۾ ايندي چيو.

”شٽ اپ، ڪا ضرورت نه آهي وڃڻ جي. هيءَ به ٿي وڃي ڪينجهر گهمڻ!“ ارم غصي ۾ چيو.

ثانيه موڊ خراب ڪري ڪمري مان نڪري وئي.

”هروڀرو جذباتي پئي ٿين، اها ئي ته عمر گهمڻ جي آهي، اولاد تي ايتري سختي سٺي نه آهي بيگم.“ شهاب سمجهائيندي چيو.

”شهاب توهان ڇوڪرين جو دماغ خراب پيا ڪريو.“ ارم فڪرمند ٿيندي چيو.

”ارم، تانيه منهنجون ڌيئون نه پر پٽ آهن. جيڪڏهن مون کي پٽ جو اولاد نه آهي ته ڪو به فڪر نه اٿم. منهنجون ٻئي نياڻيون منهنجي زندگي آهن.“ شهاب تانيه جي مٿي تي هٿ رکندي چيو.

ارم مرڪي تانيه ۾ نهاريو.

تانيه ماءُ جو موڊ صحيح ڏسي، خوش ٿيندي پنهنجي ڪمري ۾ آئي.

”اڙي ثانيه جو موڊ اڃا تائين آف آهي. مميءَ جي ڳالهه جو ڏک اٿئي. مميءَ غلط به نه چيو مون کي به مشڪل سان اجازت ملي آهي وري تو ڳالهه ڪري مميءَ جو موڊ خراب ڪري ڇڏيو.“ تانيه، ثانيه کي خاموش ڏسندي چيو.

”ها، ها توکي ته اجازت ملي مون کي نه ملي ته ڇا. ممي، پاپا کي صرف تون ياد آهين، مان ته جهڙي آهيان ئي ڪونه.“ ثانيه ڏک مان چيو.

”اڙي چري مائٽن لاءِ ته سڀ اولاد هڪجهڙو هوندو آهي. تنهنجي اسڪول طرفان گهمڻ جا اڪثر پروگرام ته ٿيندا آهن. تون ويندي به آهين.“ تانيه چيو.

اڄ آچر هو،مئڊم ناياب، جيڪا گرلس ڪاليج جي ليڪچرار هئي، سڀني کي صبح اٺين وڳي پنهنجي گهر اچڻ جو ٽائيم ڏنو هئائين. تانيه تيار ٿي پنهنجيءَ گاڏيءَ ۾ ڊرائيور سان مئڊم جي گهر آئي. سڀ ڇوڪريون ۽ استاد وغيره اچي چڪيون هيون. بس گيٽ تي بيٺل هئي.

”توهان جو ئي انتظار هو.“ مئڊم ناياب تانيه کي ڏسندي چيو.

سڀ اچي بس ۾ ويٺيون. ڊرائيور بس اسٽارٽ ڪري انڊين گانن جي ڪيسٽ لڳائي. سڀ ڇوڪريون آواز سان آواز ملائي گيت ڳائي رهيون هيون.

”هڪ منٽ“ مئڊم پنهنجي سيٽ تان اٿي بيٺي. سڀ خاموش ٿي ويون. ڊرائيور گاني جو آواز گهٽ ڪيو.

”مان طيءِ ڪيو آهي پهريائين ڪينجهر تي هلنداسين. انهيءَ کان پوءِ شاهجهان مسجد ۽ مڪليءَ تي هلنداسين. او ڪي. ڇو ته ٺٽي کان اٽڪل 24 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪينجهر آهي. منهنجو مطلب آهي ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڪينجهر گهمجي. ٺيڪ آ نه.“

”اوڪي مئڊم“ سڀني هڪ ئي آواز ۾ چيو.

مئڊم ناياب پنهنجي سيٽ تي ويٺي ۽ ڊرائيور گاني جو آواز تيز ڪيو.

بس ۾، تاڙين جو شور گونجي ويو.

”حنا تو اڳ ڪڏهن ڪينجهر ڏٺي آهي.“ تانيه پنهنجي دوست کان پڇيو.

”نه ڪڏهن به ڪينجهر ناهي ڏٺي، باقي اسان مڪليءَ تي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ درگاهن جي زيارت ڪرڻ لاءِ آيا هئاسين.“

”درگاهن تي تو ڪهڙي دعا گهري.“ تانيه پڇيو.

”ياد نه اٿم ڪافي وقت ٿي چڪو آهي.“ حنا ورندي ڏني.

ميوزڪ مستيءَ ۾ هنن کي خبر نه پئي، ڊرائيور گاڏي ٺٽي شهر ۾ روڪي.

”ڇوڪريون توهان ڪجهه کائڻ چاهيو ٿيون ته ڪجهه وٺو. اڌ ڪلاڪ لاءِ توهان کي اجازت آهي.“ مئڊم مرڪندي چيو.

سڀ ڇوڪريون بس مان لهڻ لڳيون. تانيه ۽ حنا ڪولڊ ڊرنڪ ورتيون. سڀني ڪجهه نه ڪجهه ورتو. وري اچي بس ۾ ويٺيون. بس هلڻ لڳي... ۽ ڪينجهر تي اچي گاڏي رُڪي.

هت ته ڏاڍو مزو آهي، ڄڻ پوري دنيا هت هجي. سهڻا نظارا ڏسندي سڀني چيو ۽ بس مان لٿيون.

سڀ پنهنجي ئي موج ۾ پاڻيءَ جي لهرن ۽ خوبصورت منظرن کي ڏسي رهيون هيون.

ٻيڙيون پاڻيءَ جي ڇولين ۾ رقص ڪري رهيون هيون. ڪجهه لانچون ۽ ٻيڙيون ڪناري تي بيٺيون هيون.

”نوريءَ جي مزار ڪٿي آهي؟“ تانيه ۽ حنا لانچ واري کان پڇيو.

”ڍنڍ جي وچ ۾ آهي. اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر جو فاصلو ٿيندو.“ لانچ واري چيو.

”او ماءِ گاڊ.“ تانيه حيرت مان چيو.

”ڇا خيال آهي ڏسڻ گهرجي.“ حنا ڪجهه ڇوڪرين کان پڇيو.

”بلڪل ڏسڻ گهرجي. وري اچڻ الائي ڪڏهن ٿئي.“ فهميده چيو.

ڪجهه ڇوڪريون هلڻ لاءِ تيار ٿيون ۽ ڪجهه ڇوڪرين انڪار ڪيو.

”ڇا جو پروگرام ٺهي رهيو آهي؟“ مئڊم ناياب چيو.

”مئڊم اسان نوريءَ جي مزار تي وڃون ٿيون، توهان به هلو.“ حنا چيو.

”دراصل مون کي ته ڊپ پيو ٿئي، پاڻي تمام گهرو آهي. مان ته نه هلنديس. پر توهان کي به منهنجو مشورو آهي ته نه وڃو ته بهتر.“ مئڊم پاڻيءَ جي گهرائيءَ کي ڏسندي چيو.

”مئڊم نوريءَ جي مزار نه ڏٺي سين ته ڪينجهر تي اچڻ جو ڪهڙو فائدو. اسان وڃون ٿيون، الله رحم ڪندو. توهان اسان کي رڳو ڇڏي نه وڃجو.“ تانيه مذاق ڪندي چيو.

”ٺيڪ آ، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿيون ته ڀلي وڃو، پر پنهنجو خيال رکجو. الله خير ڪندو.“ مئڊم ناياب هن جو شوق ڏسي کين اجازت ڏني. ٻه لانچون ڀاڙي تي ڪري هو چڙهن ٿيون. ڪنارو پري ٿيندي کين نظر اچي ٿو. چؤطرف پاڻي پاڻي. تانيه پاڻيءَ مان ٻڪ ڀري حنا کي هڻي ٿي.

”يار ڪيڏو نه مزو آهي. دل چوي پئي هت روز اچون. ڌرتي ڪٿي نظر ئي نه پئي اچي. آڪاش ڄڻ ڪينجهر کي ڇهي رهيو هجي. هو ڏس سج پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي رهيو آهي. حنا سج ڏانهن اشارو ڪندي چيو جيڪو پاڻيءَ ۾ نظر اچي رهيو هو.“

”هو ڏسو، نوريءَ جي مزار.“ فهميده خوش ٿيندي چيو.

نوريءَ جي مزار ويجهو ايندي سڀني خوشيءَ مان نعرا هنيا. جيئن ئي تانيه ڏسڻ لاءِ ڪنڌ ورايو، وڃي پاڻيءَ ۾ ڪري. سڀني رڙيون ڪيون. ”تانيه ٻڏي وئي. تانيه کي بچايو.“ هنن جون رڙيون ٻڌي لانچ وارو پريشان ٿي ويو. ٻنهي لانچن ۾ دانهون ئي دانهون هيون ۽ مدد لاءِ پڪاري رهيون هيون.

هڪ لانچ هن جي ڀر مان گذري ڪنهن نوجوان پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو. کن پل ۾ تانيه کي پاڻيءَ مان ڪڍي پنهنجي لانچ ۾ وڌائين. ٽئي لانچون هڪٻئي جي ويجهو هيون.

”پليز توهان خاموش ٿيو، توهان جي دوست زنده آهي.“ نوجوان کين ڏسندي چيو. تڏهن به رڙين جو سلسلو جاري هو.

”پليز توهان خاموش رهو، توهان جي دوست زنده آهي.“ هڪ دفعو ٻيهر نوجوان کين چيو ۽ پوءِ سڀ خاموش ٿي ويون.

نوجوان تانيه کي کڻي نوريءَ جي مزار ۾ فرش تي ليٽايو.

سڀ ڇوڪريون مزار تي آيون.

”تانيه ٺيڪ ته آهيو.“ حنا کيس جهنجهوڙيندي چيو.

”پليز توهان فڪر نه ڪريو. توهان جي دوست ٺيڪ آهي، شڪر ڪريو مان وقت تي پهچي ويس نه ته... خير بس ٿوري دير ۾ هوش ۾ اچي ويندي.“ نوجوان کين حوصلو ڏيندي چيو.

تانيه اکيون کوليون.

”اي منهنجا رب تنهنجو شڪر.“ حنا تانيه جو مٿو پنهنجي هنج ۾ رکندي چيو.

سڀني دعا لاءِ هٿ کنيا.

”تون ٺيڪ آهين تانيه. توکي خدا سائينءَ نئين زندگي ڏني آهي.“ حنا روئندي چيو.

تانيه اٿي ويٺي ته هن جي وات مان پاڻي نڪتو، ، هوءَ سڏڪا ڀرڻ لڳي، اکين مان لڙڪ وهڻ لڳس.

”ادا ڏسو، تانيه ٺيڪ آهي.“ حنا پريشان ٿيندي چيو.

”چيم نه پريشانيءَ جي ڪا ضرورت نه آهي.“ ڇوڪري چيو.

”تانيه تون ٺيڪ آهين؟“ فهميده تانيه جا لڙڪ اگهندي چيو.

”ها مان ٺيڪ آهيان.“ تانيه وڏو ساهه کڻندي چيو.

”تانيه ايتري وڏي پاڻيءَ مان توکي هن شخص ڪڍيو آهي.“ حنا نوجوان ڏانهن اشارو ڪري ٿي، ”نه ته... خبر نه آهي ڇا ٿي وڃي ها.“

”ٿئنڪس توهان اسان تي تمام وڏو احسان ڪيو آهي. سڀ ڇوڪريون هن جو شڪريو ادا ڪندي چوڻ لڳيون.

”مان ڪو به توهان تي احسان ناهي ڪيو. بلڪه انسانيت جي ناتي منهنجو فرض هو. هن کي مون نه خدا بچايو آهي. اسان نوريءَ جي مزار تي هئاسين توهان جون رڙيون ٻڌيونسين، ايترو فاصلو نه هو، اسان پهچي وياسين. توهان جي دوست کي نئين زندگي مبارڪ هجي.“ نوجوان تانيه ڏانهن نهاري چيو.

تانيه مسلسل گهٻرايل هئي. ڪپڙا آلا هئڻ جي ڪري ڏڪي رهي هئي.

نوجوان پنهنجي ڪلهي تان اجرڪ لاهي، حنا کي ڏنو ۽ چيو ته توهان تانيه کي اجرڪ اوڍايو. ”اسان هاڻي هلون ٿا، گهٻرائڻ جي ڪا ضرورت نه آهي، ٺيڪ آ.“

تانيه منهن تي هٿ رکي روئڻ لڳي.

”تنهنجي طبيعت ته صحيح آهي، روئين ڇو پئي!؟“ حنا پريشانيءَ ۾ پڇيو.

”مون کي ڊپ ٿو لڳي وري به پاڻيءَ مان هلڻو پوندو. مان نه هلنديس.“ تانيه سڏڪا ڀريندي چيو.

”يعني رات توکي هتي ئي گذارڻ جو ارادو آهي!“ نوجوان مرڪي چيو.

”پليز يار همٿ ڪر، اٿي دعا گهر ته هلون. مئڊم انتظار ڪندي هوندي.“ حنا حوصلو ڏيندي چيو.

”حوصلو ڪٿان آڻيان!“ تانيه لڙڪ اگهي چيو.

”پليز توهان اسان جي ڪافي هيلپ ڪئي آهي، اسان کي ڊپ ٿو ٿئي. توهان اسان جي لانچ ۾ هلو.“ تانيه پريشان ٿيندي نوجوان کي چيو.

”ٺيڪ آ، پر توهان جي لانچ ۾ گنجائش نه آهي. اسان جي لانچ ۾ صرف اسان ٽي دوست آهيون، جيڪڏهن توهان چاهيو ته اسان جي لانچ ۾ ويهي سگهو ٿيون.

”اوڪي مان ۽ حنا توهان جي لانچ ۾ هلون ٿيون.“ تانيه گهٻرائيندي چيو.

سڀ اچي لانچن ۾ چڙهيون. تانيه ۽ حنا نوجوانن سان گڏ لانچ ۾ چڙهيون.

”توهان ڪٿان کان آيا آهيو.“ نوجوان هن کان پڇيو.

”اسان ڪراچيءَ کان آيا آهيون.“ حنا جواب ڏيندي چيو.

”ڪاليج جون اسٽوڊنٽ آهيو؟“ نوجوان پڇيو.

”جي. مئڊم ۽ ڪجهه ڇوڪرين هلڻ کان انڪار ڪيو، پر اسان کي شوق هو، نوريءَ جي مزار ڏسڻ جو، خبر نه هئي ته هيءُ مسئلو ٿيندو اسان سان.“ حنا چپ ڀڪوڙيندي چيو.

”هت ته ڪافي حادثا ٿيندا آهن. ماڻهو به احتياط ڪن. لانچن ۾ گهڻو لوڊ هئڻ جي ڪري، اڪثر ماڻهو لانچن ۾ چڙهي پاڻيءَ سان کيڏندا آهن. مستي ڪندا نعرا هڻندا آهن، اهو نه سوچيندا آهن ته اسان جي لاپرواهي اسان جي جان به کسي سگهي ٿي. پر توهان جي دوست ڪيئن ڪري.“ ڇوڪري چيو.

تانيه روئي پئي.

”پليز هاڻي نه روئو. خدا توهان جي جان بچائي، توهان کي ته خوش ٿيڻ گهرجي.“ نوجوان کيس حوصلو ڏيندي چيو.

”ها اسان به پنهنجي مستيءَ ۾ هيونسين، پاڻيءَ سان کيڏي رهيون هيونسين. خبر ئي نه پئي ڪنهن مهل تانيه ڪري پئي، زور سان آواز ٿيو، جيڪڏهن توهان نه هجو ها ته...!“

”جيڪر مان نه هجان ها ته ڪوئي ٻيو هجي ها.“ نوجوان وراڻيو.

”توهان پنهنجو نالو نه ٻڌايو.“ حنا مرڪي چيو.

”توهان پڇيو ئي نه. منهنجو نالو سڪندر آهي. هيءُ منهنجا دوست آهن طارق ۽ ارباب. ۽ توهان جو نالو حنا توهان جي دوست جو نالو تانيه.“ مرڪي تانيه ۾ نهاري چيائين.

”جي“ حنا ٽهڪ ڏنو.

هاڻي توهان پنهنجي دوست کي ته کلايو، هوءَ ته گهٻرايل آهي.

”مان هن واقعي کي شايد زندگيءَ ڀر وساري نه سگهان!“ تانيه لڙڪن کي روڪيندي چيو.

”تانيه صاحبه، زندگي آهي ئي مختصر. ڏک سک جيون جو حصو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجون تڪليفون ڏکن کي ياد ڪري هلنداسين ته جيئڻ مشڪل ٿي ويندو. خوشي ويجهو نه ايندي ۽ اهڙو جيون جيئڻ بي معنيٰ، بي مقصد آهي. صرف اذيت آهي. بهتر آهي انهيءَ واقعي کي وساري ڇڏجو، ٺيڪ آ نه.“

”ٿئنڪس سڪندر صاحب. مان توهان جو شڪريو به ادا نه ڪيو. مان ڪوشش ڪنديس ته هن واقعي کي وساري ڇڏيان.“ تانيه همت ڪندي چيو. ”شڪر ٿيو توهان کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. هو ڏسو ڪنارو به نظر اچي پيو.“ سڪندر مرڪي چيو.

ٽئي لانچون ڪناري تي اچي بيٺيون. مئڊم اڳ ڪناري تي بيٺل هئي. ”توهان اچڻ ۾ ڪافي دير ڪئي. مئڊم ناياب حيرت مان تانيه ۽ حنا ڏانهن ڏسندي چيو، جيڪي الڳ لانچ ۾ ڇوڪرن سان گڏ هيون.

تانيه روئڻ لڳي.

”ڇا ٿيو، ڇو ٿي روئين؟ “مئڊم ناياب ۽ ٻين استادن ۽ ڇوڪرين پريشان ٿيندي پڇيو.

مئڊم تانيه کي خدا سائينءَ نئين زندگي ڏني آهي، جيڪڏهن هيءُ نوجوان نه هجي ها اسان ۽ توهان هن ڪنڊيشن ۾ نه هجون ها. پر خدا سائين انسان جي روپ ۾ هن فرشتي کي موڪليو، نه ته... ۽ حنا سڪندر ڏانهن نهاري چيو.

”مون کي فرشتي جو لقب نه ڏيو. مان هڪ انسان آهيان. جيڪڏهن مان نه هجان ها ته ڪوئي ٻيو هجي ها. انسانيت جي ناتي مون توهان جي مدد ڪئي.“ سڪندر اهو چئي ڪار ۾ ويهي وڃڻ لڳو.

حنا مئڊم کي پوري حقيقت ٻڌائي.

”او ماءِ گاڊ!“ مئڊم پريشان ٿي وئي. ”توهان کي مون چيو ته نه وڃو. انڪري مان نه هليس. انهيءَ ڪري نه ته مان ڊڄڻي ۽ بيوقوف آهيان، پر مون کي پاڻيءَ جي گهرائيءَ جي خبر آهي. توهان جو شوق ڏسي خاموش رهيس. مون کي به انهيءَ نوجوان جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي ها، جنهن توهان کي هيڏي پاڻيءَ مان بچايو، نه ته ڪير پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ٻين جي زندگي بچائيندو. واقعي فرشتو هو. تانيه الله جو شڪر ڪر صحيح سلامت هلون پيا. خير هاڻي اچو ته لنچ ڪريون. هاڻي ڪاڏي به نه هلنداسين، سڌو ڪراچيءَ هلنداسين.“ مئڊم سڀني کي لنچ لاءِ اتي وٺي وئي. جتي بس بيٺل هئي.

ماني هوٽل تان آرڊر تي تيار ڪرائي آندائون، ڪجهه ڇوڪريون چادر وڇائي ماني لڳائين ٿيون.

”او ماءِ گاڊ، هيءُ اجرڪ ته سڪندر جو آهي، مون کيس واپس نه ڪيو. هو ته ويو هليو. ڇا سوچيندو، مان کيس ڇو نه ڏنو.“ تانيه پاڻ کي اجرڪ اوڍيل ڏسي چيو.

”تانيه، هل ماني کائون، مئڊم سڏي پئي.“ حنا کيس پريشان ڏسي چيو.

”حنا هيءُ اجرڪ ته مان هن کي واپس نه ڪيو.“

”اڙي يار اهو ڪو مسئلو آهي، اجرڪ واپس نه ٿيو ته ڇا ٿيو، غريب ٿورئي هو، رئيس پئي لڳو. وي آءِ پي ڪار هيس.“ حنا نخرو ڪري چيو.

تانيه اجرڪ لاهي بس ۾ رکيل بيگ ۾ رکيو. لنچ کان پوءِ اچي بس ۾ ويٺيون.

ستين وڳي هنن جي بس ڪراچيءَ پهتي. مئڊم ناياب ۽ حنا تانيه سان هن جي گهر اچن ٿيون، سڀ ٽي وي تي ويٺل هئا.

”اڙي تانيه، جلدي اچي ويون،“ ثانيه خوشيءَ مان چيو.

ارم، مئڊم ناياب ۽ حنا سان هٿ ملائي کين ويهڻ لاءِ چيو. ”ڇا ڳالهه آهي، توهان ڪجهه ڊسٽرب پيا لڳو.“ ارم تانيه ۾ نهاري پڇيو.

تانيه، ارم کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي.

”ڇا ٿيو آهي. تانيه ڇو ٿي روئين.“ شهاب پريشان ٿيندي چيو.

ارم ۽ ثانيه پريشان ٿي ويون.

”رليڪس، پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. مئڊم اٿندي چيو. دراصل ڇوڪرين جو شوق هو نوريءَ جي مزار گهمڻ جو.“ مئڊم پوري حقيقت ٻڌائي ٿي.

”او ماءِ گاڊ. واهه مئڊم، ايترو وڏو مسئلو ٿيو آهي، توهان چئو ٿا پريشانيءَ جي ڪا به ضرورت ناهي. منهنجي نياڻي موت جي منهن مان موٽي آهي.“ شهاب پريشانيءَ مان چيو.

”شهاب صاحب مڃان ٿي پريشانيءَ جي ڳالهه هئي، بلڪ آهي. توهان رليڪس ٿيو، خدا جو شڪر مڃو، آفت آئي پر ناڪام ٿي موٽي وئي. رب اسان تي رحم ڪيو، توهان جي نياڻي صحيح سلامت موٽي آهي.“ مئڊم ناياب چيو.

”توهان ٺيڪ پيا چئو، رب اسان تي احسان ڪيو آهي. مان انهيءَ نوجوان کي ساري عمر دعائون ڏينديس، جنهن اسان جي نياڻيءَ کي ڪينجهر جي پيٽ مان بچايو. خدا کيس سدائين خوش رکي.“ ارم دعا ڏيندي چيو.

”پوءِ هاڻي اسان هلون ٿيون، بس گيٽ تي بيٺل آهي.“ مئڊم حنا موڪلائيندي چيو.

”ٿئنڪس توهان تانيه سان گڏجي آيون.“ ارم شڪريو ادا ڪندي چيو.

مئڊم ناياب ۽ حنا ويون هليون.

”ثانيه ڀيڻ لاءِ کير گرم ڪري اچ.“ ارم چيو.

ثانيه کير جو گلاس ڀري آئي. ارم کيس کير پياري سندس ڪمري ۾ وٺي وئي. ”آرام ڪر پٽ تنهنجي تڪليف مون محسوس ڪئي هئي. اڄ سارو ڏينهن بيچينيءَ ۾ گذاريم. ”ڀيڻ جو خيال رکجان ثانيه. ڀلي آرام ڪري.“ ارم تانيه کي مٺيون ڏيندي پنهنجي بيڊ روم ۾ آئي...

شهاب فائيو اسٽار هوٽل جو مالڪ هو. اڄ هن اعلان ڪيو هو ته هوٽل ۾ اڄوڪو ڏينهن کاڌو مفت آهي. جڏهن ته هن هوٽل ۾ اڪثريت اميرن جي هوندي هئي پر اڄ هر طبقي جو ماڻهو اچي رهيو هو. ڇو ته گيٽ تي پوسٽر لڳل هو. غريبن کي خاص دعوت هئي. ماڻهو سڀ حيران هئا ته سيٺ شهاب هيڏو خير ڇيو ڪيو آهي.

شام جو ٽائيم هو، ارم جي ڀيڻ شائستا ۽ انهيءَ جي ڌيءُ رقيه ۽ پٽ نعمان، تانيه کي پڇڻ آيا هئا. سڀ ڊرائنگ روم ۾ ويٺل هئا. ارم کين ساري حقيقت ٻڌائي رهي هئي.

”اسان تانيه لاءِ آيا آهيون، ڪٿي آهي نظر نه پئي اچي.“ رقيه بيزاريءَ مان چيو.

”ثانيه ڀيڻ کي چئو ته ماسيءَ سان اچي ملي.“

ارم چيو ”جي ممي مون ٻڌايو آهيس.“

ڪم واري مائي چانهه جي ٽري کڻي آئي ثانيه چانهه سڀني کي ڏني.

تانيه ڊرائينگ روم ۾ ايندي، سڀني سان ملي. شائسته کيس پاڻ سان گڏ صوفن تي ويهاريو.

”ڪيئن آهين پٽ طبيعت صحيح آهي.“ شائسته پيار مان چيو.

”جي آنٽي.“

”مون کي فون ڪري ارم ٻڌايو. منهنجي ته جان ئي نڪري وئي. بس نعمان کي چيم. اسان کي هينئر ئي وٺي هل. نعمان به پريشان ٿي ويو. دير ئي ڪانه ڪئيسين.“ شائسته ڪجهه گهڻو ئي چئي وئي.

”ها ادي توهان کان سواءِ اسان جو آهي ئي ڪير، توهان کي فڪر نه ٿيندو ته ڪنهن کي ٿيندو!“ ارم خوش ٿيندي چيو.

تانيه هنن جي گفتگو مان بور ٿي رهي هئي.

ثانيه هن جي بوريت کي محسوس ڪري رهي هئي.

”هاڻي اسان کي هلڻ گهرجي، رقيه جو پيءُ اڪيلو گهر ڇڏي آيا آهيون.“ شائسته واچ ڏسي چيو.

”ادي ائين وري ڪيئن. ڊنر جو ٽائيم آهي، ڊنر ڪري پوءِ وڃجو.“ ارم روڪيندي کين چيو.

”ضد ڪرين ٿي ته پوءِ ڀلا ڊنر ڪريو پوءِ ئي وڃون ٿا.“

ثانيه توهان پاپا کي فون ڪري چئو اسان کي اڄ هوٽل تان ماني موڪلي، منهنجي ڀيڻ ڊنر هت ڪندي.“ مائي جلدي ماني تيار ڪري نه سگهندي.

”ييس ممي. خبر اٿئي آنٽي اڄ پاپا سارو ڏينهن کاڌو مفت ۾ هلايو آهي. تانيه کي الله سائينءَ نئين زندگي ڏني، انهيءَ خوشيءَ ۾ پاپا خير ڪيو.“

ثانيه ڄاڻي واڻي شائسته کي ٻڌايو ته توهان کي به اهو ئي کاڌو ملندو. ثانيه ۽ تانيه اهو نٿي چاهيو ته هي ڊنر لاءِ رُڪجن.

ارم غصي مان ثانيه کي گهوري ڏٺو.

ثانيه هلي وئي.

شائسته رقيه ۽ نعمان ڊنر کان پوءِ موڪلائي هليا ويا.

ثانيه ۽ تانيه پنهنجي بيڊروم ۾ آيون.

”تانيه، آنٽيءَ جو توتي ڏاڍو چاهه آهي، لڳي پيو آنٽيءَ جي نيت ڪجهه خراب آهي.“ ثانيه پنهنجي بيڊ تي ليٽندي چيو.

”ڇا مطلب؟“

”سسٽر صاحبه، ايتري ڀوري به نه آهين، جو نه سمجهين.“ ثانيه نخرو ڪندي چيو.

”سچي مان نه پئي سمجهان.“

”نعمان توکي ڪيئن ٿو لڳي؟“ تانيه چيو.

”بس ٺيڪ ٺاڪ آهي.“ تانيه چيو.

”مطلب پسند اٿئي.“ ثانيه چيو.

”پسند توکي هوندو!“ تانيه چڙ مان چيو.

(هلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com