سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :6

ان کان پوءِ اُتي آيل ماسي زهره دائيءَ کان سوال ڪيا ويا ته اڳ ۾ ٻار ڄمندو هو ته ڄمڻ سان ٻار کي ماکي چٽائبي هئي پر هاڻ ڊاڪٽر ڪا به ستي ڦڪي نه ٿا ڏين. پاڻي به پيارڻ کان منع ٿا ڪن. توهان ٻڌايو ته ٻار لاءِ ڄمڻ کان پوءِ اُهي ماکيون، ستيون ڦڪيون ڏيڻ گهرجن؟ تنهن تي ماسي زهره دائيءَ ٻڌايو ته ٻار کي ماکي چٽائڻ کپي. ٻار کي پيٽ ۾ سور ٿئي ته ان لاءِ ستين کي ڪاڙهي ان جو پاڻي پيارجي. ستين ۾ سونف، ٻير، املداس، آهو ٻير، مٺي ڪاٺي پنير اُهي سڀ شيون پاڻيءَ ۾ ڪاڙهجن ۽ پوءِ پاڻي ٻار کي اڌ چمچو ضرور پيارجي. جيڪڏهن زڪام ٿئي تڏهن به اهو ڪاڙهو ڪاڙهي پيارجي.

ٻار کي سٽَ پوي ته ننڍڙن ڦوٽن کي پيهي ڦوڪا ڏجن، وات ۾ نڪ ۽ ڪن ۾. پيٽ تي برٿي ٿي پوي ته ٽڪيون ڦوٽا پيهي ان جو اڌ چمچو ٻار کي کارائجي.

اکين ۾ ٻار کي آڍڻ وقت مٺي تيل جو ٻڙو وجهجي ته اکيون پاڻي به نه ڪنديون ۽ پچي به نه پونديون.

ان کان پوءِ گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج جي شاگردياڻين کي اسٽيج تي سڏيو ويو، جن شاديءَ جي رسمن ۾ ونواهه جي رسم، مينديءَ جي رسم ۽ ٻڪيءَ جي رسم تي ٽيبلو پيش ڪيو ۽ سهرا پڻ ڳايا.

ونواهه ڏيڻ مهل هيءُ سهرو ڳايو.

اِها ماڙي ته ڏيکاريو جنهن ۾ ڪنوار آهي،

اهو بنگلو ته ڏيکاريو، جنهن ۾ ڪنوار آهي.

ونواهه جي رسم ۾ سڄو ونواهه جو سامان ڏيکاريو ويو جنهن ۾ تيل، چني، اکيو، اکروٽ، ميندي، بادام، پستا، سڪو ميوو، ڦوٽا، پتاشا هئا.

انهيءَ کان پوءِ ڪنوار کي چني پارائي وئي ۽ هيءُ سهرو ڳايو:

”مون ڏي اُماڻي وَرن واري چنري.“

راڻل جي ڪنوار کي ويهاريو ونواهه ۾،

ويهاريو ونواهه ۾، ڇپر هيٺ ڇانوَ ۾.

ان کان پوءِ ستن سهاڳڻين ونواهه جي رسم ادا ڪئي جنهن ۾ انهن تيل ڪنوار جي مٿي تي لڳايو ۽ وارن جي چڳن کي کولڻ مهل هيءُ سهرو ڳايو:

”پنهنجي ڪنوار کي وينڊيون کوليان.“

۽ پوءِ گهوٽيتين جي ستن سهاڳڻين جي منهن تي اکيو رکي پوءِ ڪنوار جي منهن تي پارايو. ۽ مينديءَ جي رسم ادا ڪئي. جنهن ۾ به ستن سهاڳڻين مينديءَ جي رسم ڪئي ۽ پوءِ گهوٽيتين هيءُ سهرا ڳايا.

”هٿين گل ميندي، پيرين گل ميندي،

لال لڱن کي لايو ڙي، منهنجو ڪالهونڪر

ٿو ڪانگ لنوي، منهنجي اڱڻ ٻاروچو آيو ڙي.

***

هٿڙن تي ميندي، پيرن ۾ پايل، ٻانهن ۾ چوڙو پائي آئي آ.

***

وڄ نگارا وڄ، شاهي نوبت وڄي،

منهنجي راڻل جو ادي، سدا دُهل وڄي.

***

اَلي اَلي منهنجا ماروئڙا،

ماروئڙا مٺڙا منهنجا.

***

ڏاڍو ٿو وڻين، اهڙو سڄڻ ڏس ڇو ٿو وڻين،

ڏاڍو ٿو وڻين، ڙي الا ڏاڍو ٿو وڻين.

***

ان کان پوءِ ڪجهه عورتن ۾ ادي فرزانه ۽ ٻين کان ڀرت جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن مختلف نمونا ڀرت جا ڏيکاريا ۽ ٽاڪا پڻ سمجهايا. ٽاڪن ۾ ڪچيءَ سئي، هرمچو، ڪينويز، بلوچي ڀرت هئا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هيءُ ڀرت مون کي پنهنجي ماءُ سيکاريو. ٻي ادي شريفان جنهن پڻ سهڻا ڀرت جا نمونا آندا هئا. پاڻ ٻڌايائين ته هن اسلام آباد ۾ لوڪ ورثي ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ اُتي هن جا ڀرت اِلاهي پسند ڪيا ويا ۽ ڪاروبار به سٺو رهيو.

ٻي ادي گلزادي هئي جنهن جي هٿ ۾ جيڪي ڀرت جا نمونا هئا انهن ۾ ڪوٺڙو، مرچو ٽاڪو ڀريل هو.

ان ٻڌايو ته هڪ قميص کي ٺاهيندي ٻه ٻه مهينا لڳي ويندا آهن. قميص جي ڀرت جي قيمت اٽڪل 1500 تائين به هوندي آهي، جيڪڏهن هلڪي ڊيزائين آهي ته پوءِ ان جا 500 به وٺندا آهيون. ڌاڳن جي ميچنگ پاڻ ڪندا آهيون. هن چلهه تي ڪچهريءَ ۾ جيڪي به عورتون شريڪ هيون اُهي تمام گهڻو دلچسپيءَ سان هنرن جي باري ۾ گفتگو ٻڌي رهيون هيون ۽ ڀرت جا نمونا پڻ ڏسي رهيون هيون. ان کان پوءِ ادي فريده ۽ ادي روشن تبسم رِلين جا نمونا پڻ ڏيکاريا. رِلين جو ٽوپو تمام نفاست سان کنيل هو جنهن کي پڻ سڀني ساراهيو ويو.

ان کان پوءِ ٻيو آئٽم پيش ڪيو ويو جيڪو لوليءَ تي هو. ته ٻار ڪيئن ننڍو ٿي وڏو ٿئي ٿو. گيت جا ٻول هئا:

”مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو،

منهنجي امڙ،

پيار منجهان ٿي گود ويهاريو

خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو.“

ٻارڙي کي سمهاري وري ٻار جي ماءُ ٽوپو ڏيڻ لڳي ۽ وري ڇڄ ۾ ڪجهه چانور ڇنڊڻ لڳي.

آپا اختر جبين، مئڊم قمر جهان مرزا کان سوال ڪيو ته سياري ۾ ڪهڙا کاڌا کائڻ گهرجن يا جيڪي شوق سان کاڌا ويندا آهن.

مئڊم قمر ٻڌايو ته پنهنجي سنڌ ۾ امير کان غريب تائين کاڌا اهي کاڌا وڃن ٿا جن ۾ پلي، سرنهن جو ساڳ، جوئر جي ماني، ٻاجهر جي ماني، اهي سنڌ جو کاڄ آهن. نيرن ۾ ڳڙ ۾ سچي گيهه ۾ بسريون پچائي کاڌيون وينديون آهن. پنجيري پڻ ٺاهي کاڌي ويندي آهي، اِهو به سياري جو کاڌو آهي. اهو ڪنهن ڪنهن خاص ماڻهوءَ کي ٺاهڻ ايندو آهي، جنهن ۾ پنج مغز به وجهجن ٿا ۽ کونئر پڻ وڌو ويندو آهي، پنجيري سڪي ميوي مان ٺهندي آهي.

ان کان پوءِ آپا زينت صديقيءَ کي اسٽيج تي سڏيو ويو، جنهن گيت ٻڌايو:

”ڇو ٿي ڄڻيئي اهڙيون ڌيئر امان،

ڌيئر پرايو ڌڻ اٿئي ڙي امان،

گوڏي تي سمهاري لولي ڏنئي ڙي امان،

لوليون ڏنئي پرديس وڃڻ جون.“

***

”منهنجو پيار نئون تو مومل سان،

منهنجي پريت نئين، منهنجو پيار نئون.“

***

آها... آج ميري من مين سکي بانسري بجائي.

***

زينت صديقيءَ جي نياڻيءَ صائمه آخوند پڻ هيءُ گيت ٻڌايو:

”هر جاءِ پرين، هر محفل ۾،

مون کي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي.“

***

”سهڻل جا سينگار ڏاڍا دل کي وڻن ٿا.“

۽ ان کان پوءِ ائٽم ”علم سوجهرو اسڪول قاسم آباد“ ۽ گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج وارن گڏجي هوجمالو پيش ڪيو ۽ عطيه ٻرڙي پنهنجو غزل پيش ڪيو ۽ سڀني آيل ڀينرن کي رات جي ماني کارائي جنهن ۾ هڪ مڇي تريل، ٻاجهر، جوئر، چانورن جي ماني ۽ پليءَ جو ساڳ هو.

آخر ۾ ڊاڪٽر پروين سڀني آيلن جا ٿورا مڃيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com