سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :2

رپورٽ:ثمينه ميمڻ

سنڌي ادبي بورڊ جي نئين جڙندڙ انتظامي بلاڪ، ميوزيم ۽ ڊسپلي سينٽر جي افتتاحي تقريب

تازو تاريخ 2006/02/15 تي سنڌي ادبي بورڊ جي نئين جڙندڙ انتظامي بلاڪ، ميوزيم ۽ ڊسپلي سينٽر جي پيڙهه جي پٿر رکڻ جي افتتاحي تقريب ٿي، جنهن جي صدارت صوبائي وزير تعليم ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرپرسن مئڊم حميده کهڙو جن ڪئي.

ان کان پوءِ تقريب جو باقاعدي آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ٿيو ۽ اسٽيج تي ويٺل چيئرپرسن سنڌي ادبي بورڊ ڊاڪٽر حميده کهڙو، وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي مظهر الحق صديقي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ بورڊ جي ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين کي روايتي سوکڙيون ۽ گلن جا هار پيش ڪيا ويا. ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري انعام الله شيخ آجياڻي تقرير ڪئي ۽ پنهنجي قيام دوران بورڊ جي ڪارڪردگيءَ تي روشني وڌي. ان کان پوءِ محترم حميد سنڌيءَ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، جنهن بورڊ جي واکاڻ ڪئي ۽ ڪمن کي ساراهيو ۽ چيو ته بورڊ ۾ هميشه ڪم ٿيندا رهيا آهن، هيءُ به هڪ تسلسل آهي. ڪجهه وقت بورڊ جو وهنوار ٺپ هو گرانٽ نه هئڻ سبب، پر هاڻوڪي سنڌ حڪومت ۽ مئڊم حميده کهڙو جي ذاتي دلچسپي هئڻ ڪري بورڊ کي گرانٽ ملي آهي ۽ ڪم وري ٿيڻ لڳا آهن.

بورڊ جي ميمبر پروفيسر فهميده حسين چيو ته آءٌ مبارڪباد ڏيان ٿي بورڊ جي سيڪريٽري انعام شيخ کي جنهن مختصر عرصي ۾ بورڊ کي خرابين کان پاڪ ڪيو. ڪجهه وقت گرانٽ نه ملڻ سبب ڪم بيهجي ويو هو، جيڪو هاڻ سنڌ گورنمينٽ جي ڪوششن سان ۽ مئڊم حميده کهڙو جي ذاتي دلچسپي هئڻ سبب بورڊ جو ڪم جاري ساري ڪيو ويو آهي ۽ بورڊ جي سيڪريٽري وڏي اتساهه سان اداري کي سنڀاليو آهي ۽ وڌيڪ چيو ته سرتيون رسالي جي معاملي تي ميمبر هئڻ جي ناتي پبليڪيشن سان وابسته هئڻ سبب اهو چونديس ته ڪمپيوٽر جون غلطيون ٿي وينديون آهن، جنهن کي نظرچڪ سمجهي رفع دفع ڪيو وڃي. ان کان پوءِ دانشور ڊاڪٽر غلام علي الانا کي ڳالهائڻ لاءِ دعوت ڏني وئي، جنهن چيو ته ادبي بورڊ هڪ وڏو سفر آهي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان اڄوڪي هن محفل ۾ اچڻ کان پوءِ مان 1946ع ۾ هليو ويو آهيان. اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ هن جي آفيس هئي. غلام رباني، سراج ميمڻ ۽ ٻيا ويهندا هئا، پوءِ ڪراچيءَ مان حيدرآباد ۾ آفيس قائم ٿي. مخدوم صاحب جڏهن چيئرمن هو ته ”امين منزل، ۾ ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون. ادبي بورڊ ۾ جيڪڏهن ابراهيم جويو، ايوب کهڙو ۽ طالب الموليٰ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙا ماڻهو نه هجن ها ته ايڏو ڪم نه ٿئي ها. سيد حسام الدين راشديءَ جو بورڊ لاءِ وڏو حصو رهيو آهي. موجوده دور ۾ ارباب صاحب جهڙو علم دوست چيف منسٽر آهي. جنهن گرانٽ جي سلسلي ۾ کلي اجازت ڏني آهي. حميده کهڙو، ايوب کهڙو جي ڌيءُ آهي، نيڪ تمنائن سان انهن کي ۽ انعام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ميمبر به سٺا آهن. ادبي بورڊ غريب اديبن لاءِ فنڊ قائم ڪيو آهي، اها پهرين ڪوشش هن اداري ڪئي آهي. ادبي ڪتابن تي اَوارڊ پڻ سنڌي ادبي بورڊ کي ڏيڻ کپن.

ان کان پوءِ وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي مظهرالحق صديقيءَ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي همت افزائي ڪرڻ کپي. هيءَ محنت لاجواب آهي. هي بورڊ جا ورڪر جيڪي عظيم ملازم آهن، جيڪي ادب جي خدمت ڪن ٿا، ۽ وڌيڪ چيائين ته اديبن جي فند جو قيام تمام سٺي ڳالهه آهي، سنڌ جا اديب Contribute ڪندا ته برڪت پوندي. ان کان پوءِ ڏاهي، اديب ۽ دانشور ابراهيم جويي صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ادبي بورڊ جون ڳالهيون ڪجن ته داستان لکي سگهجن ٿا. مون کي ادبي بورڊ ۾ خدمت جو موقعو مليو، 10 سال سيڪريٽري طور پگهاردار جي صورت ۾ ۽ پنج سال اعزازي طور ڪم ڪيو. ڪل 35 سال نوڪري ڪئي آهي، 15 سال ادبي بورڊ کي ڏنا آهن، جيڪو مون کان پڳو آهي. مون کان اڳ ادبي بورڊ جي سڪار ۽ ڏڪار جون ڳالهيون پيش ڪيون ويون آهن. ادبي بورڊ کي ڪم ڪرڻو آهي، جيستائين سنڌ آهي، سنڌي ٻولي آهي.

اسان کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته پنهنجي ٻوليءَ جي تعليم جي بقا لاءِ سوچڻو آهي، پرائمري کان يونيورسٽيءَ تائين ٻوليءَ کي سڌارڻو آهي. اسين خوشنصيب آهيون جو سنڌي ادبي بورڊ کي مئڊم حميده کهڙو پنهنجي ذاتي دلچسپي وٺي هن اداري لاءِ گرانٽ منظور ڪرائي آهي.

ان کان پوءِ اسڪالر، دانشور، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب کي دعوت ڏني وئي، جنهن پنهنجن خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو ته پنهنجي تجربي جي بنياد تي چوان ٿو، اڳتي جيڪو ڪم ڪرڻو آهي ان کان به اڃا اڳتي لاءِ سوچجي. رڳو تعريفون ڪنداسين ته ڪم نه ٿيندو. انعام سٺو ڪم ڪيو آهي. ڀيڻ حميده کهڙو جيڪا وزير آهي، جنهن جي ڪوشش سان گرانٽ ملي آهي. اديب جيڪي لکن ٿا، انهن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ کپي، ريسرچ ڪرڻ کپي، جيڪو به ڪم ڪجي ان کان به وڌيڪ ڪم ڪجي، احسان ڪجي ٿورو ڪجي، قدم اڳيان وڌائڻو آهي. انشاءَ الله واڌارا ايندا رهندا، سڌارا ايندا رهندا.

 

آخر ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرپرسن مئڊم حميده کهڙو کي سڏيو ويو ته اچي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪن. ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه چيو ته آءٌ سڀني آيلن جي شڪرگذار آهيان. ادبي بورڊ جي وڏي حيثيت آهي. اسان جي گهرن جي لانن تي ميٽنگس ٿينديون هيون، مون کي ياد آهي ته منهنجو والد صاحب، حسام الدين راشدي ۽ سائين جي ايم سيد هوندا هئا، جيڪي هڪٻئي سان صلاحون ڪندا هئا. مون هڪ ڳالهه تڏهن نوٽ ڪئي اها هيءَ ته سنڌ جو ادب گم ٿيل آهي، جيڪو عام ماڻهن کي نه پئي مليو. ادبي بورڊ جو ڪارنامو آهي، جن ايڊٽ ڪرايو، شايع ڪرايو. ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“، ”لوڪ ادب“، ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“. لائبرريون اهڙن ڪتابن سان ڀريون پيون آهن. جڏهن مان هن بورڊ جي ميمبر هئس ته ڪم ختم ٿي چڪو هو. ملازم گهڻا هئا، ڪيئن ڪجي، ڇا ڪجي اهي بحث ٿيندا هئا، پئسو نه هو، ڪمن تي اثر پيو.

هاڻوڪي سنڌ حڪومت کي سنڌ جو خيال آهي، حڪومت ايتري خودمختيار ناهي، جهڙي ريت سنڌي ادبي بورڊ خودمختيار آهي. بورڊ جي ترقيءَ لاءِ اٺ ڪروڙ گرانٽ ڏني وئي آهي. بورڊ لاءِ اسان اسڪيم جوڙي آهي. جيئن پهرين اسڪيم تحت ئي ڪم ٿيا آهن.

سنڌ يونيورسٽيءَ کي ريسرچ جو ڪم ڏجي، شاگرد آهن، سهولت آهي، ڪتابن لاءِ نئين ريسرچ ڪن ٿا.

ڪتاب لکڻا آهن، سلسلو جاري رکڻو آهي. تعاون به ڪرڻو آهي. سڀ ادارا گڏجي ڪم ڪن. سنڌي ڊڪشنريون لکڻيون آهن، نوجوان نسل ۾ اسپرٽ آهي. دنيا جو شعور آهي، هن کوهه مان نڪرڻو آهي، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيا ادارا سڀ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. اسين نه ٿا چاهيون ته تحقيق جو ڪم لئنگئيج اٿارٽي ڪري. اهو ڪم ادبي بورڊ کي ڪرڻ کپي. اَيوارڊ ليکڪن کي ملڻ کپي. ساليانه اَيوارڊ اسان ڏينداسين، گرانٽ کي 10 ملين تائين آڻينداسين.

سنڌي ادبي بورڊ کي ڪراچيءَ ۾ ڪتابن جي نمائش ضرور ڪرائڻ کپي. ضرورتمند ليکڪن لاءِ فنڊ قائم ڪيو آهي. سنڌي رائيٽرس کي ڪتابن تي اڌ قيمت جي رعايت ڏني ويندي.

ورلڊ ڪلاسڪ کي چونڊڻو پوندو. ويجهڙائيءَ ۾ مهراڻ رسالي جي گولڊن جوبلي ملهائي ويندي. ملازمن لاءِ رهائش جي ڪالونيءَ لاءِ پڻ ويچار ڪيو پيو وڃي.

آخر ۾ ووٽ آف ٿئنڪس لاءِ بورڊ جي ميمبر منصور قادر جوڻيجي کي سڏيو ويو جنهن ٻڌايو ته مون مئڊم حميده کهڙو صاحبه جي رهبري ۽ رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪيو آهي. جڏهن انهن کي منسٽري ملي ته مون کي سنڌي ادبي بورڊ لاءِ خاص هدايت ڪيائين ۽ چيائين ته ڏس بورڊ ڪهڙي حال ۾ آهي، ڇو ته هيءَ اسان جي وڏڙن جي نشاني آهي. آخر ۾ آءٌ توهان سڀني آيلن جا ٿورا مڃان ٿو، جن هتي اچي اسان کي مانُ ڏنو ۽ هن پروگرام جي آخر ۾ ريفريشمنٽ ڪرائي وئي ۽ ائين پروگرام پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com