سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري 2006ع

 

صفحو :6

بس پوءِ صبح جو روز جاويد کان ٻه ٽي اخبارون وٺندو هو ۽ شام جو وري گجرا ۽ گل وٺندو هو. شيدو به کيس عزت ڏيندو هو ۽ هن جي ڪار کي ڏسي ڊوڙي هن وٽ اچي پهچندو هو. اهڙيءَ طرح هنن ٻنهي وچ ۾ هڪ عجيب تعلق ۽ رشتو قائم ٿي ويو..... هڪ مسافر ۽ راهگذر جو رشتو، هڪ گراهڪ ۽ دڪاندار جو رشتو ۽ هڪ دوست ۽ سنگتيءَ جو رشتو.

اوچتو انهن رشتن ۽ معمول جي زندگيءَ ۾ رخنو پئجي ويو.... جڏهن جاويد کي شيدو مسلسل هفتو کن نظر آيو.... هن کي نه ڏسي جاويد پريشان ٿي ويو. هن محسوس ڪيو ته ڄڻ هن جي معمول جي زندگيءَ مان ڪا شيءِ کٽي پئي هجي. جڏهن به هن جي گاڏي سگنل تي اچي بيهندي هئي ته هن جون اکيون روڊ تي بيٺل گاڏين جي وچ ۾ گهمندڙ فقيرن، هاڪرن ۽ شيشا صاف ڪندڙن کي ڏسنديون رهنديون هيون، انهيءَ تلاش ۾ ته ڪٿي انهن مان ڪو شِيدو ته نه آهي..... پر مسلسل هڪ هفتي تائين شِيدو هن کي نظر نه آيو..... هن کي شِيدي کي نه ڏسي هڪ عجيب مايوسي ٿيندي هئي.... دل ئي دل ۾ خواهش ڪندو هو ته اڄ سِگنل کليل هجي ته هن کي اتي بيهڻو نه پئي. سِگنل کليل هوندو هو ته سڪون سان گذري ويندو هو... سِگنل بند هجڻ ڪري بيهڻو پوندو هوس ته بي چين ٿي ويندو هو. هن ڪوشش ڪئي هئي ته هو شِيدي کي وساري ڇڏي، پر وساري نه سگهيو هوس. هو نه چاهيندي به سِگنل تي بيهڻ وقت هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندو رهندو هو.

هڪ ڏينهن ائين واجهائيندي پريان فٽ پاٿ تي هن کي شِيدو ويٺل حالت ۾ مليو. فٽ پاٿ تي هڪ ميرو ڪپڙو وڇايل هو، جنهن تي شِيدو ويٺو هو..... هو خاموشيءَ سان ويٺو هو....بس هڪ آڱر مٿي کنيو ماڻهن کان خيرات گهري رهيو هو. بيٺل گاڏين مان ڪجهه ماڻهن کيس ڪجهه سڪا اڇلائي ڏنا هئا، جن مان ڪجهه هن جي وڇايل ڪپڙي تي ڪريا هئا ته ڪي وري فٽ پاٿ تي، جيڪي کڻي هو ڪپڙي تي رکي رهيو هو. گهڻو چُري پُري نه پئي سگهيو، ڇو ته هن کي ٽنگ ۾ ڪو زخم هو ۽ کيس پٽيون ٻڌل هيون.... شيدي جي چهري تي اڳي کان وڌيڪ مايوسي، ڏک، پيڙا ۽ ٿڪاوٽ هئي، جنهن کي محسوس ڪندي جاويد کي وڏو صدمو رسيو. هن سائيڊ تي ڪار بيهاري شيدي سان حال احوال ڪرڻ چاهيا، پر سگنل کلي وڃڻ سبب پٺيان بيٺل گاڏين جي هارنن هن کي گاڏي بيهارڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ هو نه چاهيندي به گاڏيءَ کي اسپيڊ ڏئي اڳيان وڌي ويو.... اهو سمورو ڏينهن هو ڪورٽ ۾ بي چين رهيو. گهر موٽي آيو ته به مسلسل ڪنهن گهري سوچ ۾ هو.... بار بار شيدي کي ائين پنندي ڏسڻ وارو تصور ذهن ۾ اچڻ تي هو اداس پئي ٿي ويو.

ٻئي ڏينهن، پنهنجي معمول واري وقت کان ڪجهه وقت اڳ هو گهران نڪتو. شون چورنگيءَ سان لڳو لڳ ڪلفٽن سينٽر جي پاسي ۾ ڪار کي پارڪ ڪري، گاڏيءَ مان لهي پنڌ ئي پنڌ جاويد شون چورنگيءَ جي انهيءَ فٽ پاٿ تي ويو جتي ڪالهه هن کي شيدو پنندي مليو هو. ڀرسان پهچي جاويد شيدي کي سڏ ڪيو.... ”شاهد!“ پر شيدي هن ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏنو. يا ته هن گاڏين جي آواز ۾ سڏ نه ٻڌو هو، يا وري ڄاڻي واڻي جاويد کي نظر انداز ڪري رهيو هو. وري هن ٻيو سڏ ڪيس ”شاهد!“ پر شيدي وري به توجهه نه ڏنو.... ٿورڙو ڏاڍيان وري جاويد سڏ ڪيس، ”شيدا....!“ شيدا لفظ ٻڌي شِيدي يڪدم هن ڏي توجهه ڏنو. شايد هن کي ڪو شاهد جي نالي سان سڏيندو ئي ڪونه هو. شيدي ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ۽ هن جاويد کي ڏٺو ته مرڪ هن جي چهري تي چمڪي پئي.

”صاحب تون.....“ شِيدي اٿڻ جي ڪئي، پر ٽنگ ۾ زخم هجڻ سبب اٿي نه سگهيو.... جاويد کيس ويهڻ جو اشارو ڪندي چيو....

”ڇا ٿيو شيدا..... هي ڇاجو ڌڪ لڳو اٿئي؟“

”بس صاحب.... رات جو گجرا کپائي رهيو هوس ته ڪو ماڻهو گجرا وٺي بنان پيسا ڏيڻ جي وڃڻ لڳو ته سندس گاڏيءَ جي پٺيان ڊوڙي رهيو هوس ته هڪ شرابيءَ تيز گاڏي اچي مون کي هنئي.... بس ٽنگ ڀڄي پئي....“ شيدو مايوس ٿي ويو. هن جي مرڪ جو چنڊ مايوسيءَ جي ڪنهن گهاٽي ڪڪر ۾ لڪي ويو....

”يار اهو ته ڏاڍو خراب ٿيو...پوءِ هاڻي...“

”صاحب ٺيڪيدار صاحب ڊاڪٽر ڏي وٺي ويو هو.... ٽنگ جو علاج ڪرايو آهي.... ڊاڪٽر چيو آهي.... ٽنگ ڪجهه ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندي....“ شيدي جي چهري تي آس جي چنڊ جو ڪو ڪنارو نروار ٿي بيٺو.

”پوءِ...... اخبارون..... گجرا....“

”بس صاحب اهي هاڻي کپائي نه ٿو سگهان نه.... ٺيڪيدار وري ٻئي ٺيڪيدار جي حوالي ڪيو آهي..... اهو صبح جو هتي ڇڏي ويندو آهي ۽ رات جو وٺي ويندو آهي.... بس گذر سفر ٿئي پيو.“ شيدي سڪن ڏانهن اشارو ڪيو..... اکين ۾ لهي آيل ڳوڙهن کي جاويد کان لڪائڻ لاءِ هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.... جاويد به هن جي بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ کي ڏسي پنهنجي اکين کي ڳوڙهن سان آلو ۽ نڙيءَ کي خشڪ ٿيندي محسوس ڪيو.....

هن نڙيءَ کي ڳيت ڏئي آلو ڪندي چيو ته ”شيدا! منهنجي ڪنهن مدد جي ضرورت هجي ته ٻڌائجان؟“

”نه صاحب! توهان جي مهرباني....“

”وري به..... ڪجهه پيسا کپن.....“

”نه صاحب... ضرورت پئي ته چوندس...“

جاويد شيدي کي مٿي تي هٿ رکي هن کان موڪلايو ۽ بنان پوئتي نهارڻ جي پنهنجي ڳوڙهن کي اکين ۾ ڇلڪائيندي پنهنجي گاڏيءَ جو رُخ ڪيو.

اها رات هو سمهي نه سگهيو... دل ۾ هڪ آنڌ مانڌ هوس. هو شيدي کي اخبارون ۽ گجرا کپائيندي نه ڏسي سگهندو هو. هن کي پنندي ڪيئن پئي ڏسي سگهيو! شيدو جيڪو پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ ۾ ويساهه رکندڙ هو ۽ خيرات ۽ خرچي نه وٺندو هو، اڄ پني رهيو هو..... اها ڳالهه کيس ڌونڌاڙي رهي هئي.... سندس رات لڇندي پڇندي گذري.

صبح جو هن فيصلو ڪري ورتو ته هو شيدي کي ائين پنڻ نه ڏيندو..... هن فيصلو ڪري ورتو ته هو شيدي کي ايڊاپٽ ڪندو، هن کي پنهنجي گهر وٺي وڃي رهائيندو. کيس پنهنجي ٻارن جيان نپائيندو ۽ سندس ٽنگ جو علاج ڪرائي، هن سماج ۾ هڪ نارمل ماڻهوءَ جي حيثيت سان زندگي گذارڻ جو موقعو ڏيندو. هن پنهنجي انهيءَ فيصلي بابت پنهنجي زال مسز نرگس جاويد سان به ڪا صلاح نه ڪئي، ڇو ته هن کي پڪ هئي ته سندس زال به انهيءَ فيصلي کي ساراهيندي ۽ هن جي نيڪ ڪم ۾ ساٿ ڏيندي، ڇاڪاڻ ته نرگس هيومن رائيٽس ڪميشن جي ٻارن واري چيپٽر جي صدر هئي ۽ سندس اها ٿيوري هئي ته جيڪڏهن سڀ سَرنديءَ وارا هڪ هڪ لاوارث ٻار ايڊاپٽ ڪن ته شايد دنيا مان غربت جو خاتمو اچي وڃي. اهو سوچي هن پنهنجي زال سان انهيءَ فيصلي بابت صلاح مشورو ڪرڻ مناسب نه سمجهيو..... ٻي ڳالهه ته هن پنهنجي زال کي انهيءَ سٺي ڪم ڪرڻ جي سرپرائيز ڏيڻ پئي چاهي!

شام جو جڏهن ڪورٽ کان واندو ٿيو ته گاڏي سائيڊ تي پارڪ ڪري روڊ ڪراس ڪري شيدي وٽ وڃي پهتو جيڪو اڃا ساڳي حالت ۾ پني رهيو هو. شيدي جيئن ئي جاويد کي ڏٺو ته خوش ٿيڻ لڳو. جاويد هن وٽ وڃي کيس چيو:

”شيدا..... پُٽ اُٿ..... مان توکي وٺڻ آيو آهيان....“

”مون کي وٺڻ آيا آهيو.... ڪيڏانهن.....؟؟“ شيدو حيران ٿي ويو.

”مان توکي پنهنجي گهر وٺي هلندس.....“

”پر سائين....“

”پر ٻر ڪجهه نه..... بس اٿ ۽ مون سان هل.....“

شيدو وائڙو ٿي هن ڏانهن ڏسندو رهيو.... وري سڪن ڏانهن ڏسڻ لڳو..... هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي رهي هئي....

”بس اٿ پُٽ.... تون اڄ کان پوءِ منهنجو پُٽ آهين....“ جاويد سهارو ڏئي شيدي کي اٿاريو.... هو ميرو ڪپڙو ۽ انهيءَ جي ڀرسان رکيل هڪ دٻي ۽ سڪا کڻڻ لڳو ته جاويد چيس.... ”ڇڏ انهن کي..... هاڻي انهن جي ڪابه ضرورت ناهي....“

”پر صاحب منهنجي ٺيڪيدار کي خبر پئي ته.....“

”ڪجهه نه ڪندو..... مان انهيءَ کي توکي پِنرائڻ جي ڏوهه ۾ جيل موڪلي ڇڏيندس.“

”پر صاحب هي ته کڻان.....“ شيدي هڪ دٻيءَ ڏانهن اشارو ڪيو.... ”اها ڇا آهي.... تنهنجي دوا....؟؟“ جاويد پڇيو.

”نه صاحب دوا ناهي.... انهيءَ ۾ بونڊ آهي...؟“

”بونڊ....؟؟“ جاويد حيران ٿي پڇيو.....

”ها صاحب بونڊ آهي.... جڏهن منهنجي ٽنگ جو سور وڌي ويندو آهي ۽ پريشانيون کائڻ لڳنديون آهن ته مان انهيءَ کي سنگهي، سڪون محسوس ڪندو آهيان....“

”تون بونڊ سنگهڻ جو نشو ڪندو آهين....“ جاويد بيهي رهيو....

”ها صاحب..... ٽنگ ڀڄڻ کان پوءِ انهيءَ جو سهارو ضروري سمجهيم.....“

”اها دٻي نه کڻ... توکي انهيءَ جي ضرورت نه پوندي..... مان تنهنجو علاج ڪرائيندس..... اٿ هل ته گهر هلون......“ جاويد شيدي کي سهارو ڏيندو روڊ ڪراس ڪرائيندو ڪار وٽ اچي انهيءَ جو در کولي شيدي کي ويهاري گهر وٺي آيو.

هن سوچيو هو ته شيدي کي گهر آڻڻ تي هن جي زال ڏاڍو خوش ٿيندي ۽ هن جي انهيءَ ڪم کي ساراهيندي. پر ائين نه ٿيو! شيدي، جي آڻڻ تي هن ناراضگيءَ جو کليل اظهار ته نه ڪيو پر هن جيڪي سوال جاويد کان ڪيا، انهن جاويد کي مايوس ڪيو.

”هي اسان جي گهر ۾ڪيئن ايڊجسٽ ڪري سگهندو؟“ زال پڇيو.

”پاڻهي ڪري ويندو.... ڪجهه ڏينهن ۾ ايڊجسٽ ٿي ويندو....“

”پر هي رهندو ڪٿي؟؟“

”گهر ۾.......“

”منهنجو مطلب آهي ڪهڙي ڪمري ۾؟“

”ٻارن جي ڪمري ۾.....“

”ٻار هن کي برداشت نه ڪندا.....“

”ته پوءِ مهمانن جي ڪمري ۾.....“

”مهمانن جي ڪمري کي مشڪل سان ته ايڏو سٺو ڊيڪوريٽ ڪيو آهي.... هي اتي..... منهنجو مطلب آهي ڇو نه اسان هن کي سرونٽ ڪوارٽر جي انيڪسي ۾ هڪ ڪمرو ڏيون....“

”پر اسان هن کي ايڊاپٽ ڪيو آهي.... تون ئي ته چوندي آهين ته هر امير ماڻهو جيڪڏهن هڪ لاوارث ٻار ايڊاپٽ ڪري ته دنيا مان غربت ختم ٿي وڃي....“ جاويد هن کي رضامند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هو، ”جيڪڏهن ايڊاپٽ ڪيو آهي ته پوءِ اسان جو اولاد ٿيو نه..... انهيءَ کي پوءِ نوڪرن سان گڏ ڪيئن رهائينداسين.....“

”ها پر جاويد اٽ از ڊسگسٽنگ..... مهمان اچي ويا ته اهي ڪٿي ترسندا.... سرونٽ ڪوارٽرس جي انيڪسي ۾....“ نرگس طنز ڪندي، پڇيو هو.... جاويد به هن کي
في الحال
Convince ڪندي چيو. ”مهمان آيا ته پوءِ هو سرونٽ ڪوارٽر جي انيڪسي ۾ هليو ويندو.... ٺيڪ آهي....“

جاويد هڪ وڏي آرٿوپيڊڪ ڊاڪٽر وٽ شيدي جو علاج ڪرايو جنهن خبر ناهي ڪيتريون ٽيسٽون ۽ ايڪسريز ڪرڻ کان پوءِ جاويد کي ٻڌايو هو....

”هن جي سموري ٽنگ Crippled ٿي چڪي آهي.... انهيءَ کي ڪابه بون سرجري ٺيڪ ڪري نه ٿي سگهي..... مون کي ته ڊپ آهي.... اڳتي هلي هن کي گينگرين نه ٿي پوي..... جيڪا هن جي سموري جسم کي مفلوج بڻائي سگهي ٿي.“ جاويد پريشان ٿي ويو هو.

”ڊاڪٽر صاحب ڪو علاج ڳولهي لهو..... جيترو خرچ ٿيو مان ڀريندس.....“

”ڪوشش ڪريون ٿا......“

شيدو آهستي آهستي گهر ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ لڳو. ٻار هن سان گهٽ ڳالهائيندا هئا..... جاويد شام جو اڪثر ساڻس ملندو هو. مسز نرگس مهمانن جي سامهون، شيدي سان ڳالهائيندي هئي، نه ته کيس پري پري رکڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.... شيدو هاڻي شاهد هو....کيس ڪوبه شيدو نه ڪوٺيندو هو. گهر وارا ٻاهر ويندا هئا ته هن کي وٺي ويندا هئا. هو جاويد کي پَپا ۽ نرگس کي مَما سڏيندو هو. هنن جي ٻارن وانگر. هو گهوڙين تي هلڻ لڳو هو.... ڪڏهن ڪٿي ماڻهو هنن کي ڏسي راءِ ڏيندا هئا. ”هي هنن جو پٽ ته نه ٿو لڳي.....!“ ڪو چوندو هو، ”نوڪر هوندن.“ ته وري ڪو پنهنجو خيال ڏيکاريندو هو، ”معذور ماڻهوءَ کي نوڪر ڪيئن رکندا....“ شيدو عرف شاهد اهي ڪمينٽس ٻُڌي ٻُڌي پريشان ٿي ويندو هو....

ڪجهه ڏينهن جي علاج کان پوءِ ڊاڪٽر مسٽر جاويد کي ٻڌايو ته، ”وڏي ڪوشش ڪئي آهي، پر علاج ڪامياب نه ويو آهي، ڦٽ ڏينهون ڏينهن وڌندا ٿا وڃن.... بهتر آهي ته هن جي ٽنگ پاڙ کان ڪٽي ڇڏيون،... نه ته گينگرين سڄي جسم ۾ ڦهلڻ جو خطرو آهي....“

”جيڪڏهن ٽنگ ڪٽجي ته ڇا مصنوعي ٽنگ لڳي ويندي.....“ جاويد اڃا همت نه هاري هئي..... هو بس شاهد کي ٺيڪ ڏسڻ پيو چاهي.

”نه...“ ڊاڪٽر مايوسي ڏيکاريندي چيو، ”ٽنگ جيئن ته بلڪل پاڙ مان يعني اسڪيلٽن جي بئڪ بون وٽان ڪٽبي انهيءَ ڪري هن کي آرٽيفيشل ليگ به نه لڳي سگهندي.... هن کي سڄي عمر گهوڙين تي هلڻو پوندو....“ ڊاڪٽر پنهنجي آخري راءِ ڏني هئي.....

پوءِ آخر طيءِ اهو ٿيو ته شاهد جي ٽنگ ڪپي ويندي. جاويد ڏاڍي پيار سان شاهد کي آماده ڪيو هو. شاهد روئندي کيس چيو هو..... ”پَپا هيءَ ته هڪ ٽنگ آهي.... مان توهان تي پنهنجي سموري زندگي ۽ جان قربان ڪري سگهان ٿو.“ تڪليفن ۽ ڏکن شاهد کي پنهنجي عمر کان وڌيڪ سنجيدو ۽ سياڻو بڻائي ڇڏيو هو.

۽ نيٺ شاهد جي ٽنگ ڪاٽي وئي.... ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هو گهر منتقل ٿي ويو.... سندس چُرڻ پُرڻ محدود هو.... گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ گهوڙين جي سهاري سان ويندو هو. نوڪرن مان هڪ نوڪر هن جي سار سنڀال لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. ٻار ڪڏهن ڪڏهن هن سان ڳالهائيندا هئا، نرگس مڙس جي مرضيءَ اڳيان بيوس هئي، انهيءَ ڪري خاموش رهندي هئي.... جاويد شاهد جي درد کان واقف هو، اهو سوچي مطمئن رهندو هو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوددار ٻار پنڻ کان ته بچي ويو! جڏهن شاهد ٻارن جي سامهون جاويد ۽ نرگس کي پَپا ۽ مَما چوندو هو ته هنن کي جيلسي ٿيندي هئي.... هو پنهنجي پيءُ ماءُ کي پنهنجي منهن شڪايت ڪندي چوندا هئا، ”پَپا! اسان جا فرينڊس اسان تي ٽوڪون ڪندا آهن ته اهو Strange ڇوڪرو توهان جو ڀاءُ ڪيئن بڻيو آهي.... پليز هن کي منع ڪيو ته هو توهان کي پَپا ۽ مَما نه چوي.....“

پوءِ طيءِ اهو ٿيو ته شاهد جاويد ۽ نرگس کي ٻارن ۽ مهمانن جي سامهون پَپا ۽ مَما نه پر صاحب ۽ بيگم صاحبه چوندو. شاهد ائين ڪرڻ لاءِ راضي ته ضرور ٿيو پر هن کي دل ئي دل ۾ ڏاڍو افسوس ٿيو هو!

هڪ ڏينهن گهر ۾ جاويد جا ڪجهه دوست آيا. انهن مان هڪ ريمارڪس ڏنا، ”جاويد ڏي خبر! تنهنجو اهو لاڏلو ڪٿي آهي.... جيڪو تنهنجي نوڪر ٿيڻ جي به قابل ناهي پر تو هن لاءِ خاص نوڪر مقرر ڪيو آهي.“ جاويد انهيءَ دوست کي اهڙا ريمارڪس ڏيڻ تي ٽوڪيو ته هو، پر شاهد جي دل ڄڻ ٽٽي پئي هئي....

وري هڪ ڀيري نرگس جي هڪ سهيليءَ شاهد جي سامهون نرگس کي صلاح ڏني هئي..... ”نرگس هن ڇوڪري کان ته توهان ڪنهن Pet کي پاليو ها..... I mean ڪو Hush Puppy يا وري ڪا Afghani Cat وغيره.... گهٽ ۾ گهٽ توهان جي Asthetic Sense جي ته خبر پوي ها....“

شاهد وڏن ماڻهن سان رهندي رهندي اهو سکي ورتو هو ته Hush Puppy ۽ Afghani Cat ڇا ٿيندا آهن. بس پوءِ هن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو هو ته هو هي گهر ڇڏي ويندو.... پر هن اهو ضروري سمجهيو ته جاويد کان هو هڪ ڀيرو موڪل وٺي هليو ويندو.

جاويد به ڪافي ڏينهن کان محسوس ڪيو هو ته هن جي زال ۽ ٻار شاهد جي گهر اچڻ تي خوش ناهن. بس هو هن کي چئي نه پئي سگهيا، باقي هنن جي ادا ڪيل جملن ۽ چهري جي تاثرات مان سمجهي ويو هو ته هن جي زال ۽ ٻار شاهد کي گهر ۾ وڌيڪ برداشت نه ٿا ڪري سگهن. جاويد پاڻ شاهد کي گهران ڪڍڻ به نه پئي چاهيو، انهي ڪري خاموش هو. هڪ ڏينهن جڏهن شام جو جاويد شاهد سان ملڻ هن جي ڪمري ۾ ويو ته شاهد هن کي نويڪلائيءَ ۾ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ پَپا جي بدران صاحب ڪري ڪوٺيو هو ۽ کيس چيو هو ”توهان جيڪڏهن مون کي اجازت ڏيو ته مان هي گهر ڇڏي هليو وڃان......“

ڇو......؟“ جاويد رسمي طرح پڇيو هو...

”بس هاڻي هتي منهنجو رهڻ ٺهي نه ٿو.....“

”ڪيڏانهن ويندين...؟؟“

”جتان آيو هوس.... فٽ پاٿ تان.....“

”پر هاڻي توکي ڇڏڻ.....“

”نه صاحب! توهان جي مهرباني..... توهان مون کي پنهنجي گهر ۾ رهايو..... منهنجو علاج ڪرايو... بس مان هاڻي وڃڻ ٿو چاهيان..... مان چاهيان ها ته توهان کان بنان موڪلائڻ جي به وڃي پئي سگهيم، پر ائين ڪرڻ مون مناسب نه سمجهيو..... بس مون کي توهان اجازت ڏيو.....“

”ٺيڪ آهي.....“ جاويد جواب ڏنو.

پوءِ ٻئي ڏينهن شاهد صبح جو تيار ٿي نرگس ۽ ٻارن کان موڪلايو. موڪلائڻ مهل نرگس ۽ ٻار چهري مان اداس ضرور پئي لڳا، پر دل ۾ هو خوش ٿي رهيا هئا..... پنهنجي انتهائي مختصر سامان ۽ گهوڙين سان شاهد جاويد سان گڏ ڪار ۾ اچي ويٺو.

ڪار مختلف رستن تان ٿيندي اچي شون چورنگيءَ جي پسگردائيءَ ۾ پهتي ته جاويد شاهد کان پڇيو،

”شاهد توکي ڪٿي لاهيان؟“

”شون چورنگي تي صاحب!“

”پر اتي ته هاڻي انڊر پاس ٺهي ويو آهي..... تون اتي لهي ڇا ڪندين؟؟“

”ها صاحب واقعي اتي لهي ڇا ڪندس. توهان سان گڏ جڏهن بوٽ بيسن تي گهمڻ هليو هوس ته ڏٺو هوم هڪ رستي واريون گاڏيون بنان بريڪ لڳائڻ جي سرنگهه مان گذري وڃي رهيو هيون ته ٻئي پاسي واريون گاڏيون سرنگهه جي مٿان تيزيءَ سان گذري رهيو هيون.... هاڻي ته اتي ڪوبه سگنل ناهي..... ڪا به گاڏي نه ٿي بيهي.... پوءِ مان اتي لهي ڇا ڪندس؟“

”پوءِ ڇا ڪجي.... توکي ڪٿي لاهيان...“ جاويد شاهد جي سور کي چڱي طرح محسوس ڪيو هو. پر ڳيت ڏئي انهيءَ سور جي زهر کي محسوس ڪندي انهيءَ کي پنهنجي اندر ۾ اجهائڻ لڳو.

”بس صاحب اڳيان ڪنهن سگنل تي لاهي ڇڏيو....“

پوءِ ڪار ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. ڪار اڳوڻي شون چورنگيءَ وٽان گذري جتي هاڻي ڪابه چورنگي ڪانه هئي..... ڪوبه گاڏين جو بيٺل سمنڊ ڪونه هو. هو ته فقط هڪ انڊر پاس ۽ انهيءَ مٿان هڪ رستو انڊر پاس ۽ رستي تان چلڪڻيون گاڏيون ترڪندي گذري رهيون هيون.... ڪوبه هاڪر، فقير يا صفائيءَ وارو انهيءَ هنڌ تي ڪونه هو. هنن جي گاڏي به انڊر پاس مان زوڪاٽ ڪندي رستي کان پار ڪندي اچي تين تلوار تائين پهتي. نه جاويد ڪجهه ڳالهايو ۽ نه ئي شاهد ڪجهه ڳالهايو..... بس ٻئي فيصلو نه ڪري سگهيا ته شاهد کي ڪٿي لهڻ گهرجي! ايتري ۾ ڪار پراڻي ڪلفٽن برج کي ڪراس ڪندي ميرياٽ ۽ آمريڪي سفارتخاني وٽان ٿيندي ميٽروپول کي پهتي ته جاويد ڪوشش ڪئي ڳالهائڻ جي..... ”شاهد.... توکي ڪٿي لاهيان....“

”جتي لاهيو صاحب......“

هونئن ته شاهد ڪجهه مهينا جاويد جي گهر ۾ ترسيو هو، پر جاويد کي لڳو پئي ڄڻ هو پنهنجي پُٽ کي ڪٿي اڇلائڻ پئي ويو....! هن جي دل ۾ هڪ لمحي خيال آيو ته هو شاهد کي واپس گهر وٺي وڃي.... پر کيس سُجهيو پئي ته اڳي جيان هن جو اهو فيصلو به جذباتي هوندو..... بس ڪجهه لمحن جو Excitement يا وري ڪنهن نيڪي ڪرڻ جو خوشگوار احساس. انهيءَ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ اهوئي جيڪو شاهد سان ٿي چڪو هو.... بس هن دل تي ڳرو پٿر رکي شاهد کي ڪنهن لاش وانگر پٿر سان ٻڌي ڪنهن سمنڊ ۾ اڇلائڻ کي ئي مناسب سمجهيو.

گاڏي زينب مارڪيٽ کي ڪراس ڪري رهي هئي.... شاهد کان هن وري پڇا ڪئي.....

”شاهد ڪٿي لاهيان.....“

”بس صاحب اڳيان سگنل تي لاهي ڇڏيو....“

پيرا ڊائيز هوٽل جي چوراهي واري سگنل تي ڳاڙهي بتي ٻري رهي هئي. جاويد گاڏي روڪي ڇو ته اتان ئي کاٻي هٿ تي هن کي ڪورٽ وڃڻو هو. اهوئي هنڌ کيس مناسب لڳو جتي شاهد کي لاهي سگهي. شاهد هٿ وڌائي پنهنجي سامان جي ٿيلهي کنئي.... هيٺ لهي گهوڙيون کڻي هو انهن جي سهاري تي بيهي رهيو. ڪار جي دريءَ مان ڪنڌ اندر ڪندي جاويد هن کي چيو.....

”صاحب..... هڪ ڀيرو مون کي آخر ۾ ”شيدو“ ڪري سڏ ڪيو؟“

”ڇو......؟“ جاويد پڇيو.

”ها صاحب..... مون کي لڳي پيو شيدو يا ته مري ويو آهي يا وري ننڊ پيو آهي.... مان هن کي اٿارڻ ٿو چاهيان.....“ جاويد جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا..... شاهد کي ڳل تي ٿڦڪي ڏيندي،

”شاهد... تون منهنجو پُٽ آهين....“

”نه صاحب...... مون کي شيدو چئو....“

جاويد ڏٺو شيدو سامهون مرڪي رهيو هو.... هن نه چاهيندي به شيدي کي چيو......

”شيدا!“ هن جي دل رت جو ڦوڪڻو بڻجي ڦسي پئي.... ڦاٽل ڦوڪڻي مان رت هارجي هن جي رڳن مان ٿيندو، هن جي اکين مان ڳوڙها بڻجي ٽمڻ لڳو. سامهون سگنل جي بتي سائي ٿي وئي. هن ڪار کي هلايو ۽ کاٻي پاسي تي ڪورٽ طرف مڙي ويو...... بئڪ مِرر ۾ هن ڏٺو شيدو پنهنجي هڪ ٽنگ وڃايو.... گهوڙين جي مدد سان رستي تي بيٺل گاڏين جي وچ تان وڃي رهيو هو. هو انسان جو آئيندو هو، پر هن کي پنهنجي آئيندي جي خبر نه هئي.... گاڏين جي وچ تان گهوڙين تي هلندڙ ٻار کي ڏسي گاڏين وارن هن کي خيرات ڏني جيڪا هن نه ورتي.... جاويد پاسي کان گاڏي بيهاري روئندو به رهيو ۽ شيدي کي ڏسندو به رهيو. جيڪو سامونڊي طوفان ۾ ڪنهن جهاز جي ڀڳل تختي جيان، گاڏين جي سمنڊ مان لڙهندي وڃي رهيو هو..... هو گاڏين جي سمنڊ جي لهرن سان ٽڪرائجڻ کان پاڻ بچائيندو اڳيان وڃي رهيو هو..... ڪجهه دير ۾ جاويد محسوس ڪيو ته هن جي اکين ۾ تري آيل ڳوڙهن هن جي اکين ۾ به هڪ سامونڊي طوفان اٿاريو هو جنهن جي ڌنڌ ۾ شيدو ڪٿي غائب ٿي ويو ۽ هن کي نظر نه پئي آيو. هو پنهنجا ڳوڙها اُگهندي ڪار ۾ اچي ويٺو. ڪار اسٽارٽ ڪري هاءِ ڪورٽ جي پٺئين گيٽ کان ڪورٽ ۾ اندر داخل ٿيڻ لڳو. ڪورٽ جي گيٽ تي لڳل انصاف جي تارازيءَ جا پُڙ اڄ هن کي برابر بيٺل نه لڳا.... هن ڏٺو تارازيءَ جو هڪ پاسو هيٺ هو ته ٻيو مٿي....!

 

ترجمو: عيني جتوئي

 مليريا Malaria

 

مليريا هڪ خطرناڪ بيماري آهي. هيءَ بيماري بخار هر هر اچڻ ڪري هڪ دفعو اندر ۾ پيدا ٿي ته واپس وڃڻ جو نالو نه وٺندي آهي ۽ نئين سري سان حملو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي . لفظ ”مليريا“ اطالوي "Attalian" زبان جو ٻن لفظن ”Mala“ ۽ ”Aria“ سان ملي ٺهيو آهي. جنهن جي معنيٰ ”خراب هوا“ آهي. هيءَ بيماري سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهي. پر گرم علائقن ۾ وڌيڪ ماڻهو ان بيماريءَ جو شڪار ٿين ٿا.

علامتون

مليريا جا ٽي وڏا قسم آهن:

(1) Falciparum.

(2) Vivax.

(3) Malaria.

(1) ٽئين ڏينهن Falciparum جو بخار پکيڙيندو آهي.

(2)Vivax چوٿون بخار پکيڙڻ جو ذميوار آهي.

(3) Malaria ٽئين قسم جو جيوڙو شديد ”ٽئين ڏينهن جو بخار“ چوارائيندو آهي.

هنن ٽنهي علامتن جي هئڻ ڪري بخار جي شدت وڌي ويندي آهي. ۽ بخار هر روز به اچي سگهي ٿو. ۽ هڪ ڏينهن ڇڏي به اچي سگهي ٿو ۽ هر چوٿين ڏينهن به بخار جي ڪيفيت سيءَ لڳڻ واري هوندي آهي. جنهنڪري مٿي ۾ به سور وڌي ويندو آهي ۽ جسم ڏڪڻ به شروع ڪندو آهي ۽ سڄي جسم ۾ سور ٿيڻ لڳندو آهي. بخار اچڻ کان پوءِ پگهر پڻ اچڻ لڳندو آهي ۽ ٽيمپريچر لهڻ شروع ٿي ويندو آهي. مليريا جي بخار سبب جسم ۾ رت جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي ۽ گڙدن تي وڏو اثر ٿيندو آهي ۽ پيچش پڻ ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي.

سبب

مليريا هڪ ننڍي جيوڙي جو اثر آهي جنهن کي پلازموڊيئم Plasmodium چيو ويندو آهي. هي ڪجهه ڏينهن لاءِ ماڻهوءَ جي جگر ۾ جاءِ ٺاهيندو آهي ان کان پوءِ وڌيڪ جيوڙا ٺهڻ شروع ٿيندا آهن جيڪي ڳاڙهن جزن تي حملو ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ اهڙي طرح هڪ شخص کي بيمار ڪرڻ کان پوءِ ٻئي صحتمند ماڻهوءَ تائين پڻ پهچي ويندا آهن. هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ تائين بيماري پهچائڻ جو ڪم مادي مڇر ”Anophels“ سر انجام ڏيندي آهي. جڏهن بخار واري ماڻهوءَ کي چڪ هڻي ٿي ته ان جي جسم مان جيوڙن واري رت جي ڦڙي کي ڇڪي وٺي ٿي، هي انهيءَ جي جسم ۾ وڃڻ کان پوءِ ان جي Silvary glands اندر پهچي ويندا آهن ۽ انهيءَ انتظار ۾ هوندا آهن ته هي مادي مڇر ڪڏهن ٿا ڪنهن صحتمند  ماڻهوءَ کي چڪ هڻن ته جيئن ان کي بلڊ اسٽريم Blood Streem ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو ملي. اهڙيءَ طرح مليريا هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ تائين پهچندي ويندي آهي.

حقيقت ۾ مليريا ٿيڻ جو سبب ٻين مرضن وانگر کاڌ خوراڪ صحيح نه هئڻ به آهي. جنهن جي ڪري ماڻهن جي جسماني نظام ۾ زهريلا مادا وڌي ويندا آهن. ان جي ڪري ئي بيماريون وڌيڪ وڌن ٿيون ۽ مليريا جا جيوڙا جسم اندر پرورش وٺندا هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ تائين پهچندا رهن ٿا.

اڄڪلهه هٿرادو غذائون مثلاً اڇي کنڊ، اڇو اٽو، ۽ انهن مان تيار ٿيل کاڌا. دٻن ۾ پئڪ ٿيل کاڌا، چانهن ، ڪافي ۽ الڪوحل وارا جوس ماڻهن جي جسماني نظام جي قوت کي ٽوڙي ٿا ڇڏين جنهن جي ڪري به مليريا وڌندي وڃي ٿي.

علاج

مليريا جي خاتمي ۽ علاج لاءِ غذا وڏي اهميت رکي ٿي. ان لاءِ پهريون قدم اهو آهي ته پندرهن ڏينهن تائين اورنج جو جوس نه ڏنو وڃي.

بخار لهڻ کان پوءِ مريض کي ٽن ڏينهن تائين تازو ميوو ڏيڻ گهرجي. هن سلسلي ۾ ڏينهن ۾ پنجن پنجن ڪلاڪن کان پوءِ وقفي وقفي سان نارنگي، موسمي، مالٽو، انگور، چڪو، صوف، انب ۽ پپيتو وغيره کائڻ لاءِ ڏيندا رهو.

هيءُ عرصو گذارڻ تائين ميوي سان گڏ کير به شامل ڪيو. ۽ انهيءَ سان گڏ، مختلف قسم جا ٻج. نٽس، ان جا داڻا، ڀاڄيون ۽ ميوو شامل هئڻ کپي. وڌيڪ ميوو ۽ ڪچيون ڀاڄيون نه ڏيڻ گهرجن.

مريض کي چانهه، ڪافي، دٻن ۾ پئڪ ٿيل کاڌا، اڇي کنڊ ۽ اڇي اٽي ۾ ٺهيل شيون ۽ هر قسم جو گوشت ۽ الڪوحل جوس پيئڻ کان مڪمل ڪِري ڪرڻ کپي.

ٽيمپريچر لاهڻ لاءِ قدرتي طريقو ٿڌيون پٽيون رکڻ آهي جيڪي مريض جي پوري جسم تي رکڻ گهرجن. اهي پٽيون اهڙي طرح ٺاهيون وينديون آهن جنهن ۾ هڪ وڏي چادر يا بخمل جو چوڪور سائيز ڪپڙو ٿڌي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو ويندو آهي ۽ مريض جي جسم ۽ ٽنگن کي چڱي طرح ويڙهي ڇڏبو آهي ۽ ٻه دفعا ائين ئي ويڙهجي پوءِ هڪ ننڍو ڪمبل يا ڪوئي ٻيو گرم ڪپڙو هن جي مٿان وجهي ڇڏبو آهي. عمل ڏينهن ۾ ٽي دفعا ورجايو جيستائين بخار لهي ائين ئي جاري رکو.

گهرو نسخا

ڪجهه گهرو نسخا مليريا جي علاج لاءِ فائديمند آهن. جن ۾ چڪوءَ جو استعمال به شامل آهي. چڪوءَ جو چوٿون حصو ڪٽي پاڻيءَ ۾ اٻاريو  ۽ پوءِ ڇاڻي پاڻي پي ڇڏيو. چُن ۽ ليمون مفيد آهي. هيءُ چوٿين ڏينهن واري مليريا لاءِ فائديمند آهي. ان جو طريقو هيئن آهي ته ٽي گرام چُن 60 ملي ليٽر پاڻيءَ ۾ حل ڪيو وڃي. ۽ انهيءَ ۾ ليمي جو رس نپوڙيو وڃي. اِهو مڪسچر بخار چڙهڻ وقت پي ڇڏجي اهڙي طرح دالچيني هر قسم جي زڪام ۽ مليريا لاءِ به مفيد آهي. دالچيني کي ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري وٺو هڪ گلاس ۾ پاڻي وجهو ۽ چپٽي ڪارن مرچن جي وجهي اٻاريو. ڏينهن ۾ ٽي دفعا پيئجي. ڦٽڪي به مليريا لاءِ مفيد آهي انهيءَ کي تئي تي رکي گرم ڪري ٿورو پيهي وٺجي. بخار چڙهڻ مهل ڦٽڪيءَ جي چپٽي کائي پاڻي پي وٺجي. ٻن ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پاڻيءَ سان وٺڻ گهرجي. ان سان گهڻو فائدو ٿيندو.

احتياطي اُپاءَ

علاج وانگر هن مرض لاءِ ڪِري ۽ ڪجهه اُپاءَ وڏي اهميت رکن ٿا. ان جو طريقو اهو آهي ته پنهنجي ماحول کي صاف سٿرو رکو. ڪابه گندگي آس پاس رهڻ نه ڏيو، ته جيئن مڇر اُتي پيدا نه ٿي سگهن. رات جو ڄاري لڳائي سمهو. يا جسم تي ڪوئي تيل ملجي ته جيئن مڇر آس پاس نه اچن. جيئن ته مڇر ڀتين تي ويهندو آهي ۽ ڏينهن جي وقت گهر جي اونداهن حصن ۾ لڪل رهندا آهن، انهيءَ لاءِ گهر ۾ مڇرن کي مارڻ لاءِ اسپري ڪرائجي. تلسيءَ جا پن به مليريا جي بخار کي ختم ڪرڻ ۾ مفيد آهن. انهن جو روزانو جوشاندو ٺاهي  پيئندو رهجي. خاص طور تي مينهن جي موسم ۾ ان جو گهڻو اهتمام ڪجي. يارهن گرام تلسيءَ جي پنن جي جوس ۾ ٽي گرام ڪارا مرچ ملائي پيئڻ سان بخار ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي.

 

انيتا شاهه

وڃايل دِل

پري کان تنهنجي موٽڻ جي،

مٺي ڪنهن آرزوءَ ۾ دِل،

گهڻن ڏينهن کان پنهنجي پاڻ کان،

آهي وڃايل دِل

سڳو هي ساهه جو زوريءَ

ٽنگي پيو روز سُوريءَ تي

سندءِ ڳالهيون

سندءِ ڳوڙها

معافيون

۽ سندءِ سڀڪجهه

۽ منهنجو تون به نه

ها تون به نه

ڇو تون به نه جاني؟

مڃان ٿي پيار جو پازيب

مون پيرن ۾ پاتو آ

مڃان ٿي مَحبتون

منهنجي مٿان

تو ائين هاريون هن

جيئن پياسن پٽن تي

سانوڻيءَ ۾ ميگهه وسندو آ

مڃان ٿي

ها مڃان

مان مڃان ٿي او پرين پيارا

مڃان ٿي عشق جو آواز

مون سمجهيو گهڻو ناهي

مگر تون پاڻ ڄاڻين ٿو سڃاڻين ٿو

سندم مجبور چاهت کي

ڏئين ٿو ڏوهه پر آخر

اهو تون ڇو نٿو سمجهين؟

مون توکي پيار جئن

آهي پَسيو

۽ بس پَسيو

ڏکئي هن عشق جي

اُنهن عقيدن ساڻ مون کي ڇا؟

مون بس توکي ڏٺو آهي

رڳو توکي ڏٺو آهي

مان توکي پنهنجي دل جي

آرسيءَ ۾

پئي ڏسان هَرَ هَرَ

هليا ٻيهار مان

توکي ڏسان

پنهنجين اکين آڏو

الائي ڪيترن وقتن کان

منهنجي دل وڃايل آ

هليا ڳولي ڏي منهنجي دِل

منهنجي دل تو وڃائي آ...

هليا ڳولي ڏي منهنجي دِل!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com