سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري 2006ع

 

صفحو :4

ڳالهه ٻولهه ڪندڙ:زبي پروين

وڏن ڏکن کي سهي ويندڙ ۽ ننڍڙين ڳالهين تي روئي پوندڙ لاچار ماڻهن جي سِر تي کيڏي مدد ڪندڙ ڏکن لاءِ ذهني طور تيار رهندڙ، ڪنهن اڻوڻندڙ ڳالهه تي آسمان مٿي تي کڻندڙ ”شبنم چانڊيو“ سان ڳالهه ٻولهه

 

زبي پروين: ڀيڻ، سڀ کان پهرين پنهنجو مختصر تعارف ڪرايو؟

شبنم،: پورو ۽ قلمي نالو ”شبنم“ ذات چانڊيو، پيءُ جو نالو محمد مراد، جنم هنڌ شاهپور چاڪر، ضلعو سانگهڙ، تعلقو شهدادپور، ضلعو سانگهڙ، جنم جمعي جي ڏينهن 27 ڊسمبر تي ٿيو.

زبي پروين: ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟

شبنم: تمام سٺو، پڙهائيءَ سان گڏوگڏ راند روند ۾ ۽ آزاديءَ سان بهترين گذريو.

زبي پروين: اوهان کي جيڪا تعليم ملي ان مان اوهين مطمئن آهيو؟

 شبنم: پنجين درجي تائين تعليم پنهنجي شهر جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ ڪڏهن فرسٽ ڪڏهن سيڪنڊ پوزيشن ۾ حاصل ڪيم، هن وقت منهنجي تعليم ايفِ اي آهي پر مان پنهنجي تعليم مان قطعي مطمئن ناهيان.

زبي پروين: گهر جي ڀاتين مان بابا وڌيڪ ڀانئيندو هو يا ماءُ يا ڀائر؟

شبنم: ( بابا جي نالي ٻڌڻ تي ”شبنم“ جي اکين ۾ جر جرڪڻ لڳو ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ جواب ڏيندي چئي ٿي) پهريان مون کي بابا تمام گهڻو ڀانئيندو هو ۽ هاڻ منهنجو ڀاءُ مختيار منهنجي هر خوشيءَ جو پورائو ڪري ٿو ۽ مون کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

زبي پروين: گهر ۾ ٿيندڙ ننڍڙين ڳالهين کي درگذر ڪري ڇڏينديون آهيو، يا آسمان مٿي تي کڻنديون آهيو؟

شبنم: (وڏو ٽهڪ ڏيندي) جيڪي ڳالهيون درگذر ڪرڻ جهڙيون هونديون آهن سي درگذر ڪندي آهيان ۽ جيڪڏهن ڪا ڳالهه ناهي وڻندي ته آسمان به مٿي تي کڻي ڇڏيندي آهيان.

زبي پروين: غربت وڻندي اٿو يا اميري؟

شبنم: (ٿڌو ساهه کڻندي) ادي زُبي... نه غريبي وڻندي اٿم، نه اميري، بس وچٿري زندگي گذارڻ ۾ ئي اطمينان ۽ سڪون آهي.

زبي پروين: جڏهن ڪنهن مظلوم ۽ بيواهه ماڻهوءَ کي لاچار ڏسنديون آهيو ته ان وقت اوهان جي اندر جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي؟

شبنم: جڏهن به ڪنهن مظلوم ۽ بيواهي ماڻهوءَ کي تڪليف ۾ ڏسندي آهيان ته منهنجي اندر ۾ ڌرتي ڌُٻي پوڻ جهڙي ڪيفيت طاري ٿيڻ لڳندي آهي. جيڪڏهن ڪو لاچار ماڻهو مدد لاءِ واجهائيندو آهي ته پنهنجي سر تي کيڏي به سندس مدد ڪرڻ چاهيندي آهيان. جڏهن ڪنهن جي روڪ ٽوڪ سبب ڪنهن ماڻهوءَ جي مدد ناهيان ڪري سگهندي ته پين کڻي پني تي پنهنجي بيوسيءَ جا اُڌما اوتڻ ويهندي آهيان.

زبي پروين: ڏک پي وينديون آهيو يا اکين مان ڳوڙها ڳڙي پوندا آهن؟

شبنم: ڪڏهن ڪڏهن وڏي ڏک کي به ضبط ڪري ويندي آهيان ۽ ڪڏهن وري ننڍڙي ڳالهه تي به روئي پوندي آهيان.

زبي پروين: پنهنجو پاڻ تي وڌيڪ سوچينديون آهيو يا سماج تي؟

شبنم: سنڌ جي بيڪار سماج ۾ هلڻ لاءِ پنهنجو پاڻ تي وڌيڪ سوچيندي آهيان.

زبي پروين: ڪيتريون حساس دل آهيو؟

شبنم: ايتري حساس جو هڪ رات ڪُتيءَ جو ننڍڙو پلُونگڙو گهٽيءَ ۾ پئي چيخيو، رات جا ٽي وڄي رهيا هئا، بيوسيءَ وچان ڪجهه به نٿي ڪري سگهيس. پين پنو کڻي پلونگڙي تي نظم لکڻ ويٺيس، اُهو نثري نظم هي آهي:

ڳليءَ ۾

رات سڄي پئي چيخيو

ڪُتيءَ جو پلونگڙو

۽ اُن جون چيخون

چاهيم جهٽ پائي کڻي وٺانس

۽ ان کي سيءَ جي سَٽ کان بچايان

هڪدم مون کي منهنجي اندر جي ”شبنم“

سمهارڻ چاهيو

ڄڻ ته جهنجهوڙي چيائين: ”ڇوري،

ڳوٺ جي ماحول ۾ جا رات ٿيندي آ

ان رات جي منظرڪشيءَ ۾ ڪا نياڻي

پنهنجي پڌر جي ڪوٽ کان ٻاهر ناهي نڪرندي،

تنهنجي اُٿڻ سان

تنهنجي ئي ڀڳل کٽ جا چيڪٽ نڪري پوندا،

۽ اُهي چيڪٽ

تنهنجو ڀاءُ يا تنهنجو پيءُ جاڳائي وجهندا

۽ انهن جا نيڻ سڌا توتي کُپندا

جي ڳلي ٽِپي وئينءَ ته

توکي ڪاري ڪري ماريو ويندو

شايد.“

زبي پروين: ڏک وڻندا اٿوَ يا رڳو سُکَ وڻندا اٿوَ؟

شبنم: سُکن جي ته خبر ناهي، باقي ڏکن لاءِ پنهنجو پاڻ کي ذهني طور تيار رکيو اٿم، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڄائي جو آهيان.

زبي پروين: ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ اوهان جو ڪهڙو نمبر آهي؟

شبنم: ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ منهنجو ستون نمبر آهي، جڏهن ته ٻه ڀيڻ ڀاءُ مون کان ننڍا آهن.

زبي پروين: ادب جي دنيا ۾ لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪيوَ؟

شبنم: 1998ع کان. ريڊيو حيدرآباد جي سلسلي ”سونهن“ کان ادب جي دنيا ۾ لکڻ جي شروعات ڪيم.

زبي پروين: اوهان کي پهنهنجي پهرين لکڻي ياد آهي؟

شبنم:

هر دور ۾ اَوکا سفر، ڪاٽي هليو آ انقلاب،
وقت پاران قهر کي، جهاڳي هليو آ انقلاب.
هر سوڀ لئه بيشڪ آ منزل پر ڀري،
ٽانڊاڻي جيان هر واٽ تي، ٻرندو هليو آ انقلاب.
رات ”شبنم“ وسندي هل وس ڀلي تون جا بجا،
پڪ اٿم هر ڏينهن کي، جياري هليو آ انقلاب.

زبي پروين: اهي ڪهڙيون ڳالهيون هيون جيڪي اوهان کي لکڻ طرف ڇڪي آيون؟

شبنم: ٻين پاران جاري ڪيل حڪم ۽ انهن اڻوڻندڙ حڪمن کي بيوسيءَ وچان ويهي ڀوڳڻ مون کي لکڻ تي مجبور ڪيو ۽ ٻيو وري ريڊيو جا علمي ادبي پروگرام مون کي لکڻ طرف ڇڪي آيا، چاهيندي هيم ته مان به ڪجهه لکان، ته جيئن منهنجون لکڻيون، ٻين ادبي ساٿين جيان منهنجي نالي سان ريڊيو جا باادب ڪمپيئر پڙهن ۽ سچ پچ ”صبح مهراڻ“ جي سلسلي ”سونهن“ ۾ مون کي تمام گهڻو همٿايو ويو، جنهن هفتي نه لکندي هيس ته مون کان پڇا ڪئي ويندي هئي ته مون ڇاجي ڪري سلسلي ۾ شرڪت ناهي ڪئي.

زبي پروين: شاعري محض هڪ اتفاق هئي يا ڪنهن مقصد ماڻڻ لاءِ شعوري ڪوشش؟

شبنم: شاعري ڪرڻ منهنجي لاءِ هڪ محض اتفاق هرگز ناهي، ها البت سنڌ ۽ ڌرتيءَ سان اَمِٽ رشتن کي لفظن جي روپ ۾ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش ضرور چئي سگهجي ٿي.

زبي پروين: شاعريءَ جي ميدان ۾ اوهين پنهنجي پاڻ کي ڪهڙي منزل تي بيٺل ٿيون سمجهو؟

شبنم: شاعريءَ جي ميدان ۾ مان پنهنجو پاڻ کي اطمينان بخش ۽ روشن جاءِ تي بيٺل ٿي محسوس ڪريان.

زبي پروين: جيڪو هينئر ادب سرجي رهيو آهي، خاص ڪري شاعري، ان مان اوهان مطمئن آهيو؟

شبنم: سنڌيءَ ۾ جيڪو ادب هينئر سرجي رهيو آهي، ضروري ناهي ته اهو سمورو مواد معياري هوندو، ليڪن ان ۾ خاص ڪري شاعر جي فڪري ۽ تخليقي سگهه کان، ڪنهن به طرح انڪار نٿو ڪري سگهجي. سچ پچ ته اسان جا نوجوان اهڙو ڪجهه لکي رهيا آهن، جو بي ساخته ”واهه واهه“ ٿا ڪرائي ڇڏين. بهرحال مان هن دور جي ادب مان ڪافي حد تائين مطمئن آهيان.

زبي پروين: عالمي ادب جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادب ڪٿي بيٺو آهي؟

شبنم: عالمي ادب جي حوالي سان مان اها ڳالهه يقين سان ٿي چوان ته سنڌي ادب ۾ به اهي سمورا قدر شامل آهن، جيڪي ٻين قومن جي معياري ادب ۾ شامل آهن. جيڪڏهن سنڌي ادب کي به انگلش ۾ ترجمو ڪري پيش ڪجي ته سنڌي ادب کي به بهترين مڃتا ملي سگهي ٿي ۽ اهو به دنيا جي تخليقي ادب جو باوقار حصو ٿي سگهي ٿو.

زبي پروين: سنڌي ادب ۾ رسالا مئگزين اهو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جيڪو انهن کي ڪرڻ کپي؟

شبنم: بلڪل، سنڌي ادب ۾ رسالا ۽ ميگزين ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جنهن کي هرگز نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن پڙهندڙ به انهن جي ڪردار جيان پڙهڻ جو جذبو رکن ته شايد سنڌي ادب سنڌ ۾ ضرور عروج تي پهتل هجي، اسان کي گهرجي ته انهن پبليڪيشنن ۽ ادارن ڏانهن منفي لاڙن کان هٽي سنڌي رسالا، ميگزينز ۽ ٻيا ادبي ڪتاب خريد ڪريون ۽ انهن کي پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي ڀرپور سهڪار ڪريون.

زبي پروين: سنڌي ادب ۾ صحتمند تنقيد ڇو گهٽجي رهي آهي؟ ۽ ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟

شبنم: صحتمند تنقيد جي گهٽجڻ جو سبب اهو آهي ته اسان ۾ سهپ گهٽ ۽ اسان خوشامدي الفاظ ٻڌڻ جا ڪجهه وڌيڪ عادي ٿي چڪا آهيون. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته تنقيد محبت جو قرض آهي، پر اسان ان ڳالهه کي سمجهون ئي نه ٿا ته تنقيد هڪ بهترين اصلاح آهي، جيڪا پڻ تخليقڪار لاءِ دوستيءَ جو شرف آهي. جڏهن ته بيجا تعريف اسان کي دائميت جي درجي تائين ته رسائي ٿي پر گڏوگڏ غير معياري ڪم طرف به ڇڪي ٿي. مان سنڌي ادب منجهان صحتمند تنقيد گهٽجڻ جو اصل ڪارڻ بيجا تعريف کي ٿي سمجهان، جيڪا تخليقڪار لاءِ شديد دشمني آهي.

زبي پروين: ادب جا بنيادي ڪارج ڪهڙا آهن؟

شبنم: جتي ادب پکين توڙي انساني حياتين، عشق، محبت، ماڳن، مريادائن، گلن ڦلن، خوشي غمي، سهڻن شهڪارن ۽ اهڙن بيشمار پهلوئن جو هميشه کان ترجمان رهيو آهي. اتي وري ادب جا بنيادي ڪارج به تمام الجهيل ۽ پيچيده رهيا آهن، پر وڏي ڏاهپ سان اسان جي ڪجهه ليکڪن هن اُلجهاءَ واري سبب کي سلجهائي ڇڏيو آهي، جن ۾ اسان جي دور جو شيخ اياز، امر جليل، تاج جويو، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا،  مئڊم نورالهديٰ شاهه وغيره شامل آهن.

زبي پروين: اوهان جي خيال ۾ معياري ادب ڇا کي ٿو چئجي؟

شبنم: جنهن ۾ لاڀ جو واس هجي.

زبي پروين: ڇا اديب جو ڪنهن نظرئي سان لاڳاپيل هجڻ ضروري آهي؟

شبنم: جي بلڪل نظرئي مان ئي هڪ اديب جو جنم ٿئي ٿو، تنهنڪري هڪ تخليقڪار جو نظرئي سان لاڳاپجڻ ضروري آهي.

زبي پروين: سنڌيءَ ۾ گهڻائي ڇو اڃا تائين محبوب جي ڪارن وارن، ڳاڙهن ڳلن ۾ اٽڪي بيٺي آهي؟ ان جا ڪهڙا سبب آهن؟

شبنم: (شبنم کلندي) زُبي هڪ ته سنڌي ماڻهن کي ٺيڪ طرح عشق به نٿو ڪرڻ اچي. خاص ڪري سنڌي عاشق يا ته قرض ۾ ڪارا ٿي جيئندا آهن، يا وري جذبات ۽ اُٻراهيءَ سبب ڪارا ٿي مرندا آهن، تنهن کان بهتر آ شاعر هجڻ جو مونوگرام کڻي پري کان ئي يار جي ڳاڙهن ڳلن ۽ ڪارن وارن تي ويهي شاعري ڪن، بهرحال ان جو هڪ اهم سبب خودغرضي به چئي سگهجي ٿو.

زبي پروين: سنڌيءَ ۾ ناول ڇو گهٽ لکيو ٿو وڃي؟

شبنم: ان ڳالهه کي فراخدليءَ سان چئي سگهجي ٿو ته اسان جن تخليقڪارن ۾ لکڻ جو وڌ کان وڌ جذبو آهي. سماجي پهلوئن جي به گهڻائي آهي، پر اسان وٽ اطمينان جوڳو ماحول ناهي، ان جو اهم سبب وقت جو گهڻو درڪار هجڻ آهي. جيڪو اسان جي تخليقڪار وٽ پيٽ گذر ۽ بيجا مسئلن سبب ناممڪن آهي. هر روز نيون پريشانيون اسان کي هڪ جاءِ تي نه ٿيون پيون ويهڻ ڏين.

زبي پروين: عشق ۽ محبت بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟ ٻئي ساڳيون شيون آهن يا فرق آهي؟

شبنم: منهنجي خيال ۾ عشق هڪڙائي ۽ محبت ورهاست جو نانءُ آهي.

زبي پروين: ادب ۽ سياست جو پاڻ ۾ ڪيتري قدر لاڳاپو آهي؟

شبنم: ادب ۽ سياست جو پاڻ ۾ لاڳاپو دل ۽ دماغ جهڙو آهي. سياست ۾ جيڪڏهن ادب جو ڳانڍاپو هر دور ۾ رهندو اچي ها ته شايد ڪنهن به ملڪ جا تختا اونڌا ئي نه ٿين ها، ڇاڪاڻ ته ادب هڪجهڙائي تي ٻڌل سهڻو ميدان آهي.

زبي پروين: شاعري وڻندي اٿوَ يا نثر؟

شبنم: شاعري خوشيءَ ۽ غميءَ جو سودو آهي ۽ نثر وقت جي ميراث، مطلب ته شاعري ۽ نثر ٻئي وڻندا اٿم.

زبي پروين: هن وقت اوهان وٽ تخليقي مواد ڪيترو ٿيندو؟

شبنم: تقريباً ٻن ڪتابن جيترو مواد مون وٽ موجود آهي.

زبي پروين: هن سماج جي مردن کان ڪا شڪايت!؟

شبنم: (ڪجهه پل سانت ۾ رهندي) ڀيڻ، زُبي، شڪايت نه پر ڪيئي شڪايتون آهن. پهرين ته ڪنهن به نياڻيءَ جي اڻپوري تعليم ۽ گهر ۾ بند ڪري ويهارڻ جو ذميوار هن سماج جي ڪُند ذهن مردن کي ٿي سمجهان.

 ٻي شڪايت سُسُت مردن کان اٿم. خاص ڪري سنڌي نوجوان طبقي کان جيڪي پڙهائيءَ کان قاصر اوٻاسيون ڏيندي پان ۾ ڳاڙهن لاشن جهڙا ڏند ڪڍي بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ واريون ڳالهيون ڪندي ڏسندي آهيان. وقت وڃائڻ مان فائدو؟ ڦُڙي ڦُڙي تلاءُ آهي. محنت ۾ ئي عظمت جا صلا آهن، جيڪو ڪمايو تنهن مان اڌ کائو اڌ رکو. ائين ڪرڻ سان وڌندا ويجهندا ضرور ڪنهن منزل ڏانهن پهچي پوندؤ. ڇا اها خوش نصيبي اوهان لاءِ ناهي ته الله پاڪ توهان کي هڪ مرد جي حيثيت ڏئي هن دنيا ۾ لاٿو. توهان ته تعليم سان واسجي فاسٽ، اَرڏا، ڦڙت ۽ چست بڻجي لطيف جي ڌرتيءَ تي ناز سان هلو.

گهڻا ٻار پيدا ڪري، لٻاڙون ڊاڙون هڻڻ کان بهتر آهي ته ڪم ڪجي، محنت ڪجي. تعليم انسان کي سٺي سوچ جو مالڪ بڻائي ٿي. اسان وٽ تعليم ناهي ته رڍن اڳيان رباب وڄائجن به ته ڪهڙا!

زبي پروين: ڪهڙا ماڻهو وڻندا اٿوَ؟

شبنم: جيڪي پنهنجي تعريف پاڻ ناهن ڪندا. سچا، هڏڏوکي، رحمدل، مهمان نواز، خوش طبع، شريف ۽ مُرڪي ملڻ وارا ماڻهو وڻندا اٿم.

زبي پروين: سنڌ ۾ تعليم کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟

شبنم: سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جو باعث اسين پاڻ آهيون. اصل ۾ تعليم نه پرائڻ ئي تعليم جي تباهي آهي. اسان جا اڻ پڙهيا توڙي پڙهيا لکيا سنڌي ماڻهو بهبود آبادي جا بورڊ ڏسن ئي ڪونه ٿا. هڪ مزدور، هاري، ريڙهي، چاهي مانڊڻيءَ واري جي گهر ۾ به پندرنهن پندرهن ٻار جنم وٺن ٿا، تن مان ڪي بيماريءَ جي ور چڙهي وڃن ٿا، ڪي معذور، ڪي ننڍڙيءَ عمر کان ئي مزدوريءَ سان لڳايا وڃن ٿا. اتي انهن کي خوف نٿو ٿئي، باقي ٻن ٻارن جي جنم کان پوءِ آپريشن ڪرائڻ تي خوف ٿو وٺين ته ٻار بند ڪرائڻ الله جي ڳُجهه ۾ هٿ وجهڻ آهي! مان نه ٿي سمجهان ته ڪي تعليم جي تباهيءَ جا ذميوار استاد، يا تعليمي ادارا آهن، هاڻ ته تعليم بلڪل مفت ڪئي وئي آهي، ايتري قدر جو ٻارن کي هاف ٽائيم تي کير جا پئڪيٽ ۽ بسڪوٽ ڏنا ٿا وڃن.

زبي پروين: سنڌ ۾ تعليم کي موثر بنائڻ لاءِ توهان جي نظر ۾ ڪهڙين ڳالهين جي ضرورت آهي؟

شبنم: ٻارن جو ٿورائيءَ ۾ پيدا ڪرڻ ۽ بيروزگاريءَ جي خاتمي سان ئي تعليم کي بهتر ۽ موثر ڪري سگهجي ٿو.

زبي پروين: سنڌي موسيقي هن وقت ڪهڙي جاءِ بيٺي آهي؟

شبنم: مان سنڌي موسيقيءَ جي حوالي سان اياز گل جي انهيءَ ڳالهه سان متفق آهيان ته، سنڌي موسيقيءَ جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي سو سنڌ تي ارغونن جي حملي کان گهٽ ڪونهي!

زبي پروين: سنڌي ڪئسٽن ۾ هينئر جيڪا شاعري ڳائجي ٿي، ان کان اوهان مطمئن آهيو؟

شبنم: جيڪڏهن مون کي ممتاز لاشاريءَ جي آواز ۾ چندر، استاد بخاري يا احمد خان مدهوش جي شاعري وڌيڪ پسند اچي ٿي يا سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ سرڪش سنڌي، زخمي چانڊيو يا زاهد شيخ جي انقلابي شاعري پسند اچي ٿي ته ضروري ناهي ته ٻيا به اُهو پسند ڪن، جيڪو مان ٿي پسند ڪريان. ڪڏهن ڪڏهن منهنجا ئي دوست مون کي ٽوڪيندا آهن ته هي ڇا ٿي ٻڌين؟ وري ان جي ابتڙ جيڪا شاعري انهن کي پسند آهي، سا مون کي ناهي پسند. مطلب ڳالهه چوڻ جو اهو آهي ته مان سنڌي ڪئسٽن جي شاعريءَ مان مطمئن آهيان به ۽ نه به آهيان. ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ٻڌڻ وارن تي ڇڏيل آهي ته هو ڪهڙي قسم جو خيال ۽ ذوق رکن ٿا.

زبي پروين: اسان جي سنڌ ۾ سطحي شاعريءَ جو ريشو وڌندو پيو وڃي، انهيءَ جو ڪو خاص سبب؟

شبنم: ان جو خاص سبب اهو آهي ته سنڌ جي تخليقڪارن ۾ ٻاهرئين ادب جو مطالعو نه هئڻ جي برابر آهي. سنڌ ۾ هڪ لک ڇٽيهه هزار شاعرن منجهان چوٿين پتيءَ جيترا تخليقڪار عالمي ليول جي ڄاڻ رکن ٿا، باقي اسان جي حالت اها آهي جو هڪ جاءِ تي مهتاب محبوب ۽ ارون دتيءَ جا ڪتاب رکيل هوندا ته اسين مهتاب جي ڪتاب جي سليڪشن ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته اُهو سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب هوندو، پر اُن ۾ اهو ساڳيو رنگ ۽ ڍنگ موجود هوندو جنهن کان اسين باخبر آهيون. توهان ان ڳالهه مان ئي اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اسان پنهنجي شاعري يا ٻي ڪا تخليق ڪنهن رسالي، ڪنهن مئگزين، ڊائجسٽ وغيره ڏانهن موڪليون ٿا ۽ ان جي ڇپجي اچڻ تي اسين بار بار پنهنجي ئي ڇپيل تخليق پڙهون ٿا. اهو نه سوچيندا آهيون ته اسان جي تخليق ۾ ۽ ٻئي جي تخليق ۾ ڪهڙو فرق آهي. اسين هر روز سنڌي اخبار پڙهون ٿا، ساڳئي جاءِ تي اسين انگريزي اخبار کڻي پڙهنداسين ته اسان جي ڄاڻ م وڌيڪ اضافو ۽ نواڻ پيدا ٿيندي. سنڌ جا اڪثر تخليقڪار پاڪستان جي ٻين صوبن جي ادب کان ئي پوري طرح واقف ناهن ته پوءِ اسين شاعريءَ جي حوالي سان هڪجهڙائيءَ واري سوچ جا مالڪ نه ٿينداسين ته باقي ڇا!

زبي پروين: محبت اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟

شبنم: منهنجي نظر ۾ محبت ڪنهن عبادت کان گهٽ ناهي. محبت هڪ اهڙو گل آهي جنهن جي سونهن ويران علائقي کي آباد ڪري سگهي ٿي. محبت انسان کي انسانيت جا گُر سيکاري ٿي، جيئن مون اڳ ۾ به ذڪر ڪيو آهي ته محبت ورهاست جو نانءُ آهي، جنهن جا ڪيترائي ۽ انمول روپ آهن.

زبي پروين: اوهان پنهنجي لکڻين مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟

شبنم: پنهنجي لکڻين مان مطمئن ٿيڻ: معنيٰ ته ليکڪ جو موت. مان پنهنجي هر نئين لکڻيءَ کان مطمئن ٿيندي آهيان ۽ اڳتي هلي ساڳين لکڻين مان پنهنجو پاڻ کي غير مطمئن ٿيندي محسوس ڪندي آهيان، بهرحال مطمئن ٿيڻ لاءِ بهتر کان بهتر لکڻ جي ڪوشش شايد هميشه جاري رهي.

زبي پروين: ڏک ۽ خوشيءَ جي موقعي تي اوهان جا تاثر ڪهڙا هوندا آهن؟

شبنم: ڏک جي موقعي تي خوش رهڻ چاهيندي آهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڏک پيش پوندا آهن، جو اُهي لڪائڻ ناممڪن ٿي پوندو اٿم! باقي خوشيءَ جي موقعي تي مان تمام گهڻي فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي آهيان.

زبي پروين: زندگيءَ جو ڪو اهڙو واقعو جيڪو اوهان کان وسري نه سگهيو هجي؟

شبنم: منهنجو بابا جو فالج جو مريض هئڻ. ست سال علاج ڪرائڻ جي باوجود هو چاق نه ٿي سگهيو هو، هڪ ڏينهن شام ويلي اڱڻ ۾ رکيل کٽ تي ويهي مان سندس هٿن ۽ پيرن جا ننهن لاهي رهي هيس ته هڪ سامهون پاڙي جي گهر منجهان ڀرپور آواز ۾ ”سرمد“ جو ڪلام ”جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين“ گونجڻ لڳو ته ٻئي لمحي ”بابُو“ ”اسان پنهنجي بابا کي بابُو ڪوٺيندا هئاسين“ بيوسيءَ واري عالم ۾ روئڻ لڳو هو، تازو سرمد به گذاري ويو هو. سرمد! ڄڻ اسان جي گهر جو ڪو فرد گذاري ويو هو، ٻيو وري ڊاڪٽرن پاران ”بابوءَ“ جو نه صحتياب ٿيڻ وارو ڏک ۽ ان بعد ڪجهه ئي عرصي ۾ بابوءَ جو گذاري وڃڻ!

اَٺ سال بابوءَ کي گذارئي ٿيا آهن ۽ اُهو ڏينهن اڄ به ڪلهه جي ڏينهن جيان ٿو لڳيم، جنهن ساعت هو مون سان بيوسيءَ وارا ٻول ڳالهائيندي رُنو هو ۽ مان به ساڻس کان وڌيڪ روئي سندس ڳلي سان چنبڙي پئي هئس ۽ ٻين گهر ڀاتين جو گونگي مينهن جي وسي پوڻ جيان روئڻ ياد ٿو اچيم. (شبنم ٻئي هٿ منهن تي رکي روئي ٿي پوي. چانهه جي وقفي کان پوءِ وري ساڻس گفتگو جاري ٿي ڪجي.)

زبي پروين: مرد جو ڪهڙو روپ وڻندو اٿوَ؟

شبنم: مرد باوقار ۽ گهري سوچ رکندڙ جيون ساٿي، ڀاءُ، پيءُ ۽ ٻين رشتن جي روپ ۾ وڻندا اٿم.

زبي پروين: عورت جي آزادي ڪيتري حد تائين هئڻ کپي؟

شبنم: ايتري جنهن حد ۾ هوءَ پنهنجي ۽ فيمليءَ جي عزت جي بقا ڪري سگهي.

زبي پروين: اسلام ۾ جيڪي عورتن کي حق ڏنا ويا آهن، اوهان جي نظر ۾ اُهي ڪافي آهن يا...؟

شبنم: اسلام ۾ جيڪي عورتن کي حق ڏنا ويا آهن منهنجي نظر ۾ ته ڇا هر عورت جي نظر ۾ ڪافي آهن. ان کان وڌيڪ اسان کي گهرجي به ڇا...!

پر جيڪي حق اسلام اسان لاءِ عائد ڪيا آهن ته ڇا اُهي عام طور تي رائج ڪيا ويا آهن؟ قطعي نه... خاص ڪري سنڌي سماج سان واسطو رکندڙمسلمانن هرگز ناهي عورت جي حقن جي پوئيواري ڪئي.

جيڪڏهن اُهي عورتن جي حقن جي پاسداري ڪن ها ته ڪڏهن به سنڌ تي ڪارو ڪاريءَ جو داغ نه لڳي ها! سنڌ جون باحيا مائرون، ڀينرون، ڌيئرون ههڙي واهيات ۽ غليظ روش جي ور هرگز نه چڙهن ها، ۽ جيڪڏهن اسلام پاران رائج حق چٽي طرح بي سمجهه سمجهو، سمجهي سگهن ها ته شايد ڪڏهن به نابالغ توڙي بي جوڙ شاديون عام نه هجن ها.

زبي پروين: عورت جي پردي جي باري ۾ توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟

شبنم: مان عورت لاءِ سلوار، قميض، سنڌي پوتي يا سنڌي اجرڪ اوڍي هلڻ جي قائل آهيان، جيڪو پڻ اسان جي ورثي جي بقا جو ڀرپور ۽ سهڻو عزم آهي.

زبي پروين: ارينج ميرج کي وڌيڪ اهميت ڏيو ٿيون يا لَوِ ميرج کي؟

شبنم: ٻنهي ڳالهين ۾ والدين ۽ اولاد جو ففٽي پرسينٽ رضامند هجڻ لازمي آهي.

زبي پروين: ملڪي سياست جو مستقبل اوهان کي ڪهڙو ٿو ڏسڻ ۾ اچي؟

شبنم: ڪنهن به سياسي پاليسيءَ جو بنياد طاقت تي رکيو ويندو آهي، پر جنهن ملڪ جا ماڻهو پاڻ ۾ ايڪي ۾ نه هجن ته ان ديس جي مستقبل جي ڪهڙي ٿي اڳڪٿي ڪري سگهجي.

زبي پروين: جيڪڏهن حسن ۽ عشق جي اليڪشن ڪرايون ته توهان ووٽ ڪنهن کي ڏيندا؟

شبنم: عشق حُسن جو محتاج ناهي هوندو، تنهنڪري جڏهن به اليڪشن ٿي ته پنهنجو کليو ووٽ عشق کي ڏينديس.

زبي پروين: محبت جو رشتو ته ڏاڍو سچو ۽ عظيم آهي پوءِ ماڻهو ان کي بدنام ڇو ڪندا آهن؟

شبنم: جيڪڏهن توهان مشڪلاتون، ڀوڳنائون، پيڙائون سهندي به پنهنجي محبت جي حوالي سان سچا آهيو ته يقين ڄاڻو ته ساڳيا ئي ماڻهو توهان کي اَمر ڪري ڇڏيندا جيڪي محبت کي بدنام ٿا ڪن.

زبي پروين: ڪنهن جي چاهڻ ۽ ڪنهن جي ٿيڻ واري ٻه - واٽي تي اوهان جا احساس ڪهڙا هوندا؟

شبنم: اسان جي سماج جا ڪُند ذهن ماڻهو ڪنهن کي پيئارڻ کان هارڻ سهسائيندا آهن ۽ ڪنهن کي جيئندي سپرد ڪرڻ کان ان کي مارڻ سهسائيندا آهن، تنهنڪري ههڙي المئي جي سامهون اچڻ کان پهرين مان پنهنجي حياتيءَ جو انت آڻي ڇڏينديس.

زبي پروين: ڪو چوي ٿو دنيا اسٽيج آهي، ڪو چوي ٿو دنيا راند آهي، اوهان جي نظر ۾ دنيا ڇا آهي؟

شبنم: منهنجي نظر ۾ دنيا نه سمجهه ۾ ايندڙ گول رانديڪو آهي.

زبي پروين: پيار ۽ پئسي جي اوهان وٽ ڪهڙي اهميت آهي؟

شبنم: پيار ۽ پئسي جي اهميت مون وٽ اهڙي آهي جهڙي ڏکن ۾ سک جي.

زبي پروين: اوهان جي آئيڊيل شخصيت؟

شبنم: اڃا تائين ڪا به نه.

زبي پروين: اوهان جي شخصيت ۾ ڪهڙيون خوبيون ۽ خاميون آهن؟

شبنم: مون کان منافقت هرگز ناهي برداشت ٿيندي. گهر توڙي ٻاهر جي ماڻهن ۾ جڏهن به منافقت جو آڙاهه ڀڙڪندي ڏسندي يا محسوس ڪندي آهيان ته ان کي پنهنجي لڙڪن سان اجهائڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. مون کان ڪوڙ برداشت ناهي ٿيندو ۽ نه ئي مان ٻئي ڪنهن جي مرضيءَ تي هلڻ جي عادي آهيان ۽ ها زُبي، سڳن ڀائرن کان وڌيڪ دين جا ڀائر پيارا لڳندا اٿم، ڇاڪاڻ ته انهن سان ڏک سک شيئر ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ ناهيان محسوس ڪندي. مون کي ڪچهري ناهي ڪرڻ ايندي، پوءِ به منهنجون کوڙ ساريون دوست آهن، هڪ وڏي خامي اها به اٿم ته مان رٺلن کي ناهيان پرچائي سگهندي. الله پاڪ کان دعا اها ڪندي آهيان ته مون کي ايترو ڪشادو رزق ڏي جو گهر آيل هر مهمان جي بهتر خاطر تواضع ڪري سگهان. هاڻي توهين ٻڌايو ته منهنجي شخصيت ۾ ڪهڙيون خوبيون ۽ خاميون آهن.

زبي پروين: هتي هر ماڻهو هڪ ٻئي کي ڪراس ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، ڇو؟

شبنم: ٽئلينٽ جي ڪميءَ جا شڪار ماڻهو ئي ڪراسنگ جي چڪر جا شڪار آهن.

زبي پروين: ڪارو ڪاريءَ جي رسم اوهان جي نظر ۾!

شبنم: منهنجي نظر ۾ ڪارو ڪاري ”رسم“ نه پر هڪ ڀيانڪ، ڪُڌي، غير انساني، غير اخلاقي ۽ وحشياڻي ”روِش“ آهي، جنهن جي مان هر حال ۾ مخالفت ٿي ڪريان.

زبي پروين: محبت جو جذبو ته ماڻهوءَ جي دل ۾ پاڻهي پيدا ٿيندو آهي، پوءِ ان کي بدنام ڇو ڪيو ويندو آهي؟

شبنم: اڳ واري دَور جي محبت کي پرکيو وڃي ته خبر پوندي ته اها اطمينان جوڳي ۽ سچائيءَ جي هڪ سهڻي سُڌ هوندي هئي، ڪنهن کي ٻِڙڪ ئي نه پوندي هئي. سالن جا سال ته ڪو ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ڪا محبت هلندڙ آهي، بيشڪ محبت انسان جو فطري حق آهي، پر ڇا هيلوڪي محبت تي مبني محبت جو حق سچائيءَ سان ادا ٿئي پيو. قطعي نه بلڪ هيلوڪي محبت جي بدناميءَ جو باعث اُٻراهي، هلڪڙائي، ٽرڙائپ ۽ بيجا ڊائلاگ بازي آهي، جنهن جا ذميوار هو پاڻ آهن.

زبي پروين: ڀيڻ اوهان جي نظر ۾ لڙڪن جي ڪهڙي اهميت آهي؟

شبنم: ڪا به نه!

زبي پروين: زندگيءَ جي ڪا خواهش جيڪا پوري نه ٿي سگهي هجي؟

شبنم: اسان خواهشن جا نه پر هميشه معجزن جا طالب رهيا آهيون ۽ پهرين ڳالهه ته مان خواهشون ناهيان ڪندي، منهنجي خيال ۾ خواهشون اهي ماڻهو رکندا آهن، جيڪي ماڻي سگهن.

زبي پروين: سنڌ جي موجوده حالت تي اوهان جو ڇا خيال آهي؟

شبنم: بظاهر ملڪ جي خوشحاليءَ جا دهل وڄايا ٿا وڃن، يا ملڪ ۾ ترقياتي ۽ چڱا ڪم ٿي رهيا آهن پر اهي سنڌ جي مفاد ۾ هرگز ناهن. جنهن قوم جا ماڻهو هر روز ڪنهن نئين پريشانيءَ جي ليک جا بينر کنيو، ٽامڻي جهڙن روڊن تي ۽ پٽن تي ڌُوڙ ۾ الوٽ سراپا احتجاج بڻيل، بکئي پيٽ سان سوالي نعرا هڻندي ۽ جوابي نعرا ڏيندي رت جون الٽيون ڪندا ڪنڌار پُٽ ڪرندا ۽ ڦٿڪندا هجن جن جو مستقبل بيروزگاري، بدحالي ۽ تنگ دستيءَ جو آئينو هجي، ملڪي ڪم چاهي ڇو نه آسمان جي بلندين کي ڇُهندا هجن پر اسين ”جيءُ خوش ته جهان خوش“ واري محاوري تي اٽل آهيون. سنڌ اسان جي جند آهي، اُها خوش ناهي ته اسين به خوش ناهيون، سنڌ جي حالت ڏينهن به ڏينهن تمام ڳڻتي جوڳي ۽ افسوسناڪ ٿيندي پئي وڃي.

زبي پروين: توهان کي پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪيتريقدر پيار آهي؟ جي آهي ته پوءِ اوهان ان لاءِ ڪهڙي قرباني ڏني آهي؟

شبنم: منهنجي خيال ۾ هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيڻ ئي هڪ نياڻيءَ جي وڏي قرباني آهي.

زبي پروين: قومپرست پارٽين کي اها موٽ اڃا ڇو نه ملي آهي، جيڪا ملڻ کپي؟

شبنم: حقيقت ۾ اوڻهين، ويهين ۽ ايڪويهين صدي قومپرستن جي دَور جون صديون رهيون آهن. پر تنهن جي باوجود واقعي انهن کي اها موٽ ناهي ملي، جيڪا کين ملڻ کپي، جنهن جو اصل ڪارڻ هڪ ئي صوبي ۾ پارٽين جا ڌار ڌار ڌڙا اُنهن کي اُها موٽ نه ڏياري سگهيا آهن. منهنجي خيال ۾ وري به ساڳي ڳالهه ڪر کنيو بيٺي آهي ته ڪنهن به قوم ۾ ايڪو هجڻ ئي ان لاءِ وڏي سوڀ آهي.

زبي پروين: سنڌ جي سياسي سماجي ۽ انقلابي ليڊرن کان ڪيتري حد تائين اوهان مطمئن آهيو؟

شبنم: اسين مطمئن تڏهن ٿينداسين، جڏهن سنڌ جا هي حلالي پٽ سنڌ جي جائز مفادن لاءِ ٻَڌي ڪندا.

زبي پروين: ڀيڻ اوهان ڪهڙين ڳالهين تي گهڻو خوش ٿينديون آهيو؟

شبنم: گهر ۾ دل گهُرين مهمانن جي اچڻ سان، ادبي دوستن جا اصلاحي ۽ همت افزا خطن اچڻ تي ۽ پنهنجي لکڻين جي ڇپجڻ تي مان تمام گهڻي خوش ٿيندي آهيان.

زبي پروين: هن ڪائنات جي ڪهڙي شيءِ اوهان کي متاثر ڪري ٿي؟

شبنم: ڌرتي ۽ آسمان.

زبي پروين: کائڻ ۾ ڇا پسند ڪنديون آهيو؟

شبنم: ڪڪڙ، اڇا چانور ۽ ڏَهي منهنجي پسند جي ڊش آهي.

زبي پروين: ڪهڙن ماڻهن کان نفرت ڪنديون آهيو؟

شبنم: مون کي نفرت ڪوڙ کي سچ ڪرڻ ۽ سچ کي ڪوڙ ڪرڻ وارن ماڻهن کان، انتظار کان، غربت کان، شڪي مزاج مرد، خواهه عورت کان آهي.

زبي پروين: پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آهيو؟

شبنم: جي نه....!

زبي پروين: شهر ڪهڙو وڻندو اٿوَ؟

شبنم: شاهپور چاڪر، هالا ۽ ملتان.

زبي پروين: رنگ ڪهڙو پسند اٿوَ؟

شبنم: ناسي، بوسڪي، اڇو ۽ ڳاڙهو.

زبي پروين: خوشبو؟

شبنم: جيجل ماءُ جي پگهر جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com