سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري 2006ع

 

صفحو :3

ارشاد سومرو

غزل

 

هر جڳهه، هر چهري ۾،
مون کي آهي، تنهنجي تلاش!
ڏينهن جي شور ۾،
رات جي تنهائيءَ ۾،
هر دم آهي تنهنجو خيال،
مون کي آهي تنهنجي تلاش!

ڳل تنهنجي تي ڪارو تر،
اکڙين تنهنجن جو خمار،
جڳ ۾ ناهي تنهنجو مثال،
مون کي آهي تنهنجي تلاش!
روئي گهريو مون آهي خدا کان،
تنهنجي پيار جو نذرانو،
هر دعا ۾ آ تنهنجو سوال،
مون کي آهي تنهنجي تلاش!

رات ڏٺو مون سپني ۾،
تنهنجي گهر جو دروازو،
در تي ناهي تنهنجو نشان،
مون کي آهي تنهنجي تلاش!

پنڌ ڪيو مون پير
ن سان،
راهون چميون مون نيڻن سان،
جت به ٿيو آهي تنهنجو گُمان،
مون کي آهي تنهنجي تلاش!

ساٿ ڇڏيو تو ماڻن سان،
منٿون ڪيون مون سياڻن سان،
ڪنهن نه ڏنو آهي تنهنجو دان،
مون کي آهي تنهنجي تلاش!
 

اختر افروز شاهه

ڊپريشن به هڪ بيماري آهي

 

اهو ته اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته ڏُک سُک اسان جي زندگيءَ جو لازمي حصو آهي، جيڪڏهن ڏک نه هجن ته اسين سُکن کي ڪيئن سڃاڻنداسين! دنيا ۾ شايد ئي ڪو شخص هوندو، جيڪو خوشيءَ ۽ غم جي احساس کان واقف نه هجي! ايترو ضرور آهي ته خوشين جي اسين خواهش ٿا ڪريون، جڏهن ته ڏک ۽ پريشانيون، اسان جي نه چاهڻ جي باوجود به، اسان جي پلئه اچيو پون. پر اسان جي صحتمند هئڻ جي علامت اها آهي ته اسين حقيقت قبول ڪري، ڪنهن به تلخ يا

افسوسناڪ واقعي کي وساري خوشين جو سفر جاري رکون ٿا. پر ڊپريشن جي دوران ائين ڪرڻ ممڪن ناهي، ڇو ته ڊپريشن جي ڪري، انسان تي ڏک ۽ پريشاني مستقل طور مسلط ٿيو وڃي. ان حد تائين جو مريض جي اڳيان ڪنهن وڏي خوشيءَ جي به ڪا حيثيت ڪانه ٿي رهي. ان قسم جي ڪيفيت کي عام لفظن ۾ ڊپريشن چيو ٿو وڃي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊپريشن صرف هڪ عام ذهني مرض ئي نه پر هي ذيابيطس وانگي هڪ حياتياتي بيماري آهي، البته ايترو فرق ضرور آهي ته هي مرض نفسياتي آهي. دراصل هن جو سبب انساني ذهن ۾ ٿيڻ واري حياتياتي ڪيميائي تبديليون آهن جو انسان کي زندگيءَ کان مايوس ۽ بيزار ڪري ٿيون ڇڏين. هڪ عام مشاهدي مطابق معاشري جو هر طبقو هن مرض ۾ يڪسان ورتل آهي. انتهائي غريب ماڻهو به ان جو شڪار ٿين ٿا. اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته 90 سيڪڙو ماڻهو محض اهو سوچي علاج ڏانهن راغب نٿا ٿين ته متان ڪٿي ماڻهو اهو سمجهن ته هن کي دماغ جو مسئلو ته ڪونه آهي. يا هي وري ڪٿي چريو ته ڪونه آهي. پر 10 سيڪڙو ماڻهو اهڙا آهن جي نه صرف هن مرض کي سمجهن ٿا پر هن بيماريءَ جو علاج به ڪرائڻ ضروري ٿا سمجهن. ڪراچيءَ جي هڪ ماهر نفسيات مطابق، اسان وٽ مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ ڊپريشن جو رجحان وڌيڪ آهي. هر چئن عورتن مان هڪ عورت ۽ 7 مردن مان هڪ مرد کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو ڊپريشن سان منهن ضرور ڏيڻو ٿو پوي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اهڙيون عورتون جن جا مڙس گهٽ ڪمائيءَ وارا آهن يا جن جي معاشي حالت انتهائي خراب آهي انهن کي ڊپريشن جو خطرو وڌيڪ آهي، پر ڊاڪٽر چون ٿا، اهو خيال صحيح ناهي ڇو جو گهڻين اعليٰ سوسائٽيءَ جي عورتن کي به ڏٺو ويو آهي جن کي ڪا به مالي پريشاني ڪانه آهي، سي پاڻ گهٽ آمدني رکڻ وارين عورتن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿيون. ڊپريشن ۾ مبتلا ماڻهن جي دل ۾ ڪو افسوسناڪ واقعو يا ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه جو خوف مستقل ذهن تي رهندو آهي. اهو خوف ايستائين رهندو جيسين ان کي يقين نه ٿي وڃي ته جيڪي هو سوچي رهيو آهي اهو غلط آهي. اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿيندي، آئينده مشڪل حالتن تي ڪيئن نه ڪيئن ڪنٽرول ڪري وٺندا. پر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته حقيقت تسليم ڪرڻ ۾ انسان کي ڪو به عار نه هئڻ کپي. ڊپريشن جي مريضن کي پراميد زندگيءَ ڏانهن واپس وٺي اچڻ ايترو آسان ڪم نه آهي. طبي لحاظ سان ٻين جسماني مرضن جيان ڊپريشن جي بيماريءَ جي شڪار ماڻهن کي به پيار محبت ۽ علاج جي ضرورت آهي.

مغربي ملڪ ان لحاظ کان وڏا باشعور آهن جو اتي ڊپريشن جي شڪار ماڻهن کي علاج لاءِ نفسياتي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن مشڪل کي منهن ڪونه ٿو ڏيڻو پوي. اتي وڏي کان وڏو ماڻهو به اها ڳالهه قبول ڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪونه ٿو ڪري ته ڪو هو ڊپريشن جو مريض آهي. ڊپريشن جي معاملي ۾ دنيا جي مقابلي ۾ شايد اسان جو واحد ملڪ آهي جتي ڊپريشن کي چريائپ تصور ڪيو ٿو وڃي. نفسياتي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ ڏوهه هجي. ماڻهو ان معاملي ۾ خاموش رهڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا. جڏهن ته ڊپريشن جو شڪار مريض گهر وارن لاءِ ڪو مسئلو پيدا ڪرڻ نٿو چاهي. انڪري خاموش رهي پنهنجي اندر ئي اندر تڪليف سهندو ٿو رهي. خاص ڪري عورتون پنهنجي مرض کي سمجهڻ کان قاصر رهن ٿيون ۽ مڙس سميت خاندان جا ٻيا فرد به انهن کي بيمار سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. هئڻ ته ائين کپي ته ان حالت ۾ مريض کي ڪنهن نفسيات جي ماهر وٽ وٺي وڃڻ کپي پر اسان وٽ ماڻهن جي کلڻ ۽ ٽوڪڻ جي ڪري ان مريض کي ڪير به پرگهور وارو نفسياتي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. نتيجي ۾ بروقت مرض جي سڃاڻپ نه هئڻ سبب ان مرض ۾ مسلسل اضافو ٿيندو رهي ٿو. اڪثر عورتون ننڊ جي دوائن سان پنهنجو علاج پاڻ ڪنديون آهن. شايد انهن کي ان حل کان سواءِ ٻيو ڪو حل نظر ڪونه ٿو اچي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڊپريشن جون تمام سٺيون ۽ مؤثر دوائون موجود آهن پر هن ڳالهه جو خيال رکجي ته ان جو علاج ڪنهن سٺي نفسيات جي ماهر کان ڪرائجي. هن مرض جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته عورت پاڻ کي معاشري ۾ بلڪل اڪيلو ۽ غير محفوظ ٿي سمجهي. چاهي اها عورت هاءِ سوسائٽيءَ مان هجي يا وري مڊل ڪلاس جي عورت هجي. ان جو سبب اهو به آهي ته هڪ ٻئي کان محبتون گهٽ نفرتون وڌيڪ ٿينديون وڃن. اڪثر عورتون اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيون رهن. ايتري قدر جو هڪ گهر ۾ رهڻ جي باوجود به عورتون هڪٻئي سان تعاون يا همدرديءَ جو مظاهرو تمام گهٽ ٿيون ڪن. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) جي هڪ تازي رپورٽ مطابق جيڪڏهن آئندي ٽن سالن ۾ ڊپريشن جو ڪو سدباب نه ڳوليو ويو ته دل جي بيماريءَ کان پوءِ هيءَ ٻي وڏي بيماري هوندي. مرد جي مقابلي ۾ عورتون ان جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون. خدا نه ڪري پر جيڪڏهن توهان ۾ ڊپريشن جي ڪا علامت ڏسڻ ۾ اچي ته هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکو ته ڊپريشن جو علاج خود توهان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي. ڊاڪٽر فقط توهان جو علاج ڪري سگهي ٿو، ليڪن صحتمنديءَ ڏانهن پهرين وک توهان کي پاڻ کي کڻڻي پوندي.

 

نجمه نور ڦلپوٽو

 

وڇڙيل سهيليءَ جي ياد ۾

سِڪ ٿي ساري توکي سَهيلي،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.
مينهوڳيءَ ۾ ڀڄندا هئاسين،
لوڏَ ٻَڌي لُڏندا هُئاسين،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.

 

مِٺيون مِٺيون ٻوليون ٻوليون،
لِڪ لِڪوٽي راند ۾ ڳوليون،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.

 

ڪيڏا پيارا، ڏينهن ها گهاريا،
ڪُڪڙ ڪبوتر کاري واڙيا،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.

 

ڪَنڊي تي تو ڪيڏو رنو هو،
اُن کي هوريان مون ئي ڪڍيو هو،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.

 

ٽانڊاڻن کي هِتِ هُتِ ڳوليون،
مينديءَ وارا وارَ به کوليون،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.

 

پوپٽ ۽ ڀنڀوريون پڪڙيون،
وکون ڀريون تڪڙيون تڪڙيون،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.

 

جِندوءَ کي ڪيئن جِنبَ هنياسون،
پوءِ ڇاپُڙَ کان ڪيئن بچياسين،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.

 

کِلوءَ جي ڪيئن کَٽاڻِ چورائي،
سُرميداڻي کنئي پرائي،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.

 

گڏجي لٽڙا خوب رڱياسين،
ڦرڦر سَوٽي راند ڪُڏياسين،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.

 

گُڏي گُڏيءَ جو ڪاڄُ ڪيوسين،
ڪَٺو انهيءَ ۾ راڄُ ڪيوسين،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.

 

ڪيڏا پيارا ڏينهڙا هُئاسي،
موٽن جيڪر هليا وئڙا جي،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.

 

”نُور“ جڏهن به ياد اچن ٿا،
لڙڪ بنجي اک مان لڙن ٿا،
آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي.
 

پروين راڄپر

جيءُ جهُريو

جيءُ جهُريو،

من موٽ کاڌي

نيڻن نِيرَ وهايا،

روح بيڪل ٿيو.

ڇو اهو سڀڪجهه ٿيو

ڪجهه ته نئون ئي ٿيو

ڪا ته تار من جي جهُري آهي

جنهن جيءَ کي جهوري وڌو آهي!

ڪنهن؟ ڪڏهن؟ ۽ ڪٿي؟

منهنجي من مندر ۾ ڏيو ٻاريو آهي!

ڇا اُها ڪا موهڻي مورت آهي؟

يا ڪا سهڻي صورت آهي!

ڇو هي نيڻ ڀرجي آيا،

ڪنهن جي ياد ۾

جو دل جون تارون ڇِڙي ويون

ڪيئن هي ٽانڊاڻا سَڄي اُڀ ۾ پکڙي ويا!

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com