سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

اوهان جا خط

صفحو :8

 

اوهان جا خط

 

ايڊيٽر جو خطن سان متفق هئڻ ضروري ناهي

 

مانواري ايڊيٽر!

سرتيون 4/93 ۾ هڪ خط ڇپيو آهي. جنهن ۾ منهنجي ڪالم ”ماءُ جا ڌيءَ ڏانهن خط“ کي کڻي مانواري فريال عمبرين (عنبرين) منهنجي ۽ امداد حسينيءَ جي ”خاندان“ تائين وڃي پهتي آهي. امداد حسينيءَ جو خاندان جيڪو منهنجو به خاندان آهي، تنهن ۾ شاهه ڪريم، شاهه لطيف،ڏاڏو حافظ شاهه، سيد اسد الله شاهه ”فدا“ (ڏاڏو)، ميران محمد شاهه (اول) ميران محمد شاهه (دوئم)، جي. ايم سيد، حافظ شاهه حسيني، ڊاڪٽر اسد الله شاهه بيخود حسيني، شبير هاتف ۽ نور الهديٰ شاهه به اچي وڃن ٿا،.  جيڪڏهن خاندان مان مراد اسان جو گهر آهي ته، محترمه کي اسان جي ٽئلنٽ ۽ ذهانتن تي الاءِ شڪ آهي ـ الاءِ اعتراض آهي ـ يا الاءِ ٽئلينٽ ۽ ذهانتن جي هڪڙي گهر ۾ ڪٺي ٿيڻ تي اعتراض آهي، جڏهن ته مان اهو به مڃا ٿي ته: ”اسان جا ٻار اسان کان وڌيڪ ذهين آهن.“ ”سنڌي ماڻهو  ته اڃا رڳو سنيءَ کان ئي واقف آهن، جڏهن ته اسان جي ڌيءَ اسان کان ٻه قدم اڳتي وڌي انگريزيءَ کي پنهنجو Medium of expression بڻايو آهي. اهائي شاعري جيڪڏهن هوءَ سنڌيءَ ۾ ڪري ته محترمه فريال عمبرين(جنهن کي پنهنجونالو به صحيح لکڻ نٿو اچي) ان بابت ته  ڪهڙو حڪم صادر ڪندي؟ ڇو ته لڳي ائين ٿو ته اسان کي پنهنجي خانداني لياقتن ۽ اهليتن لاءِ محترمه فريال عمبرين يا جن جي هوءَ نمائندي آهي، تن کان پهرين سرٽيفڪيٽ وٺڻو آهي.

 پوءِ ئي ادبي ميدان ۾ ڪونتل ڪڏائڻا آهن. مون کي اچرج رڳو ان تي آهي ته مان جا گذريل سورنهن سالن کان ”سنڌ يونيورسٽي ڪالوني“ ۾ رهان ٿي پئي ۽ مان مانواري ”فريال عمبرين جهڙي لائق هيري“ جي هِتي هئڻ کان ”نابلد“ آهيان.

 

سحر امداد

ايسوسيئيٽ پروفيسر

شعبو سنڌي ادب سنڌ يونيوسٽي، ڄام شوروڍ

 

 

 

محترمه ڀيڻ!

سرتيون 4/93 مون ۽ منهنجي گهر واري ڏاڍي اُتساهه سان پڙهيو. وري جي ماهوار ڪڍڻ جو پڙهيو سون ته ويتر خوشي وڌي ويئي. سنڌيءَ ۾ عورتن جي رسالي جي شديد اڻاٺ آهي، گهر ۾ واندڪائي ۽ فارغ وقت ۾ ٻين ٻولين جون مئگزينون ۽ ڊائجسٽ ان ڪري ڪيترن گهرن ۾ پڙهيا وڃن ٿا، جو معياري ۽ باقاعده رسالا (جن ۾ عورتن جي General دلچسپي هجي جو عنصر هجي) سنڌي ۾ گهٽ ٿا نڪرن. پر سرتيون، جيڪڏهن لڳاتار نڪرندو ته اڻاٺ ختم ٿي ويندي.

  امرتا  پريتم سان زاهده ٿيٻو جي ”ملاقات“ تمام گهڻو پسند آئي. جذبن جي ڪنڊ ڪڙڇ کي ڇهندڙ ان ليکڪا سان ڏيٺ واقعي ساراهه جوڳي هئي. ڪهاڻين جو سيڪشن مجموعي طور بهتر هو. سواءِ رڌ بچاءُ جي، باقي عورتن جي دلچسي لاءِ سڀ ڪجهه هو.

ڪهاڻي ”اڇو گل“ سلمان سومرو جي ترجمو ٿيل هئي پر اصل ليکڪ يا ڪتاب جو ڪوبه حوالو ڪونه هو ساڳي ڳالهه زبيدهه ميتلو جي ترجمي ”ٻارن جي نفسيات لاءِ به سچ آهي. ترجمن ڏيڻ سان گڏ اسم جو اصل حوالو ڏيڻ ضروري آهي.

 

احسان لغاري گهوٽڪي

عوامي ميڊيڪل اسٽور، گهوٽڪي

 

 

 

مانواري ڀيڻ!

  اءُ پهريون ڀيرو ”سرتيون“ ۾ خط لکي رهيو آهيان، اميد اٿم  ”ڊسٽبن“ کان بچائيندا. ”سرتيون“ سرت اسان ڀريو پيو آهي، هر لکڻي لکن جي مٽ  محترمه روبينه ابڙو منهنجي شهر جي سڄاڻ ليکڪا جي شاعري تي فياض لطيف جو مقالو موهيندڙ محسوس ڪيم. هڪ عرض فياض کي ته هو اگر روبينه جي شاعريءَ سان گڏ سندس ڪهاڻِن جو به ٿورو ذڪر مقالي ۾ ڪري ها ته تمام سٺو ٿئي ها. شاعري سيڪش ۾ روبينه ابڙو، آدرش، سليم، احمد شاملو، ۽ خليل عارف سومرو جي ڪوتائن ”سرتيون“ جي سونهن کي سرس ڪيو آهي امر لغاري، عاليه آغا، شبنم گل ۽ ٻين جون ڪهاڻيون سندر آهن. نثار ابڙي جو مضمون هڪ بهترين ڪاوش آهي. سرسري طور ”سرتيون“ رعنائيءَ سان ڀريل آهي. هڪ نماڻي فرمائش ته اگر اوهان روبينه ابڙو جو انٽرويو ”سرتيون“ ۾ شايع ڪريو ته بهتر ٿيندو.

 

حبدار سولنگي ڳيريلو، لاڙڪاڻو

 

 

 

ڀيڻ!

”سرتيون“ جو تازو شمارو پڙهيم، معياري مواد سان وزنائتو ڀاسيو. ايڊيٽوريل ۾ اهو پڙهي سرهائي ٿي ته، جنوري 94 کان سرتيون ماهوار نڪرندو. جنوري 94 کان سرتيون ۾ هڪ سلسليوار ناول شروع ڪريو ۽ گڏوگڏ ڪو سفر نامو شروع ڪريو ته بهتر ٿيندو.

قيدي عورتن جا انٽرويوز اگر هلايا وڃن ته بهتر ٿيندو انهيءَ سان هڪ ته قيدي عورتن جا مسئلا ۽ جيل حڪام وارن جو رويو ڪهڙو آهي، اها خبر پوندي ٻيو ته سالن کان جيڪي بي گناهه  عورتون جيل جون صعوبتون پيون ڀوڳين، انهيءَ جي باري ۾ به پروڙ پوندي.

 

ساگر ڀٽي،فضل ڀنڀرو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com