سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

ڪهاڻيون

صفحو :2

 

ثريا سوز ڏيپلائي

(لوڪ داستان)

وندل ٻائي

 

لوڪ ادب جون پاڙون پاتال ۾ آهن جيئن اکيلبو، تيئين امُلهه ماڻڪ پڌرا ٿيندا، سچو سون سهيڙي سگهبو ۽ اهڙي سُرهاڻ سُڳنڌ پولار ۾ پکڙندي، جيڪا ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ جي من کي مست بنائي ڇڏيندي. ڪڏهن خوشي ۽ ڪڏهن دک درد جا جذبا اندر مان اڀري، گيتن جي گونجار بنجي پيا پڌرا ٿيندا آهن ته ڪڏهن وري حقيقتون، داستانن جي روپ ۾، سر جي سامهون اينديون آهن. ڪڏهن ماءُ جو پيار ڪڏهن ڀيڻ جو پيار، ڪڏهن وري سجنيءَ جي سار ۽ سڪ، داستان جو روپ ڌاريو. انهن سمورن سچن سڱن ۾، ڪنهن به ڊول تي، ”عورت“ ۽ ”مرد“ جو ناتو برقرار رهيو ۽ پيار جو بنياد بڻيو. پر وندل ٻائيءَ جي ڪهاڻي ٻن عورتن جي ڪهاڻي ۽ قصو آهي. وندل ٻائي ”نُنهن“ آهي ۽ اُن سان جنهن ويل وهايا، سابه هڪ عورت آهي سس جي صورت ۾، جنهن پُٽ جي ونيءَ کي نه سَٺو!

ظالم به عورت ته مظلوم به عورت!

”شهزادي وندل ٻائي“ ستن ڀائرن جي دادلي ڀيڻ هئي، جنهن جي اَرهي سرهي منهن ڏي نهارڻ وارا سوين هئا، سا جڏهن وڌي وڏي ٿي ته سونهن ۽ سيرت ۾ سڀني کان سرس ثابت ٿي. سوين سڌ ڪري آيا، پر سپنو سچو آخر هڪ سودا گر جو ٿيو، جنهن جي ماءُ پڻ اِها آس سيني ۾ سانديو ويٺي هئي ته پنهنجي شهزادي لاءِ ڪا ملوڪ مُک ۽ ساڃهه ڀريل سيرت رکندڙ نياز ۽ نوڙت رکندڙ ناري آڻيان، جنهن کي پنهنجي اوٽي اڱڻ تي هلندو ڏسي هاءُ ٺاريان! ستن ڀائرن جي سڪيلڌي، مائٽن جي مٺڙي، سوداگر جي سجني ٿي، اچي اوٽي چڙهي سس به ڏاڍا ساٺ سوڻ ڪيا، هڪ ئي ته ”ڇُوتو“ (سڪيلڌو پٽ جيڪو پريت جي پاڇن ۾ پروان چڙهيو هجي) هئس جنهن جي موڙ ڏسڻ جي من ۾ مراد هئس!

  سس سمجهيو ته سڀڪجهه منهنجو آهي، پر سوداگر کي ته شهزادي وندل ٻائيءَ سوا ڪي سجهي ئي نه! سوداگريءَ ڪاڻ سوين سفر ته ڪرڻا هئا، سو سڄو وقت ”وندل“ جي ور ونهه ۾ ئي ويٺو هوندو هو جيڪا ساعت سپرينءَ جي ساٿ سنڀري، سا سون سريکي ٿي سمجهيائين.

  سس ڪيئن کائي ڪَس، تنهن کي پنهنجي آندل ”وندل“ اصل نه آئڙي، سڪيلڌي پٽ کي پرين جي پچار ۽ پريت جي پيچ ۾ پوتل ڏسي، سيني ۾ سٽ سِٽڻ لڳي. ڪُڇي ڪنهن وٽ ڪجهه ڪونه. مُنهن جي مِٺي ٿي واتان وڃايائين ڪونه، پر مَن ۾ متل مانڌاڻ کي ويٺي ولوڙيائين، سمجهيائين ٿي ته سوداگر سلهاڙيندو سودي جي سٺي، وندل وهندي مون وٽ، وڻندم سو ورتاو ڪنديس!

سچ پچ سوداگر سنبريو سودي لاءِ سامان سڙا کڻي، سُپرين کي سدا ڪاهري ماءُ جي سپرد ڪري سهي سنڀري ٿيو روانو.

  ”وندل“ ويچاري، سڀ ويچار وساري، ساجن سان گڏ گهاريل گهڙين کي ساري، پَل پَل پور پچائيندي، آئيندي جي آس رکندي سپنا سجائيندي ڏينهڙا گهنگهر ۾ گهاريندي رهي. سس کي سمجهيائين ٿي ماءُ، سمجهائين ٿي سس ڏيندي سوداگر جوساءُ، پر سس ته گهڙي گهڙي ڏٺو ٿي گهرو گهاو!

مٿان وري نڻانون به ناز ڪنديون روز پيون ماءُ سان رمزون ڪنديون هيون ”وندل“ ويچاريءَ ته ناز ڇڏيا، نخرا ڇڏيا ور ولهي ته ڪونه هئي، پر وَرِ ته ويو واپار تي پاڻ ته هئي سس ۽ نڻانن جي آڌار تي، تنِ من ۾ پائي ميل، کيڏيو هڪڙو کيل چي؛ ”هل ته هلون سير تي، مُند آهه مزيدار، درد نه دل ۾ ڌار، مونجهارا مٽائي“!

  ”وندل“ ويچاري، ساجن کي ساري ترت ٿي تيار، ڪيئن ڪري انڪار سسِ  جي سٽ نه سمجهي،ڀانيائين نڻانون ڀيڻ، تن واهه جا وڌس ويڻ!

ڪوٺي ويون ڪپ تي، ڪاتيءَ ڪُٺائون وَر ور وڍي ويچاري، ڏٽي ڇڏيائون خوش ٿي کليائون، ”وندل“ ويئي ووءِ ووءِ ڪندي ڏينهن گهڻا ويا گذري، ”وندل“ ويئي وسري! آخر سوداگر ساريو وڻج ڇڏي واپار وساريو اچي پهتو گهر! ورتائين خير خبرٰ

  ”سڀ آهه سڻائي!“ ماءُ چيو مرڪي سوداگر ساهي نه پٽي ڪاهيائين ڪوٺي (ڪمري) ڏانهن اندر هئي اُنڌاهه، دل مان نڪتس دانهن!

”وندل“ جو ويچار وٺي ويس، ڍونڍيائين چوڌار، ماءُ جو موڙو ڇڏي پڇيائين پتو پار ”ويئي هئي جنڊ تي اڃا نه آئي!“ ماءُ ڏني واڌائي.

جنڊ، جنڊ جاچيو، جهڄندو آيو، ”وندل“ ويئي ڪيڏانهن؟

  ”جيڏين“ سرتين ساڻ، ڪندي هوندي رهاڻ ماءُ ڏنو هي ڏس، ويچارو وري ويو، جيڏيون جاچيائين، سرتيون سڃاتائين، ”وندل“ نه ويڙهي! موٽي اچي ماءُ کان ٽيهر پڇيائين.

  ”ويئي“هوندي تڙ تي!“ ماءُ ڏنو مِهڻو! متان ويئي مائٽين وِندل شهزاديَ ڪوه ڄاڻان ڪوه ٿيو، ڪهڙي ٿي تعدي! نيٺ ويوويڙهي، جتي رت ڏٺئين ريلا، سڌي سنواٽي پٽ تي تازاڪي تيلا (ڍڳيون) من ۾ مونجهه وڌي ويس، اڃا وڌي اڳتي ، ڇير ڪئي ڇمڪار ”وندل“ ويئي مري نورن گهنگهرن جي گونجار ”ڪنوار“ ويئي ڪُسجي!! سوداگر جي سيني مان نڪتي اهڙي ”آهه“

اڀ مان آنسو وسڻ لڳا، ڌرتيءَ ”اگهڙي باهه“ وندل تون وِسار، ونيون تولئه کوڙ!

ماءُ مِيٽيو مامرو اکر چئي اِي، وڃي ڪيائين توڙ ”وندل“ هئي منهنجي وني، ساتو ڪانه سٺي، سوداگر جي سورن ريءَ ڪونهي ڪا گهٽي

تو ڪومل ڪئين ڪُٺي،

”ماڻهپو“ تو مان ويو  مٺي!

ماءُ وڌو تو وير!

يا موٽڻ ۾ مون کان ٿي اوير؟

 


 

 

شبنم گل

تنهائيءَ جي خوشبوءِ

 

هوءَ ڪيتري دير کان بس اسٽاپ تي بيٺي هئي ۽ بس هئي جنهن اچڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. هوءَ ڪيترين نظرن جو مرڪز هئي. عجيب قسم جي شرمندگيءَ جي احساس تحت سندس پيشاني پگهر جي ڦڙن سان جرڪڻ لڳي. عورت هئڻ جو هڪ عجيب احساس جرم....زندگي ڄڻ ته مداريءَ ۽ ڀولڙي جو ڪو تماشو هجي. اوچتو پري کان بس ڪنهن نخريلي محبوب جيان لڏندي لمندي نروار ٿي ته هن سُک جو ساهه کنيو، بس ڀرسان اچي بيٺي. هوءَ پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳي ماڻهو هڪٻئي کي ڌڪا ڏيندا بس مان لهي چڙهيارهيا هئا، وقت جو زيان ڪرڻ وارن کي پنهنجي منزل تي پهچڻ جي ايڏي تڪڙ ڇو آهي؟ هوءَ سوچڻ لڳي. ان وچ ۾ ڪنڊيڪٽر فرشتي جيان منظر تي ظاهر ٿيو، ”اڙي بابا! ڪجهه ته سوچ ڪريو، ليڊيز کي چڙهڻ ڏيو.“

          ڪنڊيڪٽر جي صدا تي هجوم پاسيرو ٿيو ۽ مايون بس ۾ چڙهڻ لڳيو، هوءَ به پنهنجي سيٽ تي وڃي ويٺي، ڪو زمانو هو، جڏهن مرد عورت جي احترام ۾ رستو ڇڏي بيهندا هئا، سندن احترام ۾ اُٿي کين سيٽ ڏيندا هئا ۽ اڄ هيءَ ڪهڙي هوا  گُهلي آهي، جنهن ۾ انسان جي حيثيت ڪک جيتري به نه آهي. نه رڳو عورت جي حيثيت! هوءَ ٽشو پيپر سان پگهر اُگهڻ لڳي. بس ۾ ماڻهن جي پيهه پيهان پئي هئي، ٿوري دير کان پوءِ بس هلڻ لڳي، حد کان وڌيڪ رش هئڻ ڪري، اڪثر ماڻهو بيٺا هئا، جن ۾ هڪ پوڙهي مائي به هئي، هڪ بيٺل ماڻهو سيٽ تي ويٺل  نوجوان کي مخاطب ٿيندي چيو.

  ”ڀائو ڪجهه خيال ڪيو مائي ويچاري بيٺي آهي ۽ توهان آهيو جو ايڏي لئي سان ويٺا آهيو!“

  پٺيان يونيورسٽيءَ جي ڇوڪري رڙ ڪئي شيم...شيم...

نوجوان کي مهانگي کدر جو سوٽ پيو هو، جوانيءَ جي غرور ڪري سندس ڪنڌ کي ڄڻ ته ڪلف لڳل هو. ڪاوڙ ۾ وراڻيو،

  ”هل ميان وڃي پنهنجو ڪم ڪر، تنهنجي ڪا ماسي لڳي ڇا جو ايڏو پيو ڦٿڪين....؟“

بس ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

پوءِ ته ماڻهوءَ جا هٿ وڃي نوجوان جي ڪلف لڳل ڳچيءَ ۾ کتا ۽ جهيڙو شروع ٿي ويو.

 نيشا مٿي تي هٿ رکي سوچڻ لڳي.

  يا خدا! ڇا پناهه ڪٿي به ناهي !گهرن، گهٽين، پاڙن، بازارن ۾ جهيڙا.... انسانن ۾ تفريق، ننڍ وڏائي، قوميت جا جهيڙا. انسان ڪڏهن ان حقيقت کي سمجهندو ته هو فقط پيار ڪرڻ ۽ پيار ورهائڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي. هيءَ زندگيءَ ته عارضي آهي. پل جو جهوٽو، هيئنر سڀ ڪجهه آهي. خيال جذبا ۽ خواب ۽ گهڙيءَ کان پوءِ ڪجهه به نه آهي.. جيئري جاڳندي وجود جي جاءِ تي فقط هڪ گمان هڪ پاڇو، ماضيءَ جو ڪو وڃايل سپنو، خواهش جي اکين مان لڙي آيل ڪوبي قيمت لڙڪ.

آخر انسان پنهنجي وجود جي اهميت کان ڪڏهن آگاهه ٿيندو،ڪڏهن خود شناسيءَ جي آئيني آڏو اچي بيهندو، ڪڏهن ان مقصد کي سڃاڻندو، جنهن جي ڪري هو دنيا ۾ موڪليو ويو آهي. جيڪڏهن جسم جون پنهنجون گهُرجون آهن ته روح جا به ڪي تقاضاآهن. روح، جيڪا نظر نه ايندڙ شيءِ آهي، جنهن جو تسلسل احساس سان جڙيل آهي، نظر نه ايندڙ هوائن جيان روح جي پنهنجي موسيقي آهي.

  روح، احساس جي تارن تي ڇيڙيل لافاني گيت ڳائڻ لاءِ آهي، روح کي نفس جي پردي ۾ نه لڪايو... روح کي سچائيءَ جي روشني گُهرجي... ماڻهن کي روحاني موت مرڻ کان بچائڻ گهرجي. ماڻهن جيئن، ڌرتي، ادارن ۽ قوميتن کي بچائڻ لاءِ تحريڪون هلائيندا آهن، جيئن ماحولياتي آلودگي جي بچاءُ جي تحريڪ هلائي پئي وڃي. ائين ئي روح کي آلودگيءَ ۽ نفس جي ڪثافتن کان بچاءُ جي تحريڪ هلائڻ گهرجي...

   جيئن ماڻهو، ماڻهوءَ سان ائين نه وڙهي.

  جيئن روح جو لازوال گيت کيس اهڙي ناقابل تسخيرقوت عطا ڪري، جنهن جي روشنيءَ ۾ هو مستقبل ۾ جهاتي پائي ڏسي سگهي...

جهيڙي ۾ هاڻ ڪجهه ٺاپر اچي ويئي هئي، پر نيشا مسلسل سوچي رهي هئي. هن دريءَ کان ٻاهر نهاريو، جتي منظر تيزيءَ سان بدلجي رهيا هئا، بس ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ کان لنگهي رهي هئي، گند جي ڍيرن تي اڌ اُگهاڙا ٻار بيٺا هئا، هوءَ وري سوچ ۾ وڃائجي ويئي، انهن اڌ اُگهاڙن ٻارن کي مستقبل   جو تحفظ ڪير ڏيندو! مان جو هڪ مثالي معاشري جا خواب ڏسندي آهيان، ڇا اڄ تائين ڪنهن هڪ ٻار جو مستقبل بچائي سگهي آهيان! ڇا اسان جو هر ايندڙ نسل مثالي معاشري جا خواب ڏسندو. حالتن سان ٽڪرائجي ائين ئي وکرندو رهندو، مخالفتن جي پٿرن سان ٽڪرائجي ٿاٻا  کائي سنڀلڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو. آخر ڪيستائين ..!!!

  نيشا جي پوسٽنگ جڏهن کان شهر جي ڪاليج ۾ ٿي هئي، تڏهن کان هوءَ پريشانين ۾ گهيرجي ويئي هئي. هوءَ روز سو ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري ڪاليج پهچندي هئي، هن لاءِ ڊيلي آوٽ بيڪ ڪرڻ وڏو مسئلو هو. خاص ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ايندي ويندي جن تلخ تجربن مان هوءَ گذرندي رهي هئي سي هن لاءِ ناقابل برداشت هئا، هوءَ ڊسٽرب ٿي ويئي هئي. سندس ڪيترا ڪم رُلي ويا هئا،ا يم فل لاءِ ٿيسز لکڻ جي ڪم ۾ اها روز جي مسافري ۽ ٿڪا وٽ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي ويا هئا.

  ڪجهه ڏينهن اڳ نيشا کي هڪ آسرو مليو هو. شهر ۾ ڪيترا ڪاليج هئا، پر هاسٽل فقط هڪ ڪاليج ۾ هئي. نيشا ان ڪاليج جي پرنسپل جي تعريف ٻڌي هئي، هڪ ڏيهن پرنسپل سان ملي هن کيس پنهنجي مسئلي کان آگاهه ڪيو.

  ”توهان جو مسئلو پنهنجي جڳهه تي، پر اسان ڪنهن ٻئي ڪاليج جي ليڪچرر کي پنهنجي ڪاليج جي هاسٽل ۾ جڳهه نه ٿا ڏيئي سگهون!“

”منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن شهر ۾ ڪا هاسٽل آهي ته مسئلي جي نوعيت کي سمجهندي مون کي ان ۾ جڳهه ملڻ گهرجي“

  ”اسان جي ڪاليج جا ڪجهه رولز اينڊ ريگيوليشنز آهن.“

پرنسپل جي ڳالهه ٻڌي هن سوچيو، هر ناجائز ۽ غلط ڪم لاءِ رولز اينڊ ريگيوليشنز ڇو نه هوندا آهن...!

 هن پرنسپل کي قائل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي.

  آءِ ايم ساري، مان اوهان لاءِ ڪجهه نه ٿي ڪري سگهان.“

 هوءَ مايوس ٿي آفيس مان ٻاهر نڪري آئي، ايندي ايندي هن آفيس ۾ ويٺل هڪ پروفيسر جا رمارڪس ٻڌي ورتا. ”اهي يونيورسٽيءَ جون پڙهيل انٽليڪچوئل ڇوڪريون ڏاڍيون خطرناڪ هونديون آهن.“

  نيشا ڪيترا ڏينهن ان جملي جي پس منظر تي سوچيندي رهي، هر اُهو ماڻهو جنهن ۾ خود شناسي ۽ ذاتي تجربي جي صلاحيت آهي ڇا ٻين لاءِ نقصانڪار آهي! شايد ان ڪري ته ڪوبه ماڻهو نه چاهيندو آهي ته ڪو ٻيو هن کان بهتر هجي. هر ماڻهو کي هڪ رهبر گهرجي. اها ٻي ڳالهه ته رهبر جي ويس ۾ ڪو رهزن لڪل هجي.

 هن دور جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته جيڪو ماڻهو جيترو مخلص آهي، اُهو زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ اوترو پوئتي آهي، هن پرنسپل جي ڪيڏي نه تعزيت ٻڌي هئي، پر هن سان ملي کيس افسوس ٿيو هو، عورت ته عورت جي مسئلي کي بهتر طور تي سمهجهي سگهي ٿي، پر هتي ته عورت ئي عورت جي مسئلي کان بي خبر آهي پوءِ ڏوهه ڪنهن کي ڏجي.

  هونئن به نيشا هڪ ڳالهه شدت سان محسوس ڪئي هئي ته ايڊمنسٽريشن ۾ عورتن کان وڌيڪ مرد تعاون ڪندا آهن، جڏهن ته انتظامي معاملن کي سنڀالي، اڪثر عورتن جي مزاج ۾ خلوص ۽ انڪساري بدران سختي ۽ دنيا داري وڌيڪ اچي ويندي آهي.

  ”ڪاش! پرنسپل وٽ هڪ درد مند دل هجي ها! هاڻ ڪو ٻيو چارو نه هو، سواءِ ان جي ته ڪٿي پي انگ گيسٽ ئي رهجي.

پر ڪٿي...!!!

هونئن به ڀتين جي ڦهلاءُ سان دليون سوڙهيون ٿي رهيون آهن. گهر جو تصور ساڳيو ناهي رهيو. هاڻ گهر، گهر گهٽ مسافر خانا وڌيڪ لڳندا آهن، جتي فقط ذاتي خوشين جو تصور آهي ۽ جتي ڪوبه هڪٻئي جا ڏس شيئر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

جتي اجنبيت هجي، اتي دوستي ۽ محبت نه ٿي ٿي سگهي.،انا پرستيءَ جي اوندهه ۾ پنهنجائپ جو ڪو ڪنول نه ٿو کڙي سگهي. نيشا کي رهڻ لاءِ هڪ ڪمروئي کپندو هو. ڪنهن جي ٻڌائڻ تي هوءَ مسز نگار سان ملڻ ويئي، جيڪا پنهنجي انتهائي وسيع بنگلي ۾ پي انگ گيسٽ رهائيندي هئي. مسز نگار کيس ڪمرو وغيره ڏيکاري  ڊرائينگ روم ۾ اچي ويهاريو ۽ هن لاءِ چانهه ۽ ڪجهه نمڪين شيون به کڻي آئي. چانهه پيئندي هوءَ ڄڻ ته نيشا جو انٽرويو وٺڻ لڳي.

فرصت جي وقت ۾ ڪهڙا مشغلا اٿو؟

 هونئن فرصت ملندي گهٽ اٿم، پر جيترو وقت ملندو آهي، عبادت ڪندي آهيان.“

”عبادت...!!!“ مسز نگار حيران ٿي پڇيو.

”ذهن جي يڪسوئي ۽ سڪون لاءِ عبادت تمام ضروري آهي.“

”عبات لاءِ ته هڪ عمر پئي آهي هيءَ عمر ته انجوائي ڪرڻ جي آهي.“

”مذهب زندگيءَ کي مقصد عطا ڪري ٿو.“

”۽ اهو مقصد ڇاٿو ٿي سگهي؟“ خبر ناهي ڇو نيشا کي محسوس ٿيو ڄڻ مسز نگار جي لهي ۾ طنز هجي.

”انفراديت کان وڌيڪ اجتماعي ڀلائيءَ لاءِ سوچڻ، پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي ڪم اچڻ۽...“

”بس بس“ مسز نگار سندس ڳالهه ڪٽي Life is just like a puppet show ۽ اهو غلط آهي ته  زندگيءَ کي ڪو مقصد يا ڪا معنيَ آهي.  There is only holtinngeesمسز نگار جي ڳالهه ٻڌي نيشا کي خبر نه آهي ڇو ڪاوڙ لڳي. 'We should try to find out beauty and goodness from that nothingness'  ”اوهه مسز نگار سندس ڳالهه ٻڌي ٿڌو ساهه ڀريو.

  ”زندگي جي تلخ تجزين منهنجي اندر ۾ زهر ڀري ڇڏيو آهي.“

”دراصل مان تنهائيءَ کان ڏاڍو خوفزده رهندي آهيان. ان ڪري مان ڪنهن نه ڪنهن کي پاڻ وٽ پي انگ گيسٽ رکندي آهيان. منهنجي خيال ۾ تنهائي هڪ وڏو عذاب آهي.“

  نيشا سوچيو،”تنهائي هر ان ماڻهوءَ لاءِ عذاب آهي، جنهن جي دل ۾ ڪو چوررهي ٿو.“

  تنهائي ته سچ جو آئينو آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي اصليت ڏسي سگهي ٿو.“

”تنهنجون ڳالهيون تنهنجي عمر کان گهڻيون وڏيون آهن.“ مسز نگار جي لهجي ۾ خفگي لڪل هئي.

  ”حالتن اسان کان عمرن جو فطرت پڻو کسي ورتو آهي.“

   ”لڳي ٿو ڪا گهري چوٽ کاڌي اٿئي.“

  مسز نگار جي ڳالهه ٻڌي نيشا کلي پئي. سندس کل ۾ عجيب بي ساختگي هئي.

  ”مان ڳالهه انفرادي حوالي سان نه پئي ڪيان مون سدائين اجتماعي مسئلن تي سوچيو آهي.“

   ”ڇا تنهنجو ڪو بواءِ فرينڊ آهي.؟“

   ”جي....!!!“

”مون کي شايد اهڙو سوال نه، پڇڻ گهرجي.“

  توهان اهو ڇو ٿا ڄاڻڻ چاهيو.“

”ان ڪري ته تنهنجي ڳالهين ۾ تنهائيءَ جي خوشبوءَ آهي.“

  ”تنهائي جي خوشبو“ مسز نگار جي ڳالهه ڪيڏي نه آرٽسٽڪ آهي نيشا سوچيو.

  ”ڇا مون غلط چيو.“ مسز نگار پڇيو.

  ”دراصل ڳالهه اها آهي ته رفاقتن جي ڪچن رنگن کان تنهائي جي خوشبوءِ چڱي آهي.“

  ”مون کي اها ڳالهه پسند آئي.“

  ”شڪر آهي توهان کي منهنجي ڪا ڳالهه وڻي ته سهي“

  ”جڏهن جواد مون سان گڏ هو، تڏهن دنيا جي هر شيءِ حسين ۽ وڻندڙ لڳندي هئي.“

  ”جواد ڪير....!!!“

   'My husband'

”پوءِ توهين تنها ڇو رهو ٿيون.“

 ”هو مون کان ناراض ٿي الڳ رهي رهيو آهي، هو هڪ ننڍي ڳالهه تي خفا ٿي ويو آهي. خفا ٿيڻ کانپوءِ هو فارين هليو ويو آهي“

  توهين کيس پرچائي سگهو ٿيون.“

  ”منهنجي ڪا انا آهي.“

  ”عورت جي ڪابه انا نه هوندي آهي.“

  نيشا محسوسو ڪيو، هن جي ڳالهه مسز نگار کي خراب لڳي هئي. اسان پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهيا آهيون.self recognition کان هٽي ڪري اسان معاشري ۾ ڪو مضبوط حوالو کڻي متعارف ٿيڻ چاهيندا آهيون. اهو حوالو دولت به ٿي سگهي ٿي ته ماڊرن ڪلچر به، ڪجهه به هجي اسان کي پنهنجي ثقافت پنهنجي مشرقين جي حفاظت ڪرڻ گهرجي.

  پر هوءَ اها ڳالهه مسز نگار کي نه چئي سگهي. خاموشي سان اجازت وٺي ان گهٽيل ماحول کان ٻاهر نڪري آئي.

  ”هاڻ ڇا ٿيندو؟“ هن افزا کي، پريشان ٿي چيو،

  ”تنهنجو واقعي دماغ خراب ٿي ويو آهي. توا يڏو سٺو موقعو وڃائي ڇڏيو.“

  ”مان ان ماحو ۾ ايڊجسٽ نه ٿي سگهان ها.“

  ”جيڪا تنهنجي مرضي.“

  افزا چپ ٿي ويئي ۽ وري اهو ساڳيو مسئلو هلندو رهيو. پر افزا پنهنجون ڪوششون جاري رکيون. هوءَ دوستي نڀائڻ وارن ماڻهن مان هئي. کيس نيشا جي پريشانيءَ جو اندازو هو. هوءَ کيس هڪ اهڙي گهر وٺي ويئي، جيڪو نيشا کي پسند آيو. گهر جي ڀتين ۾ اوپرائپ بدران پنهنجائپ جي خوشبوءِ هئي. اهو گهر آنٽي شاهه بيگم جو هو، جنهن سان افزا جي گهر وارن جي دعا سلام هئي اُن ئي ڏينهن نيشا سامان کڻي آنٽي شاهه بيگم جي گهر شفٽ ٿي ويئي، نيشا کي هڪ کليل ۽ هوادار ڪمرو مليو هوجنهن جي دري باغ ڏانهن کلندي هئي.

  آنٽي شاهه بيگم هڪ بيواهه عورت هئي. جنهن جي هڪ ڌيءَ علينه ڊاڪٽر هئي ۽ آمريڪا ۾ رهندي هئي. هوءَ گهر ۾ پنهنجي ڏهن سالن جي پٽ نومان سان رهندي هئي، گهر جو مٿيون حصو به مسواڙ تي ڏنل هو. ان رات نيشا کي اُهوڪمرو پنهنجي اندر جي سڪون سان هم آهنگ لڳو. ڪمرا به شايد دلين جي وسعتن وانگر فقط انهن کي قبول ڪندا آهن، جيڪي دل جي گهراين ۾ لڪائي رکڻ جهڙا هوندا آهن، هر گهر جي پنهنجي خوشبوءِ هوندي آهي، خوشبوءِ پاڻ ٻڌائي ڇڏيندي آهي ته هن گهر ۾ ڪهڙي قسم جو ماڻهو رهندو  آهي. آنٽي شاهه بيگم جي گهر جي پنهنجي الڳ خوشبوءِ هئي. سچائي جي خوشبوءِ، پنهنجائپ جي خوشبوءِ، سادگي ۽ ايمان جي خوشبوءِ، صبر ۽ تابعداري جي خوشبوءِ.

  سو مهاڻيءَ جي نماز جو وقت هو جڏهن پنهنجي ڪمري مان آنٽي شاهه بيگم کي سجدي ۾ جهڪيل ڏسندي هئي. ته کيس لڳندو هو، ڄڻ ڪائنات جي هر شيءَ مرڪي رهي آهي. سک جا هٿ سندس بي چين روح کي ڇهي وٺندا هئا. ڄڻ زندگيءَ جي ڪوڙين خوشين ۾ دائمي سچ جا ڪرڻا روح کي ميري ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا هجن.

  ازل کان روشن رهندڙ سچ اهو ئي ته آهي، جنهن وجود ۾ انفراديت جي خوشبوءِ کي سدائين تازو رکيو آهي. زندگيءَ جي منفي روين ۽ خواهشن جي برتري تي فتح حاصل ڪندڙ سچائيءَ جي روشني ۽ اها عبادت جي روشني هئي، جنهن انٽي شاهه بيگم جي شخصيت کي هڪ انوکو وقار عطا ڪيو هو، سندس وجود جي چوڌاري توڪل جو حصار هو ۽ چهري تي ساحل جي ڪنارن جهڙو اطمينان، آنٽي شاهه بيگم جي وجود مان ايندڙ هڪ ٻي خوشبوءِ به هئي....

  تنهائيءِ جي خوشبوءِ جيڪا سجھي گهر ۾ ڦهليل هئي. گهر جي فرش ۽ فرنيچر ۾ اها هڪ ئي خوشبوءِ سمايل هئي.

  هوءَ سراپا خلوص، عجز ۽ نياز هئي سندس گفتگو ۾ تحمل ۽ نرمي هئي. هوءَ جڏهن ڳالهائيندي گهئي ته نيشا جي دل چوندي هئي ته هوءَ سڪون جي انهن لهرن مان لڙهندي رهي... جيئن جيئن ڏينهن گذرندا رهيا، نيشا گهر جي فرد وانگر ان ماحول ۾ جذب ٿيندي رهي.

  ڪجهه ڏينهن کان نيشا کي محسوس ٿيو ته، ڄڻ آنٽي شاهه بيگم پريشان هجي. سندس طبيعت به ٺيڪ نه هئي. پري، ڪچن ۾ ٿانو ڌوئي رهي هئي. نيشا ڪچن ۾ جهاتي پائي ڏٺو. پري ڪو پشتو لوڪ گيت ڳائي رهي هئي. نيشا هن کي غور سان ڏٺو. هوءَ فقط چوڻ جي حد تائين پري هئي. وکريل وار، ڦاٽل ڪپڙا چاندي جهڙي چمڪندڙ چهري تي ايترا گهنج جيترا شايد هن جي اندر جا ڏک.... ته به هوءَ ڳائي رهي هئي. نيشا کي پريءَ جي زنده دلي وڻندي هئي. خاص ڪري سندس ساون مرچن جهڙيون تکيون ڳالهيون....زندگيءَ ڏانهن هوءَ جيڏي لاپرواهه هئي رويي ۾ اوتري محتاط، ڪڏهن ڪڏهن بلڊ پريشر هاءِ ٿيڻ ڪري هوءِ تکائيءَ جون سموريون حدون لتاڙي ويندي هئي. ان ئي تکائيءَ جي ڪري سندس پٽن کيس گهر مان بيدخل ڪري ڇڏيو هو. پري پنهنجي ڌيءُ وٽ رهندي هئي. حد کان وڌيڪ خوددار هئڻ ڪري هوءَ بيمار رهڻ جي باوجود به گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندي هئي.

  ”پري! گاني جومطلب ٻڌاءِ ته خبر پوي ڇا پئي ڳائين؟“

  ”پنهنجي زندگيءَ جا ڏک پئي ڳايان...“ پري گلاس کي پاڻيءَ سان چمڪائيندي چيو. نيشا کيس غور سان ڏٺو سندس منهن ڳاڙهو هو.

  ”طبيعت ٺيڪ نه اٿئي ڇا.؟“

  پري نيشا جي ڳالهه نٽائي ويئي ۽ کيس گاني جي ٻولن جي معنيَ ٻڌائڻ لڳي.

  ”منهنجا دوست منهنجي اڱڻ تي ڏاڍي اونداهي آهي، اچي ڀيرو ڪري وڃ جيئن منهنجي قسمت رات جي آسمان تي چمڪندڙ ستارن جيان جرڪي اُٿي.“

  توکي ڪنهن جو انتظار آهي پري!“ نيشا مذاق ڪندي چيو.

  ”سکين ڏينهن جو، چڱي وقت جو.“ پريءَ جي لهجي ۾ بي بسي هئي. نيشا سوچڻ لڳي ته هن ڌرتيءَ تي نه ڄاڻ ته ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي رڳو خوابن جي سهاري جيئندا آهن، پريءَ جو به ساڳيو مسئلو هو، تنهائي جو هن پٽ ڌيئون پالي ٻِين لاءِ جوان ڪيا. هن مقدر جي بند سِپَ کي ايترا سال سنڀالي رکيو ۽ عمر جي آخر ۾ کولڻ تي اها سِپَ اندران خالي نڪري پئي. اهو خالي پڻو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي زندگيءَ جو... اڄ جي انسان جو الميو، جيڪو ڏيڻ گهٽ، وٺڻ وڌيڪ چاهي ٿو...

  پريءَ جي سڄي وجود ۾ تنهائي جي خوشبوءِ هئي... نيشا کي ان خوشبوءَ کان وحشت ٿيڻ لڳي، جنهن ۾ ڳوڙهن جي آلاڻ هئي.... هوءَ عجيب سوال ڪري، پري کي اداس ڪري ڇڏيندي هئي، ان ڪري نيشا اتان بيدليءَ سان اٿي ٻاهر نڪري آئي. آنٽي شاهه بيگم جي ڪمري جي سامهون لنگهندي هن جا قدم بيهي رهيا. هوءَ اندر هلي آئي. آنٽي شاهه بيگم پلنگ تي ليٽيل هئي ”طبيعت ته ٺيڪ آهي نه آنٽي؟“ هن پيار مان پڇيو.

  آنٽي شاهه بيگم جي اکين ۾ لڙڪ هئا. جنهن درد کي هن اڄ تائين سنڀالي رکيو هو، اهو سندس چهري جي نس نس مان ظاهر هو. ڪو پنهنجو حال ٻڌڻ وارو ويجهو هجي ته ان جي هئڻ جو پساهه انسان کي ٿڪائي وجهندو آهي... اڄ ان ئي ڪيفيت مان لنگهندي آنٽي شاهه بيگم هن کي گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ ٿي چاهيو.

  ”علينه جو ڇهن مهينن کان ڪو خط نه آيو آهي. ڪيترا ڀيرا فون ڪيم، پر ڪير به نٿو کڻي خبر نه آهي هوءَ ڪٿي هوندي!.

  ”آنٽي شاهه بيگم روئڻهارڪي ٿي وئي.“

 هوءَ سوچڻ لڳي ”ڪيڏا بدقسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي ڇانو کي ٺڪرائي رڃ کي پاڻي سمجهي، ان جي پٺيان ڊوڙڻ لڳندا آهن، انسان اهم آهي، انسانيت اهم آهي. ٻئي نه آهن ته زندگي ناهي. ان زندگيءَ ۾ ڪا تازگي ڪانهي....ڪنهن جذبي ڪنهن سچ ۽ ڪنهن ڳولا جي روشني ناهي....

  ”توهان علينه کي آمريڪا ڇو موڪيلو؟“

  ”هوءَ هتان جي ماحول ۽ پنهنجن جي روين کان مايوس ٿي هلي ويئي.“

  هيءَ ته محبتن جي سرزمين آهي....جنهن جي پس منظر ۾ ڀٽائيءَ جي لفظن جا گلاب ٽڙندا آهن. ڪاش اسان لفظن جي ان خوشبوءِ کي دل جي گهرائي سان محسوس ڪري سگهون. جيڪڏهن ان لهجي جي سچائي کي سڃاڻي وٺون، ته ڪڏهن به ڪنهن کان رستا نه وڃائجي سگهن!

 هوءَ وري سوچن ۾ وڃائجي ويئي. آنٽي شاهه بيگم ٿڌو ساهه ڀري چيو. ”علينه ڏاڍي حساس ڇوڪري هئي. هوءَ ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن پنهنجي چاچي جي گهر رهي هئي. هوءَ رات جو جڏهن واپس ايندي هئي ته گهر ۾ هن لاءِ ماني نه هوندي هئي. ائين ڪيتريون راتيون هن بک تي گذاريون، پوءِ انهن جي رويي کان تنگ ٿي، هوءَ واپس حيدرآباد هلي آئي، هتي ماحول جي گهٽ هن کي پسند نه هئي. هوءَ اڪثر نائٽ ڊيوٽي ڪري موٽندي هئي ته پاڙي وارا کيس شڪ جي نظرن سان ڏسندا هئا، هو اڪثر مون کان پڇندي هئي.

  ”مما! هتي عورت لاءِ زندگي ايتري عذاب ڇو آهي. هر طرف طنزيه نظرون هر طرف معني خيز مرڪون....ڇا ٻاهر نڪري ڪم ڪندڙ سڀني عورتن کي ائين خراب سمجهيو ويندو آهي؟“

  جواب ۾ مان چوندي هئي مانس.

  ”ٻين کي خراب سمجهڻ وارن جي پنهنجي دل ۾ خرابي هوندي آهي.“

  پر هوءَ مطمئن نه ٿيندي هئي.

  ”عورت کي ڪڏهن انسان سمجهي ان سان انسانن وارو سلوڪ ڪيو ويندو؟ آخر ڪڏهن!!!“

 ”علينه وٽ رڳو سوال هوندا هئا ۽ مون وٽ انهن سوالن جو ڪوجواب نه هوندو هو. هوءِ چوندي هئي اسلامي معاشرو جيڪڏهن عورت کي عزت ۽ تحظ نه ڏيئي سگهي ته اهڙي معاشري کان پرديس ڀلو آهي؛ جتي گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن سان ڪا شڪايت  ته نه ڪبي. هوءَ اهو به چوندي هئي ته اسلام نيتن جي سچائي جو مذهب آهي. هتي هر طرف مذهب جي آڙ ۾ ايتري ٻيائي ڇو آهي؟ نظر ۾ اوگهڙائپ هجي ته ڇا ڍڪيل جسم شريف ٿي سگهن ٿا! هن کي هن معاشري ۾ اڪثريت ۾ نظر ايندڙ اهڙن شريفن کان نفرت هئي.

  مون کي ياد ٿو اچي ته هن جي هڪ غريب سهيلي رتنا هئي. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن اسان وٽ اچي رهندي هئي. هوءَ ان جي ڪم سان ڪمشنر وٽ وئي هئي. خبر آهي ڪمشنر هن کا ڇا چيو....

  نيشا غور سان هن کي ٻڌندي رهي هوا به ڄڻ پنهنجو ساهه روڪي ڇڏيو هو هر طرف مڪمل خاموشي ۽ سڪون هو.

 ان ڪمشنر ان ڪم جي بدلي هن کان هڪ رات نذراني طور گهري هئي...هوءَ درخواست ڪمشنر جي منهن تي اڇلائي آئي ۽ سڄي رات منهنجي جهوليءَ ۾ منهن لڪائي روئندي رهي ۽ پڇندي رهي ته، جنهن معاشري ۾ ڪم جي بدلي عزت نفس جو سودو ڪيو وڃي ڇا ان قابل آهي ته ان ۾ ڪو خود دار ماڻهو جي سگهي.!

  نيشا حيرت ۽ صدمي جي ڪري پنهنجي جاءِ  تي ڄڻ ته ڄمي ويئي هئي.

  ”اهو ڪيئن ممڪن آهي....!!!“ نيشا ان ئي ڪيفيت ۾ سوال ڪيو.

  ”هتي عورتن جا سودا ٿيندا آهن. عزتون نيلام ٿينديون آهن پرسڀ چپ هوندا آهن، بي غيرتي جو لباس پائي معزز چورائيندا آهن، ان ڪري هوءَ هي اسلامي ملڪ ۽ مهذب معاشرو ڇڏي ويئي.

  ”نيشا کي خبر نه آهي ڇو ننڍپڻ ياد اچي ويو.جڏهن هو موڪلن ۾ ڪوهه مري گهمڻ ويندا هئا، تڏهن برف ۾ بيٺل Snow man کيس ڏاڍا سٺا لڳندا هئا....ايتري عرصي کانپوءِ هاڻ اچتو کيس محسوس ٿيڻ لڳو ته سندس چوڌاري وسندڙ انسان ڪوڙ ۽ منافقت جي برف سان ٺهيل Snow man هجن، جيڪي سچائيءَ جي اس ۾ رجي ويندا آهن ان ڪري اهي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ اس کان خوف کائيندا آهن، زندگي ته.... اس جي تپش سان جنم وٺندي آهي، خواهشن جي بند ڪوٺيءَ مان نڪري کليل فضائن ۾ زندگيءَ کي ڳولهڻ گهرجي....اچو زندگيءَ کي ملي ڳوليون....

  آنٽي شاهه بيگم جي ساهه ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي. لڙڪ سندس ڳلن تي لڙي آيا. نيشا سوچن مان ڇرڪي کيس نهاريو ۽ خاموشيءَ سان ڪمريءَ کان ٻاهر نڪري آئي.

  جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا، آنٽي شاهه بيگم جي طبيعت خراب ٿيندي ويئي. نيشا جيستائين ڪاليج کان موٽندي هئي پري اتي موجود هوندي هئي. نيشا جي غير موجودگيءَ ۾ پري سندس سار سنڀال لهندي هئي. نيشا سوچندي هئي علينه آخر ڪهڙي قسم جي ڌيءُ آهي. انهن ڏينهن ۾ علينه جو خط آيو ته آنٽي شاهه بيگم جي اڌ بيماري لهي ويئي. علينه لکيو هو ته گهر تبديل ڪرڻ جي ڪري هوءَ خط نه لکي سگهي هئي. هن پنهنجو فون نمبر لکيو هو. آنٽي شاهه بيگم جي بيماريءَ دوران نومي چپ  چپ رهڻ لڳو هو. هڪ ڏينهن آنٽي شاهه بيگم پننجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ انڪشاف ڪيا.

  ”منهنجي ڀيڻ جڏهن گذاري ويئي ته هن پويان هڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ڇڏيون. فضل کي ٻي شادي ته ڪرڻي هئي. ان ڪري سندس گهر وارن منهنجو سڱ گهريو. گهر وارن جي مرضي ڏسي مون کي ها ڪرڻي پيئي، فضل مان مون کي هڪ ڌيءَ پيدا ٿي علينه.“

  ”۽ نومي نيشا حيرت مان پڇيو.

  ”منهنجي عمر اڃا ٽيهه سال مس هئي ته فضل گذاري ويو. مون سڀني ٻارن کي تعليم ڏياري انهن جون شاديون ڪرايون. سڀني پنهنجي  الڳ دنيا وڃي وسائي. علينه جي آمريڪا وڃڻ کان پوءِ مان تنها  ٿي ويس، ان ڪري مان نومي کي هڪ يتيم خاني مان کڻي آيس.“

  نيشا جي لاءِ اهو حيران ڪندڙ انڪشاف هو.

  ”مون ڏٺو آهي ته بي اولاد ماڻهو اهڙن ٻارن کي وٺڻ کان لنوائيندا آهن. هنن جو خيال آهي ته اهڙا ٻار گناهه جي پيداوار هوندا آهن. ٻار ته معصوم ٿيندا آهن. باقي جيستائين تعلق آهي ٻار جي خراب ۽ صحيح نڪرڻ جو ته اڄ پنهنجو اولاد به منهن موڙي ٿو وڃي ته، بي اولاد ماڻهن کي اهڙا ٻار وٺي ٻار جي مستقبل کي تحفظ ڏين گهرجي.

اهو وڏي نيڪي جو ڪم آهي. ان وقت آنٽي شاهه بيگم، نيشا کي دنيا جي عظيم ترين عورت لڳي. هن سوچيو. ثابت دم ماڻهو جن جا روح آئني جيان شفاف ۽ پاڪ هونداآهن، زندگيءَ ۾ ايترا ڏک ڇو ڏسندا آهن.!!! مون کي مڙس جي جيڪا پينشن ملي مون ان مان هي وڏو گهر ٺهرائي ورتو.سامهون وارا ٻيئي پورشن مسواڙ تي ڏنل آهن، جن مان پنهنجو گذر سفر ڪندي آهيان. مون ڪڏهن به ڀائرن اڳيان هٿ نه ڦهلايو. نفسا نفس جي دور ۾ اڄ هر ڪنهن کي پنهنجي لڳل آهي، ان ڪري ڇو ڪنهن ٻئي کي آزمائش ۾ وجهجي. ڪوشش سان جيئڻ لاءِ ڪونه ڪو وسيلو نڪري پوندو آهي.“

  ”علينه خط ۾ ڇا لکيو آهي.؟“

  ” هن جو چوڻ آهي ته مان هن وٽ آمريڪا هلي وڃان.“

  ”پوءِ توهين وڃو ڇو نه ٿيون؟“

  ”ڪجهه سال اڳ گهمڻ ويئي هيس، پر جلد ئي گهٻرائجي ويس. ان مشيني زندگيءَ ۾ انسان به مشين بڻجي جيئڻ تي مجبور آهي. هاڻ زندگيءَ جا ڪجهه ڏينهن ئي ته بچيا آهن، اهي به گذري ويندا.“

  ”چڱو مان توهان جي لاءِ سوپ ٺاهي اچان.“

نيشا اٿي بيٺي. آنٽي شاهه بيگم کيس ائين پيار مان ڏٺو ، ڄڻ هوءَ علينه جو ٻيو روپ هجي.

  انهن ئي ڏينهن ۾ نيشا جا گهر وارا شهر ۾ شفٽ ٿيڻ جي تياري ڪرڻ لڳا. اها خبر ٻڌي  آنٽي شاهه بيگم جي چهري جو رنگ اڏامي ويو ۽ هوءَ اداس رهڻ لڳي. نيشا سوچيندي هئي. انسانيت جو رشتو دنيا جي هر رشتي کان مٿانهون آهي. آنٽي شاهه بيگم سان خون جو ڪو رشتو نه هوندي به، هوءَ سندس ڪيڏو نه ويجهو هئي ۽ سندس ڌيءَ علينه ڪيترو پري . نيشا کي ان گهر ۾ رهي پهريون دفعو احساس ٿيو ته گهر رڳو ڀتين ۽ سٺي ڊيڪوريشن  جو نالو نه آهي. گهر پنهنجائپ جي خوشبو نم جي گهاٽي ڇانو جهڙو ڪو احساس اهي.

 دليون روشن آهن ته گهر جون ڀتيون به پرنور هونديون آهن، محبتون آهن ته درن جون ٻانهون کليل هونديون آهن. ان گهر جي  فضا ۾ يقين، اعتماد ۽ سچائيءَ جو هڳاءُ هو، هڪ عجيب سڪون هو. هر طرف، گهري ننڊ جهڙو سڪون.... جنهن جي ڳولا ويهين صديءَ جي انسان کي آهي. جنهن وجود ۾  توازن جو حسن آهي، اهو وجود سراپا سڪون آهي. نيشا سڪون جي اها رمز پرکي ڏاڍي خوش هئي.

  خواهشن ۾ توازن،طلب ۾ توازن، عمل ۾ توازن اهو سڀ ڪجهه هن آنٽي شاهه بيگم کان سکيو هو.

  جنهن ڏينهن نيشا وڃي رهي هئي سڀ اداس هئا. نومي، آنٽي شاهه بيگم ۽ پري، جيڪا ڪچن ۾ ٿانو ڌوئيندي پنهنجي ڏکن کي ڳائي رهي هئي، هن ڪچن ۾ جهاتي پائي چيو؛”پري! سکيا ڏينهن ضرور ايندا. چڱو وقت ضرور ايندو.“

  ”انشاءَالله پري ويساهه سان چيو ۽ وري جوش سان ڳائڻ لڳي. آنٽي شاهه بيگم کان موڪلائي در جي چانئٺ تي بيهي هن گهر ڏانهن ڏٺو.

  ويهين صديءَ جو الميو.

انسان جي اندر جي اڪيلائي ۽ تنهائي.

  ماڻهو ڪيڏي چاهه سان گهر ٺاهيندو آهي، هڪ نئين زندگيءَ جو آغاز ڪندو آهي.

  گهر جي ٻوٽي جي آبياري جدوجهد جي پاڻي سان ڪري، ان کي سدا بهار رکندو آهي ۽ پوءِ عمر جي آخري حصي ۾ سڀ پنهنجي پنهنجي دنيا کي فتح ڪرڻ لاءِ نڪري ويندا آهن.

  ويساهه جو وڻ پتا پتا ٿي وکرندو رهندو آهي.

  وڻ لڳائڻ وارو خزان جي سڪل ٽارين هيٺيان بيهي بهار جي خوشبوءِ ڳوليندو آهي ۽ خزان جي سڪل ٽارين جو حصو بڻجي جيئندو آهي. نيشا تنهائي جي خوشبوءِ کي ٿڌو ساهه ڀري، اندر ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪئي.

  تنهائي جي خوشبوءِ...

 جيڪا سندس وجود جو اهم حصو بڻجي چڪي هئي، جنهن زندگيءَ جي ڪيترن رازن تان پردو کنيو هو.

  جنهن کيس جيئڻ جو ادراڪ ڏنو هو!                                                  

                       (...)
 

 

 

 

ليوزيهونگ/ شگفته شاهه

(چيني ادب مان انتخاب)

هڪ ننڍڙي خوشي

 

         ليکڪا متعلق؛ (ليوزيهونگLiu xenon ) 1961ع ۾ Guangdong ۾ پيدا ٿي. هن ليکڪا جي ڪهاڻين جي مجموعي جونالو ”تون مون کي بدلائي نٿو سگهين“آهي).

 

جڏهن آئون سورهن سالن جي هيس ته مون ڪيڏي ڪوشش ڪئي، پر اهڙو تصور به نه ڪري سگهندي هيس ته آئون جيئن ڏهن سالن جي عمر ۾ نظر ايندي هيس، اهڙي ڏسڻ ۾ اچان، ڇا آءُ دليريءَ سان مزو ماڻيندي ننڍڙا وار يا ايس (S) جي شڪل ۾ ڇڪيل ۽ وڪڙ ٺاهيندڙ وار رکائي  سگهندي هيس؟...ان وقت  تائين ته ائين به ٿي پي سگهيو ته منهنجي چوڌاري هڪ يا ٻه ننڍڙا ٻارڙا هجن جيڪي مون کي ”مم“ سڏي رهيا هجن.

  پر ... نه،...مون ڇويهه سالن جي عمر ۾ ڪاليج وڃڻ شروع ڪيو، روزانو چوٿون پيريڊ شروع ٿيڻ کان اڳ هڪ پوڙهي عورت جي دڪان تي ويندي هيس. جيڪو پڙهائيءَ واري عمارت جي پٺيان هوندو هو، جتان آءُ کير جي شربت جون ٻه بوتلون وٺي پيئندي هيس.

  هن کي پئسا ڏيئي، اتي بيهي هڪ بوتل پيئڻ لڳيس، جڏهن آءٌ بوتل پي رهي هيس ته اوچتو پوڙهيءَ مون سان ڳالهائيندي چيو،

  ”تون ڪهڙي ڊپارٽمينٽ سان واسطو رکين ٿي؟“

  ”چائينيز سان.“

  ٻئي ڀيري پوڙهيءَ عورت پڇيو، ”ڇا تون هينئر ڪم مان واندي ٿي آهين؟“

  منهنجو خيال هو ته آءٌ اڃا به شاگردياڻي ڏسڻ ۾ ايندي هوندس. جيڪڏهن پوڙهي عورت اهو پڇي ها، ”ڇا تنهنجو ڪلاس ختم ٿي ويو آهي؟“ ته ان تي ايڏو گهڻو نه سوچيان ها، ”ڇا ڪلاس ختم ٿي چڪو آهي؟“ اهو اهڙو سوال هو،جيڪو شاگردن ۽ استادن ٻنهي لاءِ مناسب هو. پر...هن مون کان اهو پڇيو هو، ”ڇا تون هاڻي پنهنجي ڪم مان واندي ٿي آهين؟“ منهنجا جذبات مجروح ٿيا هئا، آخر هن ڇا سوچيو هو ته منهنجي نوڪري ڪهڙي هئي؟....آءٌ ٽائپسٽ هيس، ڊاڪ جا خط پهچائيندي هيس يا وري لائبريرين هيس؟.... آخر هوءَ انهن مان مون کي ڇا سمجهندي هئي؟ بهر حال هن ڄڻ مون کي شاگرد برادريءَ کان ٻاهر  ڪڍي ڇڏيو هو.

 مطلب ته هاڻي آءٌ شاگردياڻي نه پئي سمجهي ويس، جيتوڻيڪ ساڳي وقت آءٌ اڃا به محسوسو ڪندي هيس ته آءٌ ڏسڻ ۾ شاگردياڻي لڳندي هيس، ايستائين جو آءٌ اسڪولي ٻارن جيان هلڪا ڪپڙي جا جوتا پائيندي هيس، ۽ ٻارن جهڙو هئر ڪٽ رکائي مزو وٺندي هيس، ۽ هڪ ڪينوسَ جو فوجي ٿيلهو منهنجي ڪلهي تي لڙڪندو رهندو هو...پوءِ به مون کي شاگردياڻي ڪونه سمجهيو.

  زندگي ائين ئي هئي، ڪوبه ماڻهو ان لاءِ ڪجه به نه پئي ڪري سگهيو.

  هڪ آچر تي، آءٌ هڪ فيري تي چڙهي دريا پار ڪري ڊپارٽمينٽ جي هڪ دڪان تي ويس ۽ سوٽي استر خريد ڪيم، مون ان کي بعل ۾ دٻايو ۽ تڪڙ ۾ سڙڪ پار ڪيم ته جيئن واپس وڃڻ لاءِ آخري بس پڪڙي سگهان.

  سامهون هڪ ٻي پوڙهي عورت کير جو شربت وڪڻي رهي هئي، هوءَ ڪجهه خالي بوتلن کي صاف ڪري رهي هئي، مون کي ايندي ڏسي هوءَ به اڳتي آئي ۽ سڏ ڪيائين؛

  ”ننڍڙي ڇوڪري....!“

  آءٌ ٿورو هٽڪي بيهي رهيس ۽ ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏٺم، ڀر پاسي ۾ ٻيو ڪوبه ماڻهو بيٺل نه هو. پوڙهي عورت منهنجي اڳيان بيٺل هئي.هوءَ مڙي ۽ منهنجي بغل ۾ پيل سوٽي استر کڻي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳي.

  ”هي تو ڪٿان ورتو آهي؟...پنجن ”جن“ جو آهي يا ستن ”جن“ جو؟ هي ته تمام سٺو آهي.“

  ”تو هاڻي هاڻي مون کي ڇا سڏيو هو؟“ مون پڇيو.

 ”هون!... ڇا مون توکي ڪجهه سڏيو هو؟...اڄڪلهه استر تمام سنهو ٿو ملي، ستن ”جن“ وارا ته ڪافي عرصي کان بازار ۾ ڪونه ٿا ملن...رڳو ٽن يا چئن ”جن“ وارا آهن، تو هي ڪهڙي دڪان تان ورتو آهي؟“

 مون اشارو ڪندي چيو، ”هن تان“.

  ”مهرباني ننڍڙي ڇوڪري.“ پوڙهي عورت مُرڪي، پنهنجا هٿ لوڏيا ۽ واپس پنهنجي کير جي شربت واري دڪان تي ويئي هلي.

  مون غلط ڪونه ٻڌو هو. يقينن هن مون کي ”ننڍڙي ڇوڪري“ سڏيو هو اوهه! ... ننڍڙي ڇوڪري!

  آءٌ ڏاڍي خوش ٿيس ۽ ڪجهه ڊگها قدم کڻندي پاسي واري پنڌ هلن واري رستي تي ٽپو ڏيئي چڙهيس، مون کيسي مان پئسا ڪڍيا ۽ ٻه کير جي شربت جون بوتلون خريد ڪيم، آءٌ هڪ پاسي بيهي وڏي آواز سان شربت پيئڻ لڳس، ۽ پوڙهي عورت سان گپ شپ ڪندي کلي رهي هيس ۽ پاڻ کي ننڍڙي ڇوڪري سمجهي رهي هيس.

  الاهي ٻيا ماڻهو به آيا ۽ انهن به شربت خريد ڪيو ۽ پوءِ پوڙهيءَ کي پيسا ڏيندي جهيڙو ڪندي هليا ويا.

  ”کير جو شربت ٿورو گهاٽو آهي.“ ...ڪنهن چيو.

  ”اهو اڃان ايڏو گهاٽو ته ڪونه ٿيو آهي، ٿورو انتظار ڪر، ننڍڙي ڇوڪريَ جڏهن خزان ايندي ته کير جو شربت ذري گهٽ آئسڪريم بنجي ويندو آهي، ۽ پوءِ تون ان کي چمچي سان به کائي سگهندينءَ...“

  پوڙهي عورت فقط وڌاءُ ڪري ٻڌائيندڙ ۽ خوش ڪندڙ عورت هئي، هن مون کي ننڍڙو نه پئي سمجهيو، پر کيس اها خبر نه هئي ته مون کي پنهنجي ننڍڙي عمر ٻيهر ماڻڻ جي ڪيڏي نه خواهش هئي... ۽ ان ڳالهه مون کي اها خوشي ڏني هئي، سوٽي استر جي بار کي پنهنجي ٻانهن تي محسوسو ڪندي، مون پنهنجن وارن کي ڍرو ڪري لوڏيو، مٿي پکڙيل وشال آسمان کي ڏٺم ۽ دل جي گهرائيءَ سان ٽهڪ ڏنم.

  رستي تي ٻيهر آءٌ هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري بنجي چڪي هيس.

  آءٌ ڄڻ راند ڪندي ٽپو ڏيئي فيري جي ڊيڪ تي چڙهيس ،پنهنجي بکايل معدي کي ڀرڻ لاءِ هڪ وڏو مٺو پٽاٽو خريد ڪيم ۽ انتهائي خوشيءَ مان سڙڪ تي هلندي نارنگيون کاڌم ۽ انهن جي کلن کي پري اڇلايم...۽ آخر ۾ مزي سان ڄڻ رستي تان گسڪندي بس ڏانهن وڌيس، اتي مون لاپرواهيءَ سان استر کي ڊگهيري گوڏن تي رکي ڄڻ ٻئي ڪنهن ماڻهو جي ويهڻ جي سيٽ به والاري ڇڏي، اهو خيال نه ڪندي، ته ٻيا ڄڻا اڃا بيٺا هئا.

  ...آءٌ ڄڻ ڪنهن معصوم،....يا شايد نالائق ڇوڪريءَ جهڙيون حرڪتون ڪري رهي هئس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com