سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مقالو

صفحو :4

 

ايئن فيلوئز گورڊن                                            (سوڀون سرگهرن)

 انعام شيخ

             

ايڊٿ ڪاويل

 

جيئن ڪنهن سرسبز ٻنيءَ لاءِ هوا، پاڻي، روشني ۽ انساني محنت لازمي شيون آهن، تيئن قومن جي ترقي ۽ بقا لاءِ سچائي، سادگي، محبت ۽ قرباني پڻ اڻٽر گهرجون آهن. اهو ئي سبب آهي جو باوقار قومون هر دور ۾ اهڙا عظيم ۽ سورهيه وجود پيدا ڪنديون رهنديون آهن، جيڪي مٿيون خوبيون کڻي اتهاس جي آئيني ۾ پنهنجو مناسب ڪردار ادا ڪندي عظمتن جون منزلون طئه ڪنديون پنهنجي قومي وجود کي زنده رکنديون آهن. انگلستان جي انسان دوست ۽ آدرشي عورت ايڊٿ لوئزا ڪاويل جو نالو پڻ اهڙين امر شخصيتن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، جنهن پنهنجي سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان ڀرپور لازوال ڪردار ذريعي انساني ضمير جي شفاف چادر تي بي مثال ڪردار پنهنجو  پوتر وجود تسليم ڪرائي ورتو.

  بظاهر هڪ عام نرس پر مهانتا جي لحاظ کان هڪ غير معمولي نانءُ درحقيقت ان آفاقي راهه جو راهي آهي، جهن واٽ تي حضرت مسيح جا قدم نقش ٿيل نظر اچن ٿا. ڪاويل سموري زندگي انسانذات جي خدمت ۽ تربيت ۾ صرف ڪئي ۽ انهيءَ پير تي پوئين گهڙيءَ تائين پُختي بيٺي رهي. ايتري قدر جو جڏهن کيس موت جي گمنام واديءَ ڏانهن اماڻن لاءِ تيار ڪيو ويو ته به هُن نهايت سُڪون ۽ سادگيءَ سان هي آخري لفط چيا؛ رڳو حُب الوطني ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي بلڪ اهو ضروري آهي ته مون وٽ پنهجن دشمنن سميت ڪنهن به انسان لاءِ ڪروڌ ۽ نفرت نه هئڻ کپي.“

  ڪردا جي ڪٿ ۾ سورهيائپ جي سونهن رڳو اسان وانگر ٺلهين ڳالهين، واڪڙ واڪڙ ۽ پاڻ پڏاءَ سان نه پر عمل، سوچ ۽ شعور جي تُز پڻي ۽ خيالن کي جُرئت سان پيش ڪرڻ جي صلاحيت سان ٿي سگهندي آهي. سچ پچ ته انهيءَ لحاظ کان انساني تاريخ ۾ هڪ عورت ڪردار جي روپ ۾ چند مهان مائين مون کي متاثر ڪيو آهي. اُنهن ۾ انگلستان جي هيءَ امر ڌيءَ ايڊٿ ڪاويل به آهي جنهن پنهنجي جان جو ٻليدان ڏيئي فاشي سوچ، انسان دشمن قوتن ۽ ڪروڌي جذبن کي شڪست ڏيئي، نفيءَ مٿان اثبات جي سرسي ايڏي ته فهم ۽ فضيلت سان ڪري ڏيکاري جو سندس دُشمنن آڏو به اڙدوءُ جو. هيٺيون شعر فخر سان پڙهجي ته ڪو وڌاءُ نه هوندو.

ڪيا بي مُروت خلق هي سب جمع هين بسمل ڪي پاس

قاتل ميرا تنها رها، ڪوئي نهين قاتل ڪي پاس

(مترجم)

12 آڪٽوبر اڱاري جي ڏينهن سج اڃا ڪَني مَس ڪڍي هئي. ٿڌ به انگلستان جي ٿڌ کان ڪجهه مڙو ئي سوائي هئي پر بهر حال لنڊن ۽ بروسيلز جي شهرن ۾ ڪافي هڪ جهڙايون آهن. مثال طور؛لنڊن وانگي هتي به ڪوهيڙي جي ڌنڏ ڦهلجن ڪري ماحول سليٽي لڳو پيو هو. هوا منجهان دونهي جي بوءِ ٿي آئي ۽ هر طرف هُل ۽ گوڙ متل هو. ان هوندي به لنڊن ۽ بروسيلز جي وچ ۾ هڪ تفاوت اهو هو ته بروسيلز ”نازي“ هچارن سان ڀريل ۽ سندن قبضي هيٺ آيل داٻي جو شڪار ٿيل، خاموش ۽ ڏکارو شهر هو. اوچتو انهيءَ شهر ۾ نازي فوج جي هڪ اڏي ۽ شهر جي لاڳاپيل حصي شائربڪ جي ”ٽر نيشنل“ نالي جاءِ تي ميخدار هيلمٽن سان سٿيل جرمن سپاهين جون ٻه ڪارون جڏهن اچي بيهن ٿيون، ته هر ڪو ان کي عام رواجي ڳالهه سمجهي نظر انداز ٿو ڪري.پوءِ انهن گاڏين منجهه سوار ٿيل ٻه قيدي ٻاهر اچن ٿا. منجهانئن هڪڙو  35 ورهين جو ”فلپي“ باق نالي بيلجمي عمارت ساز آهي ۽ ٻي اڻونجاهه سالن جي ايڊٿ ڪاويل نالي انگريزياڻي نرس آهي.

  هتان ٻنهي ڄڻن کي ”ٽر نيشنل“ جي انتظامي عمارتن وٽان گذاري کين گوليءَ سان اڏائڻ لاءِ جڏهن اڳتي کليل ميدان ۾ آندو ويو ته انهيءَ مهل تيزيءَ سان سج اڀري رهيو هو. ٻنهي جون اکيون ڪپڙي جي پٽين سان سُڪ ٻڌيون ويون ۽ سندن ڄنگهون ٻانهون وري چمڙي جي پٽيءَ سان سوگهيون ڪيون ويون، پر انهيءَ کان اڳ جو منجهائن انگريز عورت کي قابو ڪري جڪڙيو وڃي. هوءَ ٿورڙو جُهڪي ۽ ٻه ڊگهيون ٽاچڻيون ڪڍي ورتائين (جيڪي هُن جرمن ڪمانڊر کان گهري ورتيون هيون) ۽ پنهنجي اسڪرٽ کي ٺاهي مُرن جي چوڌاري ويڙهي ڇڏيائين. ائين ڪرڻ مان سندس مقصد اهو هو ته جڏهن کيس فائرنگ اسڪواڊ آڏو آڻي موت جي واديءَ ڏانهن موڪليو وڃي ته به سندس بي حرمتي نه ٿئي... ٿورڙي دير کان پوءِ جڏهن رائيفلن جي مُنهن مان گوليون ڇُٽيون ته هڪ ٻئي  کان پنجن والن جي وٿيءَ سان ٻئي ڄڻا ابدي ننڊ ۾ سُتل نظر آيا.

  هن سڄي داستان جي سورمي ۾ امر ڪردار ايڊٿ لوئزا ڪاويل 4 ڊسمبر 1865ع تي نار فوڪ صوبي جي سوار ڊيسٽن نالي ڳوٺڙي ۾ اتان جي پادري مانواري فريڊ رڪ ڪاويل جي گهر ڄائي. هيءُ ڳوٺڙو ان خوشحال ۽ پر امن دور جوهڪ سکيو ستابو ڳوٺڙو هو. انهيءَ دور ۾ هڪ پاسي ڪرائيمئن واري لڙائي(The Crimean war)  پوري ٿي چڪي هئي ته ٻئي طرف آمريڪا ۾ به خون خرابو ختم ٿي ويو هو. جڏهن ته شانائتي راڻي وڪٽوريا پنهنجي ملڪ کي بي مثال سک ۽ امن سان هلائي رهي هئي ۽ سندس سلطنت دنيا جي هڪ عظيم طاقت بڻيل هئي. اهڙي ماحو ۾ فريڊرڪ ڪاويل پنهنجي وڏي ڪٽنب جي تعليم کين گهر ۾ ذاتي طور تي ٽيوشن ڏيندي پئي ڪئي پر ايڊٿ جنهن ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سمجهه جا ڪڻا سرس هئا ۽ محنتي به وڌيڪ هئي. تنهن کي سٺي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. هُن پڻ انهيءَ خاص مهربانيءَ کي ضايع نه ڪيو ۽ ڏنل سکيا کي سڪارتو بڻايو. جيتوڻيڪ پڙهائيءَ ۾ هوءَ سڀني مضمونن ۾ هوشيار هئي پر فرينچ ٻولي (جنهن جو لهجو سڄي عمر تائين سڌاري نه سگهي) سکڻ ۾ به ڪامياب ٿي.

هن ٻوليءَ سان کيس بيحد پيار هو. انهيءَ ڪري جڏهن ”لارل ڪورٽ پيٽر بورڊ اسڪول“ مان پاس ٿي نڪتي ته کيس وڏي شوق سان بروسيلز جي هڪ وڪيل جي گهر ۾ ٻارن جي آيا مقرر ڪيو ويو. جتي آخرڪار کيس باقي دنيا ڏسڻ، ننڍڙي ڳوٺ مان نڪرڻ ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ جو موقعو مليو. جيئن ئي کيس مٿين نوڪريءَ جي پڪ ٿي ته هوءَ اُتساهه وچان فورن اچي بيلجم پهتي. جتي کيس نهايت دلپسند ماحول نصيب ٿيو. هتي ”فرانڪئا“ نالي ڪٽنب جنهن وٽ کيس روزگار مليو سو ڏاڍو کلمک ۽ خوش باش طبيعت  وارو خاندان هو. جڏهن ته بروسيلز جو شهري ماحول پڻ هُن لاءِ هڪ چُنو تي (Challenge) ۽ سُرهائي بخش هو. مٿين ذميواري کڻڻ کانپوءِ فورن ئي فرانڪئا ڪٽنب جي ٻارن جي هُن ڏاڍي سٺي تعليم ۽ تربيت ڪئي. جيڪا ڳالهه بروسيلز ۾ اڻويهين صديءَ ۾ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. جڏهن ته ٻارن ۾ به سندس ڳالهيون دل لائي ٿي سکيون ۽ ماٺيڻي انداز ۾ سندس سبق ٿي ورجايا. بلڪ سندس هدايتن مطابق ڪنهن به قيمت تي ڪوڙ ڳالهائڻ کان پرهيز پئي ڪئي.

  انهيءَ ڪُٽنب سان ڪجهه سال گذارڻ کان پوءِ،1895ع ۾ مس ڪاويل پنهنجي وطن واپس آئي ته جيئن پنهنجي بيمار پيءُ ۽ پوڙهي ماءُ جي خدمت ڪري سگهي. ڳوٺ پهچڻ کانپوءِ والدين جي دل جي حضور وچان ڪيل سندس پر گهور اهڙو ته جادو ئي اثر ڏيکاريو جو چند مهينن ۾ ئي مسٽر ڪاويل نوبنو ٿي گهمڻ لڳو ۽ کيس واپس بروسيلز وڃڻ جي اجازت ڏنائين. پر ان وچ ۾ هتي انگلينڊ ۾ اچي هُن ٻارن کي پڙهائڻ ڇڏي هڪ ٻي ڪرت شروع ڪرن جو فيصلو ڪيو، جنهن مان کيس فرحت پئي آئي. جيتوڻيڪ ان مهل هوءَ ٽيهن ورهين جي ٿي ويئي هئي، پر ته به وائيٽ چيپل روڊ تي لنڊن اسپتال ۾ عارضي بنيادن تي شاگرد نرس جي حيثيت ۾ وڃي داخل ٿي، جتي هُن سٺن نمبرن سان امتحان پاس ڪيو ۽ ستت ئي کيس مُدي جي بخار واري وبا ۾ورتل مريضن جي علاج لاءِ انچارج نرس مقرر ڪيو ويو. انهيءَ درجي تان جلد ۾ ترقي ڪندي هوءَ لنڊن اسپتال جي مُک نرس(Matron)  مقرر ٿي. ٿوري ئي مدي ۾ هن خاموش، پرعزم ۽ نرم وارن واري مائيءَ جي صلاحيتن جي چوطرف واه واه ٿيڻ لڳي. سندس ڪنهن ساٿي نرس اقرار ڪندي هڪ هنڌ لکيو؛”مس ڪاويل جي ڀيٽ ۾ ٻيون عورتون ڏاڍيون نٻل ۽ ٿڪل ٿيون لڳن...“.

  اڳتي هلي 1907ع ايڊٿ جي فرانڪئا ڪٽنب سان لاڳاپن کيس موٽائي وري بروسيلز آندو. هاڻي هوءَ ٻائيتاليهن ورهين جي هڪ تجربيڪار نرس هئي. انهيءَ ڪري ئي بيلجم جي سرجن انتوني ڊيپيج کيس 149 ”روڊي لا ڪلچر“ وٽ پنهنجي ڪلينڪ ۾ نوڪريءَ جي آڇ ڏني ڇاڪاڻ جو سندس مُلڪ ۾ سگهڙ نرسن جي ڏاڍي کوٽ هئي. جيئن ته مس ڪاويل جي ڏاڍي ساراهه ٻڏي هئي. ازانسواءِ انگريز نرسن جي جڳ مشهور معيار جو به پتو هُئس تنهن ڪري هن کيس نه رڳو پاڻ وٽ اچڻ جي آڇ ڪئي پر ٻين نرسن جي تربيت جي ذميواري پڻ مٿس رکي.

  انهيءَ آڇ کي قبول ڪندي هوءَ جڏهن بروسيلز پهتي ته نه رڳو چند ڪلاڪن جي اندر ئي مريضن جي پر گهور لهڻ شروع ڪيائين پر نرسن جي تربيت پڻ ڪرڻ لڳي. ٿورڙي ئي عرصي ۾ سندس ڪم جي تعريف ڏيهان ڏيهه مشهور ٿي ويئي. نتيجي ۾ انگلئنڊ، هالئنڊ، فرانس، سئٽزر لينڊ ۽ جرمنيءَ جون قابل نرسون پڻ وٽس پهچي ويون ۽ بيلجم جي نوجوان نرسن جي تربيت ڪرڻ لڳيون. انهيءَ سلسلي ۾ اڳتي هلي هُن مڃيو ته جيڪڏهن ساڻس ٻيون تربيت ورتل نرسون ساٿ نه ڏين ها ته هوءَ بيلجم جي ننڍين نيٽين اڻ پڙهيلن ۽ چلولين نرسن جي جوڳي تربيت نه ڪري سگهي ها. جن مان ڪي ته رڳو سترنهن سالن جون مس هُيون، جڏهن ته سندن ماهانه پگهار 10 پائونڊ کان به گهٽ هئي پر سندن استاد نرس يعني مس ڪاويل منجهن ڪم لاءِ اهڙو اُتساهه ڀريو جو هو اتي رهڻ لاءِ راضي ٿي ويون. بلڪ ٻيون به ٽولن جي صورت ۾ اچي ساڻن گڏ ٿيون. هڪ ڳالهه جنهن انهن نينگرين جي دل موهي ورتي سا اها هئي ته مس ڪاويل سندن سماجي مرتبي جو ڏاڍو خيال رکندي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته جيڪڏهن ڪا نرس ڪنهن خانگي گهر ۾ به نوڪري ڪندي هئي ته ان کي ڪٽنب جو فرد سمجهيو ويندو هو. کيس کاڌي جي ٽيبل تي گڏ پاڻ سان ويهاريو ويندو هو ۽ کيس رڌڻي يا مريض جي ڪمري تائين محدود نه ڪبو هو. بلڪ تربيتي مرڪز يعني (The Clique) ۾ پڻ نوجوان نرسن سان ڊاڪٽرن ۽ مريضن جو سڀاءُ شانائتو هو. انهيءَ سان گڏوگڏ ٻئي طرف نرسن تي سندس اهو به زور هو ته مريض ڪيترو به ضدي يا چيڙاڪ ڇو نه هجي پر سندس مڪمل پرگهور لڌي وڃي.

   توڙي جو شاگرد ۽ عملو سندس ساراهه ڪندو هو پر منجهائن ڪيترائي کيس ڳنڀير ۽ ڳوڙهو سمجهندا هئا. هوءَ ته سڄو ڏينهن رڳو پنهنجي ڪم ۽ نرسن جي معيار جي بهتريءَ ۽ تعليمي معار جي واڌاري لاءِ پئي سوچيندي هئي. ”استاد نرس“ هوندي به نه رڳو پاڻ سخت ڪم ڪار ڪندي هئي پر شام جو جڏهن سبق پورا ٿيندا هئا ته سمورن مريضن وٽان آخري چڪر به هڻي ايندي هئي. بعد ۾ پنهنجي روح جي راحت لاءِ نفاست سان اچي پيانو وڄائيندي هئي. سندس ذاتي آرام لاءِ فقط اهو ئي شُغل هو.

  1914ع ڌاري نرسنگ جي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ هوءَ عملي طرح سان به انهيءَ پيشي سان لاڳاپيل رهي. سرجن جي نائب جي حيثيت ۾ بروسيلز جي اسپتالن ۾ سندس طلب تمام گهڻي وڌي ويئي. انهيءَ سلسلي ۾ جڏهن کيس نرسنگ جي شعبي ۾ ماهر بڻجڻ جي صلاح ڏني ويئي ته هن انهيءَ حوالي سان اهو  چئي نظر انداز ڪيو ته هن شعبي ۾ لازمي آهي ته نرس هر بيماريءَ سان واسطيداريءَ ۾ اچي. ڇو ته هر نرس کي گهرجي ته هوءَ پنهنجي سموري صلاحيت، جذبي ۽ محنت کي فقط هڪ رخ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ڪري، ۽ هن نه رڳو ائين ڪري ڏيکايو پر پنهنجين شاگرد نرسن جي به اهڙي تربيت ڪئي، سندن خدمت جو دائرو نشَئي ماڻهن جي پرگهور لهڻ کان وٺي وياميل عورتن جي سار سنڀال لهڻ تائين ڦهليل رهيو. سچ پچ ته هُن پنهنجي سچائيءَ سان هن پيشي کي ايترو ته مرتبي وارو بڻايو جو انهيءَ پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن پنهنجي سموري سگهه سان ايترو ڪجهه  ڪيو جيترو ان دور ۾ ممڪن هو.

  جولاءِ ۾ جڏهن سندس عُمر 48 ورهيه ٿي ويئي هئي ۽ هوءَ پنهنجي عمر کان وڌيڪ ڪُراڙي پئي نظر آئي ته مس ڪاويل آخري ڀيرو اباڻي وطن پنهنجي ڪٽنب سان ملڻ آئي. جتي اڃا کيس اتي ٽي هفتا مس گذريا هئا جو انگلينڊ ۽ جرمنيءَ وچ ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي ويئي. جيتوڻيڪ هڪ انگريزياڻيءَ جي حيثيت ۾ هوءَ پنهنجي ملڪ ۾ رهي هڪ نرس جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض ادا ڪري پئي سگهي، پر ته به خدمت ۽ ذميواريءَ جي خيال کان هُن فورن بروسيلز واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو.ڇاڪاڻ جو سندس نرس دوستن کي هن جي ضرورت هئي ۽ هُن کين دوکو ڏيڻ نه پئي گهريو. اهو سوچي جڏهن بروسيلز پهتي ته اهي نرسون کيس ڏسي ڏاڍيون سرهيون ٿيون. هتي پهچندي پهرين ڪم اهو هو ته هُن جرمن نرسن کي عزت سان واپس پهچائڻ لاءِ سندن وطن واپسيءَ جو بندوبست ڪيو ۽ کين پاڻ وڃي حفاظت سان اسٽيشن تي ڇڏي آئي. هوءَ پنهنجين انهن معصوم ٻالڪين جي جرمنيءَ واپسيءَ تي ڏاڍي ڏکاري هئي، جيڪي سندن لاءِ دشمن ملڪ ۾ اوچتو ئي ڏاڍي نفرت سان ڏٺيون پئي ويون ۽ کين به ڏاڍو ڊپ ۽ هراس پئي ٿيو، ريلوائي اسٽيشن تي الوداع ڪندي هُن کين ڏاڍيون آٿتون ڏنيون ۽ جنگ جي خاتمي کانپوءِ ساڻن ٻيهر ملڻ جا واعدا پڻ ڪيا.

  12 آگسٽ تي مس ڪاويل انگريزي اخبار ”دي ٽائيمس“ ڏانهن خط لکي جنگ ۾ ڌڪي ٿيندڙ انگريز سپاهين جي پرگهور لهڻ جي آڇ ڪئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ٻي به هر ممڪن مدد ڪرڻ جي اپل ڪئي. سندس انهيءَ اپيل جي نتيجي ۾ سڄي دنيا جي لاتعداد ماڻهن دل جي سچائيءَ سان هن جي بيحد مدد ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ اسپتال کي چوويهه ڪلاڪ کولي رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ اتي طبي سهولتون فراهم ٿيڻ لڳيون. پر اڃا اسپتال شروع مس ٿي هئي ۽ جنگ کي لڳي هڪ مهينو به نه ٿيو هو جو جرمن فوجن بروسيلز تي قبضو ڪري ورتو. انهيءَ صورتحال ۾ کيس سلامتيءَ سان هالينڊ اچي رهڻ جي آڇ ٿي پر سندس ساٿياڻين ۽ مس ڪاويل انهيءَ آڇ کي اهو چئي رد ڪيو ته هو ڪنهن خاص فرقي يا قوم جون مخالف نه پر سڄي انسانيت جون خدمتگار هيون. سندن لاءِ فرينچ، جرمن، انگريز يا ڪنهن بيلجمي ماڻهوءَ جي خدمت ڪرڻ ساڳي ڳالهه هئي. انهيءَ ڳالهه جي سچائي انهيءَ مان ثابت ٿي جو سيپٽمبر جي وچ ڌاري سندن اسپتال ۾ جرمن فوجين جي ٽهل ٽڪور پڻ ٿي رهي هئي.

  هوڏانهن جنگ جيئن پوءِ تيئن اينگهندي ٿي ويئي ۽ بروسيلز جنگ جو مرڪز ٿي ويو. جرمن حڪمران قيصر جو خيال هو ته هو سياري کان اڳ فتحمند ٿي وٺي. انهيءَ ڪري هو پنهنجي پروگرام تي  تيزي سان عمل ڪندو رهيو. نتيجي ۾ اولهه يورپ ۾ جنگ تيز تر ٿيندي وئي.

  پر جرمن جرنيلن جي غلطين جي ڪري اوچتو ”مارن“ جي جاءِ تي جرمنيءَ جي پيش قدمي رڪجي ويئي. جنهن ڪري جرمن فوج کي ڪجهه ميل پوئتي هٽڻو پيو ۽ لڙائي هڪ خونخوار لڙاٽيل ۽ محدود رخ ۾ زور وٺي ويئي. وڌيڪ حياتيون ضايع ٿيڻ لڳيون، پراڻن قبرستانن ۾ نوان صليب کڙا ٿيڻ لڳا. جن  ۾ ڪي انگريز صليب هئا ته ڪي جرمن ۽ ڪي وري فرانسيسي. منجهائن هر صليب تي ڌار ڌار  ڪُتبا هئا ۽ هر ڪتبي، هڪ نئين الميي جي نشاندهي ٿي ڪئي. انهيءَ صورتحال م جڏهن جرمن فوجون پنهنجي منصوبي بنديءَ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيون ته بدتر ظلم ڪرڻ تي لهي آيون. هنن بروسيلز کان ويهن ميلن جي فاصلي تي ”لووين“ جي يونيورسٽيءَ واري علائقي کي باهيون ڏئي ڇڏيون ۽ رهواسين کي ناحق خون ڪرڻ لڳيون.

جيتوڻيڪ ان وقت هر ماڻهوءَ تي هيبت طاري هئي پر ايڊٿ ڪاويل اهڙي ڪنهن به ڳالهه کي قبول نه ڪيو. هن ڪنهن دوست ڏانهن خط لکندي چيو؛ ”آئون رڳو پنهنجو پان کان پُڇي سگهان ٿي ته هي معصوم انسان ڪهڙي ڏوهه ۾ ماريا پيا وڃن...“ سندس انهيءَ بي خوفيءَ تي جڏهن کيس چتايو ويو ته هوءَ هن لڙائيءَ جي باري ۾ اهڙا ”ڏاهپ کان وانجهيل“ ۽ وقت جي تقاضا کان هٽيل“ رايا نه ڏئي ته هن وراڻيو؛ ۽ ”اهڙي وقت ۾ جڏهن دلين تي دهشت راڄ ڪرڻ لڳي ۽ طاقت هر شئي مٿان حاوي ٿي وڃي ته انسان تي ٺلهي سياڻپ جو مظاهرو ڪرڻ کان وڌيڪ ٻيون ذميواريون  به عائد ٿين ٿيون.“

  هلندي هلندي جنگ ۾ هاڻي اهڙي صورتحال ٿي چڪي هئي جو ڪوبه ڌڪي اسپتال ڏانهن نه پئي آيو. جرمنيءَ وارن پنهنجا زخمي واپس وطن پئي موڪليا۽ اتحادي بروسيلز ۾داخل نه پئي ٿي سگهيا. هاڻي فقط ڪجهه بيلجمي شهري مريض ئي وڃي بچيا هئا. ان وقت جرمن گورنر هڪ حڪم به جاري ڪري ڇڏيو هو ته 18 سالن جا يا ان کان وڏا مرد مريض جڏهن به اسپتال مان فارغ ڪيا ويندا ته کين لازمي طور تي فوجي پوليس کي اطلاع ڏيڻو پوندو. جنهن جو مطلب اهو هو ته کانئن جبري پورهيو ورتو ويندو، ايڊٿ ڪاويل انهيءِ حڪم نامي جي ڀڃڪڙيءَ جو فيصلو ائين ڪيو ته هن فارغ ٿيندڙ هر مريض کي هدايت نامو ڏيڻ شروع ڪيو ته؛ ”جيڪڏهن اوهان کان لڀي سگهي ته فوجي پوليس ٿاڻي تي اطلاع ڏيو نه ته مادام ايڪس جي گهر تي حاضر ٿيو.

  ٻئي طرف پنهنجين هفتيوار رپورٽن ۾ هوءَ سچائيءَ سان بيان ڪندي رهي ته هوءَ ماڻهن کي فوجي پوليس ٿاڻي تي پهچڻ جو اطلاع ڏئي ٿي. جرمن فوجين لاءِ البت اها عجيب ڳالهه هئي جو منجهئن آڱرن تي ڳڻجي سگهندڙ ماڻهن کي ئي ٿاڻي جو رستو هٿ پئي آيو.

  انهيءَ وچ ۾ فرانسيسي سرحد تي ”مونس“ جي شهر ويجهو بيلجم جي شهزاديءَ ”ڊي ڪروئي“ پنهنجي حويليءَ کي اسپتال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. پهريائين ته ان اسپتال ۾ جنگ ۾ زخميل جرمن سپاهي داخل هئا، پر جڏهن جنگ اوڀرين پاسي يعني ”مارن“ جي طرف زور ورتو ته پوءِ اڪثر ڪري انگريز ۽ فرانسيسي ڌڪيل سپاهي پڻ اچڻ لڳا. انهيءَ صورتحال ۾ هڪ نوجوان ماسترياڻيءَ ”لوئر ٿوليز“ جي مدد سان شهزاديءَ رٿا بندي جوڙي ته اتحادي سپاهين کي ڳجهي طريقي سان ملڪ پار ڪرائي هالينڊ پهچايو وڃي ته جيئن هو اتان آساني سان انگلينڊ پهچي سگهن. هيءُ هڪ نهايت خطرناڪ ڪم هو جنهن جي ڪري ڪڙي سزا ملي پئي سگهي. بهرحال جلد ئي ٻنهي ڄڻين محسوس ڪيو ته وقت اچي ويو آهي، جو اهو ڪارنامو سرانجام ڏجي. انهيءَ سلسلي ۾ شهزادي صاحبه مس ڪاويل کان مدد طلب ڪندي کانئس پڇرايو ته، ڇا اهو ممڪن هو ته هوءَ ڪجهه ڏينهن لاءِ پاڻ وٽ انهن فوجين کي ترسائي پناهه ڏئي جتان پوءَ هو چئن يا پنجن ڄڻن جي ٽولين جي صورت ۾ ڊچ سرحد وٽ ”ٽرن هائوٽ“ جي جاءِ تي پهچي سگهن؟ جتان منزل تي پهچڻ سندن لاءِ عين ممڪن هو.“ ايڊٿ ڪاويل هڪ لحظي وڃائڻ بنان انهيءَ ڳالهه تي رضا مند ٿي. توڙيه جو اهڙي لاپرواهيءَ ڪرڻ سان هن سخت سزا لائق ڏوهه ۾ شامل ٿيڻ تي سندس ڪيترين ساٿياڻين سخت صدمي جو اظهار پڻ ڪيو.

ٿورڙي ئي عرصي ۾ هيءَ رٿابندي ڏاڍي ڪامياب ثابت ٿي. مريضن جي روپ ۾ اتحادي سپاهي پهريائين ڏينهن ٻن لاءِ (بعضي ته هفتن لاءِ به) وٽس اچي رهندا هئا، جتان پوءِ اڪثر ڪري مس ڪاويل پنهنجي سر کين انهن مقرر جاين تائين پهچائيندي هئي جتان کان راهبرن جي معرفت کين ”ٽرن هائوٽ“ واري منزل تي پُڄڻو هوندو هو. اهو ڪاروبار پروگرام مطابق هلندو رهيو پر انهيءَ سال مئي مهيني ڌاري مس ڪاويل کي پڪ ٿي ويئي هئي ته جرمن فوج وارا سندس انهيءَ ڪار گذاريءَ کان واقف ٿي چُڪا آهن. اهو ڄاڻندي به هُن بهرحال انهيءَ سلسلي کي جاري رکڻ جو عزم  ڪيو ۽ اهو پڻ سوچي ڇڏيو ته جيڪڏهن اوچتو ڪنهن ڏينهن جرمن فوج سندس اسپتال تي ڇاپو هنيو ته هوءَ اتحادي سپاهين کي ڪٿي نه ڪٿي لڪائي ڇڏيندي.ا هو ڄاڻندي جرمن فوج ڄڻ ته هڪ چتاءُ طور تي پنهنجي ڳجهي جاسوسي اداري جو مُک مرڪز بروسيلز ۾ قائم ڪيو، جنهن جا ڇهه هزار ڪارندا هر هنڌ ڦهلجي ويا. سندن پُهچ ۾ ڪارخانا، اسپتالون ۽ خانگي توڙي سرڪاري ادارا اچي پئي ويا، جيتوڻيڪ جرمن فوجي مس ڪاويل جي سکيا گهر يعني ”روڊي لا ڪلچر“ واري جاءِ تي ٿيندڙ عجيب چر پر تي حيران ته هئا پر کين ڪا اهڙي ٺوس معلومات ڪونه هئي جنهن جي بنياد تي هو ڪو شڪ ڪري سگهن.

  آخر ڪار 5 آگسٽ 1915ع تي سندن توقع مطابق مس ڪاويل کي هن جي نائب سسٽر ”ول ڪنز“ سميت گرفتار ڪيوويو. هن گرفتاريءَ جو بنياد انگلينڊ واپس پهتل ڪنهن بيوقوف سپاهيءَ طرفان ٿورن جي مڃتا سان ڀريل اسپتال ۾ پهتل اهو خط هو جيڪو تلاشيءَ دوران جرمن پڇا ڳاڇا دوران حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندي جاسوس پوليس جي آفيسر کيس چيو، ”توکي پنهنجي سِر اهو ڏوهه قبول ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ جو اهڙن ٻن سپاهين جون اسان وٽ اڳ ئي مڪمل رپورٽون پيل آهن جن کي تو ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي...“  جيئن ته عورتن کان ڌار ڌار پڇائون ڪيون ويون تنهن ڪري معلوم اهو ٿيو ته سسٽر لڪنز مسلسل هر شئي کان انڪار ڪندي رهي. نتيجي ۾ خود سندس لاءِ حيرت جوڳي ڳالهه اها ٿي جو کيس آزاد ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي طرف مس ڪاويل جنهن پنهنجي مٿين ڪارڪردگيءَ کي لڪائڻ جي ڪا خاص ڪوشش نه ڪئي، تنهن کي آخر ڪار جهليو ويو.

  انهيءَ وچ ۾ جرمن فوج پنهنجن جاسوسن جي رپورٽن(جيڪي فرار ٿيندڙ اتحادي سپاهين ۾ به موجود هئا) ۽ ڪجهه مس ڪاويل طرفان ڏوهن جي نتيجي ۾ سڄي بيلجم منجهان گرفتاريون  مڪمل ڪري ورتيون. جيئن ته مس ڪاويل جرمن فوجين جي ڏنل انهيءَ تاثر جي مڪمل گهيري ۾ اچي چڪي هئي ( ته ٻين ڪيترن ماڻهن فلاڻيون فلاڻيون ڳالهيون ڏسي کين مڪمل معلومات فراهم ڪئي هئي) تنهن ڪري هن پڻ انتهائي خسيس ڳالهين کان وٺي اهم معاملن تائين پنهنجي ملوث هجڻ جي مڪمل تصديق ڪئي ۽ ڏنل بيان جي آخر ۾ چيو؛

  منهنجا بيان جيڪي هاڻي مون آڏو فرانسيسي ترجمي سميت پڙهيا ويا آهن. تن جو ذرو ذرو سچ تي ٻڌل آهي. اهي ائون مفصل ۽ مڪمل طور تي سمجهان ٿي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته انهن کي ٽربيونل آڏو پڻ ورجائينديس.“

صحي ۽ شاهدي طرفان

ايڊٿ ڪاويل

 

جيتوڻيڪ ڏوهن جي اها باس مايوسيءَ بدران فخر ڀري توڪل وچان ڪيل هئي پر سندس ڪورٽ مارشل ٿيڻ کان پوءِ اختيارين طرفان مقرر ڪيل هن جي وڪيل چيو؛ ”پنهنجي ڪيل باس جي نتيجي ۾ هن بچاءَ کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو هو.“

  هن ڪيس ۾ ترت سماعت کانپوءِ جرمن فوجي عدالت طرفان ڏنل سزائن جي جيڪا آخري لسٽ پڌري ڪئي ويئي تنهن ۾ ايڊٿ ڪاويل سان گڏ شهزادي ڊي ڪرائي. لوئيز ٿوليز ۽ بيلجم جونوجوان عمارت ساز فلپ باق شامل هئا. باق نه رڳو سپاهين کي ڀڄائڻ واري معاملي جو مجرم ڄاڻايو ويو هو، پر هن  تي الزام هو ته هن غداريءَ سان ڀرپور پمفليٽ پڻ ورهايا هئا. هن سزا کاڌل لسٽ ۾ ڪل پنجٽيهه ڄڻا شامل هئا.

  هيءَ مقدمو 7 آڪٽوبر تي شروع ٿيو ۽ جڏهن ڏينهن ٻن کان پوءِ فيصلو ڏنو ويو ته بروسيلز ۾ موجود آمريڪي وزير لنڊن ۾ مقرر پنهنجي سفير کي لکيو؛

”...توڙي جو جرمن فريادي وڪيل مس ڪاويل جي اقرار جي نتيجي ۾ مٿس ۽ ساڻس شامل ٻين اٺن ڄڻن لاءِ موت جي سزا تجويز ڪئي آهي، پر پوءِ به مون کي ڪُجهه اميد آهي ته عدالت اهڙي سخت سزا نه ڏيندي.“

  پر هو غلط ثابت ٿيو. گرفتار ڪيل پنجٽيهه ڄڻن مان اٺن کي آزاد ڪيو ويو. پنجويهن کي ڊگهيون سزائون ڏنيون ويون، جڏهن ته فلپ باق ۽ ايڊٿ ڪاويل کي گوليءَ سان اڏائڻ جي سزا ٻڌائي ويئي.

 هوڏانهن جرمن عدالت آمريڪي وزير سميت ٻين ڪيترن ئي ماڻهن طرفان ڏنل رحم جي درخواست کي رد ڪندي (توڙي جو چند ماڻهن کان سواءِ ڪو انهيءَ ڳالهه تي ويساهه ڪرڻ لاءِ ئي تيار نه هو ته فقط اتحادي فوجين کي واپس وطن پهچائڻ جي الزام ۾ ڪوبه دشمن ڪيترو به ظالم ڇو نه هجي. ڪنهن هڪ عورت ۽ سو به نرس کي موت جي سزا ڏيندو. انهيءَ جي باوجود مٿس جاسوسيءَ جوا لزام به نه هجي.) پنهنجو  حڪم صادر ڪيو. جنهن تي 12 آڪٽوبر صبح جو ساجهر عمل ڪيو ويو. پنهنجي موت کان چند  گهڙيون پهرين جڏهن مرڻ کانپوءِ اوگهڙ ڍڪڻ جي خيال کان مس ڪاويل ٻه چار ٽاچڻيون گهري پنهنجي اسڪرٽ کي ٽوپيو هو تڏهن خاموشيءَ سان ”ٽر نيشنل“ عمارت جي راهداريءَ مان گذرندي ۽ فائرنگ اسڪواڊ جي سامهون ٿيندي هن پنهنجو مناجاتي ڪتاب کولي منجهس هي آخري سٽون لکيون هيون؛ ”اَمي. آئون 12 آڪٽوبر 1915ع  تي صبح جو ستين وڳي مري ويس، پنهنجي امڙ لاءِ اڪير وچان_ايڊٿ ڪاويل.“

ايڊٿ ڪاويل جي شهادت ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ غير ضروري هئي. ڇاڪاڻ  جو سندن خيال مطابق اهڙي تفصيل سان پنهنجا ڏوهه باسڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي. پر انهيءَ هوندي به هن سڄي سانحي جو هڪ غير معمولي نتيجو ٻيو به هو. جيڪو آمريڪي اديب اون وسٽر جي بقول اهو هو ته؛ ”جڏهن ڪاويل انگلينڊ لاءِ پنهنجي جان جو ٻليدان ڏنو ته ان کان پوءِ آمريڪا جا جنگ  ۾ شامل نه ٿيڻ جا امڪان بلڪل ختم ٿي چڪا هئا.“ هن ظلم کان پوءِ آمريڪي عوام جو رويو هيبت ۽ ڪاوڙ وچان سڀ ضابطا ٽوري ويو. توڙي جو صدر ولسن جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان گهڻو ئي لنوايو پر دٻاءُ ايترو وڌي ويو جو کيس ميدان ۾ لهڻو پيو. جنهن جونتيجو آخر اهو نڪتو جو اتحادين جي سوڀ يقيني بڻجي ويئي

  ڪاويل جي موت کانپوءِ ڪيترائي بحث شروع ٿي ويا ته هن بهادر عورت، جنهن موت جي سزا ملڻ وقت هڪ گهڙيءَ لاءِ به ڪا فڪرمندي نه ڏيکاري هئي نه ئي موت جي منهن ۾ وڃڻ مهل ڪو لوڏو کاڌو هو. تنهن ههڙا خواري ڀريل اقرار آخر ڇو ڪيا؟ انهيءَسلسلي ۾ سندس شاگرد نرس ”جئڪولين وان ٽل“ جا هيٺيان ويچار شايد درست هجن.

 

  ”نرسنگ جي پيشي ۾ جيڪي خوفناڪ حالتون آهن ايڊٿ ڪاويل تن جو عملي مظاهرو انهيءَ طريقي کان سواءِ ٻئي ڪهڙي بهتر طريقي سان ڪري پئي سگهي؟ ان دور جي ضرورتن مشڪلاتن کي هوءَ ٻئي ڪهڙي نموني سان نروار ڪري ۽ سرانجام ڏيئي پئي سگهي. سندس منزل اها هئي ته نرسنگ جي پيشي جي ذريعي انسانيت جي خدمت ڪئي وڃي.“

  (نوٽ؛هي مضمون Jonn Canning جي ترتيبيل ڪتاب 100 Great Lives of Modern Times جي صفحي نمبر 285 کان   291 تائين ترجمو ڪيو ويو).

 

 


 

 

مسعود لوهار

(پهريون حصو)

اڳڪٿيون ۽ انسان

 

نجوم، جوتش، اڳڪٿيون وغيره اهڙا لفط آهن جيڪي پاڻ مان سڀني ضرور ٻڌا هوندا. گهڻا انهن لفظن کي ٻڌي، طنزيه انداز ۾ ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪري ڇڏيندا آهن ته وري گهڻا اهڙا آهن جيڪي پنهنجي هر فيصلي کان پهرين ڪنهن نجومي يا جوتشي سان رابطو ضرور ڪندا آهن. انساني تاريخ اهڙن هزارين مثالن سان ڀري پيئي آهي،جنهن ۾ بادشاهه، پنهنجن سرڪاري پگهار دار نجومين کي محض اهڙين صلاحن مصلحتن ۽ ستارن جي نحس سعد چال معلوم ڪرڻ لاءِ رکندا نظر آيا آهن. نه رڳو اهو پر انساني تاريخ جو تمام وڏو دور علم نجوم جي علمي اجاره دا ريءَ هيٺ رهيو آهي. هاڻي جڏهن تهذيب پنهنجي عروج تي پهتي آهي ۽ انسان ٽيڪنالوجي ۽ جديد تعليم جي بدولت  وڌيڪ روشن خيال ۽ مصروف ٿي ويو آهي ته ان علم جي اهميت ۽ اثر کي ڪافي ڌڪ رسيو آهي پر اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته ان جي باوجود به ايڪهين صديءَ جي ڪنڌيءَ تي پهتل دنيا اڃا تائين پوري طرح انهيءَ علم جي ليڪي مان ٻاهر نه نڪتي آهي. ڇا اها حيرت جي ڳالهه نه آهي ته آمريڪا جو صدر ريگن پنهنجي هر فيصلي کان  پهرين پنهنجي ذاتي نجومي جئان ڪئگلي سان صلاح مصلحت ڪندو هو بلڪ ائين چئجي ته اهو ئي ڪندو هو، جيڪو مذڪوره نجومي کيس چوندو هو. مشهور جرمن نجومي ڪرافت، هٽلر جو ذاتي ۽ نازي جرمنيءَ جو سياسي نجومي هو. هوڏانهن ڪيترائي بادشاهه، ليڊر، ليکڪ ۽ بزنس مئن، مشهور پامسٽ ۽ نجومي ڪيرو جي اڳيان پويان پيا ڦرندا هئا ته جيئن سندن قسمت جي ڪا جهلڪ پلئه پوين.

جيتوڻيڪ، اڄڪلهه اسان وٽ سنڌ ۾ اڳڪٿيءَ جو علم، علمي حلقن پاران شديد طنز ۽ نظر اندازي جو شڪار آهي. پر جيئن ته دنيا جي ماضي قريب جي تاريخ ۽ حال جي ڪجهه حيرت انگيز واقعن جي باري ۾ مختلف دور جي نجومين تعجب جي حد تائين صحيح اڳڪٿيون ڪيون ۽ دنيا جا ڪافي وڏا پڙهيا لکيا ماڻهو، غير معمولي حد تائين ان علم جي سحر  ۾ گرفتار رهندي نظر آيا آهن، ان ڪري ضروري آهي ته قديم زماني کان وٺي اڄ تائين دنيا جي ناليرن نجومين جو انهن جي حيرت انگيز اڳڪٿين جو جائزو وٺون.

 اڳڪٿيون يا غيب جو حال ڄاڻڻ وارن علمن جا آثار  دنيا جي قديم ترين تهذيبن جهڙوڪ مصري، سميري، بابلي ۽ سنڌو ماٿر جي تهذيبن ۾ به ملن ٿا. ان دور جي انسان جو مذهب، اڳڪٿين ۽ سَوڻن سان سلهاڙيل هو. جيئن دنيا جي اوائلي تهذيبن مان يوناني ۽ رومن تهذيبن جي مذهبن ۾ جن ديوين ديوتائن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي سي نظام شمسيءَ جا اُهي گرهه هئا جن کي پاڻ مشتري، عطارد، مريخ، زحل، پلوٽو، پنچون، يورينس يا سج ۽ چنڊ جي نالن سان سڄاڻون ٿا. مشتري يا جيوپيٽر رحم ۽ سٻاجهائي جو ديوتا مڃيوويندو هو ته وري مريخ يا مارس جنگ و جدل ۽ تباهه ڪارين جو ديوتا ڄاتو ويندو هو، اهڙيءَ طرح انهيءَ دور ۾ اڳڪٿين جي علم  النجوم تي ڪافي گهرائي سان ڪم ٿيو، جنهن جي ئي بنياد تي اڄ جي علم النجوم جي پوري عمارت بيٺل آهي.

  هاڻي اچو ته ڏسون ته اڳڪٿين ڪرڻ جا ڪهڙا طريقا استعمال ڪيا ٿا وڃن يا ٻين لفظن ۾ ڪهڙن علمن ذريعي اڳڪٿيون ڪيون ٿيون وڃن. انهيءَ لاءِ هيٺيان چند نالا اهم آهن؛ علم الرمل، جفر، خوابن جي تعبير، پامسٽري، علم الاعداد ۽ علم النجوم. سڀني علمن ۾ گهڻي ڀاڱي حساب ڪتاب، ڳڻپ ۽ اندازن جي بنياد تي اڳڪٿيون ڪيون وينديون آهن جن جي صحيح يا غلط هجڻ جو تعلق ان جي عامل جي مهارت ۽ تجربي سان به هوندو آهي.

  سنڌ ۾ وري جانورن ۽ پکين جي آوازن، چرپر ۽ لقائن مان سوڻ وٺي اڳڪٿيون ڪيون وينديون آهن جيئن؛ڪانءُ جي مختلف ٻولين ۽ تنوارن مان سٺي يا خراب خبر جي اڳڪٿي ڪندا آهن. اهڙا مثال شاهه لطيف جي شاعريءَ مان به مليا آهن. جنهن ۾ ڪانءُ کي چوي ٿو ته ٽپڪي ڏئي ڪنهن وڻ جي ٻيسانگ تي ويهه ته ان جو مطلب اهونڪرندو ته پرينءَ سان ملاقات ٿيندي.

 سنڌ جي علائقن ٿر ۽ لاڙ ۾ سوڻ وٺڻ عام زندگيءَ جو هڪ حصو بڻيل آهي، جنهن ۾ ديڳڙيءَ ۾ کائڻ جو مطلب اهو ورتو ويندو آهي ته ان جي شاديءَ ۾ مينهن پوندو. سنجهي جي صلاح ڪرڻ کان وڏرا هميشه پيا منع ڪندا آهن جو سنجهي جي صلاح ڪرڻ جو مطلب ته ان ئي رات ڪنهن جي مرڻ جي خبر پوندي. تتر جي ساڄي پاسي کان تنوارڻ جي ٻي معنيٰ ورتي ويندي ته وري کاٻي پاسي کان تنوارڻ جو ٻيو مطلب. اهڙيءَ طرح گدڙ جي اوناڙ مان به مختلف معنائون ۽ مطلب پيا ورتا ويندا آهن.

  هاڻي انهن سوڻن وٺڻ کي وهم چئجي يا واقعي انهن جو حقيقت سان ڪو تعلق به هوندو ته  انهيءِ لاءِ راءَ قائم ڪرڻ ڏکي ڳالهه آهي. باقي پنهنجو هڪ ذاتي مثال آءُ ضرور ٻڌائيندس ته هڪ رات سانجهيءَ ويلي آءُ، منهنجو ڀاءُ ۽ گهر جا ڪجهه ڀاتي گهر جي ڪنهن مسئلي تي صلاح مصلحت ڪري رهيا هئا سين ته اسان مان ڪنهن وڏي منع ڪئي ته سنجهي جي صلاح نه ڪجي. انهيءَ تي ڏاڍو کلياسين ۽ وهمي ۽ دقيانوسي عادت چئي اسان صلاح مصلحت جاري رکي، فيصلو ڪري سمهي پيا سين، رات جو اٽڪل ٽين وڳي اسان کي ڄاڻ ملي ته اسان جي ڏاڏي ، جيڪا ويجهي ڳوٺ ۾ رهيل هئي، سا وفات ڪري ويئي.

  آءُ مڃا ٿو ته اهو هڪ اتفاق ئي هو، پر اهڙا اتفاق ڪڏهن ڪڏهن لاشعوري طور تي ماڻهوءَ کي وهمي بنائي ڇڏيندا آهن.

  اڳڪٿين ڪرڻ لاءِ مذڪوره علمن تي جيڪڏهن هتي تفصيلي  بحث ڪنداسين ته پوءِ مضمون ڊگهو ٿي ويندو ان ڪري مختصرن علم النجوم تي روشني وجهي پاڻ دنيا جي ناليرن جو احوال ۽ سندن اڳڪٿين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين.

علم النجوم، جيئن مٿي ذڪر ڪيوسين، ته نظام شمسي جي گرهن جي ڇرپر ۽ آسمان جي مخصوص حصن ۾ وڃڻ جي اثرن جي اڀياس کي  چئجي ٿو. آسمان کي ٻارنهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جن کي برج چئجي ٿو. اهڙي طڙح ٻارنهن برج ترتيبوار هيئن آهن. حمل، ثور، جوزا، سرطان، اسد، سنبله، ميزان، عقرب، قوس، جدي، دلو ۽ حوت.

  هر برج جو مالڪ ڪو گرهه يا سيارو هوندو آهي. جيئن برج حمل جو مالڪ مريخ آهي ته وري برج اسد جو مالڪ شمس يا سج آهي.

  علم النجوم جا ٻه قسم آهن. هڪ يوناني ۽ ٻيو هندستاني. جيتوڻيڪ ٻنهي قسمن جون ڪافي ڳالهيون هڪ جهڙيون آهن پر طريقن ۾ اختلاف آهي تڏهن به اڳڪٿيون ٻنهي جون صحيح آهن.

 

 

 

دنيا جا مشهور اڳڪٿيون ڪندڙ ۽ سندن اڳڪٿيون

 

ڊيلفي جو مندر:

  يونان ڪنهن زماني ۾ تهذيب ۽ تمدن جو وڏو مرڪز هو، سڪندر جهڙن فاتحن کان وٺي افلاطون، ارسطو ۽ سقراط جهڙن فلسفين جو تعلق به هن ڌرتيءَ سان هو، يونان ۾ ڊيلفي ۾ هڪ مندر هو جتي مها راهبه اڳڪٿيون ڪندي هئي ۽ جيڪو به سوال پڇندو هو ته ان جو جواب ڏيندي هئي. اڄڪلهه ته اهو مندر کنڊر ٿيو پيو آهي پر ڪنهن زماني ۾ ان جي اهميت جوا ندازو ان مان لڳائي ٿو سگهجي ته سڪندي اعظم، نيرو ۽ڪروئسس جهڙا بادشاهه ۽ هومر جهڙا شاعر پڻ ان مندر جا چڪر لڳائڻ ۽  پنهنجي نصيب بابت پڇڻ ايندا هئا.

  هڪ ڀيري ڊيلفي جي مندر ۾ سڪندر اعظم پنهنجي مستقبل بابت پڇڻ آيو. ”مستقبل جي هٿن ۾ منهنجي لاءِ ڇا آهي.“ ”اي راهبه“ سڪندر اعظم رعبدار آواز ۾ چيو. هو سڄو زرهه پوش ٿيل هو ۽ سندس مٿي تي فولادي  ٽوپلو هو.

  ”پِٿيا (راهبه) ڪنهن جي غلام ڪانهي. تون اپالو جي مندر ۾ بيٺو آهين ۽ هتي سڀ انسان هڪجهڙا آهن، ڀڄ هتان!“ پوڙهي جهور راهبه جواب ڏنس. ”هي اڳڪٿين ڪرڻ جو وقت ڪونهي.“

  سڪندر ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پٿيا کي ٻانهن کان وڃي سوگهو ڪيائين، ”سڪندر لاءِ وقت جون پابنديون ڪا معنيٰ ڪونه ٿيون رکن. مون کي وڌيڪ ڪاوڙ نه ڏيار نه ته وڏو ڦڏو ٿيندو. هينئر جو هينئر مندر جي اندر وڃ ۽ ڏس ته منهنجي نصيب ۾ ڇا لکيل آهي.“

پٿيا جو بنهه ساهه سڪي  ٿي ويو. هن ڳيت ڏئي چيو ”جيڪڏهن تون ڄاڻڻ چاهين ٿو ته ٻڌ! هن چيو، تون دنيا جو فاتح سڏبين، پر تون ڪنهن پرڏيهيءَ ملڪ ۾ مرندين. تون گهڻو نه جيئندين پر تنهنجا دشمن، تنهنجي نالي کي ادب سان وٺندا.“

وقت ثابت ڪيو ته پوڙهي راهبه صحيح اڳڪٿي ڪئي هئي.سڪندر ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون ڪيترائي ملڪ فتح ڪيا پر گهڻو قوت جي نه سگهيو. سڪندر ڪڏهن ڪڏهن افسوس ڪندي چوندو هو ته دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ ئي ناهي رهيو جنهن کي هو فتح ڪري. هو ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڦٽن خراب ٿيڻ ڪري بخار ۾ مري ويو.

 يوناني تاريخ دانن موجب، ڊيلفي واري جڳهه چرندڙ ٻڪرين ذريعي هٿ ٿي. جڏهن ڌراڙ ٻڪرين کي انهيءَ جڳهه تي چارڻ ويندا هئا ته ٻڪريون اتان جو گاهه کائي بنهه عجيب عجيب حرڪتون ڪنديون هيون. هڪ ڀيري هڪ ڌراڙاتي چُر ۾ داخل ٿيو ته هڪدم اڳڪٿين ڪرڻ جي سگهه حاصل ڪري ورتائين ۽  ٻين ڌراڙن کي سندن مستقبل جو حال ٻڌائڻ لڳو. پوءِ جيڪو انهيءَ مخصوص چُر ۾ ٿي گهڙيو ته ان کي اڳڪٿين ڪرڻ جي قوت ملي ٿي ويئي

 آهستي آهستي اها ڳالهه هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويئي ۽ پوءِ اتي مندر تعمير ڪيو ويو ۽ هڪ راهبه کي مقرر ڪيو ويو. جڏهن انهيءَ مندر ۾ اپالو ديوتا جي پوڄا ٿيڻ لڳي ته پوءِ راهبه کي پٿيا جو لقب ڏنو ويو.

پهرين پٿيا جو نالو فيموناءِ هو ۽ ان کي 700 ق. م ۾ مقرر ڪيو ويو. پٿيا صرف ڪنواري ۽ نوجوان ڇوڪري ٿي سگهي ٿي ۽ اها روايت ايستائين هلندي رهي جڏهن هڪ ڀيري هڪ دکدائڪ واقعو ٿيو.

ٿيو ائين جو هڪ نوجوان نالي اشقراط پنهنجي مستقبل جو حال ڄاڻن لاءِ ڊيلفي آيو. نوجوان پٿيا کيس ٻڌايو ته هو هڪ جرم ڪندو ۽ ان جي سزا ۾ کيس قتل ڪيو ويندو. هن ان مهل ئي ان پٿيا سان زنا باالجبر ڪيو ۽ کيس ان مهل ئي قتل ڪيو ويو. ان واقعي کانپوءِ پٿيا صرف پنجاهه سالن کان وڏي عمر جي عورت کي بنايو ويندو هو.

روم جي هاڪاري بادشاهه نيرو به سن 67 عيسويءَ ۾ ڊيلفي آيو. اتي پهچڻ لاءِ هن هڪ بنهه ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ مسافري ڪئي هئي. جيئن ئي نيرو مندر اندر گهڙيو ته پٺيان رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ چيائينس، ”ڀڄ هتان، پنهنجي ماءُ جا قاتل، ڀڄي وڃ ۽73 جي انگ کان خبردار رهجان“

نيرو تپي باهه ٿي ويو. هن حڪم ڏنو ته پٿيا ۽ ٻين راهبن جا هٿ پير وڍي جيئرو دفن ڪيو وڃي. هن پوءِ سڄي مندر کي ڊهرائي پٽ ڪري ڇڏيو.

نيرو سوچيو ته پٿيا جو مطلب اهو هو ته هو 73 سالن جي ڄمار تائين جيئندو پر بدقسمت نيرو کي اها خبر نه هئي ته پٿيا جو مطلب ڪجهه ٻيو هو. هو ٻي سال گالبا نالي هڪ بادشاهه هٿان قتل ٿي ويو جنهن جي عمر 73 ورهيه هئي.

يونان جي نامياري شاعر هومر پڻ پنهنجي مستقبل جي خبر وٺڻ لاءِ ڊيلفي آيو. هومر انڌو هو. پٿيا کيس چيو ”انسان ذات توکي ڪڏهن به وساري نه سگهندي“ اها حقيقت آهي ته هومر کي سندس ڪتابن_البئڊ ۽ اوڊيسي_هميشه لاءِ لافاني بنائي ڇڏيو آهي.

سن 600 ق. م ۾ ليڊيا جي شاهه ڪروئسس، فارس جي بادشاهه سائرس تي حملو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ ان لاءِ هن پٿيا کان اڳڪٿي ڪرائي ته هو کٽيندو يا هارائيندو. هن پٿيا ڏانهن هڪ ماڻهو موڪليو پر ان کي اڳڪٿي ڪرائڻ کان اڳ ۾ چڪاس ڪرڻ لاءِ چيائين. هن ان ماڻهوءَ کي پٿيا کان اهو پڇڻ جو حڪم ڏنو ته ڊيلفي ڏانهن قاصد موڪلڻ کان ڏهه ڏينهن پوءِ بادشاهه ڪروئسس ڪهڙو ڪم ڪيو؟

  پٿيا جواب ڏنو،  هڪ رڍ ۽ ڪُميءَ جي گوشت کي ڪنجهي جي ٿانءُ ۾ رڌائي، ان مٿان واري ٻُرڪي ڪنجهي جي هڪ وڏي ٿانءُ ۾ کڻي رکيو آهي.“

قاصد واپس اچيڪروئس کي جواب ٻڌايو. ڪروئس حيرت ۾ پئجي ويو جو جواب بلڪل صحيح هو.

  هن پنهنجي ايلچيءَ کي وڏا انعام اڪرام ۽ تحفا ڏئي ڊيلفي موڪليو، هاڻي پٿيا ڪروئسس جي سائرس اعظم سان جنگ متعلق هيءُ اڳڪٿي ڪئي؛

پار ڪندين، جي درياءُ هيلوئس

ته ٻڏ بادشاهه ڪروئسسس!

(باقي حصو ايندڙ واري

 

هن مضمون لکڻ ۾ هيٺين ڪتابن مان مدد ورتي  وئي؛

1_ ورلڊ فيمس پروفيسر اينڊ پروڊڪشن

2_ دَسائڪڪ ورلڊ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com