سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1978ع

مضمون

صفحو :9

نرملا.... او نرملا... وقت ته ڪنهن تيز گهوڙي جيان اڳيان نڪري ويو. اسين ته الائي ڪيترو پري رهجي وياسين. ۽ ان کان پهرين آئيڊيل هئا. زندگي رولاڪ هئي. ۽ ڪجهه نه هوندي به ڄڻ ڪجهه هو. هيڪلي گهارڻ جي سگهه آهي. منزل ڏانهن وڌندڙ قدم تيز ۽ گهڻا تيز آهن. منزل ڏانهن ويندڙ ۽ وڌندڙ قدمن مان ڪي مارجي ويا ته انهن کي ڪير ڳولي. ڪير ڳولي انهن اونداهين ۾ گم ٿيندڙ قدمن کي... ۽ نرملا، (سپني اوسٿا ۾ نه گاڏيون ٿين ٿيون ۽ نڪي اتي گهوڙا ۽ رستو آهي. هي ماڻهو سپني ۾ رٿ، گهوڙا ۽ رَٿ لاءِ رستي کي ٺاهي ٿو. اُتي نه سک آهي ۽ نه آنند آهي. هي ماڻهو سپني ۾ آنند، سک، ۽ پرمود کي رچي ٿو. سپني ۾ نه تلاءُ آهن. نه نديون آهن. پر هي سپني ۾ نديون ۽ تلاءَ ٺاهي ٿو. هي سپني اوسٿا ۾ سڀڪجهه ٺاهڻ وارو ٿئي ٿو!!)

- توهان ڪيڏانهن گم ٿي ويا؟

- هان..... مون... مون ته ڪافي ٿي پيئڻ چاهي سگار سان گڏ!!

- عجيب ڳالهه آهي. ڇا توهان ڪو خواب پيا ڏسو ڇا؟

- سپنا ته گهڻا ئي هئا. ۽ گهڻا ئي آهن. سپنا ٺاهيندڙ به اسين آهيون، ته انهن کي ڊاهيندڙ به اسين... پر توهان سان گڏ نرملا هئي. ۽ اڄ توهان اڪيلا آيا آهيو. ڪٿي آهي هوءَ؟

- هوءَ مري چڪي آهي!

-مري ويئي؟ ... ماڻهو آخر مري ڇو ٿو وڃي؟... پر تو هُن کي مري وڃڻ ڇو ڏنو؟ ته آخر هن کي مري ڇو وڃڻ ڏنو!!

- مان ڇا ٿي ڪري سگهيس... ڪير ڪنهن کي مري وڃڻ کان روڪي نٿو سگهي. هوءَ زندهه هئي ته زندگيءَ مان سيٽسفاءِ نه هئي. ۽ زندگي ڄڻ ته هن لاءِ بي معنا هئي. مري وڃڻ کانپوءِ مون هُن جي ڊائريءَ ۾ ڏٺو ته لکيل هو؛ هر ڇوڪري کي سدائين اُها محبت ياد ٿي رهي، جيڪا هوءَ پندرهن کان ويهن سالن جي عمر ۾ ڪندي آهي!

- محبت ...... محبت اهي به ڪن ٿا، جن محبت دير سان شروع ڪئي. پر تون هن کي مري وڃڻ نه ڏين ها!

- توهان جو گهر ۽ هن جو گهر پاسي ۾ هوندو هو. ۽ اها خبر به مون کي دير سان پئي توهان محبت به ته هن سان ڪئي هئي نه؟ نرملا جي سامان مان مون کي توهان جا ڪيترا خط به مليا آهن؟

- محبت. زندگي. ڇا سانڍي رکڻ لاءِ اهي شيون ضروري آهن؟ او خدايا! انسان آخر ڪيڏانهن وڃي. پر ذليل مان آهيان. ۽ وڃان پيو!

.............؟؟.....!!

پر تون هليو ڪيڏانهن وئين؟

ٻاهر ته زرد مٽي آڏامي پئي، ۽ زرد پن دور الائي ڪٿي سڙي رهيا آهن! آڪاس ڏانهن اُڏامندڙ دونهو گم ٿي رهيو آهي. وايون منڊل دونهاٽيل آهي (باهيون بيراڳين جون، ڀنيءَ ڀڙڪا ڪن!) ۽ منهنجي لکيل خطن جو پنو به ته زرد ٿي چڪو آهي. ۽ پنا به سڙي ويندا. ازل جي پراسرار ڪائي اهڙي چيز آهي. سڙي ويندا. ۽ خط به ته منهنجا اُڏامي ويا!! ۽.....

…….Writing Letters... means to denude oneself the ghosts, something for which they greedily wait. Written Kisses don’t reach their destination, rather they are drunk on the way by the ghosts!*……!!.....

…… You don’t seem to realize, Milena, that we are standing side by side, watching this creature on the ground which is me, but I, as the spectator, am then non-existent!!......!!........

ڊوڙو ۽ ڊوڙندا هلو. ڪي پراسرار طاقتون تيز رفتاريءَ سان پويان آهن. (پر نرملا تون مري ڇو وئينءَ؟) اونداهي ته هر چيز کي کائي رهي آهي. اونداهي موت آهي. ۽ موت جا نوحا ۽ اوسارا ته ڪيترائي آهن. ۽ پنڊورا به ته الائي ڪير ٿي هئي؟ ڪنهن هڪ جي غلطيءَ ڪري، سزا سڀ ڀوڳي رهيا آهن. پر ٻاهر...؟ ۽ گهر هجي ها ته اڪيلو رهان ها، دک، درد ۽ اجنبي چهرن کي ڇڏي اڪيلو رهان ها. گهر ڪنهن اهڙي ۾، ۽ انتظار ان چيز جو آهي، جيڪا ڪڏهن به اچڻي ناهي. ۽ هاڻ ته منزل به سامهون هوندي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. (۽ مدت گذري ڪٿي ۽ الائي ڪيئن پڙهيو هيم: هوءَ مري چڪي آهي. پر گُل اڃا به ڪومائجي وڃن ٿا. اي موت! انهيءَ ڇوڪريءَ کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، توکي فرصت ڪيئن ملندي هوندي؟) پر منهنجي شيشي وارين درين مان ڪوئي جهاتي ضرور پائيندو. من منهنجي ۾’ائي اهڙي ڳالهه ضرور آهي. چوڻ جي مُند به ضرور ايندي. هوءَ سامهون کان ايندڙ روشني به ته الائي ڇا جي آهي؟ جڏهن تنهنجا سمونڊ جهڙا گهرا نيڻ. ۽ هر شام جيان، جنهن کي اونداهي ڌيري ڌيري ڳڙڪايو وڃي؟ هٽائي ڇڏيو انهن خالي لفظن جي ڍير کي پر پوءِ به لفظ ئي ته معنا رکن ٿا. لمحا جيڪي گذري وڃن ٿا. ۽ صديون گذريو وڃن. ڪوئي اداس چهرو جهاتي ضرور پائيندو. ڪي انسان اهڙا به آهن، جيڪي جنم وٺڻ سان ئي اداسي کنيو اچن. اداسي ته وڻ ويڙيءَ وانگر وڪوڙيو بيٺي آهي. من پنهنجو وس ۾ به نه آهي ۽ پوءِ به تون چوين ٿو ته زندگي ۾ اميد ضرور آهي. مايوسي غلط آهي. غلط هوندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته سڀڪجهه غلط هجي! ڪنهن جي غلطيءَ جي ڪير سزا ڀوڳي رهيو آهي؟ پر ڇپر به ته ڪوئي ڇڏي نه ويندو آهي. ۽ لُڪون به ته ڏاڍيون ڪوسيون لڳن پيون. ٻاهر ڪوئي نڪري نٿو سگهي- ۽ ان کي به ته مدت گذري ته هوءَ مري چڪي آهي. ڊائيسيڪشن هال ۾ وڍڪٽ ٿيندڙ لاش به الائي ڪنهن جو آهي؟ لاش ته الائي ڪيترائي آهن، ۽ گمنام آهن. زندگي هئي ته حسرتون به هيون. اميدون هيون ڪنهن جو انتظار هو. دک سهڻ جي سگهه هئي. ۽ ايتريون خواهشون هيون. پر اهو سڀڪجهه ٿي نه سگهيو. وقت ائين ضايع ٿي وڃي ٿو. ۽ سامهون هوءَ گمنام ۽ ڊهندڙ قبر به ته الائي ڪنهن جي آهي. سُنسان لُڪ لڳندڙ ڏينهن ۾، بنا ڪنهن ڇانو جي قبر. سامهون رولاڪ ڪُتا رستن تي ڏامر پگهرجندڙ. مرڻ کان پوءِ ڪوئي ٻوٽو نِم جو ضرور هجي ڇانوَ لاءِ ۽ ويراني آهي، ڪڏهن ۽ ڪٿي زندگي به ساٿ ڇڏي ويندي، ۽ وقت تو ۽ مون جيان ڪوئي وفادار به ته ناهي. تڏهن ته ڪٿي ۽ الائي ڪيئن توکي اهو سڀڪجهه لکي ڏنو هيم. ماگهه جي سرد هوائن ۾ پيلا بنا سڙي رک ٿي ويندا. ڪائي پراسرار بيماري وڪوڙي ويئي آهي هوچيز کي- پر مري وڃڻ توکي نه کپندو هو. ۽ مون کي ته اها ڄاڻ پوءِ پئي آهي. احساس ٿڪجڻ جو گهرو آهي. پوءِ به هلندا هلو، ۽ هلندا هلو. احساس خوفناڪ چيز آهي پوءِ اداس ٿي ٿا وڃون. ۽ گم ٿا ٿي وڃون. انت هر چيز کي آهي. اڃا هاڻ ته هتان ڪوئي گذري ويو آهي. لفظ اسان پکيڙي ڇڏيا آهن. تمام وسامي ويل آوازن جي انبار ۾ ڪوئي ڪنهن جي آواز کي ڳولي؟ هر شام پاڇي جيان اسان سان گڏ آهي. تون ۽ مان به ته پاڇا هئاسين هڪٻئي جا، انتظار ٽيليفون جي گهنٽيءَ جو آهي. تنهنجو ۽ منهنجو گهر، گذريل گهر جي خواهش به ته ڪئي هئيسين. پر ٽيليفون جي گهنٽي وڄندي ته سڀ ڪم رُڪجي ويندا. آواز اڃا به ڪنن ۾ اچن پيا. ايندا رهن ٿا گم ٿيل آواز. هوائون به ته ڪيڏيون نه بيرحم آهن. هوا اسان جا آواز  جهٽي وٺندي آهي. اڏامندڙ آوازن جي ضرورت هوندي آهي ايندڙ وقت لاءِ ۽ آرسي به ته ڪڏهن دوکو نه ڏيندي  آهي. هو چهري ۾ سمايل آهن ڪيترا راز، پريان کان ڪٿان کان ايندڙ آواز الائي ڪنهن جا آهن. ۽ هاڻ تيز هلندڙ هوائون به ڪو وقت ٿيو ته خاموش ٿي ويون آهن. زرد ۽ بيمار زندگي. ڇا تون مون سان سڄي حياتي ساٿ ڏيندين؟ اهي گھٽيون ۽ گهر سدائين مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن ته اهڙي پنڌ ۾ جتي ڪوئي ڪنهن سان گڏ ڪونهي. ۽ رات ڪيڏي نه سرد ۽ ويران آهي! اونداهي آڪاس ۾ کئنوڻ چمڪي رهي آهي ۽ ڪارن ڪارن ڪڪرن جي گوڙ جو هيبتناڪ آواز. روح قائم آهن، ۽ جسم فاني آهن اڪيلائي زندگيءَ جي علامت آهي. ڪوئي ڪنهن سان ساٿ ڏئي. ۽ ڪافڪا فقط ان ڪري ميلينا کي ڇڏي ڏنو هو، جو هُو سِلهه جو مريض هو. پر مونکي ته تنهنجو چهرو به ياد ڪونهي. وسري سڀ ڪۡجھ الائي ڇو ٿو وڃي؟ جڏهن سامهون آهين ته به ياد نٿو رهي. ۽ جڏهن دور گھڻو دور آهين، ته به چهرو ياد ڪونهي!

 (…..it occurs to me that I can’t remember your face in any precise detail. Only how you finally walked away between the tables of the coffee-house, your figure, your dress, these I can still see!!.... !!)

ذهني سُڪون جي ڳولا ۾ الائي ڪير آهي؟ ۽  ABSURDIS جو FUTILITARINISM سان ڪهڙو تعلق آهي؟؟ توکي ۽ مون کي ته پنهنجي به ڄاڻ ڪونهي! ڪنهن ڊنل هرڻيءَ جون اکيون تو ڏٺيون آهن؟ موت ايندو ته ڪوئي ڪلاڪار ڇا سوچيندو؟ ڄمڻ ۽ مرڻ جي ڦيري ۾ ته تون ۽ مان اڃا ڪونه آيا آهيون جنم ۽ مرڻ کان ڪوئي ڇُٽي سگهي ٿو. (سمهڻ وقت هن سرير ۾ ڪير سمهي ٿو. يعني ڪهڙي اندرين شڪتي ڪم ڪرڻ کان ماٺ ڪري ٿي ۽ ڪهڙي سرير جي سمهڻ وقت جاڳي  ٿي، ۽ پنهنجو ڪم ڪري ٿي. ان وقت ڪهڙي شڪتي سپني کي ڏسي ٿي. جاڳرت ۽ سين اوسٿا ۾ انڀوءَ ۾ اچڻ وارو شوپتي سک ڪنهن کي پراپت ٿئي ٿو. اهي سڀ، ڪنهن ۾ گڏجي سمائجي وڃن ٿا...) ۽ مُڪت ٿي سگهندو، زندگيءَ جي ٻنڌڻن کان. پر اها ڪير آهي؟ کنوڻ جو رنگ ڳاڙهو آهي. وهندڙ تيز پاڻيءَ جي وهڪري جو رنگ اڇو آهي؟ ۽ پرٿويءَ جو رنگ ڪارو آهي. اها ميز، جنهن تي تون ۽ مان پنهنجا لفظ وڃائي رهيا آهيون. لفظ سڏيندا رهن ٿا. مون کي پويان ڪنهن سڏ ڪيو ڪير آهي؟ ڪير آهي؟ ... پر ڪوئي آهي به ته ڪونه. وساڻل آوازن جي انبار مان ڪوئي الائي ڪنهن کي سڏي رهيو آهي؟ اسان جون اَتمائون اسان سان گڏ آهن. نيرون ڪوٽ کان اروڙ تائين جو رستو به ته  ڪيترو نه لنبو آهي. ڍڳي گاڏين، موٽرن، لارين ۽ ٽرڪن جو قافلو وڃي پيو، ۽ اداس رستا الائي ڇو آهن؟ ته خدايا، هن سفر ۾، جتي هرڪوئي ڳولا ۾ آهي ڪنهن جي ساٿ جي، ۽ شام جي هن اداس اَڪاس تي ڪي ستارا آهن، جيڪي ٽم ٽم ڪن پيا، ۽ اسان جي مٿان بيرحم وقت جي ڪائي ديوار ڪِري نه پوي. سڀڪجھ اورانگھي وڃي، ۽ ڪوئي هتان لنگھي ته چوي، هتي به ڪو ئي وڻ هو. هتان ڪوئي لنگھيو هو. شهر خالي ڇو آهي؟ رات سڄي آڪاش ۽ مان- او زندگي او زندگي. توکي مون تائين پهچڻ ۾ به ته ڪوئي وقت لڳو هوندو؟ سرءُ جي پيلي پيلي مُند کان پوءِ ئي ته بسنت جي رُت ايندي آهي. در تي ڪوئي دُهلاري دُهل وڄائي سرنهن جا پيلا پيلا گل ڏيندو! پر اهو بسنت دهلاري ته مري ويو؟ هاڻ ڪير ڏيندو خوشين ۽ مسرتن جا اُهي پيلا پيلا گل، ۽ سرنهن جا پيلا گل ته ٽڙيل آهن. انتظار آهي. ڪوئي نه ڪوئي ته ضرورآهي.. پر نرملا مري تون ڇو وينءَ؟ ڇا جدا ٿيڻ جو هڪ اهو ئي رستو هو؟ اظهار کي چپن تائين پهچڻ ۾ به ته وقت لڳندو آهي. تون موت جي نزديڪ ايترو جلدي!؟ جُڳ به ته ڪيترا گذري چڪا آهن، ۽ جيئن جيئن جڳ جھلي، تيئن تيئن مون پنڌ ڪيو. پر مان ٿڪجي به ته گھڻو پيو آهيان... مان ٿڪجي به ته گھڻو پيو آهيان... مان وڃڻ به چاهيان ٿو... هتي ڪوئي آهي به الائي نه...مون کي ته ڏسڻ ۾ به ڪجھ نٿو اچي. دور گھڻو دور... ۽ نرملا، تنهنجو جسم... زرد مٽي کائي وڃي ٿي هر چيز کي!! ... ۽ هاڻ تون چوين ٿي ته مان نه آهيان هتي... اصل ۾ جيڪي ڪجهه مان آهيان، اها تون نه آهن، ۽ جيڪي ڪجهه مان آهيان، اهو تون آهين. ۽ جيڪي ڪجهه تون آهين، اها تون ئي آهين ۽ مان آهيان، اهو ڪجهه جيڪي ڪجهه.... !!....؟؟....

- ٻُڌو!

-....؟....؟.....؟

- مون کي توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.

- هان... ڇا.... ڪير آهي؟

- معاف ڪجو اسين توهان کي ڪجهه تڪليف ڏينداسين... جو.

- تڪليف؟ ڪهڙي تڪليف؟ مان آهيان....

- اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته اسين توهان سان ڪجهه دير هتي ويهڻ چاهيون ٿا،

- توهان سان گڏ ٻيو ڪير آهي؟

- ڇا توهين اسان کي ڪونه ٿا سُڃاڻو؟

- سُڃاڻان؟... ها.... سُڃاڻان ٿو. پر نه شايد سڀڪجهه وسري ويو اٿم!

- توهان جي گهر آياسين، ته خبر پئي ته توهان ويٺا آهيو. اسان سڀني کي توهان جون ڪهاڻيون ملاقات جو ڏاڍو شوق هو. هيءَ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ رخسانه آهي. اسين توهان جون ڪهاڻيون پڙهندا آهيون، ته اسان کي حيرت لڳندي آهي، ته توهان اهو سڀڪجهه لکو ڪيئن ٿا؟

-مان لکندو ڪيئن آهيان؟ مان لکندو آهيان سهي؟ پر هيءَ توهان جي ڀيڻ به پڙهندي آهي ڇا؟

- جي، مان، مان توهان کي پڙهندي آهيان!!

پر نرملا، او نرملا، تون آخر مري ڇو وينءَ؟ هيءَ ڇوڪري به ته ڪيڏي نه سهڻي آهي. ڄڻ ڪائي اُداس شام. ۽ جسم به ته ڪيڏو نه خوبصورت اٿس. جوان ٿيندڙ جسم به ته ڪيترا نه عجيب ٿين ٿا. ڄڻ ڪنهن مکڙيءَ مان ڦٽندڙ ڪوئي گل!! ۽ مون کي به الائي ڪيترو وقت ٿيو آهي ڪنهن ڇوڪريءَ جي جسم کي هٿ لاتي. ڇا هيءَ پنهنجو خوبصورت جسم منهنجي حوالي ڪندي؟ هن جي چيلهه ڪيڏي نه سنهڙي ۽ اکين ڪيڏيون نه گَهريون آهن. جڏهن تنهنجي هن سمنڊ جهڙي اکين ۾......!!

- توهان مون کي ڪجهه چيو ڇا؟

- ها... نه...مان، مان ته پنهنجي پاڻ سان پئي ڳالهايو شايد. توهان کلو ته ڪونه ٿا مون تان؟

- نه، نه. اهڙي ته ڪائي ڳالهه ڪونهي!

اکين جي نگاهه به ته ڪيتري نه عجيب ٿئي ٿي. هُن جي اکڙين ۾ ڪوئي ويٺو آهي. ۽ اهو مان ئي آهيان. هوءَ مون ڏانهن ڏسي مشڪي رهي آهي. ۽ اکيون ته سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏينديون آهن! پر ڪوئي آخر مري ڇو ٿو وڃي؟

- توهان اڄڪلهه لکو پيا؟

- مان لکان پيو؟ نه مان ڪجهه به نه لکي رهيو آهيان. پر مون جيڪي ڪجهه لکيو، اُهو اڏامي ويو هوائن ۾. ۽ مان هاڻي اڪيلو ٿي پيو آهيان. هي اڪيلايون مون کي کائي وينديون. لکڻ مان نٿو چاهيان. مان چاهيان ٿو، ته اهو جيڪي ڪجهه ٿي نه سگهندو. پر ڇا مون کي پناهه ملي سگهندي اونداهين کان، اڪيلاين کان، هيتناڪ ۽ سنسان اڪيلاين کان!!

- توهان... توهان ڪيترا نه عجيب آهيو؟

هوءَ مون سان هڪ ڀيرو وري کلي ڳالهائي رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته هن کي مون تي رحم اچي رهيو آهي- هوءَ مون سان محبت ڪري رهي آهي. مان هُن کي چوندس هوءَ منهنجو چيو نه موٽائيندي. وڌ ۾ وڌ انڪار ڪندي. پنهنجن مائٽن کي وڃي ٻڌائيندي.

- توهان ڪيڏانهن گُم ٿي ويا؟

- مان... ڏس نه مان، هيءَ زندگي ۽ مان. اصل ۾ جيڪي ڪجهه تون آهين. مان آهيان ۽ موت بيوفا ساٿي آهي، زندگيءَ جو. ڏس نه ڪيترا ماڻهو آهن، جيڪي روز مري وڃن ٿا. ۽ الائي ڪيترا آهن، جيڪي مري چڪا آهن. ڇا توکي ۽ مون کي اها ڄاڻ آهي ته زندگي ڪڏهن ۽ ڪٿي ساٿ ڇڏي ويندي؟ ۽ اهو ماڻهو، جيڪو ڪجهه نٿو سمجهي، ان لاءِ موت ڪيترو نه بي معنيٰ آهي؟ پر تو ۽ مون لاءِ جيڪي ڪجهه آهي، اهو ڪجهه به نه آهي. ۽ جيڪي ڪجهه نه آهي. اهو آهي سڀڪجهه. ڇا توکي خبر آهي ته محبت جو جذبو ڪيترو نه مهان آهي. وقت جي هر ذهين فنڪار جي محبت به نامڪمل ۽ اڌوري هوندي آهي. ۽ موت به ائين اچي ٿو، جيئن تون اچي وئي آهين. يا بُک لڳي رهي آهي. پر بُک به مخلتف قسمن جي ٿيندي آهي. بُک جسم جي آهي....!!

- هي توهان کي اوچتو ڇا ٿي ويو؟ توهان چئو ڇا پيا؟

- مان چوان الائي ڇا ٿو؟... مون کي سچ پچ الائي ڇا ٿي ويو آهي!

- توهان جي طبعيت ته ٺيڪ آهي نه؟

- رخسانه، !! I Love you

- توهان.....

-رخسانه، Really I Love You

هوءَ چپ آهي. ۽ چپ مان آهيان. خاموش آهي. هوءَ مون سان گڏ هلي رهي آهي رات جي اونداهن رستن تي. رستا، سُنسان، اڪيلا ۽ ويران آهن. سونهن جي وڻن مان مڌم مڌم سُڳنڌ ڦهليل آهي دور دور تائين. اسان جن قدمن هيٺان آهن وڻن جا ڇڻيل سنهري گُل. ۽ نم جي وڻن مان ٻُور ڇڻي رهيو آهي. پر هي سڀ ڪيڏانهن هليا ويا؟ ڪيڏانهن هليا ويا پر هن جو هٿ ته منهنجي هٿ ۾ آهي. منهنجي جسم ۾ ڄڻ بجلي ڊوڙي رهي آهي. مان سڙي رهيو آهيان، ۽...؟

- تون، مون سان شادي ڪندين؟

- شادي؟ مان توهان سان ڪريان. پر ڇا اهو سڀڪجهه ٿي سگهندو؟

- ٿي سڀڪجهه سگهندو آهي. ۽ جيڪي نه ٿي سگهندو آهي. اهو به ٿي ويندو آهي سڀڪجهه. تون مان سان شادي ڪر. زندگي فقط ڪڏهن ڪڏهن ملائيندي آهي اسان کي! هڪ ڀيرو ملندا آيا آهيون، جدا ٿيڻ لاءِ.....

- منهنجا مائٽ توهان کي سڱ ڪونه ڏيندا، ۽ مجبور آهيان مان!

You can not love me, much as you  would like, you are unhappily in love with your love for me, but love for me is not in love with you!!

- پر هي سڀ ڪيڏانهن هليا ويا؟ ڪيڏانهن ٿا هليا وڃن سڀ آخر؟

-مدت گذري ته هو سڀ اسان کي ڇڏي هليا ويا. جدا ٿي ويا سڀ اسان کان! جيڪي گم ٿي ويا. اهي ڪڏهن به نه لڀجندا. جيڪي جدا ٿي ويا اهي وري ڪڏهن به نه ملندا. پر ملڻ زندگيءَ ۾ ٿيندو ئي ڪونه آهي. پر تون جدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مري ڇو وينءَ.... نرملا. پر جي تون ۽ مان ۽ هوءَ ڄم ۽ موت جو فلسفو سمجهي وڃون ها، ته ائين نه ٿئي ها، پر آءٌ ته ڪنهن کي به مارڻ نٿو چاهيان!!

-؟...؟...؟

-...؟...؟...؟

- مان منتظر هيس، صدين کان وٺي تنهنجو. ۽ اصل ۾ تون آهين، مون کي نه فقط پنهنجي ذات جي خبر آهي. ۽ جيڪي ڪجهه خبر آهي، ان جي به ڪائي خبر ڪانهي. فقط جدائي آهي. هر جنم ۾ ۽ هر سال ۾ تون ملندي آهين. پر ڪير به اچي ها ته مان منتظر هجان ها. انتظار رهندو آهي، ڪنهن ڪنهن جو. ۽ زندگي به ته ڪيڏي نه بي معنيٰ آهي  ڪنهن جي انتظار کان سواءِ!!

- مان مجبور آهيان... مان ڪجهه به نٿي ڪري سگهان. مون ۾ فيصلي ڪرڻ جي سگهه ڪانهي، ڪمزور آهيان. پر مان... توهان سان جيتري محبت ڪريان ٿي، ان جو توهان کي احساس ڪونهي شايد. مان توهان لاءِ سدائين روئندي رهندي آهيان!

- زندگيءَ ۾ ڪمزرو ته هر ڪوئي آهي. پر تو ۽ مون ۾ سگهه نه آهي، ان جدائيءَ ۽ انتظار جي ديوارن کي ٽوڙڻ جي. ڇا ڪوئي سگهه ساري سگهندو. ڪڏهن ۽ ڪٿي اڪيلو ايڪانت ۾ ويهي مون ڏٺو هو توکي. ۽ توئي ته ٻڌايو هو ته تنهنجو گهر درياهه جي ڪپ تي آهي. جڏهن چانڊوڪي رات ٿيندي آهي، تڏهن درياهه عجيب هوندو آهي. ۽ هاڻ تنهنجو اهو ساٿي الائي ڪير ٿيندو، جيڪو اهو منظر ڏسندو، جيڪي مان نه ڏسي سگهيس؟

- توهان جا هٿ ايترا ٿڌا ڇو آهن؟

- مان آهيان جيڪي ڪجهه اهو، نه آهيان. ۽ جيڪي نه آهي، هر جنم ۽ هر دؤر ۾ تنهنجا ۽ منهنجا هٿ گڏ هئا. پر تنهنجي هي جسم جو ڇُهاءُ به ڪيڏو نه عجيب آهي. تنهنجا هي نازڪ ۽ سهڻا اڇا اڇا کير جهڙا هٿ منهنجي هٿ ۾ آهن. ۽ وقت جون بيرحم ديوارون ڪِري پونديون ته پوءِ...؟؟....

-؟....؟....؟

- پر تون خاموش ڇو ٿي وئي آهين؟

-....؟....؟....؟

- تون خاموش ڇو آهين آخر. پر تون ڪيڏانهن هلي وئينءَ؟

I Love you

I need you

(خاموشي)

- ....؟...؟

I Love you

- رخسانه....

-I need you هر ڪوئي اچي، وري هليو ٿو وڃي؟

(؟....؟.....؟)

مان منتظر هيس تنهنجي لاءِ. پر تون هليو ڪيڏانهن وئين؟ مان، مان هيس، ۽ تون، تون نه هئين. پر درياهه جا تيز ۽ بيرحم وهڪرا لنگهي ويا اسان جي مٿان. هٿ، هٿ مان ڇڏائجي ويو. گهنڊن ۽ گهڙيالن جو آواز، هر طرف کان اچي رهيو آهي. دور ڪٿان. ڪير ڄاڻي ته هي سڀڪجهه سپنو هجي! پر صديون گذري ويون آهن ۽ مان هلي هلي به ته ٿڪجي پيو آهيان. منهنجا پير ڦٽجي چڪا آهن. منهنجو وهندڙ خون پکڙجي رهيو آهي. پر اهو سڀڪجهه ڪٿي آهي؟ سڀ رحم چاهين ٿا. ۽ مون وري ڪوئي سپنو ڏٺو. جڏهن پنڌرهينءَ جو چنڊ هنن اونداهين ڪڪرن مان ليئاڪا پائيندو. ۽ سامهون جبلن جي وچ ۾ وهندڙ جهرڻو. اُڃ صدين جي آهي. بي انت تاريڪيءَ ۾ ڪوئي سوجهرو آهي. آڪاس ۾ ڳوليو، لفظن کي! معنيٰ، هر چيز کي آهي. آوازن جو بي معنيٰ سمنڊ کائي ويو. اُداس ڏينهن بيزار ڏينهن. گذري ويل ڏينهن. ڏينهن جيڪي وري ڪڏهن به نه موٽندا. سپنا! هاءِ اهي سپنا ڪڏهن ۽ ڪيئن ڦٽندو سورج. ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن سورج شاخون ڪڍي. پر مون ته پنهنجا گهاءُ به ڳڻيا نه آهن! دور گهڻو دور ڪن وڻن تان پيلا پيلا زرد پن ڇڻي رهيا آهن. يادن جا ولر ڳوڙهن ۾ وهنتل، زندگيءَ جا وساريل سپنا ياد آيا. پر پوءِ به ڪائي چيز زندگيءَ جي علامت ڪونهي سج لٿو ته اونداهي گهلي ويندي. پر اميدون ته ختم نه ٿين! ايندڙ رُت ايندي ته... ۽ انتظار جون ديوارون ڀڃي ڇڏيو. اڏامندڙ لمحا. ڪوئي قيد ڪري سگهي ٿو؟ ننڊ ۾ ڊنل ڪوئي ٻار آهي، جنهن وانگر هر ڪوئي آهي. پاڇو حقيقت آهي ته پوءِ سڀڪجهه ڇا آهي؟ ۽ رات ايندي ته پاڻ سان گهڻو ڪجهه کڻي ايندي. سامهون ڪنهن گهر مان ڇيڻن جو دونهون ڌيري ڌيري آڪاش ۾، شام جي اداس ۽ ڀيانڪ آڪاش جي هيٺان. سورج جبلن جي پويان لڪي ويو. اونداها مٽيءَ جا جبل کائي ويا روشن سج کي. ۽ هتي ئي هن هنڌ تي جتي اڄ ڪلهه ڪجهه به نه آهي. ڪوئي گهر هو. اداس ۽ اتهاسڪ ڪاٺ جي ڇت ۽ ڪاٺ جي در وارو گهر ڪونهي هيءَ ماڙي، جنهن جا ڪئين ماڙ آهن. ان ۾ منهنجا ۽ تنهنجا ڪيترائي آواز دفن آهن! وقت وهندو پيو وڃي. منهنجين بي آواز صدائن جا پڙالاءُ چئني پاسن کان اچي رهيا آهن. ڇا ڪوئي ٻڌي ٿو؟ ۽ چريائپ جي حقيقت جي به ته ڪنهن کي خبر ناهي. ڏينهن ۽ رات جا ڪيترا اهڙا لمحا آهن؛ پر منهنجي هن سوچن جي سمنڊ جو به ته ڪوئي انت ڪونهي! دور دور تائين آهي اُس ۽ پاڇي جي گردش. ڪير آهي ڪنهن جي پويان، ڪهڙي خبر؟ ۽ مان به ته الائي ڪير آهيان؟ ڪي آهن، جيڪي ڀٽڪي رهيا آهن، وقت جي اونداهن رستن تي! جيڪي وسامي ويا آهن. ۽ مان به ته ڪنهن نه ڪنهن کي ڳولي رهيو هئس صدين کان بند دروازا ۽ دريون، هڪ هڪ ٿي کلي ويندا. وڇڙي وڃڻ به ته زندگيءَ جي حقيقت آهي. پر پنهنجي ئي پاڇي کان هرڪو ڊڄندو رهندو آهي. ۽ ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن ۽ ڪئين ڪي وڃائجي وڃن ٿا، جيون ساگر ۾ لهر لهر، دور ڪٿان ڪو وهندو ايندو. رهندو رهندو. لَڙُ لهرن ۾ ڪوئي آهي...!! پر هن منهنجي صبح ٿيڻ ۾ به ته الائي ڪيتري دير آهي؟ انت جيڪڏهن اهو آهي. مان منتظر هئس، پر انتظار ڪنهن جو ڪونهي. ۽ زندگيءَ جو اڻکٽ قافلو هلندو پيو وڃي. ته اي خدايا. ڏينهن روشن ۽ راتيون اونداهيون آهن. وقت ڪنهن ٻوڏ جي پاڻيءَ جيان تيز وهندو پيو وڃي. تون ۽ مان به ته وهندڙ وقت جا حصا بڻجي چڪا آهيون پاڻيءَ ۽ پرارنٿا به ته انسان جو آخري هٿيار آهي. پر رات اونداهي ۽ ڀيانڪ آهي. دور دور تائين ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن. ۽ منهنجي هن زندگيءَ جو به ته ڪوئي انت آهي الائي نه؟ مان به ته چپ ٿي ويو آهيان. ۽ خاموشي هر طرف کان ڇائنجي رهي آهي....!!

رات اونداهي آهي. پر هر رات جي پويان به ته ڪوئي صبح ضرور آهي!

(۽ منهنجي هن جيون کي ڪوئي انت ناهي!!)

پر انتظار ضرور آهي.

دور ڪٿان، هنن وڻن جي پويان جڏهن شاخون ڪڍندو. پر تون چپ ڇو ٿي ويو آهين؟

(هنن منهنجي آوارا سوچن جو به ڪو انت ناهي!!)

صبح ٿيڻ وارو آهي!

ها، صبح ٿيڻ وارو آهي!!

رات اونداهي آهي. پر دور ڪٿان روشني ڦٽڻ واري آهي!

۽ رستا ڊگها گهڻا ڊگها، گهاٽن وڻن ۾ گهيريل رستا!

(پر منهنجي هن جيون کي ڪوئي انت به آهي؟؟)

جن شروع ڪئي منزل لاءِ جدوجهد، اهي حاصل نه ڪري سگهيا!!

(هر شروعات ۽ پڇاڙيءَ جي وچ ۾ وڇوٽي هوندي آهي!)

۽ جڏهن ڳوليوسين ته ڪوئي سڏ ڏيڻ لاءِ به موجود ڪونه هو!!

(خاموشي)

زندگيءَ جي رنگ ڀوميءَ تي. خاموشي.

........!!.....؟؟.........

جيڪڏهن ڪو ائين چوي ته: ”خامين ڪڍڻ بدران انهيءَ ڳالهه جي همت افزائي ڪئي وڃي ته سنڌي زبان ۾ ڪتابن جو واڌارو ٿئي.....“ ته انهيءَ جي پهرين ۽ پڇاڙڪي معنا اها ئي ٿي نڪري ته: خامين جي واڌاري جي همت افزائي ڪئي وڃي

 


* FRANZ KAFKA: Letters to Milena.

(1) پنڊورا، يوناني ديومالا جو هڪ ڪردار.

(2) امارو، قديم شاعر.

(1) FRANZ KAFKA: Letters to Milena.

(1) FRANZ KAFKA.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com