سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1978ع

مضمون

صفحو :10

سانول

پاڇا

هو ٻيئي اونداهه ۾، پٿرائين دڳ تان وڃي رهيا هئا، ٿڙندا ٿاٻڙندا، پڪي روڊ ڏانهن ٻئي پاڇا ٿي لڳا. اوس پاس جي بنگلن مان نڪرندڙ روشني، سندن پيرن ۾ ڦان ٿي پيئي هئي. هوءَ هڪ ٻه ڀيرو ٿڙندي ٿاٻڙندي ساڻس ٽڪرائجي به ويئي هئي- ۽ هاڻ هوءَ ڳچ ويڇوٽيءَ تان پئي هلي: (هو اڄ به پنهنجو پيچرو پاڻ ٺاهيندو آهي. ڪالهه جيان!) هن سوچيو.

”تون چُپ آهين؟“

هوءَ پوءِ به چُپ ئي رهي.

”ڇا هن فاصلي کي سَڦل نٿو بڻائي سگهجي؟“

۽ رڳو ڳالهين سان ئي ڇا ائين ڪري سگهجي ٿو؟“

وري سانت ٿي ويئي. من ۾ جڏهن مانڌاڻ متل هوندو آهي، تڏهن ٻاهر ڪيڏي نه سانت هوندي آهي- سرد، اٿاهه ۽ اننت. هن ته ساڻس گهڻو ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهيو. گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ ٿي چاهيو هن بابت- اهو جيڪو سندس باري ۾ ٻين جي واتان ٻڌو هئائين: هو ويراڳي بڻجي ويو آهي... هو پاڻ کي ناس ڪري رهيو آهي... هن ننڊ جي گورين جي لَپَ ڦَڪي ورتي هئي...ٻيو به الائي ڇا ڇا...

”مون کي ويساهه نه هو ان تي.“ کن اڳي گهر تي چيو هئائينس.

”ويساهه نه ڪرڻ جو ڪارڻ؟“

”تون ائين نٿو ڪري سگهين، اها مون کي پڪ هئي.“

”ايڏو ساهس ئي ڪٿي هو مون ۾!“

”نه نه، ائين ڪرڻ جو ساهس هو تو ۾، اهو ئي پئي چوڻ چاهيو؛ ڇاڪاڻ ته اهو صحيح نه هو.“

”صحيح- غلط، ان جو نبيرو ڪير ٿو ڪري سگهي؟ تون... مان؟ يا هي لوڪ...؟“ ان پل هو ڪٺور ٿي ويو هو ”لوڪ ته رڳو دَڳ تي ليڪا پائي ڄاڻي- - اسين لوڪ جي پاتل ليڪن ۾ سدائين لاءِ گهيرجي ويندا آهيون.“ هن سگريٽ مان سگريٽ دکائي هئي. اها ڪائين سگريٽ هئيس؟ پڇڻ چاهيائين، پر پڇي نه سگهي:

”ڀاڀي ڪانه ٿي ڏسجي؟“ پڇي ته ويٺي، پر پوءِ احساس ٿيس ته اهو سوال ايندي ئي کائنس پڇيو هئائين. هو ڪي کَن سُن ٿي ڏانهنس ڏسندو رهيو؛ ڄڻ ماٺ اهو هٿ هو، جنهن جي هٽائڻ سان گهاءُ منجهاران رت بوهاڙا ٻاهر نڪري ايندو؛ پر هن اهو هٿ هري هري ڪري هٽائي ڇڏيو:

”هوءَ شهر ويئي آهي- شاپنگ ڪرڻ.“ هن ماٺ جو هٿ وري گهاءُ تي ڌري ڇڏيو ۽ ان ڪنڊ ڏانهن يڪ ٽڪ گهورڻ لڳو، جتي اُڇلايل سگريٽ رَک ٿي رهي هئي.

ڀاڻس جڏهن کيس هتي لاهي ويو هو، تڏهن در هن ئي اچي کوليو هو، ڳچ دير ڪڙي کڙڪائڻ کانپوءِ، هن سٽ ڏئي دروازو کوليو؛ ڄڻ هِن وقت ڪنهن جو به اچڻ ٺيڪ نه لڳو هئس، اڪيلو رهڻ ٿي گهريائين شايد- - ۽ کيس ڏسي سندس چهري جا تاڻيل ڀاوَ، ڍرا ٿيندي ٿيندي، مُرڪ ۾ مٽجي ويا- هڪ روئڻ هارڪي مُرڪ.

”ڇا اندر اچڻ لاءِ نه چوندين؟ ۽ هو هٽي بيٺو هو. (ڪڏهن هِن گهر ۾ ڪنوار بڻجي اچڻ جا سپنا ڏٺا هئائين) هن اندر گهڙندي سوچيو هو- ۽ اڄ؟ ”اڄ“، ”ڪلهه“ نه رهي هئي...

”استري ته ڏجانءِ.“

۽ هو استري کڻي آئي هئي. پوءِ به هو اتي ئي بيٺو رهيو هو، هن ڏانهن يڪ ٽڪ گهوريندو. هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڏيو.

”هاڻ ڇا کپئي؟“

”اَڱَر.“

۽ هو اڱر کڻي آئي هئي ٻُڪ ۾- هن به پنهنجو ٻُڪ جهليو هو. اڱر استريءَ ۾ رکي، هو پل اَپل پنهنجي ڪاراٺيل هٿن کي ڏسندو رهيو-- ۽ پوءِ ڏسڻي اڱر کاڏيءَ تي کڻي رکيائينس- ۽ هن مڇرجي پنهنجا ٻيئي ڪاراٺيل هٿ سندس بُجن ۾ ڦٻايا هئا.

”اڙي، اڙي، چري مون ته تنهنجي نظر ٿي ڏنڀي.“

”ترس ته مان تنهنجي کڙي ٿي ڏنڀيان.“

”ڇو، پنهنجي وهانءَ تي مينهن وسڻ جو ڊپ اٿئي؟“

ڳالهين ۾ هوءَ کانئس ڪڏهن نه کٽي سگهي هئي- - ۽ ان مهل روئڻ ري وٽس ٻيو ماڻوئي ڪهڙو هوندو هو. ”اڙي مون ته چرچو ٿي ڪيو.“ هن جي پرچائڻ تي ويتر جهِڄي پوندي هئي: ”تون ته بنهه ڪا رِنگَ آهين.“ هو سندس لڙڪ اگهندو هو. ”ڪجهه لڙڪ بچائي رکبا آهن، آئيءَ ويل ڪم اچي ويندا آهن.“ هوءَ رنل نيڻ کڻي ڏانهس ڏسندي هئي؛ پر هو ديوار تي نيڻ کَپايو ويٺو هوندو هو- ڄڻ ديوار جي پار ڏسڻ جو جتن ڪندو هجي يا سندس نيڻ به ديوار جو حصو هجن، لٿل چاٻوڙي وانگر ۽ ان گهڙيءَ ٻيهر ساڳئي هنڌ جُڙڻ چاهيندا هجن: ”رشي، مان ته توکي پرچائي به وٺندو آهيان- - ۽ تون پاڻ به پرچي پوندي آهين، پر...“

”پر ڇا؟“ هوءَ اُتاولي ٿي ويندي هئي.

”پر جڏهن مان رُسندس نه، تڏهن تون مون کي پرچائي نه سگهندينءَ.“

”ائين نه چئو.“ هوءَ سندس ڦُٽل چپن تي پنهنجون نرمل آڱريون ڌري ڇڏيندي هئي. ”تو بنا مان سڄي ناهيان، مان توکي ڪيئن ٿي ڇڏي سگهان، تون ته منهنجو ڏيهه آهين! سپني جي ساڀيا تون ئي ته آهين!“

پر هاڻ هو هن لاءِ پريون ڪنارو هو. سپنن جون آرسيون ڀورڀور ٿي چڪيون هيون!

ڪجهه پل مهند جڏهن هو ٻيئي ڪمري ۾ هئا، هوءَ پلنگ تي ۽ هو ڪرسيءَ تي، ٻيئي آمهو سامهون، وچ ۾ ميز، تڏهن اهو سڀ ڪيڏو نه عجيب پئي لڳو؛ ائين پري پري، اڪيلا اڪيلا، ڄڻ ريل جي دٻي ۾ ويٺل، ڌار ڌاري ٽيشڻن جا مسافر.

”هيستوڻي ڪير وٺي آيئي؟“

”ادا وڏو.“

”ادا وڏو!“

ادا وڏو ۽ هو، آمهو سامهون گهرن ۾، ساڳئي مهيني ڄاول، ٻيئي پاڻ ۾ سوٽ، گڏ رانديون رونديون رهيل، اسڪول کان ڪاليج تائين گڏ پڙهيل، ڏِنگاين تي ساڳي سيکت کاڌل- - ۽ اهو شخص هن جي گهر ٻاهران ئي هليو ويو... اِگهه ٻِگهه، لاٽون، بِلور، ڏاڪ چُماڻي، ڪُونڌر، ڏڙهي کان والي بال تائين، سموريون رانديون ڦِٽائي هليو ويو هو- اها گِدي ناهي؟ گِديءَ کان سواءِ راند ڪهڙي؟ پر هو ته گِديءَ ۾ به جُٽَ هوندا هئا! چاچي نورشاهه جي باغ مان رات جو چوريءَ انبڙيون پٽڻ ۽ مار جي ڊپ کان جهَر جهنگ رُلڻ وارا سڀ پيرا ڊاهي هليو ويو هو، اهو شخص! هاسٽل جي ڀت ٽپي، اسڪول کان گُسائي، نشاط هوٽل تي سڄو سڄو ڏينهن گانا ٻڌڻ، واڌو واهه ۾ اُگهاڙا ٿي گڏ وهنجڻ وارو شخص، ڪپ تي پيل هن جا ڪپڙا کڻي ڀڄي ويو هو! هن تي پنهنجي ساڄي ڀرونءَ تي لڳايل سندس زخم به سنڀالي رکيو هو؛ اهو شخص، هن جي مِٽ، هن جو دوست سندس گهر آڏو پنهنجي ڪار جو گيساٽو ڇڏي هليو ويو هو:

”اندر نه آيو؟“

”تون بابا جي عذر خواهيءَ تي نه آيو هوئين....“

”ان ڪري!“

هو ڪمري ۾ هلڻ لڳو هو ۽ پلنگ جي چوڌاري ڦِري، هن جي آڏو اچي بيٺو:

”۽ تون ڪنهن جي عذر خواهيءَ لاءِ آئي آهين؟“ هن سندس وارن مان وٺي سٽ ڏني: ”تون اهو ڏسڻ آئي آهين نه ته، مان پل پل ڪيئن رک ٿي رهيو آهيان؟ مان ڪيئن اُجڙي رهيو آهيان؟ وقت ۽ حالتن جي گهڻائي ۾ ڪيئن پِيڙجي رهيو آهيان؟ اهو ئي ڏسڻ آئي آهين نه ته، منهنجا نيڻ ڪيئن کنڊر بڻجي رهيا آهن؟“ جهٽڪي سان سندس وارن کي ڇڏي، هو ديوار ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيو هو- - ۽ هن ڏانهس نيڻ کنيا هئا، اُجڙي ويل آکيرن جهڙا نيڻ، جن جا پکيڙا، واهيري جي وير ۾ به واپس نه وريا هئا،-  ۽ ڪئين رتون رت روئنديون، هن جي اڱڻ ۾ پِيلن پَنن جو ڍير ڇڏي ويون هيون- - ۽ هن جو پانڌ پساريل ئي رهجي ويو هو-

”پر مون کيس خط لکيو هو؛ پنهنجي ٻارن کي موڪليو هئم.“

اهو سڀ ڪجهه ديوار ڏانهن ئي منهن ڪري چئي رهيو هو ۽ اڱر سان ڪجهه لکي رهيو هو ۽ ڊاهي رهيو هو. اتان هٽي، هو ڪرسيءَ تي اچي ويٺو هو:

”پُٽ جڏهن وڏو ٿي ويندو آهي، تڏهن پيءُ جون ڪيتريون ئي جوابداريون گهٽجي وينديون آهن، ۽ مون پنهنجي پُٽ کي موڪليو هو.“

”پر تڏهن به لوڪ مريادا....“

”لوڪ، لوڪ، لوڪ... مون لاءِ ته تون، تنهنجو ڀاءُ... سڀ لوڪ بڻجي ويا آهن.“ هو ڪرسيءَ جي ٻانهن ۾ هٿ ڦٻائيءَ، ڪجهه اڳتي کڄي آيو:

”تون ئي چئو، مان ڪهڙي منهن سان اچان ها ڳوٺ؟ منهنجيون سڀ راهون، ڪو وقت هو جو ڳوٺ ڏانهن ڊوڙنديون هيون؛ پر ان وقت کي اسان مُٺ ۾ بند نه ڪري سگهياسين...۽- - ۽ توهان،  اسان جي گهر ڏانهن کُلندڙ پنهنجو در اُکوڙي، ان هنڌ اوساري ڪرائي ڇڏي هئي.“ هو ماچيس جي تيليءَ وانگر ٻري اٿيو: ”۽ تنهنجي ماءُ جي هڪ ئي جملي منهنجون سڀ راهون ڪپي ڇڏيون: ’توهان وٽ اسان جي ڇوڪريءَ جي رڳو ميڪ اپ جيترا پيسا آهن؟“ هاڻي تيلي هن جي اڱر کي ساڙڻ لڳي هئي ۽ هو ڪي پل پنهنجي هٿ کليل هٿ کي ڏسندو رهيو: ”پوءِ به مان اتي اچان ها، رڳو لوڪَ پَر کي نڀائڻ لاءِ، ائين نه؟“

هن ڦوڪ سان تيلي اُجهائي ڇڏي ۽ ڪرسيءَ جي ٻانهن مان هٿ ڍرا ڪري پاڻ ڪرسيءَ ۾ ڍاري، ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجو چهرو لڪائي ڇڏيو هئائين، اتان هٿ هٽائي، هن ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪٻئي ۾ کپائي ڇڏيون هيون: ”مان ته پنهنجي جواڻ ڀاءُ جي موت تي به ڳوٺ نه آيو هئس؛ پر ڇا ان جو مون کي ڏک نه هو!“ پل اَپل ماٺ رهيو ”ڪجهه ڏک اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڏيهه کي ڏيکارڻ لاءِ نه هوندا آهن، ڪنهن کي به ڏيکارڻ لاءِ نه هوندا آهن رشي!“ ڏينهن پُڄاڻا سندس واتان پنهنجو نانءُ سڻيو هئائين.

”جانيءَ جي موت تي توهان جي گهران به ته ڪو ڪونه آيو هو؛ پر مان ڪنهن کي، ڪنهن ڪو ڏوراپو به نه ڏنو هو... اها ته وَڙَ جي ڳالهه هوندي آهي، ڀاڻين اچي ها ته مان در تان ڌڪاري نه ته ڪڍانس ها، جيئن توهان امان کي پنهجي گهران تڙي ڪڍيو هو؛ پر هو رڳو تنهنجو ڀاءُ ئي ته نه هو، ساڻس منهنجو رڳو سوٽاڻو سڱ ئي ته نه هو؛ هو ته منهنجو سڀڪجهه هو؛ وڌ ۾ وڌ اندر اچي ڀونڊو گروڙي منهن تي رکيم ها نه... گهٽ- وڌ ڳالهائي ها- ۽- ۽ مان کيس ڳراٽڙي پائي سڀ لڙڪ روئي پوان ها، جيڪي مون سالن کان سانڍي رکيا هئا.“

هن جي اگم آگم اکين مان، بوندون برسڻ لڳيون هيون، تنهن ويرَ انهن لڙڪ ڦڙين کي چشمن سان چُمي وٺڻ چاهيو هئائين؛ پر هن انهيءَ بادل کي برسڻ ڏنو- برسڻ ڏنو- بونديون ڌارائن جو روپ ڌاريو ۽ ڳچ دير کان پوءِ بادل بس ڪئي، ڪجهه لُڙڪ ڦُڙا پوءِ به بوندن تي اٽڪيا هيا، جيئن برسات بند ٿيڻ کان پوءِ به، وڻن جي پنن تي مينهن- ڪڻيون پيون جڳمڳائينديون آهن: ”اٿي ته ٻاهر هلون.“ ۽ هو ٻيئي ٻاهر هليا آيا هئا؛ ٻاهر آسمان صاف ٿي ويو هو. تارن اُڀ جي آڳنڌ ۾ جهر مر لائي ڏني هئي- سڀڪجهه ڌوتل هو. وڻن جا پن تن- من، سڀ چانڊوڪيءَ ۾ وهنجي سهنجي اُجرو اَجرو پئي ڀاسيو- ۽ هوا ۾ سرينهن جي گلن جي سرهاڻ هئي.

(ڪيڏو نه وقت لنگهي هو ٻنهي جي وچ تان. هڪ کاهي ڇڏي.) ڪمري ۾ جڏهن ٻيئي آمهون سامهون ويٺا هئا، تڏهن سوچيو هئائين- ۽ آگم آگم نهار سان ڏانهس ڏٺو هئائين... ٽن ڏينهن کان شيو نه ڪيل هئس؛ نراڙ تي ڪجهه وڌيڪ ريکائون سجايو؛ ڪنڌ جهڪايو ويٺو هو. ٻاهران ڪيڏو شانت- ڪيڏو جُڙيل- ۽ اندران؟ ڪجهه ٽُٽڻ جو لاڳيتو آواز پئي آيو؟

”ڇا ٿيو؟“ هن رنڌڻي مان ئي رڙ ڪئي هئي ۽ انڌي لوهه پاتي هئائين: ”ڇا ڀڳو؟“ ”آرسي.“ هٿ تريءَ مان چُڀيل ڪائو ڪڍي چيو هئائين ۽ هوءَ ڊوڙندي سوئيرو کڻي آئي هئي: ”چون ٿا ته شيشي جو ڀڄڻ سٺو سوڻ هوندو آهي.“ هن ڄڻ سندس سُور جهڪي ڪرڻ لاءِ چيو هو.

”۽ جي من- درپن ڀڄي پئي؟“

۽ هن سندس ڦُٽل چپن تي پنهنجون نرمل آڱريون رکي ڇڏيون هيون، ائين جئين ڦَٽ تي ڪپهه جو پهو رکبو آهي ۽ نيڻن ۾ نيڻ پائي چيو هئائين: ”تڏهن چهرو چچرجي ويندو آهي.“

۽ هوءَ رنڌڻي ڏانهن ڊوڙندي ويئي هئي، بصر وڍڻ جي بهاني سان.

هن جو هٿ پاڻ ڄاڻ پنهنجي چهري ڏانهن کڄي ويو؛ پر اتي ڪوبه زخم نه هو- ڪوبه چير نه هو....

پر ڇا رڳو چهرو ئي چچربو آهي؟- ۽ من؟ ڪير ٿو ڏسي؟ لوڪ ته رڳو چپن جي لپ اسٽڪ تي چنبڙي پوندو آهي- رتوڇاڻ ته روح هوندو آهي، جتي هر چهرو چچريل هوندو آهي؛ پر اندر جي آئيني ۾ ڏسڻ جي سگهه آهي اسان ۾؟

”مسيت جي منارن تي روشن هو ٻه بلب پريان ائين ٿا ڀاسن، ڄڻ ٻه ميڻ بتيون هجن.“ هوءَ پاڻ به ته هڪ ميڻ بتيءَ جيان ٻرندي رهي هئي- لاڳيتو چوٽيءَ کان ننهن تائين.

”ڇا چوڻ جهڙو ڪجهه به نه رهيو آهي؟ جُڳن کان پوءِ ملي آهين، پوءِ به چپ آهين؟“

”تون ئي ته چوندو هئين، ته سانت کي پنهنجي لات آهي- خاموشيءَ کي پنهنجي صدا آهي.“

”مون رڳو اهو ئي چيو هو، ياد ناهي؛ پر تو رڳو ان ڳالهه کي ڳنڍ سان ٻڌو هو، ٻين ٻاليهن کي ڪاڳرن وانگر ڦاڙي هوا ۾ اُڏاري ڇڏيو هو؛.... مون ته هڪ هڪ ڳالهه کي ڳڻي رکيو آهي، دل جي ڪتاب ۾ مور- پَکَ وانگي- مون ته تنهنجي ساروڻين کي ساهه سين سانڍي رکيو آهي، گوتم جي پوتر رک وانگي… مون ته توسان گڏ گهاريل گهڙين جا گُل، اکڙين جي گلدان ۾ سدا لاءِ سجائي رکيا آهن.“ هو چپ ٿي ويو پاتال وانگي- وري به هوئي ڇُليو. ”هي جو تنهنجي منهنجي پوري وچ تان، اسان کي ڪوٽ جيان ڪپيندو، ٻه ڦاڪون ڪندو، هيڏو لمبو فاصلو لنگهيو آهي ان جو حساب تو پنهنجي ڊائريءَ ۾ نه لکيو آهي؟“ هوءَ کيس ڇا ٻڌائي ها ته هن جون سموريون ڊائريون ڪوريون ئي رهجي ويو هيون، هن جيان.

”تون ئي چوندي هيين ته: ’ندي ائين وهندي رهي ۽ اسين تريءَ تي کاڏي رکيو، گوڏو گوڏي سين گڏيو، ائين ڳالهائيندا رهون.“

هوءَ ڇلڻ تي هئي ڪنهن ڇوليءَ وانگر- پر ڪُن جي گهيرٽ ۾ اچي ويئي.

”تون مون کي ٻڌي نه رهي آهين رشي؟“

”مان توکي سُڻي رهي آهيان، سمجهي رهي آهيان.“

”توريءَ ٻيو ڪير سمجهي سگهيو آهي مون کي- ٻئي ته لوڪ لاءِ مان اَڄاتي ڀاشا آهيان.“ هن جو دم ٽٽڻ لڳو. ٻانهون ٻَر ڇڏڻ لڳس. ڪُن جي گهيرٽ مان نڪرڻ لاءِ ڦٿڙاٽيائين. ”جندڙيءَ جو ڪو پل ئي ته هوندو آهي، جڏهن جهول جهلڻ تي من چاهيندو آهي.“ هوءَ واڪو ڪرڻ تي هئي:

(ڄارين تي جڏهن ست- رنگا پيرون ايندا آهن، تڏهن پاڻ ڄاڻ پانڌ پسارجي ويندو آهي.)

- پر هن رڳو کَلي نيڻ کنيا- ته انهن مان ٻه اڇا پيرون ڇڻي پيا- ۽ پنهنجو نرمل هٿ ڏانهس وڌائي ڇڏيائين....-....-...-

سحر امداد

پُنر جنم

اڄڪلهه هو گهر وڃي ئي نٿو. ڪهڙن ڪهڙن دوستن سان- - الائي ڪٿي پيو رُلي!

پنهنجي مُنهن ڳائيندو- جهونگاريندو- آڌيءَ مانجهيءَ- - نَشن ۾ آئوٽ ٿاڪ نه ڪو ٿر ٿانءُ.

هن متعلق روز ڪانه ڪا خبر آهيئي آهي:

آڏ ڪناري ڊٺو پيو هو-

گپ ۾ ٻُڏاڻو پيو هو-

واٽ تي بيهي گاريون پئي ڏنائين-

الائي ڪنهن کي- - نه ڇڏيائين ڀيڻ نه ماءُ-

پٿر ٽڪيندڙ مزور کي امن ۽ جنگ تي پئي ليڪچر ڏنائين-

واريءَ ۾ ڀَڀوُت-

توائِي-

الائي ڇا وِڦلندو- -

ڪاڙهي تتي ۾ پنڌ- -

الائي ڪيڏانهن پئي ويو-

فلاڻا تنگ ٿي پيا؛ ته ٻين فلاڻن وٽ- -

اهو سلسلو هلي پيو، ۽ الائي ڪيستائين هلندو!

”...تيستائين جيستائين اندر جي سَگههَ مُئي ناهي ...Hey!come on lets enjoy the life. هليا هڪڙ وَزم ٿي وڃي!“

ماچيس جي تيليءَ تي چرس جو روڙو، اَٽڪائي، تِيلي ڏيکاريائين ۽ سڄي وايو منڊل ۾ چَرس جي ڇِتي بوُءِ پکڙجي وئي. هڪ ڊگهو ساهه کڻي ان بُوءِ کي پنهنجي اندر اونهاين تائين ڇِڪي ٿو وڃي:

 

”سچ دلبر، عورت جي ديهه جي بّوُءِ به اهڙي ڇِتي ناهي.

پر- بارود جي بُوءِ

مون کي بارود جي بُوءِ کان نفرت آهي.“

مون کي نفرت آهي، هر ان فعل کان جيڪو مڙهيل آهي- اَسڀاويڪ آهي.

سَڀاويڪ آ سڀاويڪ

سُندر آ سندر

اهو فيصلو ڪرڻ وارا سين ڪير آهيون؟

لفظ بي معنا آهن!

 پر پنهنجي مطلب لاءِ اسين هر لفظ کي سوين معنائون ڏيئي سگهون ٿا ۽ ڪيترن ئي معنائن کي ڦِري سگهون ٿا. پنهنجو پاڻ کي Justify ڪرڻ لاءِ ڪنهن به جاکوڙ جي ضرورت ناهي. نظريه ضرورت تحت اسان کي سوين هزاين لفظ ملي ويندا.

لفظ سنگهر آهن

لفظ ٻنڌڻ آهن

ڀڃي ڇڏيو اهي سنگهر

ٽوڙي ڇڏيو اهي ٻنڌڻ

لفظن جي انهن گهيرن کي ٽوڙڻ ئي مُڪتي آهي.

گول دائرن ۾ گهلجندي مرڻ کان؛ لَڪ سِڌ ۾ هلندي- ٿڙندي ٿاٻڙجندي پائيندي وڃائيندي- - دور پهاڙن تي- جهنگلن ۾- سمونڊ جي ڪنارن تي- مرڻ وڌيڪ پيارو آهي؛ سُندر آهي؛ ڪيڏي سَرلتا آهي، اهڙي موت ۾ به.

هن دُکندڙ سگريٽ پٽ تي اُڇلائي-- ۽ بوٽ جي تري سان ان کي چچري ڇڏيائين.

پٽ تي رهجي وئي، فقط ڪاري رَکَ جي لِيڪ.

”تنهنجي هٿ جون ليڪون عجيب آهن- - سمجهه ۾ نه ايندڙ. بيحد مُنجهيل- تون- - تون- - شايد خود به انهن لِيڪن جيان جيترو ئي منجهيل آهين.“

پنهنجي منجهيل وارن آڱرين سان سلجهائڻ جي مسلسل ڪوشش پئي ڪيائين. پر وار به سلجهائڻ جي ڪوشش ۾ وڌيڪ اُلجهندا پئي ويا؛ هن جيان ئي.

”مينڊريڪس جون گوريون مهانگيون ٿي پيون آهن. سي به ملن ٿيون ڏاڍي مصيبت سان—سخي پير تي ٿڪون جهلڻ پڄاڻا.- تو ڪڏهن کاڌيون آهن؟- کائي ڏس ڪڏهن....“

هو اُجهامندو پئي ويو. ڏينهون ڏينهن سندس ڏِيل ويو پئي ڏٻُرو ٿيندو. پر سندس اکيون- ڄڻ اُماس رات ۾ ٻه ٽانڊاڻا! جيون جي سموري سندرتا؛ سموري ڪٺورتا؛ سندس نيڻن جي جوتين ۾ اوتجي آئي هئي. هن جيون کي سمورن گڻن آوگڻن سوڌو ماڻيو هو. پنهنجو ڪيو هو. هو جيون جڌ ۾ جهڙيندو پئي آيو؛ هين سموري جَڳ سان: ٽِيبل تي پيل گلن مان هڪڙو موتيي جو گل کنيائين-  - سنگهيائين- - ۽ پوءِ چپن ۾ جهلي ورتائين؛ سگريٽ جيان.

”ڪڏهن هل ته ٺٽي هلون. اتان جام گورين ملڻ جو آسرو آهي.“ اهڙن اَنيڪ ڪوڙن سچ آسرن تي هو تڳي رهيو آهي.

”توکي خبر آهي- - منهنجو ڊوز ٻه گوريون هو. ڪالهه کان ٽي ٿي ويو. هڪڙي تنهنجي لاءِ به آندي هئم. تون ور نه چڙهين ته اها گوري ور چڙهي وئي.“

”دماغ خراب ٿيو آهي تنهنجو. مري ويندين، لالا!“

هن چپن ۾ جهليل گل کي هٿ ۾ وٺي، ڏانڊيءَ کان جهلي گول گهمايو:

”بس ڪر- - ڪَنَ پچي پيا اٿم اها بڪواس ٻُڌي ٻڌي- - اهو سڀ ڇو ڇڏيان؟- صرف ڪي پَلَ (سال، صديون، جنم) وڌيڪ جيئڻ لاءِ (مرڻ لاءِ)!“

۽ هن ڪروڌ مان، هٿ جهليل مرتبي جون پنکڙيون هڪ هڪ ڪري ڇني ڇڏيون.

هن هڪ هڪ ڪري سمورا ناتا انهن پنکڙين جيان ئي ڇني ڇڏيا هئا. تڏهن ئي هو دُکي ٿي ويندو هو، ۽ سدائين انهن وکريل پنکڙين کي پاٻوهه منجهان ٻيهر ميڙڻ لڳندو هو. سدائين پاڻ کي به ائين ئي ميڙڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي- - پر سدائين وڌيڪ وکري ويو هوندو.

هوءَ سندس هنج ۾ ويهي، نِرمل ڪومل آڱرين سان سندس وِکريل وارن کي ٺاهي ڊاهي رهي هئي:

”تون سمجهين ڇو نٿو لالا، انهن مان ڪير آهي تنهنجو دوست؟ ڪوبه نه!“

”مان پاڻ به ته پنهنجو دوست ناهيان!“

”پر هو سڀ توکي مارڻ ٿا چاهين.“

”مان پاڻ به مرڻ ٿو چاهيان.“

”ته پوءِ کائي وٺ لَپَ کن مينڊريڪس. هڪڙي هڪڙي کائڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندئي!“

”توهين سڀ لالا جا قاتل آهيو. لالا جي حالت ڏٺي اٿوَ- توهان جهڙا دوست هوندا هن جا ته هو بچندو ڪونه.“

”پر گهٽ ۾ گهٽ مون ته هن کي ڪجهه به نه ڪيو آهي.“

”اسين سڀ گڏجي هن کي موت ڏانهن ڌِڪي رهيا آهيون. تو... تو به هن کي ٺرو پياريو هو. ڇا اهو هن کي مارڻ نه آهي!“ هو تپي لال ٿي ويو هو.

 لالا جو اهو ئي گهَڻ گهُرو (!)، هن جو سڄڻ (!)، ٻيلي (!) هن کي مينڊريڪس اَڇي مٺي ننڊ سمهارڻ ٿو چاهي. اهو يقينن هن کي مارڻ نه آهي(!)

”پر اهو جيئارڻ به ته نه آهي. اها ته ... اها ته.. دوستيءَ جي روپ ۾ دشمني- يا الائي- دشمنيءَ جي روپ ۾ دوستي- - الائي- - الائي-“ ڀنل ڀنل لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس؛ پنبڻين ۾ اٽڪيل لڙڪن جيان.

”اسين سڀ lotus eaters آهيون- پِنڪيون کائي رهيا آهيون. ننڊاکڙن نيڻن سان- - مڌر سپنن ۾ گُم آهيون اسين سڀ. ’اٿو انهن مَڌُر سَڌرُ سپنن جي ساڀيا ڪا به ڪانه آهي‘- - اهو چوندي مڃيندي به تون...“

لالا يڪ ٽڪ ڀِت کي گهوريندو رهيو هو. هن کي لڳو ته هوءَ ڀت سان مٿو ٽڪرائي رهي هئي.

اهو سڀ ڪجهه بيحد planned way ۾ ٿي رهيو آهي ڪيو پيو وڃي. دوستن (!) جو رُوپ ڌاري، مينڊريڪس جون گوريون ٻڌي ليکي ورهايون پيون وڃن. جيئن اسان جا سڀئي ذهين ماڻهو چپن جي آفيمن جيان پِنڪين ۾ رهن. سَنڍ ٿي وڃن. زندگيءَ جي هر ڊوڙ ۾ پٺتي؛ اڃا به پٺتي رهجي وڃن.

”پٺتي مڙي نهارڻ سان ماڻهو پنڊ پهڻ ٿي ويندو آهي. مان پنڊ پهڻ ٿيڻ نٿي چاهيان.“

”مان تو تائين پهچڻ ٿو چاهيان. پر، ان گُفا مان نڪرڻ جون سموريون راهون گُم ٿي چڪيون آهن. مون کي سڏ ڏي. تنهنجي آواز جي سُهائي ڏور سهاري شايد مان اها گفا اُڪري سگها.“ انڌن پاتالن مان هن ڳالهايو هو.

لا- لا.... لا..لا.. ل- آ-ل- آ؛-ل-آ- ل- آ-آ-آ

آوازن جي روشني پاتالن کي ڇهي آئي.

روشنيون- - روشنيون.

 اسٽريٽ لائٽس.

ٽانڊا آهن- باهه آهن.

روشنيءَ جا ڪِرڻا ان جون ڄِڀيون آهن.

اهي اسان کي ساڙي رکَ ڪري ڇڏينديون.

انهن جي هيٺان لنگهندي ڊپ ٿو ٿئيم

وڏا، ويڪرا، ڪشادا رستا.

اَرڙ بلا جيان اسان کي ڳڙڪائڻ لاءِ ڇپَ هنيو ويٺا آهن. هليا گَس مَٽايون.

اونداهن پيچرن تان- هٿ هٿ ۾ ڏيئي.

ٿڙندا ٿاٻڙندا- هڪٻئي جو سهارو وٺندا هلنداسين.

ڪُوڙ ۽ ڏيکاءُ جو سهارو ڇو وٺون اسين؟ زندگي گذارڻ لاءِ ڪنهن به پوز جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اسان ٻين جي مَڙهيل زندگي ڇو گذاريون؟ ڇا اسان کي پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جو ڪو اڌيڪار ناهي!- اسان توهان پاران مَڙهيل زندگي گذارڻ کان انڪاري آهيون. اهو ئي اسان جو توهان کان- هن سموري سوسائٽيءَ کان انتقام آهي.

سليف اِمپوزڊ پِيڙائون- - سو ڪالڊ فرسٽريشَنز- پنهنجي هر فعل ان فعل لاءِ ڪونه ڪو reason گهڙيل.

هتي فرسٽريٽِڊ ڪير نه آهي! پنهنجي طبعيت جي اُبتڙ  Compromises ڪنهن کي نٿا ڪرڻا پون؟

پر فرق رڳو اهو آهي ته پنهنجو پاڻ کي- پنهنجي هر فعل ان فعل کيJustify ڪرڻ لاءِ ڪوڙن لفظن جو سهارو هرڪو نٿو وٺي.

- کوکلا لفظ؛ کوکلا ماڻهو؛ پوري، ڍڍر، اِڏوهي کاڌل هيءَ سموري سوسائٽي.

- اسين اِسپيس ايج ۾ آهيون؛ رهون پيا هڪ پولار ۾. اهو پولار اسان جي اَنت- اَننت تائين لهي آيو آهي. اسين ان پولار کي، ان کوکلائپ کي، ڀرڻ جا جتن پيا ڪريون.

- مُڌ، مينڊريڪس، راڪيٽ، پوپا، آفيم، ڀنگ، چرس، حشيش، ايل. ايس. ڊي.

- ۽ وڌيڪ کوکلا ٿيندا وڃون.

موت جو، فنا جو ڊپ وڌيڪ تيزيءَ سان موت ڏانهن؛ فنا ڏانهن ڌڪي رهيو آهي اسان کي. اَنڌن پاتالن ڏانهن اکيون پوري؛ پنهنجي سموري سَگههَ سان ڊوڙي رهيا آهيون اسين سڀ.

هو آنڌ مان ڊوڙي رهيا هئا هڪٻئي ڏانهن:

لا- - لا.....لاــــــ لا....ل---ا—ل-ا؛ ل- -ا –ل—ا--...

سندس سڏ کَڙيل سِتاري سَمان روشنيءَ جي هڪ ليڪ ڇڏيندو پئي ويو.

مان تو تائين پهچڻ ٿو چاهيان... پهچڻ ٿو چاهيان.... چاهيان....مون کي سڏ ڏي.... سڏ ڏي.... سڏ ڏي... ڏي... ڏي....ي...ي...لا- -لا...- -لا....ل- - اَ - - ل- - اَ؛ ل- -اَ- -اَ....

وشال ڌرتيءَ پٺيءَ ڀر ساڻا ساڻا پئجي رهيا هئا.

هو وشال ڌرتيءَ تي پٺيءَ ڀر ساڻا ساڻا پئجي رهيا هئا:

”ستارن جڙيل آسمان ڏسي- - مون کي تنهنجي شِفون جي نِيري ساڙهي ياد اچي ويندي آهي. جڏهن مان ائين ئي اڻ سونهن ڦُلن ڇالين پيچرن تان، ٿِڙندو ٿاٻڙجندو- آنڌ مان ڊوڙندو- - ڪينجهر ڪنڌيءَ تائين پڳو هوس؛ آسمان جي ستارن جڙيل ساڙهيءَ کي، سورج جيان هڪ ئي سَٽ سان لاهي ورتو هوم. ۽ آسمان ننگو ٿي پيو هو. ڪڏهن انبر کي ڇهڻ جي رڳو ڪلپنا ڪئي هئم؛ ۽ اڄ آڪاس منهنجين ٻانهن ۾ آهي.

۽ تڏهن سورج- ديو جيءُ ڀري آڪاس کي ماڻيو هو.

”۽ جڏهن ٻئي نِستا، ساڻا ۽ نِنڊاکڙا ٿي پيا هئاسين، تڏهن تو وري ستارن جڙيل ساڙهي پائي ورتي هئي. ۽ وار کولي ڇڏيا هيئِي.“

۽ سورج هن جي کليل وارن ۾ منهن لڪائي ڇڏيو.

پٿر سنڌي

ٻنڌ ٽُٽي پيئي

(تاثر)

ستين تاريخ جو چنڊ ڄَمُن ۽ انبن جي وڻن وچان، نيري آسمان ۾ وڻي پيو دال- ماني کائيندي منهنجون نگاهون ڪيڏي ڪيڏي مهل چنڊ ڏانهن کڄيون پئي ويون. هتي بند ٿئي ٻارهون مهينو آهي. سامهون لوهي در ۽ ٻارنهن فوٽ اوچي پٿر جي ديوار آهي. خيالن ۾ اُٿل پُٿل شروع آهي. هٿ ڌوئي، کولين جي اڳيان ميدان تي هلڻ شروع ڪيو اٿم. پاسي ۾ ڏاڙهونءَ جا وڻ آهن. جن ڳاڙها ڦُل جهليا آهن. ڪجهه گلاب جا ٻوٽا، جن ۾ گلاب جا گل ڪومائل آهن، آءٌ ائين خيالن ۾ هلان پيو. ڪيڏي مهل نظر چنڊ ڏانهن ڪنهن مهل زمين تي، ڪنهن مهل وڻن ۽ ٻوٽن ڏانهن. منهنجي ڪيفيت اها آهي، ته ڪير به مون سان نه ڳالهائي ته بهتر. هڪ قيدي دوست گڏ هلڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر کائنس منهن موڙي ڇڏيم ائين هلندو رهيس.

هي چنڊ تنهنجي گهر مٿان به هوندو! ان جي روشني ٻَٻُر جي وڻن مان ڇڻي تنهنجي اڱڻ تي پوندي هوندي! ٽارين جا پاڇا اڱڻ تي لڏندا هوندا!! تون پنهنجي بستري تي ليٽي پيئي هوندينءَ! سُڌ اٿم ته پنهنجي سونهري وارن کي کولي ڇڏيو هوندئي. اڄ ته چولو به سائي تَسَر جو موڪيس سان ڀريل پاتو هوندئي! سلوار ته توکي ڳاڙهي موٺڙي جي وڻندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سَت سَري دُهري پنهنجي ڪونج ڳچيءَ ۾ ڏيکارڻ لاءِ هروڀرو به ٻڌندي آهين. اِهي سڀ سينگار تون ڇو ڪندين آهين؟ اُنهيءَ پٺيان به پنهنجي ڊگهي ساٿ جا ڪارڻ آهن. تنهنجي اِن هار سينگار ڪرڻ ۾ منهنجي ساراهه جو به وڏو هٿ آهي. جڏهن کان تو پاڻ کي ٺاهڻ شروع ڪيو، تڏهن کان تنهنجي گهر ۾، ڳوٺ ۾ تنهنجو مرتبو وڌندو رهيو. مون کي ڪڏهن به ياد نه آهي، ته جڏهن پاڻ مليا هجون، مون تنهنجي ساراهه نه ڪي هجي. هاڻ ته تون به هڪ فنڪار آهين. تنهنجي اڳوڻي زندگيءَ ۽ هاڻوڪي زندگيءَ ۾ ڪيڏو نه فرق آهي! پر منهنجي ڪهڙي ڪم جي. آءٌ جڏهن ٻاهر هوندو هوس تڏهن به مايوس، هينئر جڏهن اندر آهيان، تڏهن به اکين آڏو سڀ منظر اونداها آهن، جيئن چنڊ اُڀري اُلهي پيو، تيئن تنهنجي ۽ منهنجي زندگي واپس پيئي وڃي. چنڊ مهيني کانپوءِ وري به اُڀرندو؛ پر پنهنجي جواني موٽي ڪانه ايندي. هي سماج بدلجي ويندو؛ پر پاڻ نِيَر ٽوڙي نه سگهياسين رڳو زبان سان پيار به تنهنجي پيار جي دنيا ۾ نئين تخليق پيو سمجهان. سڀ ڪجهه سمجهندي به آءٌ بيوس رهيس. ڪيڏو نه بهتر ٿئي ها، جو تون مون تي مهربان نه هجين ها. تنهنجي مِٺي ڳالهه ٻولهه ۽ همدردين ته منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا- هاڻي ته ڪجهه به نٿو اُڄهي. جيڪي دوست منهن موڙي ويندا آهن، اهي هڪڙو سُور ڏيندا آهن، تون ته ائين به ڪونه ٿي ڪرين. انهن سورن ڏيڻ ۾ توکي ڪهڙو مزو ٿو اچي؟ ڀلا جيڪڏهن هڪٻئي کي ڇُهيوسين، ته زلزلو ته ڪونه پئدا ٿيندو! ماڻهو، ماڻهن سان ئي ملندا آهن. رشتا بدلبا رهيا آهن، نسل بدلبا رهيا آهن. تو ته گهڻو ڪجهه پڙهيو آهي. چيخوف، موپاسان ۽ يورپ جو انساني فطرت بابت سڀ ادب پڙهيو اٿئي، لطيف سائين به پڙهيو اٿئي، پوءِ به ڊڄين ٿي! تون ايڏي بزدل ڇو ٿي آهين، آخر هن سماج کي ڪا ته عورت ٽوڙيندي. جيڪڏهن ماءُ بهادر نٿي ٿئي، ته اِهي عذاب پڪ پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڇڏيو ٿي وڃي. ائين اسان جو نسل جيڪڏهن ٻه قدم اڳتي نٿو هلي، ته تاريخ جي رفتار پڪ سست ٿيو وڃي. اسين ساڳي جڳهه تي بيٺا آهيون- مايوسيءَ ۾ اکيون گرم ٿي ويون آهن. جڏهن مينهن وسندو آهي، تڏهن آگم اڳ ۾ ظاهر ٿيندا آهن. لُڙڪن کي روڪيان ٿو، سوچيان ٿو جيڪڏهن اِهي لُڙڪ ڳري پيا، ته بدن ٺري ويندو، ٿڌي بدن ۾ حرڪت نه رهندي آهي، انهيءَ جا سوچ تي اثر پوندا آهن. ائين ماڻهو مات مڃيندا آهن. ائين قومن مان گرمي نڪري ويندي آهي ۽ اهي وقت جي ويڙهاند ۾ هارائجي وينديون آهن.

چنڊ هاڻي انبن جي پٺيان هليو ويو آهي. مون تي مايوسي وڌندي پيئي وڃي. لُڙڪ ڪونه ٿو هاريان، هلندو رهان ٿو، مون کي پنهنجو گهر ٿو ياد اچي. گلشن جيڪا سدائين چوندي آهي: ”بابا، سٺا ڪپڙا وٺي ڏي.“ روشن به ساڳيا سوال ڪندي آهي، زال چوندي آهي: ”اسان ڪو ماڻهو ٿوروئي آهيون!“ مون کي هنن سان ڪابه دلچسپي ڪونه هوندي آهي. رڳو تنهنجي لاءِ، ڇو؟ وري سوچيان ٿو، ته تو لاءِ به ڪٿي؟ اِنهيءَ ۾ به منهنجو مفاد آهي، انهيءَ لاءِ ته توسان به وڙهيو پيو آهيان. تڏهن هي رڳو سانگ آهي. آءٌ بنهه خود غرض آهيان! هيڏي زندگي رڳو پنهنجي لاءِ! سڄي زندگي پنهنجي خوشين لاءِ. ڊگهي ڳچي، ڳاڙها چپ، سنهو بدن، ڀلا ڪنهن کي ڪونه ٿا وڻن، سٺا ڪپڙا ته گُليءَ کي به وڻن ٿا، پوءِ ميرا ڇو پائي. مون سڄو سال هن کي ياد ڪيو. اُنهيءَ ۾ به منهنجو مقصد هو، جيڪڏهن آءٌ لالچي نه هجان ها، ته گُليءَ ۽ روشن کي ياد ڪريان ها. منهنجي اڳيان منهنجي گهر جو حال هو، ميرا بسترا، سوڙهو گهر. انهن ڏکن ۾ گهر جا ڀاتي ئي شامل هئا، منهنجي اکين جي ٻنڏ ٽُٽي پيئي. ڌؤ کوليءَ بستري تي وڃي ڪريس. ۽ منهن ٻانهن ۾ ڏيئي روئڻ لڳس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com