سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1978ع

مضمون

صفحو :8

پر جي هن هڪ ڀيرو گهوري، شوخ اکين سان کيس ڏٺو ته ان اڪيلي گهٽيءَ ۾ همت کان ڪم وٺي، هن سان منهن ڏيڻ لاءِ سوچيندي سوچيندي گهٻرائجي ويندو، ائين ئي، جيئن جڏهن سوڀيا سان فون تي ڳالهائي بس ڪيو هئائين، ته سندس ڪليگس کي چتائي ڏسي رهيا هئا. فون تي ڳالهيون ئي ڪجهه اهڙيون ٿيون هيون، جو فون بند ڪرڻ کان پوءِ به گهڻي ڪوشش ڪندي پنهنجي ڪيفيت تي قابو پائي نه سگهيو هو. هن جو جسم ڏڪي رهيو هو. اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي هئس. سوڀيا کان اهڙا جملا ڪڏهن به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. سندس ڪليگ کيس چيو:

”ماني اچي ويئي آهي.“

”هڪ منٽ“ چئي ڏاڍي تيزيءَ سان هن پنهنجي ڪيفيت کي مٽائڻ ٿي چاهيو، پر نيٺ منهن تي هٿ رکي، منهن تي ڦهلجي ويل ڀاوَ لڪائي ڇڏيائين. ماني کائڻ نٿي اُڄهيس، پر ڪليگس ۽ ٻين مهمانن آڏو منهنجو خيال بدلائڻ ضرور سمجهي هو زوريءَ ماني کائڻ لڳو هو.

سوچي ٿو:

پڪ ئي پڪ چپاٽ ماڻهن جي روبرو هڻندي. ته پوءِ شايد مان کيس ورائي چپاٽ به نه هڻي سگهندس.

هاڻي:

هو پنهنجي انهيءَ ايڏي بزدليءَ تي حيران نه آهي. هو ڄاڻي ٿوته بزدلي، هر ڳالهه تان معاف ڪري ڇڏڻ جي ڏانءَ کي، سماجي رد عمل جو عطا ٿيل لقب آهي.

سمجهي ٿو:

هرڪو معاف نه ڪندو آهي ۽  ڪوبه ماڻهو اهڙو لقب حاصل ڪرڻ نه چاهيندو آهي.

چاهي ٿو:

هن کي به سماج جي ڏسيل بهادريءَ مطابق ٿيڻ گهرجي. مون کي به بهادر ٿيڻ گهرجي.

ان وقت:

سوڀيا چماٽ ڀل کيس ماڻهن جي منهن تي هڻي ڪڍي، جواب ۾ هو به کيس ان کان وڌيڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍندو.

سوچي ٿو:

عورت تي هٿ کڻڻ ڇا بهادري آهي؟ بدلي چڪائڻ لاءِ عورت مرد جو تفاوت نه هئڻ گهرجي. پر هڪڙي چماٽ جو ۽ سو به سوڀيا کان، بدلو وٺڻ ڇا ضروري آهي؟ بدلو وٺڻ ڇا ضروري آهي؟

ان وقت:

موٽ ۾ چپاٽ هڻي هو دل جو ڀڙڪو ڪڍي ڇڏيندو ۽ اهو سڀڪجهه چئي ڇڏيندس جيڪو کيس ڪڏهن به چوڻ نه پئي چاهيائين.

پهرين ملاقات کان پوءِ:

”تون منهنجو آئيڊل آهين.“

”سچ.“ ڪي ڦول ٽڙندي محسوس ڪيا هئائين من ۾.

”تو مائٽن جي چوڻ تي شادي ڇو ڪئي هئي؟“

”اها ڳالهه تنهنجي ملڻ ۽ ڏسڻ کان به اڳ جي آهي.“

 وري وچ ۾ ڪاٽي، ”مان ته جيڪر ائين نه ڪريان.“

جنم ڏينهن تي:

”مون ڪارا ڪپڙا پاتا هئا:“

”ها سچ، اهو پڇڻ ته وسري ويو هئم.“

”بس دل اداس هئي.“

”مان به ته موجود هئس پوءِ به...“

”دل چيو هو تڏهن ڪارو وڳو پاتو هئم.“

”تنهنجي دل کي ڇا ٿي ويو آ سوڀيا!“

”الائي-“ ٿڌو ساهه.

”ڪو علاج ڪرائينس.“

“هاڻي ڪهڙو علاج.“ ڏکاري لهجي ۾.

”ڇو؟“

”تو پنهنجي ماءُ پيءُ جو چوڻ تي شادي ڇو ڪري ڇڏي. ترسي به ڪونه ٿي سگهئين ڇا؟ پر جي مون کي چون ته جيڪر مان ته انڪار ڪري ڇڏيان پنهنجي والدين کي.“

”جن حالتن ۾ مان هوس، انهن ۾ تون هجين ها ته جيڪر.“

”پر تون مرد هئين.“ رئڻ ڀاوَ مان دڙڪو.

”اسان جي ڪيترن گهراڻن ۾ مرد توڙي عورت هڪجيترا مجبور آهن سوڀيا.“

”عجيب ڳالهه آهي. مان ته جيڪر بغاوت ڪريان اهڙي گهراڻي سان.“

ان کان پوءِ:

”تو اڳهون ڪهڙو شعر پئي جهونگهاريو.“

”نا مڪمل آهي.“

”ڇا هو ڪئين؟“

”مون کان دور رهي، جي، ٿو توکي چين ملي.“

هڪ ڀيري:

”توکي ڳائيندي ڏسي ۽ ٻڌي من مان ڪو خيال اڇل ڏئي نڪرندو آهي.

”ته- ؟“

”جيڪر مون کي ڀي ڪي سرها سرها سُر هجن- ڪي مٺڙا مٺڙا....“ چوندي خاموش ٿي ويئي.

پوين ڏينهن ۾:

”هل ته فلم تي هلون.“

”نه- مهرباني.“

هڪ ڏينهن:

”هن مهل آئي آهين.“

”فلم تي وئي هيم.“

”مون سان گڏ نه هلينءَ.“

”منهنجي مرضي.“

”ڪنهن سان وئي هئينءَ؟“

”اڪيلي- !“

”اڪيلو وئي هئينءَ“

”ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، تون جو پنهنجو اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن کي شامل نٿو ڪرين ته مان ڇو ڪريان.“

تنهن ڏينهن:

هن محسوس ڪيو هو ته سوڀيا کائنس پري پري ٿيڻ لڳي آهي. کائنس وڇڙڻ واري آهي، کيس ڇڏي وڃڻ واري آهي، سوڀيا جي ان ڪوڙ تي هن ڏاڍو ڏک محسوس ڪيو هو.“

ڪارڻ:

 هن محسوس ٿي ڪيو ته سوڀيا ساڻس ڪوڙ ڳالهايو، ڇو ته هن کي پڪ هئي، ته ڪا به ڇوڪري هن سماج ۾ اڪيلو فلم تي ڪڏهن به نه ويندي آهي.

سوچي ٿو:

ڪوڙ ٻڌي، سچ سمجهڻ جو تاثر ڏيڻ ۽ منهنجي سوچن جي خلاف ٻڌڻ ڪيڏو نه ڏکيو لڳو هو ان ڏينهن مون کي.

ڪجهه ڏينهن اڳ:

هن جڏهن سوڀيا کي فون ڪئي هئي، ته ڪيترائي ڀيرا هن جو فون انگيج هو. تڏهن وري نه ڪرڻ جو سوچي خيال بدلائي ڇڏيو هئائين. هو نئن به سندس من ۾ پئي آيو، ته هو کيس فون نه ڪري ته بهتر.

ڪارڻ:

”گهڻا ڏينهن ٿيا آهن آئي ڪانه آهين؟“

”دل ڪانه ٿي چوي.“

”ڇو؟“

”بس، دل جي ڳالهه آهي.“

”ڀلا ڪڏهن ايندينءَ؟“

”جڏهن دل چيو.“

”مان توکي پنهنجي اڪيلاين ۾ شامل ڪرڻ ٿو چاهيان سوڀيا!“

”پر هاڻي وقت گذري چڪو آهي.“

تنهن وقت:

ماڻهن جي روبرو، جڏهن سوڀيا کي اهو سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيندو تڏهن ته هوءَ روئي پوندي.

ڪارڻ:

عورتون پنهنجي ڳالهه کي مٿانهون ڪرڻ، مڃرائڻ ۽ پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پهرين روئڻ جو سهارو وٺنديون آهن.

ان وقت:

پر جي هوءَ روئي پئي ته ڇا هو ماٺ ڪري کيس ڏسي سگهندو.

سمجهي ٿو:

شايد نه.

تنهن وقت:

جي اڪيلا هوندا ته پرچائيندس به پاڻ ئي؛ پر جي هوءَ نه روئي ۽ پنهنجي عزت خطري ۾ سمجهي وڌيڪ ڀڙڪي اٿي ۽ اتي ماڻهو به موجود هجن ته؟

سمجهي ٿو:

پوءِ ته هو پاڻ عزت بچائڻ لاءِ سختيءَ کان ڪم وٺندو، پنهنجي عزت کان سوڀيا مٿي ته ناهي.

سوچي ٿو:

مون کان مٿي ته آهي. جيڪا منهنجي نظر ۾ عزت لائق آهي سا ته مٿانهين ئي آهي مون کان.

ان وقت:

پر ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ به هو اهو چوندي نه هٻڪندو ته:

”توهان جو ڪهڙو ڪم زال مڙس جي ڳالهين ۾.“

سوچي ٿو:

انهن عام ماڻهن کي اهڙي وقت ڪئين ٿو سمجهائي سگهان، ته مان سوڀيا جي عزت گهٽائي ۽ پنهنجي مانُ رکڻ لاءِ اهو ڪوڙو جملو استعمال ڪري رهيو آهيان. مان مڃان ٿو ته هوءَ منهنجي زال ناهي پر هن سان گڏ گذريل پيارن ڏينهن منجهان ته مون سوچي به ڇڏيو هو، ته ساڻس شادي ڪري ڇڏيندس، پر حالتون ڪيئن بدلجي ويون، تن جي مون کي ڪا به ڪل ناهي. مون کي اهڙو جملو نه چوڻ کپي.

تنهن وقت:

زال جي لفظ تي ويتر مڇرجي پوندي. چوندي، ”حرامي ڪوڙ ٿو ڳالهائي.“ چوندس، ”چڱو تون هل گهر ته تنهنجي خبر ٿو لهان.“

سمجهي ٿو:

ماحول ۾ غيرت جو عنصر وڌي ويو آهي، جي هوندس ساڻ ڪو واقفڪار يا چاهيندڙ ته ڳالهه خراب ٿي پوندي. جي اهو هوندو پڙهيل ڳڙهيل ته ٽري پاسو ڪندو. هيترن سارن ماڻهن اڳيان پنهنجي بيعزتي ته ڪرائڻي ڪانهيس.

سوچي ٿو:

ماڻهو پنهنجي بيعزتي ڪيئن ۽ ڇو محسوس ڪندو آهي؟ شايد پنهنجي ئي ٺاهيل معيارن خلاف عمل کي قبول نه ڪرڻ جي صورت کي بعيزتي سمجهيو ٿو وڃي، ڪنهن شادي ڪئي اٿس، يا ڪنهن سان شادي ڪندي، تنهن جي مون کي پڪ ڪانهي، تنهنڪري ان جي وڙهڻ لاءِ سوچڻ ئي اجايو آهي. جي اڪيلي گهٽيءَ ۾ چپاٽ هڻي ۽ مان به ورائي هڻي ڪڍانس، تڏهن ته هوءَ ضرور روئي پوندي يا رڙيون ڪري ماڻهو ڪٺا ڪري وٺندي.

باب ٻيو:

ان خالي گهٽيءَ ۾ ڪوئي نه آيو لڙي، ته پڪ ئي پڪ ڀاڪر پائي کيس پرچائيندو به پاڻ ئي. پرچائڻ جي بهاني هو کيس اجايو پيدا ٿيل دوري، رنجش يا غلط فهمي مٽائڻ لاءِ چوندو، پرچائيندي، کيس اهو به ڊپ آهي ته پاڻ به نه روئي پوي.

سمجهي ٿو:

ڪنهن کي رئندي ڏسي، هن جو پنهنجو هيانءُ جهڄڻ لڳندو آهي. تڏهن چوندس، ”پوءِ، ڇو اهڙي چپاٽ هنيئه، ڇو ايڏا ڏينهن پنهنجي ذهن کي خراب رکيئه، ڇو اجايو ايترو پري رهينءَ.“ نيٺ ائين به چوندس، ”بس ڪر نه هاڻي.“

چونديس، ”تون به ته بس ڪر نه.“ نه شايد هوءَ ائين چونديس، ”تون ڇو ٿو روئين؟“

”توکي ڏسي.“ اهي لفظ ٻڌي گل جيان ٽڙي پوندي ۽ سڀ اجايون ڳالهيون ختم.

سوچي ٿو:

ائين نه چوندومانس، ”ته تو اهڙي چپاٽ ڇو هنئي.“ نه ائين چوندومانس، متان ڳالهه مان ڳالهوڙو نه ٿي پوي، پر ڳوڙها اگهندي ڪجهه ته چوڻو پوندو! پر جي ڪجهه نه به چيومانس ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي پوندي

ان وقت:

 پر جي هوندس پيءُ، ڀاءُ يا ماءُ گڏ، ته پرچاءَ جي اهڙي ڪابه راهه نڪرڻ محال آهي.

سوچي ٿو:

جي انهن مان ڪنهن به ڪا اڳرائي ڪئي ته انهن سڀني سان منهن ڏيندس.

هاڻي:

سندس منهن تي خار ۽ فڪر جا گڏيل تاثر آهن. هو اهو سڀڪجهه لکڻ ٿو چاهي، پر هن جي ذهن ۾ هڪ ئي وقت تمام گهڻيون ڳالهيون ۽ سوچون گهڙي ٿيون اچن. جنهنڪري هو اڃا ڪجهه به نه لکي سگهيو آهي.

سوچي ٿو:

جيڪر مان ان ئي وقت کيس ڪجهه ته چئي ڇڏيان ها- ته اڄ هيءُ ذهن ۾ ايڏي ولوڙ، پريشاني نه هجي ها! پر مان چوانس به ڇا ها؟

 ان وقت:

 هڪ ته آفيس هئي جتي ويٺل سڀني جا ڪن هن جي ڳالهائڻ ڏانهن هئا، جنهنڪري ئي جيترو احتياط هن کان ٿي پُڳو، هن ڪيو ٿي.

هاڻي:

 پر جي ڪمري ۾ اڪيلو هجي ها ته ڇا چويس ها؟ هن وقت سندس ذهن تي اهڙا ڪي به مناسب جملا تري ڪونه ٿا اچن، جن سان هو پاڻ کي مطمئن ڪري سگهي. جملن جي ڳولها اهم سمجهي، هو پين رکي ٿو. اتي وڃي ٿو. سگريٽ دکائي ٿو ۽ سوٽو هڻي خلا ۾ نهاري ٿو.

 سوچي ٿو:

هن بند ڪمري جي محدود خلا، سامهون ٿوري پنڌ تي ديوارون، جن جي وچ مان لنگهي، ٻاهر ڦهليل خلا تائين پهچڻ لاءِ جنسي نه پر ذهني قوت استعمال ڪئي ويندي آهي. مون کي لفظن جي ڳولها آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ:

هن سوڀيا کي فون ڪيو هو. سوڀيا سان فون تي ڳالهائڻ کان پوءِ هن پاڻ کي ڀڄندي ڀُرندي محسوس ڪيو. اتي ئي آفيس ۾ رڙيون ڪري روئڻ ٿي چاهيائين، پنهنجي شخصي ڪردار جي خلاف هن اڄ پهريون ڀيرو ٻڌو هو. پنهنجي نگاهه ۾ پاڻ کي ڪِرندي محسوس ڪرڻ لڳو هو. پنهنجي ناموس ۽ سوڀيا کيس فون تي چيا هئا. اهي ٻه- چار لفظ هن جي اعتماد، ڪردار، ناموس ۽ سوڀيا لاءِ سانڍيل عزت جي معيارن کي ڇاڇولڻ لڳا، جن لفظن جي زهر ۾ پاڻ کي اگهارجندي محسوس ڪيائين.

 هاڻي:

سگريٽ جو دونهون سندس اکين ۾ لڳو آهي، ساڙي کي مٽائڻ لاءِ اکيون مهٽي ٿو. وڌي ٽيبل ڏانهن اچي ٿو، پين کڻي ٿو، لکڻ چاهي ٿو پر لفظ کيس ساٿ نٿا ڏين. آڏا اُبتا ليڪا پائي ڊاهڻ ٿو لڳي.

ڏسي ٿو:

لڪيرن ۾ چتائي ٿو:

چاهي ٿو:

انهن آڏين ڦڏين لڪيرن مان به ڪو نقش ٺهڻ گهرجي. هڪ عورت جا ٻه روپ.

سوچي ٿو:

هي لڪيرون، ائبسٽرئڪٽ، اڻپورو نقش، ذهني ڪامپليڪيشنس جي واضع تصوير.

ڏسي ٿو:

هڪ عورت، اڌ چهرو، اڻپورو، چپ ڪٿي ته اکيون ڪٿي. بنا نَڪ جي.

سوچي ٿو:

سي به لڪيرن ۾ وچڙي ويل، مون کي اصل ۾ انهن لفظن جي ضرورت آهي جيڪي، سوڀيا کي فون تي چئي ڇڏڻ کپندا هئم، جنهن سان منهنجي شخصي ڪردار جي آئيني ۾ جڏهن سوڀيا پنهنجو پورو جائزو وٺي ها، ته پوءِ پڪ سان اهو سمورو اڊمبر اُٻاٽجي وڃيس ها، پر هي مونجهارو ۽ پريشاني ان ڪري پيدا ٿي آهي، جو آفيس ۾ ڪليگس ۽ مهمانن جي موجودگيءَ سبب کيس چئي نه سگهيم ۽ هاڻي نه چيل ڳالهه جي افسوس ۾ هي اندر ۾ ڪو سور محسوس ڪري رهيو آهيان. ڪيڏي نه اتساهه مان کيس فون ڪيو هئم!

ٽيليفون تي:

”هيلو-“

”جي-“ ڄاتل آواز مختصر لفظ.

”مان- - ٿو ڳالهايان.“

”فون ڇو ڪيئه.“ آواز ۾ ڪاوڙ.

”ائين ئي دل چيو.“

”مون سان بڪواس ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي.“

”ڇا مطلب!!“

”تون ماڻهن کي، منهنجي لاءِ بڪواس ڪندو ٿو وتين.“ تير جهڙو تيز جملو.

جواب لاءِ جملو ذهن ۾ ايندي ئي هن کي آفيس جي ڪمري ۾ ويٺل ڪليگس ۽ مهمانن جي هئڻ جو خيال آيو، تڏهن هن ڏاڍي آهستگي ۽ بردباريءَ سان آواز کي گنڀير بڻائي چيو، ”تو کي غلط فهمي ٿي آهي.“ ائين چئي به هن اهو پوريءَ ريت محسوس ڪيو، ته سوڀيا کي سندس لمحي جي خاموشيءَ وڌيڪ رعب ڪرڻ لاءِ اُڀاريو هوندو، ان سان گڏ ويٺل مهمانن توڙي ڪليگس سندس جُڙتو لهجو به سمجهي ورتو هوندو، هڪ طرف سوڀيا هئي، ٻئي طرف سندس آفيس ۾ ويٺل ماڻهو، ڳالهائڻ جي احتياط کيس وڏي ڪشمڪش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، فون بند ڪري ڇڏڻ جي صورت ۾ به فيصلو سندس ئي خلاف ٿي نڪتو، هوڏانهن سوڀيا سخت ڪاوڙ ۾ هئي:

”ماڻهو ڇا ڪوڙ ٿا ڳالهائين؟“

”ها- - تون چاهين ته اها ڳالهه انهن ماڻهن جي روبرو ڪري...“ وچ ۾ ڪاٽي چيائين، ”ان جي ڪابه ضرورت ناهي.“

”ته ڇا توکي منهنجي سچائيءَ ۾ يقين ناهي؟“

”اڳي هو هاڻي ناهي.“

”هاڻي ڇو ناهي؟“ چئي ماڻهن جي موجودگي محسوس ڪري چيل جملن ۽ نه چئي سگهندڙ ڳالهين سبب پڇتائڻ لڳو.

”تون نيچ ٿي پيو آهين- - مهرباني ڪري آئيندي ڪڏهن به فون نه ڪجان - - ۽ ها، منهنجو نالو به نه وٺندو ڪر....“

هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ هو پنهنجي فون ڪرڻ جي غلطيءَ سبب پاڻ تي ڪاوڙجڻ لڳو، هو سوچي رهيو هو، ته ان ئي وقت ۽ سو به آفيس مان کيس فون ڪرڻ نه کپندو هو. هن ايئن فون کي پنهنجي ڪن سان چنبڙائي ڇڏيو هو ته جيئن سوڀيا جو ڪاوڙيل اُڀ ڏاريندڙ آواز ڪمري ۾ ويٺل ڪنهن به ماڻهوءَ تائين نه رسي سگهي؛ پر پوءِ به سمجهائين ٿي ته هن جي جوابن ۽ گفتگو جي انداز مان هو سڀئي بخوبي اندازو لڳائي رهيا هئا.

”آئندي جي ڪابه اهڙي بڪواس ڪيئه ته ٻڌائي ٿي ڇڏيانءِ، مون جهڙو وير ڪنهن به نه ورتو هوندوءِ.“

هو پاڻ کي دٻيل ۽ هيسيل محسوس ڪرڻ لڳو، هن کي مناسب وقت تي فون ڪرڻ جو احساس شدت سان ستائڻ لڳو.

”۽ ها - - مون تي ڪهاڻيون ۽ شهر لکڻ جو واهيات ڪم ڇڏي ڏي.“

ان وقت:

سخت خار وچان فون بند ڪري ڇڏيو هو؛ پر پوءِ به هن فون پنهنجي ڪن سان ٿي چُهٽائي رکيو. جڏهن رسيور ڪريڊل ۾ رکيائين، ته هن جو سارو بدن ڏڪي رهيو هو. باقي جسم جيان، هٿ ۽ منهن ڪپڙن ۾ لڪل هئس، جنهنڪري انهن کي لڪائڻ لڳو.

سوچي ٿو:

ان وقت جڏهن هڪ ڪليگ چيو، ”ماني اچي وئي آهي.“

تڏهن مون ڪهڙي نموني کيس چيو ته ”هڪ منٽ“ - - تڏهن منهنجو ماس ڦٿڪي رهيو هو، هٿ ڏڪي رهيا هئا، بدن ۾ ڄڻ ته ٿڌ واري تپ جي شدت اڀري آئي هئي. اهڙي وقت ئي فون ڪرڻ جي غلطيءَ جو احساس نيٺ ايڏو شديد ڇو هو؟ ڪليگس ۽ مهمانن جي احترام، زندگيءَ متعلق منهنجي پنهنجي ۽ ذاتي نظريي خلاف، اهڙي شخصيت جي معيارن مطابق ۽ سنڀالي ڳالهائڻ کان پوءِ به، سوڀيا جي واتان نيچ جو خطاب مليم، جڏهن ته سوڀيا جي نگاهه ۾ پنهنجي عزت ۽ احترام برقرار رکڻ لاءِ، مون کي الائي ڇا ڇا ڪرڻو ۽ سهڻو پيو آهي؛ پر ان جو نتيجو اِجهو اِهو- - دراصل سوڀيا کي غلط فهمي ٿي آهي. مون ڪنهن سان اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن. مون ڪهڙيون ڪهاڻيون هن تي لکيون آهن- ڪهڙا شعر لکيا اٿم- ڇا به هجي، سوڀيا کي ڪنهن غلط ٻڌايو آهي، ۽ هن پاڻ به غلط ئي سمجهيو آهي- يا ته هوءَ منهنجي شادي شده هئڻ سبب سندس اميدن تي پاڻي هارجي ويو آهي ۽ هاڻي پنهنجي مايوسي، فرسٽريشن ان طرح مٽائي تسڪين حاصل ڪندي هجي.

هاڻي:

هو سگريٽ ايش ٽري ۾ وسائي ٿو. سندس اندر ۾ ڪا روشنيءَ جي لاٽ جيان سوچ اڀري آئي آهي. سندس مُک ٻهڪي اٿيو آهي.

لکي ٿو:

ڪي انسان سوڀيا وانگر پنهنجي متعلق گهڻي خوش فهميءَ ۾ مبتلا هوندا آهن ۽ ڪي ماڻهو مون جيان هميشه ڪجهه نه ڪجهه پيا محسوس ڪندا آهن.

هاڻي:

هو انهن لکيل سٽ تي پين سان ليڪ ڦيرائي هٽائي ٿو ڇڏي. کيس انهن لفظن ۾ سوڀيا جي خلاف اٿل ڪائي ظاهر ٿيل نفر جو عنصر نظر ٿو اچي.

سوچي ٿو:

هي سڄو مونجهارو ان طريقي سان به لهي سگهي ٿو ته مان سوڀيا جي خلاف سوچيان ۽ هن جي ڪردار تي چڙهيل خول لاهي وڏي واڪ سندس شخصيت کي ظاهر ڪري ڇڏيان، پر نه، مان ائين ڪرڻ نٿو چاهيان- مان پنهنجو پاڻ کي مٿانهون ٿو سمجهان- پر فون تي جيڪر غلط فهمي لفظ جي بدران خوش فهمي چوان ها ته وڌيڪ مناسب هو ۽ هي هيترو سارو مونجهارو ئي پيدا نه ٿئي ها؛ پر جيئن ته هاڻي اهو وقت گذري چڪو آهي ان ڪري پڇتاءُ اجايو آهي. وقت جو انتظار ڪرڻ گهرجي.

ڪڏهن ته:

 کيس سوڀيا ملندي ۽ پڪ ئي پڪ کيس چماٽ وهائي ڪڍندي تڏهن هو به کيس زوردار چپاٽ وهائي ڪڍندس، ۽ اهو سڀڪجهه چئي ڇڏيندس.

سوچي ٿو:

تڏهن مت جي موڙهيءَ کي خبر پوندي ته مان سندس ڪيتري عزت ڪندو رهيو آهيان ۽ هن جي نظرن ۾ پاڻ کي سٺي رکڻ لاءِ ڪيڏا نه جتن ڪيم. هاڻي مون کي ڪنهن به صورت ۾ هن جي چپاٽ جو انتظار ڪرڻ کپي، ائين پنهنجي منهن ڪوبه فيصلو ڪري ڪهاڻي جي پڄاڻي ڪرڻ نه گهرجي. پوءِ ڀل ته ماڻهو به گڏ ڇو نه ٿي وڃن ۽ مون کي ڪهڙين به حالتن سان منهن ڏيڻو پوي. پوءِ ڪهڙا به نتيجا نڪرن؛ پر مان کيس ضرور چوندس، جنهن کي ٻڌي سندس ڪنڌ شرم کان جهڪي ويندو.

 آخري باب:

جڏهن ساڻس سوڀيا ملندي ته هو کيس چوندو:

”توکي پنهنجي متعلق ايڏي خوش فهمي ڇو آهي؟“

پرچڻ جي موڊ ۾ هوندي ته معصوم صورت بڻائي چوندي، ”نه-؟“

”ته مان هي سڀڪجهه تولا پيو ڪريان.“

”نه ته ڪنهن لاءِ پيو ڪرين؟“

”هيڏي ساري دنيا ۾ تون ئي بچي آهين، جنهن کي مون خيالن جو مرڪز بڻايو آهي.“

”نه ته ٻيو ڪير آهي؟“

”هيڏي به ڪڏهن ائين سمجهندو هوس، پر مان غلطيءَ تي هوس؛ جو توکي پنهنجي لاءِ مڪمل ۽ صحيح سمجهي پنهنجي عمل، قول ۽ فعل ۾ احتياط جا زنجير وجهي به خوش ٿيندو هوس، پر منهنجا سڀ ويچار غلط ثابت ٿيا، تنهنجي عقل جي ايتري پهچ ڪٿي جو مون کي سمجهي سگهي!“

”پاڻ کي ايڏو اڪابر ڇو ٿو سمجهين؟“

”تنهنجي رويي ان سمجهڻ تي مجبور ڪيو آهي. مان توکي صاف ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته تون منهنجي لائق ناهين.“

”ته تون منهنجي لائق آهين ڇا نيچ شخص، تنهنجون اهي ته بريون عادتون آهن ته فلرٽ ڪري معصوم ڇوڪرين کي ڦاسائي، پوءِ اسڪينڊل ٺاهي انهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندو آهين.“

”تون سمجهين ٿي ته مان توکي فلرٽ ٿو ڪريان ته اها توکي خوش فهمي ٿي آهي، جي سمجهين ٿي ته مون تولاءِ ڪو اسڪينڊل گهڙيو آهي، ته به اهو ڪوڙ آهي ۽ تنهنجي پنهنجي متعلق اجائي خوش فهمي آهي. جي اهو ٿو سمجهين ته مان تنهنجي لائق ناهيان ته به اها تنهنجي خوش فهمي آهي، جي سمجهين ٿي ته منهنجي شاعريءَ جو مرڪز تون ئي آهين ته به اها منهنجي خوش فهمي آهي ۽ منهنجي ڪهاڻين ۾ جيڪڏهن توکي پنهنجو ڪردار نظر ٿو اچي، ته اها به تنهنجي ذات لاءِ خوش فهمي آهي. هيڏي ساري سماج ۾ ٻيا به جيوَ رهن ٿا، پنهنجي متعلق اجايو ۽ ايتريون خوش فهميون ٺهن به ڪين ٿيون.“

هاڻي:

هو پين رکي ٿو، پنا سهيڙي پاسيرا ڪري ٿو رکي. سگريٽ ڪڍي دکائي ٿو، اچي بيڊ تي ويهي ٿو. سگريٽ ايش ٽري ۾ رکي، بوٽ لاهي ٿو، اٿي وڃي ڪپڙا بدلائي ٿو، واپس اچي سگريٽ کڻي ٿو جيڪو وساڻل ڏسي ٿو. ٻيو دکائڻ نٿو چاهي، ٻري سڙي ويل سگريٽ ايش ٽري ۾ اڇلي، ليٽي ٿو.

سوچ:

اندر جي مونجهه، ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ ئي لکي سگهجي ٿي ۽ هن وقت ان ڪهاڻي جي پڄاڻيءَ جي ڪابه صحيح صورت معلوم نه آهي. ڇا لکي ڇڏجي. ڇا ٿي وڃي. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ پنهنجي طرفان لکي ڇڏڻ، ڪردار سان نا انصافي ٿيندي، سوڀيا جيڪڏهن نا انصافي ڪئي آهي ته مون کي ائين ڪرڻ نه جڳائي، ته پوءِ، مون کي سوڀيا جي ملڻ جو انتظار ڪرڻ گهرجي، هن جي چپاٽ جو انتظار ڪرڻ گهرجي.

چاهي ٿو:

ته ڪهاڻي جي جيئري جاڳندي ڪردار، صحيح صورتحال هئڻ جي ڪري ان جي پڄاڻي به ڏٺل وائٺل ۽ ٿيل هجي ته بهتر، پڄاڻيءَ ۾ حقيقي منظر جو هئڻ لازمي آهي ۽ هن ڪهاڻي کي توڙ رسائڻ لاءِ هن کي طارق روڊ تي وڃڻو پوندو. سمهڻ چاهي ٿو. سڀاڻي آفيس مان نڪري سڌو طارق روڊ تي وڃڻ ٿو چاهي، جتي ساڻس سوڀيا جي ملي وڃڻ جي پڪ آهي.

سمجهي ٿو:

ڪڏهن نه ڪڏهن سوڀيا کيس ضرور ملي ويندي ۽ پوءِ جيڪي ٿيندو ان تي غور ڪري پوءِ هن ڪهاڻي کي مڪمل ڪندو.

هاڻي:

وڌيڪ سوچڻ نٿو چاهي، اکيون ٻوٽي ٿو، سندس مونجهه، واريءَ هاڻي پاڻيءَ جيان اَٺرجڻ لڳي آهي.

سوچي ٿو:

سڀاڻي کان مان روزانو طارق روڊ تي ويندس. ڪڏهن نه ڪڏهن ته ساڻس سوڀيا ٽڪرائجي ويندي ۽ پوءِ پڪ ئي پڪ کيس چماٽ به وهائي ڪڍندي ۽ پوءِ مان به کيس زوردار چپاٽ هڻي کيس اهو سڀڪجهه چئي ڇڏيندس. پر نه مان ورائي چپاٽ نه هڻندومانس ۽ گهڻو به نه چوندومانس، جنهن سان ڪو ٻيو ماڻهو هن متعلق ڪا غلط راءِ قائم ڪري، هن جي ۽ منهنجي ڳالهه آهي، ٻين جو ڪهڙو واسطو. مان رڳو ايترو چوندومانس ته:

”توکي پنهنجي متعلق ايڏي خوش فهمي ڇو آهي!“

مدد علي سنڌي

کنڊر

(۽ منهنجي هن جيون کي ڪوئي انت ناهي!!)

ڪائي معنيٰ به آهي ڪنهن چيز کي؟

؟   ؟   ؟

اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن به ڪوئي پنهنجو چهرو آرسيءَ ۾ ڏسي ٿو، ته ڪجهه نه هئڻ جو احساس ٿئي ٿو!

ڪجهه نه هئڻ جو احساس؟

؟   ؟   ؟

نه هئڻ جو احساس به ته ڪجهه هئڻ جو احساس آهي. ڇا غور سان هرڪوئي آرسيءَ ۾ پنهنجي چهري کي ڏسي به سگهي ٿو؟

ڏسڻ سان پنهنجو پاڻ کي، محسوس الائي ڇا ٿيندو آهي؟

تون جلد چريو ٿي پوندين!!

.....  ...  ....

(خاموشي.)

ڇو تون چُپ ٿي وئين؟

؟   ؟   ؟

مان فقط چوڻ اهو ٿو چاهيان، تون جلدي مري ويندين!

آئون چوان ٿو بڪواس بند ڪر تون!

چريائپ زندگيءَ جي حقيقت آهي، هڪ ٻڌيمان لاءِ!!

؟   ؟   ؟

بڪواس زندگيءَ جي علامت آهي. موت زندگيءَ جي حقيقت آهي. ۽ خاموش زندگيءَ جو انت آهي. هر شروعات کي پڇاڙي ٿيندي آهي. هر شروعات جو انت به پڇاڙي آهي!

جيڪي شروع ڪندا آهن، سي ختم نه ڪري سگهندا آهن. جيڪي ختم ڪري سگهندا آهن، سي شروع نه ڪري سگهندا آهن!!

پر تون خاموش ٿي ٿي ويو آهين؟

۽ موت؟

 پر هِن خاموشيءَ جو به ته ڪوئي انت هوندو؟

تون، مان، ۽ هوءَ به آهي. پر تون ۽ مان آهيون. تون، مان ۽ هوءَ ۾ به آهي هوءَ، مان، تون آهيون ۽ هوندي به نه آهيون. هجون ته به ڪوئي فرق نٿو پوي (زندگي لاءِ ڊوڙندڙ هن هيڏي ساري انسان جي ڀيڙ ۾!“) ۽ نه هجون ته به ڪوئي فرق نه پوندو. ۽ مان، تون ۽ هوءَ ۾ تون آهين. پر تون ۽ مان آهيون! ۽ آهي.... آواز اسان جا اسان کان اڳ ۾ ئي اُڏامي وڃن ٿا. اُڏامندڙ آواز ۽ جدا ٿيندڙ ساٿيءَ جي پويان ڪير ڊوڙي؟ ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن تون وري ٽڪرائجي وڃين. ۽ پوءِ سڀڪجهه بڪواس آهي. چوڻ مان الائي ڇا ٿو چاهيان ۽ چئي الائي ڇا ٿو وڃان. تون ۽ مان هينئر هتي ويٺا آهيون. ويٺا آهيون ته ڄڻ ڪجهه محسوس نٿو ٿئي. پر ڪجهه به نه محسوس ٿيندي به ڄڻ ڪجهه محسوس ٿي رهيو آهي. (هي سڀڪجهه به ته ڪيڏو نه دوکو ۽ فريب آهي!) تون ۽ مان ويٺل آهيون، ويٺا هئاسين، ويٺل رهنداسين. هتي هن جاءِ تي، جتي هرڪوئي ويهي سگهي ٿو. شام جو هي اُداس منظر به روز ٿيندو آهي. اڳ به ٿيندو هو. شام هر روز ٿيندي ڌيري ڌيري هرچيز کي ڳڙڪائيندڙ اونداهي روز ائين ئي پکڙجندي رهندي. پر صبح به ضرور ٿيڻو آهي. هر رات جي پويان به ته ڪوئي نه ڪوئي صبح ضرور آهي. تنهنجو ۽ منهنجو گڏيل صبح به ضرور ٿئي ها. پر الائي ڪيترا اهڙا صبح آهن، جيڪي خبر ناهي ڇو اونداهين ۾ ئي گم ٿي ويا. ٿيندي ٿيندي ڪيتريون ئي اهڙيون شيون آهن، جيڪي رهجي وڃن ٿيون اڌوريون توکي بلو رنگ وڻندو آهي. هُن کي ڳاڙهو رنگ وڻندو هو. آسماني بلو رنگ آڪاس جو آهي. ۽ آڪاس به ته ڪيڏو نه ڦهليل آهي. توکي گُل وڻندا آهن. ۽ مون توکي الائي ڪيترا ڳاڙها گل ڇني به ڏنا آهن. پر گل به ته پرهه ڦٽيءَ جو ٽڙندا آهن. تون ۽ مان هتي ويٺا آهيون پرهه ڦٽي ٿيڻ جو انتظار ۾. ڪنهن صبح ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾. صبح ٿيڻ جو اوسيئڙو هر ڪنهن کي آهي. هر ڪنهن جي اکين ۾ آهي ٻرندڙ جوت سڀان جي ساڀيا ٿيندڙ سپنن جي! سپنا به ته ساڀيا ضرور ٿيڻا آهن. پر رات جو هلڻ رستن تي زندگيءَ جي علامت آهي. ۽ هن رات به ته اسان کي روليو آهي. سُتل ننڊ ۾ دنيا جي ڪُنڊ ڪُنڊ ۾ وڃڻ! مون کي ٻاهر وڃڻ ڏيو. دروازا سڀ کولي ڇڏيو. اندر جو دروازو کليل آهي! ٻاهر اونداهي آهي، پر اُميدن جا ستارا روشن آهن. رات جا اونداها رستا ئي ته منزل ڏانهن وڃن ٿا. ۽ اُميدن جي روشن ستارن جي ڇانوَ ۾ هر منزل اسان سان گڏ آهي! تون ۽ مان به ته گڏ آهيون تون هتي مون وٽ آهين، ته سڀ ڪجهه آهي. پر سڄي حياتي به ته تون ۽ مان نٿا ويهي سگهون، هڪ ئي هنڌ ڪجهه دير کان پوءِ تون هلي ويندينءَ. يا ٿي سگهي ٿو ته مان ئي هليو وڃان. تون ۽ مان- - ٻنهي مان هڪ کي وڃڻو آهي. ڪوئي ڪيڏانهن وڃي ٿو ۽ ڪوئي خبر ناهي ڪيڏانهن؟ ڪنهن جي به منزل ڪائي ڄاڻ ناهي. پر هتان، اسان ٻنهي مان هڪ کي وڃڻو پوندو. وڃڻ کان اڳ ۾ تو ۽ مان اڃا ته ڪجهه ڳالهايو به ڪونه. مان تنهنجو آواز ٻڌي نٿو سگهان. تيز هلندڙ شام جون هي هوائون، اسان کي اسان جن آوازن سان گڏ گم ڪري ڇڏينديون. پاڻ گهڻو ڪجهه ڳالهائڻ چاهيون ٿا. ۽ اڃا ته گهڻو ڪجهه ڳالهائڻو آهي. اڃا ته سڀان جا ساڀيا ٿيندڙ سپنا به ڪونه ڏٺاسين. انهن اکين، جن اکين ۾ جوت جلندڙ آهي اُميدن جي - - ۽ ستارا ڪيترائي ٽمِ ٽمِ ڪن پيا. جوت جلندڙ نيڻ پورجي نٿا سگهن. پر وڃڻو ته ضرور آهي، ڪنهن نه ڪنهن کي. ٻاهر هِن سُنسان ٻپهرن جو، جڏهن لُڪَ لڳي پئي ۽ آس تيز آهي. ڪوئي پنڌ ۾ بڙ جو گهاٽو وڻ به ته ڪونهي. ڇانوَ ڪٿي به ناهي. ۽ مون جيڪو پنڌ ۾ نمِ جو ٻوٽو هنيو آهي، اُن جي ڇانوَ ٿيڻ ۾ ته اڃا الائي ڪيترو عرصو لڳندو. تنهنجي ۽ منهنجي ته ملاقات ئي مختصر آهي. وقت فقط هڪ ئي ڀيرو ملاقات ڪرائيندو آهي. پوءِ ته فقط اتفاقي حادثن تي سڄي ڳالهه  ٻڌل آهي. ۽ هلي هلي به ته هرڪو ئي ٿڪجي پيو آهي (جهڙيءَ طرح باز يا گُرڙ پکي آڪاس ۾ هيڏانهن هوڏانهن اُڏامي ٿڪجي، ڌرتيءَ تي آرام ڪرڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو موٽندو آهي. تهڙيءَ طرح هي ماڻهو به هن سشو پتي اسٿان لاءِ ڊوڙي ٿو. سشو پتي اسٿان ۾ هي ماڻهن ڪنهن به پياري پدارٿ جي ملڻ لاءِ خواهش نٿو رکي. نڪي ڪوئي سپنو ڏسي ٿو. سشوپتي اسٿان، هِن ماڻهوءَ جو سريشٺ اسٿان آهي!!) ۽ هن ڪوچ تي ويٺا آهيون ائين ئي. انتظار خبر ناهي ڪهڙي چيز جو آهي. پر ڇا تو اهو سڀ ڪجهه سنڀالي رکيو آهي. منهنجا ته سوين روپ آهن. ٻاهر ۽ اندر جو روپ ته ڏٺل آهي. جهڙيءَ طرح گهاٽي وڻ ۾ ڪيئن شاخون ٿين ٿيون، اهڙيءَ ريت انسان جي اندر ۾ به ڪئين شاخون آهن.  ۽ ڪوئي ڪنهن کي سڃاڻي به نٿو. تون ۽ مان هڪ ٻئي کي سڃاڻندي به نٿا سڃاڻون. ڪجهه دير کان پوءِ تون ۽ مان ڪافي پيئنداسين. تون ۽ مان ڪافي چاهيون ٿا. ۽ مان ڪافيءَ سان گڏ سگار به ڇڪڻ چاهيان ٿو. مون کي اها به ڄاڻ آهي ته تو مون کي سگار ڇڪڻ کان روڪيو به آهي پر مان سگار ضرور ڇڪڻ چاهيان ٿو. ڪير ڄاڻي ته ڪٿي اها جدائيءَ جي مهل نه اچي وڃي. تون ۽ مان هر دؤر ۾ جڏهن به ملڻ چاهيندا آهيون، ته ديوار کڙي ٿي ويندي آهي. جدائيءَ ۽ انتظار جون اوچيون ديوارون کڙيون ٿي ويون ته پوءِ ڪوئي ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. تون ۽ مان آهيون ته انتظار ۽ جدائيءَ جون ديوارون رستا روڪي بيهي رهنديون. انتظار ۽ جدائيءَ جي ديوارن سان سر ٽڪرائڻ ۾ هڪ سيٽسفڪيشن آهي. هر چيز لاءِ ضروري آهي. ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن ڪنهن اڳئين جنم ۾ به ائين ٿيندو آيو هجي، جيئن اڄ آهي. اڳ به ائين ٿيو آيو آهي! ۽ ٿيندو آيو آهي! ڄاڻ ڪنهن کي ڪونهي. ڪوئي ڪستائين ائين جلندو رهندو، الائي ڪيتري عرصي تائين. پرهه ته دور گهڻي دور آهي شايد ۽ ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن ۽ ڪٿي مليا هئاسين، جدا ٿيڻ لاءِ !! تون شايد اُداس آهين ۽ اُداس ته مان به آهيان... تون وڃين پيو. وڃڻ توکي نه کپي. تون به وڃين پئي. تون ۽ مان ٻئي اُداس آهيون. ڪنهن جي وڃڻ سان ڪوئي فرق به ته نٿو پوي. پر خال به نٿو ڀرجي سگهي. دور گهڻو دور وڃان پيو. آءٌ وڃان پيو. جدائيءَ جون ديوارون اوچيون گهڻيون اوچيون آهن، ڪنهن اوچي وڻ جيان. اوچي وڻ جي هُن پار جي تاريخن جو زرد چنڊ اکڙيل آهي. زرد ته هر چيز آهي. اُڏامندڙ زرد مِٽيءَ جو ڪوئي ڪُن آهي. ڦري رهي آهي هر چيز. منهنجي من ۾ به اُڏامي رهي آهي زرد مِٽي. ڪالي داس ته الائي ڪڏهن لکيو هو ۽ ڪير ڄاڻي ته سڀ ڪجهه آهي الائي ڇا. مٽيءَ جي گاڏي (1)، لکڻ کان اڳ هُن الائي ڇا سوچيو هوندو؟ سوچيو ته گهڻو ڪجهه مون به هو. پر مون پنهنجو ناٽڪ اڳي ئي لکي ورتو هو. انت، ناٽڪ جو لکڻ کان اڳ ۾ ڪجهه به نه سوچيو هيم، مان پنهنجي ناٽڪ جو نائڪ آهيان. پر آڪاس ۾ زرد چنڊ اڪيلو کڙيل آهي. ۽ منهنجو گهر به ته ڪيترو نه دور آهي پر. تون ڪيڏانهن هليو وئين. اڃا ته صبح به ڪونه ٿيو آهي. پرهه ڦٽيءَ ۾ ته اڃا الائي ڪيترو وقت آهي. ۽ وقت جا فاصلا ڊگها گهڻا آهن. فاصلا ته گهڻائي آهن. ڪير اورانگهي سگهندو، انهن اونداهين صدين جي ڦهليل فاصلن کي. جيڪي هن نيري ۽ وشال ۽ آڪاس جيان، جنهن ۾ اڇا اڇا پکي الائي ڪيڏانهن اُڏامي وڃي رهيا آهن. فاصلا، زندگيءَ ۽ موت جا. فاصلا ته وڌي ويا. ديوارون انتظار ۽ جدائيءَ جون- - ۽ تون، مان ته اڃا ڪافي به نه پي سگهياسين ۽ نه ئي مان ڪوئي سگار ڇڪي سگهيس !!

-Hello, Sir.    

- هان ....؟؟

-.......؟.....؟.....؟

- اڪيلائي اڪيلا ويٺا آهيو؟

- اڪيلو....؟ اڪيلو ته شايد هاڻ ٿيو آهيان!

ڪنهن جي اچڻ سان اڪيلي هئڻ جو احساس ٿئي ٿو. اڪيلائيءَ ۾ ته خود اڪيلائي گڏ هوندي آهي. ۽ مون ۾ اڃا شايد ايتري همٿ ڪانه آئي آهي، جو توهان کي چئي سگهان ته هليا وڃو هتان. ڇو ٿا اچو ڪنهن وٽ؟

- توهان شايد سڃاتو ڪونه مون کي؟

سڃاڻڻ يا نه سڃاڻڻ سان ڪوئي فرق به پوي ٿو ڇا؟

- سڃاڻڻ سان ڪوئي فرق پوي ٿو، تڏهن ته مان چوان ٿو!

- سڃاڻڻ سان ٿي سگهي ٿو ته گهڻيون اهڙيون ڳالهيون ياد اچن، جن کي ڪيترو وقت ٿيو ته مان وساري ويٺو آهيان!

- مان نرملا جو مڙس آهيان!


(1) مٽيءَ جي گاڏي، شدرڪ جو لکيل ناٽڪ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com