سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1959ع

مضمون

صفحو :9

مقام جي آخرين حصي ۾ پهچڻ تي مون اوچتو ڇرڪ ڀريو؛ ۽ سمجهيم ته مان تمام جهوني حصي ۾ اچي پهتو آهيان، جتي جيڪي گهڻو وقت اڳ مري چڪا هئا، سي وري پنهنجين اصلوڪين صورتن ۾ تبديل ٿي ويا هئا. اهي وڻ ۽ ٻوٽا به ڏٺم، جن جو گذران انساني ماس ۽ هڏن تي هو – جتي سڀاڻي ٻين کي دفن ڪيو ويندو، ته جيئن انهن گلن ۽ ٻوٽن کي انهن جي ماس مان کاڌ خوراڪ حاصل ٿئي. ٻين جي نظرن کان محفوظ ٿيڻ لاءِ مون پاڻ کي هڪ وڻن جي جهڳٽي ۾ لڪايو. مان انهن ٽارين ۽ شاخن کي چنبڙي پيس، جيئن ڪو ٻڏندڙ ماڻهو ڀڳل تختن ۽ سڙهن کي سوگهو ڪندو آهي.

جڏهن ڀيانڪ اوندهه واسو ڪيو، تڏهن مون پنهنجي پناهه واري جاءِ ڇڏي، هوريان هوريان، پير پير ۾ ڏيندي، آهستي آهستي ان مـُڙدن جي ميدان ۾ هلڻ شروع ڪيو. ڏاڍو ر ُليس، گهميس، مگر مون کي اها قبر نه هٿ اچڻي هئي، نه آئي. تڏهن به آءٌ پنهنجيون ٻانهون کولي هن کي آغوش ۾ وٺڻ لاءِ ڊڪندو ڊوڙندو رهيس. هر هڪ قبر ڏسندو رهيس – هٿن سان، گوڏن سان، پيرن سان، هر چيز سان – مگر اها قبر هٿ نه اچي سگهي. انڌي انسان وانگر هٿوراڙيون ڏيندو رهيس. ڪيتريون شيون – پٿر، هڏا، سڪل گـُل، سڀڪجهه جو ان شهر جو سينگار هو، سو منهنجن هٿن محسوس ڪيو، مگر جنهن چيز جي تلاش هيم، سا ڪا نه ملي. ڪهڙي نه بيچين هئي اها رات!..... مان هن کي وري ڳولي نه سگهيس! چنڊ غائب هو. تارا پيِلا ٿي ويا هئا. خوفناڪ ڪاري رات! مان ڊڄي ويس، ڏاڍو ڏڪي ويس، انهن سوڙهن پيچرن ۽ قبرن جي قطارن ۾! قبرون – ساڄي قبرون، کاٻي قبرون، هر هنڌ ۽ هر پاسي قبرون .... قبرون ئي قبرون!

شڪسته حال ٿي هڪ قبر مٿان ويهي رهيس. وڌيڪ هلڻ منهنجي طاقت کان ٻاهر هو. دل جي دڪ – دڪ صاف، نبض جو آواز تمام ويجهو، ۽ سر ڌرتيءَ جي گولي وانگر گهمندو محسوس ٿيم. ڪهڙي نه عجيب ڌرتي هئي، جت لاش ئي لاش پوکيل هئا! مون وڌيڪ ڪجهه به ٿي نه سگهيو. آءٌ هاڻي دانهن ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويس. نه صرف دانهن ڪرڻ لاءِ، پر موت لاءِ تيار ٿي ويس. اوچتو، ازغيبي، ائين ڀاسڻ ۾ آيو ڄڻ جنهن قبر مٿان آءٌ ويٺو هوس ان جو پٿر چرڻ پرڻ لڳو هجي. سچ پچ، اهو پٿر مٿي ٿيندو پئي ويو! آءٌ ڊپ جو ماريو، يڪدم وڃي ڀر واريءَ قبر تي ويٺس. هائو، اهو ئي پٿر جنهن تي مان ويٺو هوس، مٿي چڙهندو ويو، ۽ هڪ اگهاڙو ماڻهو، جو پٺيءَ جي زور سان پٿر کي پري ڪري رهيو هو، اندران ظاهر ٿيو. مون صاف ڏٺو – جيتوڻيڪ رات ڪاري ۽ اونداهي هئي، مون چٽيءَ طرح ان پٿر تي لکيل فقرا پڙهيا: ”هتي آهي حاجي خان قريشي، جو پنجاهه سالن جي عمر ۾ هن دارفانيءَ مان لاڏاڻو ڪري ويو. هو پنهنجي ڪٽنب کي ڏاڍو ڀانئيندو هو، ۽ پاڙيسرين ۽ دوستن سان هميشه عزت ۽ اخلاص سان پيش ايندو هو. هن جو ڪو به دشمن ڪو نه هو.“ ان لاش اهو سڀڪجهه پڙهيو – سڀڪجهه، جو ان پٿر مٿان ڪاريگريءَ سان ا ُڪريل هو. مون ڏٺو ته هن هڪ ڊگهو چهنبدار پٿر هٿ ۾ کنيو، ۽ انهن اکرن کي مٽائڻ لڳو – جيئن ننڍڙا ٻار سليٽ تان غلط لفظ ڊاهيندا آهن. هن انهن سڀني اکرن کي ڊاهي ڇڏيو؛ ۽ تنهن کان پوءِ پنهنجيءَ آڱر جي هڏيءَ سان پٿر مٿان لکڻ لڳو: ”هتي آهي حاجي خان ڪوري، جو پنجاهه ورهين جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان گذر ڪري ويو؛ جنهن پنهنجي پيءُ کي ان لاءِ زهر ڏنو، ته جيئن سندس ملڪيت کيس جلد هٿ اچي؛ هن پنهنجن ٻارن سان ڪڏهن به مـُرڪي نه ڳالهايو؛ هميشه پنهنجن پاڙيسرين کي ستائيندو رهيو؛ هر ڪنهن دوست کي ٺڳيائين؛ هرڪو سندس وجود مان بيزار هو.“

لاش جڏهن پنهنجو ڪارنامو لکي ختم ڪيو، تڏهن انهن اکرن ڏانهن هڪ غمگين نظر اڇلائي، ان پٿر مٿان ڪِري پيو. اوچتو منهنجون نظرون مٿي کڄي ويون.... منهنجي عجب جي حد نه رهي، جڏهن ڏٺم ته سڀ قبرون کليون پيون آهن ۽ هر هڪ قبر جو مالڪ ٻاهر نڪر ي آيو آهي: هو سڀيئي انهن سفيد ڪُوڙن کي جي سندن موت کان پوءِ مٿن مڙهيا ويا هئا، ڊاهي ۽ گم ڪري رهيا هئا! ۽ مون ڏٺو ته انهن مان هر هڪ، خوفناڪ ۽ هٿرادو حقيقتن کي ڊاهي ۽ مٽائي رهيو هو. مون ڏٺو ته هو ڪجهه لکي رهيا هئا. مون پڙهيو ته هو سڀ پنهنجن پاڙيسرين جا خوفناڪ دشمن هئا. هنن جي لکيتن مان معلوم ٿيم ته هو سڀ بي ايمان، بيوفا، ڪوڙا، حاسد، وطن دشمن، نشئي، زاني ۽ دغاباز هئا. وفادار دوست، ايماندار واپاري، عصمت ماب ۽عزت ماب – سڀني پنهنجي حياتيءَ ۾ ٺڳيون، دوکا، چوريون ۽ زوريون ڪيون: ڪو به اهڙو گناهه نه هو جيڪو انهن زاهدن ۽ شريفن پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڪيو هو. اهي سڀ هڪ ئي وقت پنهنجي زندگيءَ جا شاهڪار چٽي رهيا هئا. هو پنهنجي زندگيءَ جي حقيقت، واحد ۽ آخرين حقيقت، پنهنجي هميشه رهڻ واري مڪان مٿان لکي رهيا هئا – جيئن هت اسين پنهنجن بنگلن ۽ محلاتن تي لکندا آهيون ”قصرِ ناز“، ”ايوانِ رفعت“، ”دارالسرور“، وغيره. ڪهڙو نه خوفناڪ هو انهن جو سچ!

مون کي سـُجهي آيو ته ضررو ’هـُن‘ به ڪجهه نه ڪجهه لکيو هوندو.... پنهنجي زندگيءَ جو سچ! مون ۾ همت ۽ جرات اچي ويئي. مون ۾ ڄڻ ته تازو خون ڊوڙڻ لڳو. يڪدم انهن اڌ کـُليل قبرن، لاشن ۽ هڏن وچان اٿي ڊوڙڻ لڳس. مان هـُن ڏانهن وڃي رهيو هوس، انهيءَ ئي محبت ۽ پيار سان. مون کي خاطري بلڪه يقين هو ته مان هن کي يڪدم سڃاڻي ويندس. منهنجو يقين آخر يقين ئي نڪتو. مان هن کي پري کان ئي سڃاڻي ويس. سندس صورت ڏسڻ کانسواءِ ئي کيس سڃاڻي ويس. اهو پٿر به ڏٺم، جنهن تي ٿورو وقت اڳ مون هي ڪتبو پڙهيو هو: ”اها هتي آهي، خاموش ۽ لاچار، جنهن پنهنجي مڙس سان محبت ڪئي، اهڙي محبت جنهن جي موٽ صرف محبت ئي ٿي سگهي ٿي.“ پر هاڻ مون ڇا ڏٺو؟.... ”- اها هتي آهي، خاموش ۽ لاچار، جيڪا هڪ ڏينهن پنهنجي وفادار مڙس کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي، برسات وسائيندي، پنهنجي جهوني عاشق سان ملڻ ويئي، رستي ۾ ٿڌ لڳڻ ڪري بيمار ٿي، ۽ مري ويئي“!

ٻئي ڏينهن مقام جي رکوالن مون کي ان قبر ڀرسان بيهوش ۽ بيسـُرت لڌو.

جمال رند

نوجوان ساٿيءَ ڏانهن

پيارا ساٿي، شال جـُڙيو رهين!

ڪراچيءَ مان ڪوهاٽ وڃڻ جي تار ڪري پنهنجي انجام کي پاڙيئه، ڏاڍي خوشي ٿي. گاڏيءَ اچڻ کان اڳ ئي اسان پليٽفارم تي پهچي تنهنجو انتظار ڪرڻ شروع ڪيو. پليٽفارم تي ڏاڍي رش لڳي پئي هئي. ڪي سامان آڻيو پيا رکن، ڪي پنهنجن ٻارن ٻچن سان گاڏيءَ جي اچڻ جو انتطار پيا ڪن، ته ڪي وري اسان وانگر پيا هيڏانهن هوڏانهن جون ڦيريون پائين – شايد انهن کي به پنهنجن دوستن سان ملڻ جو انتظار ڪرڻو هو. گهورڙين به طرح طرح جا آواز بدلائي، ٻارن ۽ وڏن جون دليون ڪجهه خريد ڪرڻ لاءِ پئي هرکايو ڇا ڪن، هنن جو ته گذران ئي ائين ٿيندو آهي.

ٽيشن تي رش سان گڏ رونق به گهڻي هئي. جيڏانهن نهار، ڪنهن نه ڪنهن نوجوان نينگرِ جي سنهڙن سريلن ٽهڪن جا پڙلاءَ پئي ڪنن کي سيبايا، چئني پاسن، پري پري تائين، آواز جو ڄڻ هڪ وسيع ڄار وڇايل هو. هرڪو ماڻهو انهيءَ ڄار جي ڪنهن نه ڪنهن خاني ۾ گرفتار پئي ڀاسيو. کل هئي، مـُرڪ هئي، خوشيءَ جي اٿاهه ساگر جون اڻکـُٽ موجون ۽ مستيءَ ڀريل چوليون هيون. آءٌ مٿي ٽيشن ٽپڻ واريءَ پل تي بيٺو هوس. نظارا ئي نظارا هئا. احساس جي هڪ عجيب ڪيفيت منهنجي دل مان گذري رهي هئي. پري پري جا منظر اچي نگاهن ۾ سمايا هئا. سيمنٽ جي اوچيءَ چمنيءَ مان، اَڇي پَٽ جڙو اَڇو دونهون، گهُنڊ هڻندو، مٿي چڙهندو، وري ٿوريءَ ٿڌ لڳڻ ڪري هٺتي ٽڙندو پکڙندو پئي ويو. انهيءَ دونهين جون ڪي لنمبيون لاٽون، گلن جي هار جيان، مزورن جي پورهيي ڀريل سڳنڌ کڻي، هيڏانهن ٽيشن ڏانهن پئي اڳتي وڌنديون آيون. دونهين جي ورن وڪڙن ۾ ڪا عجيب هلچل هئي، خوشي ۽ محبت هئي – معصوم ٻارن جي، زالن توڙي مردن، جوانن ۽ ڪراڙن جي، جي ا ُتي مزور هئا، ۽ پنهنجي ملڪ جي خوشحاليءَ لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا هئا.

دوست، اهو دونهون پوءِ ايندي ايندي ريل جي پٽن تي وڇانئجي ويو. اها پورهيتن جي پونجي به ڄڻ توتان نڇاور ٿيڻ آئي هئي، تنهنجو استقبال ڪرڻ آئي هئي؛ جنهن ريل تي تون چڙهي پئي آئين، انهيءَ کي زمين تي بيهڻ کان اڳ پنهنجي نرم ۽ نازڪ سيني تي سوار ڪرڻ آئي هئي. ويچارا مزور، الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳريون ڇپون پنهنجن سينن تي ڌريو گهمندا وتن،.... هي ته انهن لاءِ فخر جو موقعو هو جو سندن ديس جو هڪ نوجوان،  سندن ۽ سندن ديس جي بچاءَ۽ آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ فوج ۾ وڃي رهيو هو!

دوست، انهيءَ دونهاٽيل هوا ۾ سيمنٽ جي رَک يا ڇار جي بدبوءِ ڪا نه هئي، پر هڪ عجيب قسم جي خوشبوءِ ۽ سرهاڻ پئي محسوس ٿي. جا سڄي وايو منڊل کي واسيو بيٺي هئي – ڄڻ ته ڪنهن کٿوريءَ جي د ُنگ ليٽائي وڌا هجن. منهنجون نگاهون انهيءَ مسرت ڀرئي ماحول ۾، پري پري جي کليل فضائن ۾، سير جي سواد وٺڻ ۾ مصروف هيون. ڏسندي ڏسندي، نظر وڃي گنجي ٽـَڪر تي بيٺي. گنجو ٽڪر، جيڪو اسان جي هڪ اڻلِکيل ننڍڙي تاريخ آهي – ياد ڪرڻ جهڙي، دل ۾ سانڍڻ جهڙي، جنهن کي اسان جي قومي شاعر ڳايو آهي. مٿس ا ُڀريل ننڍڙا ننڍڙا ٻوٽا ۽ سنهڙو سنهڙو چهچ گاهه، پري کان ڪنهن ننڍڙي ٻار جي جهَنڊ جيان پئي ڏٺو. مون کي دل ئي دل ۾ ائين ڀاسيو، ڄڻ ته هوا جي ڇوهي سان نوڙندڙ، پنهنجن انهن جهنڊولن وارن سان، گنجو ٽڪر توکي پنهنجي سڪ جي سلامي ڏيئي رهيو هو. ها، منهنجا دوست، سنڌ جي تاريخي عظمت توڏانهن تڪي رهي هئي. اهو گنجو ٽڪر به توڏانهن، پنهنجي ديس جي نوجوان سپاهيءَ ڏانهن، تمام بيچينيءَ سان ڏسي رهيو هو – ڄڻ ته هو به توکي پنهنجي اَڏول سيني سان ملائي کڻي موڪل ڏيندو. دوست، گنجي ٽڪر جي يادگيري توکي هميشه بهادريءَ ۽ پهلوانيءَ جو سبق ڏيندي رهندي. هو پنهنجي فولاد کان زياده سخت ۽ مضبوط سيني کي ائين تاڻيو بيٺو هو، ڄڻ ته موڪلائڻ مهل توکي ائين ئي چوندو: ’پنهنجي ديس جا بهادر پاسبان! ڏس، مون ڏانهن ڏس، آءٌ هزارن سالن کان هتي بيٺو آهيان؛ اڪيچار انڌو ڪاري طوفان آيا، بيشمار برساتيون ۽ ٻوڏون ٿيون، ليڪن منهنجي سيني تي انهن جي تباهيءَ جو رتيءَ برابر به اثر ڪونهي، ڪو نشان ڪونهي: مون کي تو مان به اهي ئي اميدون آهن .... تو به ته منهنجي ئي پاڇي ۾ پروش پاتي آهي!‘

اوچتو شرناين ۽ دهلن جو ٽاهوڪو ڪنين پيم. ڇاپري هيٺ ڪا ڄڃ اچي گڏ ٿي هئي.  گهوٽ – ڪنوار وچ ۾ بيٺا هئا. ڪن ماڻهن کي ڪنڌ ۾ گلن جي پنکڙين سان ڀريل جهوليون هيون. سڄو ئي وقت ڄڻ آڪاش مان گلن جي ورکا ٿي رهي هئي. ڪن ماڻهن جي هٿن ۾ گلابدانيون هيون، ۽ گلاب جو خوشبودار عرق پئي ڄاڃين مٿان ڇڻڪاريائون. خبر اٿئي، گلاب سان ڪهڙي پاڻيءَ جي ملاوت هئي؟ حيدرآباد ۾ جَري پاڻي تي هوندو ئي ڪونهي، هتي ته ڇـُڙيو پاڻي هوندو آهي. ها، اهو پاڻي سنڌوءَ جو هو – مهراڻ جو مٺڙو ۽ سڳنڌي پاڻي! اهو ئي پاڻي اسان جي جياپي جو آڌار آهي. مون کي ائين محسوس ٿيو، دوست، ڄڻ مهراڻ به موج ۾ اچي، ڪنهن ٽاهڙ ڪنواريءَ جي ڇاتيءَ جيان اڀري، تنهنجن پيرن ۾ پالوٽ ڪرڻ آيو هو. خوشيءَ ۽ خوشبوءَ جي انهيءَ واچوڙي ۾، گهوٽ ۽ ڪنوار روشنيءَ جي مناري جيان چپ چاپ بيٺا هئا. هي دهل ۽ دماما، هي موج ۽ ميڙو انهن ئي ٻن هستين جي وجود سان وابسته هو. ڪيڏي نه وڏي سوچ آهي انهيءَ ۾! هر ڪنهن قوم ۽ ملڪ کي پنهنجون پنهنجون ريتيون رسمون ٿين ٿيون. صدين جي سلسلي سان، ريتن رسمن مان قومن ۽ ملڪن جون پنهنجون پنهنجون تهذيبون جڙن ٿيون. مختلف قومن جون خوبيون ۽ خصلتون، فرق ۽ اختلاف، انهن ئي تهذيبي روايتن مان معلوم ڪري سگهبا آهن. خير، دوست اهي ريت پريت جا معاملا تمام وڏا آهن... ۽ توکي ته انهن جي پوري پوري خبر آهي.

توکي خبر آهي، اسان ۾ هيءَ عام ريت آهي ته گهوٽ ۽ ڪنوار، لانئن لهڻ کانپوءِ، چئن ڀاڳوانن کي وڃي پيرين پوندا آهن. خوشيءَ جي هن وڏي موقعي ۽ حياتيءَ جي هن اهم ڏينهن تي سڀاڳن جي پيرن ڇهڻ جي منشا هوندي آهي ته خدا شل نئين جوڙي کي به انهن جي نيڪ نقش قدم تي هلڻ جي توفيق بخشي. اڄ هتي به گهوٽ – ڪنوار، ريشمي ڪپڙن ۾ ويڙهيل، موڙن ٻڌل، مينديءَ رتن هٿن سان، مهڪندڙ خوشبوئن جي وچ ۾ بيٺل هئا. هنن به ڪنهن ڀاڳوند جا قدم چمڻ  ٿي گهريا، سندس ئي نقش قدم تي هلڻ جو عهد ڪرڻ ٿي چاهيائون. ڏونڪو ڦريو، ۽ جهمر سان ’جمالو‘ شروع ٿي ويو. جمالو – جهُمر، اسان جي قومي جهمر آهي. ”منهنجو کَٽي ايندو خير سان، .... هو جمالو!“ جهمر هڻندڙن جي زبان مان اهي لفظ ائين پئي ڪريا، جيئن ڪنهن ٻار جا ننڍڙا مٺڙا ٽهڪڙا، رانديڪي کي هٿن ۾ ڪڏائيندي، سندس موتين جهڙن کيرن ڏندن جي وٿين مان ڇڻي نڪرندا آهن. سڀئي پئي جمالي جي جهيلار تي جهوميا ۽ نچيا.. منهنجي دل ائين ٿي ڄاتو، منهنجا نوجوان ساٿي، ڄڻ هي سڀ سانگ تولاءِ رچايا ويا هئا،.... هي گهوٽ ۽ ڪنوار به تنهنجا ئي قدم چمڻ آيا هئا! هڪ محب وطن نوجوان کان وڌيڪ، ڪير آهي، جنهن ۾ اميدن جا انبار ڏسڻ ۾ اچن؟ نوجوان ئي ته وقت جي نازڪ ۽ زور آور واڳن کي هٿن ۾ سوگهو جهلي، پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق موڙي سگهن ٿا. پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي قسمت کي ونڊڻ ورڇڻ وارو، نوجوان کانسواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟

..... جڏهن لکڻ تي ويهندو آهيان، تڏهن پنهنجن خيالن جي دنيا به مون کي عجيب پيئي لڳندي آهي. انهيءَ عجيب دنيا ۾ ڪيتريون ئي سهڻيون سهڻيون، نازڪ ۽ لطيف شيون ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آهيان؛ پوءِ دل چاهيندي آهي ته اهي سڀئي شيون هن ئي لکڻيءَ ۾ سمائي ڇڏيان – پر مجبوراً ڪي ڇڏڻيون به پونديون اٿم. ڏٺئه،.... ڄڃ ۽ جمالي جي ڳالهين ڪندي الائجي ڪٿي وڃي پهتو آهيان! ڪريان به ڇا؟ - دلي امنگن ۽ جذبن کي ٻوليءَ جي صورت وٺائڻ ڪا سولي ڳالهه ته ڪانهي. اها ئي ڪوشش پيو ڪريان ته جيڪي ڪجهه ڏٺو هوم، سو سڀ توکي لکي موڪليان.

ها، سو آءٌ مٿي پـُل تي بيٺو هوس؛ ۽ ٻيا دوست هيٺ پليٽفارم تي تنهنجي انتظار ۾ هئا. پليٽفارم تي هاڻي اڳي کان به گهڻي رش ٿي ويئي هئي. اڃا گاڏيءَ جي اچڻ جا آثار نٿي ڏٺا. آءٌ پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ الائي ڇا جو ڇا سوچي رهيو هوس. خيال ڪيم، جيئن ئي تون گاڏيءَ مان هيٺ لهين ته پهرين آءٌ ئي توکي ڀاڪر پائيندس. خيالن جي مهاساگر ۾ تڙڳندي، ڪجهه وقت لاءِ ته ڄڻ بنهه غير موجود ٿي ويو هوس- الائي ڇا ڏٺم، ڇا سوچيم، خيالن جو سلسلو ٽـُٽو، ته قلعي جي بلند قامت ديوار منهنجين اکين اڳيان هئي. سنڌ جي عظمت جو عظيم يادگار! هڪ لمحي لاءِ منهنجو ڪنڌ فخر وچان مٿي کڄي ويو؛ پر ٻيءَ گهڙيءَ، خودبخود، اندر مان ڪو اهڙو احساس اڀري آيو، جنهن منهنجي فخر ۽ غرور جي سموري سرمايي کي افسوس ۽ ارمان ۾ بدلائي ڇڏيو. سر زمين سنڌ جي هڪ تاريخي دور جو هي تاريخي نشان، هڪ ئي وقت، مون کي بيحد قريب ۽ بيحد دور معلوم ٿي رهيو هو:  قريب ان ڪري جو هي منهنجي تهذيبي ڪردار جو مثال بڻيو بيٺو هو؛ ۽ دور ان ڪري جو هن سان منهنجي وابستگي، رفتي رفتي، زائل ۽ زبون ٿي رهي هئي. ديوار جا ڀڳل حصا، ڪنهن مسڪين جي ڦاٽل ٽٽل ۽ ليڙن ٿيل چولي جيان پئي ڏٺا، جنهن مان وقت جون ستمگريون ۽ ناانصافيون نروار ٿي رهيون هيون. يڪايڪ، منهنجي ذهن تان وقت جا پڙدا کڄي ويا. هوا ۽ فضا، ماحول ۽  منظر – سڀ بدلجي ويا. ائين ئي، منهنجن ڪنن ۾ ٽهڪن جو پڙلاءُ پيو. سنهڙا سنهڙا، پيارا پيارا، ماکيءَ جي لار کان وڌيڪ مٺڙا ٽهڪ! راڳ جا آلاپ هئا، پيئڻ پيئارڻ جا هوڪا هئا، ساز ۽ سنگيت جي راڄڌاني هئي. خيالي پردي تي نيٺ اها شڪل به آئي... هڪ پڪي محب وطن ۽ اَرڏي سولجر جِي. مون ٻڌو، کيس ’هوشو شيدي‘ جي نالي سان پئي ڪوٺيائون: ڪاري رنگ ۽ پيلپائي جهڙي مظبوط بدن وارو، قدآور، قوي هيڪل، ڪوپو جوان! اکين مان ڄڻ رت جي ڌارا پئي ڪرِيس. گولين جي وسڪار ۽ توبن جي ڌڌڪار ۾ مون کي اڪيلو ئي هوشو نظر آيو. هيٺ گورن جو بي اندازو لشڪر، لڙائيءَ جي جديد هٿيارن سان ليس، قلعي کي سڀني پاسن گهيريو بيٺو هو. مون ڏٺو، اڪيلي هوندي به هوشوءَ جي منهن تي مايوسيءَ جي لهر ئي ڪا نه هئي. وار سان وار جو جواب پئي ڏنائين. سندس توب سان جڏهن گورن جي فوج ۾ ٽاڪوڙو ٿي پيو، ته هو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کليو ٿي؛ ۽ وري وڃي ٿي ٻيءَ توب جي بارود کي باهه ڏنائين. ’مرويسون،... ! مرويسون،....!‘ اها ئي سندس صدا هئي. هو آخر مري ويو – شهيد ٿي ويو – هوشوءَ جي قبر به انهيءَ قلعي ۾ آهي، جنهن تي گورن هي لفظ لڳائي ڇڏيا آهن: ”هيءَ آهي انهيءَ ٻلوان ۽ سورهيه سورمي جي مزار، جنهن تي سنڌ جيترو به ناز ڪري، گهٽ آهي. هن جو نالو هوشو هو. هيءُ ئي هڪ دلير هو، جنهن اڪيلي سر اسان سان مقابلو ڪيو....“

قومون پنهنجن سورمن جي ڪارنامن تي فخر ڪنديون آهن، انهن کي زندهه رکنديون آهن، ۽ پنهنجن انهن محسنن جا يادگار قائم ڪنديون آهن. قومن جي زندگيءَ جو اهو به هڪڙو ثبوت سمجهيو ويندو آهي. ليڪن، دوست، ڇا ٻڌايانءِ، هن لاثاني سورمي جي معمولي حڪايت به اسين پنهنجن ذهنن ۾ ورجائي نه سگهيا آهيون. سندس قبر جي ڪَتبي کي گندي پاڻيءَ جي وهڪ آهستي آهستي بنهه ميساري ڇڏيندي، - ۽ اسان جا ايندڙ نسل پنهنجي ڪردار جي هڪ بهترين مثال کان محروم ٿي ويندا!

ها، دوست، هو ڏس، اهو ئي ساڳيو هوشو، اڄ به قلعي جي ڪـُنگرين کان اوچو ڳاٽ کنيو، ساڳئي رعب تاب سان، ساڳين ٻرندڙ اکين سان، پنهنجي پهاڙ جهڙي سِيني کي تَنجيو، تنهنجي آجيان لاءِ بيٺو آهي.... ۽ ها، جڏهن تون هتان اڳڀرو ويندين، ته توکي هڪ ٻيو سورمو ملندو. هو به تنهنجي انتطار ۾ هوندو. دوست، تون هن جو بيحد احترام ڪج! هو اسان جي تاريخي ڪردار جو هڪ ٻيو بهترين مثال آهي. تو سمجهيو ته آءٌ ڪنهن ڏانهن ٿو اشارو ڪريان؟ اهو اٿئي راجا پورس، قديم سنڌ جي ا ُترئين حصي جو راجا، جنهن يونان جي مغرور بادشاهه سڪندر جومقابلو ڪيو هو. سڪندر، جنهن کي هڪ محب وطن جي مقابلي ۾ اسين سڪندر اعظم ڪوٺيون ٿا! هر ٻاهرئين فاتح کي اسان اعظم ۽ معظم جي خطاب سان پئي نوازيو آهي. ڪيڏا نه وسيع دل آهيون اسين....!

اڙي، آءٌ ته تنهنجي اڳيان تاريخ جا دفتر کولي ويٺو آهيان! تون گهٻرائجي ته نه ويو آهين؟ دوست، منهنجا ساٿي، اڄ جو حال، سڀاڻي جو ماضي ٿيڻو آهي؛ ۽ مستقبل جون پاڙون ماضيءَ ۾ پيوست هونديون آهن. تون نوجوان آهين. ماضي ۽ حال، حال ۽ مستقبل – تنهنجي نظر تاريخ جي سموري سلسلي تي هئڻ گهرجي.

خيالن جي دنيا منتشر ٿي ويئي. گاڏي اچي پليٽفارم کي اوڏي پهتي هئي. آءٌ تڪڙو تڪڙو هيٺ لهي آيس. تون ته ڪو پوئين گاڏي ۾ هئين! ڊوڙي اچي توکي لڌم. توکي ياد هوندو، پهرين  مون ئي اچي توکي ڀاڪر پاتو هو. پوءِ ٻين سڀني ساٿين توکي گلي ملي کيڪاريو هو. خوشيءَ جو وقت ڏاڍو مختصر معلوم ٿيندو آهي. واسينگ جيان شوڪارو هڻي، گاڏي هلڻ لڳي. تون دروازي تي بيٺو هئين. گاڏي ويئي تيز ٿيندي،.... ۽ نيٺ اکين کان اوجل ٿي ويئي. گهوٽ – ڪنوار مون کِلندي ڏٺا – ڄڻ ته توکي پيرين لڳي، ڀاڳ سهاڳ ٻئي پائي چڪا هجن. گنجي ٽَڪر تي سج جي روشني وڌيڪ گهري ٿي ويئي هئي. چمنيءَ جو دونهون هاڻي سڌو آسمان جي ر ُخ تي وڃي رهيو هو. قلعي جي ديوار به مون کي هينئر زياده بلند ۽ زياده مضبوط معلوم ٿي رهي هئي. گاڏي هلي ويئي. اسين به گهر موٽياسين. ٻاهر ٽيشن جو بورڊ ڏٺم – ”حيدرآباد سنڌ جنڪشن“. ائين محسوس ڪيم، ڄڻ انهن لفظن جي منشا ئي اها هئي ته منهنجا نوجوان فوج ۾ ويندا رهن، ۽ اسين هتي هميشه مـُرڪندا ۽ مـُشڪندا رهون.

گاڏي توکي ڪوهاٽ ڏانهن کڻي رمندي رهي. اسين سڀ اچي جيپ ۾ ويٺاسين. ننڍڙن ننڍڙن ٻارن جو جلوس، ”پاڪستان زنده باد“ جا نعرا هڻندو پئي ويو. اسان به ’پاڪستان زنده باد‘ جا نعرا لڳايا. بيشڪ پاڪستان اسان جو آهي، ۽ اسين ئي ان جا محافظ ۽ معمار آهيون.

دوست، خط ڪافي ڊگهو ٿي ويو آهي. ميل ملاقات جو اهو به هڪڙو طريقو آهي. جواب ضرور ڏج!

چڱو، ساٿي، سدائين ڪَٺا!

تنهنجو پنهنجو، .......

ليکڪ: موهن ڪلپنا                                                                                 ]ناٽڪ[

جهُڪندڙ او ُچائيون

وقت – رات جا ڏهه بجا جڳهه – هڪ رواجي ڪمرو

ڪردار: درد، شبنم، شوڪ، ۽ هوش – پياڪ شاعر؛ ڪمار پياڪ ائڪٽر؛ چندر، اَدرشي شاعر؛ ۽ ٽي ايڪسٽرا، شعر شاعريءَ جا ڪوڏيا.

ڪردارن جي عمر، شخصيت ۽ پوشاڪن جي خصوصيتن جو ڪو به ٻنڌن ڪونهي.

]پردو کڄي ٿو.[

(سامهون هڪ رواجي ڪمرو آهي. ڀت ته هڪ ڪئلينڊر، هڪ سئنيما جو پوسٽر، ۽ ٻين ائڪٽريسن جون تصويرون ٽنگيل آهن. هڪ پاسي کان هڪ کٽ پيئي آهي، جنهن مٿان بسترو وڇايو پيو آهي. ساڄي پاسي کان ڪتابن سان ڀريل هڪ رئڪ آهي. وچ ۾ هڪ وڏو فراس وڇايو پيو آهي، جنهن تي درد، شبنم ۽ ٽي ايڪسٽرا ويٺا آهن. اڳيان ڪي خالي ته ڪي ڀريل بوتلون، ڪي خالي ته ڪي ڀريل گلاس، ٻه چار سگريٽن جا دٻا،  ٻه چار ماچيس، ٻيڙين جا بنڊل ۽ هڪ پليٽ ۾ ڳچ جيترا پان پيا آهن. شوڪ ڀت پاسي منهن ڪري بيٺو آهي. ٻئي ٻانهون مٿي ڪري ڀت سان لڳائي ڇڏيون اٿس، ۽ ڪنڌ جهڪيل اٿس. جام جو دور چالو آهي. ڪي سگريٽ به پي رهيا آهن.)

درد.(ساڄي هٿ سان جام رکي، کاٻو هٿ مٿي ڪندي)

ميرا جان جاتا هي، يارو، سنڀالو،

ڪليجي ۾ ڪانٽا چڀا هي نڪالو!

سڀ. (اَدائن سان) واه واه! آه آه! هاءِ هاءِ!

درد. (مٺيون ڀڪوڙي)

نه ڀائِي، مجهي زندگاني نه ڀائِي،

مجهي مارڊالو، مجهي مار ڊالو!

درد. (جام چاڙهي) خدا ڪي لئي، ميري همنشينو... خدا ڪي لئي... ڇا چيو آهي اڙدو شاعر، ’سوز‘ صاحب! ٻي سٽ ياد نٿي اچي. خير..... مجهي مار ڊالو، مجهي مار ڊالو! (شوڪ ڏانهن منهن ڪري) شوڪ صاحب ڀت ۾ ڪنهن سان ملاقات ٿي رهي آهي؟ (رُڪجي، ڪنڌ لوڏي)

نه مِٽ سڪينگي يه تنهائيان، اي دوست،

جو تو ڀي هو تو طبيعت ذرا بهل جائي!

سڀ. واه واه!

درد. (اکيون مچڪائي)

زندگي هي يا ڪو ئي طوفان هي،

ڪڏهن تسليم ٿيندي؟

شبنم. (ڍڪ چاڙهي) يار، پيئڻ کان پوءِ ٻولي به تسليم ٿي ويندي آهي؛ ساهت اڪيڊميءَ طرفان پنج هزار انعام به ملي ويندو آهي؛ راشترپتيءَ وٽان ’پدم شريءَ‘ جو خطاب به ملي ويندو آهي....

درد. مگر ان جو هن ڀِت سان ڪهڙو واسطو؟ مٽيءَ ۽ چـُني جو ناجائز ميلاپ، هيءَ ڀت، جنهن جي اوٽ ۾ هن ظالم سماج لڪايو آهي، ماهرو حسينائن کي جڳ کان! مون کي جيڪڏهن دنيا جي راڄ جون واڳون ڏنيون وڃن ته مان ته پهرين دنيا جون سڀ ڀتيون ڀڃائي ڇڏيندس. هي ساليون ڀتيون، جي گونگيون آهن پر ٻوڙيون ڪونهن، بيٺيون آهن پر ڏسن ڪو نه! ڇت کي سهارو ڏيندڙ، مگر ٻن پاسن کان رهندڙ حسن ۽ عشق کي بي سهاري ڪندڙ! خدارا، شوڪ صاحب، ذرا ڀت کان الڳ ٿي! سوچ ڀل، مگر ڪجهه اسان جي به ٻڌ!

ناچيز جي راءِ موجب، سنڌي شاعرن تي اڙدو شاعريءَ جو نهايت گهڻو اثر آهي.

درد. جن تي نه آهي، اهي هن محفل ۾ نه آيا آهن.

(سڀ کلن ٿا.)

هڪ ايڪسٽرا. پراڻي اڙدو شاعري پڙهڻ سان ائين لڳندو آهي، ڄڻ سڀني شاعرن عشق ۾ ناڪاميابي پاتي آهي؛ پوءِ شعر آهي ۽ شراب آهي،

آهون آهن ۽ سماج آهي. ڪيئن، درد صاحب؟

درد. هن ظالم سماج جون ڳالهيون نه پڇ، همدم! ڪٿي چشم تر، منهن زرد، آه سرد ٿي نه وڃي! ۽ هي ظالم حسينائون!.... شاعرن جا شعر ته پڙهنديون، انهن جي شعرن جا ڪتاب رات جو وهاڻي هيٺان رکي ته سمهنديون، پر ڀـُلي ڀُلائي ڪنهن شاعر کي پيار جو خط نه لکنديون، ڀـُلي ڀـُلائي ڪنهن شاعر کي پنهنجو فوٽو نه موڪلينديون، ڀـُلي ڀـُلائي ڪنهن سان ملاقات نه ڪنديون!

ٻيو ايڪسٽرا. اوهان تي خوب چڙهي ويو آهي،  درد صاحب، .... يعني نشو!

درد. جپاني چوڻي ڪا نه ٻڌي اٿئي: ’پهرين ماڻهو شراب کي پيئندو آهي، پوءِ شراب ماڻهوءَ کي پيئندو آهي.‘ مان شراب کي پي رهيو آهيان، ۽ شراب شوڪ کي پي رهيو آهي!

(سڀ شوڪ ڏانهن نهارين ٿا شوڪ جهڪي جام کڻي ٿو. پوءِ بيٺي ئي جام واروهٿ اوچو ڪري ٿو.)

شوڪ. (ڀريل گلي سان) ماڻهو چوندا آهن شراب پيئڻ سان غم گهٽبو آهي، ڳڻتيون وسري وينديون آهن، (ٻانهن هيٺ ڪري، هٿ ڇاتيءَ ڏانهن آڻي مگر مون کي غم ياد ڇو ٿو اچي؟
 ....مگر مون کي صرف غم ياد ڇو ٿو اچي!

(سڀ خاموش)

شوڪ. مون کي پنجن سالن کان نوڪري نٿي ملي. اَڄ پيئڻ سان مون کي بک جي زندگي ياد اچي ٿي. مان پيئان ٿو ته مون کي انهن آفيسرن جون شڪليون ياد اچن ٿيون، جن مون کي 
شوڪ. برابر، ۽ صرف ان ڪري پيئان ٿو. (ويهي ٿو رهي ۽ پيئي ٿو.)

شبنم . (جام چاڙهي، زور سان)

جنهن کي غم ڏين، زندگي! تنهن کي

 نه ڏي سلجهيل دماغ،

غم سهڻ لئه آ ضروري، ڪا غلط

 فهمي هجي!

درد. اڙي هاءِ هاءِ! ڇا خيال آهي! ’غم سهڻ لئه آ ضروري، ڪا غلط فهمي هجي!‘ تو ته ماري ڇڏيو، شبنم! (مٿي کي ڌڪ هڻي) هاءِ هاءِ، هاءِ هاءِ،، - ’غم سهڻ لاءِ ضروري، ڪا غلط فهمي هجي!‘

شبنم . تڏهن ته سياڻن چيو آهي، `Ignorance is bliss’. (اُٿي،  ڀت طرف وڃي، ڪئلينڊر ڏانهن آڱر جو اشارو ڪندي) شوڪ صاحب، ٻڌاءِ، هي ڇا آهي؟

شوڪ. ڪئلينڊر آهي.

شبنم. هيءَ زندگي به ڪئلينڊر جيان اٿئي.

پورن ڇهن ڏينهن جي جفاڪشيءَ بعد هڪ آرتوار اچي ٿو. پورن ڇهن
جي تڪليف!

شوڪ . مان محنت ڪرڻ چاهيان ٿو. مان چاهيان ٿو ته مان به هزارن ٻين جيان آفيس مان ٿڪجي موٽان. ڪوئي پڇي ’ٿڪل آهين‘ ته ’ها‘ چئي بهار بهار ٿي وڃان. وري پهرين تاريخ ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ ڪڏهن رانديڪا، ڪڏهن ٽول، ڪڏهن ڪتاب وٺي اچان. پوءِ  مان سئنيما خود ڏسان ته دوستن کي به ڏيکاريان!

درد . خدارا هاڻ چپ ڪر! اسان جو وشواس آهي ته هڪ ڏينهن ايندو، جڏهن ملڪ ۾ هڪ به بيروزگار نه هوندو. تون پيءُ، ۽ ان ڏينهن جو انتظار ڪر.

شبنم . (اڳيان وڌي، جام چاڙهي)’وه صبح ڪبهي تو آئيگي!... وه صبح ڪبهي تو آئيگي!‘

(نشي ۾ اکيون پوري ويهي ٿو رهي،

۽ پوءِ ٿورو رڪجي ليٽي ٿو پوي.)

جس صبح ڪي خاطر جـُگ جـُگ سي

هم سڀ مر مر ڪر جيتي هين،

جس صبح ڪي امرت ڪي ڌ ُن ۾

ويو آهين!

شبنم . (ٿورو زور سان) اَلوٽ ٿي ويو آهيان، اَلوپ ته ڪو نه ٿي ويو آهيان!

ائڪٽر . (ويهندي) خير، چرچو سٺو آهي، اڇا دوستو، مون کي معاف ڪجو جو ٿوري دير ٿي ويئي. ’هوش‘
ٿرڊ ڪلاس ۾ وٺي آيو، ان ڪري ماڻهن ڏاڍو تنگ ڪيو.

شبنم . گاڏي ليٽ ٿي ڇا؟

ائڪٽر . (بوتل کڻي، چوٿائي کن پيئندي) منهنجو مطلب هو ته ماڻهن اسٽيشن تي بيهاري ڇڏيو.

شبنم . ڪنهن کي – اوهان کي يا گاڏيءَ کي؟

ائڪٽر. (مشڪي) ٻنهي کي.

درد . کائڻ جو شاندار بندوبست آهي، پهرين ڪجهه پيئو.

ائڪٽر. ڳائڻ جو بندوبست ڪونهي؟

درد . سئنيما پاسي ۾ آهي، گانو چالو ٿيندو ته کڻي چـُپ ڪنداسين.

ائڪٽر . سئنيما سڄي رات
شبنم. توهان ان کي معشوقن جا ماڻا سمجهو!

ائڪٽر (پليٽ ۾ سگريٽ وسائي) مون هتي اچي غلطي ڪئي آهي.

شبنم . ته پوءِ مان اڳتي توهان جا کيل ڏسڻ جي غلطي ڪا نه ڪندس.

ائڪٽر . يعني منهنجا کيل نه ڏسندين نه؟ نه ڏسج. هونئن به مون کي اڄڪلهه پارٽ ملن ڪٿي ٿا!

اشوڪ . درد صاحب، ڏٺوَ، شراب ۾ ماڻهو صرف غم کي ئي ياد ڪري ٿو!

هوش .(شوڪ جي هٿ مان گلاس وٺي)  ۽ ان کي ياد ڪري پاڻ کي وساري ٿو ڇڏي!

درد .واه ، ڇا شاعراڻو خيال آهي!..  شايد اڌارو ورتل آهي!

ائڪٽر. سنڌي شاعر ٻيو ڪن ڇا ٿا؟

شبنم . ٻيو شراب پيئن ٿا.

شوڪ . سڀ نٿا پيئن.

شبنم . ۽ ان ڪري سڀ سٺو لکي نٿا سگهن.

هم تو اس جيني ڪي هاٿون مرچلي!

ٻه ٽي ڄڻا. واه واه!

شبنم. (ڍڪ چاڙهي) درد صاحب، ڪجهه سنڌيءَ ۾ ارشاد ڪريو.

درد. (منهن گهنجائي) مگر هن برخوردار شوڪ کي ته ويهاريو. ’واه واه‘ مهانگي سمجهي، ته نه ڪري. تون ته ڄاڻين ئي ٿو، (آواز بلند ڪندي) اسان لاءِ ته... سؤ بوتلون ڪا نشاهي اس واه واه ۾!

شبنم. واه واه!.... مگر ڪجهه سنڌيءَ ۾!

درد. سنڌي ٻولي تسليم ٿيندي ته سنڌيءَ ۾ به ٻڌائبو. مگر هيءُ ڪمبخت شوڪ ڇا ٿو ڪري؟

شوڪ. (ساڄي ٻانهن هيٺ ڪري، کاٻيءَ ٻانهن جي ٺونٺ ڀت تي رکي ٿو. کاٻو هٿ وارن ۾ وجهي، پويان ڪنڌ ڪندي) مان سوچيان پيو.

درد. ڇا ٿو سوچين؟ اهو، ته سنڌي ٻولي

شبنم . مگر، شوڪ، آخر تون سوچين ڇا ٿو؟

شوڪ. (کاٻو هٿ منهن تي گهمائيندي)

مان سوچيان ٿو ته ڪيئن مان سوچڻ بند ڪري ڇڏيان.

درد. (طنز سان مشڪي) چڱو، تون سوچ، ڀت پاسي منهن ڪري سوچ، پوءِ اسان کي به ٻڌائج. (شبنم ڏانهن منهن ڪري) مين جو بولا ٿا ڪه يه آواز اس خانا خراب ڪي هي!

شبنم. (زور سان مٿي کي ڌڪ هڻي) هاءِ هاءِ! ....

درد. (وات ۾ پان وجهي، سگريٽ دکائي)

غصي ۾ ديک مجهڪو، لگا ڪـُهني اور لو،

اڪ بات بس ڪهي نه ڪهي، يه تو مرچلا.

سڀ. واه واه!

(اشوڪ بيحد گنڀير منهن بڻائي هنن طرف مـُڙي ٿو.)

هڪ ايڪسٽرا. درد صاحب، مون ٻيو ايڪسٽرا. شاعرن کي پاڻ ۾ ٻَڌي ڪرڻ گهرجي. سڀ شاعر جيڪڏهن ظالم حسينائن تي لکڻ ڇڏي ڏين، ته جيڪر حسينائن جو دماغ ٺڪاڻي اچي وڃي!

ٽيو ايڪسٽرا. جيئن نوان شاعر ڪن ٿا: گهڻو ڪري عشق تي لکن ڪو نه، رڳو اسٽرائيڪ ۽ انقلاب تي پيا لکندا.... ۽ هي بيوقوف عورتون عشق به وري اهڙن خشڪ شاعرن سان ڪن ٿيون!

درد. بس بس، اسان جو پيئڻ حرام نه ڪريو! اسين جام ِ مَي ۾ انهن حسينن کي گهرائي سگهون ٿا. حقيقت ۾ نه سهي، تصور ۾ سهي – ڪيئن به، اسان سان ملاقات ته ڪن ٿيون!

تصور دکهاتا هي تصوير ان ڪي،

محبت مين دل آئينا هوگيا!

هڪ ايسڪٽرا. ائڪٽر ڪمار جو ڪو پتو ڪونهي. ’هوش‘ کي وئي ڪيترو وقت ٿي ويو آهي.

درد. ’هوش‘ کي خط لکڻ جو خيال ڪيو اٿئي ڇا؟

صرف انهيءَ ڪري نوڪري نه ڏني آهي، - ڇاڪاڻ جو مون کي ٽائيپ نٿي اچي – ڇاڪاڻ جو ٽائيپ سکڻ لاءِ مون وٽ پيسا نه آهن – ڇاڪاڻ جو انٽرويو ۾ سٺي انگريزي ڳالهائي نٿو سگهان – ڇاڪاڻ جو مون کي ملڪ جو وزيرن ۽ عيوضين جا نالا نٿا اچن – ڇاڪاڻ جو انٽرويو ۾ مان اهو ٻڌائي نٿو سگهان ته دنيا ۾ صرف تيل ۽ گاسليٽ جي ڪري لڙايون ڇو ٿيون لڳن! مان پيئان ٿو ته مون کي ياد ٿو اچي ته ڪيترا دفعا ائين به ٿيو آهي ته گهر ۾ کائڻ لاءِ روٽيءَ کان وڌيڪ غم هوندو آهي. مان اکيون پوري سڀ
وسارڻ چاهيان ٿو، مگر دماغ ۾ بک ۽ بيڪاري چيخون ڪري چِلائي ٿي اُٿي، تڏهن مان پنهنجا ڪتاب وڪڻي به پيئندو آهيان. جيترو پيئندو آهيان اوترو روئندو آهيان، ۽ جيترو روئندو آهيان اوترو پيئندو آهيان! مون کي ڪير ٻڌائي ته غم ڀـُلائڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

درد. تنهنجا ڀاڳ ڦِٽل آهن.

ڏينهن بعد اڌ ڏينهن موڪل جو ڇنڇر ٿو اچي. ڪڏهن ڪڏهن ڳاڙهن اکرن ۾ ڪو موڪل جو ڏينهن به اچي ٿو. زندگيءَ ۾ بس غم ئي غم آهي. ڇهن ڏينهن بعد خوشيءَ جو اڌ ڇنڇر ۽ سڄو آرتوار آهي. موڪلن جي ڏينهن آفيس ياد نه ايندي آهي، يار!

شوڪ . مگر مان ته بيروزگار آهيان. منهنجي لاءِ هر ڪو ڏينهن سومر، هرڪو ڏينهن منگل آهي. وچ ۾ موڪل بنهه ڪانهي.

شبنم . ها، تنهنجي لاءِ ته هرڪو ڏينهن آرتوار  آهي، يعني هرڪو ڏينهن موڪل جو ڏينهن آهي؛ اسان کي ’باس‘ (bass) سان موڪل جي رساڪشي ڪرڻي پوندي آهي. سولائيءَ سان موڪل نه ملندي آهي، ته ’سِڪ‘ (Sick) ۾ هليا ويندا آهيون. پوءِ ٻن روپين ۾ ڊاڪٽر وٽان سرٽيفڪيٽ وٺي، ’ڊيوٽي رزيوم‘ ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ’فٽ‘ ثابت ڪندا آهيون. تون موج مزي ۾ لکين پڙهين ٿو؛ نه باس جو ڊپ، نه اَچڻ وڃڻ

هم زهر ڪي پيالي پيتي هين،

ان بو ڪي پياسي روحون پر

اِڪ دن تو ڪرم فرمائيگي!...

وه صبح ڪبهي تو....

(ائڪٽر ڪمار ۽ شاعر ’هوش‘ اچن ٿا.)

درد . (هڏڪي ڀري) اچو، ائڪٽر ڪمار صاحب! اَهل ِ قلم، هوش صاحب!

(هوش مشڪي ويهي ٿو.)

ائڪٽر . (بيٺي ئي) يارو، هتي ڇا پوليس جو ڊپ ڪونهي؟

درد . پاسي ۾ سئنيما آهي.

ائڪٽر . مطلب؟

درد . مطلب ته اسان جو گوڙ ٻڌي پوليس سمجهندي ته شايد سئنيما جو آواز آهي. (روڪجي) ۽ توهين ائڪٽر ته آهيو ئي: پوليس آئي به، ته سمجهندي ته توهان شايد پردي کان ٻاهر نڪري آيا آهيو!

ائڪٽر . نانسينس!

شبنم . (ٺونٺين جي سهاري ٿورو اٿي)

On part of whom?

ائڪٽر . (عجب مان) ڪير، شبنم؟ مون کي گهرائي خود اَلوٽ ٿي

هلندي ڇا؟

درد . سئنيما نه هلندي، دماغ ۾ گانو ته هلندو

ائڪٽر . بس، شروع ٿي ويئي شاعري!

شبنم . (ا ُٿي، کليل هٿ سان ٻانهن مٿي ڪري)

’اِبتد اي عشق هي روتا هي ڪيا، آگي آگي ديکهي هوتا هي ڪيا!‘

ائڪٽر. (سگريٽ دکائي) مان فلمي زندگيءَ مان تنگ ٿي ويو آهيان، ۽ توهين هتي اَئڪٽنگ لڳائي ويٺا آهيو!

شبنم . (هڏڪي ڀري) ۽ ا ُها به بهتر!

ائڪٽر . اِها منهنجي بيعزتي آهي!

شبنم . توهان واڪ آئوٽ ڪري سگهو ٿا، هتي ڪائي شوٽنگ ڪئنسل ڪا نه ٿيندي!

ائڪٽر . (تنگ ٿي) معشوقن جهڙي شڪل بڻائي مون کي دعوت ڏني هيئه، اڄ مسخري پيو ڪرين!

درد . مان جڏهن به پيئندو آهيان، تڏهن مون کي ڪيترا عشق جا غزل خيال ۾ ايندا آهن. اڄڪلهه ته ڪيترا شاعر غزل ۾ به پيا انقلاب انقلاب ڪن - ۽ وري پيئن به ڪو نه! اسين ان ڪري انهن کي ههڙين محفلن ۾ گهرايون ئي ڪو نه.

شبنم . (هوا ۾ ٻانهن ڦهلائي) Stop this rubbish, nonsense!

ائڪٽر . تون جيڪڏهن ائڪٽنگ ڪندين ته مون کي ڊائريڪٽر ٿيڻو پوندو؛ ڇو ته توکي پوري ائڪٽنگ ڪرڻ نٿي اچي.

شبنم . (اکيون چمڪائي) مان ائڪٽر ٿي سگهان ٿو؟

ائڪٽر . مان ٿي سگهان ٿو، تون ٿي نٿو سگهين؟

شبنم. مگر توکي ته پارٽ نٿا ملن.

ائڪٽر. ان ڪري ته ڊائريڪٽر ٿيڻ چاهيان ٿو!

شبنم. پوءِ ڇو نه مان به شروع ۾

ڊائريڪٽر ٿي وڃان!

ائڪٽر . مگر فلم ڪير ڪڍندو؟

شبنم . فلم ڪڍڻ کان اڳ ۾ ڪهاڻي ۽ شعر لکائبا آهن، بعد ۾ ائڪٽر وغيره ڳولبا آهن ... پهرين ڪهاڻيءَ جو فڪر ڪريو.

ائڪٽر . توهان ۾ ڪو ئي ڪهاڻي نويس آهي؟

شبنم . اسان ۾ ڪو ئي ڪونهي. اسان جو ڪهاڻي نويسن سان ڪو رستو به ڪو نهي.

ائڪٽر. ڇو؟

شبنم. ڇو جو گهڻا ليکڪ شراب ڪو نه پيئندا آهن.

ائڪٽر. ٻڌو اٿم، گوبند مالهي مشهور ليکڪ آهي. توهان مان ڪير هن کي سڃاڻي؟

شبنم . اسين ڪو نه سڃاڻونس، پاڻ اسان کي سڃاڻندو آهي.

ائڪٽر . ڪيئن ڀلا؟

شبنم . (جام چاڙهي) ڇو جو هو ڪتابن ۾ لکندو آهي ته ’هو سنڌين

کي شڪل مان سڃاڻي وٺندو آهي‘.

ائڪٽر . مگر اڄڪلهه ته هرڪو سنڌي ميڪ – اپ ۾ رهندو آهي. سنڌي ته اڌ انگريز ٿي ويا آهن!

شبنم . ۽ ان ڪري اهي جلد سڃاڻي سگهبا آهن.

ائڪٽر . ٻڌو اٿم، ڪيرت ٻاٻاڻي به سٺو ليکڪ آهي.

شبنم . ٻڌو ته اسان به آهي. اخبار ۾ سندس فوٽو به ڏٺو اٿئون. خبر نه آهي ته بلاڪ تي پنهنجا پيسا خرچ ڪيا اٿس يا پبلشر جا!

هوش . (چپن تي ٿپڪيون هڻي) بابا، جن سماج – سيوا جو ٺيڪو کنيو آهي، تن سان پنهنجي پوي ڪا نه. اسين لکون ٿا پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ، پيئون ٿا پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ، جيئون ٿا پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ. ٻڌو ڪو نه اَٿوَ، ’جيءُ خوش ته جهان خوش!‘

شبنم . (ڀرون تاڻي) خشڪ ڳالهيون ڪري اسان جي مـُوڊ خراب نه ڪر!  

هوش. (جام چاڙهي) موڊ خراب ٿيڻ مان گهڻيئي فائدا آهن: هڪ ته پيئڻ جو بهانو ملندءِ، ٻيو ته لکڻ جو مصالحو ملندءِ، ٽيو ته پاڻ کي گهرو پيو سمجهندين: مـُوڊ خراب هوندءِ ته ڪوئي تنهنجي نزديڪ نه ايندو، ۽ تون آسانيءَ سان تخيل جي دنيا ۾ پرواز ڪري سگهندين! جيڪڏهن اسان جي مـُوڊ خراب نه ٿئي ته شايد دنيا جي شاعريءَ جي تخليق ئي نه ٿئي.

شبنم . غلط ڳالهه آهي.

هوش . (کِلي) ۽ ان ڪري ٻـُڌڻ جهڙي آهي.

شبنم . ۽ ان ڪري اسين ساهت ۾ ڪامياب نه آهيون.

هوش . اهوپيئڻ جو سٺو بهانو آهي !

شبنم . (خارن مان گلاس پَٽ تي سٽي) شٽ اپ، يو بِلڊي راسڪل! توهان جي انهيءَ فراخدليءَ سبب اسين سماج ۾ بدنام آهيون.

هوش . مون کي غلط سمجهڻ ۾ جيڪڏهن خوشي محسوس ٿو ڪرين ته ڀلي ڪر. تنهنجي حق ۾ منهنجي

فقط هيءَ پرارٿنا آهي ته شل تون هميشه پنهنجن دوستن کي غلط سمجهي خوشي محسوس ڪرين!

(پنج سيڪنڊ خاموشي)

ائڪٽر . ڀلا، هي ٽي شاعر پاڻ کي ايڪسٽرا ٿا سمجهن ڇا؟

هڪ ايڪسٽرا . (اٿي) تون مون کي ايڪسٽرا ٿو سمجهين؟ مان راجڪپور جهڙي ائڪٽنگ ڪري سگهان ٿو! (ڳائي ٿو)

آوارا هون، آوارا هون،... يا گردش ۾ هون آسمان ڪا تارا هون... آوارا هون!

ٻيو ايڪسٽرا (ا ُٿي). مان دليپ ڪمار جهڙي ائڪٽنگ ڪري سگهان ٿو! (جام چاڙهي) لوگ ناٽڪ ڪرتي

هين، منهن پر چونا ملتي هين، راجا بنتي هين، راني بنتي هين، اور پيار ڪي نه معلوم ڪتني ڍونگ رچاتي هين؛ اور ايسا معلوم هوتا هي، جيسي سڀ سچ هي. چندر مـُکي بهي ناٽڪ ڪر رهي هي.... (ڀريل گلي سان) مت روئو، چندر مـُکي، تم تو پاروُ نهين هو!

(ٻئي ويهي ٿا رهن.)

ٽيو ايڪسٽرا. (ائڪٽر ڏانهن منهن ڪري) ثابت ٿي ويو ته اسين ايڪسٽرا نه آهيون!

ائڪٽر. (ٻئي هٿ ٻڌي) هاڻ تون مهرباني ڪري اشوڪ ڪمار جي ائڪٽنگ نه ڪج!

ٽيو ايڪسٽرا . ڇو، توهان کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟

ائڪٽر . مون کي حسد اشوڪ ڪمار سان ٿيندو، توسان ڪو نه ٿيندو.

ٽيو ايڪسٽرا. ’دل ڪي بهلاني ڪو غالب يه خيال اڇا هي!‘

ائڪٽر . (خارن مان) رڳو اڙدو شاعري!

ٽيو ايڪسٽرا . سنڌيءَ ۾ اسان جو قدر ڪٿي؟

ائڪٽر. لکندا ڇا ۾ آهيو؟

ٽيو ايڪسٽرا . لکندا سنڌيءَ ۾، مگر پڙهندا اڙدوءَ ۾ آهيون.

ائڪٽر . مگر توهان جا شعر ته پراوا آهن.

ٽيو ايڪسٽرا . ۽ ان ڪري نڪته چيني نه ٿيندي آهي!

ائڪٽر هتي ته هرڪو حاضر جواب آهي!

ٽيو ايڪسٽرا . (’آداب عرض‘
ڪندي). اوهان جي ذره نوازيءَ لاءِ شڪريو.

(درد نئين بوتل کولي سڀني جي گلاسن ۾ شراب ٿو وجهي.)

درد . (ا ُٿي، جام چاڙهي)

دلِ نادان، تجهي هوا ڪيا هي،

آخر اِس درد ڪي دوا ڪيا هي!

هم هين مشتاق اور وه بيزار،

يا اِلاهي، يه ماجرا ڪيا هي!

جب ڪه تجهه بن نهين ڪوئي موجود،

ڦر يه هنگاما يا خدا ڪيا هي!

مين ني مانا ڪ ڪُڇه نهين، غالب،

مفت هاٿ آئي تو برا ڪيا هي!

سڀ . (ادائن سان) واه واه! آه آه! هاءِ هاءِ! (دروازي تي ٺڪ – ٺڪ جو آواز. درد ويهي ٿو ر هي.)

شبنم . ڪير؟

آواز . پوليس !

(سڀ هراسيل منهن سان گردنون اوچيون ڪري دروازي ڏانهن نظر ڪن ٿا.)

ائڪٽر . (ا ُٿي) مون کي اڳ ۾ ئي ڊپ هو. پٺيان دروازو آهي؟ .... اڙي، هيءُ ڪير!

(چندر . ڊڄو نه، پوليس ڪونهي، مان آهيان. جيڪڏهن پوليس جو ايڏو ڊپ اٿوَ ته اهي ڪم ڪريو ڇو ٿا؟

درد. مگر ائين ڏڪائڻ جو مطلب؟

چندر. (طنز ڀريءَ مـُرڪ سان) مطلب؟اهو تماشو ڇا توهان کي سونهي ٿو؟

شبنم . پاڻ کي سماج جو ٺيڪيدار ٿو سمجهين؟

چندر ڪجهه شرم ڌاريو، ٻين
شاعرن کي بدنام نه ڪريو. هي ته اوڻويهين صديءَ جي شاعرن جا ڪارناما آهن.

شبنم.         Get out, you idiot,       

you shallow idealist! Don’t

poke your dirty nose!

چندر . (ٻئي هٿ ٻڌي) معاف ڪجو، مون توهان جي محفل ۾ دخل ڏنو. مون سوچيو، اڄ جڏهن اديب زندگيءَ جي جدوجهد ۾ سڀ کان اڳيان آهي، تڏهن توهان سماج ۽ سنسار جي ڪلياڻ جو ڪو خيال نه ڪري، زندگيءَ جي ڪشمڪش کان ڀڄي، پنهنجي خوبصورت زندگيءَ سان هڪ ناپاڪ کيل کيلي رهيا آهيو!

شبنم . سماج، سماج، سماج! ڇا ڪيو آهي تنهنجي سماج اسان لاءِ؟ شوڪ کان پڇي ڏس، کيس نوڪري ملي ٿي؟ غم ڀـُلائڻ لاءِ پيئون ٿا، مگر اهو به نٿا سهو!

شوڪ . مگر پيئڻ سان ته غم اڃا به وڌي ٿو. شراب شَڪتي نٿو ڏئي، صرف ٽوڙي ٿو.

شبنم . اهو تنهنجو شخصي رايو آهي.

شوڪ. جيڪو مون ايمانداريءَ سان ڏنو آهي.

شبنم . (ٽهڪ ڏيئي) شراب، ۽

ايمانداري!

چندر . شايد مون هتي اچي غلطي ڪئي آهي!

شبنم .     `Fools rush there, where angles fear to go!’

درد . اها چوڻي شايد هِن درويش شاعر لاءِ ٺهي هئي!

چندر . شايد اهو ٺيڪ آهي. اصل ۾ مون کي هتي اچڻ نه کپندو هو. اڄ جي اديب جو آستان ’ڪميونٽي پروجيڪٽس‘ ۽ ’ڊئمس‘ ۾ آهي،  ديس جي وڪاس جي اڀياس ۽ ساڌنا ۾ آهي، هتي بنهه ڪونهي! (وڃڻ لڳي ٿو.)

شوڪ . (اٿي) ترس، چندر، مان به ٿو هلان. هيءَ زندگي نه، ڀاڄ آهي: پيسي جو زيان، عزت جو زيان، صحت جو زيان، سماجي زندگيءَ جو زيان!  غم کان ڪوڙي نجات حاصل ڪرڻ  لاءِ مِرگهه – ترشنا وارو دوکو آهي. دوکو حسين آهي، مگر ڪلياڻڪاري نه آهي. دک حالتن جي پيدائش آهي، ۽

حالتن سان لڙڻ لاءِ چندر جهڙي

سلجهيل دماغ جي ضرورت آهي. اوهين ڀل غم سهڻ لاءِ ’غلط فهميءَ‘ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندا رهو! (چمپل پائي، چندر سان هليو وڃي ٿو.)

درد. هاڻ ڇا ڪبو؟

شبنم . يار جي غم ۾ وڌيڪ پيئبو! (نئين بوتل کڻي، سڄو گلاس ڀري، چاڙهي، اُٿي، اکيون پوري)- کـُل نهين سڪتي هين اَب آنکهين ميري،

جي مين به ڪِس ڪا تصور آگيا،

مين ني تو ظاهر نه ڪي ٿي دل ڪي بات،

پر ميري نظرون ڪي ڊڀ سي پاگيا.

پي گئي ڪتنون ڪا لوهو تيري ياد،

غم تيرا ڪتني ڪليجي کا گيا!

(ڪري ٿو پوي.)

سڀ . (ڇرڪ ڀري) ڇا ٿيو، ڇا ٿيو؟

شبنم . (هڪ ٻانهن مٿي ڪري، زور سان) غم رها، جب تڪ ڪ دم ۾ دم ۾ دم رها! (ٻانهن هيٺ ڪري، ڪنڌ لوڏي، مٿي تي ڌڪ هڻي)...

دم ڪي جاني ڪا نهايت غم رها

]پردو ڪري ٿو[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com