سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1959ع

مضمون

صفحو :3

ڪافيون

مصري شاهه

بِرهه بيرنگ بيحساب، ٿو مَيَن جي مَتِ مـُنجهائي!

جت هڻي نيزا نظارا، ناز ناوڪ نينهن ناب،

ان اثر عيلاج جي طاقت طبيبن ناهه تاب:

کڏ کڻي ڍڀڙا ڍڪائي....

هوش جي ات ناهه حاجت، ٿيون متيون سڀ مهڻي هاب،

عقل ات اوجهو ٿيو، ڪنهن رمز جو وڄيو رباب:

نظر سان نوائي نچائي....

عشق جون آڻيون آڙائي، تت نه هوئي ڪو حجاب،

درد در پردا وڃايا، ڏوهه ٿيا هاڻي ثواب:

ڪفر ايءُ ڪلمو پڙهائي....

جئن بدل بجليون ٿيون ڀڙڪن، تئن لڪيو لاهي نقاب،

سُر صحيح ڄاڻج سو ’مصري‘، منهن مقابل ماهتاب:

منجهه مـُنجهائي مت مـَچائي....

مرزا قليچ بيگ

جَس ُ جوڳيئڙن کي آهي، جي ويڙا توڙ نباهي!

جـُنگ جوان لڏيا لاهوتي، نفي ڪيائون سنڱ ثبوتي،

خاڪ مـَلي ڪيئون انگ ڀڀوتي، ويس وڳا سڀ لاهي؛

- جس جوڳيئڙن کي آهي،...

سفر سنڀريا سورهيه سامي، سانگ سَٽي ٿيا نانگا نامي،

ديسي ٿيا پرديس مقامي، ماڳ مٽيءَ جا ناهي؛

- جس جوڳيئڙن کي آهي، ...

ڪاپڙين جي ڪل نه ڪائي، ڳالهيون تن جون سڀ ڳُجهائي،

واريون ترت وڃڻ جي وائي، سورن سات نباهي؛

- جس جوڳيئڙن کي آهي،....

وس وڏيءَ هئا سامي سيباڻا،  سڃ بيراڳين ڪيا سڀ ڀاڻا،

مارن تن جا محبت ماڻا، ڳاهه اندر دل ڳاهي؛

- جس جوڳيئڙن کي آهي،....

جن جا پنڌ ’قليچ‘ پڇائين، ڳوڙها جن لئه ڳل وهائين،

سي جوڳيئڙا جهد مـَنجهائين قاف رسيا وڃي ڪاهي:

جـَس ُ جوڳيڙن کي آهي، جي ويڙا توڙ نباهي.

مرحوم حافظ شاهه ’حافظ‘ ٽکڙائي

تنهنجي حسن هزارين هزار، لَکين لاچار ڪيا!

نوڪ نينن جئن شهباز شاهي،

جـُنگ جهٽي جهونجهار، نسنگ نروار ڪيا...

سونهن سڄڻ تنهنجي سهسين سِڪايا،

ساز ڪري سينگار، عجب اسرار ڪيا...

طرح طرح جيئن سڀ رنگ سهڻا،

سوز سٽي سي سچار، برهه بيمار ڪيا...

’حافظ شاهه‘ نه پر ڪَوڙين ڪروڙين،

عشق بَڇي آزار، ڀـُڃي بيزار ڪيا...

مخدوم محمد زمان ’ طالب المولا ‘

تو نينَ دِن رَين مان چينَ چايا،

انهيءَ اوٽ اڻموٽَ، ڪئين گهوٽَ گهايا.

 

تنهنجا ناز ۽ انداز آهن باز بحري،

وري وارَ، ڪنڍيدار، ڪن ڪار قهري،

وجهن وَنگ، هڻن ڏنگ، رکن زنگ زهري،

تنهنجين اکين، رب رکين، وڏا راز رايا...

 

من مهڻا، قرب ڪهڻا، سڄڻ سهڻا سرور،

تنهنجو نينهن آهي شينهن رات و ڏينهن رهبر،

مرغوب، مطلوب، محبوب، منور،

سلطان، باشان، تنهنجي در جا دايا...

 

تو جناب، جي شباب، ڪيا ڪباب ڪيئي،

قرب ڪاڙهيا، پرت پاڙهيا، سوز ساڙيا سيئي،

قربان، انسان، ڪن جان جيئي،

دل ريش، درويش، تنهنجي تيش تايا ....

 

حسن شاهه جي نگاهه ڇڏيو چِت چوري،

ٻڌي ٻولي، ٿيس گولي، انهيءَ هڪڙي ٿوري،

غماز، بي نياز، وڌي جند جهوري،

توتان جاني، قرباني، جيڪا ميڙيم مايا ....

 

ٿيا پير ۽ فقير، دلگير، دلبر،

مخدوم، محڪوم، ڪيا عشق انور،

آفتاب، ماهتاب، بيتاب اختر،

تنهنجي سونهن جي ورونهن، اهي نت نايا ....

 

عشق امام جا سلام، ۽ ٻيا پيام ڏيندا،

سڀ غم ۽ وهم سي ڀسم ٿيندا،

’طالب مولا‘ جهڪون جهولا، ڏک ڏولا ويندا،

اڱڻ ايندا، بخشيندا، ٿيندا لايا سجايا ....

ميران محمد شاهه ’مير‘

بند ۾ آهيون اسين باندي بيوس، اوهين اڙانگا ڇو نه اَوَس، ميان!

سنگدل دلبر، دائم نه رهندين، ناز ۽ نخرا نيٺ نه نيندين،

ڪوري ڪڍي ڇڏ ڪينو ۽ ڪس، ميان ...

 

’ڪل نفس‘ لئه ’ذائقـة الموت‘، هرڪو ٿيندو فاني ۽ فوت،

باريءَ ۾ رهندو نالو، ٻيو بس، ميان ....

 

ناز اِيهو نِت ڪم ڪين ايندءِ، اجل اڙانگو آڏو ايندءِ،

آب عينن مان وهندو ڪري گَس، ميان ...

 

حسن تنهنجي جو گلشن شادان، هر گل خندان، هر گل فرحان،

ڀل پئي ماڻي مـُکڙيون مگس، ميان ....

 

’ميران شاهه‘ جون مولا مرادون، سهسين اميدون تو ۾ آسون،

رانجهن جو ٿئي شل ڪو رس، ميان ....

محمد خان ’غني‘

اسان کي ڇڏيو آهه اُت نينهن نيئي،

جتي پاڻ کي پنهنجي ڪل ڪا نه پيئي!

ازل کان انهيءَ ساڻ جي نينهن ناتا،

لکي لوحه قلم، پيچ پختا جي پاتا،

نباهي نياسون سڄڻ ساڻ سيئي.

 

وجهي پير پِڙ ۾ نه موٽڻ مناسب،

چڙهي دست دلبر جي وارڻ نه واجب:

سڄڻ ڪئي سا سوگهي، وسان دل جا ويئي.

 

ادب ساڻ آزي، ڪري زور زاري،

اسان جِي ٻڌائج اُتي انتظاري،

ڪري قرب، ڪانگلَ، پرين جي پڇيئي.

 

هئڻ هوڏ هستي وساري ڇڏياسون،

پرين، تنهنجي پيرن پناهي پياسون،

ننگي! ننگ آهي مڙيئي مٿيئي.

چوان حرف هڪڙو اهو عيب آهي،

سڄڻ ساڻ سينو ڀلا ڪير ساهي؟

ميارون، مٺا محب، مون ڏي مڙيئي!

 

ڪڪوريون ڪري قرب مون سان ملائين،

اسان کان اکيون يا جي حاڪم هٽائين:

ٻنهي صورتن ۾ ڪرين قهر ڪيئي.

 

جي پنهنجو، پيارا، ڪري تون نه ڄاڻين،

لکيو لوح سو جي نه صاحب سڃاڻين،

اسين تنهنجي نالي جا نوڪر اُهيئي.

 

لياڪا لڪيون تون جي پلپل ٿو پائين،

سندم دوست، دل تي ٿو وڄڙيون وسائين:

هزارين هَلائون مان سهندس سڀيئي.

 

ڪـُنڍيون ڪارڙيون جي اکيون تون اُٿارين،

ته باشا بڇيو ڪر ٿو بحري بيهارين:

بنا موت مارين ’غنيءَ‘ کي اُتيئي.

حافظ محمد احسن، ’احسن‘

ڪر ڪا ڀلائي ڀال، وي ميان، آءٌ اڱڻ ۾ پير ڀري، الا!

دم دم توکي ساهه سنڀاري، دلبر ويٺين ڪيئن تون وساري،

ڪا نه لڌيئه ڪا سنڀال، وي ميان، مفت مسافر پيو ٿو مري، الا ....

 

واڳ وصل جي وار الـﮧ لڳ، قول پرين سڀ پار آلـﮧ لڳ،

نام خدا مڃ سوال، وي ميان، پلڪ نه ٿي مون کان يار پري، الا ....

عشق اندر ۾ آڳ آلائي، تنهنجي جدائي جان جلائي،

هاڻي جيئڻ ٿيو جنجال، وي ميان، توکان سوا ساعت ڪيئن سري، الا ....

 

لنؤن لنؤن ۾ ٿم تنهنجي لوري، جان جدائيءَ تنهنجي جهوري،

هيڻا ٿيا ٿم حال، وي ميان، برهه بدن ۾ باهه ٻري، الا ....

 

ڪوڙين تو لئه ڪانگ اُڏاريان، نيڻ کڻي پيو توڏي نهاريان،

جـَر ُ ته وهايان جال، وي ميان، ياد ڪري ڳالهيون دل ٿي ڳري، الا ....

 

سال لنگهي ويا سڪ ۾ دلبر، ’احسن‘ تي ڪو ڀال ڀلا ڪر،

آءٌ ننگي ننگ پال، وي ميان، خاص سڄڻ شفقت ڪا ڪري، الا ....

 

حسين بخش ’خادم‘

اکڙيون رت ر ُئن، مـُٺيون ماٺ نه ڪن،

ڏُکيون سڏڪا ڀرن – ايندين ڪڏهن پرين!

نڪي ڪـُڇن پُڇن، ڪنهن کي ڪين چوَن،

پنهنجيءَ پَرِ ۾ پچن – ايندين ڪڏهن پرين!

مـُنهنجي پين مَتيون، سـُک ڪين سـتيون،

تارن منجهه کُتيون، لـَڙيا ٽيڙو ڪـَتيون،

آهن صاف سـَتيون، تو ۾ اٿن پـَتيون،

راهون روز ڏسن،.... ايندين ڪڏهن پرين!

ڪنهين قرب ڪُٺيون، موهه تنهنجي مُٺيون،

اوهيرن جيئن اُٺيون، اهڙيون اڳ نه ڏٺيون،

جڳ جون جام جُٺتيون، سڀئي سر تي سَٺيون،

مهڻا مر پيا ملن،... ايندين ڪڏهن پرين!

راتو ڏينهن ڏُکيون، ساعت ڪين سـُکيون،

جانب جيءَ جـُکيون، ڪيون برهه بُکيون،

مٺڙا منهنجون اکيون، تنهنجي قرب ڪَکيون،

ٻئي وهاٽيون وتن،... ايندين ڪڏهن پرين!

اڌما روز اچن، دونهان درد دُکن،

باهيون برهه ٻرن، محبت مچ مچن،

’خادم‘ ماريو اکين، بيوس ڪين بيهن،

لَڙيو لڙڪ پون،... ايندين ڪڏهن پرين!

 

مير محمد جويو، ’ميرل‘

وچ فِراقان ڦـُٽندي سَلي، عشق اندر هِن انگور ڪيتي؛

چشمان دلڙيان چاڪ ڪيتيان، عاشق گهائل گهور ڪيتي؛

اياز سڏا ڪر عاجز ڪيتا، محمود لَکين مجبور ڪيتي؛

ليلا دي وچ آپ لـُڪا ڪر، مجنون دي مذڪور ڪيتي؛

پوش پنهل دا پاڪر پيارل، سسئي دي دل سور ڪيتي؛

ميهر دي وچ مام مِلا ڪر، سهڻي درياه عبور ڪيتي؛

رانجهن بن ڪر هيِر بنا ڪر، زهر ڏيوڻ دي ظهور ڪيتي؛

يوسف دا ول ويس جو پاڪر، چاڪ زليخا چور ڪيتي؛

’اَناالحق‘ دا مارڪي نعرا، سـولي سر منظور ڪيتي؛

جنهن ڪون ميخ مجاز مريندا، نينهن اُهيِن ناسور ڪيتي؛

ماهي نام سڏا ڪر سهڻل، ’ميرل‘ جهڙي مخمور ڪيتي!

پير محمد ’پياسي‘

روز نهاري جنهن لئه اکڙيون ٿاڪ ڏسِي ٿَڪيون، وي،

سر جو سڄڻ سو آيو، ڏنيون فيض سنديون جنهن ڦـَڪيون، وي.

 

سهڻا سدائين توکي ساريان، دم دم ساريان، ڪين وساريان-

لالن تنهنجي لوهه لڳي مون ڏوريا ڏونگر لـَڪيون، وي.

جيڏيون ڪيئي جوش جلايون، ڪي رب محبن ساڻ ملايون –

ويٺي ويٺي ويرم هڪ ۾ وِ رهه اندر سڀ وِڪيون، وي.

سڪ ۾ سڪيو روز سڙان ٿي، سـُورَ سبق مان روز پڙهان ٿي-

سـُورَ سٽون سڀ پرت منجهان مون پاڻ ڪيون آهن. پـَڪيون، وي.

’پياسي‘ پلپل يار پـُڪاريان، ڏينهن ڏکن جا ويٺي گهاريان –

روئي تو لئه، دلبر، نهاري راهون سڀ مون تـَڪيون، وي.

نياز علي شاهه ’محسن‘

ٻانهپ جي آ منهنجي ٻولي، الا، گولي مان ته ذات جتن جي!

ڪيچي قهر ڪري ويا، آهي وڏي منهنجي جهولي – الا، ...

آهي ڏک ته اِهو رڳو، ڇو نه اڳي مون اک کولي – الا، ....

گهر کان بي گهر عشق ڪيو، نينهن نماڻِي اڄ رولي – الا،....

الله شال سکي هجي، جانب جتن جي نِت ٽولي – الا، ....

’محسن‘، ڄمندي سان ڏني، ماءُ ڏکن جي مون کي لولي – الا، ....

احمد خان ’آصف‘

مون ۾ عيب اپار، لا، ڪهل ڪندو شل ڪيچ جو والي؟

خاص کٽياڻي آهيان اديون، سينو ڪهڙو ساهيان اديون،

پڌرا اٿم پرڪار، لا، .... ڪهل ڪندو شل ڪيچ جو والي.

ڏيرن کي ڇو ڏوهه ڏيان مان، هوشياري ها پاڻ ڪيان مان،

مون ڏي ڪـُل ٿي ميار، لا،.... ڪهل ڪندو شل ڪيچ جو والي.

منهنجن ڀاڳن ڪين ڀڙايو، ڪرمن منهنجن ڪين ڪمايو،

سور سهڻ پيا هزار، لا،.... ڪهل ڪندو شل ڪيچ جو والي.

ڏيئي ڀنڀور کي ڀينر باهيون، لنگهنديس ’آصف‘ چاڙهيون لاهيون،

ووڙينديس وڻڪار، لا،.... ڪهل ڪندو شل ڪيچ جو والي.

علي بخش ”رضا“

ڏٺي ڏينهن ٿيام، مِٺن ماروئڙن کي!

راتو ڏينهان جيءَ ۾، جوشن جاڙ ڪيام ...

بنا جانب، جيڏيون، ڪاري ٿيم قيام....

وينديس، رهنديس ڪينڪي، اهڙو اٿم انجام ....

دوست پرين، تنهنجي ’رضا‘ پيو ٿَئي سام ....

وايون

مخدوم محمد زمان ’طالب المولا‘

سنڀري سنڀري لاءِ، سمجهي سمجهي لاءِ، يار،

وک وڌائي، وچ تان پير نه پٺتي پاءِ – يار،

ماڳ جتي محبوب جو، اک اُتي اٽڪاءِ – يار،

پروانو ٿي پِڙ ، پيچ پرين سان پاءِ – يار،

حال حـُسيني هٿ ڪري، حـُر ٿي حڪم هلاءِ- يار،

’طالب مولا‘ مرد ٿي، وارو پنهنجو وڄاءِ- يار،

نازڪ ٿَئي ناتو نينهن جو!

نازڪ ٿَئي ناتو نينهن جو....

نازڪ ٿَئي ناتو نينهن جو....

نازڪ ٿَئي ناتو نينهن جو.... نازڪ ٿَئي ناتو نينهن جو....

نازڪ ٿَئي ناتو نينهن جو....

محمد خان ’غني‘

هلي سڄڻ جي هَٽَ، آءُ تان ڀينر ورِهه وَهايون!

راءُ پڇي ٿو روڪڙ، ميان، ڪين وٺي ڪجهه گهٽ ......

سر جو سودو آهه سهانگو، ڪو جو اُت ڪو ڪٽ ......

نينهن نغارا نوبت وه وا، روز وڄي واڄٽ ......

ڏسندي ڏسندي سهڻي صورت، قلب مٿان لهي ڪٽ ......

رڙهي ڏسو سڀ رانجهن منهنجو، جنهن جو ناهي مَٽ ......

قهري ڪان ُ ڪري جت ڪڙڪا، سورن جو سو سٽ ......

گيرب گهرجي ڪو نه ’غني‘ ٿو، هلج ڪري جهٽ پٽ  ......

عبدالجبار ’شام‘

(1)

ويندڙ آءٌ وري، تو لئه آهن اکڙيون اُڃايون!

ههڙيءَ مـُند ۾ هيڪلي، ويندي مـُنڌ مري  ......

ور ُ، پکيئڙا، پرديس نه وڄ، اَٿئي ذوق ذري  ......

ڪڪر ڪارونڀار ڏسي، پيم نيڻ ٺري  ......

موسم مَن ُ موهيو آهي، ويئي ڄَرَ ڄري  ......

توکي پـُڪاريان ٿي پِرين، مون کي ڪين سري  ......

(2)

تن ته تپايو تار، يار عطائي آيو!

وناڻي  ويجهو ٿي، ويڇا سڀ وسار  ......

سِرَ سندو سودو ٿيو، ٻي ڪا پِرت پچار؟ ......

نينهن نوايو آهيان، برهه آيو بار  ......

چارڻ چوريو چنگ کي، هيج منجهان هِڪوار  ......

اندر وڍجي اڌ ٿيو، سچن آهي سنڀار  ......

اوڏو، ’عبدالجبار‘ چئي، دوست ٿيو دلدار ......

(3)

سانجهي ٿي، تون سنڀار، اڏر پکيئڙا پنهنجي ويڙهي!

آکيرو جِت تنهنجو آهي، غير ڪيو ا ُت وار  ......

پَکَ تون پکيئڙا ڇو ٿو پڇاڙين، برهه جو آيو بار  ......

تو لئه سڀڪي سوکو آهي، غافل ڪين گذار  ......

ويڙههَ پکيئڙا تنهنجا وسندا، تون ڪو ٻوٽو ٻار  ......

نينهن ڪيو آ توکي نرالو، نينهن مٿان ٿي نثار  ......

احمد خان ’آصف‘

ووڙ، وندر کي ووڙ، ور ريءَ ويهه ۾ ويسلي!

ماڙيون محل ڦٽا ڪري، خيما بر ۾ کوڙ ......

ڪاهي هل تون ڪيچ ڏي، مِٽن کان منهن موڙ ......

ڏيرن توڙي ڏاڍ ڪيو، تون ته نباهج توڙ  ......

ا ُٺڙا آريءَ ڄام جا، ٻانهي ٿي ٻَڌ ڇوڙ ......

’آصف‘ آريءَ ڄام لئه، جايون جيءَ ۾ جوڙ ......

گيت

شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘

بڻڇي سندءِ پـُڪار، پپيها، بڻڇي سندءِ پڪار!

تنهنجيءَ لـَي ۾ خنجر آهن، تنهنجا گانا نشتر آهن،

تنهنجي ڪـُوڪ ڪٽار، - پپيها، بڻڇي سندءِ پڪار.

سال ٿيا ساجن کي آئي، ور ور ڏيئي ياد ستائي،

پِي پِي تنهنجي تنوار، - پپيها، بڻڇي سندءِ پڪار،

رات جُهڙالي، بجلي چمڪي، ڌڪ – ڌڪ – ڌڪ دل منهنجي ڌمڪي،

من ۾ مَچَ هزار، - پپيها، بڻڇي سندءِ پڪار.

گو ورڌن محبوباڻي

ساوڻ ۽ وڇوڙو

آيون ساوڻ جون برساتيون –

هاءِ، سهيلي! آءٌ اڪيلي، ڪئن ڪاٽينديس ڪاريون راتيون؟...

اُڏندا لـُڏندا بادل آيا-

ڪارن ڪارن، ڪاجل وارن نيڻن ڪيڙا وس جا سعيا!...

ٽهڪ ڏين ٿا بادل ڪارا –

ٿي ويڳاڻي، پريت نماڻي، هاءِ ڀري ويٺي شوڪارا!...

کِلندي ٽِلندي بجلي آئي –

منهنجي مَنَ ۾، منهنجي تَنَ ۾، هاءِ، وڇوڙي آڳ لڳائِي!...

رم جهم رم جهم بوندون برسيون –

عاجز آهـُون، دردي دانهون، سِسڪيـُون سيِني منجهه نه ترسيون!...

جهولن پييون ڀِنل هوائون –

ماريو چاهت، رهِي نه راحت، لب تي آيون سرد صدائون!...

سجَ ڪڪرن مان جهاتِي پاتِي –

ڪئي اچانڪ دل دڪ – دڪ – دڪ، هِنيون ٻـُڏو ۽ ڌڙڪِي ڇاتِي!...

اِندر – ڌَنـُشَ ست رنگ پَسايا –

ساري ساري، واٽ نهاري، آخر آس به لڙڪ وهايا!...

وڇڙي بادل د ُور اڏاڻا –

سمِندي سمِندي، ٽِمندي ٽِمندي، وري کـُلِي پيا زخم پراڻا!...

]اِندر – ڌنش = اِنڊلٺ[

’نياز‘ همايوني

وَهِي ڀَتر – وَل جان ڦـُلاري –

لونءَ لونءَ پنهنجي ڪانڊاري-

ٽانڊاڻي جان آس، اَلا،

اُڌمن اُڻ تـُڻ لاتي، هوءِ،

ڪيئن ڪري اڻڄاڻ وِچاري،

چانڊوڪيءَ تي وِير، جيئن

دل ٿي چاهي، تيئن ڪوئي

سرس ٿئي سڪ هيڪاري-

پيار جي مٺڙي هِير گهُلي،

هيج وَسايون وستيون، الا،

وسئِن ورونهن ٿي چوڌاري-

ويرانن جو واٽهڙو،

مينهوڳي جي مند ڏسي،

ڦاسي ويو هت هاسيڪاري –

وِيچارن جي وَهڪ هلي،

ڌڙڪي ٿي دل بيد جان،

لوڪ لغو، پريت پيچاري-

 

پوٽ وانگي نينهن آيو.

ڄڻ ته ڳڙي سان مينهن آيو.

چمڪِي دل جي واهڻ ۾؛

باهه لڳي ڄڻ باهڻ ۾؛

پوپت وانگي نينهن آيو!

چڙهي چڙهي ۽ چـُور ٿئي،

اوري اچي ۽ ڏور ٿئي؛

پوپٽ وانگي نينهن آيو.

کِڙيون مرادن جون مُکڙيون؛

مـُرڪيون ماڻڪ جان اکڙيون؛

پوپٽ وانگي نينهن آيو.

چاتر وانگي چِت چريو؛

پوڍائي جان پار وريو؛

پوپٽ وانگي نينهن آيو.

ڪِڻس وٺي نه قرارن کي

لهس اچي نه لغارن کي؛

پوپٽ وانگي نينهن آيو.

نارايڻ ’شام‘

آڻ مڃي، پوءِ جهڳڙو ڇا جو ؟

هاڻ ته مَڃ ُ، ا ُٿ، مان ُ، مِٺِي!

 

منهنجو آهي ڏوهه سڄوئي،

توڏي آهي حرف نه ڪوئي،

هاڻ ته مـَڃ ُ، ا ُٿ ماڻ مِٺِي!

 

ر ُسڻ اِئين ڪو سونهي ٿو ڇا؟

ڪو ڏسندو، ٻڌندو، چوندو ڇا؟

منهنجون منٿون، تنهنجي ڇڏ ڇڏ!

 

ڇو هيئن مون کان پري پري ٿين؟

سڪ جي تند ڇِنڻ ٿي چاهين؟

آءُ، گلي مِل، دل سان دل گڏ!

 

وري حياتيءَ ۾ هيئن، مٺڙي،

مِلي گهڙي جا، ر ُسندي نبري،

رسڻ ڇڏي سڪ مان ته وري سڏ!

ڇڏ، آڻ مڃي، پوءِ جهڳڙو ڇا جو؟

 

ڏوهه ته پنهنجو پاڻ مڃان ٿو،

ڏوهه نه توکي ڪو به ڏيان ٿو:

ڇڏ، آڻ مڃي پوءِ جهڳڙو ڇا جو؟

 

ر ُسبو آهي پرچڻ جي لئه؛

آهه ڪبو ضد سرچڻ جي لئه:

آڻ مڃي، پوءِ جهڳڙو ڇا جو

 

ڏسيِنم ايندو، جهٽ منهن موڙين!

جي نه، ڀلا پوءِ ڇو ٿي ٽوڙين؟

آڻ مڃي، پوءِ جهڳڙو ڇا جو؟

 

ڪڏهن الائي گڏجڻ ٿيندو،

اِهو خيال ئي ڏک پيو ڏيندو؛

آڻ مڃي، پوءِ جهڳڙو ڇا جو؟

]شيخ ’دراز‘ جي نظم – ”آڻ مِڃي پوءِ جهڳڙو ڇا جو“ کان متاثر ٿي لکيل[

عبدالڪريم ’گدائي‘

وڇڙيل ونيءَ جا ورلاپ

سانوڻ آيو، ساجن، آيا بادل ۽ برساتيون،

نبرن ڪين ولهيءَ جون، وارثَ، مينهوڳيءَ جون راتيون!

ٻاٽ انڌيري رات ڀِنيءَ ۾ وڇڙيل واٽ نهاري،

کنوڻ کنوي ٿي، گوڙ گگن ۾ ڇرڪائي ٿو ڇاتيون.

دور انڌيري ۾ واجهايان، سَکڻو گهر ٿو کائي،

درد ڀريون ڪوئل جون دانهون، ڪان هڻن ٿيون ڪاتيون.

سيج سـُڃيءَ تي آءٌ ڏهاڳڻ پاسا ٿي اٿلايان،

سڀڪا پنهنجي وَرَ سان پيئي ڀيڙي ڀاڪر پاتيون.

پيار محبت واريون ميخون اهڙيون ڪي اٽڪايئه،

نڪري ڪين سگهن ٿيون، ساجن، تو جي جيءَ ۾ لاتيون.

تريو اچن دم دم ۾ دل تي، پل پل پـُور پچايان،

ياد ڪري سي مٺڙيون مٺڙيون رات سهاڳ جون باتيون.

سنهڙين سنهڙين بوندن بڻجي چڻگون جسم جلايو،

لڱ لڱ کي ٿيون باهه لڳائن ٿڌڙيون ٿڌڙيون راتيون.

جيڏيون سرتيون کِلي کِلي ٿيون مهڻا مارِن تنهنجا،

ڪير سهي ها سـُهما، پر سڀ برهه سڻايون باتيون.

هـُنن ڪئي پالوٽ پَٽن، هِن منهنجا پاند پـُسايا،

ڪڪرن جون برساتيون هـُت، هِت نيڻن جون برساتيون.

لعنت آهه لڳيءَ کي، لالن، ڏوهه ڏيان مان ڪنهن کي؟

پنهنجي پنهنجي    قسمت، ساجن،  بخت جون آهن باتيون!

دير نه ڪر دلدار الله لڳ، آءٌ د ُکيءَ جي ديري،

محبَ، ملڻ جي خاطر آهن اکيون ڏاڍيون آتيون.

ڪَن ُ کڙڪي تي آهي سائين، ديد ’گدائي‘ در ۾،

وڇڙيل ٿي واجهائي وارث، جهٽ جهٽ پائي جهاتيون!

سراج

ياد ته هوندءِ ....

مـُرڪ اُها جا ورهيه پراڻي،

پنهنجي چپن تي کولين ڇو ٿي؟

منهنجي منهن ۾ هر هر، جاني،

پنهنجو پاڻ کي ڳولين ڇو ٿي؟

 ياد ته هوندءِ....

پريت ڇني، تو ناتو ٽـُوڙي،

مون کان هو ڪيئن پلئُه ڇڏايو!

منهنجي اکين جي هن ساگر ۾

هاڻ ته ڪو به ڪنارو ناهي،

پوءِ ڀلا هي تنهنجي اکين ۾

طوفانن جو اشارو ڇا هي؟

ياد ته هوندءِ....

نينهن نهوڙي، تو منهن موڙي،

مون کان هو ڪيئن پلئه ڇڏايو!

ا ُڀ ۾ ڪارا بادل ڏسندي،

وارن کي هي کولڻ ڇا جو؟

چپڙا چوري، مـُرڪ سجائي،

اِنڊلٺ کي هي ڳولڻ ڇا جو؟

   ياد ته هوندءِ....

مـُرڪ کسي، تو دل کي ٽوڙي،

مون کان هو ڪيئن پلئه ڇڏايو!

چنڊ به هاڻي، دل جو ويري،

داغ پرائڻ ٿو سيکاري!

گهاوَ پراڻا ناسور بڻيا-

هاءِ، سي منظر ساري ساري!

ياد ته هوندءِ....

گهُنڊ وجهي، تو چپ ڀڪوڙي،

مون کان هو ڪيئن پلئه ڇڏايو؟

سروپچندر ’شاد‘

آءُ ته پريتم گيت سڻايان

مٺڙا مٺڙا، پيارا پيارا، آءُ ته پريتم گيت سڻايا!

منهنجن گيتن جا پوڄاري،

مـُنهنجن گيتن جي درياءَ جي

جيوَن جا هنج، سينو تاڻي،

مُنهنجن گيتن تي، او سائين،

 

گيتن جي مان ڌوم مچايان،

منهنجن گيتن سان جي تنهنجي

سنجها وانگي، تُنهنجين ويران

وڇڙيل، ڀٽڪيل، رُليل، حيران،

پوءِ ته جيڪر، مٺڙا سائين،

 

توکي ريجهايان، پاڻ ڀـُلايان!

منهنجي پيار جي هنج ۾، تنهنجي

تنهنجي دل جي ويرانين جا

منهنجي پيار جي لـُڙڪن سان جي

پوءِ ته نِت نِت، جت ڪٿ، سائين،

 

جڳ کي باغ بهار بنايان!

تنهنجي مَکڻ جان نرم، آڇي دل،

تنهنجي چپن جي پياري پياري

مـُرڪ جو مٺڙو مٺڙو ڪنول جي

ڇو ٿو هيئن مايوس گذارين؟

 

جڳ جا سارا غم سهسايان!

سـُندرتا ۽ ا ُلفت آهن؛

لهوارين ڇولين تي چڙهندي،

ڇولين سان پيا سينو ساهِن؛

جوڀن گهورڙيو ايئن وڃي ٿو،

چپڙن تي جيئن پيالو، سائين!

...آءُ ته پريتم گيت سـُڻايان.

غم جا داغ وڃن سڀ ڌوپي؛

اکڙين جي آکيري ۾ جي.

اچي پکيئڙو ننڊ جو موٽِي،

ارمانن کي گيت بڻائي،

اُلفت جو سنگيت سـُڻائي،

...آءُ ته پريتم گيت سـُڻايان.

پائي شفا بيمار جواني؛

ماٺ، اداس ۽ حيران ديپڪ،

روشن بڻجي چمڪن، جاني،

تنهنجي جوانيءَ کي نغمن جان

پيار جي چپڙن تي جهونگاري،

...آءُ ته پريتم گيت سـُڻايان.

نٿي سهي جي تاءُ به غم جو؛

پاڻيءَ جي سيني ۾ ترندڙ

نٿو سهي، بس، گهاءُ به غم جو،

حڪم ته ڏي، غمگين به هوندي،

تنهنجا ئي ڇو، مٺڙا سائين،

...آءُ ته پريتم گيت سـُڻايان.

(2)

اَلا، تنهنجي اک!

ماري ويئي مون کي، اَلا، تنهنجي اَک!

اکڙيون اڄ اشڪن کي لوڏيو ٿيون لوڏِن،

سـُور الاجي ساهه کي ڇو ٿا آئڙن؟

عجب آه، اُڏام کي ڄاوا آهن پَک!

- ماري ويئي مون کي، الا، تنهنجي اک!

ڳائِن منهنجا گيت ٿا ڏيهه ڏکئي جا ڏک،

ڪڏهين اُلڪن کان، اڙي، آجي ٿيندي بک؟

ڪڏهين پرچي پاڻ ۾ ويندا ڪَک ۽ لَک؟

- ماري ويئي مون کي، الا، تنهنجي اک!

تو بِن منهنجا، او مٺي، ڳوڙها ڳاڙن گيت،

منهنجي جيت هار آ تو بن، اڙي پريت!

تو لئه منهنجي ماندي آهي اڄ پرک؛

- ماري ويئي مون کي، الا، تنهنجي اک!

مون کي وري به پيار اکين جو انب – رس،

ڀلي پوءِ سـُور ڏي، ڀلي دل به کَس؛

مون تي تنهنجا، او مٺي، ٿيندا ٿورا لک!

- ماري ويئي مون کي، الا، تنهنجي اک!

]هڪ ٿري زنانو لوڪ گيت[

لوڪ گيت

م . ع . ڏيپلائي

تياري

]هن گيت جو پس منظر هي آهي ته ٻن ڀائرن شاديون ڪيون آهن، ۽ ٻنهي ڀاڀين کي اميد آهي؛ انهيءَ خوشيءَ ۾ هو پنهنجي حال آهر پنهنجي پنهنجي پسنديءَ موجب ڪپڙا ۽ سامان آڻين ٿا، ۽ ٻنهي کي پسنديءَ موجب پٽ ڄمن ٿا.[

ڪيهو وِيرو ڍَريو ري ڍاٽ نا؟

 

موڀي وِيرو ڍريو ري ڍاٽ نا!

گـُجر مومل اوڍي ري رات نا

اڇي ري چُنڙي!

 

ڪيهو ويرو لائيو ري ٻانڌڻا؟

نِنڍ ڪيو ويرو لائيو ري ٻانڌڻا؛

ننڍڪي ڀاڀل اوڍي ري  ٻانڌڻا.

..... اڇي ري چَنڙي!

 

موڀي ويرو لائيو کوڙا کنج؛

وڏي ڀاڀل پهري ري کوڙا کنج.

 

نِنڍڪيو ويرو لائيو سِرڪ سوڙ؛

ننڍڪي ڀاڀل اوڍي ري سرڪ سوڙ.

.... اڇي ري چنڙي!

 

موڀي وِيرو هلي ماٺيڻو؛

ننِڍڪيو ويرو هلي موڙان موڙ.

وڏي ڀاڀل هلي گهونگهٽين،

ننڍڪي ڀاڀل هلي موڙان موڙ.

.... اڇي ري چنڙي!

 

وڏي ڀاڀل ڄايو گِيگلو؛

 

ننڍيءَ ڀاڀل ڄايو آسڻ ٻير!

.... اڇي ري چنڙي!

هو ڪهڙو ڀاءُ شهر مان موٽِي، ڀِٽ تان لهِي

ڏهر ۾ اچي پهتو آهي؟

اهو ته وڏو ڀاءُ اچي ڏهر ۾ لٿو آهي!

هاڻي رات جو گـُجر مومل (ڀاڀي) ضرور ڍڪيندي،

سفيد ساڙهي!

 

ڀلا ڪهڙي ڀاءُ ٻانڌڻو (چنيءَ جو قسم) آندو آهي؟

ٻانڌڻو ننڍي ڀاءُ آندو آهي؛

ننڍي ڀاڀي ٻانڌڻو اوڍيندي.

.... سفيد ساڙهي! ]وراڻِي[

 

وڏي ڀاءُ ٺونٺين کان مٿي پائڻ وارا چوڙا آندا؛

ان ڪري وڏي ڀاڀي سندس کنجن (ٺونٺ کان مٿي ٻانهن جي حصن) تي چوڙا پائيندي.

ننڍي ڀاءُ ريشمي سوڙ آندي؛

جنهنڪري ننڍي ڀاڀي ريشمي سوڙ اوڍيندي.

.... سفيد ساڙهي!

 

وڏو ڀاءُ گنڀير هلي ٿو؛

ننڍو ڀاءُ شرمندو ٿيندو هلي ٿو.

وڏي ڀاڀي فخر مان گهونگهٽ ڪڍي ٿي هلي؛

ننڍي ڀاڀي شرم کان پاسو ڪندي ٿي هلي.

.... سفيد ساڙهي!

 

(آخرڪار) وڏيءَ ڀاڀيءَ گيدوڙي جهڙو سفيد پٽ ڄائو؛

۽ ننڍيءَ ڀاڀيءَ وڏي ڳاڙهي ٻير جهڙو پٽ ڄائو!

.... سفيد ساڙهي!

نظم

گوورڌن محبوباڻي

هاريءَ جي نينگري

کيتن ۾ ڇانيو ڄڻ خمار، سنَگن سر ڌوڻيا بار بار!

باغن ۾ ڄڻ آئي بهار –

جڏهن لڏندي، لمندي، ٽلندي،

وروڪڙ پيچري تان کلندي،

هلندي، پيهي تائين پهتي،

البيلي نينگر هاريءَ جي!

ڪجهه ڪڻڪ رنگي، سهڻي سڊول،

لب لال لال، گويا گلاب،

نانگڻ جهڙي چنچل چوٽي،

آزاد مـُرڪ، ڄڻ چانڊوڪي،

 

هڪ هٿ ۾ ڍوڍو، ساڳَ ذرو،

ڪَڇ ۾ ڪا ٻڪري يا وڇڙو،

بيچين اکيون مچڪائيندي،

بيخوف اچي ٿي ڳائيندي،

 

کيتن جي رکوالڻ بڻجي،

زم سان ڦيرائي کانڀاڻي،

چوليءَ هيٺان ا ُڀريل ڇاتِي،

ڄڻ چيِري بادل برساتي،

 

هوءَ شرميلي، ڀولِي ڀالِي،

ڪڏهين ڦـُولن سان جهول ڀري،

تَنَ تي  جوڀن، من ۾ ا ُمنگ،

بيتاب خواهش جا پتنگ،

 

آهٽ پائي رس – لوڀين جِي،

سيني ڏي پوتِي سرڪائي،

ڪجهه خوف سبب ٿِي دل ڌڙڪي،

رخسارن مان لالِي ڇلڪي،

 

هوءَ نچندي ٽپندي ساوڻ ۾،

سارنگ جا ڀبلا ساز سـُڻِي،

پر ڪڏهين پريتم ياد ڪري،

هوءَ لڙڪن سان ٿِي نيڻ ڀري،

 

ڇا ڳوٺاڻن ۾ سونهن نه آ؟

ڇا مزدورن ۾ پيار نه آ؟

اکڙيون ۽ ٻانهون گول گول؛

نظرن پيتو آ ڄڻ شراب؛

لهرن وانگر لڏندڙ پوتي؛

بيڌڙڪ ٽهڪ، ڄڻ آبشار!

- سنگن سر ڌوڻيا بار بار ....

۽ ٻئي ۾ ڇاڇَ ڀريو لوٽو؛

۽ سر تي بارُ ڀريل مَٽ جو:

مضبوط ڪمر لچڪائيندي،

ڄڻ ڇيڙي ڪنهن ڪومل ستار!

- سنگن سر ڌوڻيا بار بار ....

آڻي ٿي جهول گـُليلن جي؛

هوءَ پگهري ٿِي پاڻي پاڻي:

آلِي ٿي پائـِي ٿِي جهاتِي،

وَٽَ کائي ٿي وڄ بيقرار!

- سنگن سر ڌوڻيا بار بار....

ڏس، لائي مينديءَ جِي لالي،

ٿي هار ڪري، سينگار ڪري:

ڏسندي آشا جا عجب رنگ،

آيا اُڏري ڀونرا اَپار!

- سنگن سر ڌوڻيا بار بار ....

هوءَ چنچل هرڻيءَ جان ڇِرڪِي،

ٿي نرم چپن کي چڪ پائي:

ڪجهه فخر وچان ٿي اک ڦڙڪي،

ڊوڙي بجليءَ جي تيز ڌار!

- سنگن سر ڌوڻيا بار بار ....

پهچي ٿي گانيـُن جي ڌڻ ۾؛

ٿِي ناچ نچي ڄڻ مـُو ُز بڻِي:

جو وڇڙي ويو پرديس پري،

جن ۾ آ سانڊيل انتظار!

- سنگن سر ڌوڻيا بار بار ....

ڳوٺن ۾ وندر ورونهن نه آ؟

تن ۾ آدرستڪار نه آ؟

-                 آ ڳوٺڻ ۾ انسانيت،

مسڪين دلين ۾ ڀِي چاهت،

تن کي نه ملي ڇو ڪا راحت؟

ٿا ڳوڙها ڳاڙن زار زار -!

- سنگن سر ڌوڻيا بار بار ....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com