سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1959ع

مضمون

صفحو :5

نيون طرزون

سروپچندر ’شاد‘                                                                                      ]نرائيل[

عرض

آءٌ اُڃايل آهيان، مون کي زهر به ڇڏ اڄ پياري،

تُنهنجين اکڙين ۾ جي مون لئه امرت ناهي، مٺڙي!

منهنجي پيالي ۾ جو هو مون ڇڏيو لالچ تي هاري،

آءٌ اڃايل آهيان، مون کي زهر به ڇڏي اڄ پياري!

ڀاڳ ڦِٽل آ، جان ٽـُٽل آ، ڪنهن جي وڃان پَناري؟

منهنجين اکڙين توسان ئي ڪئي محبت آهي، مٺڙي!

 

آءٌ اڃايل آهيان، مون کي زهر به ڇڏ اڄ پياري،

تنهنجين اکڙين ۾ جي مون لئه امرت ناهي، مٺڙي!

’پرانو‘ ڀٽي                                                                                     ]سانيٽ[

نئون پيغام

مون ته تارن جي سهارن تي اٿي پنڌ ڪيو،

منهنجي منزل هئي ڪٿي، مون کي خبر ڪا نه هئي؛

اهڙي گـُهگهه رات ۾، ڪجهه حوصلي دم ٽوڙي ڏنو،

جيڪا منزل کي ڏسي، اهڙي نظر ڪا نه هئي.

مون کي هر طرف انڌارو ٿي ڏسڻ ۾ آيو،

مون کي هرسمت ڏنگڻ لاءِ اٿيا وقت جا نانگ؛

اهڙي ماحول ۾ ڪجهه مان به پريشان ٿي پيس،

مان اڃا سوچي رهيو هوس، ملي صبح جي بانگ.

 

هو ته ڏس پرهه ڦـُٽي، صبح چوي پيو توکي،

اڄ جو پيغام نئون بادِ صبا آندو آ؛

منهنجا ساٿي، اٿي هل، رات ته پوري ٿي وئي،

ههڙو آسان سمو توئي خدا آندو آ:

 

پنهنجن ساٿين جيان جهٽ ماڳ تي تون پهچي وڃ،

هن نئين دور جي هر ڳالهه سان بس سرچي وڃ.

غزل

’سرشار‘ عقيلي

خدارا، ڪَش وري مون ڏي اهو تيرِ نظر، ساقي،

جو تَرڪش ٿي پوي منهنجي ڪمانِ چشم تر، ساقي!

 

لبِ تشنه سرِ پيمانه مـُمسِڪ جيئن رکان ٿو تيئن،

ڇڏيندو منهنجو سر هرگز نه تنهنجو سنگِ در، ساقي.

 

منقش ڪعبهء رُخ تي ڏٺم آياتِ آبِ زر،

ته پيتم آبِ زمزم جي بجاي آبِ زر، ساقي.

 

تلاشِ ميڪده آهي تلاشِ حق جي مترادف،

گهڻي مشڪل سان تنهنجو مون لڌو اڄ آهه در، ساقي.

 

لباسِ فـُقر ۾ ملبوس مستانن کي ڇا پياريئه،

رکن ٿا جي سڪندر کان به وڌ هي ڪر و فر، ساقي؟

 

ڪمالِ قطرهء مَي جو ڇا اندازو ڪري ڪوئي،

نظامِ عقل و هوش آهي جتي زيرو زبر، ساقي!

 

عجب آهي، پري تائين سخا جو هٿ ڊگهيرين ٿو،

رڳو جي در جهلي بيٺا، ٿيا سي بهره ور، ساقي!

 

مليم جو گوهرِ مقصود همرلگِ ميء گـُلگون،

نه ڇو ته گهوٽ تان گهوري ڇڏيان لعل و گـُهر، ساقي.

 

پري کان ڏي نگاهِ ناز مان ’سرشار‘ کي سـُرڪي،

سرِ ميخانه آهي ميڪشن جو شور و شر، ساقي.

 

شيخ ’اياز‘

گل ٽڙن ٿا ڇڻي وڃڻ جي لاءِ،

مـُدعاي صبا، خدا معلوم!

موجهء خواب تي روان آهيون،

ڏس، ٿين ٿا افق ۾ ڪجهه آثار

هي لڳاتار جستجو ڇا لئه؟

ڄڻ ابد تائين آ جلڻ ۽ جاڳ،

انتها آ نه ابتدا معلوم.

ڪاروانِ بهار جا معلوم.

نيٺ ڇا آ نجات، نا معلوم!

خوابِ هستي جي انتها معلوم!

·              

ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کان پوءِ،

جام و مينا رهي، رهي نه رهي،

زندگي تلخ آ، هجي ته هجي،

سرحدِ غم قريب آ، اي دوست،

تنهنجي پهلوءَ ۾ ڪيستائين، دوست،

توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون.

منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون.

روح ۾ سَوَ صلاحيتون رهنديون.

ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون!

ابنِ آدم جون جنتون رهنديون!

’شاهه‘ کان پوءِ، اي ’اياز‘ ٻڌاءِ،

سنڌ ۾ ڪنهن جون آيتون رهنديون؟

شيخ عبدالحليم ’جوش‘

عشق ته هر حال بانياز رهي ها،

لطف نه باقي ڪو آهه هاڻ جيئڻ ۾،

ڪين ڪرين ها جي بند هي ته چڱو هو،

درد و الم ڪنهن کي هاٰءِ پنهنجو ٻڌايان،

موسمِ گل، ڪاري رات، بادِ بهاري،

’جوش‘، روانيء طبع تنهنجي غضب ٿي،

حسن ڀي اي ڪاش دلنواز رهي ها!

ظلم جو ڪجهه سلسلو دراز رهي ها!

خانهء مي، ڇا هو جي ته باز رهي ها!

ڪو ته سندم دوست دلنواز رهي ها!

اڄ ته ڪو هڪ جام دلگداز رهي ها!

درد بنا ڪيئن هي سوز و ساز رهي ها!

علي محمد ’مجروح‘

ڪڏهن نغمو، ڪڏهن فرياد آهيان،

تمنا بس ڪيم هڪوار تنهنجي،

نه ٿيندا ڇو سوين غم اڄ سلامي،

فريبِ آرزو آهي مسرت،

ڪڏهن جي وحشتِ غم ۾ کِلان ٿو،

متاعِ درد آهي دل جي دولت،

نه لرزن ڇو ستارن جا به سينا،

نٿو وسران، جهان کي ياد آهيان!

خدا شاهد، اڃا برباد آهيان.

مان شهرِ درد جو شهزاد آهيان!

مان شاد آهيان، اگر ناشاد آهيان.

هو سمجهي ٿو، اي قسمت، شاد آهيان!

بفيضِ عشق مان آباد آهيان.

دلِ ’مجروح‘ جو فرياد آهيان!

’برده‘ سنڌي

کسيون تنهنجي غم سڀ خوشيون زندگيءَ جون،

ڏسي ڇڏ، حياتيءَ کي ڪيئن ٿا نڀايون!

ٻُڌو جڳ سڄي پر نه ٿيو حال ڀائي،

پري کان ته اکڙيون ملائيندي گذري،

ڏٺي سڪ لهي وئي، جڏهن هي ڏٺوسون،

ارادن جي سيڻاهه جي آسري تي،

ڪَڙو آهه پر زهر مار آهي ڪرڻو،

ڇنل کٽ جيان بيوڙي ٿي حياتي،

ڦٽا خواب مان خواب، سهڻا ۽ ڪوجهان،

تمنا جيئڻ جي، ۽ الڪو مرڻ جو-

تڏهن حال دل جو ٿا دل کي سـُڻايون.

هلي اچ ته دل سان دل کي ملايون.

اوهين ٻيا نه آهيو، اسين ٻيا نه آهيون.

تري تار هُن ڀر نئون جڳ وسايون!

مليل جام توکان ڀلا ڪيئن ورايون!

اچي سک نه ڪنهن پَر، ٿا پاسا ورايون.

اڏي وقت ويٺو آ چوڌار ڦاهيون.

ڪريون ياد ڇا ڇا، ۽ ڇاکي ڀلايون؟

مليا زندگيءَ جي نظارن مان مون کي،

ٻه ٽي بيت، ’بردا‘، ۽ ڪجهه گيت وايون.

عبدالڪريم ’گدائي‘

ويو ته آهه پيامي، جي ڪامياب اچي،

مزو ته آهه تڏهن، جو حضورِ ساقي ۾،

ديارِ حسن ۾ ڪوئي نه نامراد رهي،

ڪَلِي ڪَلِي ۾ اچي زندگي نئين، يا رب،

اڃا ته رنگ ته محفل نه آهه، اي ساقي،

اڃا ته تلخيءَ حالات ۾ ڪمي ناهي،

حضورِ يار کان دانهن جو ڪو جواب اچي!

وڃي جي ڪو به پياسو، ته بارياب اچي.

جهانِ عشق ۾ اهڙو ڪو انقلاب اچي.

رخِ وطن تي اِلاهي، ڪو آب و تاب اچي.

اچي، اچي، ڪو اڃا تلخ تر شراب اچي!

نئون ڪو جام اچي ۽ نئون شراب اچي!

اگرچه آهه غمِ دهر جي شڪايت حق،

رهج خموش، ’گدائي‘، متان عتاب اچي.

عبدالله ’خواب‘

نئون جهان نئون رهگذر تلاش ڪريون،

جتي سنجها جي ستايل جو داد ٿي ڪو سگهي،

جتي نه خوف هجي ور وڳر کي رهزن جو،

خيال، حوصلو، وهم و گمان نه جت پهچن،

وڌو وڌو ته ڪا وادي نئين وسايون هلي،

ورو ورو ته وري ماڳ تي هلون موٽي،

چراغِ آخرِ شب کي وري ڪريون روشن،

عميق فڪر سان نظمِ حيات جاچڻ لئه،

نئين حيات، نئون همسفر تلاش ڪريون.

وڃي ڪو اهڙو عدالت جو گهر تلاش ڪريون.

سلامتي جو اهو رهگذر تلاش ڪريون.

حقيقتن جا اهي بام و در تلاش ڪريون.

ا ُٿو ا ُٿو ته نئون جهنگ جهر تلاش ڪريون.

اچو اچو ته نوان همسفر تلاش ڪريون.

رگِ حياتِ وطن ۾ شرر تلاش ڪريون.

نگـﮧ شناس، جهان بين نظر تلاش ڪريون.

 شيخ ’راز‘

سدا بهار ۾ گلشن کي آزمايوسون،

گلن جي بارها جوڀن کي آزمايوسون.

اسان ته ڪوشش پيهم ڪندا رهياسون، دوست،

وري پو پنهنجي نصيبن کي آزمايوسون.

ڪئيسون رات سڄي آه و زار حشر بپا،

 وري وري پئي حبيبن کي آزمايوسون.

چمن ۾ ڀروسو مون کي هو چئن ڪکڙن تي،

ڪِري جو بجلي، نشيمن کي آزمايوسون.

مليو ته ڪجهه نه سڪون، درد پاڻ ٿيو بيتاب،

شراب پي ٿي نصيبن کي آزمايوسون.

اوهان جو جُودو و ڪرم، پر اسان جي تشنه لبي،

اوهان جي وسعتِ دامن کي آزمايوسون.

ڪوئي نه ڪنهن جو مصيبت ۾ ٿو ٿئي ساٿي،

گهڻو ئي، ’راز‘، قريبن کي آزمايوسون.

شبير ’هاتف‘

آهيان قتيل خنجرِ حـُزن و ملال جو،

ڪٿ زاهدِ حرم ۽ ڪٿي مي ۽ ميڪدو،

هن حال ۾ به ساه سان سانڍي ٿي يادِ يار،

دورِ خزان ۾ باغِ دلِ زار گلفشان!

توصيف ٿي ڪجي ته ٿو محدود حسن ٿئي،

ساقي جي در تان جيڪي مليو سو اکين تي رک،

ڇا ڇا چيو ٿي ديدهء حيران جي خامشيءَ!

اي حالِ زار، حالِ دل اورڻ فضول آه،

فضل و ڪمال جي ته هتي ڳالهه ئي نه ڪر،

يعني اسير فتنئه حسن و جمال جو.

هي فيض آهه ساقيء چشمِ غزال جو.

ٿورائتو رهان ٿو دلِ پـُرملال جو.

اعجاز آهه ديدهء جادو مثال جو.

’ڪهڙو ڏجي مثال عديم المثال جو‘؟

اي شيخ، تار فتنو حرام و حلال جو.

ثاني نه ڪو شريڪ هو زهره جمال جو.

هڪڙو به ناهه بزم ۾ پنهنجي خيال جو.

’هاتف‘، هي دور آهه ڪمالِ زوال جو.

’درد‘ دريشاڻي

فلڪ تان ميٽجي وئي شب جي تيرگي، جاڳو!

حسين ڏينهڙي اوڳاڇِي روشني، جاڳو!

رهيو آ چنڊ، نه تارن جي هلڪڙي ٽِم ٽِم،

اجهو اچي ٿي پئي فوج شمس جي، جاڳو!

ٿڪي پئي آ وڄائي ٿڌي هوا سينڍون،

پنن به ڌيمي ڪئي پنهنجي راڳڻي، جاڳو!

شفاف ماڪ اچي ڌوتو آ گلن جو مُنهن،

لنوَن پيا ٿا پکي پنهنجي لاتڙي، جاڳو!

وڌو آ ساهه سڀن ۾ حسين ا ُس چوري،

روان دوان ٿي وئي آهه زندگي، جاڳو!

حسين شمس جي روشن ۽ تيز ڪرڻن ۾،

پگهرجي ويئي سڄي شب جي خامشي، جاڳو!

جئين ئي شمس ڪڍي اُنڍ پنهنجي اوڀر مان،

اڏامي ويئي تکي گهِم، خـُنَڪ نَمي، جاڳو!

ا ُٿو، اي ’درد‘، ته ڳولا ڪجي ڪا سـُکڙن جي،

جهَڪي ٿي ويئي آ راحت جي راڳڻي، جاڳو!

’ذوالفقار‘ راشدي

خزائن ۾ به خوشبويون سلامت ٿيون رهن، ساٿي،

خزائن ۾ به مون کي ڪن گلن جي بوءِ ٿي آئِي.

 

مون کي دوکو ٿيو، شايد وري روح ِ بهار آيو،

جو منهنجي هر نفس سان گلبدن جي بوءِ ٿي آئي.

 

وڻيو قيدِ وفا ڀي ڪين آزاديء طبع کي، جو

قفس مان درد و غم، رنج و محن جي بوءِ ٿي آئي.

 

اسان کي يادگيريون ڪي ڏنيون تاريڪ ويرانين،

هنن سنسان راتين مان پرين جي بوءِ ٿي آئي.

 

ويا هو قافلا اڳتي وڌي آرين جا، او سائين،

ا ُٺن جي نقشِ پا مان ڀي جَتنِ جي بوءِ ٿي آئي.

 

اهي ڪن مدتن جا وڇڙيل خوابن ۾ ملندا ها،

انهن جي خيال مان ڀي ڄڻ انهن جي بوءِ ٿي آئي.

 

اسان کي وقت جي غمگين ڪن لمحن جي تيزيءَ مان،

الا، او بختِ خوابيده! سـُکن جي بوءِ ٿي آئي.

 

اسان مظلوم بلبل کي ڏٺو باغن ۾ روئيندي،

گلن جي پنکڙن مان ڄڻ ڪفن جي بوءِ ٿي آئي.

 

الائي ڇو، اداسائيءَ وڃي روحن ۾ ڪيو واسو،

جگر مان، ساهه مان، مايوسين جي بوءِ ٿي آئي.

محمد علي ’جوهر‘

محب مون سان جي همڪنار ٿئي،

لعل لب تنهنجا پـُر غضب نظرون،

گردشِ مِهر کي ٿو مان سمجهان،

هي ستارا ۽ مان ۽ تنهائي،

دل جي ڌڙڪڻ سان، دوست، ٿو دل ۾،

وصل جي رات آهه هڪ لحظو،

حسرتون دل جون سڀ ڪجن پوريون،

مـُرده دل کي جيار ٺوڪر سان،

ڪجهه نه باقي رهي غمِ دوران،

شال منهنجي صدا ٿئي منظور،

گلشنِ زيست پـُر بهار ٿئي.

ساهه سر تو تان شل نثار ٿئي.

حـُسن تنهنجي تي ٿو نثار ٿئي.

”ڪو ته منهنجو به رازدار ٿئي.“

تنهنجي آمد جو انتظار ٿئي.

ڪاش، جي ٿورو پائدار ٿئي!

جي شبِ وصل پائدار ٿئي.

معجزو ڪو ته آشڪار ٿئي.

وقت مون سان جي سازگار ٿئي.

ڪاش، ’جوهر‘، نصيب يار ٿئي!

قطعا

احسن الهاشمي

(1)

شرحِ غم جو مون اختصار ڪيو،

ڪجهه ته هلڪو غمن جو بار ڪيو؛

چاڪِ دامن نه ٿيو ڪمالِ جنون،

مون ڦٽيل دل کي تار تار ڪيو.

(2)

ياد ٿم عهدِ وصل واري رات،

مون ۽ قسمت ڪَٽِي جا ڪاري رات؛

آءٌ ته جاڳيس پئي يار تنهنجي لئه،

ڀاڳ منهنجو ستل هو ساري رات.

(3)

ٿيندو ڪڏهن نه فڪرِ پريشان جو فيصلو،

ڇا، موت آهه عظمتِ انسان جو فيصلو؟

’احسن‘، بروزِ حشر به شايد نه ٿي سگهي،

دستِ جنون ۽ چاڪِ گريبان جو فيصلو.

(4)

زندگي انسان لئه دشنام ٿي،

موت آيو مزدهء آرام ٿي؛

قبر ۾، ’احسن‘، اڪيلايون مليون،

آءٌ ٿيس آزاد زيرِ دام ٿي.

(5)

ڪو اهڙو جام ڏي، ساقي، جو ڪاڪ سر نه رهي،

غمن جي رات کي اندازهء سحر نه رهي؛

قدم تون عرش تي رک جو اتي به سجدو ڏيان،

سرِ نياز ۾ تقليدِ سنگِ در نه رهي.

(6)

وصلِ دلبر ضرور ٿيڻو هو،

دل کي دردن کان دور ٿيڻو هو؛

غمِ فرقت سهي سهي آخر،

حاصل ابدي سرور ٿيڻو هو.

(7)

حسن نعمت نواز ٿيڻو هو،

ناز کي اڄ نياز ٿيڻو هو؛

حسن خود عشق وٽ هلي آيو،

رب کي ڪارساز ٿيڻو هو.

سروپچندر ’شاد‘

پڙلاءُ

بيچينين کي آٿت ايندو، سُورن کي دلداري ملندي،

روحن جي رِشتن ۾ خود ئي سر جا سودا طي ٿي ويندا:

ا ُٿي، ا ُٿي، او چريا چارڻ! چنگ ته چور اڄ، تند ته سور اڄ،

هڪ ڇا، ڪوڙين راءَ خوشيءَ سان توتان پنهنجو سر گهوريندا.

...

ڪيسين هي طلسم هي جادو، ڪيسين جيئڻ تي پابنديون،

ڪيسين معصومن کي پيڙهيندا رهندا هي ظلم جا گهاڻا:

پنهنجن ماڻن کي اڄ، مومل، لولي ڏيئي ڇڏ تون سمهاري،

گيت عزم جا جهونگاريندا آيا ڪِي آيا ڏس راڻا.

...

سچ هميشه شهيدن وانگي سـوريءَ تي ٿو ماڻي حياتي،

ڌنڌلا ڌنڌلا بادل ڪيسين سج جي ڪِرڻن کي روڪيندا؟

تو لئه قيد ته ڪٿ به ناهي، تون آهين آزاد پکيئڙو،

پڃرن جا پاڇولا ڪيسين تنهنجن رستن کي روڪيندا؟

...

چٻرو ڀي چِرڙات ڪندو، ڏس، هِن وڻ تان هـُن وڻ ڏي اڏريو،

زهريلا سـُر آلاپيندو، ساز وڄي پيو ڌائين ڌائين:

هار ڪري، سينگار ڪري، ڏس، ’ڪؤنرو‘ هار کڻي بيٺي آ،

موهجي مڻين تي، اوليلان! متان ’چنيسر‘ اڄ به وڃائين!

’ذوالفقار‘ راشدي

(1)

اوهان جي درد ۾ دل جي ضعيف حالت آهه،

اکين ۾ آيا اذيت ۾ لال ڳوڙها تري؛

اوهان جي ڪاڻ ئي ڳوڙهن جا ديپ ٻارياسين،

اوهين نه ايندا ته ويندو اکين جو نـُور ٻري.

 

(2)

توکي ته منهنجي نانوَ کان نفرت به ٿي وئي،

منهنجون ته تنهنجي ياد ۾ راتيون لنگهي ويون؛

تو  گيت هڪڙو ڳايو، اسان داد لَکَ ڏنا،

هڪ ٻول جي ئي داد ۾ راتيون لنگهي ويون.

 

(3)

هي حسن جي خيرات پنڻ لاءِ سدائين،

ٿو در تي رهي ميڙ فقيرن جو زياده؛

آباد رهي شال سو هنگامهء الفت،

الله ڪري حسن حسينن جو زياده!

 

(4)

پِرايو اشڪباريءَ مان خزانو پيار جو آ مون،

اکين جي لڙڪ هاريا، سي سڀئي ٿي پيا مڻيا موتي؛

ڀلا ڪهڙي اها اربع خطا ٿي، شوخ رو ساقي،

اسان تنهنجي صراحيءَ مان چـُڪو لپ جي کڻي اوتي!

(5)

نگاهِ يار جي سامهون نگاهه ته کڻ،

اڙي او سائين، اهو هڪ گناهه ته کڻ؛

اسين به آهيون ازل کان ٻه ڀٽڪيل روح،

گهڙي ته ويهه هتي، ساٿي، ساهه ته کڻ.

 

(6)

بيهو ته زندگيءَ کان ذرا زندگي وٺان،

ترسو، اي يار، مان به گهڙي پل ته جِي وٺان؛

اڄ رات چشمِ ناز مان، او شمع ِ ضوفشان،

ٿوري گهڙي نهار ته مان روشني وٺان.

 

(7)

ڪي مدتون فراق جي شعلن ۾ دل ٻري،

تون آءُ، منهنجي خوابي جزيرن جي جلپري!

نمناڪيون به دِيد جون والله ڇا چوان،

ڪائي سراپا سونهن ستارن ۾ پئي تري!

(8)

هيڏو حسين ساقي، ۽ هي آتشِ سيال،

والله، منهنجي ساهه کي ويو آ ملي قرار!

هن سال دل ٿي درد جي دولت کان مالا مال،

هن سال ڄڻ مزاج کي آ ڀانءِ پيو بهار.

رباعيون

مرحوم مراد علي ’ڪاظم‘

 

(1)

درد تي دراز هٿ ۽ فقيريءَ تي ٿڏي،

مرد آهه، خوديءَ کان جو خدا کي نه سڏي؛

هستيءَ ۾ ته مستي ٿي رهي هر ڪنهن کي،

لطف آهه، جو پستيءَ ۾ به مستي نه ڇڏي.

 

(2)

ٿئي ابر جي سايي کان جهان تي ظلمات،

ظلمات مان برسات، انهيءَ مان باغات؛

غم، جنهن کان خفا آهين، اهو ابر طرح،

ايندو ۽ هليو ويندو، ڇڏيندي برڪات.

 

(3)

دولت جي وڃايئه ته ڪمائي سگهبي،

صحت جي خراب آهي ته پائي سگهبي:

غفلت ۾ ويل عمر، ۽ جا باقي آ،

موٽائي نه سگهبي، نه وڌائي سگهبي.

ا . ح . جئسنگهاڻي

(1)

هڪ آهه اهو يار، اٿس رنگ گهڻا،

هڪ آهه سندس ذات، اٿس ڍنگ گهڻا؛

پڌرو ٿو ڪري پاڻ، اٿس روپ ڪئين،

هڪ هڪ سان رکي دل ٿو، وجهي ونگ گهڻا.

 

(2)

دل ۾ ڪا رَلِي رهي ٿي مَي جي مستي،

هي جام الستي، نه مي آ سستي؛

هن مي ۾ مزو آهه نرالو اهڙو،

جت پاڻ سمائي، نه رهي ٻي هستي.

 

(3)

مون تن من هِن مي کي سدا اَرپيو آ،

عزت ۽ لقب، مان ُ، سڀئي ترڪيو آ؛

گمنام رهان شال، رهي ڪو نه غرض،

هي راز سچو مي ۾ ئي مون پرکيو آ.

 

(4)

ساغر ُ مان ڪري پـُر ٿو غمن کي ٽاريان،

جڳ کي به مان ساڳي پيو مي پيئاريان؛

افسوس رکان ڪين ٿو ڪنهن ڳالهه سندو،

صحبت کان سواءِ چيز نه ٻي ڪا ساريان.

(5)

پِرِ کي مون چيو، وٺ جو به آهي مون وٽ،

سَرڪي نه پيالي ۾، پرين، ڪر تون گهَٽ:

دنيا به ڏيان، دين ۽ ايمان ڏيان،

هيءَ ريت پرت جي نه فقط ساجن مَٽِ.

 

(6)

ڪوثر کان مِٺو آهه، محبت جو سَرَ،

جنهن ۾ نه دوئيءَ جو ٿو رهي ڪو به اثر؛

ڪوثر جو پيئن آب فقط روحَ چڱا،

ناپاڪ ڪري صاف، ڪڍي مي اَر – گر.

 

(7)

آهن هو شريعت کان گهڻو ڪي ڪجهه دور،

ڄاڻن نه طريقت جو بنهه ڪو دستور؛

ڪاهي هو پون اڳتي، حقيقت نه پڇن،

تيڏانهن ٽپي پون، پوي جيڏانهن پور.

 

(8)

منزل آ معرفت جي نِت سامهون صاف،

جت واٽ سڌي سڪ جي، نه ڪو ا ُت اعراف؛

ٿا ’نانهه‘ جي ميدان مان نانگا ته هلن،

ڪن دل ۾ سڄڻ کي هو ڏسي روز طواف.

(9)

آزار مان جنت ۾ رهڻ ٿو سمجهان،

جنهن ۾ نه رهي روح ڇـُٽل حرصن کان؛

ميخانو مگر آهه مڪان هڪ آزاد،

جنهن ۾ ٿا رهن مست، ڀَڄي ڦندن کان.

 

(10)

ويٺاسين اچي هاڻ، ڇڏي سڀ سانگا،

ڪنهن رمز ڪيا روح اسان جا نانگا؛

سهڻي جي ڪيو ديد اسان کي به خريد،

خود پاڻ ڏيئي پِرَ کي، ٿياسين ڀانگا.

 

(11)

جمشيد ۽ قارون سڪندر به ويا،

محلات انهن ساڻ ۽ مندر به ويا؛

گهر عشق جا آباد، ٻي سڀ ڊاٺَ ڏسو،

ٿي ناس ’دڙا مـُئن جا‘ بندر به ويا.

 

(12)

هڪ ئي تون رکج وڻج، جي ٿين خمر فروش،

مستن کي پيارج، ۽ ٿي تون ڀي مدهوش؛

ڪر صبح جو ۽ شام جو تون ڪِرت اها،

دل دل جي پيالي مان سدا ڪر مي نوش.

(13)

ڇڏ سَنگ ُ سياڻن جو، چرين سان گڏ ٿيءُ،

جيئن هو ٿا چون ’پيءُ‘، چئج تون ڀگي ’پيءُ‘؛

سـُرڪي تون وٺي دل سان، سدائين رهه مست،

ساقيءَ کي ڏسي چئو تون ’پرين، نت نت جيءُ‘!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com